سيڪشن: تصوف

ڪتاب: گلشن راز

باب:

صفحو:15 

نامرادي سمرو عدم اوتارون

حق تعاليٰ جي ظهور کان پهرين يا اڳ واري حالت يا مرتبي کي عدم چون ٿا. جنهن بابت اشارو ’ڪنت ڪنزاً مخفيا‘ واري حديث ۾ ملي ٿو. ليڪن اهو عدم صرف ظهور حق جي لحاظ کان آهي.

3.    بي يسمع بي يبصر

هي مشهور حديث قدسي جا الفاظ آهن جيڪا پوريءَ ريت صحيح بخاريءَ ۾ موجود آهي. هن حديث مان صوفي قرب نوافل ۽ قرب فرائض ثابت ڪن ٿا. قرب نوافل جو مطلب آهي ته جڏهن سالڪ مان بشري صفتون ختم ٿي وڃن ۽ منجهس حق جون صفتون ظاهر ٿين، تڏهن هو بدن جي هر عضوي مان اِلاهي آواز ٻڌندو آهي. قرب فرائض ۾ وري سالڪ پوريءَ ريت حق جي ذات ۾ فنا ٿي ويندو آهي، بلڪ هو پنهنجي نفس کان به فنا ٿي ويندو آهي. هن حديث جو مطلب آهي ته حقيقت ۾ ڏسندڙ ٻڌندڙ وغيره سڀ حق تعاليٰ آهي.

[وڌيڪ سمجهاڻي لاءِ ڏسو مڪمل شرح ابيات سنڌي، ص ]

1.     ناسوت

ناسوت کي لاهوت جي مقابل چون ٿا. عالم ناسوت مان مراد هي ظاهري جسماني جھان آهي، جنهن کي وري سفلي جھان به چون ٿا ۽ ان جي مقابلي ۾ وري علوي جھان آهي. [فرهنگ لغات واصطلاحات وتعبيرات عرفاني دکتر سجادي، ص 458]

170. وَمَا لَا تُبْصِرُونَ (الحاقه: 39)

ترجمو: ”۽ اهي شيون جيڪي توهان نٿا ڏسو!“ صوفين وٽ صرف هي ظاهري جھان يعني عالم شهادت نه آهي بلڪ هو عام طور پنج عالم يعني ظاهر، باطن، غيب، شهادت ۽ لاهوت چون ٿا. سڀني جو اصل يا منڍ عالم لاهوت آهي بلڪ هو ائين به چون ٿا ته عالم ظاهر قطرو ۽ عالم غيب درياء آهي.

171. جابلقا ۽ جابلسا

تاريخي طور مشرق ۽ مغرب جا هي ٻه مشهور شهر چيا وڃن ٿا. فارسي زبان جي پهرين وڏي صوفي شاعر سنائي پڻ هڪ شعر ۾ هنن جو ذڪر ڪيو آهي:

سخن کز بهر دين گوئي

173. مثلهن ۽ ابن عباس

’مثلهن‘ جو لفظ قرآن شريف جي سورة الطلاق جي آخري 12 آيت ۾ اچي ٿو. آيت جو پهريون حصو هن ريت آهي: ”اللَّهُ الَّذِي خَلَقَ سَبْعَ سَمَاوَاتٍ وَمِنَ الْأَرْضِ مِثْلَهُنَّ.“ معنيٰ الله اهو آهي جنهن ست آسمان پيدا ڪيا ۽ زمين جا به ائين گھڻا قسم آهن. هن آيت جو تفسير جيڪو نبي ڪريمﷺ جن جي سؤٽ عبدالله ڏانهن منسوب آهي. هو چوي ٿو ته هتي گويا هڪ کان وڌيڪ ساڳئي قسم جي زمينن جو بيان آهي. ان ڪري هو چوندو هو ته جيڪڏهن مان هن آيت جو تفسير ڪندس ته توهان ان جو انڪار ڪندا ۽ ان کي غلط يا ڪوڙو سمجھندا. مطلب ته قديم مفسرن مان صرف هو ان قسم جي ڳالهه ڪري ٿو، جنهن جي جديد سائنس وارا ڪنهن حد تائين تائيد ڪن ٿا.

[تفهيم القرآن - جلد 5 - ص 582]

209.     إِنِّي أَنَا اللَّهُ رَبُّ الْعَالَمِينَ (القصص:30)

هي الفاظ قرآن جي سورة القصص مان ورتل آهن. جڏهن حضرت موسيٰ عليہ السّلام طور سينا جي واديءَ ۾ پهچي ٿو ته اُتي اِهي الفاظ هڪ وڻ مان ٻڌي ٿو. معنيٰ مان ئي الله آهيان، جھانن جو پالڻهار.

213.      ڪهربا

اصل لفظ هو کاه + ربائيددن يعني گاھه يا ڪک پن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندڙ. اهو جهنگ ۾ ملندڙ کونر يا ٻوٽي آهي جيڪا پيلي رنگ جي ٿئي ٿي. ان کي جڏهن چمڙي تي خوب گسائبو ته اها چمڙي جي کل گاھه جي تِيلن کي پاڻ ڏانهن جهٽي وٺندي.

 [لغات ڪشوري - ص 393]

1.                 ام هاني

هيءَ بيبي حضرت ابوطالب جي ڌيءَ ۽ حضرت عليءَ رضه جي ڀيڻ آهي. حديثن موجب رسول الله ﷺ جن هڪ رات ان جي گهر ۾ ستل هئا، جتان پوءِ جبرئيل عليہ السّلام سان گڏجي معراج لاءِ رونا ٿيا.

[108 The life of Muhammad p.]

            جوهر ۽ عرض

فلسفي جوهر‘ اهڙي شيءِ کي چون ٿا جيڪا بذات خود قائم هجي ۽ جيڪا ٻي ڪنهن شيءِ سبب قائم هجي ان کي ’عرض‘ چون ٿا. جيئن ڪپڙو ۽ ان جي سفيدي. هتي ڪپڙي کي جوهر چئبو ۽ سفيديءَ کي عرض. جوهر جا وري ٻه قسم ٻڌائن ٿا هڪ جوهر بسيط ۽ ٻيو جوهر مرڪب. عقل ۽ روح وغيره کي جوهر بسيط چون ٿا. جوهر جا پنج قسم چون ٿا. جنهن ۾ هيوليٰ، صورت، جسم، نفس ۽ عقل کي شامل ڪن ٿا. قديم فلسفي ۾ جوهر ۽ عرض بابت طويل بحث ملي ٿو.

[تعريفات جرجاني - ص 56]

سبع المثاني

هي الفاظ قرآن شريف جي سورة حجر جي آيت 87 ۾ ملن ٿا. اها آيت هن ريت آهي ”وَلَقَدْ آتَيْنَاكَ سَبْعًا مِنَ الْمَثَانِي وَالْقُرْآنَ الْعَظِيمَ“ ترجمو اسان ڏنيون آهن تو کي ست آيتون وري وري پڙهڻ لاءِ ۽ قرآن عاليشان. مفسرن ستن آيتن مان مراد سورة فاتحه يعني الحمد جون ست آيتون ورتيون آهن. ليڪن مشهور صوفي روزبهان بقلي پنهنجي صوفيانه تفسير عرائس البيان‘ ۾ انسان جون ست صفتون مراد وٺي ٿو، جيڪي الله تعاليٰ طرفان کيس مليون آهن.

ٻيو وڏو صوفي نجم الدين ڪبريٰ پنهنجي تفسير ۾ وري اهي ست صفتون هن ريت ڄاڻائي ٿو: سمع، بصر، ڪلام، حيات، علم، ارادو ۽ قوة، جيڪي الله تعاليٰ جون ذاتي صفتون به آهن. هو وڌيڪ چوي ٿو ته اهي صفتون انسان کان سواءِ ٻي ڪنهن به مخلوق ۾ نه آهن. ابن عربي پنهنجي تفسير ۾ پڻ اها ساڳي ڳالھ ڪئي آهي.

[عرائس البيان في حقائق القرآن عربي- ص302، التاويلات النجمية في التفسير الاثري الصوفي- المجلد الرابع - ص 20، تفسير ابن عربي - المجلد الاول- ص 379]

255. هيوليٰ

 ارسطو ۽ اڳين فلسفين وٽ هيوليٰ‘ ۽ صورت‘ جو بحث وڏي اهميت رکي ٿو. صورت کي هو اصلي مادي برابر سمجھن ٿا. هيوليٰ کي هو هڪ اهڙو جوهر سمجھن ٿا جنهن ڪري صورت ڪا شڪل اختيار ڪري شيءِ بنجي ٿي. ارسطو جا پوئلڳ هيوليٰ کي قديم يا ازلي سمجھن ٿا.

[A Dictionay of Muslim Philosophy p -145] 

271. ربع مسکون

        قديم جاگرافي دانن ڌرتيءَ کي چئن حصن ۾ ورهايو هو. هنن جي چوڻ موجب ٽي حصا پوريءَ ريت پاڻي يعني سمنڊن هيٺ هئا ۽ باقي چوٿون حصو انساني رهائش لائق هو.

[مصطلحات علوم وفنون- ص 54]

 

223. معدل ڪرسي

 ذات البروج کان منطة البروج (Zodiac) يعني برجن جي شاهراھ يا رستو. ان مان مراد اهو آسماني دائرو آهي جنهن تي ٻارهن برج واقع آهن. عام طور چيو ويندو آهي يا جيئن قديم زماني کان وٺي سمجھيو وڃي ٿو ته سج انهن ستارن مان گذري ٿو يا انهن ۾ منزلون ڪندو رهي ٿو. حالانڪ اصل ۾ سج جي چوڌاري ڌرتيءَ جي گردش ڪري اسان کي ائين محسوس ٿئي ٿو. اهي ٻارهن برج جن مان گذرڻ لاءِ سج کي هڪ هڪ مهينو لڳي ٿو، سي هن طرح آهن: حمل، ثور، جوزا، سرطان، اسد، سنبله، ميزان، عقرب، قوس، جدي، دلو ۽ حوت. پهريان ڇھ شمالي يا اتر وارا آهن ۽ پويان ڇھ جنوبي يا ڏکڻ وارا آهن. جيئن ته سج هر برج ۾ تقريباً هڪ مهينو قيام ڪري ٿو. اهو جدول موجب هن ريت آهي:

 

شمالي برج جو نالو

عرصو

جنوبي برج جو نالو

عرصو

حمل يا

چيٽ

21 مارچ

20 اپريل

ميزان يا

اَسو

23 سيپٽمبر 23 آڪٽوبر

ثور يا

ويساک

21 اپريل

20 مئي

عقرب يا

ڪتي

24 آڪٽوبر 22 نومبر

جوزا يا ڄيٺ

21 مئي

20 جون

قوس يا

ناهري

23 نومبر 20 ڊسمبر

سرطان يا آکاڙ

21 جون

20 جولاءِ

جدي يا

پوهه

21 ڊسمبر 19 جنوري

اسد يا

ساوڻ

21 جولاءِ

21 آگسٽ

دلو يا

نانگهه

20 جنوري 18 فبروري

سنبله يا

بڊو

22 آگست

22 سيپٽمبر

حوت يا

ڦڳڻ

19 فبروري 20 مارچ

 

هر برج ۾ ڪجھ تعداد ستارن جو آهي. قديم زماني کان وٺي انسان انهن تارن جي ميڙ کي ڪن ساهوارن ۽ ديوتائن جي نالن سان ڪوٺيو آهي. جيئن انهن جي نالن مان ظاهر ٿئي ٿو. قديم زماني جي سوچ موجب سج پهريائين 21 مارچ تي حمل ۾ داخل ٿيندو هو، تنهن ڪري سال جي شروعات به ان سان ٿيندي هئي ۽ ان کي بهار جي موسم چيو ويندو هو. ان کان پوءِ سج ٻارهن مهينن جو سفر مٿين جدول مطابق طي ڪندو هو.

اڄ ڏينهن تائين نجومي حضرات جيڪي پاڻ کي ستارن جي علم جا ماهر سمجھن ٿا، اهي ان مفروضي ۾ ويساھه رکن ٿا ته ستارن جو انساني طبيعت ۽ مقدر تي اثر پوي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترين روزانه اخبارن ۾ اهڙا ڪالم شايع ٿيندا رهن ٿا ته جنهن مهيني ۽ ڏينهن ۾ انسان جي پيدائش ٿي آهي، اهو ئي سندس برج آهي ۽ ان مطابق سندس طبعت ۽ مزاج به آهي ۽ ان لحاظ سان سندس مستقبل بابت پيش گوئي به ڪري ڇڏين ٿا.

هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته جديد فلڪيات جي تحقيق موجب سج 21 مارچ تي انهن تارن ۾ جن کي حمل جو نالو ڏنو ويو آهي، جي بجاءِ انهن تارن ۾ داخل ٿئي ٿو جن کي هنن حوت جو نالو ڏنو آهي. اهڙيءَ طرح جڏهن هو چون ٿا ته 21 جون تي سج برج سرطان ۾ داخل ٿئي ٿو ته حقيقت ۾ تڏهن سج هڪ برج پوئتي يعني جوزا ۾ هوندو آهي. ساڳيءَ ريت 22 ڊسمبر تي جدي ۾ نه بلڪ قوس ۾ ۽ 22 سيپٽمبر ميزان ۾ نه بلڪ سنلبه ۾ موجود هوندو آهي. گويا پوري هڪ برج جو فرق آهي. حمل، اسد ۽ قوس کي آتشي برج ۽ سرطان، عقرب ۽ حوت کي آبي برج چون ٿا. اهڙيءَ طرح جوزا، ميزان ۽ دلو کي آبي ۽ ثور، سنبله ۽ جدي کي خاڪي برج ڪوٺين ٿا.

[سير افلاڪ - ص 26 ۽ 28]

226  ثوابت يک هزار وبست وچاراند

      که بر کرسي مقام خويش دارند

قديم فلڪيات موجب ڪرسي اٺين آسمان يعني سڀني کان مٿانهين آسمان کي چون ٿا. جنهن ۾ ثوابت يعني اهي ستارا آهن جيڪي حرڪت نٿا ڪن. سڀ کان پهرين اهو تصور يوناني هيئتدان بطليموس ڏنو، جنهن جو ڪتاب ’المجسطي‘ مشهور آهي، جيڪو عربن خليفي مامون جي زماني ۾ ترجمو ڪيو. هن ڪتاب ۾ 1030 ستارن جو تعداد ڄاڻايل آهي. چوٿين / ڏهين صديءَ ۾ مسلمان فلڪياتدان عبدالرحمٰن صوفي (وفات: 376/982) پنهنجي ڪتاب صورالڪواڪب‘ ۾ اهو تعداد 1022 ٻڌائي ٿو. هن کان پوءِ الغ بيگ تيمورلنگ جو پوٽو جنهن پندرهين صديءَ ۾ سمرقند ۾ رصد گاھه قائم ڪئي، تنهن وري 1519 ستارن جي ڳڻپ ڪئي. اسلامي دنيا جي ٻئي وڏي فلڪياتدان ۽ ماهر رياضي البيروني وري اهو تعداد 1027 ٻڌائي ٿو. ياد رهي ته بطليموسي نظام موجب سج، چنڊ، گرھ ۽ ٻيا ڪجھ تارا ڌرتيءَ جي چوڌاري گردش ڪري رهيا آهن يعني زمين هڪ هنڌ بيٺل يا ساڪن آهي. جديد سائنس موجب زمين نه صرف پنهنجي محور جي چوڌاري بلڪ سج جي چوڌاري ڦري رهي آهي. جديد سائنسي ڄاڻ موجب هڪ انساني اک هڪ وقت 2900 کان وڌيڪ تارا آسمان ۾ نٿي ڏسي سگهي يا ڳڻي سگهي. هينئر سائنسي لحاظ کان تقريباً ويھه هزار ستارن جي پوري معلومات موجود آهي.

[فلڪيات جديده- ص2 ۽ 3، علم فلڪيات- سنڌي،ص 20 -22]

 

234. قمر را بيست وهشت آمد منازل

        شود با آفتاب آنگه مقابل

قديم علم هيئت توڻي علم نجوم مطابق چنڊ جون 28 منزلون معلوم آهن جن جا نالا عربي توڻي هنديءَ ۾ ملن ٿا. جديد سائنسي ڄاڻ موجب اسان ڌرتيءَ وارن لاءِ چنڊ جي ظاهري عمر ساڍا اُڻٽيھ ڏينهن آهي يعني نئين چنڊ جي اڀرڻ ۽ وري غائب ٿيڻ جو اهو ڪل عرصو آهي. بلڪ ٺيڪ حساب موجب 29 ڏينهن، 12 ڪلاڪ، 14 منٽ ۽ 82 سيڪنڊ آهي ۽ ان کي ئي قمري مهينو چئبو آهي.

[شاهد الوجود - ص 310، فلڪيات جديده - ص 302]

308 هُويت

هُويت هن مان مراد هوبهو يعني مطلق واري حالت آهي جنهن کي مطلق حقيقت به چون ٿا ۽ مرتبئه وحدت به چون ٿا. مطلب اهو ذات باري تعاليٰ ڏانهن اشارو آهي. هويت ذات خالص کي به چون ٿا جنهن ۾ اسم رسم يعني نعت ۽ وصف ڪونهي. ان کي غيب به چيو اٿن ڇو ته ان مرتبي ۾ ذات جو شعور محال آهي. صوفين وٽ غيب مان مراد اها شيءِ آهي جنهن کي الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن کان ڳجهو رکي. ان لحاظ کان غيب هويت مان مراد ذات جو اهو مرتبو جيڪو اسماء ۽ صفات جي ظهور کان اڳ ۾ هو.

[شاهد الوجود - ص 302]

330.                 سالڪ

سالڪ لفظ جو مادو سَلَڪَ آهي ۽ سُلوڪ رستي يا راھه کي چون ٿا. بلڪ انهيءَ راھ تي هلندڙ کي چون ٿا جيڪو مرشد يعني هدايت ڪندڙ جي چوڻ موجب انهيءَ راھه تي هلي.

[فرهنگ عارفان - ص 71]

351. ذات

ذات جي فارسيءَ ۾ هيءَ تعريف ملي ٿي: در اصطلاح سالڪان ذات را بي اعتبار صفات احد گويند و باعتبار جميع صفات واحد فياضي گويد. يعني سالڪن جي اصطلاح موجب جڏهن صفتن کان سواءِ ذات کي احد به چون ٿا پر صفتن سميت هن کي واحد چون ٿا.

[فرهنگ عارفان - لاله ڪيول رام هوشيار، ص 58]

368 النهاية هي الرجوع الي البداية

هي الفاظ اصل ۾ جنيد بغداديءَ کان پڇيل ان سوال جو جواب آهن ته ”ما النهاية“ يعني سلوڪ جي انتها ڇا آهي؟ پاڻ چيائين ”النهايت هي الرجوع اليٰ البداية“ يعني انتها تي پهچڻ جو مطلب آهي ته وري شروعات ڏانهن واپس ٿجي!.

[وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو معارفِ سلطان الاوليا -ص 442]

عارف ڪير آهي؟

 علم ڪلام جي اصولن موجب عام طور علت ۽ معلول جي تصور موجب ممڪن سان واجب جو وجود ثابت ڪندا آهن. ان کي استدلالي طريقو چون ٿا. پر صوفي ان کي معرفت حقيقي نٿا سمجھن. ڇو ته اها غير جي نفي ڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿي. ڪائنات جي مشاهدي مان حق جو اثبات انهيءَ زمري ۾ اچي ٿو. صوفين وٽ اهو شخص عارف ناهي. هنن وٽ عارف اهو آهي جيڪو حق جي وجود سان شين کي سڃاڻي. انهيءَ ڪري صوفين جو نهايت پر معنيٰ مقولو آهي:

”عرفت الاشياءَ بالله يا عرفت الله بالله“

مثنوي روميءَ ۾ هن ڳالھه کي هن طرح واضح ڪيو ويو آهي:

خويش را عريان کن از فضل وفضول
ترک خود کن تا کند  رحمت نزول
زيرکي ضد شکست است و نياز
زيرکي بگذار و با گولي بساز

 شاھه لطيف هن بيت ۾ اها ڳالھه سمجھائي آهي:

آڏو جو اثبات کي، سو شرڪ لاهي شڪ
هُئي جنهن ۾ حق، تنهن نفيءَ جِھو ناھ ڪو

هتي اها ڳالھه واضح ڪرڻ گهرجي ته اهو ئي سبب آهي جو مذهب جو بنياد عقل ۽ حواسن جي بجاءِ الهام، وحي يا ڪشف تي رکيل آهي.

[رساله حق نما - دارا شڪوه قادري، ص 22]

438. سڀت پچار پرينءَ جي، سڀت هوت حضور

      ملڪ سڀ منصور، ڪهي ڪهندي ڪيترا

هيءُ بيت شاھه لطيف جو نه پر سلطان الاولياء خواجه محمد زمان لواريءَ واري جو آهي.

[ابيات سنڌي: دائود پوٽو - ص69،

 مڪمل شرح ابيات سنڌي: عبدالغفار سومرو - ص 14]

470 ممڪن ۽ واجب

 فلسفي وجود جا ٽي قسم مڃين ٿا. پهريون ممتنع الوجود، ٻيو ممڪن الوجود ۽ ٽيون واجب الوجود. پهريون قسم اهو آهي جنهن جي وجود جو تصور ئي نه ڪري سگهجي. مثلاً ڪو چوي ته چورس گول يا مستطيل دائرو يا شادي شده ڪنوارو. هن ۾ بظاهر تناقض يا ضد صاف نظر اچن ٿا ۽ انهن جو گڏ ٿيڻ محال آهي. ٻيو قسم اهڙين شين جو آهي جن جو وجود ۾ اچڻ ممڪن آهي. مثلاً هيءَ ڪائنات يا انسان جو وجود يا ٽيھه فوٽ ڊگهو ماڻهو يا 900 سال عمر وارو انسان وغيره. ٽيون واجب الوجود اهو آهي جيڪو پنهنجي وجود ۾ ٻئي ڪنهن جو محتاج نه آهي ۽ اها خدا جي ذات آهي. بلڪ هن جو نه هجڻ ناممڪن آهي.

[هن جي سمجھاڻيءَ بابت ڏسو مقدمو مڪمل شرح ابيات سنڌي - ص206]

 

515.       امر اعتباري:

هر موجود شيءِ جون ٻه حيثيتون (تعبير) آهن. هڪڙي ان جي حقيقت جي حيثيت آهي يعني ظهور حق بصورت خلق جنهن کي تجلي شهودي چون ٿا. ’ڪنت ڪنزاً‘ حديث جي آخر ۾ ’فخلقت الخلق‘ جو اهو ئي مطلب بيان ڪن ٿا يعني خلق جي صورت ۾ پاڻ ظاهر ٿيو.

ٻي حيثيت خارجي وجود جي تعين يا تشخص جي آهي جنهن ڪري موجودات کي ممڪن يا مخلوق چون ٿا. انهيءَ امڪاني اعتبار يا وجود جي ڪري سڀ عيب ۽ گھٽتائيون موجودات ڏانهن منسوب آهن. انهيءَ حيثيت جي ڪري ممڪن واجب کان ۽ حق خلق کان ۽ عبد پنهنجي رب کان الڳ ۽ جدا آهي. انهيءَ ڪري صوفي چون ٿا ته هر شيءِ وجود جي اعتبار سان عين حق آهي پر صورت تعين ۽ تشخص جي لحاظ سان غير حق يا مخلوق ۽ عبد آهي.

612. بسيط

        يعني غير مرڪب جنهن جا وڌيڪ ڀاڱا يا حصا نٿا ٿي سگھن. ان جو مثال جاميٽريءَ ۾ نقطو (Point) آهي جنهن جي تعريف اها آهي ته ان کي وڌيڪ ورهائي نٿو سگھجي. ڪلام ۽ فلسفي ۾ عقل ۽ روح کي به بسيط چون ٿا.

667 قاعاً صف صفا لاتريٰ

هيءَ قرآني آيت هن ريت آهي:  قَاعًا صَفْصَفًا لَا تَرَى فِيهَا عِوَجًا وَلَا أَمْتًا (طٰہٰ: -107 106)

672 كُلَّ يَوْمٍ هُوَ فِي شَأْنٍ (الرحمٰن: 29)

708 عنقا ۽ اسم با مسميٰ

عنقا اهڙو خيالي پکي جيڪو دنيا ۾ موجود ناهي يعني اهو نابود ۽ معدوم آهي. مطلب هر اها شيءِ جيڪا نه ملي سگهي يا حاصل نه ٿئي. ڪن وري ان کي سيمرغ به چيو آهي جنهن جو ذڪر عطار منطق الطير‘ ۾ ڪيو آهي. جتي هو سيمرغ مان مراد اُهي ٽيهه پکي ڏيکاري ٿو جيڪي عشق جون ست واديون طي ڪن ٿا ۽ آخر ۾ کين معلوم ٿئي ٿو ته اُهي سڀ هو پاڻ هئا. عنقا فارسي شاعريءَ ۾ خاقانيءَ کان وٺي حافظ تائين ملي ٿو. جيئن خاقانيءَ چيو:

مرا آئينه وحدت نما يد صورت عنقا
مرا پروانه عزلت دهد ملک سليماني

 

معنيٰ: مون کي وحدت جو آئينو عنقا جي صورت ڏيکاري ٿو ۽ اڪيلائي جو پروانو مون کي سليمان واري بادشاهي عطا ڪري ٿو. عنقا بابت حافظ جو مشهور شعر هن ريت آهي:

عنقا شکار کس نشود دام باز
که اينجا هميشه بدست است باد را

 

معنيٰ: عنقا ڪنهن جي به ڄار ۾ نٿو ڦاسي تنهن ڪري تون پنهنجي ڍٻي کڻي ڇڏ. ڇو ته اتي هميشہ تو کي سواءِ مٽي مليل هوا کانسواءِ ڪجھه نه ملندو.

مطلب صوفين وٽ ان مان مراد حقيقت مطلق آهي.

                   [مڪمل شرح ابيات سنڌي - ص 227]

747.                 زُلف

        زُلف مان عام طور مراد تجلي جلالي و صفات قهر خداوندي وٺن ٿا. زلف مان ٻي مراد ڪفر جي اونداهي ۽ ڪڏهن هيءَ دنيا به وٺن ٿا. زلف کي عام طور وحدت ۽ جذبه اِلاهيءَ کي ڍڪيندڙ يا لڪائيندڙ (حاجب) به چيو اٿن.                                    [فرهنگ عارفان - ص 65]

738. حقيقت

جڏهن موجودات تقيدات ۽ تعينات جو نالو آهي ته پوءِ حقيقت ذات جو ظهور بغير حجاب تقيدات ۽ تعينات جي آهي. هونئن عام طور حقيقت جو تصور مجاز جي مقابلي ۾ اچي ٿو. ان لحاظ کان وري حقيقت مان مراد باطن ۽ مجاز مان مراد ظاهر وٺن ٿا.

[شاعري مين صوفيانه اصطلاحات - ص 111]

791.      طالب

طالب جيڪو نفساني لذتن ۽ فطري خواهشن تي ضابطو حاصل ڪري ۽ حقيقت جي تلاش ۾ يعني ڪثرت کان وحدت طرف هلندڙ هجي.

[فرهنگ عارفان - ص 84]

833.     شراب

شراب يا باده يا مئي مان مراد محبت جي شدت ۽ اسرارِ محبت جي فراواني آهي. جنهن جي نتيجي ۾ بي خودي ۽ فنائيت حاصل ٿئي.

[فرهنگ عارفان - ص 76]

840. التوحيد اسقاط الاضافات

صوفين وٽ مشهور مقولو آهي جيڪو عطار جي ٻن مثنوين ’اسرارنامه‘ توڻي ’اِلاهي نامه‘ ۾ ملي ٿو.

نکو گوئي نکو گفته است در ذات

که التوحيد اسقاط الاضافات

[اسرار نامه - ص 2، الاهي نامه- ص 15]

841 خراباتي خود رهائي آهي.

خراباتي مان مراد آهي ته جڏهن سالڪ پنهنجي ڪنهن به ڪم ڪار لڇڻ يا گڻ جي نسبت خدا جي ذات ڏانهن ڪري. ڇو ته پاڻ ڏانهن ڪم جي نسبت ڪرڻ هنن وٽ ڪفر جي برابر آهي. هنن وٽ ڪفر جو مطلب پنهنجي خوديءَ ۾ خدا کي لڪائڻ آهي يا پنهنجي نسبت کي ظاهر ڪرڻ آهي. انهيءَ ڪري خرابات مقام وحدت جي نشاندهي ڪري ٿي. امام غزالي پنجين صديءَ ۾ پنهنجي مشهور تصنيف ’ڪيمياءِ سعادت‘ ۾ ان سلسلي ۾ هي شعر آندو آهي:

هر که بخرابات نشد بي دين ست
زيرا که خرابات اصول دين ست

 

هن جي تشريح ۾ غزالي چوي ٿو: صوفي هن خرابات مان صفات بشريت سمجھن ٿا. هن لاءِ دين جو اصول به اهو ئي آهي ته هي ظاهري صفت جا آباد آهي، سا خراب ٿئي ته جيڪو ڳجهو ۽ ناپيد آهي سو انسان جي ذات ۾ پيدا ۽ آباد ٿئي. هو وڌيڪ خبردار ڪندي چوي ٿو: جڏهن شعر ۾ شراب ۽ مستيءَ جي ڳالھه هجي ته انهيءَ جي ظاهري معنيٰ نه سمجھڻ گهرجي.

[ڪيمياءِ سعادت، سنڌي ترجمو قليچ بيگ ص 455]

865. زنار

زنار مان سالڪن جي مراد محبوب حقيقيءَ جي بندگي ۽ سچي دل سان خدمت آهي. زنار جو ٻيو مصللب يڪ رنگي اختيار ڪرڻ به آهي. هندو ان کي جڻيو چون ٿا جيڪو هڪ قسم جو وٽيل ڌاڳو هوندو آهي.

[فرهنگ عارفان - ص 66]

934. هن بيت سان ملندڙ خيال حافظ شيرازيءَ وڌيڪ چٽو ڪري هن ريت سمجھايو آهي:

فيض روح القدس ار باز مدد فرمايد

ديگران هم بکنند آنچه مسيحا مي کرد

[جبرئيل جو فيض جيڪڏهن وري مددگار ٿئي ته ٻيا به اهو ئي ڪم ڪري ڏيکاريندا جيڪو حضرت عيسيٰ عليہ السلام ڪري ڏيکاريو هو.]

[ديوان حافظ - فارسي سجاد حسين، ص 171]

935.عالم ناسوت، ملڪوت، جبروت ۽ لاهوت

عالم ناسوت مان مراد هي ظاهري عالم محسوسات آهي ۽ ان کي عالم شهادت عالم بيداري يا عالم ظاهر به چون ٿا. عالم ملڪوت مان مراد عالم ارواح، عالم غيب، عالم لطيف ۽ عالم خواب چون ٿا. عالم ناسوت فاني آهي، جڏهن ته عالم رواح ڪن جي خيال موجب هميشہ رهڻ وارو آهي. چون ٿا ته ارواح بغير بدن جي موجود رهي سگهن ٿا. تنهن ڪري اهي عالم ملڪوت جو سير ڪري سگهن ٿا. ’عالم لاهوت‘ هن کي عالم هُويت يا عالم ذات، عالم بيرنگ ۽ عالم اطلاق ۽ عالم بحت چون ٿا. هي عالم ناسوت، ملڪوت ۽ جبروت جي مٿان آهي، جيڪي سڀ هن جي جسم مثال آهن ۽ عالم هنن جي ساھه يا روح مثل آهي. اهي سڀ هن عالم ۾ اچن ٿا ۽ وري واپس ٿين ٿا، پر هي عالم بذات خود هميشہ هڪجھڙو رهي ٿو  ۽ ان ۾ ذري برابر تفاوت ڪونه ٿو اچي. قرآن جي آيت: هو الاول ولآخر والظاھر والباطن ۽ وهو بکل شيءِ عليم ۾ ان ڏانهن اشارو آهي. هي عالم سمنڊ ۽ ٻيا ان جي لھرن وانگر آهن يا هي عالم سج وانگر آهي ته ٻيا ذرڙن وانگر آهن يا الفاظ آهن پر معنيٰ هن جھان ۾ آهي.

 

ڪتابيات

 

انگريزي

 

 E.H. Whinfield, Gulshan - i-  Raz, The Mystic Rose Garden. Reprint Lahore 1978

2. Nouchafarine Ansari Lahiji, A Biographical Attempt. Pakistan Philosophy Journal, 1976

Asadullah ad-Dhaakir Yate, The Secret Garden. Zahra Publications, USA,1982.

The Alchemy of Happiness Translation By Mirza Qalich Beg;  Imam Ghazali, Sindhi Adabi Board, 1986

M. Saeed Shaikh A Dictionary of Muslim philosophy, Lahore.1981

عربي

 

تفسير عرائس البيان في حقائق القرآن - لبنان، 2009

تفسير ابن عربي - المجلد الاول- بيروت لبنان، 2001

المعجم المفهرس لالفاظ القرآن الڪريم، محمد فواد الباقي القاهره، 1996

 

فارسي

محمد لاهيجي: مفاتيح الاعجاز في شرح گلشن راز، مقدمه تصحيح وتعليقات، محمد رضا بزرگ خالقي وعفت کرباسي

شاه ارشاد علي قادري: مفاتيح الاعجاز، نادري پريس

محمد نقي تسڪين دوست: گلگشت راز - گلشن راز

دکتر حسين الهي قمشہ اي شارح: گلشن راز (باغ دل) - تهران 1378

علامه محمد اقبال: ڪليات اقبال - فارسي

فائزه زهرا ميرزا: گرجي نامه - گرد آورده مرزا قليچ بيگ، اسلام آباد 2001

محمد خواجوي: ترجمه فارسي اصطلاحات الصوفيه - عبدالرزاق کاشاني - تهران 1372ھ

محمد بشير انور ابوهري: گلشن راز، تصحيح انتقادي - مرکزي تحقيقات فارسي پاکستان، اسلام آباد 2007

اردو

مولوی محمد نور عالم چشتی: بوستان اسرار اردو ترجمہ مفاتیح الاعجاز- لاہور 1347ھ

سید شاہ محمد: مخدوم الاعجاز اردو شرح کامل گلشن راز- حیدرآباد دکن، 1342ھ

شریف کنجاھی: گلشن راز منظوم اردو ترجمہ، لاہور، 1996

مکیش اکبر آبادی: مسائل تصوف، لاہور،

کالی داس گپتا رضا: فرہنگ عرفان- ترجمہ شمع عارفان- لالہ کیول رام ہوشیار، بمبئی 1988

خواجہ شاہ محمد عبدالصمد: اصطلاحات صوفیا، لاہور، 2011

ڈاکٹر میرزا اختیار حسین کیف نیازی: شاعری میں صوفیانہ اصطلاحات- کراچی، 2009

عبدالسلام: ابن عربی کا نظریہ وحدت الوجود، لاہور، 2014

مرزا محمد رشید: سیر افلاک، انجمن ترقیءِ اردو کراچی، کراچی، 1952

محمد موسیٰ: فلکیات جدیدہ، لاہور، 1392

سنڌي

قليچ بيگ مرزا: تحريرون ۽ تقريرون - حدرآباد، 1970

قليچ بيگ مرزا: ديوان قليچ - ڪراچي، 1956

قليچ بيگ مرزا: چندن هار - ڪراچي، 1939

قليچ بيگ مرزا: ڪيمياءِ سعادت - ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو – ڄام شورو، 1985

ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو: مڪمل شرح ابيات سنڌي - شيخ عبدالرحيم گرهوڙي - سنڌالاجي، ڄام شورو، 2008 

ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو: شاھ جو رسالو - سمجھاڻي ۽ مفهوم سميت - ڄام شورو، 2016

ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو: بيان العارفين – ڄام شورو، 2007

ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو: علم فلڪيات - سنڌ سائنس سوسائٽي ڄام شورو، 1986

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org