|
سوال
– چهاردهم |
سوال چوڏهون |
(1)
|
شراب و شمع و شاهد را چه معني است
خراباتي شدن آخر چه دعوي است
|
شراب ۽ شمع، شاهِد ۽ خرابات
انهن جا ڪهڙا مطلبَ ۽ اِشارات؟
|
|
جواب |
جواب |
(2)
|
شراب و شمع و شاهد عين معني است
که در هر صورتي او را تجلي است
|
شراب آهي، ڪري جو ذوق پيدا
شمع جي معرفت جو نُور معنيٰ
|
(3)
|
شراب و شمع نور و ذوق عرفان
ببين شاهد که از کس نيست پنهان
|
[شراب ۽ شمع مان مراد معرفت جو نور ۽
ذوق آهن، هتي اهو محبوب ڏس جيڪو ڪنهن
کان لڪل ڪونهي.] |
(4)
|
شراب اينجا زجاجه شمع مصباح
بود شاهد فروغ نور ارواح
|
شراب آهي زُجاجه، شمع مِصباح
۽ شاهد آهي روشن نُور اَرواح
|
(5)
|
ز شاهد بر دل موسيٰ شرر شد
شرابش آتش و شمعش شجر شد
|
[انهيءَ محبوب جي ڪري حضرت موسيٰ جي
دل پگهرجي شعلو ٿي وئي هن جي ڏٺل باھه
شراب ۽ وڻ شمع بنجي ويا.] |
(6)
|
شراب و شمع جام آن نور
اسريٰ است
ولي شاهد همان آيات
کبريٰ است
|
[شراب ۽ شمع سمجھه ته اهي سير آسماني
واسطي نور آهن، باقي اهو محبوب پاڻ هر
شيءِ جو وڏي ۾ وڏو نشان آهي.] |
(7)
|
شراب و شمع و شاهد جمله حاضر
مشو غافل ز شاهد بازي آخر
|
[شراب، شمع ۽ شاهد ٽئي هر وقت تنهنجي
آڏو آهن، انهيءَ ڪري تون ڪڏهن به ان
محبوب کان غافل نه ٿيءُ.] |
(8)
|
شراب بي خودي در کش زماني
مگر از دست خود يابي اماني |
[بيخوديءَ جي شراب کي ضرور واپراءِ،
تڏهن تون پاڻ کي پاڻ (خودي) کان محفوظ
ڏسندين.]
|
(9)
|
بخور مي تا ز خويشت وارهاند
وجود قطره در دريا رساند |
تون پي مَئي بيخودي جي حق جي صَدقي
نه قَطرو اُن کان قُلزم تائين پُهچي
|
(10)
|
شرابي خور که جامش روي يار است
پياله چشم مست باده خوار است
|
[اهو شراب پيءُ جنهن جو سرچشمو (جام)
دوست جو چھرو آهي، هن جي مست اک ئي ته
پيئاڪن لاءِ پيالو آهي.]
|
(11)
|
شرابي را طلب بي ساغر و جام
شراب باده خوار و ساقي آسام
|
[اهو شراب ڳولي هٿ ڪر جيڪو پيالي يا
جام جو محتاج نه هجي، شراب پاڻ مئي
پيئندڙ آهي ۽ ساقي خود اهو پيالو
آهي.]
|
(12)
|
شرابي خور ز جام وجه باقي
’سقاهم
ربهم‘
او راست ساقي
|
[اهو شراب واپراءِ جيڪو هن جي چھري جي
باقيات مان آهي، اهو ساقي جنهن لاءِ
چيل آهي ته
’هِنن
کي هِنن جو رب پاڻ پياري ٿو.‘]
|
(13)
|
طهوراً مي بود کز لوث هستي
ترا پاکي دهد در وقت مستي
|
[طهورا (شراب) ئي اهو مشروب آهي جيڪو
تو کي مستيءَ جي وقت تنهنجي هستيءَ جي
گناھ کان نجات ڏياري سگهي ٿو.] |
(14)
|
بخور مي وارهان خود را ز سردي
که بد مستي به است از نيک مردي
|
[شراب پيءُ ۽ پاڻ کي ٿڌ کان آجو ڪر،
ڇو ته بدمست هجڻ نيڪ هجڻ کان بهتر
آهي.] |
(15)
|
کسي کو افتد از درگاه حق دور
حجاب ظلمت او را بهتر از نور
|
[جيڪو حق جي درگاھه کان پري پئجي ويو،
ان لاءِ اوندھ جو پردو روشنيءَ کان
وڌيڪ بهتر آهي.] |
(16)
|
چو آدم را ز ظلمت صد مدد شد
ز نور ابليس ملعون ابد شد
|
[آدم کي اونداهي مان گھڻي ۾ گھڻي برڪت
ملي هوڏانهن شيطان روشنيءَ جي باوجود
هميشه لاءِ لعنتي ٿي ويو.] |
(17)
|
اگر آئينه دل را زدوده است
چو خود را بيند اندر وي چه سود است
|
[جڪڏهن تنهنجي دل جو آئينو صاف ۽ شفاف
ٿيو، پر تون ان ۾ فقط پاڻ کي ڏسين ٿو
ته ان مان ڪهڙو فائدو!] |
(18)
|
ز رويش پرتوي چون بر مي افتاد
بسي شکل حبابي بر وي افتاد
|
[جڏهن هن جي چھري جو پرتوو مئي تي پوي
ٿو ته ان ۾ ڪيترا حباب جي شڪل ۾ نظر
اچڻ لڳن ٿا.] |
(19)
|
جهان و جان در او شکل حباب است
حبابش اوليائي را قباب است
|
[هيءُ جھان ۽ ارواح حبابن جي شڪل ئي
ته آهن، اهي حباب خدا جي دوستن لاءِ
هڪ پردي وانگر آهن.] |
(20)
|
شده زو عقل کل حيران و مدهوش
فتاده نفس کل را حلقه در گوش
|
ٿئي پڻ عَقل ڪُل مدهوشُ حَيران
اُنهي کان نَفس ڪُل ٿئي زير فرمان
|
(21)
|
همه عالم چو يک خمخانئه اوست
دل هر ذره پيمانئه اوست
|
سڄو عالم آهي مَيخانو اُن جو
ذرو ذَرّو آهي پيمانو اُن جو
|
(22)
|
خرد مست و ملايک مست و جان مست
هوا مست و زمين مست آسمان مست
|
عَقُل مست ۽ ملائڪ مست جانۡ مَست
هَوا مست ۽ زمين مست آسمان مست
|
(23)
|
فلک سرگشته از وي در تگاپوي
هوا در دل به اميد يکي بوي
|
[آسمان به انهيءَ سرگردانيءَ ۾ ڦاٿل
آهي، هن جي دل به انهيءَ خوشبوءِ ۾
اٽڪيل آهي.] |
(24)
|
ملائک خورده صاف از کوزهء پاک
به جرعه ريخته دردي برين خاک
|
[ملائڪن به اهو پاڪ شراب پاڪ ٿانءَ
مان پيتو آهي، جيڪي کانئن بچي پيو اهو
هن ڌرتيءَ تي هاري ڇڏيائون.] |
(25)
|
عناصر گشته زان يک جرعه سر خوش
فتاده گه در آب و گه در آتش
|
[عناصر به هڪ ڍُڪ پيئڻ سان مست ٿي ويا
ان ڪري اهي ڪڏهن پاڻيءَ ۾ ته ڪڏهن
باھه ۾ پيا ڏسجن.] |
(26)
|
ز بوي جرعئه که افتاد بر خاک
برآمد آدمي تا شد بر افلاک
|
[اهو هڪ ڍُڪ جيڪو ڌرتيءَ تي ڪريو،
انسان جي بوءِ کان مست ٿي مٿي اُڀن
ڏانهن اڏامي ٿو.] |
(27)
|
ز عکس او تن پژمرده جان گشت
ز تابش جان افسرده روان گشت
|
[هن جي پاڇي پوڻ سان مئل جيئرا ٿي پون
ٿا، هن جي تکي تاب سان ٿڪل تازا توانا
ٿي ڊوڙڻ لڳن ٿا.] |
(28)
|
جهاني خلق از او سرگشته دايم
ز خان و مان خود برگشته دايم |
سڄو عالم ٿيو سرگشتو دائمِ
ٿيو پنهنجي نسل کان بر گشتو دائم |
(29)
|
يکي
از بوي دردش عاقل آمد
يکي
از رنگ صافش ناقل آمد
|
اُنهي جي بُوءِ کان ٿيو هڪڙو عاقِل
ٻيو ٿيو رنگَ صاف اُن جي کان ناقِل
|
(30)
|
يکي
از نيم جرعئه گشته صادق
يکي
از يک صراحي گشته عاشق
|
ٿيو اَڌ ڍُڪ پيڻ مان هڪڙو صادِق
ٻيو هڪڙو صُراحِي مان ٿيو عاشِق
|
(31)
|
يکي
ديگر فرو برده به يک بار
خم و خمخانه و ساقي و ميخوار
|
ٽيون اهڙو جو پِي ويو سڀئي هِڪوار
مٽ ۽ مَيخانو ۽ ساقي ۽ مَيخوار
|
(32)
|
کشيده جمله و مانده دهن باز
زهي دريا دل رند سرافراز
|
اَڃا پڻ واتُ اُن جو ٿيو ڪُشادو
عجب هِي رِندُ، دَريا دل ۽ سادو
|
(33)
|
در آشاميده هستي را به يک بار
فراغت يافته ز اقرار و انکار
|
سڄيِ هَستي اَندر ڪيائِين نِگُونُسار
ٿِيو فارغ ڪَنا اِقرار اِنڪار
|
(34)
|
شده فارغ ز زهد خشک و طامات
گرفته دامن پير خرابات
|
ڇڏي سڀ زُهد خُشڪ ۽ خُود نُمائي
وڃي پِير مُغان جو ٿيو فِدائي
|
|
اشارت به خراباتيان |
خراباتي مان ڪير مراد آهي؟ |
(35)
|
خراباتي شدن از خود رهائي است
خودي
کفر است اگر خود پارسائي است
|
خراباتي ٿيڻ، ٿي خودَ رهائي
خُودي ڪُفر آھ، گرچه پارسائي
|
(36)
|
نشاني داده اندت از خرابات
که
’التوحيد
اسقاط الاضافات‘
|
آهي وحدت وجودي پڻ خرابات
جو ’الَتَّوحيدُ اسۡقَاط الۡاضَافَات‘
|
(37)
|
خرابات از جهان بي مثالي است
مقام عاشقان لا اُبالي است |
خرابات آهي عالَم بي مثالي
خراباتي رهن نت لا اُبالي
|
(38)
|
خرابات آشيان مرغ جان است
خرابات آستان لامکان است
|
خرابات آهي منزلَ آسماني
خرابات آستانو لامَڪاني
|
(39)
|
خراباتي خراب اندر خراب است
که در صحراي او عالم سراب است
|
[برباد خراباتي هن خراب جھان ۾ وڌيڪ
خراب آهي، هن جي نظر ۾ هي جھان رُڃ
کان وڌيڪ رُڃ آهي.] |
(40)
|
خراباتي است بي حد و نهايت
نه آغازش کسي ديده نه غايت
|
خرابات آهي بي حَد ۽ نهايت
نه ڪو آغازُ اُن جو ۽ نه غايَت
|
(41)
|
اگر صد سال در وي مي شتابي
نه خود را و نه کس را بازيابي
|
[تون ڀلي پنهنجا سؤ سال ان جي آواره
گرديءَ ۾ ضايع ڪر، پر تون نه پاڻ کي
ڳولي سگهندين ۽ نه ڪو ٻيو توکي هٿ اچي
سگهندو.]
|
(42)
|
گروهي اندر او بي پا و بي سر
همه نه مؤمن و نه نيز کافر
|
خراباتي ٿيو بي پا ۽ بي سر
نه مومن ڄاڻجي اُو ۽ نه ڪافر
|
(43)
|
شراب بيخودي در سر گرفته
به ترک جمله خير و شر گرفته
|
ٿي بيخُود، خَير ۽ شَر تَرڪُ ڪِيئين
تَام
ڇڏيئَين سڀ جاھُ عِزت نَنگ ۽ نام
|
(44)
|
شرابي خورده هر يک بيلب و گام
فراغت يافته از ننگ و از نام
|
(45)
|
حديث و ماجراي شطح و طامات
خيال خلوت و نور و کرامات
|
[هنن جي نعرن ۽ دعوائن سان ڀريل
گفتگو، سندن خلوت، خيال، نور ۽ ڪرامتن
بابت آهي.] |
(46)
|
به بوي درديي از دست داده
ز ذوق نيستي مست اوفتاده
|
[باقي بچيل مَئي جي ڍُڪ تي جيڪو هن
پاڻ ڇڏي ڏنو، نيستي ۽ فنائيت جي
مستيءَ ۾ بي خبر ٿي پئجي رهيو.] |
(47)
|
عصا و رکوه و تسبيح و مسواک
گرو کرده بُدردي جمله را پاک |
مُصَلّو ۽ عَصا، تسبيح سڀ ڪجھ
ڏئي وَرتئين شرابُ، اِيءُ سمجھي ڪو
ڳُجھ |
(48)
|
ميان آب و گل افتان و خيزان
بجاي اشک خون از ديده ريزان
|
[مٽيءَ ۽ پاڻيءَ مٿان ترڪندو ۽ وري
اُٿندو رهيو، ان ڪري ڳوڙهن بدران سندس
اکين ۾ رت جا لڙڪ وهندڙ آهن.] |
(49)
|
دمي از سرخوشي در عالم ناز
شده چون شاطران گردن افراز
|
[ڪڏهن مستي ۽ موج ۾ ڪنڌ کڻي جھومي ٿو،
هو ناز ۽ نخري سان هيڏي هوڏي نهاري
ٿو.] |
(50)
|
گهي از رو سياهي رو بديوار
گهي
از سرخ روئي بر سردار
|
[ڪڏهن مُنهن کي ڪارنهن ملي ڀت ڏي
مُنهن ڪري ڇڏن ٿا، ڪڏهن ڳاڙهي مُنهن
(رت ورني روءِ) سان سوريءَ تي چڙهن
ٿا.]
|
(51)
|
گهي اندر سماعِ شوق جانان
شده بي پا و سر چون چرخ گردان
|
[ڪڏهن سماع جي لذت ۽ محبت جي عالم ۾
هو، مٿي ۽ پيرن کان بيخبر آسمان ۽ عرش
گهمن ٿا.] |
(52)
|
به هر نغمه که از مطرب شنيده
بدو وجدي از آن عالم رسيده
|
[جڏهن هو ڪو به سريلو آواز جيڪو ڪنهن
ڳائيندڙ کان ٻُڌن ٿا، هو وجد ۾ اچي
اصلي جھان ۾ پهچي وڃن ٿا.] |
(53)
|
سماع جان نه آخر صوت و حرف است
که در هر پردهاي سرّي شگرف است |
[هنن جو سماع رڳو لفظ ۽ آواز ناهي،
بلڪ هر تان ۾ وڏو راز ۽ ڳجھ سمايل
آهي.]
|
(54)
|
ز سر بيرون کشيده دلق ده توي
مجرد گشته از هر رنگ و هر بوي
|
سَماع جي وجد ۾ اُڇلي ڇڏيئَين دَلق
مُجردّ ٿيو ڇڏي سڀ خُلق ۽ خَلق
|
(55)
|
فرو شسته بدان صاف مروق
همه رنگ سياه و سبز و ازرق
|
[هو انهيءَ رنگين شراب ۾ سڀئي رنگ
ڪارو، سائو ۽ ڦڪو ٻوڙي ڌوئي صاف (بي
رنگ) ٿين ٿا.] |
(56)
|
يکي
پيمانه خورده از مي صاف
شده زآن صوفي صافي ز اوصاف
|
[هو انهيءَ پاڪ صاف مي مان پيالو پيئن
ٿا، پر انهيءَ جي پيئڻ سان هو بلڪل
صاف صوفي ٿي نڪرن ٿا.] |
(57)
|
به جان خاک مزابل پاک رُفته
ز هرچه آن ديده از صد يک نگفته |
[هو جڏهن گندگيءَ سان ڀريل پنهنجا انگ
ڌوئي اڇا اُجرائين ٿا، ان دوران هو
جيڪي ڏسن ٿا ان بابت ذرو به نٿا
ٻڌائن.] |
(58)
|
گرفته دامن رندان خمار
ز شيخي و مريدي گشته بيزار
|
رکي صُحبت ۾ پنهنجي رِندَ مَيخوار
ٿيو پيرِي مَريديِ کان اُو بيزار
|
(59)
|
چه جاي زهد و
تقويٰ اين چه شيد است
چه شيخي و مريدي اين چه قيد است |
[هو زهد ۽ ظاهري پاڪائي کي کوٽ چون
ٿا. ائين پيري مريديءَ کي قيد وبند
سمجھن ٿا.] |
(60)
|
اگر روي تو باشد بر که و مه
بت و زنار و ترسائي ترا به
|
[جيڪڏهن تنهنجي نيڪ نگاھ هر ننڍي وڏي
شيءِ جي پرک رکي ٿي، ته پوءِ بُت توڻي
جڻيو ويندي عيسائيت (غير مذهب) ۾ تو
لاءِ چڱائي آهي.] |