سيڪشن: تصوف

ڪتاب: گلشن راز

باب:

صفحو:4 

 

هن جو اصل پارسي ڪتاب جنهن جو نالو مثنوي ’گلشن راز‘ آهي، سو تصوف جو تمام مشهور ڪتاب آهي ۽ مولانا جلال الدين رومي جي مثنويءَ وانگي هڪڙي سَنَد ليکيل آهي. انهيءَ ۾ تصوف ۽ توحيد جا باريڪ ۽ مشڪل مسئلا حل ٿيل آهن. مضمون جي ڪري اِهو ڪتاب ڪمياب، قيمتي، مشڪل ۽ عمدو آهي. ايم - اي جي امتحان لاءِ مقرر ڪيلن پارسي ڪتابن مان هڪڙو آهي. تصوف جي اُصولن بابت هڪڙو ننڍو ڪتاب مون اڳئي لکيو آهي. انهيءَ کان پوءِ هن جي پڙهڻ ۾ ڪا به مشڪلات نه ٿيندي. ترجمي ڪندي ڪي ٿورا بيت مون غير ضروري ڄاڻي ڇڏي ڏنا آهن، مگر جيڪو ضروري مضمون آهي سو سڀ مون آندو آهي. جيتوڻيڪ اصل مشڪل ڪتاب جي سمجھاڻي سليس سنڌي شعر ۾ ڏني وئي آهي ته به ڪي لفظ ۽ جملا اصل وارا اِصطلاحي ڄاڻي ڪم آندا ويا آهن. تنهنڪري انهن جي معنيٰ توڙي ٻين ڳالهين جي مختصر شرح به ڏني وئي آهي. هن ڪتاب جو مصنف مولانا سعدالدين محمود شبستري آهي. شبستر هڪڙو ڳوٺ آهي، جو ايران جي شهر تبريز کان اٽڪل ٻارهن ڪوهن تي آهي. هو ڄائو به اُتي ۽ مئو به اُتي. هي ڪتاب هن سنه 717ھ ۾ لکيو هو. خراسان جي ڪن بزرگن تصوف ۽ توحيد بابت قاصد جي هٿان ڪي سوال امير سيد حسيني ڏي موڪليا هئا. اِهو سيد شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جو خليفو هو، جو وري مشهور شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جو خليفو هو. انهيءَ سيد جي فرمائش موجب مولانا محمود شبستري انهن سوالن جا جواب شعر ۾ لکيا.

اشارو: جتي شعر ۾ ڪو لفظ وزن جي ڪري تڪڙو پڙهڻو ٿو ٿئي اُتي چٽائي لاءِ مٿان شدّ ڏني وئي آهي.

قليچ بيگ

          حيدرآباد

2 جمادي الثاني سنه 1331ھ

مطابق 10 مئي 1913ع

بسم الله

1 به نام آن که جان را فکرت آموخت

چراغ دل به نور جان برا فروخت

شروع ٿو آءٌ ڪريان نالي انهي جي
ڏني جنهن روشني روحاني دل کي
سيکاريئين روُح کي اوّل ڪرڻ فڪر
ٿئي علم ۽ عمل جو جنهن کان پوءِ ذڪر
2 ز فضلش هر دو عالم گشت روشن

ز فيضش خاک آدم گشت گلشن

انهيءَ جي فضل ٻئي عالَم ڪيا روشن
انهي جي فيض کان ٿي خاڪ گلشن

 

3 توانائي که در يک طرفة العين

ز کاف و نون برون آورد کونين

اُهو قادر، جنهين منجھ طرفته العين
ڪيو پيدا بنائي ڪُن مان ڪونَين

 

4 چو قاف قدرتش دم بر قلم زد

هزاران نقش بر لوحِ عدم زد

هنيون قدرت سندس دم جڏهن قلم تي
هزارين نقش ٿيا لوح عدم تي

 

5 از آن دم گشت پيدا هر دو عالم

و ز آن دم شد هويدا جانِ آدم

انهي دم کان ٿيو پيدا دو عالم
اُنهيءَ کان ٿي هويدا جانِ آدم

 

6 در آدم شد پديد اين عقل و تمييز

که تا دانست ازان اصل همه چيز

تميز ۽ عقل پوءِ آدم ۾ آيو
پيو ايئن معرفت جو اُن ۾ پايو

 

7 چو خود را ديد يک شخص معين

تفکر کرد تا خود چيستم من

ڏٺئين جڏهن هڪ معيّن شخص آهيان
ڪيئين تڏهن فڪر تا آءٌ پاڻ ڇاهيان

 

8 ز جزوي سوي کلي يک سفر کرد

وز آنجا باز بر عالم گذر کرد

تڏهن هن جُزوَ مان ڪُلَ ڏي سفر ڪيو

اُتان اُن موٽي عالم تي گُذر ڪيو

9 جهان را ديد امر اعتباري

چو واحد گشته در اعداد ساري

ڏٺئين عالم کي هڪ اَمر اعتباري
حقيقت هڪڙي سمجهيئن سڀ ۾
ساري
10 جهان امر وخلق از يک نفس شد

که هم آندم که آمد باز و پس شد

ٿيَس معلوم تڏهن ڪثرت ۾ وحدت
ڳڻڻ ۾ جيئن وجھي هڪڙو ٿو برڪت
11 ولي آن جايگه آمد شدن نيست

شدن چون بنگري جز آمدن نيست

[هن جاءِ (جھان) ۾ اچڻ وڃڻ آهي ئي ڪونه، جيڪڏهن تون وڃڻ جو تصور ڪرين ٿو ته اچڻ آهي ئي ڪونه!]

 

12 باصل خويش راجع گشت اشيا

همه يک چيز شد پنهان و پيدا

اصل ڏي سڀ شيُون جيئن موٽ کائِن
هَمہ ٿيو هڪ ۽ حق ظاهر ۽ باطن

 

13 تعالي الله قديمي کو به يک دم

کند آغاز و انجامِ دو عالم

[الله تعاليٰ جيڪو قديم (ازلي) آهي، هڪ لحظي ۾ ٻنهي جھانن کي وجود ۾ آڻي ٿو ته وري ان کي  معدوم (عدم) پڻ ڪري ٿو.]

 

14 جهان امر وخلق اينجا يکي شد

يکي بسيار و بسيار اندکي شد

اندر ٻاهر ٿيو عالم ۾ ڄڻو هڪ
ٿيو هڪڙو گھڻو ۽ ٿيو گھڻو هِڪ

 

15 همه از وهم تُست اين صورت غير

که نقطه دايره ست از سرعت سير

ٿيو هي وهم کان صورت ۾ سڀ غير
ٿو نقطو دائِرو ٿئي تيز منجھ سَير

 

16 يکي خطّست از اول تا بآخر

بر او خلق جهان گشته مسافر

آهي هڪ خط ڪڍيل اوّل کان آخر
سڄي خلق آهي نِت ان تي مسافر

 

17 درين ره انبيا چون ساربانند

دليل و رهنماي کاروانند

سڀن جي انبياء ڪن پيشوائي
سفر ۾ قافلي جي رهنمائي

 

18 وز ايشان سيّد ما گشته سالار

هم او اوّل هم او آخر درين کار

ٿيو سيّد اسان جو تن ۾ سردار
اوّل آخر ٿيو عالم جو مَهندار

 

19  احد در ميم احمد گشت ظاهر

درين دور آمد اوّل عين آخر

اَحد ٿيو ميمَ احمد جي ۾ ظاهر
ڦِري اَوّل اچي ٿيو عَين آخر

 

20  ز احمد تا احد يک ميم فرق است
 جهاني اندر آن يک ميم غرق است

ٿيو احمد احَدَ ۾ ميم هڪ فَرق
ٿيو اُن ميم ۾ عالم سڄو غرق

 

21 در او ختم آمده پايان اين راه
 بر او منزل شده
اَدعوا الي الله

[هن (محمد ﷺ) تي انهيءَ راھ (هدايت) جي پڄاڻي ٿي، انهيءَ ڪري کيس ’الله ڏي سڏڻ‘ جو حڪم نازل ٿيو.]

 

22 مقام دلگشايش جمع جمعست
 جمال جان فزايش شمع جمعست

ٿيا پوءِ اولياء اُن راھ تي جمع
ٿيو هڪ هڪ بدرجي جمع جي شمع

 

23  شده او پيش و دلها جمله در پي
 گرفته دست جانها دامنِ وي

[هو سڀني جو اڳواڻ بنيو ۽ ٻين سڀني جون دليون هن سان اٽڪيل آهن. هنن سندس دامن کي دل و جان سان پڪڙي جھليو آهي..]

 

24 درين ره اوليا باز از پس و پيش
 نشاني ميدهند ‌اند از منزلِ خويش

[انهيءَ راھ تي هلندڙ اڳين توڙي پوين اوليائن پنهنجي نموني ۾ منزل جو ڏس پتو ڏنو آهي.]

 

25 بحد خويش چون گشتند واقف

سخن گفتند در معروف و عارف

[اهي الله جا دوست جڏهن پنهنجو پاڻ کان واقف ٿيا، تڏهن هنن ٻڌايو ته عارف (سڃاڻندڙ) ڪير آهه معروف (سڃاڻپ وارو) ڪير آهي.]

 

26 يکي از بحر وحدت گفت انا الحق
 يکي از قُرب و بُعد و سير زورق

چيو هِڪَ، مَحو ٿي حق ۾، اَنا الحق
ڪيو ٻئي پاڻ کي حقَ تان تصدّق

 

27 يکي را علم ظاهر بود حاصل
 نشاني داده از خشکي ساحل

[هڪڙو جنهن کي فقط ظاهري علم حاصل هو، تنهن رڳو خشڪيءَ تي هلڻ جون خبرون ڏنيون ۽ ان بابت ٻڌايو.]

 

28 يکي گوهر بر آورد و هدف شد
 يکي بگذاشت آن نزد صدف شد

[ٻيو جيڪو موتي ڳولي آيو ته ان سان حسد ڪيو ويو، ليڪن جيڪو ان جي ويجھو نه ويو اهو موتي (مقصد) سان ويجھو ٿيو.]

 

29 يکي در جزو و کلّ گفت اين سخن باز
 يکي کرد از قديم و محدث آغاز

ڏيکاريو جُزوَ ۾ هڪڙي اچي ڪُلُ
قديم ۽ مُحدث اندر ٻِئي وڌو هُلُ

 

30  يکي از زلف و خال و خطّ بيان کرد

شراب و شمع و شاهد را عيان کرد

پڙهي هڪُ زلفَ خال ۽ خط جي ٻاڻي
شراب ۽ شمع شاهد جي ڪهاڻي

 

31 يکي از هستي خود گفت و پندار
 يکي مستغرق بُت گشت و زنار

[هڪڙا پاڻ کي ڀانئڻ ۾ لڳي ويا ۽ اهڙي گفتگو ڪيائون، ٻيا وري بُتن ۾ گم ٿي ويا ۽ جڻيو ٻڌي ڇڏيائون.]

 

32 سخنها چون بوفق منزل افتاد
 در افهامِ خلايق مشکل افتاد

ڪئي هر هڪ جُدا اِت پنهنجي منزل
جدا ٻولي سنديَن سمجھڻ ٿي مشڪل

 

33

کسي کو اندرين معني است حيران
 ضرورت مي شود دانستن آن

ڏيڻ سَمجھاڻي تن جي آهي بهتر
سوالن ۽ جوابن سان چڱي پَر

 

سبب نظم کتاب

ڪتاب جي لکڻ جو سبب

(34)            

 گذشته هفت و ده از هفتصد سال
 ز هجرت ناگهان در ماه شوال

 

[ست صديون ۽ سترهن سال هجرت نبويءَ کي گذري چڪا هئا ۽ اهو شوال جو مهينو هو.]

 

(35)            

 رسولي با هزاران لطف و احسان
 رسيد از خدمت اهل خراسان

 

[تڏهن هڪڙو مهربان قاصد خراسان ملڪ مان خط کڻي اچي پهتو.]

(36)            

 بزرگي کاندر آنجا هست مشهور
 باقسام هنر چون چشمئه نور

 

[انهيءَ ملڪ ۾ هڪڙو مشهور بزرگ رهندڙ هو، جيڪو ڪيترين ڳالهين ۾ روشنيءَ جي مينار وانگر هو.]

 

(37)            

 همه اهل خراسان از که و مه
 جهاني معني اندر لفظ اندک

 

[انهيءَ زماني ۾ خراسان جو هر ننڍو وڏو شهري ان جي نيڪي ۽ بزرگيءَ جا ڳُڻ ڳائيندو هو.]

 

(38)            

 نوشته نامه‌ اي در بابِ معني
 فرستاده بر اربابِ معني

 

[هن جي طرفان نهايت معنيٰ خيز لکيل خط مليو، جيڪو ڳوڙهي معنيٰ سمجھندڙن ڏانهن مخاطب هو.]

(39)            

 در آنجا مشکلي چند از عبارات
 ز مشکلهايي اربابِ اشارات

 

[انهيءَ خط ۾ اهڙين مشڪل عبارتن ۽ اصطلاحن جي سمجهاڻي پڇي وئي هئي، جيڪا فقط اهلِ دل سمجهڻ وارا هئا.]

(40)            

 بنظم آورده و پرسيده يکيک
 درين عصر از همه گفتند او به

 

[هن نظم ۾ هڪ هڪ سوال ڪري پڇيل هو، هر هڪ لفظ ۾ وڏي معنيٰ جو جھان سمايل هو.]

(41)             

 رسول آن نامه چون برخواند ناگاه
 فتاد احوال آن حالي در افواه


 

[جڏهن ان قاصد جو آندل اهو خط کولي پڙهڻ لڳا ته ٻُڌندڙ سڀئي حيراني مان هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا.]

(42)            

 در آن مجلس عزيزان جمله حاضر
  بدين درويش هر يک گشته ناظر

 

[انهيءَ مجلس ۾ جيڪي حضرات ويٺل هئا، سي سڀئي اتي ويٺل هڪ درويش ڏانهن ڏسڻ لڳا.]

 

(43)            

 يکي کو بود مرد کار ديده
 ز ما صد بار اين معني شنيده

 

[اهو پير مرد داناءُ انسان هو، جيڪو اڪثر مون کان اهڙا سوال پڇندو رهندو هو.]

(44)            

 مرا گفتا جوابي گوئي در دم
 کز آنجا نفع گيرند اهل عالم

 

[اهو تڏهن يڪدم مون کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته آءٌ انهن جا جواب ڏيان ته جيئن سموري جھان وارن کي ان جو فائدو پهچي.]

 

(45)            

 بدو گفتم چه حاجت کين مسائل
 نوشتم بارها اندر رسائل

 

[مون ان کي جواب ڏنو ته ڪهڙي ضرورت مون اهڙن سوالن جي باري ۾ ڪيترا رسالا لکيا آهن.]

 

(46)            

 بلي گفتا ولي بر وفق مسؤل
 ز تو منظوم مي ‌داريم مامول

 

[ان تي اهو شخص چوڻ لڳو ته جڏهن ڪو سوالي آيو آهي ته، اهو بهتر ٿيندو ته توهان ان جو جواب نظم ۾ لکو.]

(47)            

 پس از الحاح ايشان کردم آغاز
 جواب نامه در الفاظ ايجاز

 

[مطلب انهن جي چوڻ تي مون قلم هٿ ۾ کنيو ۽ مختصر نموني خط جو جواب لکڻ شروع ڪيم.]

 

(48)            

 به يک لحظه ميان جمع احرار
 بگفتم اين سخن بي ‌فکر و تکرار

 

[بلڪ انهيءَ وقت انهن سڀني حاضرينن جي آڏو مون کي جيئن ذهن ۾ ايندو ويو تيئن کين ٻڌائيندو ويس.]

 

(49)            

 کنون از لطف و احساني که دارند
 ز ما اين خُرده گيهاي در گذارند

 

[منهنجو خيال آهي ته اُهي سڀ جنهن سٺي روش جو مظاهرو ڪري رهيا هئا، منهنجي ڪمين ڪوتاهين کي نظر انداز ڪندا.]

(50)            

 همه دانند کين کس در همه عمر
 نکرده هيچ قصد گفتن شعر

 

[سڀني کي خبر آهي ته سموري حياتيءَ ۾ آءٌ ڪڏهن شعر جي ويجھو نه ويو آهيان.]

(51)             

 بر آن طبعم اگرچه بود قادر
 ولي گفتن نبود الا به نادر

 

[جيتوڻيڪ آءٌ شعر چوڻ تي قادر هوس، ليڪن مون ورلي شعر چيو هوندو!]

(52)            

 ز نثر ارچه کتب بسيار مي‌ساخت
 بنظم مثنوي هرگز نپرداخت

 

[مون نثر ۾ گهڻو ڪجھه لکيو هو، پر ڪڏهن به مثنويءَ جھڙي نظم ۾ طبع آزمائي نه ڪئي هيم.]

 

(53)            

 عروض و قافيه معني نسنجد
 بهر ظرفي دُر معني نگنجد

 

[قافيه ۽ عروض سان ڪهڙي معنيٰ ادا ڪري سگهجي ٿي، ڇو ته ان بندش سان معنيٰ جا موتي هٿ اچي نه سگهندا.]

 

(54)            

 معاني هرگز اندر حرف نآيد
 که بحر قلزم اندر ظرف نآيد

 

[اصل معنيٰ تائين پهچڻ لاءِ الفاظ ساٿ ڪونه ٿا ڏين، اهو ائين آهي جيئن سمنڊ کي ڪنهن ٿانءَ يا برتن ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪجي.]

 

(55)            

 چو ما از طرف خود در تنگنايم
 چرا چيزي دگر بر خود فزايم

 

[جڏهن اسان پهريائين اهو مفهوم ادا ڪرڻ کان قاصر آهيون ته پوءِ ڇو وڌيڪ شعر جي مصيبت ۾ هٿ وجھون.]

(56)            

 نه فخرست اين سخن کز باب شکرست
 به نزد اهل دل تمهيد عذرست

 

[بهرحال مون کي ان تي ڪو فخر ناهي بلڪ شڪر، ان تي راز جي واقفن وٽ اهو هڪ عذر عرض ڪريان ٿو.]

 

(57)            

 مرا از شاعري خود عار نآيد
 که در صد قرن چون عطار نآيد

 

[مون کي پنهنجي هن قسم جي شاعريءَ تي ڪا گهٽتائي محسوس ڪونه ٿي ٿئي، ڇو ته هونئن به عطار جھڙا وڏا شاعر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن.]

 

(58)            

 اگرچه زين نمط صد عالم اسرار
 بود يک شمه از دکان عطار

 

[آءٌ هن قسم جي شاعريءَ ۾ ڪهڙا به راز کڻي سموهيان، پر آءٌ سمجھان ٿو ته اهي عطار جي هڪ چپٽيءَ برابر به ناهن.]

 

(59)            

 ولي اين بر سبيل اتفاقست
 نه چون ديو از فرشته استراقست

 

[مون جيڪي چيو آهي اهو اتفاق سان ٻئي ڪنهن سان ملي پوي ته ٻي ڳالھه آهي، باقي نقل کي آءٌ چوري ۽ شيطاني فعل چوان ٿو.]

 

(60)            

 علي الجمله جواب نامه در دم
 نوشتم يک بيک نه بيش نه کم


 

[بهرحال خط ۾ آيل سڀني سوالن جا جواب مون ٿڏي تي لکرايا ۽ انهن ۾ گهٽ وڌائي ڪونه ڪئي.]

(61)             

 رسول آن نامه را بستد باعزاز
 وز آن راهي که آمد باز شد باز

 

[آخر اهو قاصد منهنجو لکيل جواب کڻي، ان طرف روانو ٿيو جتان آيو هو.]

(62)            

 دگر باره عزيزي کار فرمايي
 مرا گفتا بر آن چيزي بيفزايي

 

[ان کان پوءِ منهنجو هڪ دوست ان باري ۾ وڌيڪ لکڻ جي فرمائش ڪندو رهيو.]

(63)            

 همان معني که گفتي در بيان آر
 ز عين علم با عين عيان آر

[هن جو مطلب هو ته ان جي مفهوم کي وڌيڪ کولي بيان ڪريان ته جيئن سڀني جي علم ۾ پورو پورو اضافو ٿئي.]

 

(64)            

 نمي ديدم در اوقات آن مجالي
 که پردازم بدو از ذوق حالي

 

[ليڪن ان کان بعد ايتري همت ڪونه ٻڌم ته هر حال ۽ ان جي لذت جي جدا جدا سمجھاڻي ڏئي سگهان.]

(65)            

 که وصف آن به گفت وگو محال ست
 که صاحب حال داند آن چه حال ست

 

[اهو ان ڪري به ڇاڪاڻ ته انهن جي حال جي باري ۾ گفتگو ڪرڻ مشڪل آهي، اهو فقط صاحبِ حال کي معلوم آهي ته حال ڇا آهي؟]

 

(66)            

ولي بر وفق قول قائلِ دين
 نکردم ردّ سؤال سائلِ دين

 

[بهرحال ان ديني نصيحت مطابق ته سائل جي سوال کي رد نه ڪجي، مون وس آهر ڪوشش ڪئي آهي.]

 

(67)            

 ولي تا خود شود روشن ‌تر اسرار
 در آمد طوطي نطقم به گفتار

 

[انهيءَ لحاظ سان ته معنيٰ ۽ مفهوم وڌيڪ روشن ٿئي، مون پنهنجي زبان کي حتي المقدور ڪم آندو آهي.]

 

(68)            

 بعونِ فضل و توفيق خداوند
 بگفتم جمله را در ساعتي چند

 

[خدا جي فضل ۽ مهربانيءَ سان مون جيڪي ڪجھه چيو آهي، ان ۾ ڪو گهڻو وقت ڪونه لڳو اٿم.]

 

(69)            

 دل از حضرت چو نام نامه درخواست
 جواب آمد به دل کين گلشن ماست

 

[جڏهن منهنجي دل خدا جي حضور ۾ ان جي نالي لاءِ رجوع ڪيو ته دل ۾ جواب آيو ته اهو اسان جي ‘گلشن يعني باغ’ وانگر آهي.]

(70)            

چو حضرت کرد نام نامه گلشن
 شود زو چشم جانها جمله روشن


 

[جڏهن مالڪ پاڻ ان جو نالو ’گلشن‘ رکڻ فرمايو ته پوءِ پڪ ان سان سڀني جون دليون منور ٿينديون.]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org