سنڌ ۾ ٻارهين/ارڙهين صديءَ اندر شاھ عبداللطيف جو
ننڍو همعصر ۽ نقشبندي سلسلي جو ممتاز رهنما خواجه
محمد زمان لواريءَ (1188/1775) وارو آهي. مستند
روايت موجب ٻنهي جي ملاقات به ٿي هئي. خواجه صاحب
جا سنڌي زبان ۾ چوراسي عارفانه بيت موجود آهن جن
جو عالمانه شرح سندس عالم فاضل مريد وقت جي وڏي
صوفي عبدالرحيم گرهوڙي (1192/1778) عربيءَ ۾ لکيو.
خواجه صاحب جو نقشبندي سلسلي ۾ چئن واسطن سان
خواجه محمد سعيد سرهندي ۽ ٽن واسطن سان خواجه محمد
معصوم سرهندي يعني مجدد الف ثانيءَ جي پٽن سان
واسطو ثابت ٿئي ٿو. خواجه صاحب جا اهي چوراسي بيت
صوفي فڪر ۽ عرفان جو اعليٰ نمونو آهن جن مان سندس
علمي ۽ روحاني حيثيت جو پتو پوي ٿو. جيئن ته هن
کان اڳ اسان ’مڪمل شرح ابيات سنڌي‘ جي مقدمي ۾
خواجه صاحب جي فڪر تي تفصيلي روشني وڌي آهي، ان
ڪري هتي صرف انهن بيتن تي اڪتفا ڪنداسين جيڪي
’گلشن راز‘ جي بيتن سان وڌ ۾ وڌ هڪجھڙائي رکن ٿا
يا ان کان سڌوسنئون استفادي طور موجود آهن.
گلشن راز جي صاحب نبي ڪريم ﷺ جي باري ۾ هڪ هنڌ
”جمع الجوامع“ جو اصطلاح استعمال ڪيو آهي:
مقام دلگشايش جمع جمع است
جمال جان فزايش شمع جمع است
[بيت:22]
معنيٰ: هن (محمد ﷺ) جو محبوب مقام جمع الجمع آهي.
هن جي دلين کي لڀائيندڙ سونهن محفل ۾ روشن شمع
وانگر آهي.
خواجه صاحب انهيءَ خيال کي جامع جي استعاري سان هن
ريت بيان ڪيو آهي:
عَجَبَ جَھڙِي آھِ، حَقِيقَتَ حَبِيبَ جي،
نَڪِي چَئِبو سو ڌڻي، نَڪِي مَخلُوقا،
شَفقَ جي سَاڃَاءِ، جامِعُ لِيلَ نَهارَ کي.
[بيت:60]
گلشن راز ۽ خواجه صاحب جي بيتن ۾ گهڻي ڀاڱي ساڳيا
اصطلاح ساڳي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ استعمال ٿيل آهن.
جھڙوڪ وجود ۽ عدم، وجوب ۽ امڪان، عين ۽ غين، نفي ۽
اثبات، ڪفر ۽ اسلام، عارف ۽ معروف، ڪل ۽ جُز، قديم
۽ حادث، جوهر ۽ عرض، شراب ۽ شاهد، صورت ۽ معنيٰ،
انا الحق جي سمجھاڻي وغيره.
خواجه صاحب جو بيت آهي:
جانسـٖـين پَسـٖـين پاڻُ، تانسِين مِهۡتِ مَڙهِي،
جو لٿو اِيءُ گُمانُ، ته مَڙهِيائي مِهۡتِ ٿي.
[بيت: 10]
’گلشن راز‘ وارو چوي ٿو:
من تو چون نماند درميانه
چه مسجد چه کنش چه ديرخانه
[بيت: 306]
هڪ ٻيو شعر هن ريت آهي:
ترا تا در نظر اغيار و غير است
اگر در مسجدي آن عين دير است
[بيت: 962]
يا
چو برخيزد ز پيشت کسوت غير
شود بهر تو مسجد صورت دير
[بيت:963]
خواجه صاحب جو ان مفهوم سان هي بيت ملي ٿو:
قِبلو قُلُوبَنِ جو، سَڀَتِ حاضِرُ هوءِ،
پَرو جَنِ کي پوءِ، مَڙهِي تَنِ مِهۡتِ ٿِي.
[بيت:82]
’گلشن راز‘ ۾ هڪ شعر هن ريت آهي:
ترا تا کوه هستي پيش باقي است
جواب لفظ
’ارني‘
’لن
تراني‘
است
[بيت:194]
ساڳيو خيال سلطان الاوليا جي هيٺين بيت ۾ آيل آهي:
جَبَلُ اوڏو آھِ، جي ٿِئي قَرارِي ڪِينَ ۾،
ته مُحِبَّ، مُوسيٰ گھاءِ، هُندَ پَسِي ڪِرِين
پَٽَ ۾.
[بيت:38]
خواجه صاحب ڪل ۽ جُز جي باري ۾ چوي ٿو:
اُسـَـرُ اُڀَـــنِ ڏَانھ، مَڇُڻ رَهين رُڃَ ۾،
جُزيٖ جائِزُ ناھِ، ڪُلَّ ريءَ ڪَٽِڻُ ڏِينهڙا.
[بيت:43]
’گلشن راز‘ ۾ وري انهيءَ سفر جي نشاندهي هن ريت
ملي ٿي:
زجزوي سوي کلي يک سفر کرد
وز آنجا باز بر عالم گذر کرد
کسي اين سرشناسد کو گذر کرد
ز جُزوي سوي کلي يک سفر کرد
[بيت:312]
خواجه صاحب جو هڪ بيت هن ريت آهي:
لنگھي خُوءِ خَيالَ، پَوءُ پَراهِين ڏِيھَ ۾،
ڇَڏِي مُلڪَ مِثالَ، سِهۡدو ٿِيءُ صَرِيحَ سِين.
[بيت:47]
’گلشن راز‘ ۾ اهو خيال هن ريت بيان ٿيل آهي:
وز و چون بگذري هنگام فکرت
بود نام وي اندر عرف عبرت
خواجه صاحب جو هڪ بيت هن طرح آهي:
مَاهَيتَ مِينهَن نه پوءِ، قُلّزُمَ اَندَرِ
قَطري،
مگر وَڃِي سوءِ، جَڳُ ڇَڏِي جَالارَ ۾.
[بيت:64]
’گلشن راز‘ وارو اهو خيال هيئن پيش ڪري ٿو:
اگر يک قطره را دل بر شکافي
برون آيد از او صد بحر صافي
[بيت: 147]
خواجه صاحب جو بيت آهي:
اَندَرِ اَنڌِي آرسِي کي، مُنهَن ڏُانهن ڪَٽُ نه
آھِ،
آرسِي کي آھِ، واهِيپو وِيسارَ سِين.
[بيت:66]
’گلشن راز‘ ۾ بلڪل ساڳيو خيال هن ريت موجود ملي
ٿو:
چو پشت آئينه باشد مکدر
نمايد روي شخص از روي ديگر
[بيت: 266]
خواجه صاحب جو هي بيت ڏسو:
ڀِينرُ! هن ڀَنڀورَ ۾ دوزخَ جو دُونهُون،
سَوارو سُونهون، پُڇِي ڪاهِيو ڪيچَ ڏي.
[بيت:32]
’گلشن راز‘ ۾ اهو خيال هن ريت موجود آهي:
مسافر آن بود کو بگذرد زود
ز خود صافي شود چون آتش از دود
[بيت:316]
خواجه صاحب جو هي بيت ملاحظو ڪريو:
ڇَڏِي وَيڙِھ وُجُودَ جي، اُسَرُ اَقصيٰ ڏانھ
سرحد اُتي شاھُ، مُحمّد مِڙئو ربّ کي.
[بيت:48]
’گلشن راز‘ ۾ ساڳي معنيٰ وارو شعر ڏسو:
دهد يکباره هستي را به تاراج
در آيد از پي احمد به معراج
[بيت: 338]
منصور حلاج جي نعري انا الحق جي باري ۾ خواجه صاحب
جا هيٺيان ٽي بيت ملن ٿا:
سَڀَتِ پَچَرَ پِرينءَ جي، سَڀَتِ هُوتَ حُضُورُ،
مُلڪُ سَڀُ مَنصُورُ، ڪُهِي ڪُهِبا ڪِيترا.
[بيت:16]
سَاجَنَ جي سِڪَ رِي، ڪنهن نه ڪاڍو ڪِيڏَهِمۡ،
پُڇِئمِ پيرَ ڀَري تَان چَوڏِسِ مُنهن مَنصُورَ
جو.
[بيت:27]
سَرتِيُون! سُٽُ ڪَپاھُ، مَارِهو مَ مَنصُورَ کي،
ٿي تَرڪِيبَ تَباھُ، وَحدَتَ وائِي وات ۾.
[بيت:75]
هاڻي ’گلشن راز‘ جا هي اشعار ملاحظه ڪريو:
همه ذرات عالم همچو منصور
تو خواهي مست گيرو خواه مخمور
چو کردي خويشتن را پنبهکاري
تو هم حلاج وار اين دم برآري
برآور پنبئه پندارت از گوش
نداي
’واحد
القهار‘
بينوش
روا باشد انا الله از درختي
چرا نبود روا از نيک بختي
من و ما و تو او هست يک چيز
که در وحدت نباشد هيچ تمييز
هر آن کو خالي از چون و چرا شد
انا الحق اندر او صوت و صدا شد
[بيت:440 - 451]
خواجه صاحب جو بيت آهي:
جَنِين ڏِٺو پاڻُ، تَنِين ڏِٺو سُپِرين،
غَلَطِ اِيءُ گُمانُ، ته عَارِفُ پَسِي آرِسي.
[بيت:41]
’گلشن راز‘ جي هن شعر ۾ اهوئي مفهوم سمايل آهي:
نماند درميانه هيچ تمييز
شود معروف و عارف جمله يک چيز
[بيت 414]
خواجه صاحب جو بيت:
تُنهنجي واٽَ وُجُودُ، ٻَهرِ پُڇُ مَ پِيچَرا،
مِڙئو تَنِ مَعبُودُ، جي قَرِيي رهن ڪِينَ جي.
[بيت:42]
’گلشن راز‘ ۾ وري هن ريت آهي:
وجودش اندر اين عالم نيايد
برون رفت و دگر هرگز نيايد
[بيت 360]
خواجه صاحب جي هڪ بيت جي سٽ آهي:
ڇَڏِي عالَمُ اِمڪاني، وڃي رسُ وُجُوبَ کي.
[بيت:50]
’گلشن راز‘ ۾ آهي:
چو ممکن گرد امکان برفشاند
به جز واجب دگر چيزي نماند
[بيت: 471]
خواجه صاحب جي عارفانه بيتن ۾ پهريون بيت هن ريت
آهي:
جَڳُ تَنِين جي جاءِ، جَنِين ڇَڏِئو جَڳَ کي،
سَڀئي تو سِهداءِ، جي تو سِهدَ نه تَنِ سين.
[بيت:01]
هاڻي ’گلشن راز‘ جو هي شعر ڏسو ته اهو ساڳيو خيال
ڪيئن پيش ڪيو اٿس:
وصال حق ز خلقيت جدايي است
ز خود بيگانه گشتن آشنايي است
[بيت: 470]
’گلشن راز‘ جو هڪ بيت هن ريت آهي:
اگر يابي خلاص از نفس ناسوت
در آئي در جناب قدسي لاهوت
[بيت: 936]
خواجه صاحب وٽ اهو خيال هن ريت ملي ٿو:
قَالِبُ جَان ڪَثِيفُ، تَان جان جانِي نه مِڙي،
لـوچـي ٿِــيءُ لَـطِـيفُ، لَهوارو لاهُوت ڏي.
[بيت:7]
خواجه صاحب جو هي بيت ڏسو:
هُئَڻُ تو حِجابُ، لاھِ ته لَهِين سُپِرين،
’اَلصَّلواة مِنَ الصَّلا‘، کامِي ٿيءُ خرابُ،
جِسمِي دوزخَ دابُ، کلَ کانئي داخلي.
[بيت:51]
هن سلسلي ۾ ’گلشن راز‘ جا هي ٻه بيت ڏسو:
ترا غير از تو چيزي نيست در پيش
وليکن از وجود خود بينديش
[بيت: 524]
ترا از آتش دوزخ چه باک است
گر از هستي تن وجان تو پاک است
[بيت:522]
خواجه صاحب جو هڪ بيت هن ريت آهي:
مُوتي مَنجِھ اِنسانَ، عالَمَ ڪَنا اڳرو،
اُتاهُون عِرفانُ، جَنِ وِيتَر سي وِيتَرا.
[بيت:77]
’گلشن راز‘ جي هن شعر ۾ اهو ساڳيو مفهوم هن ريت
بيان ٿيل آهي:
صدف بشکن برون کن دُر شهوار
بيفگن پوست مغز نغز بردار
[بيت:578]
خواجه صاحب جو هيٺيون بيت ڏسو:
سَامِي ڪَنڌُ ڪَپَاءِ، ڪَنَ ڪپايا خَيۡرُڪِين،
هِيءَ تَنِين جي جاءِ، جَنِين ٻَئِي جَڳَ ڇَڏِئا.
[بيت:20]
هاڻي ’گلشن راز‘ وارو ڏسو ته ڇا ٿو چئي:
چو پير ما شو اندر کفر فردي
اگر مردي بده دل را به مردي
[بيت: 972]
يا هي بيت ڏسو:
دليران جهان آغشته در خون
تو سر پوشيده ننهي پاي بيرون
[بيت: 185]
صوفين لفظ ’ڪفر‘ کي خاص اصطلاح طور ڪم آندو آهي.
خواجه صاحب جا هڪ کان وڌيڪ بيت ان معنيٰ ۾ آهن.
جي ڪافرَ ٿِئا ڪُفرُ ڇَڏِي، سي هميشہ حَياتُ،
سي ڪِيئن مَرنِ ماتُ، جَنِين جَرمَرُ جانِ ۾.
[بيت:78]
هڪ ٻئي بيت جي سٽ آهي:
ڪَلِمو تِتِ ڪُفر ٿِئو، هوتُ جِتَهِم هوءِ
[بيت:54]
يا
ڪُفر ۽ اِسلامَ کان، لنگھي هوتُ لَڌونِ
[بيت:70]
’گلشن راز‘ وارو ان جي سمجھاڻي لاءِ وڌيڪ اسلام
مجازي ۽ ظاهري جا اصطلاح به آڻي ٿو:
ز اسلام مجازي گشت بيزار
کرا کفر حقيقت شد پديدار
[بيت:878]
درون هر تني جاني است پنهان
به زير کفر ايماني است پنهان
[بيت:879]
بباطن نفس تو چون هست کافر
مشو راضي به دين اسلام ظاهر
[بيت: 978]
اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترائي مثال پيش ڪري سگھجن ٿا. |