سيڪشن: تصوف

ڪتاب: گلشن راز

باب:

صفحو:8 

سوال پنجون

حاشيا ۽ شرح

 

412.        يعني اُهو عارف سڃاڻي ته وجود واحد مطلق آهي ۽ ٻيو ڪو به وجود ڪونهي ۽ جيڪي آهي سو انهي جو عڪس يا ڏيکاءُ آهي.

413.        يعني هيءَ معرفت ٻن رستن سان حاصل ٿي ٿئَي يعني دليل يقيني سان يا ڪشف سان، يعني عين اليقين ۽ حق اليقين سان عارف ٿيڻ.

414.        يعني پاڻ کان بيخود ٿي ته حق جي وحدت وجود تائين رسين.

416.        تون جو نڪرڻ يعني تعين، جو حجاب آهي، سو نڪرڻ يا خودي جو نڪرڻ.

419.        هي مقام محمدي آهي جو بقا بعد الفنا جو مرتبو آهي، بي يسمع ۽ بي يبصر مٿي آيو آهي.

422.       چار منع ڪندڙ يا روڪيندڙ شيون.

430.       ظاهري بدن جي پليتائي.

431.        جن جي هئڻ ڪري ماڻهو جانورن جي مثال آهي.

432.        دل جي پاڪائي غير کان.

433.        جڏهن حق کان سواءِ ٻيو ڪي به ڪينهي ۽ تفاوت رڳو تقّيد ۽ تعيّن جو آهي، تڏهن عارف ۽ معروف هڪ ٿيا ۽ هر هڪ محو فاني ٿيو.

 

 

سوال- ششم

سوال ڇهون

(1)     

اگر معروف و عارف ذات پاک است
چه سودا در سر اين مشت خاک است

 

جي ٿيا معروف عارف ذات هِڪ پاڪ
طلب ۾ ڇو رهي ٿي پوءِ هيءَ خاڪ؟

 

 

جواب

جواب

(2)    

مکن بر نعمت حق نا سپاسي
که تو حق را به نور حق شناسي

 

نه ٿي بي شڪر تون نعمت کان حق جي
سڃاڻين نورَ حق جي سان تُون حق کي

 

(3)    

جز او معروف و عارف نيست درياب
وليکن خاک مي يابد ز خور تاب

 

اُهو ئي عارف ۽ معروف آهي
مگر سڄ جو اثر ٿي خاڪ چاهي

 

(4)    

عجب نبود که دارد ذره اميد
هواي تاب مهر و نور خورشيد

 

ٿئي ذَرّي جي پُوري ڇو نه اميد
رسائي تنهن کي تاب ۽ نُور خورشيد

 

(5)    

به ياد آور مقام حال فطرت
کز آنجا باز داني اصل فکرت

 

[جڏهن تون پنهنجي فطري مقام ۽ حال کي ياد ڪندين، تڏهن تنهنجي فڪر ۽ سوچ ۾ اصل ڳالھه اچي ويندي.]

 

(6)    

الست بربکم ايزد چرا گفت
که بود آخر که آن ساعت
بليٰ گفت

 

’اَلَستَ بَرّبِکُمّ‘ ڪنهن کي خدا چيو؟
وراڻيءَ ۾ اُنهي دم ڪنهن ’بليٰ‘ چيو؟

 

(7)    

در آن روزي که گلها مي ‌سرشتند
به دل در فيضئه ايمان نوشتند

 

مِٽي جنهن ڏينهن آدم جي رِٿيائون
لِکيو ايمان جو اُن ۾ لِکيائون

 

(8)    

اگر آن نامه را يک ره بخواني
هر آن چيزي که  مي خواهي بداني

 

لکيو سو جيڪڏهن بَندا پڙهين تون
سڀئي ڄاڻين اُهو جيڪي گھُرين تون

 

(9)    

تو بستي عقد عهد بنده گي دوش
ولي کردي به ناداني فراموش

 

اَلستي عهد ڪيُئي جيڪو، نه پاريئي
ٿِي نادان، بندگي حق جي وساريئي

 

(10)             

کلام حق بدان گشته است منزل
که با يادت دهد آن عهد اول

[ڪلام اِلاهي جي نازل ٿيڻ جو اهوئي ڪارڻ آهي ته تو کي اهو پنهنجو اصلي ڪيل واعدو ياد اچڻ گهرجي.]

 

(11)  

اگر تو ديدهي حق را به آغاز
در اينجا هم تواني ديدنش باز

 

اَزل ۾ آهي جي حق کي ڏٺو تو
ته هِت پڻ تون ڏسي اُن کي سگھين ٿو

 

(12)             

صفاتش را ببين امروز اينجا
 که تا ذاتش تواني ديد فردا

 

تون ڪر ديدار اَن جو اڄ صفاتي
سڀاڻي ان جو ڪر ديدار ذاتي

 

(13)             

وگرنه رنج خود ضايع مگردان
برو بينوش
لايهدي ز قرآن

 

[ان ڪري تون پنهنجي محنت اجائي ضايع نه ڪر، تڏهن ته قرآن ۾ فرمايو ويو آهي ’لا تهدي‘ (تون هنن کي هدايت تي آڻي نٿو سگهين).]

 

 

تمثيل

مثال

(14)             

ندارد باورت اکمه ز الوان

اگر صد سال گوئي نقل و برهان

 

انڌي کي ڄائي ڄم کان ٿي اُونڌائي
رنگن جي اُن کي پوندي سُڌ نه ڪائي

 

(15)             

سفيد و زرد و سرخ و سبز و کاهي
به نزد او نباشد جز سياهي

 

[انڌي جي آڏو اڇو هجي يا پيلو، ڳاڙهو هجي يا گهٽ وڌ سائو، هن وٽ سڀئي ڪارنهن ۽ اونداهي آهن.]

(16)             

نگر تا کور مادرزاد بدحال
کجا بينا شود از کحل کحال

 

[ان ماءُ پيٽان ڄاول انڌي جي حال تي غور ڪر، اهو آخر ڪهڙي حاذق حڪيم جي سرمي سان سڄو ٿي سگهي ٿو!]

 

(17)             

خرد از ديدن احوال عقبيٰ
بود چون کور مادرزاد دنيا

 

ڏسي اِئين سگھندو آخر عقل عُقبيٰ
ڏسي جيئن ڪور مادرزاد دنيا

 

(18)             

وراي عقل طوري دارد انسان
که بشناسد بدان اسرار پنهان

 

رکي ٻيو رستو ماڻهو عقل ڌارا
ڏسي جنهن سان سگھي اِسرارَ سارا

 

(19)             

بسان آتش اندر سنگ و آهن
نهاده است ايزد اندر جان و در تن

 

ڳجھو سو جان تَن ۾ رب رکيو آھ
لِڪل جيئّن لوھ پاهڻ ۾ رهي باھ

 

(20)            

چو بر هم اوفتاد اين سنگ و آهن
ز نورش هر دو عالم گشت روشن

 

اُهي ٻيئَي جڏهن هڪٻئي سان ٺهڪن
تڏهن ٿئي هردو عالم تن مان روشن

 

(21)             

از آن مجموع پيدا گردد اين راز
چو بشنيدي برو خود را بپرداز

 

[انهن جي گڏجڻ ۽ ملڻ سان اهو راز ظاهر ٿئي ٿو، توکي پڪ نٿي اچي ته وڃ ۽ پنهنجو پاڻ تي اهو نسخو وڃي آزمائي ڏس.]

 

(22)            

توئي تو نسخئه نقش الاهي
بجو از خويش هر چيزي که خواهي

 

يقين نُسخو الاهي خود تُون آهين
لهين ڳولي اندر جيڪي تُون چاهين

 

 

سوال ڇهون

حاشيا ۽ شرح

 

434.       يعني آدم.

435.       يعني عالم يا اعيان ثابته جي ذري جي مثال آهن ۽ حق سج جي مثال آهي .

437.       اها وراڻي حقيقت انساني يا آدم جي اولاد ڏني.

438.       قرآن ۾ آهي ته أُولَئِكَ كَتَبَ فِي قُلُوبِهِمُ الْإِيمَانَ  (المجادلة:22)

444.       يعني اهو الست وارو عهد وجود علمي ۾ ڪيئَي مگر وجود عيني ۾ وساري ڇڏئي، تعين يا جسم جي حجاب ڪري.

447.       يعني آخرت جو احوال دنيا جو ماڻهو اهڙو ڏسي سگهندو جھڙو ڪو ڄائي ڄم کان انڌو ڏسي سگهي، يعني عقل جي اتي جاءِ ڪانهي.

451.        اهو ٻيو رستو، جو ظاهري ۽ نظري عقل جو ناهي سو آهي ڪشف ۽ الهام جو، جو عشق دل جي صفائي ۽ عبادت ۽ سلوڪ ۽ مدامي توجھه سان حاصل ٿو ٿئَي ۽ جو نبيّن ۽ وليّن جو رستو آهي.

455.        من عرف نفسہ فقد عرف ربہ.

 

 

سوال - هفتم

سوال ستون

(23)            

کدامين نقطه را نطق است اناالحق
چه گوئي هرزه بود آن يا مزبق

 

سو آهي ڪير جو چئي ٿو ’اَنا الۡحق‘
چيو جنهن ايئن، سچو هو يا هو احمق؟

 

 

جواب

جواب

(24)            

انا الحق کشف اسرار است مطلق
بجز حق کيست تا گويد انا الحق

 

اَناَ اَلَحق سان کُلي ٿو سِرُّ مُطلقٰ
سو حق ري ڪير ٿيو، چئي جو اَناۡاَلحقَ؟

 

(25)            

همه ذرات عالم همچو منصور
تو خواهي مست گيرو خواه مخمور

 

آهن ذرّا سڀئي عالم جا منصُور
ڪڏهن تا مست بيخُود ڪڏهن مَخمُور

 

(26)            

در اين تسبيح و تهليلند دائم
بدين معني همي ‌باشند قائم

 

ٿي ايءَ تسبيح تَهلِيل اُن جي دائمِ
رهن ٿا نِت انهي معنيٰ سان قائمِ

 

(27)            

اگر خواهي که بر تو گردد آسان
و ان من شيء را يک ره فرو خوان

 

جي ڀانئين ٿئي اهو سڀ توتي آسان
’وَاِنۡ مِن شَيءِ يُسَبّحِ‘ پڙھ تُون قُرآن

 

(28)            

چو کردي خويشتن را پنبه‌کاري
تو هم حلاج وار اين دم برآري

 

پِڃين جي نفس، پنهنجو تُون ڪَپھ جيئن
ته پڻ حَلّاج وانگي تُون به چئين تيئن

 

(29)            

برآور پنبئه پندارت از گوش
نداي
واحد القهار بينوش

 

ڪپھ پندار جي ڪڍ پنهنجي ڪن مان
ندا ساڳي ٻُڌين هر شيءِ جي واتان

 

(30)            

ندا مي ‌آيد از حق بر دوامت
چرا گشتي تو موقوف قيامت

 

[حق جو آواز هر وقت پيو اچي پوءِ تون آخر ڇا لاءِ قيامت جي ڏينهن جي انتظار ۾ آهين.]

 

(31)             

در آ در وادي ايمن که ناگاه
درختي گويدت
اني انا الله

 

تُون آ منجھ وادي اَيمن ته ناگاھ
ٻُڌين ڪنهن وڻ منجھان ’اِنّي اَناالله‘

 

(32)            

روا باشد انا الله از درختي
چرا نبود روا از نيک ‌بختي

 

چئي وڻُ جي ’اَنا الله‘، ڇو روا ناھ
ته ڪو هڪ نيڪ ٻانهو چئي اَناالله؟

 

(33)            

هر آن کس را که اندر دل شکي نيست
  يقين داند که هستي جز يکي نيست

 

جنهين کي دل ۾ ايمان ۽ يقين آھ
سو ڄاڻي هڪڙي هستيءَ ري ٻيو ڪِين آھ

 

(34)            

انانيت بود حق را سزاوار
که هو غيبست و غائب وهم و پندار

 

انانِيّت اصل حق کي جُڳائي

جو حق حاضر ۽ هُو غائب چوائي

(35)            

جناب حضرت حق را دوئي نيست
در آن حضرت من و ما و توئي نيست

 

جناب حضرت حق کي دُوئي ناھ
سندس درگاھ ۾ مائي تُوئي ناھ

 

 

قاعده

قاعدو

(36)            

من و ما و تو او هست يک چيز
که در وحدت نباشد هيچ تمييز

 

آءٌ تون هُو، ٽئي هڪ چيز آهن
جو وحدت ۾ تفاوت ڪو نه ڀانئن

 

(37)            

هر آن کو خالي از چون و چرا شد
انا الحق اندر او صوت و صدا شد

 

ٿيو پاڻان جو خالي سڀ ڀڃي ساز
اَنا الحق جو ٻُڌي سو هردم آواز

 

(38)            

شود با وجه باقي غير هالک
يکي گردد سلوک و سير و سالک

 

ٿئي باقي سان گڏجي غير هالڪ
ٿين ٽئي هڪ، سُلوڪ ۽ سَير سَالِڪ

 

(39)            

حلول و اتحاد از غير خيزد
ولي وحدت همه از سير خيزد

 

حلول ۽ اِتّحاد آهن منجھان غَير
مگر وحدت ٿئي پيدا منجھان سَير

 

(40)            

تعين بود کز هستي جدا شد
 نه حق شد بنده نه بنده خدا شد

 

تعين هو جو هستي کان جُدا ٿيو
نه حقُ بندو نه بندو ئي خُدا ٿيو

 

(41)             

حلول و اتحاد اينجا محال است
که در وحدت دويي عين ضلال است

 

حُلول ۽ اِتحاد ايءَ ناهي حالت
جو وحدت ۾ دُوئي آهي ضَلالت

 

(42)            

وجود خلق و کثرت درنمود است
نه هرچه آن مينمايد عين بود است

 

هي مخلوقات ڪثرت منجھ وجود آھ
نه جيڪي ڏسجي ٿو سو عَين بُود آھ

 

 

تمثيل

مثال

(43)            

بنه آئينه‌ اي اندر برابر
در او بنگر ببين آن شخص ديگر

 

رکي آئينو ڏِس پنهنجي برابر
ٻيو ماڻهو ڏسين ٿو تنهن جي اندر

 

(44)            

يکي ره باز بين تا چيست آن عکس
نه اين است و نه آن پس کيست آن عکس

 

اهو عڪس آهي ڇا؟ ڪو ڦير آهي
نه هِي آهي نه هُو، ٻيو ڪير آهي؟

 

(45)            

چو من هستم به ذات خود تعين
نميدانم چه باشد سايئه من

 

بذاتٖ خُود جَڏهن آءٌ آهيان موجُود
نُمود آهي تڏهن اِيءُ پاڇو بي بُود

 

(46)            

عدم با هستي آخر چون شود ضم
نباشد نور و ظلمت هر دو با هم

 

ڪڏهن ٿئي ڪِين هستي نيستي گڏ
ٿئي ڪيئَن نُور ۽ ظُلمت ٻئي گڏ؟

 

(47)            

چو ماضي نيست مستقبل مه و سال
چه باشد غير ازين يک نقطئه حال

 

[ماضيءَ وانگر مستقبل جا وري ڪهڙا مهينا ۽ سال ٿيندا، اهو ٻيو ڪجھ ڪونهي فقط موجود (حال جو) نقطو آهي.]

 

(48)            

يکي نقطه اشت وهمي گشته ساري
تو او را نام کرده مهر جاري

آهي هڪ نقطو، ڏسجي ليڪ ساري
ڦُڙو تڪڙو ٿو ڏسجي نَهر جاري

(49)            

جز از من اندرين صحرا دگر نيست
بگو با من که تا صوت و صدا چيست

 

ٻيو ڪو ڪو نه سُڃ ۾، آءٌ ۽ واءُ
تڏهن چؤ مُون کي آهي ڇا هي پڙلاءُ؟

 

(50)            

عرض فانيست جوهر زو مرکب
بگو کي بود يا خود کو مرکب

 

[عرض هميشہ فاني آهي ۽ جوهر انهن جو مرڪب هوندو آهي، پوءِ اهو ڪيئن ٿو باقي رهي سگهي ۽ مرڪب ڪيئن ٿو بچي سگهي.]

 

(51)             

ز طول و عرض و ز عمق است اجسام
وجودي چون پديد آيد ز اعدام

 

[سڀ جسم ڊيگھه، ويڪر ۽ اونهائي جي ڪري وجود ۾ اچن ٿا، پوءِ اهو سمجھه ته عدم مان وجود ڪيئن پيدا ٿيو؟]

 

(52)            

ازين جنس است اصل جمله عالم
چو دانستي بيار ايمان فالزم

 

سڄو عالم اِنهي جو ٿيو نمونو
تون سمجھي ڪر سهي ايءُ سِرُّ اُونهو

 

(53)            

جز از حق نيست ديگر هستي الحق
  هوالحق گوي و گر خواهي انا الحق

 

جڏهن ٻي هستي حق ري ناهي اَلحق
وڻئي تئن چَؤ، هُوَ الحق يا اناالحق

 

(54)            

نمود وهمي از هستي جدا کن
  نه اي بيگانه خود را آشنا کن

 

نُمايش وهمي ۽ هستيءَ ۾ ڪر فرق
تون وٺ حق کي تعيّن ۾ نه ٿي غرق

 

 

سوال ستون

حاشيا ۽ شرح

 

458.       يعني بيشڪ سڀ اسرار کُلي پون ٿا.

459.       مستي پوري بيخودي، فنا ۽ سُڪر آهي ۽ مخموري يا خمار پوري بيخودي ناهي ۽ اُها شريعت ۽ طريقت ۾ منع ٿيل آهي. شاھه عبداللطيف ٿو چوي ته

سڀت پچار پرين جي سڀت هوت حضور،

مُلڪ مڙئي منصور، ڪهي ڪهندين ڪيترا.

460.       يعني سبحان الله ۽ لاالـٰہ الاالله چوڻ يعني سڀ ڪا شيءِ اناالحق پئَي چوي.

461.        وإِنْ مِنْ شَيْءٍ إِلَّا يُسَبِّحُ بِحَمْدِهِ  (بني سرائيل: 44) جي آيت مان به اهوئي مطلب ٿو نڪري ته سڀڪا شيءَ سبحان الله ۽ الحمد الله ٿي چوي.

462.       حلاج يعني ڪپھ پڃڻ وارو، لقب آهي منصور جو، جنهن اناالحق ٿي چيو.

470.       جيئَن حضرت موسيٰ (عليه السّلام) ٿي ٻڌو.

479.       يعني آءُ چوڻ يا اناالحق چوڻ حق کي جُڳائي جنهن کي هُو يا غائب سڏڻ مناسب ناهي جو حق هميشہ حاضر آهي.

480.       يعني آءٌ ۽ تون.

481.        يعني جڏهن تعيّن يا غير سڀ نڪري ويو ۽ وجود مطلق وڃي رهيو، تڏهن شين جي وچ ۾ تميز ۽ تفاوت سڀ نڪري ويو ۽ سڀ هڪ شيءِ ٿي پيون.

482.       حلول آهي حق جو غير يا ڪنهن ٻي شيءِ ۾ اچڻ ۽ اتحاد آهي ٻيءَ شيءِ سان گڏجي هڪ ٿي وڃڻ. اهي ٻئَي ڪفر آهن پر وحدت حقيقت ۾ غيريت جي اصل جاءِ ڪانهي. ٻي شيءِ اصل آهي ئي ڪانه سواءِ حق جي. دوئي جو نالو ئي ڪونهي. ضلالت يعني گمراهي ۽ سير ٻئي بيت ۾ ڪثرت ٿو ڏيکاري جنهن ۾ وحدت لڪل آهي.

483.       يعني ائين ناهي ته توکي ڪا هستي آهي سا ڇڏي پاڻ کي فاني ڪر. تو کي هستي اصلي ڪانهي. ائين ناهي ته حق بندو ٿيو يا بندو حق ٿيو. اهو ته حلول ۽ اتحاد آهي، پر وجود مطلق رڳو حق آهي ٻيو سڀ تعين آهي. اهو شمار ۾ نه آڻ ته پوءِ حق کان سواءِ ٻيو ڪي به ڪين رهندو.

484.       سڀ مخلوقات يا جيڪي ڏسجي ٿو سو وحدت يا وجود ۾ ڪثرت آهي ۽ انهي کي ڪا ذاتي هستي ڪانهي. هيٺ انهي جا ڪي مثال ٿو ڏئي.

486.       يعني اهو عڪس رڳو هڪڙي خيالي مثالي صورت آهي ۽ نمود بي بود آهي، ڏسجي ٿو مگر حقيقت ڪري آهي ڪي ڪين.

487.       يعني ٻه ضد گڏجي ڪين سگھندا.

488.       نمود وهمي يا تعين.


 

 

 

سوال - هشتم

سوال اٺون

(55)            

چرا مخلوق را گويند واصل
سلوک و سير او چون گشت حاصل

 

چون مخلوق سالڪ کي ڇو واصل
سلوڪ ۽ سير ڪينءَ ٿيو اُن کي حاصل؟

 

 

جواب

جواب

(56)            

وصال حق ز خلقيت جدايي است
ز خود بيگانه گشتن آشنايي است

 

وصالِ حق آهي خلقئَون جُدائي
ٿيڻ بيگانو پاڻئَون، آشنائي

 

(57)            

چو ممکن گرد امکان برفشاند
به جز واجب دگر چيزي نماند

 

آهي مُمڪنُ به هستيءَ وقت واجب
تعيّن سان عدم ۾ ٿئي ٿو غائب

 

(58)            

وجود هر دو عالم چون خيال است
که در وقت بقا عين زوال است

 

وجود ايئن هردو عالم جو خيال آھ
بقا جي وچ ۾ ڄڻ اُن کي زوال آھ

 

(59)            

نه مخلوق است آن کو گشت واصل
نگويد اين سخن را مرد کامل

 

نه ٿئي مخلوق هرگز حق سان واصل؟
عدم ساڪن کي ڪيئَن ٿئي سير حاصل

 

(60)            

عدم کي راه يابد اندر اين باب
چه نسبت خاک را با رب ارباب

 

[ڀلا، عدم آخر اُتي ڪيئن ٿو پهچي سگهي؟ مٽي يا خاڪ کي مالڪ ۽ حاڪم سان ڪهڙي نسبت ٿي سگهي ٿي؟]

 

(61)             

عدم چبود که با حق واصل آيد
وز او سير و سلوکي حاصل آيد

 

[عدم ڪير ٿيندو آهي جيڪو حق سان واصل ٿئي يا کيس سير ۽ سلوڪ حاصل ٿئي؟]

(62)            

اگر جانت شود زين معنيٰ آگاه
بگوئي در زمان استغفر الله

[جيڪڏهن تو کي اها ڳالھه سمجھ ۾ اچي وڃي ته جيڪر فوراً ان وقت ئي استغفر الله چئي ڇڏين.]

(63)            

تو معدوم و عدم پيوسته ساکن
به واجب کي رسد معدوم ممکن

 

[تون پاڻ معدوم آهين ۽ عدم جو ساڪن (رهندڙ) آهين، ان صورت ۾ معدوم ۽ ممڪن (جيڪو تون آهين) ڪيئن واجب کي پهچي سگهندو.]

 

(64)            

ندارد هيچ جوهر بي‌عرض عين
عرض چبود که لايبقي زمانين

 

[توکي خبر آهي ته عرض جوهر کان سواءِ قائم نٿو رهي سگهي، هوڏانهن عرض لاءِ چيو ويو آهي ته اهو ٻه گهڙيون باقي نٿو رهي سگهي.]

 

(65)            

حکيمي کاندر اين فن کرد تصنيف
به طول و عرض و عمقش کرد تعريف

 

آهي نِت جِسم عالم جوهر ۽ عرض
اُنهي کي طُول عَرض ۽ عُمق ٿّيو فرض

 

(66)            

هيولي چيست جز معدوم مطلق
که مي‌گردد بدو صورت محقق

 

مُرّڪب جسم ٿيو صورت هُيوليٰ
اُهي آهن سڀئي معدوم اَصلا

 

(67)            

چو صورت بي هيولي در قدم نيست
هيولي نيز بي او جز عدم نيست

 

حقيقت پنهنجي پڻ ڪر تون معلوم
نه موجود آهي ذاتي ۽ نه معدوم

 

(68)            

شده اجسام عالم زين دو معدوم
که جز معدوم از ايشان نيست معلوم

 

آهي ممڪن سِوا هستيءَ جي معدوم
نه هستي ٿئي ٿي ري امڪان معلوم

 

(69)            

ببين ماهيت را بي کم و بيش
نه معدوم و نه موجود است در خويش

 

[ان جي ماهيت کي گهٽ وڌائي کان سواءِ ڏسڻ سک، اهو اصل ۾ نه معدوم آهي نه موجود!]

 

(70)            

نظر کن در حقيقت سوي امکان
که بي‌ او هستي آمد عين نقصان

 

[تون اهڙيءَ طرح امڪان جي حقيقت تي به غور ڪر، ڇو ته ان کان سواءِ ڪنهن به هستيءَ جو هئڻ ممڪن ڪونهي.]

 

(71)             

وجود اندر کمال خويش ساري است
تعينها امور اعتباري است

 

وجود آهي سڄي عالم ۾ ساري

تعيّن اَمر آهي اِعتباري

 

(72)            

امور اعتباري نيست موجود
عدد بسيار و يک چيز است معدود

 

نه آهن اعتباري اَمر موجود
ڳڻڻ ۾ هڪ، هزار ۽ لک ٿئي زُود

 

(73)            

جهان را نيست هستي جز مجازي
  سراسر کار او لهو است و بازي

 

آهي عالم کي هستي، پر مجازي
حيواةُ الدّنيا آهي لَهو بازي

 

 

تمثيل در اطوار وجود

مثال

(74)            

بخاري مرتفع گردد ز دريا
به امر حق فرو آيد به صحرا

 

منجھان دريا بُخار اُڀ ڏي اُٿي ٿو
وري قدرت سان ڌرتي تي وسي ٿو

(75)            

شعاع آفتاب از چرخ چارم
فرو بارد شود ترکيب با هم

 

مٿان گرمي اچي سڄ جي انهي تي
وري اُٻَ ٿي اُٿي ڌرتيءَ تان اُڀُ ڏي

 

(76)            

کند گرمي دگر ره عزم بالا
در آويزد بدو آن آب دريا

 

[جڏهن سج کان مليل گرمي وري زمين کان مٿي وڃڻ لڳي ٿي، تڏهن سمنڊ مان اڀرندڙ بخار ان سان شامل ٿين ٿا.]

 

(77)            

چو بايشان شود خاک و هوا ضم
برون آيد نباتي سبز و خرّم

 

هَوا پاڻي مِٽي گرميءَ سان گڏجي
ٿئي ساوڪ، نباتي شڪل سڏجي

 

(78)            

غذاي جانور گردد به تبديل
خورد انسان و يابد باز تحليل

 

وري ساوڪ ۽ اوڀڙ کائي حيوان
وري حيوان کي کائي ٿو انسان

 

(79)            

شود يک نطفه و گردد در اطوار
وز آن انسان شود پيدا دگر بار

 

ڪري انسان پنهنجو نَسل پيدا
منجھس ٿئي رُوح حيواني هُويَدا

 

(80)            

چو نور نفس گويا در تن آمد
يکي جسم لطيف و روشن آمد

 

[جڏهن بدن ۾ نفس وارو نور داخل ٿئي ٿو، تڏهن لطيف ۽ روشن جسم جنم وٺي ٿو.]

 

(81)             

شود طفل و جوان و کهل و کمپير
بداند علم و راي و فهم و تدبير

 

بَدرجي ٿئي اهو طفل ۽ جوان پير
پِرائي علم عَقل ۽ فهم تدبير

 

(82)            

رسد آنگه اجل از حضرت پاک
رود پاکي به پاک خاک با خاک

 

اجلُ پوءِ موڪلي اُن ڏي ٿو رب پاڪ
وڃي ڏانهن پاڪ، پاڪ ۽ خاڪ ڏانهن خاڪ

 

(83)            

همه اجزاي عالم چون نباتند
که يک قطره ز درياي حياتند

 

نبات آهن جُزا عالم جا گويا
ڦُڙو هڪ ڄڻ منجھان وحدت جي دريا

 

(84)            

زمان چون بگذرد بروي شود باز
همه انجام ايشان همچو آغاز

ٿئي آغاز وانگي اُن جو انجام
گھڙي کن نيست جو ڄڻ هست ٿيو نام

(85)            

رود هر يک از ايشان سوي مرکز
که نگذارد طبيعت جوي مرکز

 

[انهن مان هر هڪ پنهنجي مرڪز يا اصل ڏانهن ڊوڙي ٿو، ڇو ته سندس مزاج مرڪز کان پري رهڻ نٿو ڏئي.]

 

(86)            

چو دريائي است وحدت ليک پر خون
کز او خيزد هزاران موج مجنون

 

[اهو وحدت جي رت سان وهندڙ درياءَ آهي، جنهن جي هر لهر منجھ هزارين قسم جا جنون سمايل آهن.]

(87)            

نگر تا قطره باران ز دريا
چگونه يافت چندين شکل و اسما

 

[اهو سمجھڻ جي ڪوشش ڪر ته آخر بارش جو هڪ قطرو درياءَ ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ ڪيترين صورتن ۽ نالن سان ظاهر ٿيو آهي.]

 

(88)            

بخار و آب و باران و نم و گل
نبات و جانور و انسانِ کامل

 

[اهوئي قطرو ٻاڦ، پاڻي، مينهُن، ماڪ ۽ مٽيءَ ۾ رلجي وڃي ٿو، تڏهن ان مان نباتات، حيوانات ۽ ڪامل انسان پرگهٽ ٿين ٿا.]

 

(89)            

همه يک قطره بود آخر در اول
کز او شد اين همه اشيا ممثل

 

[آخر شروع ۾ اهو هڪڙو قطرو ئي ته هيو، جيڪو پوءِ ايترين شين جي رنگ روپ ۾ سامهون اچي ٿو.]

 

(90)            

جهان از عقل و نفس و چرخ و اجرام
چو آن يک قطره دان ز آغاز و انجام

 

[ان صورت ۾ هي جھان جنهن ۾ عقل ۽ ساهوارا آهن ته آسماني جسم به آهن، انهن سڀني جي شروعات ۽ پڄاڻي ان قطري کان ٿئي ٿي.]

 

(91)             

اجل چون در رسد در چرخ و انجم
شود هستي همه در نيستي گم

 

[ليڪن جڏهن اصل يعني انهن جو مقرر وقت اچي پهچي ٿو، اهي ست افلاڪي جسم ۽ انهن جو وجود سڀ ختم ٿي وڃن ٿا.]

 

(92)            

چو موجي بر زند گردد جهان طمس
يقين گردد که اين لم تغن بالامس

 

ڪري ٿو مَوج وحدت جي نهايت
’کان لَم تَغۡن بِالاَمس‘ آهي آيت

 

(93)            

خيال از پيش برخيزد به يک بار
نماند غير حق در دار ديار

 

وڃي مرڪز ڏي موٽي نقطو هر هڪ
جُزي کي ڪُل جي، شيءِ کي اصل جي ڇِڪ

 

(94)            

ترا قربي شود آن لحظه حاصل
شوي بي تو توئي با دوست واصل

تڏهن ٿئي قُربُ حق جو توکي حاصل
ڇڏين جڏهن تُوئي، ٿين تنهن سان واصل

(95)            

وصال اين جاي گه رفع خيال است
چو غير از پيش برخيزد وصال است

 

وصال اصلي اِتي ٽارڻ خيال آھ
ٽريو جي خيال دل تان، پوءِ وصال آھ

 

(96)            

مگو ممکن ز حد خويش بگذشت
نه او واجب شد و نه واجب او گشت

 

ٿيو مُمڪن نه ڪنهن پر حد کان غائب
نه واجب مُمڪن ۽ مُمڪن نه واجب

 

(97)            

هر آن کو در معاني گشت فايق
نگويد کين بود قلب حقايق

 

[جيڪو به حقيقت جي تھ تائين پهچي ٿو، اهو ان کي حقيقت جي ڦير گهير هرگز نه چوندو.]

(98)            

هزاران نشاه داري خواجه در پيش
برو آمد شد خود را بينديش

ظَهورا ٿيا گھڻا ماڻهوءَ کي درپيش
ڪري اچُ وڃُ اڃا تن تي ڪم وبيش

 

(99)            

ز بحث جزو و کلّ نشأت انسان
 بگويم يک به يک پيدا و پنهان

جُڳائي اُن کي تِن سڀني جو ويچار
ٿئي معنيٰ حقيقت اُن تي اظهار

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org