سيڪشن: تصوف

ڪتاب: گلشن راز

باب:

صفحو:6 

سوال پهريون

حاشيا ۽ شرح

86.            هي آهي سير ڪشفي يعني تعينّات يا ڪثرت کان وجود مطلق يا واحد حقيقي ڏي وڃڻ. اهو ٿيو سالڪ جو وصال يا فنا في الله جو مقام. جيئن ڦڙو سمنڊ ۾ وڃي گڏجي.

88.            قلب يا دل يعني نفس ناطقه جنهن ۾ معنيٰ ڪا صورت وٺي ٿي، جنهن کي تصور ٿا چون. جڏهن پريائين ڪنهن نا معلوم شيءِ بابت دل ۾ تصور يا خيال ڪجي ٿو تڏهن انهيءَ کي تذڪر ٿو سڏجي يعني انهيءَ کي ياد ٿو ڪجي جا اصل معلوم هئي پر عدم جي ڪري وسري ويل هئي.

89.            جڏهن انهيءَ کان پوءِ انهيءَ خيال تي ويچار ڪجي ٿو ۽ انهيءَ طرح ترتيب وار منطق جي قاعدي موجب خيال ڪرڻ کي عبرت چون ٿا يعني عبور ڪرڻ يا لنگهي اڳڀرو يا مٿي وڃڻ.

90.            انهيءَ کان پوءِ تدبّر ڪرڻ سان تفڪّر حاصل ٿو ٿئي.

92.            مقدم ۽ تالي منطق جي علم ۾ ٻه خاص جملا يا ڪلام آهن جن مان ٽيون جملو يا ڪلام نڪرندو آهي، جنهن کي نتيجو چوندا آهن ۽ اِهو آهي استدلال يا حجت ۽ دليل جو رستو.

1.                  عصا يا لٺ جنهن سان حضرت موسيٰ (عليه السّلام) معجزو ڪندو هو. اُها آهي بجاءِ منطقي دليل جي ۽ وادي ايمن جو رستو آهي دل کي صفائي ۽ روح جي تجلي ته ڪشف جو نور اُن ۾ پيدا ٿئي. اُتي إِنِّي أَنَا اللَّهُ  (القصص:30) جو آواز حضرت موسيٰ (عليہ السلام) ٻڌو يعني تحقيق آءٌ خدا آهيان.

2.                 محقق اُهو ڪامل آهي جنهن کي شين جي اصل حقيقت جي پوري ڪشف ٿئي. انهن جا ڪي قول هي آهن: الحق محسوس والحق معقول، مارائيت شيئاَ الاورائيت الله قبله يا بعده يا معه يا فيه.

102.        فڪر يعني سير الي الله ۽ با الله ۽ في الله منحصر آهي، ظاهر جي تجريد ۽ باطن جي تفريد تي يعني الله کان سواءِ جيڪي آهي تنهن کان آزاد ٿيڻ. انهيءَ کان پوءِ ڪشف يا نور الاهي پيدا ٿيندو.

105.        امڪان يعني ممڪنات ۽ موجودات، جن مان دليل جي رستي حق يا واجب وجود جي ذات معلوم ڪن ٿا، جيئن حڪيم ۽ فيلسوف ڪندا آهن.

111.          حڪيمن جو قول آهي ته ”الاشياءِ انّما تبيّن باضدادها.“

113.         تمام گھڻي روشنائي ڪري شيءِ ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي ۽ لڪل رهندي آهي جيئن سج کي به ڏسي نه سگھبو آهي.

117.         فلسفي اُهو جو وجود جي ڪري ممڪن کي موجود ڄاڻي ۽ حلولي اهو، جو وسهي ته حق تعاليٰ ذات ۽ صفات سميت انسان ۾ آهي، پر اُهي ٻئي اجائي فضول عقل جي ڪري غلط آهن.

119.         تشبيھ ڏيڻ وارو يا مشبّھ اهو آهي جو حق کي جسم جھڙو ڄاڻندو آهي جو عرش تي بادشاھ وانگي ويٺو آهي ۽ تنزيھ وارو اُهو جو حق کي ڪثرت کان توڙي ٻين مخلوقات جي صفتن کان پاڪ ٿو ڄاڻي، اُهي ٻئي يڪ جسم آهن. جڏهن تشبيھ ۽ تنزيھ ٻئي گڏ ڪم آڻين، تڏهن ٻنهي اکين سان ڏسن ۽ انهن جون تجلّيون ۽ ظهورا معلوم ڪن.

120.        تناسخ آهي روح جو هڪڙي جسم مان نڪري وري ٻئي جسم ۾ ظاهر ٿيڻ.

121.         معتزله اُهي اسلامي فرقه وارا آهن جي چون ٿا ته سڀڪو ڪم ماڻهوءَ جي وس ۽ اختيار ۾ آهي ۽ خدا جي ديدار جا به منڪر آهن.

= متڪلم يا ڪلامي اُهي آهن جي ڪلام يا عقلي ۽ نقلي تقليد تي هلي ڪشف جي رستي وحدت حقيقي جو نور معلوم نه ڪري سگھن.

126.        جيڪي هو چون ٿا تنهن کان الله جو شان وڏو آهي.

 


 

 

دل چرخ از چه شد آخر پر آتش
ز شوق کيست آخر در کشاکش

 

[انهيءَ ايڏي آسمان جي دل ڇو ايڏي پريشان ٿي رهي، آخر ان کي ڪنهن جي تمنا ۽ شوق آهي ۽ ڪير کيس گهلي رهيو آهي.]

 

همه انجم برو گردان پياده
گهي بالا گهي شيب اوفتاده

 

[جيترا به ستارا آهن اهي پيرين پيادا پيا هلن ۽ ڦِرن، اهي ڪڏهن مٿي پيا گهمن ته ڪڏهن هيٺانهين ڏانهن پيا مڙن.]

 

عناصر آب و باد و آتش و خاک
گرفته جاي خود در زير افلاک

 

[چئن عناصرن باھه، پاڻي، هوا ۽ مٽي، سڀني افلاڪ جي هيٺان پنهنجي پنهنجي جاءِ والاري آهي.]

 

ملازم هر يکي در منزل خويش

که ننهد پاي يک لحظه پس و پيش

 

آهن اُن جي اڳيان سي سڀئي بي وس

رکن نه پير ذرّو پيش يا پَس

چهار اضداد در طبع و مراکز

به هم جمع آمده، کس ديده هرگز؟

ڪيئين گڏ چار ضِدَ، پوءِ ڪيائين تِن مان

جمادات ۽ نباتات اُن توّن حيوان

 

مخالف هر يکي در ذات و صورت
 شده يک چيز در حکم ضرورت

[انهن مان هر هڪ ٻئي کان شڪل ۽ صورت ۾ الڳ ۽ جدا آهي، پر ضرورت جي وقت ۽ حڪم تحت هڪ ٿي وڃن ٿا.]

 

مواليد سه گانه گشت ز ايشان
جماد آنگه نبات آنگاه حيوان

 

[انهن مان ئي ته مواليد ثلاثه يعني ٽئي اقسام جنم وٺن ٿا جمادات، نباتات ۽ حيوانات.]

هيولي را نهاده درميانه
ز صورت گشته فارغ صافينه

 

هيوُلي کي ڪيئين صُورت سندي جاءِ
ٻئي جوهر اهي ٿيا جسم جي لاءِ

 

همه از حکم و امر و داد داور
 به جاي استاده و گشته مسخر

 

[اهي سڀ انهيءَ حاڪم جو حڪم مڃي هڪ جاءِ تي بيهي رهن ٿا ۽ ان جي پوئواري ڪن ٿا.]

جماد از قهر بر خاک اوفتاده
نبات از مهر بر پاي ايستاده

 

[جمادات کي هن زبردست قوت سان ڌرتيءَ ۾ ڄمائي ڇڏيو آهي، نباتات کي وري پنهنجي مهربانيءَ سان پيرن تي بيهاري ڇڏيو اٿس.]

 

فزوع جانور از صدق و اخلاص
پي ابقاي نوع و جنس اشخاص

 

[هن ئي جانورن کي ميٺ محبت جھڙين خاصيتن سان نوازيو ته جيئن وڌن ۽ ويجھن ۽ پنهنجي جنس کي قائم رکن.]

همه بر حکم داور داده اقرار
مراورا روز و شب گشته طلبکار

 

[اهي سڀئي ان مالڪ ڪل جا حڪم بجا آڻين ٿا، بلڪ ڏينهن ۽ رات هن جي طلب ۾ رهن ٿا.]

 

قاعده الفکر في الانفس

پنهنجي اندر ۾ غور ڪرڻ

باصل خويش يک ره نيک بنگر
که مادر را پدر شد باز مادر

 

[ياد رک هڪ دفعو چڱيءَ طرح پنهنجي اصل تي غور ڪر ته تنهنجي ماءَ جو هڪ پيءُ هو ۽ ان جي وري هڪ ماءُ هئي.]

 

جهان را سر بسر در خويش مي‌ بين
هر آنچه آيد به آخر پيش مي بين

نهاري فِڪر سان ڏس اصل پنهنجو
سڄو عالم اچي تو ۾ سَمايو

 

در آخر گشت پيدا نفس آدم
طفيل ذات او شد هر دو عالم

 

[جيتوڻيڪ سڀني کان آخر ۾ آدم جي صورت پيدا ٿي، پر ٻئي جھان هن جي ڪري پيدا ٿيا.]

نه آخر علت غائي در آخر
همي گردد به ذات خويش ظاهر

 

تُون آهين عِلّتٖ غائي، جا آخر
اچي ٿي ذات پنهنجي ساڻُ ظاهر

 

ظلومي و جهولي ضد نورند
وليکن مظهر عين ظهورند

 

ظلوُمي ۽ جُهوليءَ جو ٿيو ضد نُور
مگر مَظهر اَمانت جو ٿيو مشهور

 

چو پشت آئينه باشد مکدر
نمايد روي شخص از روي ديگر

 

ٿِئي جڏهن آرسي جي پُٺِ ٿي ڪاريِ
تڏهن صورت انهي ۾ ڏئي ڏيکاري

 

شعاع آفتاب از چارم افلاک
نگردد منعکس جز بر سر خاک

 

اچي سڄ جو شُعاع چوٿين فلّڪ تان
پوي ٿو عڪس اُن جو پڻ مِٽيءَ مان

 

تو بودي عکس معبود ملائک
از آن گشتي تو مسجود ملائک

هُئين تو عڪس معبود ملائڪ
انهيءَ کان ٿئين تون مسجود ملائڪ

 

بود از هر تني پيش تو جاني
وز او در بسته با تو ريسماني

 

[تو کان اڳ ۾ جيڪو به ساهوارو هيو ان کي به ساڳيو ساھه هو، تڏهن ته هو تو لاءِ ڳانڍاپي جي صورت بنجي ٿو.]

 

از آن گشتند امرت را مسخر
که جان هر يکي در تست مضمر

 

سڀ ئي اِنڪري ٿيا تُنهنجا تابِع
جو موجودات سڀ جو ٿئين تون جامع

 

تو مغز عالمي زان در مياني
بدان خود را که تو جان جهاني

 

آهين تُون مغز عالَم جو خُلاصو
آهين تُون ساھ جڳ جو، روُح خاصو

 

ترا ربع شمالي گشت مسکن
که دل در جانب چپ باشد از تن

 

[انهيءَ ڪري تنهنجو مسڪن (رهڻ جو هنڌ) کاٻي يعني اتر طرف ٿيو، اهوئي سبب آهي جو دل به جسم ۾ کاٻي طرف آهي.]

 

جهان عقل و جان سرمايئه تست
زمين و آسمان سايئه تست

 

تُون جان ۽ عقل کان ٿئين سڀ جو سردار
زمين ۽ آسمان ٿيو تُنهنجو سِينگار

 

ببين آن نيستي کو عين هستي است
بلندي را نگر کو ذات پستي است

 

اها ڏس نيستي ٿي عين هستي
بُلندي ڏس اها ٿي ذات پستي

 

طبيعي قوّت تو ده هزار است
ارادي برتر از حد و شمار است

 

طبيعي قُوّتُون تُنهنجون ٿيون ڏَھ
ارادي ٿيُون هزارين بَل زياده

 

ازان هر يک شده موقوف آلات
ز اعضا و جوارح وز رباطات

 

تعلّق تن تي ٿيا آلات اوزار
عَرقَ عُضوا جوارِح، ٿيا جي درڪار

 

پزشکان اندرين گشتند حيران
فرو ماندند در تشريح انسان

 

حڪيم آهن انهي حِڪمت ۾ حيران
سو ڪيئن پنهنجي ڪري تشريح اِنسان

 

نبرده هيچ کس ره سوي اين کار
به عجز خويش هر يک کرده اقرار

 

[ڪنهن کي به پاڻ بابت پوري خبر اڃا تائين حاصل نه ٿي آهي، بلڪ هر ڪنهن پنهنجي عاجزيءَ يا ناڪام ٿيڻ جو اقرار ڪيو آهي.]

ز حق با هر يکي خطي و قسمي است
معاد و مبداء هر يک ز اسمي است

 

صفٰت حق جي جُدا هر هڪ سان منجھ قِسم
اَول آخر ٿّيو لاڳُو اُن سان هڪ اِسم

 

از آن اسمند موجودات قائم
بدان اسمند در تسبيح دائم

 

ٿي موجودات تن اسمن کان قائمِ
پڙهن تسبيح تن اسمن جي دائمِ

 

به مبدا هر يکي زان مصدري شد
به وقت بازگشتن چون دري شد

 

[ابتدا ۾ هر اسم انهيءَ جاءِ تان جاري ٿيو يا ان جي شروعات ٿي، واپسيءَ وقت به اهو ئي رستو کيس ڪم ايندو.]

بدان در کآمد اول هم بدر شد
وزان در معاش از دربدر شد

 

اچن جنهن در مان موٽي پڻ وڃن تِت
مگر ٿيا دربَدر ظاهر ۾ سڀ هت

 

از آن دانستهاي تو جمله اسما
که هستي صورت عکس مسما

 

انهي کان ڄاڻين تُون سڀ حق جا اَسما
جو آهين صُورتٖ عڪس مُسمّيٰ

 

ظهور قدرت و علم و ارادت
 به تست اي بنده صاحب سعادت

 

رکين ذاتي صفات اَسماء سڀئي تُون
ارادت، علم، قُدرت، وصفون حق جُون

 

سميعي و بصير، و حيّ و گويا
بقا داري نه از خود بلکه از آنجا

 

سميع آهين بَصير ۽ حَيُّ دانا
بقا ڪونَهي، مگر ٿَئي حق جي پارا

 

زهي اول که عين آخر آمد
زهي باطن که عين ظاهر آمد

 

عجب اوّل، ٿيو جو عين آخر
عجب باطن، ٿيو جو عينُ ظاهر

 

تو از خود روز و شب اندر گماني
همان بهتر که خود را مي‌ نداني

 

تون پنهنجو پاڻ ۾ جي شڪُ ٿو آڻين
ته بهتر پاڻ کي جي تُون نه ڄاڻِين

 

چو انجام تفکر شد تحير
در اينجا ختم شد بحث تفکر

 

تفڪّر جي پڇاڙي ٿي تحيُّر
پُڄايُم بَحث پنهنجو منجھ تفڪّر

 

سوال - دوم


سوال ٻيو

(1)     

کدامين فکر ما را شرط راه است
چرا گه طاعت و گاهي گناه است

 

تفڪّر ٿيو ضروري ڪهڙو منجھ راھ
ڪڏهن طاعت اهو ۽ ڪڏهن آھ گناھ

 

جواب

جواب

(2)    

در آلا فکر کردن شرط راه است
ولي در ذات حق محض گناه است
 

خُدا جي نعمتن تي مَرُ ڪجي فڪر
سندس اَسماء صفات اَفعال جو ذڪر
ضروري نِت اها طاعت جي راھ آھ
تفڪّر ذات حق جي ۾ گناھ آھ

 

(3)    

بود در ذات حق انديشه باطل
محال محض دان تحصيل حاصل

 

خُدا جي ذات ۾ فڪر آهي باطل
محال آهي ٿيڻ تحصيل حاصل

 

(4)    

چو آيات است روشن گشته از ذات
نگردد ذات او روشن ز آيات

 

ٿي موجوداتِ سڀ روشن منجھان ذاتِ
نشانيون ذات جُون سي حق جون آيات
ٿئي آيات مان ڪيئن ذات روشن
ڀلا ڪن سِڄ کي ڪيئن ذَرّات روشن
 

(5)    

همه عالم به نور اوست پيدا
کجا او گردد از عالم هويدا

 

هي عالم نُور مان ٿيو اُن جي پيدا
ڪِٿان پوءِ ٿئي سو عالم مان هُويَدا

 

(6)    

نگنجد نور ذات اندر مظاهر
 که سبحات جلالش هست قاهر

 

نه ماپي نُور ذاتي منجھ مَظاهر
جلاليّت انهي جي آهي ٻاهر

 

(7)    

رها کن عقل را با حق همي باش
که تاب خور ندارد چشم خفاش


 

ڏسي حق کي سگھي ڪيئن عقل وارو
ڏسي چمڙو سگھي ڪيئن سِڄ کي يارو

 

(8)    

در آن موضع که نور حق دليل است
چه جائي وگفت وگوئي جبرئيل است

 

جنهين هنڌ نُور حق جو ٿيو دليل آھ
اُتي بيوَس گھڻو خُود جبرئيل آھ

 

(9)    

فرشته گرچه دارد قرب درگاه
نگنجد در مقام
لي مع الله

 

ملائڪُ گرچه ماڻي قُربِ درگاھ
نه ماپي منجھ مقام ’لي مَعَ الله‘

 

(10)             

چو نور او فلک را پر بسوزد
خرد را جمله پا و سر بسوزد

 

ملَڪَ جا پَرَ ٿو اُن جو نور ساڙي
بشر جو عقلُ پهرئين پُور ساڙي

 

(11)  

بود نور خرد در ذات انور
به سان چشمِ سر در چشمه خور

 

ڏسي ڪيئن عقل حق نور ذاتي
سگھن سِڄ ۾ اکيون ڪيئن پائي جھاتي

 

(12)             

چو مبصر در بصر نزديک گردد
بصر ز ادراک او تاريک گردد

 

اکيون سِڄ ۾ کُپن جڏهين ٿيون ناگاھ
بدلجي روشني اُن جي ٿئي اُونداھ

 

(13)             

سياهي گر بداني نور ذات است
به تاريکي درون آب حيات است

 

آهي اونداھ ئي نور تابان
لڀي ظُلمات ۾ ٿو آب حيوان

 

(14)             

سيه جز قابض نور بصر نيست
نظر بگذار کين جاي نظر نيست

 

تجلّي هيءَ اکين جي لاءِ ناهي
نظر ڇڏ، هي نظر جي جاءِ ناهي

 

(15)             

چه نسبت خاک را با عالم پاک
که ادراک است عجز از درک ادراک

 

ڀلا ڪيئن پاڪ عالم کي پُڄي خاڪ
ٿيڻ عاجز اتي، خُود آهي ادراڪ

 

(16)             

سيه روئي ز ممکن در دو عالم
جدا هرگز نشد والله اعلم

 

سِيَه رُوئي چڱي منجھ هردُو عالم
آهي انسان لَئي ’وَاللهُ اَعلم‘

 

(17)             

سواد الوجه في الدارين درويش
سواد اعظم آمد بي کم و بيش


 

’سَوَادُ الوَجه في الّدارَين‘ درويش
سَواد اعظم آهي بي ڪم وبيش

 

(18)             

چه ‌گويم که هست اين نکته باريک
شب روشن ميان روز تاريک

 

عجب باريڪ نُڪتو آهي، ڏي ڪن
جو ڪاري ڏينهن ۾ ٿي رات روشن

 

(19)             

درين مشهد که انوار تجلي است
سخن دارم ولي نا گفتن اولي است

 

اهو هڪڙو وڏو اسرارُ آهي
گھڻو ئي چئجي، پر لاچار آهي

 

 

تمثيل 

سمجھاڻي

(20)            

اگرچه خور بچرخ چارمين است
شعاع نور ذاتش بر زمين است

 

فلَڪ چوٿين ۾ سِڄُ جيتوڻيڪ آهي
ٿو پنهنجو نُور هنِ ڌرتيءَ تي لاهي

 

(21)             

چو چشم سر ندارد طاقت و تاب
توان خورشيد تابان ديد در آب

 

ڏسي سگھجي اکين سان ڪين اُن کي
ڏسي پاڻيءَ ۾ پر ان کي ٿو سگھجي

 

(22)            

از او چون روشني کمتر نمايد
در ادراک تو حالي مي‌فزايد

 

جڏهن گھٽجي ٿي اُن جي روشنائي
تڏهن پئي ٿي اُنهي جي سمجھ ڪائي

 

(23)            

عدم آئينه هستي است مطلق
کزو پيداست عکس تابش حق

 

اِنهي جان آهي هستي نور مطلق
عدم يا نيستي ٿيو عڪس برحق

 

(24)            

عدم چون گشت هستي را مقابل
در او عکسي شد اندر حال حاصل

 

عدمُ ٿيو آئينو حق جي ڏسڻ جو
اُنهي ۾ نور حق جو عڪسُ پئي ٿو

 

(25)            

شد آن وحدت از اين کثرت پديدار
يکي را چون شمردي گشت بسيار

 

ٿي هِن ڪثرت مان هُوءَ وحدت پديدار
ڳڻڻ ۾ هڪڙو ٿيو ان طرح بسيار

 

(26)            

عدد گرچه يکي دارد بدايت
وليکن نبودش هرگز نهايت

 

[جيتوڻيڪ شروع ۾ هڪ جو انگ هوندو آهي، پر جڏهن ان کي ڳڻبو وڃبو ته ان جي پڄاڻي ناهي.]

(27)            

عدم در ذات خود چون بود صافي
از او با ظاهر آمد گنج مخفي


 

عدَمُ مَنجھ ذات هو جڏهن صاف صافي
تڏهن ظاهر ٿيو اُن مان گنج مخفي

 

(28)            

حديث کنت کنزا را فرو خوان
که تا پيدا به بيني سرّ پنهان

 

انهي لَئي ’ڪُنٰتُ ڪُنزاً‘ جي حديث آھ
جنهين مان ڏسجي مخفي گنج سو واھ

 

(29)            

عدم آئينه عالم عکس و انسان
چو چشم عکس در وي شخص پنهان

 

عَدم ٿيو آئينو ۽ عڪس عالم
۽ اک اُن عڪس جي تان آهي آدم

 

(30)            

تو چشم عکسي و او نور ديده است
به ديده دپده را ديده ديده است

 

وَني يا نُور اُن اک جو ٿيو حق
ڏسي ٿو پاڻ کي سو پاڻ مطلق

 

(31)             

جهان انسان شد و انسان جهاني
ازين پاکيزه ‌تر نبود بياني

 

ٿيو انسانُ عالم، عالم انسانُ
ٻُڌي لئي رَمز هرڪو ٿئي ٿو حيرانُ

 

(32)            

چو نيکو بنگري در اصل اين کار
هم او بيننده هم ديده است و ديدار

[جڏهن تون ڳالھه جي اصل ڏانهن ڌيان ڏيندين ته توکي خبر پوندي ته هو پاڻ ئي ڏسندڙ، پاڻ کي ڏسندڙ ۽ پاڻ ئي ديدار آهي.]

 

(33)            

حديث قدسي اين معني بيان کرد

و بي يسمع و بي يبصر عيان کرد

 

۽ منجھ قُدسي حديث اُن جو بيان آھ
’فَبِي يَسمَع وَبِي يَبصرَ‘ عَيان آھ

 

(34)            

جهان را سر به سر آئينه دان
به هر يک ذره صد مهر پنهان

 

تون عالَم کي سراسر آئينو ڄاڻ
ذَرّي ذَرّي مان سِڄ جان چمڪي ٿو پاڻ

 

(35)            

اگر يک قطره را دل بر شکافي
برون آيد از او صد بحر صافي

 

ڦُڙي هڪڙي جو اندر جي تون کولِين
ڏسين سو بحر اُن ۾ جي تون ڳولِين

 

(36)            

بهر جزوي ز خاک ار بنگري راست
هزاران آدم اندر وي هويداست

 

ڪَڻي ۾ خاڪ جي جي تون نهارين
لهين تون اُن منجھان آدم هزارين

 

(37)            

به اعضا پشهاي همچند پيل است
در اسما قطرهاي مانند نيل است


 

مَڇَرُ عُضون ڪري پڻ آهي هاٿي
ڦُڙي سان ايئن سمنڊ آهي به ساٿي

 

(38)            

دل هر حبئه صد خرمن آمد
جهاني در دل يک ارزن آمد

 

ٿيا داڻي ۾ سؤ انبار اَنَ جا
ٿئي اُڀُ نُقطي اک جي ۾ ٿو پيدا

 

(39)            

به پر پشهاي در جاي جاني
درون نقطئه چشم آسماني

 

[مڇر جي پر ۾ سمورو جھان سمايل اٿئي، ائين اک جي پُتليءَ ۾ سڄو آسمان سمائجي ٿو وڃي.]

(40)            

بدان خردی که آمد حبئه دل
خداوند دو عالم راست منزل

 

آهي ڏِسُ ڪيڏڙي انسان جي دل
خداوند دو عالَم جي سا منزل

 

(41)             

در او درجمع گشته هر دو عالم
گهي ابليس گردد  گاه  آدم

 

انهي دل ۾ ٿيا گڏ هردو عالم
ڪڏهن ابليس ٿئي ۽ ڪڏهن آدم

 

(42)            

ببين عالم همه در هم سرشته
ملک در ديو و شيطان در فرشته

 

اصل عالَم سڄو گڏجي ٿيو هڪ
مَلڪَ منجھ ديوَ، شيطان منجھ مَلائڪ

 

(43)            

همه با هم بهم چون دانه و بر
ز کافر مؤمن و مؤمن ز کافر

 

مِليل سڀ پاڻ ۾ جيئَن داڻو ۽ ڦَرُ
ڪفارؤن مؤمن ۽ مؤمن مان ڪافر

 

(44)            

بهم جمع آمده چون نقطئه حال
همه دورِ زمان روز و مه و سال

 

ٿيا دَوري ۾ سڀ، روز ۽ مَہ وسال
مِلي پيا ماضي ۽ مستقبل ۽ حال

 

(45)            

ازل عين ابد افتاده با هم
نزول عيسيٰ و ايجادِ آدم

 

 

اَزل توڙي اَبدَ اِن طرح گڏ ٿيا
اوَل آدمُ ٿيو آخر ۾ عيسيٰ

 

(46)            

ز هر يک نقطه زين دور مسلسل
هزاران دور مي گردد مشکل

 

مُسَلسل دَور ۾ آهن جي نُقطا
ٿين تن مان هزارين شڪليون پيدا

 

(47)            

ز هر يک نقطه چو دوري گشته داير
هم او مرکز هم او در دور سائر


 

انهي جو هر ڪو نُقطو ٿئي ٿو دائِر
اُهو مرڪز، اُهو منجھ دور سائِر

 

(48)            

اگر يک ذره را برگيري از جاي
خلل يابد همه عالم سراپاي

 

چُري جي جاءِ کان هڪ ذَرڙو ٻاهر
خلل عالم ۾ پئي يڪدم سراسَر

 

(49)            

همه سرگشته و يک جزو از ايشان
برون ننهاده پاي از حد امکان

 

[هر شيءِ هن جي ڳولا ۾ حيران پريشان آهي پر ڪو به ذرو يا جُزو امڪان جي حد کان ٻاهر وڃي نٿو سگهي.]

 

(50)            

تعين هر يکي را کرده محبوس
به جزويت ز کلّي گشته مايوس

 

تعيّن کان ٿيو هر جُزو محبوس
۽ جُزويّتَ ڪري ٿيو ڪُلَ کان مايوسُ

 

(51)             

تو گويي دائما در سير و حبسند
که پيوسته ميان خلع و لبسند

 

[تون چئي سگهين ٿو ته اهي سڀ هميشه لاءِ سير ڪندڙ ۽ محبوس (ڦاٿل) آهن، اهي هڪ ٻئي کان جدا به آهن ته ڳنڍيل يا هڪ لباس ۾ ويڙهيل آهن.]

(52)            

همه در جنبش و دائم در آرام
نه آغاز يکي پيدا نه انجام

 

سڀن کي سَير، نِت سڀني کي آرام
نه ٿيو آغاز ڪنهن کي ۽ نه انجام

 

(53)            

همه از ذات خود پيوسته آگاه
وز آنجا راه برده تا به درگاه

 

سڀئي ذات پنهنجي کان ٿيا آگاھ
لڌائون راھ پنهنجي تا بدرگاھ

 

(54)            

به زير پردهء هر ذره پنهان
جمالِ جانفزائي روي جانان

 

ٿيو پردي ۾ هر ذَرّي جي پنهان
جمال جان فزائي روئي جانان

 

 

قاعده

قاعده

(55)            

تو از عالم همين لفظي شنيدي
بيا بر گو که از عالم چه ديدي

 

[هاڻي جڏهن تون هن جھان جي باري ۾ اهو هڪ لفظ (عالم) ٻڌو آهي ڀلا، پوءِ اچي سڀني کي ٻڌاءِ ته تو ان ۾ ڇا ڏٺوآهي.]

(56)            

چه دانستي ز صورت يا ز معني
چه باشد آخرت چون است دنيي


 

 

آهي عالَم جي ڇا صورت ۽ معنيٰ؟
آهي ڇا آخرت ڇا آهي دنيا؟

 

(57)            

بگو سيمرغ و کوه قاف چبود
بهشت و دوزخ و اعراف چبود

 

[ڀلا، ٻڌاءِ ته سيمرغ ڪير آهي ۽ ڪوه قاف ڇا کي ٿا چون، اهڙيءَ طرح بهشت، دوزخ ۽ اعراف مان ڇا مراد آهي؟]

 

(58)            

کدام است آن جهان کونيست پيدا
که يک روزش بود يک سال اينجا

 

[اهو ڪهڙو جهان آهي جيڪو اڃا تائين پيدا نه ٿيو آهي يا ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي ۽ جنهن جو هڪ ڏينهن سال برابر آهي.]

 

(59)            

همين نبود جهان آخر که ديدي
نه
ما لا تُبصِرُونَ آخر شنيدي

 

[بيشڪ صرف اهو هڪ جھان ناهي جيڪو تون ڏسين ٿو، ڇا تو اِلاهي فرمان ’اهي نٿا ڏسن‘ نه ٻُڌو آهي.]

 

(60)            

بيا بنما که جابلقا کدام است
جهان شهر جابلسا کدام است

 

[ڀلا، تون ئي اچي ٻُڌاءِ ته جابلقا ڪٿي آهي ۽ اهڙيءَ طرح هن جھان ۾ ٻيو شهر جابلسا ڪٿي آهي؟]

 

(61)             

مشارق با مغارب را بينديش
چو اين عالم ندارد جز يکي بيش

 

[مشرق کي مغرب وانگر ئي هڪ سمجھ، يقين ڪر هن جھان ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻيو طرف آهي ئي ڪونه!]

 

(62)            

بيان مِثلهن ز ابن عباس
شنو پس خويشتن را نيک بشناس

 

[هن سلسلي ۾ ابن عباس کان ’مثلهن‘ (هن جھڙا ٻيا) واري تشريح ٻُڌ ۽ پوءِ پنهنجي راءِ قائم ڪر.]

 

(63)            

تو در خوابي و اين ديدن خيال است
هر آنچه ديدهاي از وي مثال است

 

تُون آهين خواب ۾ هي سڀ خيال آھ
ڏسين ٿو جيڪي سو اُن جو مثال آھ

 

(64)            

به صبح حشر چون گردي تو بيدار
بداني کين همه وهم است و پندار

 

حَشر جي ڏينهن ٿيندين جڏهن بيدار
تڏهن تُون ڄاڻندين هي وهمُ پندار

 

(65)            

چو برخيزد خيال چشم احول
زمين و آسمان گردد مبدل

 

لَهن پَردا جڏهن تُنهنجن اکين جا
زمين ۽ آسمان مَٽجي ٿين ٻيا

 

(66)            

چو خورشيد عيان بنمايدت چهر
جنماند نور ناهيد و مه و مهر

 

[جڏهن اهو سج توکي پنهنجو اصلي چهرو ڏيکاريندو ته پوءِ تنهنجي نظرن ۾ هن چنڊ، ستارن ۽ سج جي روشني باقي نه رهندي.]

 

 

(67)            

فتد يک تاب از او بر سنگ خاره
شود چون پشم رنگين پاره پاره

 

[جڏهن انهيءَ سج جو تکو تاب ڪنهن سخت پٿر تي پوي ٿو ته انهيءَ جي ڪري اهو به رنگين پشم وانگر ٿي پوي ٿو.]

 

(68)            

بکن اکنون چو کردن ميتواني
چون نتواني چه سود آنگه داني

 

[تون هاڻي اهو سڀ ڪجھ ڪر جيڪو ڪري سگهين ٿو، جڏهن تون اهو نه ڪري سگهندين ته پوءِ انهيءَ جي سمجھ مان ڪو فائدو نه ٿيندو.]

 

(69)            

چو مي‌گويم حديث عالم دل
  ترا اي سرنشيب و پاي در گل

 

[مان توکي دل جون ڪهڙيون ڳالهيون ويهي ٻڌايان، تنهنجو مٿو هيٺ لٽڪيل آهي ۽ پير گپ ۾ ڦاٿل آهن.]

 

(70)            

جهان آن تو و تو مانده عاجز
 ز تو محروم تر کس نيست هرگز

 

[هيءُ جھان ته تنهنجي سراپا عزت ۽ مان مرتبو آهي، پر تون لاچار ٿيو پيو آهين، ان صورت ۾ تو کان وڌيڪ محروم ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو.]

 

(71)             

چو محبوسان به يک منزل نشسته
 به دست عجز پاي خويش بسته

[تون پاڻ گرفتار ٿيلن وانگر هڪ هنڌ ڪريو پيو آهين، گويا تنهنجا هٿ ۽ پير ڪنهن ٻَڌي ڇڏيا آهن.]

 

(72)            

نشستي چون زنان در کوي ادبار
 نميداري ز جهل خويشتن عار

 

[تون عورتن وانگر ڪنهن در تي منهن ويڙهي پيو آهين، تو کي پنهنجي ان جھالت تي ڪو شرم محسوس نٿو ٿئي.]

 

(73)            

دليران جهان آغشته در خون
 تو سر پوشيده ننهي پاي بيرون

 

[پر جيڪي بهادر ۽ همت وارا آهن اهي رت جي راند ۾ رُڌل آهن، تون مٿو ڍڪي اهڙيءَ طرح ويٺو آهين ته جيئن پير ٻاهر نه ڪڍين.]

 

(74)            

چه کردي فهم ازين دين العجائز
 که بر خود جهل ميداري تو جائز

 

[تون پوڙهي عورت جي لاچاريءَ مان ڇا پرايو آهي، اهو ئي ته پاڻ کي جھالت جي ڪُن ۾ ڦاسائي ويٺو آهين.]

 

(75)            

زنان چون ناقصات غقل و دينند
 چرا مردان ره ايشان گزينند

 

[عورتون ويچاريون ته عقل ۽ فهم ۾ گهڻو گھٽ آهن. ڀلا، مرد ماڻهو انهن جي روش تي ڪيئن هلي سگهن ٿا.]

 

(76)            

اگر مردي برون آ و نظر کن
هرچه آيد به پيشت زان گذر کن

 

آهين جي مُڙس اُٿ تون ۽ سفر ڪر
اچئي جيڪي اڳيان تنهن کان گُذر ڪر

 

(77)            

مياسا روز و شب اندر مراحل
مشو موقوف همراه و رواحل

نه رکُ تُون پاڻ تي هي جِهل جو بَند
سُڃاڻي وٺ تون دين ۽ عقل جو رَند

 

(78)            

خليل آسا برو حق را طلب کن
شبي را روز و روزي را بشب کن

 

طلب ڪر حق جي ابراهيم وانگي
ڇڏج سڄ چنڊ ۽ تارا حق جي سانگي

 

(79)            

ستاره با مه و خورشيد اکبر
بود حس و خيال و عقل انور

 

[ستارا، چنڊ يا وڏي روشنيءَ وارو سج سڀئي حس، خيال ۽ منور عقل پنهنجي جاءِ تي آهن.]

(80)            

بگردان زين همه اي راه رو روي
هميشه
لا احب الافلين گوي

 

حنيفي ٿي، فقط هڪڙي جو رک ڀؤ
هميشه ’لَا اَحَبّ الاَفِلِين‘ چؤ

 

(81)             

و يا چون موسيٰ عمران درين راه
برو تا بشنوي
انّي انا الله

 

يا موسيٰ جان طلب حق جي جي وٺ راھ
ته آخر تُون ٻُڌين ’اِنّي اَناَ الله‘

 

(82)            

ترا تا کوه هستي پيش باقي است
صداي لفظ
ارني لن تراني است

 

نه ٿيندين جيسين تُون هَستيءَ کان فاني
جواب ’اَرني‘ جو ٻُڌندين ’لَن تَراَني‘

 

(83)            

حقيقت کهربا ذات تو کاه است
اگر کوه توئي نبود چه راه است

 

حق آهي ڪَهربا تُون آهين هڪ ڪَکُ
تُو ئي ڇڏ تا ڏسين ڪک هيٺ تون لکُ

 

(84)            

تجلي کو رسد بر کوه هستي
شود چون خاک ره هستي ز پستي

 

تجلّي جڏّهن اچي، گُم ٿئي ٿي هستي
جبلُ ٿئي خاڪ ۽ هستي ٿئي پَستي

 

(85)            

گدائي گردد از يک جذبه شاهي
به يک لحظه دهد کوهي به کاهي

 

گَدا پڻ هڪڙي جذبي سان ٿئي شاھ
بدلجي هڪ گھڙي ۾ ڪوھُ ٿئي ڪَاھ

 

(86)            

برو اندر پي خواجه به اسريٰ
تفرج کن همه آيات کبريٰ

 

پُٺيان سردار جڳُ جي ڪر تُون معراج
وڃي ڏِسُ عرش تا تنهنجو سري ڪاج

 

(87)            

برون آي از سراي امّهاني
بگو مطلق حديث
من رآني

 

بَقا بالله سان ٿي حق ۾ فاني
پڙهي مُطلق حديث ’منۡ رَاَنۡي‘

 

 

(88)            

گذاري کن ز کاف و کنج کونين
نشين در قاف قرب
قاب قوسين

 

لنگھي اڳتي، پُٺيان ڇڏ ڪاف ڪَوۡنين
وڃي ڏنهن قاف ويھ منجھ ’قَاب قَوسَين‘

 

(89)            

دهد حق مر ترا هر آنچه بخواهي
نمايندت  همه  اشيا  کما هي

 

ڏئي پوءِ توکي حقُ جيڪي گھرين تُون
۽ ’اَلاشياء ڪَما هيءَ‘ تڏهن ڏسين تُون

 

 

فاعده

قائدو

(90)            

به نزد آنکه جانش در تجلي است
همه عالم کتاب حق تعالي است

 

تَجلّي حق جو جنهن جي دل ۾ تاب آھ
جھان اُن لاءِ حق جو هڪ ڪتاب آھ

 

(91)             

عرض اعراب و جوهر چون حروف است
مراتب همچو آيات وقوف است

 

عَرضَ جوهَر، انهي جا حرفَ اَعراب
مراتب آيتون سُورون ٿيا هر باب

 

(92)            

از او هر عالمي چون سورهاي خاص
يکي زان فاتحه و آن ديگر اخلاص

 

ٿيو هر عالم اُن مان سُورَ هڪ خاص
ٿي هڪڙي ’فاتحهَ‘ ۽ ٻي ٿي ’اخلاص‘

 

(93)            

از او هر عالمي چون سورهاي خاص
يکي زان فاتحه و آن ديگر اخلاص

 

اُنهي جي پهرين آيت عقل ٿيو ڪُل
۽ ’بسم الله‘ سان اُوءَ ٿي مقابل

 

(94)            

دوم نفس کل آمد آيت نور
که چون مصباح شد از غايت نور

 

ٻي آيت نُور جي پوءِ نفس ڪُل ٿيو
جو ’مصبَاح في الّزُجَا جہ‘ جيئن ٻري پيو

 

(95)            

سوم آيت در او شد عرش رحمان
چهارم
آيت الکرسي فرو خوان

 

ٿي آيت اُن جي آهي عرش رحمان
۽ چوٿين ’آية الۡڪُرسي‘ ٿي منجھ شان

 

(96)            

پس از وي جرمهائي آسماني است
که دروي سورهء
سبع المثاني است

 

تِنهان پوءِ سَت فلڪ ٿيا آسماني
موافق سُوره ’سبع المثاني‘

 

(97)            

نظر کن باز در جرم عناصر
که هر يک آيتي هستند باهر

 

عناصر چار، جي حق ڪيا عنايت
آهي هڪ هڪ انهن مان هڪڙي آيت

 

(98)            

پس از عنصر بود جرم سه مولود
که نتوان کردن اين آيات معدود

 

انهي کان پوءِ ڳڻ تون ٽي ’مواليد‘
اُهي پڻ آيتن جي ڪن ٿا تائيد

 

(99)            

به آخر گشت پيدا نفس انسان
که بر ناس آمد آخر ختم قرآن

پڇاڙي ۾ ٿيو نازل نفس انسان
۽ ٿيو ’اَلناس‘ تي پڻ ختم قُرآن

 

قاعده في ذکر الآفاق

ڪائنات ۾ غور ڪرڻ

(100)         

مشو محبوس ارکان و طبايع
برون آي و نظر کن در صنايع

 

نه وجھ منجھ بند ظاهر جي طبيعت
ٻَهر آتا ڏسين صانع جي صنعت

 

(101)          

تفکر کن تو در خلق سماوات
که تا ممدوح حق کردي به آيات

ڪري ڏس فڪر ڪيِئن خلقيئن سمٰوات
مڙئي توکي ٿين معلوم آيات

 

(102)         

ببين يک ره که تا خود عرش اعظم
چگونه شد محيط هر دو عالم

 

نهاري پهرين ڏس تا عرش اَعظم
وڪوڙي ڪيئن وڃي ٿو هردو عالم؟

 

(103)         

چرا کردند نامش عرش رحمان
چه نسبت دارد او با قلب انسان

ٿيو ڇو نانءُ ان جو عرش رحمان
مناسب اُن جي ٿيو ڇو قلب انسان؟

 

(104)         

چرا در جنبشند اين هر دو مادام
که يک لحظه نمي‌گيرند آرام

 

ٻئي جُنبش ۾ ڇو آهن سي مادام
وٺن ٿا ڪين ڇو هڪ لحظو آرام؟

 

(105)         

مگر دل مرکز عرش بسيط است
که اين چون نقطه آن دور محيط است

 

آهي دل تُنهنجي مرڪز عرش گھيرو
ڪري ٿو رات ڏينهن سو توتي ڦيرو

 

(106)         

برآيد در شبان روزي کم و بيش
سراپاي تو عرش اي مرد درويش

 

[ذري گهٽ هڪڙي ڏينهن ۽ رات جي چڪر ۾ عرش تنهنجي مٿان گهمي وڃي ٿو، اي درويش!]

 

(107)         

از او در جنبش اجسام مدور
چرا گشتند يک ره نيک بنگر

 

[انهيءَ جي ڪري سڀئي فلڪي اجسام حرڪت ۾ آهن ۽ هڪڙي رخ ۾ پيا هلن ۽ ڦِرن، اها ڳالھ چڱيءَ طرح سمجھ!]

 

(108)         

ز مشرق تا به مغرب ‌همچو دولاب
همي گردند دائم بيخور و خواب

 

سَهي ڪر دَؤرَ سيارن جو مطلب
ڦِرن جي مالَھ جانۡ مشرق کان مغرب

 

(109)         

بهر روز و شبي اين چرخ اعظم
کند دور تمامي گرد عالم

 

[هڪ ڏينهن ۽ رات ۾ اهو آسماني چرخو هلي هڪ چڪر پورو ڪري ٿو.]

(110)          

وز او افلاک ديگر هم بدين سان
به چرخ اندر همي باشند گردان

 

[اهڙيءَ طرح ٻيا افلاڪ به انهن وانگر ڦرندا ۽ گھمندا رهن ٿا ۽ ائين گردش ۾ رهن ٿا.]

 

 

(111)           

ولي بر عکس دور چرخ اطلس
همي گردند اين هشت مقوس

 

[ليڪن اهي سڀ چرخ اطلس جي مخالف رخ ۾ پيا هلن، اهي اَٺ آهن جيڪي  قوس جي صورت ۾ هلن ٿا.]

 

(112)          

معدل کرسي ذات البروج است
که او را نه تفاوت نه فروج است

 

زحل ۽ مُشتري مريّخ ۽ سج
۽ زهره پوءِ عطارد قمر سارِج

 

(113)          

حمل با ثور و با جوزا و خرچنگ
بر او بر همچو شير و خوشه آونگ

 

ڦِرن بُرجن ۾ سي منزل به منزل
حَمل ۽ ثَور جوزا ٿيا سي اَوّل
۽ پّوءِ سرطانۡ اَسدَ ۽ سُنبله ڀي
۽ پّوءِ ميزان عقرب قَوس جَدّي

(114)          

دگر ميزان و عقرب پس کمان است
ز جدي و دلو و حوت آنجا نشان است

 

ٿيا ٻارهن سي دلِو ۽ حُوت سان گڏُ
هلن تن ۾ ستئي حق جو سُڻي سڏ

 

(115)          

ثوابت يک هزار و بيست و چارند
که بر کرسي مقام خويش دارند

 

ثوابت هڪ هزار آهن ۽ چوويھَ
فلَڪ اَٺّين يا ڪُرسي تي ٿا ڪن پيھِ

 

(116)          

به هفتم چرخ کيوان پاسبان است
ششم برجيس را جاي و مکان است

 

[ستين فلڪ تي ڪيوان نگهبان بنيو ويٺو آهي، ڇهين فلڪ تي وري برجيس جو گهر يا مڪان آهي.]

 

(117)          

بود پنجم فلک مريخ را جاي
به چارم آفتاب عالم آرائي

 

[پنجين فلڪ تي مريخ جو ٺڪاڻو آهي، جڏهن ته چوٿين تي هن جھان کي روشني ڏيڻ وارو سج آهي.]

(118)          

سيم زهره دوم جاي عطارد
قمر بر چرخ دنيا گشت دارد

 

[ٽئين فلڪ تي زهره ۽ ٻئي تي عطارد آهن، انهن کان پوءِ ڌرتيءَ تان نظر ايندڙ چنڊ آهي.]

 

(119)          

زحل را جدي و دلو و مشتری باز
به قوس و حوت کرد انجام و آغاز

 

[زحل سان جدي ۽ دلو جو واسطو آهي، ان ريت قوس ۽ هوت ۾ مشتري شروع کان آخر تائين رهي ٿو.]

 

(120)         

حمل با عقرب آمد جاي بهرام
اسد خورشيد را شد جاي آرام

 

[حمل ۽ عقرب مريخ ۾ اچي سهڙن ٿا، ليڪن سج جي آرام واسطي اسد ئي ٺڪاڻو آهي.]

(121)          

چو زهره ثور و ميزان ساخت گوشه
عطارد رفت در جوزا و خوشه

 

[زهره پنهنجو گهر ثور ۽ ميزان ۾ ڳولي ٿو، عطارد وري جوزا ۽ سنبله ڏي ڊوڙي ٿو.]

 

(122)         

قمر خرچنگ را هم جنس خود ديد
ذنب چون راس شد يک عقده بگزيد

 

[قمر وري سرطان کي پنهنجو هم جنس سمجھي ان ڏانهن وڃي ٿو، ذنب راس وانگر هلندي عقدي کي وڃي پهچي ٿو.]

 

(123)         

قمر را بيست و هشت آمد منازل
شود با آفتاب آنگه مقابل

 

[چنڊ جون اهي اٺاويھ منزلون آهن، ان کان پوءِ وري اچي ٿئي ٿو سج سامهون.]

(124)         

پس از وي همچو عرجون قديم است
ز تقدير عزيزي کو حکيم است

 

[تڏهن چنڊ آخرڪار کجيءَ جي پراڻي ڇڙهيءَ جھڙو ٿيو پوي، خالق ۽ قادر هن جي لاءِ اهو ئي مقدر ڪيو آهي.]

(125)         

اگر در فکر گردي مرد کامل
هر آئينه که گوئي نيست باطل

تفڪّر ۾ جي آهين مرد ڪامِلّ
نه ڄاڻج اِيءَ سڀئي خلقت تُون باطل

 

(126)         

کلام حق همي ناطق بدين است
که باطل ديدن از ضعف يقين است

 

[ڪلام الله ان تي پڻ شاهد آهي ته ان کي جيڪو باطل چوي ٿو ان جو اعتقاد ضعيف آهي.]

(127)         

وجود پشه دارد حکمت اي تام
نباشد در وجود تير و بهرام

 

[جڏهن مڇر جو وجود به وڏي حڪمت جو سبب آهي ته پوءِ عطارد ۽ مريخ ڪيئن ان کان خالي ٿي سگهن ٿا.]

 

(128)         

ولي چون بنگري در اصل اين کار
فلک را بيني اندر حکم جبار

انهن سڀني جو حق فاعل ٿيو مُختار
آهي حاڪم مٿن قادر سو جبّار

 

(129)         

منجم چون ز ايمان بي‌نصيب است
اثر گويد که از شکل غريب است

[نجومي جيئن ته ايمان کان بي نصيب ۽ بي خبر آهي، هو سمجهي ٿو ته سڀ ڪجھه انهن ستارن جو اثر آهي.]

(130)         

نمي‌ بيند مگر که اين چرخ مُدور
ز حکم و امر حق گشته مسخر

[هو اهو نٿو ڏسي ته هيڏو آسمان توڙي افلاڪ سڀئي هن جي حڪم ۽ امر جي آڏو فرمانبردار آهن.]

 

 

تمثيل

سمجهاڻي

(131)          

تو گوئي هست اين افلاک دوار
به گردش روز و شب چون چرخ فخار

[تون افلاڪ جي گردش کي ۽ ڏينهن ۽ رات جي ٿيڻ کي ائين سمجھه جيئن ڪنڀر چڪ کي ڦيرائيندو آهي.]

 

(132)         

وز او هر لحظئه‌ داناي داور
ز آب وگِل کند يک ظرف ديگر

[بلڪل انهيءَ وانگر هر گهڙيءَ اهو دانا بينا مالڪ مٽي ۽ پاڻيءَ مان نت نوان ٿانءَ ۽ برتن پيو ٺاهي.]

(133)         

هر آنچه در زمان و در مکان است
ز يک استاد و از يک کارخانه است

[هر لمحي جيڪي زمان ومڪان ۾ ظهور پذير ٿئي ٿو، اهو انهيءَ استاد ڪاريگر جي ڪارخاني مان نڪتل آهي.]

(134)         

کواکب که همه ز اهل کمالند
چرا هر لحظه در نقص وبالند

[ستارا جن کي اسين ڪامل صفتن وارو سمجھون ٿا، سي هر گهڙيءَ زوال پذير ڇو آهن.]

 

(135)         

همه درجاي و سير و لون و اشکال
چرا گشتند دائم مختلف حال

[اهي ڇو پنهنجي جاءِ توڙي رنگ ۽ شڪل، بلڪ مدار ۾ مختلف حالتن مان گذرن ٿا.]

(136)         

چرا گه در حضيض و گه در اوجند
گهي تنها فتاده و گاه زوجند
 

[اهي ڇو ڪڏهن بلنديءَ تي آهن ته ڪڏهن پستيءَ ڏانهن حرڪت ڪن ٿا، ڪڏهن اڪيلا آهن ته ڪڏهن جهڳٽن ۾ گڏ نظر اچن ٿا.]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org