سنڌي ادبي بورڊ تصوف جي حوالي سان ڪجھه ڪتابَ
”ڪيمياءِ سعادت“، ”ڪشف المحجوب“، ”پکين جي
پارليامينٽ“، ”ڇوٽڪارو“، ”بيان العارفين“، ”رساله
فتحيه“، ”ينابيع
الحياة الابديه في طريق طلاب النقشبنديه“،
شاهه جو رسالو: سمجھاڻي ۽ مفهوم سميت“، ”احوال
و آثار عبدالقادر بيدل صوفي القادري“
۽ ”معارف سلطان الاولياء خواجه محمد زمان لواريءَ
وارو“ شايع ڪرائي چڪو آهي، جيڪي سنڌ ۾ صوفي فڪر جا
اهم ماخذ ليکجن ٿا.
اِن ئي سلسلي جو هي ڪتاب ”گلشن راز“ (فارسي مثنوي)
آهي، جيڪا ايران جي معروف شاعر شيخ محمود شبستري
جي تصنيف آهي. تصوف جي تاريخ ۾ هِن مثنوي کي خاص
مقبوليت حاصل رهي آهي. هِن مثنويءَ جي اهميت ۽
افاديت کي پَرکيندي، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ان
جو منظوم سنڌي زبان ۾ ترجمو ”ڪشف اعجاز“ جي نالي
سان ڪري سال 1914ع ۾ شايع ڪرايو. مذڪوره ڪتاب جي
اهميت کي مدنظر رکندي، سنڌ جي نامياري عالم ۽ صوفي
فڪر جي معروف مفڪر محترم ڊاڪٽر عبدالغفار سومري
صاحب فارسي مثنوي ”گلشن راز جو منظوم سنڌي ترجمو
ڪشف اعجاز“ جي نالي سان دؤرِ حاضر جي تحقيق جي
بنياد تي نئين سر ترتيب ڏئي مقدمو ۽ حاشيا لکي
بورڊ جي حوالي ڪيو.
سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي
ته،
تصوف جي حوالي سان اهم ماخذ شايع
ڪرائي منظرعام تي آڻجن. موجوده وقت ۾ بورڊ جي
مانواري چيئرمين عزتمآب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘
صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نوان
ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن.
سندن علمي ۽ ادبي گھراڻي سان وابسته هئڻ سبب، بورڊ
طرفان
نوان ڪتاب اوليت جي بنياد تي شايع ڪري منظرعام تي
آڻڻ لاءِ بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميمبر
صاحبان جي مشاورت سان بورڊ جي اشاعتي سلسلي کي
ترقي وٺرائڻ لاءِ نت نوان پروگرام جوڙيا آهن. ان
کانسواءِ سنڌي ادبي بورڊ جي لئبرريءَ ۾ رکيل مختلف
موضوعن جي قلمي مخطوطن ۽ پبليڪيشن شعبي ۾ موجود
اڻڇپيل مسودن جي اشاعت لاءِ هر ممڪن ڪوشش
ٿي
رهي آهي.
هن
ڪتاب ”گلشن راز منظوم سنڌي ترجمو ڪشف اعجاز“
جو
بورڊ طرفان
پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب
مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي نگرانيءَ ۾
شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.
توقع آهي ته، سنڌي ادبي بورڊ جي هيءَ ڪاوش
عام پڙهندڙن ۽ خاص طور تي تصوف
سان دلچسپي رکندڙن وٽ مڃتا ماڻيندي.
23-
محرم الحرام
1443هه
سيد سڪندر علي شاهه
01-
سيپٽمبر
2021ع
سيڪريٽري
مهاڳ
’سنڌ ۾ صوفي فڪر جا اهم ماخذ‘(Sources
of Sufi Thought in Sindh)
جي سلسلي ۾ سنڌ جي عالمن ۽ صوفين جا لکيل هي ڇھ
ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ هن وقت تائين شايع ڪري چڪو
آهي: (1) بيان العارفين: شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ
وارو، (2) رساله فتحيه: مخدوم فتح محمد هالائي،
(3) ينابيع الحياة (ٽي جلد): مخدوم ابوالحسن
ڏاهري، (4) احوال وآثار عبدالقادر بيدل (فارسي)،
(5) شاھ جو رسالو- سمجھاڻي ۽ مفهوم سميت، (6)
معارفِ سلطان الاولياء خواجه محمد زمان لُواريءَ
وارو. ان کان علاوه هي ٻه ڪتاب: (1) مڪمل شرح
ابيات سنڌي: شيخ عبدالرحيم گرهوڙي، (2) منهاج
المعرفت: شاھ لطف الله قادري سنڌالاجي طرفان شايع
ٿي چڪا آهن.
اهو سلسلو جاري آهي ۽ گھٽ ۾ گھٽ اڃا اهڙا ٻيا پنج
ڪتاب جيڪي سنڌ ۾ تصوف جي ارتقائي تاريخ جي سلسلي ۾
اهم حيثيت رکن ٿا، تياريءَ هيٺ آهن.
هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته مٿيان سڀ ڪتاب
سنڌ جي وڏن صوفين جا تصنيف ٿيل آهن. حالانڪ اها
ڳالھ به ازحد ضروري آهي ته سنڌ کان ٻاهر يعني
اسلامي دنيا جي عظيم صوفين جا اُهي ڪتاب پڻ سنڌي
زبان ۾ منتقل ڪيا وڃن، جيڪي خود سنڌ جي صوفين لاءِ
اهم سرچشمي
(Source)
جي حيثيت رکن ٿا. مثلاً مثنوي مولانا رومي يا
مولانا جاميءَ جو ’لوائح‘ وغيره. هڪ لحاظ کان ڏٺو
وڃي ته سنڌي ادبي بورڊ هن مهل تائين خالص تصوف
بابت ٻه اهم ڪتاب شايع ڪيا آهن، پهريون ’ڪشف
المحجوب‘ جيڪو پنجين صديءَ جي اوائل ۾ لکيو ويو ۽
فارسي زبان ۾ ان موضوع تي پهرين مڪمل تصنيف آهي.
ٻيو امام غزاليءَ جو ’ڪيميائي سعادت‘ آهي.
موجوده ڪتاب ’گلشن راز‘ جيڪو اٺين صدي
هجريءَ جي شروع جي تصنيف آهي ۽ نظم جي صورت ۾ آهي،
ڪل هڪ هزار ۽ اَٺن (1008) شعرن تي مشتمل آهي. ليڪن
هن مثنويءَ کي تصوف جي تاريخ ۾ غير معمولي مقبوليت
حاصل رهي آهي. اهوئي سبب آهي جو ان جون ڪيتريون
شرحون لکيون ويون آهن ۽ مرزا قليچ بيگ جي لکڻ موجب
مثنوي مولانا روميءَ کان پوءِ ان ڪتاب کي تصوف ۾
سَند جو درجو حاصل آهي.
هن ڪتاب جي سنڌ وارن لاءِ ان ڪري غير
معمولي اهميت آهي ڇاڪاڻ ته ان جو منظوم ترجمو اڄ
کان هڪ صدي اڳ سنڌي زبان جي وڏي ۾ وڏي محسن شمس
العلماءَ مرزا قليچ بيگ ڪيو هو. جيتوڻيڪ مرزا صاحب
پنهنجي طرفان ان ۾ قابلِ قدر عالمانه حاشين جو به
اضافو ڪيو، تاهم ڳاڻيٽي موجب 386 بيتن جو ترجمو
غير اهم سمجھي ڇڏي ڏنائين. هاڻي اسان انهن ڇڏي ڏنل
بيتن جو نثري ترجمو پڻ شامل ڪري ڪتاب کي هر لحاظ
کان مڪمل ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح مرزا صاحب جي حاشين
کان علاوه جتي اسان ضروري سمجھيو آهي ته پنهنجي
طرفان آخر ۾ حاشين جو به اضافو ڪيو آهي ۽ اهڙي
نشاندهي ڪئي آهي. ان کان سواءِ تفصيلي مقدمو به
شامل ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌ هند ۾ صوفي فڪر جي ارتقا
۾ ’گلشن راز‘ جي اثر کي واضح ڪيو ويو آهي.
تصوف جي دنيا ۾ هن ڪتاب جي ان لحاظ کان
منفرد حيثيت آهي ته ان ۾ تصوف جي بنيادي الفاظن،
اصطلاحن ۽ بنيادي اشارن، ڪناين ۽ تلميحات جي
سمجھاڻي ڏني وئي آهي. دنيا جي ترقي يافته ٻولين
انگريزي ۽ اردو ۾ ان موضوع تي ڪيترائي ننڍا وڏا
ڪتاب موجود آهن. پر سنڌيءَ ۾ ان موضوع تي ڪا قابلِ
ذڪر تصنيف ڪونه هئي. اسان سمجھون ٿا ته هن ڪتاب
سان ان ڪميءَ جو ڪافي حد تائين ازالو ٿي سگھندو ۽
صوفيانه شاعريءَ ۾ ڪم ايندڙ اصطلاحن جي پرک ۽
مفهوم واسطي قابلِ اعتماد سَند ملي سگھندي.
مرزا قليچ بيگ جو هي منظوم ترجمو تصوف جي
ڳوڙهن مسئلن ۽ اصطلاحن بابت سندس حواشي صوفي فڪر
کي سمجھڻ لاءِ بنيادي اهميت رکن ٿا. اسان انهيءَ
ارادي سان ئي قليچ جي هن بي بها گوهر کي نئين سر
سينگاري جديد تحقيق جي اصولن مطابق پيش ڪيو آهي.
قليچ پنهنجي سوانح حيات ’سائو پن يا ڪارو پنو‘ ۾
مشرقي علوم خاص طور عربي ۽ فارسيءَ جي علمي روايت
جي زوال پذير ٿيڻ تي افسوس ۽ مايوسيءَ جو اظهار
ڪندي چيو هو:
”پنهنجي اڪيلائي سان گڏ فارسي ۽ عربي ٻوليءَ جي
زواليت ڏسي به ارمان کائيندو آهيان. ناني ۽ بابي
جي اڳوڻي صحبت ياد ڪري روئيندو آهيان. ٻيا ته خير،
پر عزيزن ۽ اولاد مان به ڪو پوري فارسي نٿو ڄاڻي.
خبر ناهي ته منهنجي هيترن عمدن فارسي ڪتابن جو
ڪهڙو حال ٿيندو.“ (ص:131)
اسان جو خيال آهي ته هڪ صديءَ کان بعد قليچ جي هن
شڪايت جي ازالي جي هيءَ هڪ مختصر ڪوشش آهي. اُميد
ته پڙهندڙ ان جي ان لحاظ کان قدرداني ڪندا.
آءٌ بورڊ جي موجوده چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان
صاحب ۽ سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ جو ٿورائتو آهيان،
جن هن ڪتاب جي اهميت جي پيش نظر ان کي اشاعت جي
لحاظ کان ترجيح ڏني.
عبدالغفار سومرو
ڪراچي
پهرين سيپٽمبر 2019ع
مقدمو
انسان، ڪائنات ۽ خالق ڪائنات جي سڃاڻپ ۽ انهن ٽنهي
جو باهمي تعلق تاريخ جي هر دؤر ۾ انساني فڪر ۽ فهم
جو مرڪز ۽ موضوع رهيو آهي. سڀني وڏن مفڪرن ۽
دانشورن انهن سوالن جا جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
مذهب، فلسفي ۽ تصوف ۾ اهي سڀ سوال گڏيل يا مشترڪ
آهن. فلسفو پنهنجي طريقئه ڪار ۽ اصولن موجب آزاد
فڪري سوچ جو حامل آهي. ان ڪري فلسفين وٽ هنن سوالن
بابت جواب مختلف دؤرن ۾ مختلف رهيا آهن، ڇو ته هر
فلسفيءَ جو خالص عقلي سوچ ۽ سمجھ سان واڳيل هجڻ
لازم آهي. ليڪن فلسفي جي مقابلي ۾ مذهب وارن وٽ
تاريخي لحاظ کان ذري گھٽ هڪ قسم جي سوچ يا ساڳي
قسم جا جواب آهن.
تصوف جيئن ته مذهب جي تحت نشونما حاصل ڪري
ٿو، ان ڪري سندس جواب به گھڻي ڀاڱي ساڳي نوعيت جا
ٿين ٿا ۽ تاريخي طور انهن ۾ پڻ يڪسانيت نظر اچي
ٿي. ليڪن انساني علم ۽ فڪر ۾ ترقيءَ سبب جيڪا وسعت
فڪر ۾ اچي ٿي، ان ڪري انهن سوالن جا جواب ۽
سمجھاڻيءَ جو انداز به تبديل ۽ ترقي پذير ٿئي ٿو ۽
تشريح جو نئون انداز سامهون اچي ٿو.
اسلامي تصوف جي تاريخ ٻي صدي هجريءَ کان
باقاعدي شروع ٿئي ٿي ۽ ستين صدي هجريءَ تائين جنهن
کي عروج واري صدي چئي سگھجي ٿو، نثر خواه نظم ۾ بي
انداز تحريري مواد سامهون اچي ٿو. ٻي صديءَ ۾ حسن
بصري (110/728) ۽ رابعه بصريءَ (185/801) جا نالا
ملن ٿا ته ٽين صديءَ ۾ جنيد بغدادي (297/909)،
بايزيد بسطامي (261/875)، منصور حلاج (309/922)،
ابوبڪر ڪلاباذي (380/990) آهن. چوٿين صديءَ ۾
ابونصر سراج (378/988) ۽ ابوطالب مڪي (386/996)
آهن. پنجين صديءَ ۾ علي هجويري (450/1058)، سنائي
(535/1140) خواجه عبدالله انصاري (481/1088)،
ابوسعيد ابوالخير (440/1049)، عبدالڪريم قشيري
(465/1072) ۽ ابوحامد غزالي (505/1111) جھڙا نامور
صوفي موجود آهن. ڇهين صديءَ ۾ شيخ عبدالقادر
جيلاني (560/1164)، شيخ ابونجيب سهروردي
(563/1168)، فريد الدين عطار (627/1230) وغيره جا
نالا ملن ٿا. ستين صدي هجري/تيرهين صدي عيسويءَ ۾
ابن عربي (638/1240)، شيخ شهاب الدين سهروردي
(632/1234)، مولانا جلال الدين رومي (672/1273) ۽
فخرالدين عراقي (688/1289) جھڙا وڏا صوفي نظر اچن
ٿا جن جو فڪر پوري اسلامي دنيا ۾ اثر انداز نظر
اچي ٿو.
جيتوڻيڪ اها حقيقت آهي ته ستين صديءَ ۾
وڏي ۾ وڏا صوفي پيدا ٿيا پر ان جو مطلب اهو نه
سمجھڻ گھرجي ته اڳتي اهو معاملو بيهجي يا ٺپ ٿي
ويو. انهيءَ پس منظر ۾ جڏهن اسين اٺين صديءَ جي
شروع ۾ ڏسون ٿا ته سعدالدين محمود شبستري
(وفات:717ھ/1317ع) هڪ هزار بيتن تي مشتمل مثنوي
تصنيف ڪري ٿو، جنهن ۾ هو انسان، ڪائنات ۽ خالق
ڪائنات جي باري ۾ کانئس پڇيل پندرهن سوالن جا اهڙا
جامع جواب ڏئي ٿو جيڪي تصوف جي تعليمات ۽ فڪر جو
نچوڙ آهن ۽ اهي ان لحاظ سان آئينده جي فڪر کي وڏي
پيماني تي متاثر ڪن ٿا. انهيءَ مثنويءَ جو نالو هو
’گلشن راز‘ رکي ٿو جنهن ۾ مڪمل طور 1008 بيت آهن،
البت ڪن نسخن ۾ تعداد 1030 تائين آهي. گلشن راز جي
شهرت تڏهن آسمان تائين پهچي وئي جڏهن شمس الدين
محمد لاهجي اسيري جيڪو پاڻ عالم فاضل ۽ شاعر هو،
تنهن ’مفاتيح الاعجاز‘ نالي سان ان جو 877ھ/1442 ۾
ضخيم شرح لکيو جنهن ۾ هن مثنوي مولانا رومي مان وڌ
۾ وڌ اشعار حوالي خاطر آندا. جديد دؤر ۾ اقبال
جيڪو تصوف جي شاندار روايت جو شارح هو، تنهن جتي
پاڻ کي کلم کلا روميءَ جو ’هندي مريد‘ ڪوٺيو، اُتي
هو ’گلشن راز‘ جي مثنوي کان ايترو متاثر هو جو
پنهنجي تصوف جي نئين زاويي کي ’گلشن راز جديد‘ جي
مختصر مثنويءَ ۾ پيش ڪرڻ ضروري سمجھيائين.
سعدالدين محمود بن عبدالڪريم 650ھ/1252ع
ڌاري تاريخي شهر تبريز جي ويجھو هڪ ڳوٺ شبستر ۾
پيدا ٿيو ۽ 720ھ/1320ع ۾ وفات ڪري ويو.
مولانا جامي ’نفحات الانس‘ ۾ محمود
شبستريءَ کان پندرهن سوال پڇندڙ امير حسينيءَ جو
ته احوال ڏنو آهي پر شبستريءَ بابت صرف ايترو لکيو
اٿس ته هو ’گلشن راز‘ جو مصنف آهي. حقيقت ۾
شبستريءَ بابت ڪٿي به تفصيلي احوال ڪونه ٿو ملي.
مشهور تذڪري ‘حبيب السير’ مان صرف اها خبر پوي ٿي
ته هو منگولن جي يلغار جي زماني ۾ پيدا ٿيو ۽
جوانيءَ جو زمانو انهيءَ عرصي ۾ گذاريائين. تبريز
جي ويجھو رهڻ ڪري هو منگولن جي ظالمانه ڪارواين
کان چڱيءَ طرح واقف هو ڇو ته تبريز هڪ لحاظ کان
منگولن جي وقت ۾ وڏو مرڪزي شهر هو. اهوئي زمانو هو
جڏهن منگول اڃا نڪو مسلمان نڪو عيسائي ٿيا هئا.
بلڪ اها چپقلش جاري هئي تانجو شبستريءَ جي زندگيءَ
۾ اهو عظيم واقعو رونما ٿيو. جڏهن غازان خان منگول
هڪ لک کان وڌيڪ قبيلي جي ماڻهن سوڌو 696ھ/1296 ۾
اسلام قبول ڪيو. ياد رهي ته ’گلشن راز‘ شبستريءَ
جي پنهنجي لکت موجب 717ھ/ 1317ع جي تصنيف آهي.
گويا جڏهن شبستري اها مثنوي لکي رهيو هو ته مختلف
عقيدن ۽ مذهبن جي باهمي آويزش هن جي ذهن ۾ چڱيءَ
طرح نقش هئي. جنهنڪري هن پنهنجي طرفان سچائي جو
آفاقي پيغام ڏنو آهي.
امير حسيني سيد لاءِ مولانا جامي لکي ٿو
ته هو موجوده افغانستان جي علائقي غور جي ڀرسان
رهندڙ هو. هو شيخ رڪن الدين ابوالفتح 635/1237
يعني شيخ بهاءُالدين زڪريا ملتانيءَ جي پوٽي جو
مريد هو. چون ٿا ته هو ڪجھ عرصو ملتان ۾ اچي رهيو
هو. امير حسيني پاڻ عالم فاضل ۽ شاعر هو سندس
تصنيفات ۾ ’نزهة الارواح‘، ’ڪنز الرموز‘،
’زادالمسافرين‘ ۽ ’روح الارواح‘ وغيره موجود آهن.
هو سال 718/1319 ۾ وفات ڪري ويو ۽ هرات ۾ مدفون
آهي.
هاڻي اسان هتي اهي پندرهن سوال جيڪي امير
حسينيءَ پاڻ محمود شبستريءَ کان ڪيا هئا ۽ جن جا
تفصيلي جواب مثنويءَ جي صورت ۾ شبستريءَ ڏنا آهن ۽
وچ وچ ۾ سمجھاڻي خاطر مثال يا سمجھاڻيون ڏنيون
آهن، نثري صورت ۾ پيش ڪريون ٿا ته جيئن اصلي مفهوم
تائين پهچڻ ۾ سولائي ٿئي.
سوال پهريون:
فڪر يا گھڻي ۽ گهري سوچ (Thinking)
ڇا کي چئجي ٿو؟
سوال ٻيو:
سلوڪ جي راھ ۾ ڪهڙو فڪر رهنما آهي؟ اهو ڪڏهن صحيح
۽ ڪڏهن غلط (گناھ) ڇو آهي؟
سوال ٽيون:
آءٌ ڪير آهيان؟ پنهنجي اندر ۾ سفر مان ڇا مراد
آهي؟
سوال چوٿون:
مسافر ڪير آهي ۽ سالڪ ڪنهن کي ٿا چون؟ ڀلا مرد
ڪامل ڪير آهي؟
سوال پنجون:
وحدت جي اسرارن کان ڪير باخبر آهي؟ عارف جي درجي
تي ڪير پهتل آهي؟
سوال ڇهون:
جيڪڏهن معروف (سڃاتل) ۽ عارف (سڃاڻندڙ) هو ٻئي پاڻ
آهي ته پوءِ هن خاڪ جي پُتلي جي ڪهڙي حيثيت آهي؟
سوال ستون:
’انا الحق‘ جي لفظن ۾ ڪهڙو مفهوم سمايل آهي؟ ڇا
اهڙن لفظن چوڻ وارو سچو هو يا بلڪل بڪواسي هو!
سوال اٺون:
سالڪ (مخلوق) کي ڪڏهن واصل چون ٿا؟ سير ۽ سلوڪ کيس
ڪيئن حاصل ٿئي ٿو.
سوال نائون:
واجب (ذات حق تعاليٰ) ۽ ممڪن (مخلوق) جو وصل ڪيئن
ممڪن آهي؟ ان ريت نزديڪ ۽ دور، گھٽ ۽ وڌ هجڻ مان
ڇا مراد آهي؟
سوال ڏهون:
اهو ڪهڙو سمنڊ آهي جنهن جو ڪنارو سراسر گفتگو آهي
۽ ان جي گھرائي ۾ ڪهڙا موتي ملن ٿا؟
سوال يارهون:
اهو ڪهڙو جُز (حصو يا ڀاڱو) آهي جيڪو پنهنجي ڪُل
(اصل) کان زياده يا وڏو آهي ۽ ان کي ڪيئن ڳولي هٿ
ڪجي؟
سوال ٻارهون:
ڇا جڏهن قديم (ازلي) محدث (جديد يا نئون پيدا ٿيل)
کان جُدا ٿيو، تڏهن هڪڙو عالم (ڪائنات) بنجي ويو ۽
باقي خدا (ازلي) رهجي ويو؟
سوال تيرهون:
حقيقت جي طالبن وٽ اکين، مُنهن، چپن، زلفن ۽ خط
وخال مان ڇا مراد آهي؟ ان لحاظ کان هو مقام ۽ حال
مان ڪهڙو مطلب وٺن ٿا؟
سوال چوڏهون:
ڀلا شراب، شمع، شاهد (محبوب) جھڙن لفظن جو ڪهڙو
مطلب آهي؟ ان ريت خراباتيءَ (مئي پرستيءَ) ۾ ڪهڙي
مام ۽ راز سمايل آهي؟
سوال پندرهون:
بُت (صنم)، زنار (جڻيو يا بدن تي ٻڌل ڌاڳو) ۽
ترسائي (غير مذهب تي هجڻ) سراسر ڪفر آهن يا انهن ۾
ڪو ٻيو اشارو سمايل آهي؟
مثنويءَ جي شروعاتي ٽيهن بيتن ۾ الله
تعاليٰ جي حمد وثنا ۽ رسول ڪريم ﷺ جي تعريف کان
پوءِ مثنويءَ جي تاليف جو سبب بيان ڪري ٿو ته اهو
سال 717ھ جو شوال مهينو هو جڏهن خراسان مان هڪ
قاصد اهي سوال منظوم خط جي صورت ۾ کڻي اچي
شبستريءَ جي ڳوٺ ۾ پهتو. جڏهن اهو خط مجلس ۾ پڙهيو
ويو ته اتي ويٺل هڪ جھان ديده شخص شبستريءَ کي
فرمائش طور عرض ڪيو ته توهان ئي هن خط جي جواب
تحرير ڪرڻ لاءِ موزون آهيو. شبستري چوي ٿو ته هن
مثنويءَ لکڻ جو اهو ئي سبب هو ور نه هو چوي ٿو ته
مون کي شاعريءَ سان ڪو خاص شغف ڪو نه هو. هن سلسلي
۾ هو پنهنجي ڪم علميءَ جو اظهار ڪندي چوي ٿو ته
”شاعري ته فارسيءَ جي عظيم شاعر فريد الدين عطار
تي ختم ٿي وئي.“
ظاهر آهي ته اهي پندرهن سوال جيڪي هينئر
مثنوي ’گلشن راز‘ جو موضوع آهن ۽ جن جو جواب هڪ
هزار بيتن تي مشتمل آهي، شبستريءَ جي اعليٰ ذهني
لياقت ۽ تصوف جي اصولي مسئلن تي دسترس جو پتو ڏين
ٿا. هتي اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته ’گلشن راز‘ کان
علاوه شبستريءَ جي ٻي مثنوي ’سعادتنامه‘ ۽ نثر ۾
’حق اليقين في معرفت رب العالمين‘ ۽ ’مرأت
المحققين‘ موجود آهن. ’سعادتنامه‘ ۾ هڪ هنڌ هو چوي
ٿو:
مدتي من ز عمر خويش مديد
صرف کردم به دانستن توحيد
در سفرها به مصر و شام و حجاز
کرده ام اي دوست روز و شب تگ و تاز
معنيٰ: مون پنهنجي عمر جو وڏو عرصو علم توحيد يعني
وحدت کي سمجھڻ ۾ صرف ڪيو. ان سلسلي ۾ مصر، شام ۽
حجاز جا سفر اختيار ڪيم ۽ اي دوست! ڏينهن رات
انهيءَ علم جي جستجو ۾ لڳو رهيس.
’سعادتنامه‘ ۾ ڪل ٽي هزار اشعار آهن ۽ ان
۾ هو فڪري طور امام غزاليءَ جي خيالن جي تائيد
ڪندي نظر اچي ٿو ۽ ان جي مقابلي ۾ بوعلي سينا جيڪو
خالص فلسفي آهي ۽ ناصر خسرو جيڪو اسماعيلي عقيدن
سبب ڄاتل سڃاتل آهي، انهن ٻنهي تي تنقيد ڪري ٿو ۽
سندن عقيدن کي گمراهيءَ جو سبب سمجھي ٿو. ليڪن محي
الدين ابن عربيءَ جي مشهور ڪتابن ’فتوحات مڪيه‘ ۽
’فصوص الحڪم‘ جي هن ريت تعريف ڪري ٿو:
از فتوحات و از فصوص حکم
هيچ نگذاشتم ز بيش وزکم
[مون فتوحات ۽ فصوص الحڪم کي بنا ڪنهن گھٽ وڌائيءَ
جي پوريءَ ريت مطالعو ڪيو مطلب ڪا شيءِ نه ڇڏيم.]
پر وري اهو به اعتراف ڪري ٿو ته انهن سان سندس دل
کي تسلي نه ٿي.
سخن شيخ محي و ملت دين
چون نکرد اين دل مرا تسکين
معنيٰ: البت جڏهن شيخ محي الدين و ملت (ابن
عربيءَ) جي تحريرن مان دل کي سڪون حاصل نه ٿيو.
اهڙيءَ حالت ۾ هو چوي ٿو ته پوءِ جڏهن مون
پنهنجي استاد شيخ امين الدين ڏانهن رجوع ڪيو ته هن
جي سمجھاڻيءَ سان اطمينان حاصل ٿيو.
شيخ استاد من امين الدين
دادي الحق جوابهاي چنين
من نديدم گر چنان استاد
کآفرين برو آن پاکش باد
معنيٰ: منهنجي استاد شيخ امين الدين انهن سوالن جا
برحق جواب ڏنا. مون اهڙو ٻيو ڪو استاد نه ڏٺو. هن
پاڪ خصلت انسان کي آفرين ۽ شاباس هجي.
هتان معلوم ٿئي ٿو ته شبستري نه صرف گھڻو
سير و سفر ڪيو ۽ مروج علوم تي کيس عبور حاصل هو،
پر هو خاص طور ابن عربيءَ جي فڪر ۽ عرفان سان گھڻو
اُنس رکندڙ هو. اهو ئي سبب آهي جو هن جي ٻن خاص
تصنيفن جا نالا کڻي ذڪر ڪري ٿو. وري اهو به مڃي ٿو
ته انهن ڪتابن جي مطالعي مان سندس تشفي نه ٿي ته
آخر پنهنجي استاد ڏانهن رجوع ڪيائين جنهن کان پوءِ
کيس تسلي ۽ اطمينان ٿيو.
اها حقيقت آهي ته ’گلشن راز‘ ۾ شبستري
وحدت الوجود جو زبردست شارح نظر اچي ٿو. هو شروعات
ان سوال سان ڪري ٿو ته انساني فڪر جي نوعيت ڪهڙي
آهي ۽ ان جون ڪهڙيون سرحدون آهن؟ انسان جو پنهنجي
خالق سان ڪهڙو تعلق آهي ۽ ان تعلق جي ڪهڙي نوعيت
آهي يا ان کي ڪيئن سمجھي سگھجي ٿو؟ مرد ڪير آهي ۽
هن جون ڪهڙيون خوبيون يا وصفون آهن؟ عارف ۽ معروف
ڪير آهن؟ انسان جو پاڻ کان سوال ته آءٌ ڪير آهيان،
ان جو ڪهڙو جواب آهي. مان، تون ۽ هو، انهن جو پاڻ
۾ ڪهڙو واسطو آهي يا ٿي سگھي ٿو.
اهي سوال عام فهم زبان ۾ آهن پر جڏهن اهي
اصطلاحي انداز ۾ ڪجن ٿا ته پوءِ چئبو هن عالم ۽
ڪائنات جي ڪهڙي حيثيت آهي. وحدت ۾ ڪثرت، واجب ۽
ممڪن، وجود ۽ عدم، جوهر ۽ عرض، قديم ۽ حادث، جبر ۽
قدر، فنا ۽ بقا، زمان ۽ مڪان، سير ۽ سلوڪ، نبوت ۽
ولايت، جُز ۽ ڪُل، وصال ۽ اتحاد وغيره ڇا آهن.
صوفيانه شاعريءَ ۾ استعارا جھڙوڪ شمع ۽ شاهد، شراب
۽ مستي، زلف ۽ رخ، لب ۽ چشم، خال ۽ خط، بت ۽ زنار،
خراباتي ۽ ترسابچه وغيره مان اصل مطلب ڪهڙو آهي.
وحدت الوجود جي فڪر کي عام طور ابن عربيءَ
سان منسوب ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو سمجھيو وڃي ٿو ته ان
فڪر جي ابتدا هن کان ٿي آهي. حالانڪ زياده صحيح
ڳالھ اها آهي ته اهو فڪر صديون اڳ ڪيترن صوفين وٽ
نظر اچي ٿو. البت اهو صحيح آهي ته ابن عربي وحدت
وجود کي بلڪل نئين پيرايي ۽ انداز ۾ بيان ڪري ٿو ۽
ان ڪري هو اڪثر نوان اصطلاح متعارف ڪرائي ٿو يا
پراڻن اصطلاحن کي نئين معنيٰ پهرائي ٿو. ابن
عربيءَ کان اڳ اهو فڪر سنائي (535/1140)، عبدالله
انصاري (481/1088)، ابوسعيد ابوالخير (440/1049) ۽
فريدالدين عطار (627/1230) جي شاعريءَ ۾ چڱيءَ طرح
موجود آهي. اهڙيءَ طرح نثر جي لحاظ کان ان جا وڏا
شارح بايزيد بسطامي (261/874)، منصورحلاج
(309/922)، امام محمد غزالي (505/1111) ۽ سندس
ڀاءُ احمد غزالي (520/1126) شامل آهن.
هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته جيئن مٿي چيو ويو ته
شبستري ابن عربيءَ جي فڪر کان گھڻو متاثر آهي، بلڪ
گهڻي ڀاڱي هن جا اصطلاح ۽ اِستعارا استعمال ڪري
ٿو. مثلاً وجود ۽ عدم جي تصورات جي سلسلي ۾ ٻنهي
وٽ يڪسانيت نظر اچي ٿي.
عدم آئينه هستي است مطلق
کزو پيدا ست عکس تابش حق
عدم چون گشت هستي را مقابل
درو عڪسي شد اندر حال حاصل
وڌيڪ چوي ٿو:
عدم موجود گردد اين محال ست
وجود از روي هستي لا يزال ست
معنيٰ: عدم موجود نٿو ٿي سگهي ڇو ته اهو ناممڪن
آهي وجود (مطلق) هئڻ جي حساب کان ازلي آهي (قديم
آهي).
يا وري هيئن چوي ٿو:
عدم مانند هستي بود يکتا
همه کثرت ز نسبت گشت پيدا
معنيٰ: عدم هستيءَ (وجود) وانگر اڪيلو آهي عدم
هڪڙوئي آهي هر قسم جي ڪثرت نسبت جي ڪري آهي مطلب
وجود ۽ عدم ۾ ڪثرت ڪونهي.
عدم جو اهو تصور ابن عربيءَ وٽ ملي ٿو جنهن کي هو
خاص اصطلاح اعيان ثابته سان واضح ڪري ٿو يعني
معلومات ذات خداوندي جيڪا ازل کان وٺي آهي پر جن
جو خارجي وجود ڪونهي ’اعيان ثابته‘ جي لاءِ ابن
عربيءَ جو مشهور جملو آهي:
”الاعيان ما شمّت رائحة الوجود“
معنيٰ: اعيان اهي آهن جن وجود جي بوءِ نه سنگهي
آهي.
شبستريءَ جي مٿين شعرن ۾ عدم مان اها حالت مراد
آهي ۽ ان لحاظ کان اهي يڪتا آهن پر انهن جي خارجي
نسبت سان ڪائنات ۾ ڪثرت يعني مختلف شين جو ظهور
ٿئي ٿو. وجودي حضرات عام فهم زبان ۾ شين کي تعينات
چون ٿا. ابن عربي مطابق وجود صرف واجب تعاليٰ جو
آهي ۽ وجود جو اطلاق به صرف مٿس ٿي سگهي ٿو جيڪو
خود بخود پاڻ قائم آهي ۽ اهو ئي ذات باري آهي.
مطلب هن کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو وجود ڪونهي ٻي ڪا
به شيءِ موجود ته ٿي سگهي ٿي پر پنهنجي وجود ۾ اها
ذات باري تعاليٰ جي محتاج آهي گويا جنهن وجود جو
ڪو تعين ٿئي ٿو ته اها شيءِ موجود ٿئي ٿي. شبستري
به ائين چوي ٿو:
وجود خلق وکثرت در نمود ست
نه هرچه آن مي نمايد عين بود ست
معنيٰ: مخلوقات جو وجود (هئڻ) ۽ ظاهري ڪثرت صرف
ڏسڻ ۾ آهي ڇو ته جيڪي ڪجھه ڏسڻ ۾ اچي ٿو انهن کي
وجود هئڻ يعني بود ڪونهي.
ابن عربي ۽ شبستريءَ وٽ ’واجب‘ ۽ ’ممڪن‘ جو تصور
به تقريباً ساڳيو آهي. شبستري چوي ٿو:
چو ممکن گرد امکان برفشاند
بجز واجب دگر چيزي نماند
معنيٰ: جڏهن ممڪن (امڪاني وجود) کان اها مٿي
(غيريت) صاف ٿئي ته پوءِ فقط واجب (ذات) کان سواءِ
ڪا شيءِ نٿي بچي.
هتي واجب مان مراد واجب الوجود آهي جو هڪ ئي آهي ۽
اصل به آهي. هتي هيءَ ڳالھه ياد رکڻ گهرجي ته واجب
ڪڏهن ممڪن نٿو ٿي سگهي ۽ نه ممڪن واجب ٿي سگهي ٿو.
ممڪن عدم ئي هوندو آهي ان ڪري اهو واجب نٿو ٿي
سگهي. عدم مطلق وجود مطلق لاءِ آئيني وانگر آهي.
ابن عربي ان جي وضاحت ڪندي چوي ٿو:
”ذات باري تعاليٰ پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ واجب آهي
يعني هن جو موجود نه هجڻ محال يا ناممڪن آهي. هن
تي ڪنهن به وقت ان حيثيت سان ڪنهن به قسم جو عدم
طاري نٿو ٿي سگهي. انهيءَ ڪري هو ’الآن ڪما ڪان’
يعني ائين آهي جيئن هو.“
[فتوحات مڪيه - 1، ص 132]
موجوده دور ۾ وحدت وجود جو هڪ خام البت
عام فهم تصور روز افزون آهي جيڪو ڪنهن حد تائين
مغربي تصور جي پيداوار آهي ۽ ٻيو تصوف جي اصل ۽
بنيادي ماخذن کان اڻ ڄاڻائي جو نتيجو آهي. مثلاً
فطرت (Nature)
کي خدا سان همسر سمجھيو وڃي ٿو. ٻين لفظن ۾ فطرت
ئي خدا آهي جھڙي غلط عقيدي کي صوفين ڏانهن منسوب
ڪيو وڃي ٿو. حالانڪ صوفين جو خدا محبت ۽ عشق جو
خدا آهي ڇو ته هن هي جھان محبت منجھان پيدا ڪيو
آهي. اهو خدا محبت ۽ عشق وارو آهي جيڪو انسان مان
به اها ئي اميد رکي ٿو. ان ڪري صوفي جڏهن به ڳالھ
ڪري ٿو ته هو محبت جي زبان ۾ ڪري ٿو. ايتريقدر جو
انساني حُسن ۽ خوبصورتيءَ جا جيڪي به اشارا آهن،
صوفين انهن کي پنهنجي معنيٰ ڏني آهي.
صوفيانه شاعري جي انهيءَ انداز کي هر دور ۽ هر فڪر
جي عالمن تسليم ڪيو آهي. بلڪ حقيقت اها آهي ته
صوفين پنهنجو اهو معنوي انداز ٻين مذهبن ۽ قومن جي
استعارن ۽ اشارن ۾ به ڳولهي ورتو آهي. اهو ئي سبب
آهي جو سندن سخن فهميءَ جو دائرو وڌيڪ وسيع ٿيندو
رهيو آهي بلڪ ان ڪري صوفيانه شاعريءَ کي ٻين مذهبن
وارن به پسند ڪيو آهي. شبستريءَ جي هن مثنويءَ ۾
اهڙا اصطلاح ملن ٿا.
ونفيلڊ (Whinfield)
جنهن شبستريءَ جي هن مثنويءَ کي پهرين انگريزيءَ ۾
اڄ کان اٽڪل ڏيڍ صدي اڳ پيش ڪيو هو. ان جو هتي هڪ
اقتباس پيش ڪجي ٿو، جيڪو ٻڌائي ٿو ته مغرب جي
صوفيانه تصور ۽ مشرقي تصوف ۾ ڪهڙو بنيادي فرق آهي:
Hence, it is clear that the pantheism of the
sufis at any rate as expounded in the
Gulshan-e-Raz, must not be confounded with the
European Pantheism of the present day, that
pantheism which in the words of Bossuet, ‘makes
every thing God except God him self”. In the
Gulshan-i-Raz we find a different species of
pantheism one held conjointly with a theory of
divine personality, and the obligations of
morality. Mahmud’s pantheism is an amplification
rather than a minimification of the idea of the
divinity, infinite, omnipresent and omnipotent.
(P- VIII)
ترجمو: هتان اهو واضح ٿيڻ گھرجي ته صوفين وارو
وحدت الوجود جنهن جي سمجھاڻي ’گلشن راز‘ ۾ ملي ٿي،
اهو مغرب جي موجوده دور واري ’همہ اوست‘ کان مختلف
۽ جداگانه آهي. ڇو ته اهو بقول ’بوسُٽ‘ ”ٻي هر
شيءِ کي خدا بنائي ٿو پر خود خدا جو انڪار ڪري ٿو.
’گلشن راز‘ ۾ جنهن همہ اوست واري نظريي جي سمجھاڻي
ڏنل آهي ان ۾ جتي خدا جي شخصيت (Personality)
جو مڪمل اقرار ملي ٿو، اتي اخلاقي ذميواري به
بدرجه اُتم موجود آهي. محمود شبستريءَ جي وحدت
وجود واري نظريي موجب خدا جي ذات جتي همہ گير ۽
لامتناهي آهي، ساڳي وقت اها ذات هر هنڌ حاضر ناظر
۽ قدرت واري پڻ آهي. يعني هن جو نظريو هر لحاظ کان
آفاقي ۽ وسعت پذير آهي ۽ اهو ڪنهن به ريت محدود ۽
گھٽجڻ يا سُسڻ (Minmification)
وارو ناهي.“
سنڌ ۽ هند ۾ گلشن راز جو اثر:
شبستريءَ جو زمانو ستين صديءَ جي پوئين
حصي ۽ اٺين صديءَ جي شروعات وارو آهي جيڪو اسلامي
تاريخ ۾ وڏي تباهي ۽ برباديءَ جو زمانو آهي. ستين
صديءَ جي شروع ۾ منگولن جو جيڪو طوفان اُٿيو، اهو
656/1256 ۾ بغداد جي مڪمل تباهي ۽ عباسي خلافت جي
خاتمي جي صورت ۾ سامهون آيو. اها تباهي تيستائين
جاري رهي جيستائين ستين صديءَ جي آخر ڌاري يعني
696/1296 ۾ غازان خان منگول پنهنجي هڪ لک کان وڌيڪ
پوئلڳن سوڌو اسلام ۾ داخل نه ٿيو. ان کان اڳ 617/
1220 ۾ جڏهن منگولن خوارزم تي قبضو ڪيو ته مشهور
صوفي نجم الدين ڪبريٰ پاڻ پٿرن جي جھولي ڀري
مقابلي لاءِ آيو ۽ پٿرن هڻندي شهيد ٿي ويو.
تقريباً ڏهن سالن بعد 627/1230ع ۾ فريد الدين عطار
منگولن هٿان شهيد ٿيو. اهو دور هو جڏهن منگولن
هندستان جو رخ رکيو ته ملتان جو حڪمران سلطان محمد
683/ 1285ع هنن جي هٿان تير لڳڻ سان مارجي ويو ۽
امير خسرو سندن هٿان گرفتار ٿيو. اها امير خسرو جي
خوش قسمتي هئي جو منگولن جي هٿان مارجڻ کان بچي
ويو. شبستري جيڪو تبريز جھڙي مرڪزي شهر جي
پسگردائيءَ ۾ رهندڙ هو، منگولن جي هٿان ٿيندڙ
تباهي ۽ واقعات کان بي خبر نه هو.
بهرحال هندستان ۾ شبستريءَ جي معاصرين ۾
شيخ نظام الدين اولياء (725/1325) ۽ امير خسرو
(725/1325) ۽ بوعلي قلندر (724/1324) وغيره شامل
آهن، ليڪن ’گلشن راز‘ جي شعرن بابت غالباً پهريون
حوالو عبدالقدوس گنگوهيءَ (944/1537) جي مڪتوبات ۾
ملي ٿو ۽ اهو شعر هن ريت آهي:
اگر کافر ز بت آگاه گشتي
کجا در دين خود گمراه گشتي
قدوسي وحدت وجودي خيالن جو وڏي ۾ وڏو
پرچارڪ آهي. اهڙا خيال سندس هندي ڪلام ۾ به ملن
ٿا. احد ۽ احمد ۾ ميم واري فرق جي ڳالھ جيڪا
غالباً شبستريءَ کان شروع ٿي، اها پڻ قدوسيءَ وٽ
ملي ٿي. يارهين/سترهين صديءَ ۾ وري دارا شڪوه
(1024 - 1069) جيڪو وحدت الوجود کان زياده بين
المذاهب هم آهنگي جو مبلغ هو، پنهنجي مختصر تصنيف
’حسنات العارفين‘ ۾ بت ۽ زنار بابت شبستريءَ جي
خيالات کي شطحيات طور هيٺيان اشعار پيش ڪري ٿو:
بت اينجا مظهر عشق است وحدت
بود زنار بستن عقد خدمت
يا وري هي اشعار
مسلمان گر بدانستي بت چيست
بدانستي که دين در بت پرستي ست
اگر مشرک ز بت آگاه گشتي
کجا در دين خود گمراه گشتي
ان کان سواءِ هي اشعار به آندا اٿس:
هم او کرد هم او گفت وهم او بود
نکو کرد و نکو گفت و نکو بود
يکي بين و يکي گوي و يکي دان
برين ختم آمد اصل و فرع ايمان
دارا شڪوه کان هڪ صدي پوءِ وري مرزا عبدالقادر
بيدل دهلوي (1133/1720) جيڪو فارسي زبان جو وڏو
شاعر آهي، گلشن راز کان گھڻو متاثر لڳي ٿو. هو احد
۽ احمد واري تصور کي پنهنجي لفظن ۾ هن ريت پيش ڪري
ٿو:
ز آغوش احد يک ميم جوشيد
که بيرنگي لباس پوشيد
يارهين/سترهين صدي ۾ سنڌ اندر تصوف بابت پهرين
مڪمل تصنيف ’رساله فتحيه‘ جيڪو 1019/ 1610ع ۾
مخدوم نوح جي پوٽي مخدوم فتح محمد تاليف ڪيو، ان ۾
پڻ گلشن راز جو اهو مشهور بيت ملي ٿو:
احد در ميم احمد گشت ظاهر
درين دور آمد اوّل عين آخر
[بيت:19]
اهڙيءَ طرح يارهين صدي ۾ جڏهن سنڌ ۾ تصوف جي پهرين
ملفوظات ’بيان العارفين‘ 1032/1623 ۾ لکي وئي،
جنهن ۾ شاھ عبداللطيف جي تڙ ڏاڏي شاھ عبدالڪريم
بلڙيءَ واري جا اقوال ۽ سنڌي بيت به ڏنل آهن، ان ۾
به گلشن راز جا هي اشعار ملن ٿا:
روا باشد انا الله از درختي
چرا نبود روا از نيک بختي
[بيت:446]
اهڙيءَ طرح ان ۾ انسان ڪامل جي باري ۾ گلشن راز جو
هي بيت پڻ حوالي طور ملي ٿو:
کسي مردي تمام است کز تمامي
کند با خواجگي کار غلامي
[بيت:347]
شاھ عبداللطيف جيڪو ”بيان العارفين“ کي هميشه پاڻ
سان گڏ رکندو هو. اهو پڻ ان ريت گلشن راز جي
روايتن کان ضرور واقف ٿيو هوندو. انهيءَ ڪري هي
بيت چيائين:
احد احمد پاڻ ۾، وچان ميم فرق
آهي مستغرق، عالم انهيءَ ڳالھ ۾.
جيڪو سڌو سنئون گلشن راز جي هن بيت جو پڙاڏو معلوم
ٿئي ٿو:
ز احمد تا احد يک ميم فرق است
جهاني اندر آن يک ميم غرق است
[بيت:20] |