سيڪشن: تصوف

ڪتاب: گلشن راز

باب:

صفحو:5 

تمهيد جا حاشيه

 

19.                                                                          سڀ کان ضروري ۽ اعليٰ شيءِ آهي معرفت الاهي، جا فڪر ڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿي، خاص کي ڪشف جي رستي ۽ عام کي استدلال يا حجت دليل يعني علم سان. اهي ٻئي فڪر يا تفڪر هيٺ اچن ٿا، علم ۽ عمل انهن کان پوءِ.

20.                        تجلي ظهوري ٻن قسمن جي آهي، (هڪ) عام ۽ (ٻي) خاص. هڪڙي تجلي رحماني ۽ ٻي تجلي رحيمي. پهرئين مان فضل ظاهر ٿو ٿئي ۽ ٻيءَ مان فيض.

=يعني آدم جي مٽيءَ مان ذاتي ۽ اسمائي ڪمال ظاهر ڪيائين.

21. اشارو ڪُن فيڪون جو قرآن ۾ آهي ته إِنَّمَا أَمْرُهُ إِذَا أَرَادَ شَيْئًا أَنْ يَقُولَ لَهُ كُنْ فَيَكُونُ  (يس:82).

22.                        قلم يعني تعين اول ۽ عدم يعني اعيان ثابته، جي قدرت سان ظاهر ٿيا ۽ جدا جدا صورتون پيدا ٿيون.

26.            تجلي شهودي جي ڪري پهرين حق صورت ۾ ظاهر ٿيو، پر ٻي طرح اُهي صورتون يا شيون مخلوق ۽ ممڪن ٿيون سڏجن، يعني تعين ٿيل يا معين آهن معرفت جو مطلب به اهو ته حق واحد الذات ۽ ڪثير الصفات آهي.

27.            جزو يعني تعين آدم ۽ ڪل يعني واحد مطلق. اهو پهريون سفر ٿيو سير رجوعي يا سير الي الله ۽ ٻيو سير عالم ڏي ٿيو سير باالله، جو سالڪ واصل عارف تي ظاهر ٿو ٿئي.

28.            تعين هڪڙو امر اعتباري آهي سڀ مخلوقات ۽ شيون رڳو اعتبار جي ڪري حق جي پٺيان هستيءَ ۾ آهن نه ته حقيقت ڪري ڪي ڪين آهن. اها ڪثرت رڳو وحدت جي پٺيان ٿي سڃاپي نه ته عدم آهي.

29.            جھڙي طرح ڳاڻيٽي ۾ اصل انگ يا عدد هڪڙو آهي، ٻيا وڏا انگ يا عدد انهيءَ هڪڙي مان ٻين گڏڻ سان ٿا ٿين، جيئن ته ڏهن جي معنيٰ ڏھ ڀيرا هڪ وغيره.

1.                  ڪل شيءِ يرجع اليٰ اصلہ

73.            وحدت ۽ ڪثرت گڏي پيئي آهي.

74.            چڻگ تڪڙي گھمائڻ ڪري ليڪ وانگي ڏسجي ٿي ۽ نقطو ليڪ وانگي ڏسجي ٿو ۽ اصل ليڪ به نقطن مان جڙيل آهي، گھڻا نقطا گڏجي ليڪ ٿا ٿين.

75.            اول موجودات آهي عقل اول، انهيءَ نقطي تان ليڪ هلي هيٺ تنّزل ڪري مرتبئه الاهي تي پهچي ٿي. انهيءَ طرح دور يا گھيرو پورو ٿئي ٿو ۽ وري اصل واري نقطي تي اچي ٿو. سالڪ سڀ انهيءَ رستي تي ٿا هلن.

75.            ميم جو ابجد موجب عدد چاليھ آهي ۽ موجودات جا مرتبا به چاليھ ٿا چون، جن صورتن ۾ حق ظاهر ٿيو آهي. ميم آهي تعين اول يا تعين محمدي يا حقيقت محمدي.

79.            جيئن منصور چيو ته ”آءٌ حق آهيان“ ۽ ٻين به اهڙي قسم جون ٻوليون ٻڌائي سر ڏنو.

83.            قديم حق آهي جو اصل کان هو ۽ محدث مخلوقات آهي جا پوءِ پيدا ٿي.

84.            (شاهد) يعني محبوب.

 

 

سوال – اول

سوال پهريون

(1)     

 نخست از فکر خويشم در تحيّر
 که چه بود آنکه گويندش تفکّر
 

اوّل آهي مون کي ان جو تحيّر
آهي ڇا فڪر، فڪرت يا تَفڪّر
 

 

جواب

جواب

(2)    

 مرا گفتي بگو چه بود تفکر
 کزين معني فتادم در تحير

[تو مون کان پڇيو آهي ته ’فڪر ڇا آهي.‘ مان خود ان جي مطلب سمجهڻ ۾ حيران پريشان آهيان.]

 

(3)    

 تفکر رفتن از باطل سوئي حق
 به جزو اندر بديدن کلّ مطلق

 

تفڪر ٿيو وڃڻ باطلَ کان ڏانهن حق
ڏسڻ هڪ جُزوَ اندر ڪُلَ مطلق
 

(4)    

 حکيمان کاندرين کردند تصنيف
 چنين گفتند در هنگام تعريف

 

[ڪجھه ڏاهن هن سلسلي ۾ ڪتاب لکيا، اسان کي ان جي تعريف هينئن ٻڌائن پيا.]

(5)    

 که چون حاصل شود در دل تصور
 نخستين نام آن شد با تذکر

[ڪجھه ڏاهن هن سلسلي ۾ ڪتاب لکيا، اسان کي ان جي تعريف هينئن ٻڌائن پيا.]

(6)    

 وز و چون بگذري هنگام فکرت
 بود نام وي اندر عرف عبرت

جڏهن اُن کان لنگھي ٿئي وقت فِڪرت
تڏهن نالو انهي جو آهي عِبرت

 

(7)    

 تصور کان بود بهر تدبر
 به نزد اهل عقل آمد تفکر

تصوّر تي جڏهن ٿئي ٿو تَدبّر
تڏهن ٿئي عقل وارن وٽ تفڪّر

(8)    

 ز تدبير تصورهاي معلوم
 شود تصديق نا مفهوم مفهوم
 

تصوّر جي، جي ٿي ترتيب معلوم
ته نا مفهُوم شيءِ پوءِ ٿيندي مفهوُم
 

(9)    

 مقدم چون پدر تالي چو مادر
 نتيجه هست فرزند، اي برادر

مُقٰدمّ پيءُ ٿيو ۽ تالي ٿي ماءُ
نتيجو تن جو ٿيو پُٽ آخر اي ڀاءُ
 

(10)

ولي ترتيب مذکور از چه و چون

بود محتاج استعمال قانون

[فڪر يا سوچ جي جيڪا به ترتيب ٿيندي، اها (منطق جي) قاعدي قانون کان ٻاهر نه هوندي.]

(11)

دگر باره در او چون نيست تاييد

 هر آئينه که باشد محض تقليد

اها ٿي قاعدي منطق جي تقليد
نه چئبي ڪا خدائي ان ۾ تائيد

(12)

 ره دور و درازست اين رها کن
 چو موسيٰ يک زمان ترک عصا کن
ڏکي ايءَ عقل ۽ قانون جي واٽ
ڇڏج تان توتي پئي ڪا نُور جي لاٽَ

(13) 

 در آي در واديء ايمن زماني

شنو اِنّي انا الله بي گماني

عَصا ڇڏ، وادي اَيمن جي وٺ راھ
ته مُوسيٰ جان ٻُڌين ’اِني اَنَا الله‘

(14)  

محقق را که بر وحدت شهودست

نخستين نظر بر نورو وجودست

ڏسي ڪثرت ۾ جو وحدت مُحقّق
نظر تنهن کي اچي موجود ۾ حقُ

(15)

دلي کز معرفت نورِ صفا ديد

ز هر چيزي که ديد اول خدا ديد

ڏٺو مان معرفت نور صفا جنهن
ڏٺو سڀ شيءِ منجھان اوّل خدا تنهن

(16)

بود فکر نکو را شرط تجريد

پس آنگه لمعئه‌ از برق تاييد

جڏهن ٿئي فڪر ۾ تجريد تفريد

تڏهن پهچي الاهي ڪنهن کي تائيد

(17)

هر آنکس را که ايزد راه ننمود

ز استعمال منطق هيچ نگشود

خُدا جڏهن واٽ ٿو ڪنهن کي ڏيکاري
ڇڏي منطق معاني سڀ وساري

(18)

حکيم فلسفي چون هست حيران

نمي بيند ز اشيا غير امکان

حڪيم ۽ فلسفي جڏهن آهي حيران
ڏسي تڏهن ڪين ٿو سو غير امڪان

(19)

از امکان مي‌کند اثبات واجب

ازين حيران شد اندر ذات واجب

ڪري امڪان مان اِثبات واجب
ٿئي حيرانُ سو منجھ ذاتِ واجب

(20)            

گهي از دور دارد سير معکوس
 گهي اندر تسلسل گشته محبوس

[گويا اهو ڏاهو يعني حڪيم يا فلسفي گول دائري ۾ الٽو پيو گهمي، اهو ان ريت اهڙو ڦاٿل آهي جو سندس ٻاهر نڪرڻ محال آهي.]

(21)             

 چو عقلش کرد در هستي توغل
 فرو پيچيد پايش در تسلسل
 

[جڏهن هن ڏاهي جو عقل هستيءَ جي چڪر ۾ گم ٿيو، ته پوءِ هو ڏاند وانگر گهاڻي ۾ پيو هلندو.]

 

(22)            

 ظهور جملئه اشيا به ضدست
 ولي حق را نه مانند و نه ندست

ٿين ٿيون سڀ شيون سان ضِد ظاهر

مگر حق بي مثل بي ضد سائر

(23)            

 چو نبود ذات حق را ضد و همتا
 ندانم تا چگونه داني او را

[جڏهن حق جي ذات جو ڪو برابر يا ضد ناهي، تنهنڪري مان نٿو سمجهان ته هن کي ڪيئن سڃاڻي سگهبو.]

 

(24)            

 ندارد واجب از ممکن نمونه
 چگونه دانيش آخر چگونه؟

رکي ممڪن نه واجب جو نمونو
لهي ڪيئن، ٿيو جو بيچون بي چگونو

 

(25)            

 زهي نادان که او خورشيد تابان
 به نور شمع جويد در بيابان

آهي نادان جو خورشيد تابان

ٿو ڳولي شمع سان نِت منجهه بيابان

 

تمثيل

مثال يا سمجھاڻي

(26)            

 اگر خورشيد بر يک حال بودي
 شعاع او به يک منوال بودي

خدا سِڄُ ۽ جھان آهي سندس نُور
حق اُن ۾ روشنائي کان ٿيو مستُور

 

(27)            

ندانستي کسي کين پرتو اوست
 نبودي هيچ فرق از مغز تا پوست

[ان صورت ۾ ڪنهن کي به خبر نه پوي ها ته اهي شعاع يا ڪرڻا ڪنهن جو پرتوو آهن، گويا مغز ۽ کوپي ۾ فرق نه ڪري سگهجي ها.]

 

(28)            

 جهان جمله فروغ نور حق دان
 حق اندر وي ز پيدايي است پنهان
 

[هن ڪائنات کي حق جي ذات جو نور يا روشني سمجھو، تاهم حق لڪل ۽ ڳجھو آهي ۽ هي جھان ظاهر آهي.]

 

(29)            

 چو نور حق ندارد نقل و تحويل
 ندارد اندر او تغيير و تبديل
 

[حق جو نور يا روشني هر قسم جي تبديلي کان پاڪ آهي، بلڪ ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڦيرگهير ڪونه آهي.]

(30)            

تو پنداري جهان خود هست دائم
به ذات خويشتن پيوسته قائم

تون دنيا کي ٿو سمجھين پاڻ دائم
غلط فهميءَ کان ڄاڻين تنهن کي قائم

 

(31)             

 کسي کو عقل دورانديش دارد
 بسي سرگشتگي در پيش دارد

[جنهن کي گھڻي يا وڏي عقل سان نوازيو ويو آهي، اهو پريشان ۽ ڳولا به گھڻي ڪندو آهي.]

 

(32)            

ز دورانديشي عقل فضولي

يکي شد فلسفي ديگر حلولي

اهو ٿيو عقلُ ماڻهوءَ جو فضُولي

ٿئي هڪڙو فلسفي ٻيو حلُولي

(33)            

خرد را نيست تابِ نور آن روي

برو از بهر او چشم دگر جوي

]عقل کي هن جي نور جي تکي تاب سهڻ جو طاقت ناهي، هاڻي ان کي ڇڏ ۽ ان لاءِ ڪا ٻي اک هٿ ڪر.[

 

(34)            

دو چشم فلسفي چون بود احول

ز وحدت ديدن حق شد معطل

[جيئن ته ڏاها ۽ حڪيم ٻنهي اکين کان ٽيڏا آهن، اهي هيڪڙائي (وحدت) کي نٿا سمجھي سگهن.]

(35)            

ز نابينايي آمد راه تشبيه

ز يک چشمي است ادراکات تنزيه

اَنڌائي کان ٿا ڪَمِ آڻين تشبيھ
ٻيا يَڪ چشم ٿي سمجھن ٿا تنزيھِ

 

(36)            

تناسخ زآن سبب شد کفر و باطل

که آن از تنگ چشمي گشت حاصل

تَناسخ تنهنڪري ٿيو ڪُفر باطل
جو ٿئي ٿو تنگ چشمي کان سو حاصل

 

(37)            

چو اکمه بي‌نصيب از هر کمال است

کسي کو را طريق اعتزال است

ٿيا ڪي معتزل بدبخت گمراھ
ڪي مُتڪلّم ٿيا، جن کي ٿي اونداھ

 

(38)            

رَمَد دارد دو چشم اهل ظاهر

که از ظاهر نبيند جز مظاهر

رکن ٿا مرض اکين جو لعل ظاهر
جي ظاهر مان پروڙن ٿا مظاهر

(39)            

کلامي کو ندارد ذوق توحيد

به تاريکي در است از غيم تقليد

[علم ڪلام وارن وٽ به وحدت جي وائي ڪونهي، اهي به تقليد جي اونداهيءَ ۾ وڪوڙيل يا ڦاٿل آهن.]

 

(40)            

از و هرچه بگفتند از کم و بيش

نشاني دادهء ‌اند از ديدئه خويش

چون جيڪي ٿا گھٽ يا وڌا اُهي ئي
نشاني ٿا ڏين پنهنجن اکين جي

 

(41)             

منزه ذاتش از چند و چه و چون
تَــــعــــالــي شَـــانُه عَــمّا يَقُولُون

خدا جي ذات ۾ نه چَند نه چُون
تعاليٰ شانہٗ عما يقولوُن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org