هتي اهو ٻڌائڻ مناسب ٿو لڳي ته شيخ عبدالرحيم
گرهوڙي (1192ھ/1778) جيڪو سلطان الاولياء خواجه
محمد زمان لواريءَ واري جو وڏو خليفو هو ۽ پاڻ وڏو
عالم صوفي هو، تنهن جڏهن خواجه صاحب جي اقوالن جو
شرح ’فتح الفضل‘ لکيو ته ان ۾ رومي، حافظ ۽ جامي
کان علاوه ٻين فارسي ۽ عربي شاعرن جا شعر حوالي
طور آندائين. ليڪن هڪ هنڌ ’گلشن راز‘ مان هي بيت
حوالي طور ڏنائين:
خراباتي شدن از خود رهائي است
خودي کفر است اگر خود پارسائي است
[بيت: 840]
گرهوڙي کان پوءِ سنڌ ۾ صوفي فڪر جو ۽ فارسي زبان
جو قادر الڪلام شاعر عبدالقادر بيدل (1289/1873)
روهڙيءَ وارو هو. فارسيءَ ۾ سندس ٽي ديوان ۽
ڪيتريون مثنويون موجود آهن. اسان سندس مثنوين ۽
ڪجھ نثري تحريرن کي ’احوال وآثار عبدالقادر‘ ۾
ترتيب ڏنو آهي. هو فارسي زبان جي وڏن صوفي شاعرن
رومي، عراقي، حافظ ۽ جاميءَ کان گھڻو متاثر هو. هن
جي شاعريءَ ۾ پڻ شبستريءَ جي اثرات کي محسوس ڪري
سگھجي ٿو. ايتريقدر جو سندس غزليات ۾ به تصوف جو
رنگ غالب آهي. ’ديوان مصباح الطريقت‘ جي پهرين غزل
۾ هڪ شعر هن ريت ملي ٿو:
به محبوبي که انا احمد بلا ميم ست نطق او
به حال و قال گردان متحد قلب ولسانم را
هڪ ٻئي هنڌ چوي ٿو:
هم تو چون احمد شده جامع همه غيب وشهود
قائل رمز بلا ميم آشکارا گشته اي
چوڏهين/ويهين صديءَ ۾ وري علامه محمد
اقبال ’جاويد نامه‘ ۾ فڪري لحاظ کان مولانا روميءَ
کي پنهنجو مرشد تسليم ڪري ٿو. هو ’گلشن راز‘ کي
ايتري اهميت ڏئي ٿو جو ان جي جواب ۾ ’گلشن راز
جديد‘ تصنيف ڪري ٿو جنهن ۾ اندازاً پنج سو اشعار
آهن. هو شبستريءَ جي پندرهن سوالن جي بجاءِ ڪل نون
سوالن جا جواب ڏئي ٿو. اقبال جو بنيادي مطمح نظر
اهو آهي ته وجودي فڪر هن ڪائنات کي غير حقيقي ڪري
پيش ڪري ٿو، جنهن جي ڪري هي جھان انسان جي لاءِ ڪا
ڪشش نٿو رکي ۽ ان ڪري انسان بي عمليءَ جو شڪار ٿئي
ٿو. اقبال جو چوڻ آهي ته هن جھان جي پنهنجي حقيقت
آهي ۽ اها انسان لاءِ ضروري ۽ مفيد آهي ۽ انسان جي
خوديءَ ۾ اها اهليت آهي ڇو ته هي جھان انسان لاءِ
پيدا ٿيو آهي ۽ انسان جھان لاءِ پيدا ناهي ٿيو.
انهيءَ پس منظر ۾ اقبال پهرين سوال جي جواب ۾ ته
فڪر ڇا آهي؟ هينئن چوي ٿو:
اگر اين هر دو عالم را بگيري
همه آفاق ميرد تو نه ميري
معنيٰ: جڏهن تون ٻنهي جھانن کي گرفت ۾ آڻيندين ته
ساري ڪائنات ڀلي مري کپي وڃي پر تون نه مرندين.
ٻئي سوال جي جواب ۾ چوي ٿو:
جهان رنگ و بو گلدسته ما
ز ما آزاد و هم وابستئه ما
معنيٰ: هي ظاهري جھان اسان لاءِ سهڻو گلدستو آهي،
اهو اسان کان آزاد به آهي ته اسان سان ڳنڍيل به
آهي. يعني اهو بي حقيقت ۽ بي فائدي ناهي.
چوٿين سوال جي جواب ۾ اقبال جو چوڻ آهي ته،
به بحرش گم شدن انجام مانيست
اگر او را تو در گيري فنا نيست
معنيٰ: الله تعاليٰ جي بحر ۾ گم ٿيڻ اسان جي پڄاڻي
ناهي، بلڪ تون هن کي پاڻ ۾ سمائي وٺ ته پوءِ تو
لاءِ فنا يعني پڄاڻي ڪونهي.
اقبال انا الحق جي نئين تعبير هن ريت پيش ڪري ٿو:
خودي را حق بدان باطل مپندار
خودي را کشت بي جان حاصل مپندار
خودي چون پخته گردد لازوال ست
فراق عاشقان عين وصال ست
بخودي گم بهر تحقيق خودي شو
انالحق گوي و صديق خودي شو
معنيٰ: پاڻ کي حق ۽ سچ سمجھ، اجايو ۽ بيڪار نه
سمجھ. پاڻ کي اجائي پوک نه سمجھ، (توکي اجايو پيدا
نه ڪيو ويو آهي) خودي جڏهن پختي ٿئي ٿي ته اها
هميشگي حاصل ڪري ٿي. عاشقن لاءِ فراق ئي در اصل
وصال هوندو آهي. خوديءَ جي حقيقت کي سمجھڻ لاءِ
پاڻ ۾ گم ٿيءُ، پوءِ انا الحق چئو ۽ خوديءَ جي
تصديق ڪر.
اقبال جي هڪ اردو غزل جو هي مطلع سندس
نقطئه نظر جي چڱيءَ ريت وضاحت ڪري ٿو:
گلزار ھست و بود کو نہ دیوانہ وار دیکھ
یہ دیکھنے کی چیز ہے اسے بار بار دیکھ
معنيٰ: هن ڪائنات کي چرين وانگر اجايو ۽ بيڪار نه
سمجھ. اها ڏسڻ جھڙي يعني قابل قدر شيءِ آهي. ان کي
بار بار ڏس. ان مان فائدو وٺ ڇو ته اها تنهنجي
لاءِ قيمتي وٿ آهي.
قليچ بيگ بحيثيت هڪ صوفي:
سنڌي زبان جي وڏي ۾ وڏي محسن شمس العلماءَ
مرزا قليچ بيگ (1853 - 1929) جي باقاعدي تصنيفات
جو تعداد ڪيترن سون ۾ آهي. جتي هن کي ڪيترين مشرقي
ٻولين تي دسترس هئي اوتري هن کي انگريزيءَ ۾ پڻ
مهارت هئي.
هن نه صرف انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ڪيترائي
ڪتاب ترجمو ڪيا، بلڪ انگريزيءَ ۾ به ڪتاب لکيائين
۽ ڪجھ ڪتاب فارسي وغيره مان انگريزيءَ ۾ ترجمو
ڪيائين. جيتوڻيڪ هو انگريزن جي دور حڪومت ۾ ڄائو ۽
نپنو ۽ بمبئي ۾ وڃي انگريزي تعليم حاصل ڪيائين. پر
کيس اهو شديد احساس هو ته سنڌ توڙي هن خطي جو جيڪو
ماضيءَ جو شاندار علمي ورثو آهي، ان کي اسين ڪڏهن
به وساري يا ختم ڪري نٿا سگهون ۽ نه ان کان غافل
ٿيڻ گهرجي. هن جتي سنڌ جي اهم تاريخي ماخذ
’چچنامي‘ کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو جيڪو 1900 ۾
شايع ٿيو، اتي هن غزالي، نظامي، خيام، رومي،
اوحدي، شبستري، جامي ۽ ٻين ڪيترن فارسي شاعرن جي
نثر توڻي نظم کي سنڌيءَ ۾ منتقل ڪيو، جيڪو پنهنجي
جڳھ تي هڪ وڏو ڪارنامو آهي. هتي اهو ٻڌائڻ ضروري
ٿو لڳي ته دنيا جي ترقي يافته ٻولين خاص طور
انگريزي ۽ اردو ۾ اهي ترجما گهڻي ڀاڱي اڳيئي موجود
آهن.
مرزا قليچ بيگ هڪ طرف انگريزي شاعري جا
مفيد ۽ نازڪ خيال ’عجيب جواهر‘ ۾ ترجمو ڪري جمع
ڪيا، ٻئي طرف فارسي زبان مان عمر خيام جي رباعين
کي سنڌيءَ ۾ رباعين جي صورت ۾ ترجمو ڪيائين. فارسي
بيتن يا فردن جو ترجمو هڪ ڌار ڪتاب ’املھه ماڻڪ‘
جي صورت ۾ پيش ڪيائين. ان کان علاوه قطعا، نظم ۽
مثنويون وري الڳ مجموعي ’چندن هار‘ ۾ جمع ڪيائين.
بلڪ ان مجموعي ۾ جتي مشهور معروف فارسي شاعرن جا
منظوم ترجما آهن، اتي مثنويءَ روميءَ مان ڪجھه
مشهور حڪايتن جا ترجما پڻ ڏنا اٿس جن ۾ حضرت موسيٰ
عليہ السّلام ۽ ڌنار جي آکاڻي، چيني ۽ رومي نقاشن
جي ڳالھه، سوداگر ۽ چتونءَ جي ڳالھه وغيره شامل
آهن.
مرزا قليچ بيگ هڪ اديب ۽ عالم جي حيثيت ۾ نهايت
وسيع مطالعي وارو شخص هو، جنهن جي دلچسپيءَ ۾
مختلف مذهبن جو مطالعو شامل هو. نه صرف ايترو بلڪ
مختلف مذهبن جيئن عيسائيت، هندومت ۽ بهائي مذهب
وغيره بابت دوستن وغيره جي فرمائش تي ڪتاب لکيائين
۽ ترجمو ڪيائين، ليڪن ان جي باوجود هو پنهنجي
عقيدن ۽ ايمان ۾ ثابت قدم رهيو. اڻويهن صديءَ جي
آخر ۾ هندستان اندر ٿياسافي کي جڏهن هڪ الڳ عقيدي
طور پيش ڪيو ويو، جنهن جو بنياد مادام بلوٽسڪي وڌو
۽ هنن هن سلسلي ۾ نه رڳو ڪتاب ڇپرايا بلڪ مختلف
هنڌن تي علمي اجتماع پڻ منعقد ڪيا. اهو زمانو هو
جڏهن قليچ هنن جي ڪتابن کي مطالعو ڪيو ۽ جڏهن اهو
محسوس ڪيائين ته هنن جا نظريا خاص طور اسلامي
تعليمات بابت مخالفت يا اڻ ڄاڻائي تي مبني آهن ته
پاڻ 1894 ۾ امام غزاليءَ جي ڪتاب ’ڪيمياءِ سعادت‘
جي پهرين باب جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيائين. ان ڪتاب
جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته:
I was naturally curious to see what the
theosophists of the modern time said about the
Mohammaden religion, of course in its exoteric
aspect.
But I was greatly disappointed in this that the
learned lady, the soul and spirit of modern
Theosophy, Madame Blavatsky, had nothing to say
in its favour. Evidently she had not given to
its study one hundredth portion of that time and
attention which she had given to the Hindu
religion. (p -2)
ترجمو: ”ان ڪري آءٌ پاڻ ان حقيقت جو متلاشي هوس
ته ڏسان ته اسان جي دور جا ٿياسافٽ محمد (ﷺ) جي
مذهب (اسلام) بابت ڪهڙي راءِ پيا رکن، خاص طور ان
جي ظاهري پهلوئن بابت ڇا ٿا ڄاڻن. پر ان وقت مون
کي وڏي پريشاني ٿي جڏهن مون ڏٺو ته اها پڙهيل
خاتون جيڪا جديد ٿياسافي تحريڪ جي روح روان هئي،
هن کي مذهب (اسلام) بابت ڪا همدردي (دلچسپي) ڪونه
هئي، ظاهر هو ته هن ان مذهب (اسلام) جي مطالعي ۾
هندو مذهب جي مقابلي ۾ هڪ سيڪڙو وقت به صرف نه ڪيو
هو.“
ان ڪري هو چوي ٿو ته مون غزاليءَ جي هن تحرير جو
ترجمو ڪيو آهي ۽ ان جي آخر ۾ ٿياسافٽن جي تحريرن
جا اقتباس ڏنا آهن ته جيئن پڙهندڙ پاڻ صحيح راءِ
قائم ڪري سگهي. ان ڪتاب جي آخر ۾ غزاليءَ جي ٻئي
ڪتاب مان هڪ ٽڪرو ۽ هندستان جي مشهور صوفي
حميدالدين ناگوريءَ جي ڪتاب ’عشقيه‘ مان پڻ هڪ وڏو
اقتباس شامل ڪيائين.“
قليچ بيگ جي غزاليءَ سان اها عقيدت هئي جو ڪجھ
سالن بعد ’ڪيمياءِ سعادت‘ جو مڪمل ترجمو ٽن حصن ۾
ڪيائين. مطلب ته قليچ جي فڪري نشونما ۾ غزاليءَ جي
فڪر جو گهڻي ۾ گهڻو دخل آهي.
جيتوڻيڪ قليچ خانداني لحاظ سان اثنا عشري عقيدي
سان وابسته هو، جنهن جو اظهار به ڪري ٿو، تاهم
’منهنجو مذهب‘ نالي نظم ۾ هو پنهنجي عقيدن جي پوري
وضاحت پيش ڪري ٿو. هو پنهنجي سوانح حيات ’سائو پن
يا ڪارو پن‘ ۾ هڪ هنڌ چوي ٿو:
”جيتوڻيڪ وڏن وڏن بزرگن تصوف جا اصول بيان ڪيا آهن
۽ اهي شريعت جا پابند رهيا آهن ته به اڪثر عام
شريعت وارا انهن تي اعتراض آڻيندا آهن، بلڪ ڪي ته
انهن کي ڪافر يا غير شرعي ڪمن ڪرڻ ۽ ڳالهين ٻڌائڻ
وارا سڏيندا آهن، تنهن ڪري اهڙي تهمت کان آءٌ به
آزاد ناهيان. ڪيترن مسلمانن سنين توڙي شيعن،
انهيءَ نسبت مون کي سوال پي وڌا آهن، جن جا مشڪلات
سان جواب ڏنا اٿم، پر انهيءَ ۾ منهنجي ظاهري شريعت
موجب هلت مون کي پئي بچايو آهي. تنهن ڪري ٻين
بزرگن وانگي منهنجي به راءِ اها آهي ته شرعي ۽
ديني ڪمن ۽ رسمن جي نسبت ۾ به حقيقي خيال ڪهڙا به
هجن ته به اهي پنهنجي جند لاءِ رکڻ گهرجن، نه خلق
کي ٻڌائڻ ۽ وعظ ڪرڻ لاءِ، نه ته شيخ حلاج منصور
واري سزا ملڻ جو خطرو آهي يا ته خلق ۾ خواريءَ جو
ڊپ آهي. شاھ ڀٽائي جي قول موجب هلت ڪرڻ گهرجي، جا
پڻ ٻين مشهور صوفي بزرگن جي رهي آهي:
روزا ۽ نمازون اي پڻ چڱو ڪم
او ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.
(سائو پن يا ڪارو پنو: ص 125)
اڳتي هلي پنهنجو نتيجو بيان ڪندي لکي ٿو:
”اهڙين ڳالهين جي نسبت ۾ منهنجو اعتقاد اهڙو ئي
آهي مگر اهڙي معنيٰ سان جا اسلامي اصولن ۽ شرعي
حڪمن موجب موافق ۽ درست ۽ روا ٿي سگهي ٿي. اهڙو
اعتقاد اڪثر صوفي استادن جو رهيو آهي، جيئن مولانا
روميءَ جو، مولوي عبدالرحمٰن جاميءَ جو، شيخ
فريدالدين عطار جو ۽ گھڻن ٻين جو.“ (ص 126)
قليچ جي پنهنجي صوفي خيالن جي باري ۾ اها راءِ وڏي
اهميت واري آهي، باقي هونئن ’ديوان قليچ‘ جي مقدمي
۾ سندس لائق فائق پٽ مرزا اجمل بيگ قليچ جي صوفي
خيالن بابت گهڻو ڪجھه چئي ڇڏيو آهي. هتي اسان قليچ
جي ذهني ۽ فڪري نشونما بابت سندس ڪجھ رُباعين تي
اڪتفا ڪريون ٿا جيڪي پاڻ ’گرجي نامه‘ ۾ ڏنيون اٿس.
لاهوت شروع سير في الله آمد
هم خاتمئه سيرالي الله آمد
انجام فنا بود بقا را آغاز
’الفقر اذا تم هو الله‘ آمد
ڏسو هن رُباعي ۾ ’سير في الله‘، ’سيرالي الله‘،
فنا ۽ بقا ۽ صوفي مقولي ’الفقر اذا تم هو الله‘ جي
ڪيڏي جامع سمجهاڻي ڏئي ويو آهي. لاهوت ۽ الله اسم
جو مادو ساڳيو آهي، هن خيال کي هن رُباعي ۾ هيئن
پيش ڪري ٿو:
لاهوت ز الله بود چون مشتق
گر رفت به لاهوت کسي رفت بحق
خواهي چو الله خود فنا في الله شو
در معني موت جسر شو مستغرق
فقر تصوف ۾ خاص مقام جي نشاندهي لاءِ استعمال ٿئي
ٿو. هن رُباعي ۾ قليچ ان جي نهايت عمدي سمجھاڻي
ڏني آهي:
در چشم فقير هست لاهوت حقير
کآمد دو جهان به نزد او کم ز نقير
در تحت قبائ فقر فخري هست ست
محتاج به الله بود هم نه فقير
هن رُباعي ۾ تصوف جي ٻن مقولن ’اوليائي تحت قبائي
لايعرفهم غيري‘ ۽ ’الفقير لايحتاج الي الله‘ کي
تضمين ڪيو اٿس.
هن رُباعي ۾ وري ’همہ اوست‘ ۽ ’همہ ازوست‘ جو نازڪ
فرق سمجھائي ٿو:
لاهوت مقام
لالـٰہ الاهو است
آنرا که همه ازوست بيني همه اوست
لاهوت به ناسوت چه نسبت دارد
آن يک همه مغز وآن دگر باشد پوست
گلشن راز جو ترجمو:
مرزا قليچ بيگ شبستريءَ جي مشهور مثنويءَ کي جنهن
۾ هڪ هزار ۽ اٺ بيت آهن سال 1331/1913 ۾ ترجمو ڪيو
جيڪو ڪتابي صورت ۾ سال 1914 ۾ اسٽينڊرڊ پرنٽنگ
ورڪس مان ڇاپيو ويو. جيئن پنهنجي ديباچي ۾ وضاحت
ڪيائين ته ڪجھه بيت غير ضروري سمجھي ڇڏي ڏنا اٿم.
تاهم انهن جو تعداد لڳ ڀڳ ٽن سون کان مٿي آهي.
ترجمي ۾ اها به وضاحت ڪيائين ته ترجمي جو ڪم هڪ
هفتي جي اندر مڪمل ٿيو آهي. شرح ۾ اهو به لکيو اٿس
ته هي ڪتاب مثنوي مولانا روميءَ وانگر تصوف ۾ سَند
جو درجو رکي ٿو. سنڌي ترجمي جو نالو ’ڪشف اعجاز‘
رکيو ويو آهي.
هن منظوم ترجمي جي خصوصيت اها آهي ته ترجمو سليس ۽
روان آهي جنهن مان قليچ جي فارسي زبان ۽ موضوع تي
عبور ظاهر ٿئي ٿو. اندازو آهي ته انهيءَ ساڳي
زماني ۾ قليچ مولانا جاميءَ جي هڪ مثنوي ’تحفة
الاحرار‘ جو پڻ منتخب منظوم ترجمو ڪيو جيڪو شايع
ٿيل آهي. اهو ڪتاب به مثنويءَ جي انداز ۾ آهي، پر
ان ۾ اندر حڪايتون بيان ٿيل آهن جن جو موضوع به
تصوف آهي. ان ڪتاب جي مقابلي ۾ قليچ بيگ شبستريءَ
جي مثنويءَ کي نه رڳو منظوم ترجمو ڪيو، بلڪ ان ۾
آيل صوفي اصطلاحن جي تشريح ۽ وضاحت حاشين ۾ پڻ ڏني
آهي. جنهن سان ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت ۾ اضافو ٿيو
آهي. اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن اهي اضافا نه هجن ها
ته ڪتاب شايد قابل فهم به نه ٿي سگهي ها. هتي اهو
ٻڌائڻ پڻ ضروري آهي ته قليچ بيگ اهي حاشيا ۽ اضافا
اصل مثنوي بابت لکيل شرح ’مفاتيح الاعجاز‘ تان
ورتا آهن ۽ انهيءَ نسبت سان ئي پنهنجي ڪتاب جو
نالو ’ڪشف اعجاز‘ رکيو اٿس.
’مفاتيح الاعجاز‘ شرح جو مصنف شمس الدين محمد
لاهيجي تخلص اسيري آهي، جنهن اهو شرح 877ھ يعني
شبستريءَ جي تصنيف کان تقريباً ڏيڍ صدي پوءِ لکيو.
لاهيجي پاڻ محمد نور بخش جو مريد ۽ عقيدتمند هو
جنهن جي صحبت ۾ هن سورهن سال گذاريا ۽ ائين هو نور
بخشي سلسلي سان وابسته ٿيو. لاهيجي پنهنجو مڪمل
سلسلو بيان ڪندي مٿي نجم الدين ڪبريٰ تائين پهچائي
ٿو. لاهيجي پاڻ شاعر به هو ۽ شرح لکندي پنهنجا شعر
به شرح ۾ آڻي ٿو. بهرحال شرح ۾ هو گهڻي ڀاڱي ابن
عربي، عطار، مثنوي رومي، امام غزالي، اوحدي مراغي،
شيرين مغربي ۽ ٻين ڪيترن متقدمين صوفين حلاج،
بايزيد بسطامي، ابوسعيد ابوالخيره وغيره جا اقوال
حوالي طور آڻي ٿو.
هندستان ۾ شبستريءَ جي شرح ’مفاتيح الاعجاز‘ کي
گهڻي پذيرائي حاصل ٿي ۽ ان جو پهريون مڪمل اردو
ترجمو ۽ خود مثنوي ’گلشن راز‘ جو منظوم ترجمو
’بوستان اسرار‘ نالي سان مولوي محمد نور عالم حنفي
چشتي حيدري سال 1332ھ ۾ ڪيو. اهو عجيب اتفاق آهي
ته قليچ بيگ پاڻ 1331ھ ۾ اهو ترجمو ڪيو. ’گلشن
راز‘ جو هڪ ٻيو عالمانه شرح مولانا سيد شاھ محمد
مخدوم الحسيني القادري النظامي حيدرآباد دکن اردو
۾ ڪيو ۽ ان شرح جو نالو ’مخدوم الاعجاز‘ رکيائين.
ان شرح ۾ هن لاهيجي واري شرح کي آڏو رکيو ليڪن هن
پنهنجي طرفان مڪمل شرح لکيو جنهن ۾ هن تصوف جي هڪ
هزار سالن جي شعري توڙي نثري روايت کي سموهي ۽
سلجھائي پيش ڪيو. اهو شرح 1342ھ ۾ حيدرآباد دکن
مان شايع ٿيو.
يورپ ۾ ’گلشن راز‘ جو پهريون مڪمل انگريزي ترجمو
عالمانه مقدمي سميت مشهور مستشرق اي-ايڇ ونفيلڊ
1297/1880 ۾ ڪيو، جنهن مثنوي روميءَ جي ڪجھ حصن جو
پڻ ترجمو ڪيو هو. ’گلشن راز‘ جو اهو انگريزي ترجمو
فارسي متن سميت مرڪز تحقيقات فارسي ايران پاڪستان
جي تعاون سان 1978 ۾ لاهور مان شايع ٿيو. لاهيجي
جي شرح جو فارسي متن نادري پريس مان بحسب فرمائش
خانصاحب مرزا محمد. جيئن ڪاغذ ۽ ڇپائي مان اندازو
ٿئي ٿو ته هڪ صدي اڳ منظر عام تي آيو.
ايران مان ’گلشن راز‘ جا ڪيترا ايڊيشن شايع ٿيا
ليڪن سڀني ۾ ’مفاتيح الاعجاز‘ جو مستند تحقيقي متن
۽ حوالن سميت محمد رضا بزرگر خالقي جو آهي، ان کان
پوءِ تازو ’گلگشت راز در تبيين گلشن راز‘ تاليف
محمد نقي تسڪين دوست جو آهي جيڪو انٽرنيٽ تي پڻ
موجود آهي. هيءَ ڪافي تفصيلي شرح آهي جنهن ۾ هو
اقبال جي ’گلشن راز جديد‘ ۾ آيل خيالن کي پڻ بحث
هيٺ آڻي ٿو.
آخر ۾ اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته ’گلشن راز‘ جو
نئون مڪمل منظوم اردو ترجمو شريف ڪنجاهي ڪيو، جيڪو
سال 1996 ۾ اقبال اڪيڊمي لاهور طرفان شايع ٿيل
آهي.
اهو پس منظر ان ڪري ڏيڻ ضروري هو ته جيئن اسان
مرزا قليچ بيگ جي ڪيل منظوم ترجمي جي اهميت ۽ انهن
منظوم ترجمن سان ڀيٽ ۽ پرک ڪري سندس محنت جي صحيح
قدرداني ڪري سگهون. هتي اسان چند مثالن تي اڪتفا
ڪنداسون. گلشن راز جو هڪ بيت هن طرح آهي:
ببين آن نيستي کو عين هستي است
بلندي را نگر کو ذات پستي است
[بيت:274]
قليچ ان جو ترجمو هيئن ڪري ٿو:
اها ڏس نيستي ٿي عين هستي
بلندي ڏس اها ٿي ذات پستي
نور عالم چشتي ان جو منظوم هيئن ڪيو آهي:
یہاں اب نیستی ہے عین ہستی
بلندی دیکھ جو ہے ذات پستی
ڪنجاهي ان جو ترجمو وري هيئن ڪري ٿو:
نگاہ اس نیستی پر ڈال تو جو عین ہستی ہے
ذرا دیکھ اس بلندی کی طرف جو جان پستی ہے
(ص 47)
گلشن راز جو هي شعر ڏسو:
من و تو چون نماند درميانه
چه مسجد چه کنش چه ديرخانه
[بيت:305]
قليچ جو ترجمو ڏسو:
جڏهن آءٌ ۽ تون ويا نڪري وچ مان
تڏهن ڪعبو ۽ بتخانو ٿيو يڪسان
نور عالم چشتي جو ترجمو ڏسو:
نہیں جب میں و تو اندر نشانہ
ہے کعبہ کیا کنش کیا دیرخانہ
ڪنجاهي جو ترجمو ڏسو:
من وتو درمیاں سے محو جس ساعت بھی ہوجائے
نہ پھر مسجد، نہ میخانہ آتش گھر ہی رہ
پائے
[ص 52)
’انا الحق‘ صوفين وٽ محبوب موضوع آهي. گلشن راز
وارو ان باري ۾ هيئن چئي ٿو:
جز از حق نيست ديگر هستي الحق
هوالحق گوي و گر خواهي انا الحق
[بيت:466]
هن شعر جو نور عالم چشتي هن طرح ترجمو ڪيو آهي:
نہیں حق کہ سوا موجود مطلق
ہو الحق کہو چاہے اناالحق
ڪنجاهي ان کي هن ريت پيش ڪري ٿو:
ہو الحق کا لگے نعرہ یہاں پر یا اناالحق کا
حقیقت ہے یہی حق کے سوا کوئی نہیں دوجا
[ص 80]
قليچ جو انداز وري هن طرح آهي:
جڏهن ٻي هستي حق ري ناهي الحق
وڻئي تئن چؤ، هو الحق يا اناالحق
گلشن راز ۾ انا الحق جي باري ۾ هڪ بيت هن ريت آهي:
هر آن کو خالي از چون و چرا شد
انا الحق اندر او صوت و صدا شد
[بيت:450]
قليچ ان جو ترجمو هيئن ڪيو آهي:
ٿيو پاڻان جو خالي سڀ ڀڃي ساز
انا الحق جو ٻڌي سو هردم آواز
ان جو ترجمو عالم چشتي هيئن ڪري ٿو:
خودی سے جب کوئی خالی ہے لاشی
اناالحق اس میں ہے ساری پیاپی
ڪنجاهي ان جو ترجمو وري هيئن ڪري ٿو:
خلا کی طرح جو کوئی خودی سے ہوگیا خالی
اناالحق ہوگئی صوت و صدا اس کے ہی اندر کی
[ص 77]
گلشن راز جو هڪ نهايت معنيٰ خيز شعر آهي:
تو چشم عکسي و او نور ديده است
به ديده ديده را ديده ديده است
[بيت:141]
قليچ ان جو ترجمو هن ريت ڪيو آهي:
وني يا نور اُن اک جو ٿيو حق
ڏسي ٿو پاڻ کي سو پاڻ مطلق
نور عالم چشتي جو ترجمو ڏسو:
ہے انسان آنکھ و حق آنکھ کا نور
شہود نور سے آنکھیں ہیں بس دور
ڪنجاهي جو ترجمو هن ريت آهي:
تو چشم عکس ہے محض اور وہ تو نور دیدہ ہے
کہ عکس دیدہ میں اپنا ہے دیدہ کا اس نے دیکھا ہے
[ص 25]
گلشن راز جو هڪ شعر هن ريت آهي:
ترا غير از تو چيزي نيست در پيش
وليکن از وجود خود بينديش
[بيت:523]
قليچ جو ترجمو ڏسو:
تون آهين پاڻ کي پاڻهي آڏو
خودي توکي رڳو کوڙائي کاڏو
نور عالم چشتيءَ جو ترجمو هن ريت آهي:
سوا تیرے تجھے کیا ہوگا درپیش
خودی سے ڈر گذر جا بود خویش
ڪنجاهي ان جو ترجمو هن ريت ڪيو آهي:
سوا تیرے نہیں کوئی رکاوٹ راہ میں تیرے
اس باعث تجھے لازم ہے یہ بچ کر رہے اس سے
|