|
سوال
– يازدهم |
سوال يارهون |
(1)
|
چه جزو است آنکه او از کل فزون است
طريق جستن آن جزو چون است |
جُزو ڪهڙو آهي ڪُلَ کان زيادھ
سو ڳولي لهجي ڪيئن، ڪر مون کي آگھ |
|
جواب |
جواب |
(2)
|
وجود آن جزو دان کز کل فزون است
که موجود است کل وين باژگون است |
وجُود آهي جُزو، موجود ٿيو ڪُل
هُو مُطلق، هي مُعيّن، تُون نه ڪر ڀُل
|
(3)
|
بود موجود را کثرت بروني
که از وحدت ندارد جز دروني
|
آهي موجود کي ڪثرت بُروني
اُنهي ۾ ٿي رکيل وحدت درُوني
|
(4)
|
وجود کل ز کثرت گشت ظاهر
که او در وحدت جزو است ساتر
|
وجودَون آهي موجودات نرِوار
جُزي وحدت جي ڪئي ڪثرت پديدار
|
(5)
|
چو کل از روي ظاهر هست بسيار
بود از جزو خود کمتر به مقدار
|
جڏهن ڪُل ٿيو گھڻو ظاهر ۾ سڀ وٽ
جُزي پنهنجي کان ٿيو مقدار ۾ گھٽ
|
(6)
|
نه آخر واجب آمد جزو هستي
که هستي کرد او را زيردستي
|
مگر باطن ۾ ڪُلَ کي ناهي هَستي
سو هستيءَ جي ڪري نِت زيردستي
|
(7)
|
ندارد کل وجودي در حقيقت
که او چون عارضي شد بر حقيقت
|
[درحقيقت هن ’ڪل‘ کي ڪو وجود ڪونهي،
بلڪ اهو سڀ ڪجھ هن جي عارضي نمائش
وانگر آهي.]
|
(8)
|
وجود کل کثير واحد آيد
کثير از روي کثرت مي نمايد
|
وجودُ اصلي ٿيو ٻئي جمع واحِد
اندر وحدت، ٻَهر ڪثرت ٿي شاهِد
|
(9)
|
عرض شد هستي کاجتماعي است
عرض سوئي عدم بالذات ساعي است |
عَرَض ٿيو ڪُل، وجود اصلي ٿيو جوهر
۽ مُمڪن ٿي عَرض فاني ٿيو يڪسَر
|
(10)
|
به هر جزوي ز کل کانيست گردد
کل اندر دم ز امکان نيست گردد
|
[جيئن ته ڪُل جو هر جزو نيست ۽ نابود
ٿئي ٿو، ان ڪري ڪُل جي هر ممڪن صورت
هر گھڙيءَ فنا ٿيندي رهي ٿي.] |
(11)
|
جهان کل است و در هر طرفةالعين
عدم گردد و لا يبقي زمانين
|
ٿئي عالم سڄو دم دم ۾ معدُوم
’وَلَاَيَبقيٰ زَمَانَيۡن‘ آهي معلوم
|
(12)
|
دگر باره شود پيدا جهاني
به هر لحظه زمين و آسماني
|
سڄو جڳ ٿئي وري هردم ٿو پيدا
هي حشر ۽ نَشر ٿيو هَردم ۽ هَر جا
|
(13)
|
به هر لحظه جوان اين کهنه پير است
به هر دم اندر او حشر و بشير است
|
[هر گهڙيءَ اهو جوان به آهي ته پوڙهو
به آهي، هر بدلجندڙ گهڙي نئين به آهي
ته پراڻي به آهي.] |
(14)
|
درو چيزي دو ساعت مي نپايد
در آن ساعت که مي ميرد بزايد
|
[ڪا به شيءِ ٻن گهڙين وچ ۾ پائدار نٿي
رهي سگهي، ان گهڙيءَ مري به ٿي ته
جيئري به ٿئي ٿي يا وري نئين سر جنم
وٺي ٿي.] |
(15)
|
وليکن طامة
الکبريٰ نه اين است
که اين يوم عمل وآن يوم دين است
|
قيامت آهي هي، جا چَئجي صُغريٰ
هو ايندي اڳتي، جا ٻُڌجي ٿي ڪُبريٰ
|
(16)
|
از آن تا اين بسي فرق است زنهار
به ناداني مکن خود را ز کفار
|
هِن ۽ هُن ۾ تفاوت آهي ڏاڍو
عَملَ جو ڏينهن هي، هوُ ٿيو جَزا جو
|
(17)
|
نظر بگشاي در تفصيل و اجمال
نگر در ساعت و روز و مه و سال
|
[تون اک کول ۽ هر شيءِ کي چگيءَ طرح
ڏس، ائين هر پل هر گهڙي، ڏينهن رات،
مهينن ۽ سال کي سمجھه.] |
(18)
|
اگر خواهي که اين معني بداني
ترا هم هست مرگ و زندگاني
|
جي ڀانئين سمجھين ايُ مضمون ذاتي
ته تو ۾ آهي پڻ مَوت ۽ حياتي
|
(19)
|
ز هرچه اندر جهان از شيب و بالاست
مثالش در تن و جان تو پيداست |
ڏِسين ٿو جيڪي جڳُ ۾ زير بالا
مِثال اُن جو توئي ۾ آهي پيدا
|
(20)
|
جهان چون تُست يک شخص معين
تو او را گشته چون جان او ترا تن
|
جھان هڪ شخص ٿيو تو جان مُعيّن
تون جانِ اُن جي ۽ هُو تنهنجو ٿيو تَن
|
(21)
|
سه گونه نوع انسان را ممات است
يکي
هر لحظه وان بر حسب ذات است
|
ٿيا انسانَ ۾ ٽي موت جا قِسم
هڪ آهي هر گھڙي منجھ ذات نه جِسم
|
(22)
|
دو ديگر دان ممات اختياري است
سيوم مردن مرد را اضطراري است
|
ٻيو ٿيو موتُ ان جو اختياري
۽ ٽيون ان جو مرڻ ٿيو اضطراري
|
(23)
|
چو مرگ و زندگي باشد مقابل
سه نوع آمد حياتش در سه منزل
|
جڏهن موتَ ۽ حياتي ٿيا مقابل
حياتيُون ٽي به ٿيون آدم کي حاصل
|
(24)
|
جهان را نيست مرگ اختياري
که اين را از همه عالم تو داري
|
نه هِن عالَم کي ٿيو موت اختياري
اِها ٿي خاصيت انسانَ واري
|
(25)
|
ولي هر لحظه مي گردد مبدل
در آخر هم شود مانند اول
|
مگر هر لحظي ٿئي ٿو اُو مُبَدّل
مري ٿو پوءِ جيئي ٿو آخر اوّل
|
(26)
|
هر آنچه آن گردد اندر حشر پيدا
ز تو در نزع ميگردد هويدا
|
ٿئي محشر ۾ جيڪي نيٺ پيدا
ٿئي ٿو نَزع ۾ تو مان هُويَدا
|
(27)
|
تن تو چون زمين سر آسمان است
حواست انجم و خورشيد جان است
|
بدن تُنهنجو زمين، سِرُ آسمان آھ
۽ تارا سِڄ حَواس آهن ۽ جان آھ
|
(28)
|
چو کوه است استخوانهائي که سخت است
نباتت موي و اطرافت درخت است
|
هڏا تُنهنجا جَبلَ، اوڀڙ ٿيا وار
عناصر سڀ ٿيا تو ۾ نمودار
|
(29)
|
تنت در وقت مردن از ندامت
بلرزد چون زمين روز قيامت |
اچي جڏهن موت جي تَنَ تي ملامت
ڏڪي، جيئن ڌرتي منجھ روزِ قيامت
|
(30)
|
دماغ آشفته و جان تيره گردد
حواست هم چو انجم خيره گردد
|
دماغ ۽ هوش ۽ جان سڀ وڃن ٿا
حواسَ ان وقت تارن جان ڇڻن ٿا
|
(31)
|
مسامت گردد از خوي هم چو دريا
تو در وي غرقه گشتي بي سر و پا
|
مسامَن مان پگھر نڪري ٿئي ٻاهر
بدن تُنهنجو ٻُڏي اُن ۾ سراسر
|
(32)
|
شود از جانکفش اي مرد مسکين
ز سستي استخوانها پشم رنگين
|
[اي غريب انسان، مرڻ جي اها گهڙي تو
تي ڪيڏي ڪٺن هوندي، جڏهن تنهنجا هڏا
ڪپھه وانگر چور چور ٿي ويندا.] |
(33)
|
به هم پيچيده گردد ساق با ساق
همه جفتي شود از جفت خود طاق
|
هڏو ٿئي پشم، وچڙي ساق سان ساق
۽ جوڙا جُفتَ کان پنهنجي ٿين طاق
|
(34)
|
چو روح از تن به کلّيت جدا شد
زمينت
’قاع
صف صف لاتري‘
شد
|
بدن کان روح جڏهن اصلي جُدا ٿئي
زمين ڄڻ ’قَاع صَفۡ صَفۡ لاتَريٰ‘ ٿئي
|
(35)
|
بدان منوال باشد حال عالم
که تو در خويش مي بيني در آن دم
|
اهو ٿئي حال ساڳيو ساڻ عالم
ڏسين جو پاڻ ۾ تُون ٿو دَمادم
|
(36)
|
بقا حق است و باقي جمله فاني است
بيانش جمله در
’سبع
المثاني‘
است
|
بقا حق کي آهي ٻيو سڀ ٿيو فاني
پڙهي هي ڏِس تون منجھ سَبع المثَاني
|
(37)
|
چو
’کل
من عليها فان‘
بيان کرد
’لفي
خلق جديد‘
هم عيان کرد
|
جو ’ڪُلّ مَن عَلَيۡهَا فَان‘ پديد آھ
۽ ’بَلۡ في لَبۡس مِنۡ خَلق جَديد‘ آھ
|
(38)
|
بود ايجاد و اعدام دو عالم
چو خلق و بعث نفس ابن آدم
|
ٿئي موجود پوءِ معدوم عالم
مَريِ جيئَن پوءِ اُٿي مخلوق آدم
|
(39)
|
هميشه خلق در خلق جديد است
اگرچه مدت عمرش مديد است |
هميشه خَلق تازي ۽ نَئين آھ
ڏسڻ ۾ اُن جي مُدّت پر گھڻي آھ
|
(40)
|
هميشه فيض فضل حق
تعاليٰ
بود در شان خود اندر تجليٰ
|
نئون نِت آھ فيض ۽ فعل رحمان
جو آهي ’ڪُلّ يَوم هوُفي شانِ‘
|
(41)
|
از آن جانب بود ايجاد و تکميل
و ز اين جانب بود هر لحظه تبديل
|
ڪري خالق سدا اِيجاد تڪمِيل
ڪري عالم ۽ مخلوقات تبديلِ
|
(42)
|
وليکن چون گذشت اين طور دنيا
بقاي کل بود در روز
عقبيٰ
|
ٿئي فاني جڏهن هي دَور دُنيا
بقا قائم ٿَئي منجھ دارَ عُقبيٰ
|
(43)
|
که هر چيزي که بيني بالّضرورت
دو عالم دارد از معني و صورت
|
آهي هِت جيڪيِ، تنهن کي بالِضرورت
ٻه عالم ٿا رهن، معنيٰ ۽ صورت
|
(44)
|
وصال اولين عين فراق است
مر آن ديگر ز
’عند
الله باق‘
است
|
[پهريون وصال اصل ۾ عين فراق آهي،
ليڪن ٻيو الله جي ذات ۾ باقي رهڻ
آهي.] |
(45)
|
بقا اسم وجود آمد وليکن
به جائي کان بود ساير چو ساکن
|
[بقا جنهن جو نانءُ صرف ذات واجب
الوجود آهي، پر جتي اها ذات سير ڪري
ته اها ساڪن ٿي پوي.] |
(46)
|
مظاهر چون فتد بر وفق ظاهر
در اول مي نمايد عين آخر
|
[جڏهن مظاهر ۽ ظاهر ۾ اتفاق ٿي پوي ٿو
ته پوءِ اول (هتي) ئي آخر نظر اچي
ٿو.] |
(47)
|
هر آنچه هست بالقوته درين دار
به فعل آيد در آن عالم به يک بار
|
رهي ٿو جيڪي هِت قُوّت ۾ مخفي
سو هُت ظاهر ٿئي منجھِ فعل نڪري
|
|
قاعده |
قاعدو |
(48)
|
ز تو هر فعل که اول گشت ظاهر
بر آن گردي به باري چند قادر
|
[هر عمل جيڪو تو کان هڪ دفعو سرزد ٿيو
آهي، پر جيڪڏهن ان کي بار بار ڪندين
ته تون ان ۾ ماهر ٿي پوندين.] |
(49)
|
به هر باري اگر نفع است وگر ضر
شود در نفس تو چيزي مدخر
|
[وري جيڪڏهن تون ان کي دهرائيندين
پوءِ تو کي فائدو ٿئي يا نقصان، ته ان
جا اثرات تو تي ضرور پهچندا.]
|
(50)
|
به عادت حالهاي با خوي گردد
به مدت ميوها خوشبوي گردد
|
ڪرين ٿو جن ڪمن جي هِتِ تون عادت
اثر تن جو ڪري تو ۾ سَرايت
|
(51)
|
از آن آموخت انسان پيشها را
وز آن ترکيب کرد انديشها را
|
[اهو صرف عادت سان ئي ٿئي تو ته انسان
ڪنهن پيشي ۾ ماهر ٿئي ٿو، ساڳيءَ ريت
انسان جا خيال پختا ٿين ٿا.]
|
(52)
|
همه افعال و اقوال مدخر
هويدا گردد اندر روز محشر
|
اهي افعالَ ۽ احوالَ تُنهنجا
سڀئي ظاهر حشَر جي ڏينهن ٿيندا
|
(53)
|
چو عريان گردي از پيراهن تن
شود عيب و هنر يکباره روشن
|
جڏهن ڦاٽي وڃي پردو سندو تَنَ
ٿين عَيب ۽ هُنر سڀ تُنهنجا روشن
|
(54)
|
تنت باشد وليکن بيکدورت
که بنمايد از او چون آب صورت
|
[جڏهن تنهنجو بدن سواءِ ڪنهن گند غير
جي هوندو، تڏهن اهو شفاف پاڻيءَ وانگر
هر صورت ڏيکاريندو.]
|
(55)
|
همه پيدا شود آنجا ضمائر
فرو خوان آيت
’تبلي
السرائر‘
|
عَملَ ۽ خُلقَ نڪري ڪن نهايت
پڙهج ’تُبلَي السّرائِر‘ جي تُون آيت
|
(56)
|
دگر باره به وفق عالم خاص
شود اخلاق تو اجسام و اشخاص
|
[اُتي ٻيهر ان عالم جي مناسبت سان
تنهنجي بدن ۾ خصلتون پيدا ٿي
پونديون.] |
(57)
|
چنان کز قوت عنصر درينجا
مواليد سه گانه گشت پيدا
|
[اُتي اهو بلڪل ائين ٿيندو جيئن هتي
عناصرن جي قوت مان ٽي مختلف جھان پيدا
ٿيا آهن.] |
(58)
|
همه اخلاق تو در عالم جان
گهي انوار گردد گاه نيران |
مناسب جسم سان سي ٿِين نِروار
ٿين ڪي نُور مٽجي، ڪي ٿِين نار
|
(59)
|
تعين مرتفع گردد ز هستي
نماند در نظر بالا و پستي
|
[جڏهن تعين (ظاهري جسماني صورت /phenomenal
limtations)
جون پابنديون کڄي وينديون، تڏهن
تنهنجي نظر ۾ ڪا به هيٺاهين مٿانهين
نه رهندي.]
|
(60)
|
نماند مرگ تن در دار حيوان
به يک رنگي بر آيد قالب و جان
|
نه رهندو موت جِسميءَ جو ڪو نشان
ٻئي يَڪ رنگ ٿيندا جسم ۽ جان
|
(61)
|
بود پا و سر و تو جمله چون دل
شود صافي ز ظلمت صورت گل
|
ٿِينَ دل وانگي عُضوا تُنهنجا سڀ پاڪ
ڪَثافَت ۽ ڪدورت سڀ ڇڏي خاڪ
|
(62)
|
ببيني بي جهت حق را تعالي
کند از حق بر تو تجلي
|
ٿئي پڻ نُور حق جو تو ۾ نِروار
ڪرين اُت حق تعاليٰ جو تُون ديدار
|
(63)
|
ندانم تا چه مستيها کني تو
دو عالم را همه برهم زني تو
|
[مون کي خبر ناهي ته توتي تڏهن مستيءَ
جو ڪهڙو رنگ هوندو، جڏهن تنهنجي نظر ۾
هي ٻئي جھان ختم ٿي ويندا.]
|
(64)
|
’سقاهم
ربهم‘
چه بود بينديش
’طهوراً‘چيست
صافي گشتن از خويش
|
’سَقَاهُم رَبُّهُم‘ ڏيکاري مَستي
’طَهورا‘ آهي ميٽڻ پنهنجي هَستي
|
(65)
|
زهي شربت زهي دولت زهي ذوق
زهي حيرت زهي حالت زهي شوق |
عجب شربت، عجب لذّت، عجب ذَوق
عجب دولت، عجب حيرت، عجب شوق
|
(66)
|
خوشا آن دم که ما بيخويش باشيم
غني مطلق و درويش باشيم
|
[اها گهڙي ڪيڏي نه سڀاڳي هوندي جڏهن
اسين پنهنجو ’پاڻ‘ کان آجا هونداسين،
تڏهن اسين ڪيڏا نه آسودا ۽ ساڳي وقت
غريب هونداسين.] |
(67)
|
نه دين نه عقل نه تقوي نه ادراک
فتاده مست و حيران بر سر خاک |
[اها حالت جڏهن نه عقل هوندو نه ڪا
سمجھ، نه پرهيزگاري، بلڪ جڏهن اسين
ڌرتيءَ تي مست ۽ حيران پريشان پيا
هونداسين.]
|
(68)
|
بهشت و خلد و حور آنجا چه سنجد
که بيگانه در آن خلوت نگنجد |
بِهشت ۽ حُورَ مان اُت دِل نه ڍاپي
اُنهي خلوت ۾ حَق ري ڪِين ماپي
|
(69)
|
چو رؤيت ديدم و خوردم از آن مي
ندانم تا چه خواهد شد پس از وي
|
اها هَسِتي ۽ حيرت پڻ فنا ٿئي
خبر ناهي ته اُن کان پوءِ ڇا ٿئي |
(70)
|
پي هر مستي باشد خماري
درين انديشه دل خون گشت باري |
[پر مون کي هر وقت اها ڳڻتي به آهي ته
هر نشي کان پوءِ خمار چڙهيل هوندو آهي
ان ڪري منهنجي دل رت روئي ٿي.] |