|
سوال
- پانزدهم |
سوال پندرهون |
(1)
|
بت و زنار و ترسائي در اين کوي
همه کفر است و گرنه چيست بر گوي
|
بُت ۽ زنّار تَرسائي آهن ڇا؟
سڀئي ڪُفر آھ، يا شَيءِ آهي ٻي ڪا؟
|
|
جواب |
جواب |
(2)
|
بت اينجا مظهر عشق و وحدت
بود زنار بستن عقد خدمت
|
بُت آهي عشق جو مَظهر ۽ وحدت
ٻَڌڻ زنّار آهي عقد خدمت
|
(3)
|
چو کفر و دين بود قائم به هستي
شود توحيد عين بتپرستي
|
ٿيو ڪُفر ۽ دينُ قائم ساڻ هستي
تڏهن توحيد ٿي نِج بُت پرستي
|
(4)
|
چو اشيا هست هستي را مظاهر
از آن جمله يکي بت باشد آخر
|
شيون آهن سڀئي هستيءَ جا مَظهرَ
آهي بُتُ پڻ اُنهن مان هڪڙو آخر
|
(5)
|
نکو انديشه کن اي مرد عاقل
که بت از روي هستي نيست باطل
|
تڏهن ويچار ڪر اي مردَ عاقِل
ته هستيءَ جي ڪري بُت ناهي باطِل
|
(6)
|
بدان که ايزد تعالي خالق اوست
ز نيکو هر چه صادر گشت نيکوست
|
خُدا تعاليٰ آهي خالِقُ اُنهي جو
چڱي جيڪي بنايو سو چڱو ٿيو
|
(7)
|
وجود آنجا که باشد محض خير است
اگر شري است در وي آن ز غير است
|
وجود آهي جتي، اُت مَحض خَير آھ
جي شَر ٿيو اُن ۾، فاعِل اُن جو غَير
آھ
|
(8)
|
مسلمان گر بدانستي که بت چيست
بدانستي که دين در بتپرستي است
|
جي ڄاڻن مسلمان اِيءَ بُت جي هستي
ته ڪَن هُو دينُ پنهنجو بُت پَرستي
|
(9)
|
اگر مشرک ز بت آگاه گشتي
کجا در دين خود گمراه گشتي |
جي مُشرڪُ بُتَ منجھان آگاھ ٿئي ها
ته ڪِيئَن اُو دين ۾ گمراھ ٿئي ها |
(10)
|
نديد او در بت الا خلق ظاهر
بدان علت شد اندر شرع کافر
|
ڏٺي اُنَ بُت ۾ فقّط خَلق ظاهر
انهي ڪارڻ ٿيو منجھ شرع ڪافر
|
(11)
|
تو هم گر ز نه بيني حق پنهان
به شرع اندر نخوانندت مسلمان
|
جي ڏسندين تُون نه اُن ۾ حقّ پنهان
نَه سَڏبين شرع ۾ تُون پڻ مسلمان
|
(12)
|
بتسبيح و نماز و ختم قرآن
نگردد هرگز اين کافر مسلمان
|
[اهڙو شخص ڀلي تسبيح، نماز ۽ قرآن جا
ختم ويٺو ڪڍي، پر ان سان سندس (اندر
جو) ڪافر هرگز مسلمان نٿو ٿئي.] |
(13)
|
ز اسلام مجازي گشت بيزار
کرا کفر حقيقت شد پديدار
|
حقيقي ڪُفر ٿيو جنهن کي پديدار
مجازي دِين کان سو ٿيندو بيزار
|
(14)
|
درون هر تني جاني است پنهان
به زير کفر ايماني است پنهان
|
آهي هَر بُت اندر هِڪ جانِ پنهان
آهي نِت ڪُفر ۾ ايمان پنهان
|
(15)
|
هميشه کفر از تسبيح حق است
’وان
من شيء‘
گفت اينجا چه دق است
|
آهي نِت ڪُفرُ منجھ تسبيح حق جي
’وَاِنۡ مِنۡ شَيءِ‘ شاهد آهي اُن تي
|
(16)
|
چه ميگويم که دور افتادم از راه
’فذرهم
بعد ما جاءت قل الله‘
|
[آءٌ ڇا پيو چوان؟ ته آءٌ راھ کان
ڀٽڪي ويو آهيان، ’پوءِ انهن کي ڇڏي
ڏي‘ ۽ ’چوءُ الله‘ ائين فرمان آيو
آهي.] |
(17)
|
بدان خوبي رخ بت را که آراست
که گشتي بتپرست ار حق نميخواست
|
[آخر بُت کي انهيءَ خوبيءَ سان ڪنهن
سينگاريو آهي، جو بُت پرست ان تي شيدا
ٿيا آهن! ڀلا، جيڪڏهن هو ائين نه گهري
ها ته اهو ڪيئن ٿئي ها!]
|
(18)
|
هم او کرد و هم او گفت و هم او بود
نکو کرد و نکو گفت و نکو بود
|
[سڀ هن ڪيو آهي، سڀ هن چيو آهي ۽ سڀئي
هو پاڻ هو، صحيح ڪيو اٿس، صحيح چيو
اٿائين ۽ هو صحيح ئي هيو.] |
(19)
|
يکي
بين و يکي گوي و يکي دان
بدين ختم آمد اصل و فرع ايمان
|
تُون هڪڙو چؤ ۽ هڪڙو ڏس ۽ هڪ ڄاڻ
اِهو ايمان جو ٿيو اصلُ اُهڃاڻ
|
(20)
|
نه من ميگويم اين بشنو ز قرآن
تفاوت نيست اندر خلق رحمان
|
برابر خلق سڀ ٿي حسب قُرآن
اِتي پڙھ ’مَاتَريٰ فِي خَلق رَحمان‘
|
|
اشارت به زنار |
جڻيو مان ڇا مراد آهي؟ |
(21)
|
نشان خدمت آمد عقد زنار
نظر کردم بديدم اصل هر کار
|
[جڻيو ٻَڌڻ خدمت جو نشان ۽ شعار آهي،
مون جڌهن ڏٺو ته هر شيِءِ جي پويان ڪو
نه ڪو مقصد ڪارفرما آهي.]
|
(22)
|
نباشد اهل دانش را معول
ز هر چيزي مگر بر وضعِ اول
|
[دانائن لاءِ ٻي ڪنهن مقصد جي ڳولا
اجائي آهي، هنن وٽ هر شيءِ جو اصلي
مول آهي.] |
(23)
|
ميان در بند چون مردان به مردي
درآ در زمرهء
’وفوا
بعهدي‘ |
آهي زنّار ٻانهپ دَست بندي
خُدائي حُڪم ٿيو ’اُو فُوا بِعَهدِي‘ |
(24)
|
به رخش علم و چوگان عبادت
ز ميدان در ربا گوي سعادت
|
[علم جي گهوڙي تي سوار ٿي عبادت جي
ميدان ۾ اچ اتي مقابلي ۾ نيڪ بختيءَ
جي ڊوڙ ۾ کٽي ڏيکار.] |
(25)
|
اگر چه خلق بسيار آفريدند
ترا از بهر اين کار آفريدند
|
اِنهي ڪم لاءِ آخر توکي خَلقيئون
اَمانت خاص پڻ توکي ئي سونپيئون
|
(26)
|
پدر چون علم و مادر هست اعمال
به سانِ قرة
العين است احوال
|
آهي پيءُ عِلمُ ۽ ماءُ آهي اعمال
نتيجو تِن مان پُٽ ڄاپي ٿو احوال
|
(27)
|
نباشد بي پدر انسان شکي نيست
مسيح اندر جهان بيش از يکي نيست
|
[ان ۾ ڪهڙو شڪ ته ڪو به انسان پيءُ
کان سواءِ ڪونهي، اهڙيءَ ريت جھان ۾
(حضرت) عيسيٰ (بغير پيءَ جي پٽ) هڪڙو
ئي هو.] |
(28)
|
رها کن ترهات و شطح و طامات
خيال نور و اسباب کرامات
|
[اجايا اڏامڻ جا خيال ۽ ڪرامتون،
دعوائون ۽ نعرا هڻڻ بند ڪر، اهي
نوراني لاٽ ۽ چمڪاٽ، ٺٺ ٺانگر ڇڏي
ڏي.]
|
(29)
|
کرامات تو اندر حق پرستي است
جز آن کبر و ريا و عجبِ هستي است
|
عبادت عِلم ناهي لَئي ڪرامات
ڪرامات آهي مَڪر ۽ ڪِبرُ طامات
|
(30)
|
در اين هر چيز کان نه ز باب فقر است
همه اسباب استدراج و مکر است
|
[هن رستي تي جيڪڏهن فقر کان سواءِ ٻي
ڪا به شيءِ آهي ته اها سڀ ٺڳي، مڪر ۽
فريب آهي.] |
(31)
|
ز ابليس لعنتي بي شهادت
شود صادر هزاران خرق عادت
|
ڪري ابليس ملعون پڻ ڪرامت
هزارين ٿو ڪري اُو خَرق عادت
|
(32)
|
گه از ديوارت آيد گاهي از بام
گهي در دل نشيند گه در اندام
|
[ڪڏهن هو ديوارن جي مٿان اُڀو پيو سڏي
ته ڪڏهن ڇت تي بيٺو آهي، ڪڏهن هو دل ۾
گهڙي ٿو اچي ته ڪڏهن سَنڌن ۾ سمايو
وڃي.]
|
(33)
|
همي داند ز تو احوال پنهان
در آرد در تو فسق و کفر و عصيان
|
[هن کي تنهنجي اندر جي هر قسم جي حال
جي خبر آهي، اهوئي تو کي گناھ،
نافرمانيءَ ۽ ڪفر جي پٽي پڙهائي ٿو.]
|
(34)
|
شد ابليست امام و در پسي تو
بدو ليکن بدينها کي رسي تو
|
[شيطان تنهنجو اڳواڻ آهي ۽ تون هن جي
پويان آهين، پر تون هن سان ڪهڙين
ڳالهين ۾ پهچي ٿو سگهين.]
|
(35)
|
کرامات تو گر در خودنمائي است
تو فرعوني و اين
دعويٰ خدائي است
|
ڪرامات آهي اصلي خُود نمائي
ڪري فرعونُ ڄڻ دَعوا خُدائي
|
(36)
|
کسي کو راست با حق آشنائي
نيايد هرگز از وي خود نمائي |
جنهين جي آهي حق سان آشنائي
ٿئي هرگز نه اُن کان خُود نمائي
|
(37)
|
همه روي تو در خلق است زينهار
مکن خود را درين علت گرفتار
|
اِنهي لئي مُنهن رکين منجھ خَلق ٿو
تون
۽ ويهين عام سان منجھ دَلق ٿو تُون
|
(38)
|
چو با عامه نشيني مسخ گردي
چه جاي مسخ يک ره فسخ گردي
|
ڪندين جي اِيئَن ته ٿيندين مَسخ ۽
فَسخ
بَتَر اُن کان تُون ٿيندين نَسخ ۽
رَسخ
|
(39)
|
مبادت هيچ با عامت سروکار
که از فطرت شوي ناگه نگونسار
|
[توکي نٿو جڳائي ته تون انهن عامين
سان گڏ هجين، ڇو ته ان سان تون پنهنجي
اصليت وڃائي ويهندين.] |
(40)
|
تلف کردي به هرزه نازنين عمر
نگوئي در چه کارست اين چنين عمر
|
[تو پنهنجي پياري عمر ائين اجائي
وڃائي ڇڏي، تون ڇا ٻُڌائيندين ته مون
پنهنجي حياتي ڪيئن صرف ڪئي.]
|
(41)
|
به جمعيت لقب کردند تشويش
خري را پيشوا کردي زهي ريش
|
[هنن پنهنجي پريشان خياليءَ کي سڪون
جو نالو ڏنو آهي، تون گڏھ کي پنهنجو
اڳواڻ ٺاهيو آهي، سندس ڏاڙهي ته ڏس.]
|
(42)
|
فتاده سروري اکنون به جهال
ازين گشتند مردم جمله بدحال
|
[هاڻي اڳواڻي ۽ رهبري جاهلن جي هٿ آئي
آهي، ان ڪري سڄي خلق پريشان حال آهي.]
|
(43)
|
نگر دجال اعور تا چگونه
فرستاده است در عالم نمونه
|
[تنهنجي نگاهن ۾ دجال ڪاڻي جا ڪارناما
آهن، اهي ئي تنهنجي لاءِ مثالي حيثيت
رکن ٿا.] |
(44)
|
نمونه باز بين اي مرد حساس
خر او را دان که نامش هست جساس
|
[هن جي نموني ۽ طور طريقي کي ڏس، اي
سمجھدار! جيڪو پاڻ کي ٻين لاءِ جاسوس
سمجھي ٿو ان کي گڏھ سمجھ.]
|
(45)
|
خران را اين همه تنگ آن خر
شده از جهل پيش آهنگ آن خر
|
[بس، ائين سمجھ سڀ گڏھ هڪ رسيءَ ۾ ٻڌل
آهن، اهي هڪ ٻئي پٺيان ان هڪ گڏھ جي
پويان وڃي رهيا آهن.] |
(46)
|
چو خواجه قصئه آخر زمان کرد
به چندين جا ازين
معنيٰ نشان کرد
|
[جڏهن اسان جي هڪ چڱي مڙس اهو قصو
ٻڌايو، تڏهن اهي سڀ پار پتا به ٻڌائي
ڇڏيا.]
|
(47)
|
ببين اکنون که کور و کر شبان شد
علومِ دين همه بر آسمان شد
|
[هاڻي ڏس ته سڀ انڌا ۽ منڊا اچي رکوال
ٿيا آهن، ان ڪري سڀ علم اڏامي آسمان
تي هليا ويا آهن.]
|
(48)
|
نماند اندر ميانه رفق و آزرم
نمي دارد کسي از جاهلي شرم
|
[دنيا مان هر قسم جي نيڪي ۽ شرم و حيا
گم ٿي ويا آهن، هاڻي ڪنهن کي پنهنجي
جھالت تي شرم ڪونه ٿو اچي.] |
(49)
|
همه احوال عالم باژگون است
اگر تو عاقلي بنگر که چون است
|
[هن سموري جڳ جھان جا احوال هيٺ مٿي
ٿي ويا آهن، جيڪڏهن تون عقل وارو آهين
ته ان تي غور ڪر ته ائين ڇو ٿيو آهي.]
|
(50)
|
کسي کزباب لعن و طرد و مقت است
پدر نيکو بد، اکنون شيخ وقت است
|
[هينئر جيڪو پنهنجي عملن ڪري بدنام ۽
قابلِ نفرت آهي، اهو شيخ بنجي ويٺو
آهي ڇو ته سندس پيءَ نيڪ آدمي هو.]
|
(51)
|
خضر مي کشت آن فرزند طالح
که او را بُد پدر با جد صالح
|
[خضر ته ان نافرمان پٽ کي ماري ڇڏيو
هو، جنهن جو پيءُ ۽ ڏاڏو بيشڪ نيڪ
انسان هئا.] |
(52)
|
کنون با شيخ خود کردي تو اي خر
خري را کز خري هست از تو خرتر
|
[هاڻي اهو حال آهي جو تون ان کي
پنهنجو شيخ قرار ڏنو آهي، جيڪو
گڏهپائي ۾ پاڻ ٻين کان ٻه هٿ اڳتي
آهي.] |
(53)
|
چو او
’لا
يعرف الهر من البّر‘
چگونه پاک گرداند ترا سر
|
[هينئر جڏهن هو ٻليءَ ۽ ڪوئي ۾ فرق
نٿو ڪري سگهي، ته اهو تنهنجي اندر کي
ڪيئن خراب نه ڪندو!] |
(54)
|
اگر دارد نشان باب خود پور
چه گويم چون بود
’نور
علي نور‘
|
[جيڪڏهن پٽ ۾ پيءَ جي ڪا نشاني آهي ته
پوءِ ان کي
’نور
عليٰ نور‘ سراسر روشني ڪيئن نه چئبو!] |
(55)
|
پسر کو نيک راي و نيکبخت است
چو ميوه زبده سر درخت است
|
[اهڙو پُٽ جيڪو نيڪ ۽ نيڪ جنت آهي ته
ان کي هر ڪوئي سٺي وڻ جو ميوو پيو
چوندو.]
|
(56)
|
وليکن شيخ دين کي گردد آن کو
نداند نيک از بد بد ز نيکو
|
[پر ان کي دين جو رهبر يا شيخ ڪيئن
سڏبو، جيڪو چڱائي بُرائي ۾ فرق نٿو
ڪري.]
|
(57)
|
مريدي علم دين آموختن بود
چراغ دل ز نور افروختن بود
|
[مريديءَ جو مطلب ڪڏهن دين جي علم جي
ونڊ ڪرڻ هئي، بلڪ دل جي ڏيئي کي روشن
ڪرڻ مقصد هوندو هو.]
|
(58)
|
کسي از مرده علم آموخت هرگز
ز خاکستر چراغ افروخت هرگز
|
[اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ڪو مُردن کا
علم پرائي، ڀلا تيل بجاءِ خاڪ مان
ڏيئو ڪيئن ٿو ٻاري سگهجي.] |
(59)
|
مرا در دل همي گردد بدين کار
ببندم در ميانِ خويش زنار
|
[منهنجي دل ۾ تڏهن کان اهو خيال اچي
ويٺو آهي ته ڇو نه آءٌ به جسم تي جڻيو
ٻڌي گهمان.] |
(60)
|
نه زآن معني که من شهرت ندارم
بلي دارم ولي زان هست عارم
|
[اهو ان ڪري نه ته مون کي ڪو سڃاڻي
نٿو، بلڪ ان ڪري ته مون کي شهرت حاصل
آهي ۽ آءٌ ان کان ڀڄڻ چاهيان ٿو.] |
(61)
|
شريکم چون خسيس آمد درين کار
خمولم بهتر از شهرت به بسيار
|
[جيئن ته منهنجو واسطو ان ڪميڻائپ سان
پيو آهي، ان ڪري مون کي گمنامي شهرت
کان گهڻو سٺي لڳي ٿي.]
|
(62)
|
دگر باره رسيد الهامم از حق
که بر حکمت مگير از ابلهي دق
|
[ليڪن مون کي ساڳئي وقت خدا جي طرفان
اها هدايت به ملي آهي، ته دانائيءَ ۾
ڪڏهن به نادان کان ڊڄڻ نه کپي.]
|
(63)
|
اگر کناس نبود در ممالک
همه خلق اوفتند اندر مهالک
|
[جيڪڏهن دنيا ۾ صفائي ڪرڻ وارو ئي نه
هجي ته جيڪر سموري خلق خدا جي هلاڪ ٿي
ختم ٿي وڃي.] |
(64)
|
بود جنسيت آخر علت ضم
چنين آمد جهان والله اعلم
|
[ساڳئي قسم جي سوچ رکڻ سان انسان هڪ
ٻئي جي ويجھو اچن ٿا، جھان جو اهوئي
قاعدو آهي وڌيڪ بهتر الله ڄاڻي ٿو.]
|
(65)
|
وليک از صحبت نا اهل بگريز
عبادت خواهي از عادت بپرهيز
|
ادا نا اَهل جي صحبت کان ٿي ڏُور
عبادت چاهين، ٿي عادت کان مَهجُور
|
(66)
|
نگردد جمع عادت با عبادت
عبادت ميکني بگذر ز عادت
|
نه گڏجن مُور عادت ۽ عبادت
عبادت جي ڪرين ڪر تَرڪ عادت
|
|
اشارت به ترسائي |
عيسويت (غير مذهب) مان ڇا مراد آهي؟ |
(67)
|
ز ترسائي غرض تجريد ديدم
خلاص از ربقئه تقليد ديدم
|
آهي معنيٰ ته ترسائيءَ جي تَجريد
خَلاصي آهي اُوءَ کان قيدَ تقِليد
|
(68)
|
جناب قدس وحدت دير جان است
که سيمرغ بقا را آشيان است
|
[ذات قدس جي وحدت ئي روح جو اصلي گهر
آهي، سيمرغ جي بقا جو اهوئي آشيانو يا
آکيرو آهي.] |
(69)
|
ز روح الله پيدا گشت اين کار
که از روح القدس آمد پديدار
|
اِها ٿي اَصل رُوح الله جي ڪار
جو رُوح القُدس کؤن هِت ٿيو پديدار
|
(70)
|
هم از الله در پيش تو جاني است
که از روح القدوس وي نشاني است
|
آهي تو ۾ به اُن الله جي جان
جا روح القدس جو پڻ نشان
|
(71)
|
اگر يابي خلاص از نفس ناسوت
در آئي در حياب قدس لاهوت
|
خلاصي پائين جي، کان نفس ناسُوت
گِهڙين تُون منجھ جناب قُدس لاهُوت
|
(72)
|
هر آنکس کو مجرد چون ملک شد
چو روح الله بر چارم فلک شد
|
مُجردّ کي شَرف ٿيو پڻ ملڪَ تي
چڙهي عيسيٰ جانۡ اُوچو ٿين فلڪَ تي
|
|
تمثيل |
سمجھاڻي |
(73)
|
بود محبوس طفل شيرخواره
به نزد مادر اندر گاهواره |
پِئي ٿو ٻارُ جيسين کِير ۽ قَند
رهي ٿو ماءُ وٽ پينگهي ۾ اُو بند
|
(74)
|
چو گشت او بالغ و مرد سفر شد
اگر مرد است همراه پدر شد
|
ٿِئي بالغ جڏهن، سنبري سَفر تي
گھُمي پيءُ ساڻُ گڏ بَر ۽ بحر تي
|
(75)
|
عناصر مر ترا چون ام سفلي است
تو فرزند و پدر آباي علوي است
|
عناصر ماءُ تُنهنجي اُمّ سفلي
۽ پِيءُ اَفلاڪ ٿيا آبائي علوي
|
(76)
|
از آن گفته است
عيسيٰ گاه اِسرا
که آهنگ پدر دارم به بالا
|
چيو ان لاءِ اَسريٰ وقت عِيسيٰ
ته آءٌ پِيءُ ڏي وڃان ٿو سوُئي بالا
|
(77)
|
تو هم جان پدر سوي پدر شو
پدر رفتند همراهان پدر شو
|
تُون پڻ اُٿي هَلُ پنهنجي پِيءُ ڏي
ويا همراھ نڪري سڀ سفر تي
|
(78)
|
اگر خواهي که گردي مرغ پرواز
جهان جيفه پيش کرکس انداز
|
گھرين حاصل ڪرڻ جي مرتبو اِيءُ
ته تارڪُ دوستَ هِن دنيا جو تُون ٿئي
|
(79)
|
به دونان ده مر اين دنياي غدار
که جز سگ را نشايد داد مردار
|
تَعلّقَ سڀ تُون ڇَڏ اُن جا وساري
حَسَب توڙي نسب ڪر سڀ ڪناري
|
(80)
|
نسب چبود تناسب را طلب کن
به حق رو آور و ترک نسب کن
|
نَسب کي ڇڏ، مُناسب جي طَلب ڪر
وٺي حقُ تَرڪ تُون سڀ ڪو نسب ڪر
|
(81)
|
به بحر نيستي هر کو فرو شد
’فلا
انساب‘
نقد وقت او شد
|
[جيڪو (سالڪ) نيستي يا فنا جي ساگر ۾
غوطه زن ٿئي ٿو، اهو سڀني لڳ لاڳاپن ۽
مٽين مائٽين کان آجو ٿي پوي ٿو.] |
(82)
|
هر آن نسبت که پيدا شد ز شهوت
ندارد حاصلي جز کبر و نخوت
|
نَسب ٿيا هِن سڀئي شهوت مان پيدا
سڏين هڪڙي کي اَمان ٻئي کي بابا
|
(83)
|
اگر شهوت نبودي در ميانه
نسبها جمله مي گشتي فسانه
|
[جيڪڏهن شهوت کي عمل دخل نه هجي ها ته
جيڪر رشتا ڪونه هجن ها، بلڪ انسانيت
ختم ٿي وڃي ها.] |
(84)
|
چو شهوت در ميانه کارگر شد
يکي
مادر شد آن ديگر پدر شد
|
[اها شهوت سبب انساني ڪارڪردگي آهي،
جو هڪڙو فرد پيءَ بنجي پوي ٿو ۽ ٻيو
ماءُ!] |
(85)
|
نميگويم که مادر يا پدر کيست
که با ايشان به عزت بايدت زيست
|
[مان نٿو پڇان ته تنهنجا ماءُ پيءُ
ڪير آهن؟ ليڪن هنن جي هر حال ۾ عزت
ڪرڻي آهي.] |
(86)
|
نهاده ناقصي را نام خواهر
حسودي را لقب کرده برادر
|
چوين ناقص ضعِيفه کي تون خواهر
۽ حاسد پنهنجي کي ڪوٺِين برادر
|
(87)
|
عدوي خويش را فرزند خواني
ز خود بيگانه خويشاوند خواني
|
سڏين تُون پنهنجي دشمن کي ٿو فرزند
جي سمجھين خويشَ، سي بيگانا منجھ فَند
|
(88)
|
مرا باري بگو تا خال و عم کيست
او زيشان حاصلي جز درد و غم چيست
|
ٻُڌائج ڪير آهن خال ۽ عَم
خَلل کان هي نه خالي، هُو نه کان غَم
|
(89)
|
رفيقاني که با تو در طريقند
پي هزل اي برادر هم رفيقند
|
[تنهنجا سالڪ دوست هر وقت تو سان گڏ
آهن، اهي خوامخواه تو سان کل ڀوڳ ۽
مزاح ۾ به شامل آهن.]
|
(90)
|
به کوئي جد اگر يک دم نشيني
ازيشان من چه گويم تا چه بيني
|
[تون جيڪڏهن ائين ٿوري دير لاءِ به
هنن جو ساٿي بنجندو رهندين مان ڇا
چوان ته تو کي ڇا حاصل ٿيندو؟] |
(91)
|
همه افسانه و افسون و بند است
بجان خواجه کاينها ريشخند است
|
[هاڻي اهي سڀ رشتا ناتا ۽ دوستيون بي
معنيٰ آهن، قسم هن سهڻي سردار جو ته
اهي سراسر فضول آهن.] |
(92)
|
بمردي وا رهان خود را چو مردان
وليکن حق کس ضايع مگردان
|
اِهي دنيا سان شامل، ترڪ سڀ ڪر
ڇڏائي پاڻ، حق جي هامَ تون ڀَر
|
(93)
|
ز شرع ار يک دقيقه ماند مهمل
شوي در هر دو کون از دين معطل
|
ادبُ بيشڪ رَکج تُون ماءُ پيءُ جو
وٺي مَرُ حقُّ شرعي توکان سڀ ڪو
|
(94)
|
حقوق شرع را زنهار مگذار
وليکن خويشتن را هم نگهدار
|
سڀئي حق شرع جا بيشڪ بجا ڪر
مگر حقُ پنهنجو فرضي پڻ اداَ ڪر
|
(95)
|
سوزن نيست الا مايئه غم
بجا بگذار چون
عيسيٰ مريم
|
[گهر ٻار ۾ ڪجھ نه رکيو آهي، بلڪ هر
لحاظ کان ڏچو ۽ ڏک آهي، تون حضرت
عيسيٰ وانگر ٿيءُ ۽ گهر تڙ کي تياڳ
ڏي!]
|
(96)
|
حنيفي شو ز هر قيد مذاهب
درآ در دير دين مانند راهب
|
حنيفي ٿي ڇڏي قَيد مذاهب
مَڙهي ۾ دين جي رھُ تون ٿي راهِب
|
(97)
|
ترا تا در نظر اغيار و غير است
اگر در مسجدي آن عين دير است
|
نظر ۾ تُنهنجي جيسين ٿو رهي غَير
آهي مسجد به تُنهنجي لاءِ هڪ دَير
|
(98)
|
چو برخيزد ز پيشت کسوت غير
شود بهر تو مسجد صورت دير
|
[جڏهن تنهنجي اکين تان غيريت جو پردو
کڄي ويندو، تڏهن تو کي مسجد ۾ به
مڙهيءَ جي صورت نظر ايندي.] |
(99)
|
نمي دانم بهر حالي که هستي
خلاف نفس بيرون کن که رستي
|
[مون کي خبر ناهي تون ڪهڙي حال ۾
گذارين ٿو، پر رڳو نفس جي مخالفت ڪر
ته ڇوٽڪارو لهندين.] |
(100)
|
بت و زنار و ترسايي و ناقوس
اشارت شد همه با ترک ناموس |
بُت ۽ زنّار، تَرسائي ۽ ناقُوس
اِشارا سڀ ٿيا ڏنهن ترڪ ناموس |
(101)
|
اگر خواهي که گردي بندهء خاص
مهيّا شو براي صدق و اخلاص
|
جي ڀانئين ٿين خُدا جو بنده خاص
ته پيدا پاڻ ۾ ڪر صِدقُ اِخلاص
|
(102)
|
برو خود را ز راه خويش برگير
بهر يک لحظه ايماني ز سر گير
|
[پاڻ کي پنهنجي خوديءَ کان بچاءِ ان
رستي تي هلڻ ڇڏ، هر گهڙيءَ اهڙي ايمان
جي راھه تي گامزن ٿيءُ.] |
(103)
|
بباطن نفس تو چون هست کافر
مشو راضي به دين اسلام ظاهر
|
اَندر ۾ نَفسُ آهي تُنهنجو ڪافر
ڪبو ڇا دينُ ۽ اسلام ظاهِر
|
(104)
|
ز تو هر لحظه ايمان تازه گردان
مسلمان شو مسلمان شو مسلمان
|
نئين سِر هر گھڙي ڪر تازو اِيمانُ
مسلمان ٿيءُ، مسلمان ٿيءُ، مسلمانُ
|
(105)
|
بسي ايمان بود کز کفر زايد
نه کفر است آن کزو ايمان فزايد
|
ڪڏهن اِيمانُ پَيدا ڪفر مان ٿئي
نه اهڙي ڪُفر کي پڻ ڪُفر چئجي
|
(106)
|
ريا و سمعته و ناموس بگذار
بيفگن خرقه و بربند زنار
|
رِيا ناموس عِزّت کان ٿي بيزار
ڇَڏي خَرقو خُودي جو ٻَڌ تُون زنّار
|
(107)
|
چو پير ما شو اندر کفر فردي
اگر مردي بده دل را به مردي
|
اسان جي پِير جانۡ ٿي ڪُفر ۾ فَرد
ٿي تابع مَرد جو، جي آهين تُون مَرد
|
(108)
|
مجرد شود ز هر اقرار و انکار
به ترسازاده ده دل را به يک بار
|
مُجّرد ٿي ڪَنا اِقرار اِنڪار
۽ تَرسازادي کي دل ڏي تون يڪبار
|
|
اشارت به بت |
بُت جي اشاري مان ڇا مراد آهي؟ |
(109)
|
بت ترسابچه نوري است ظاهر
که از روي بتان دارد مظاهر
|
[بُت يا نوخيز ۽ نوجوان ۾ جيڪا ظاهري
چمڪ نظر اچي ٿي، اهي سڀ بُتن جا دل
لڀائيندڙ مظهر آهن.] |
(110)
|
کند او جمله دلها را وشاقي
گهي گردد مغني گاه ساقي
|
بُتن ۾ حقُ سَدا آهي اوطاقي
ڪڏهن مُغبّچو ٿئي ۽ ڪڏهن ساقي
|
(111)
|
زهي مطرب که او از نغمئه خوش
زند در خرمن صد زاهد آتش
|
عجب مُغبّچو مُطرب ڳائڻو آھ
وجھي زاهِد جي دل ۾ عِشق جي باھ
|
(112)
|
زهي ساقي که او از يک پياله
کند بيخود دو صد هفتاد ساله
|
عجب ساقِي، جو سَؤ وَرهن جا پوڙها
ڪري بيهوش ۽ گُنگا ۽ ٻوڙا
|
(113)
|
اگر در مسجد آيد در سحرگاه
بنگذارد در او يک مرد آگاه
|
وڃي جي مَدرسي مَسجد ۾ ڪاهي
فقيهن عابِدن جي لا کَ لاهي
|
(114)
|
شود در خانقه مست شبانه
کند افسون صوفي را فسانه
|
[اهڙي سهڻي صورت وارو جڏهن خانقاه ۾
داخل ٿئي ٿو، ته اتي به هو صوفيءَ جي
دنيا کي تباھ ڪري ڇڏي ٿو.] |
(115)
|
رود در مدرسه چون مست مستور
فقيه از وي شود بيچاره مخمور
|
پياري مَئي ڪري سڀني کي مخمُور
وَسائي مسجد ۽ مَيخاني ۾ نُور |
(116)
|
ز عشقش زاهدان بيچاره گشته
ز خان و مان خود آواره گشته
|
[ويچارا زاهد انهن جي صورت ۾ گرفتار
ٿي، پنهنجا گهر ٻار ۽ سڀ حال احوال
وڃائي ويهن ٿا.] |
(117)
|
يکي
مؤمن دگر را کافر او کرد
همه عالم پر از شور و شر او کرد |
ڪري هڪڙي کي مومن ٻئي کي ڪافر
اندر هرڪنهن جو سڀ نڪري ٿئي ٻاهر
|
(118)
|
خرابات از لبش معمور گشته
مساجد از رخش پر نور گشته
|
[ميخانا هن جي چپن جي ڪشش سان آباد
آهن، مسجدون هن جي چھري جي روشنيءَ
سان منور آهن.] |
(119)
|
همه کار من از وي شد ميسر
بدو ديدم خلاص از نفس کافر |
[منهنجا سڀئي ڪم هن جي ڪري سولا ٿي
پيا، هن جي ڪري مون کي پنهنجي نفس
ڪافر کان ڇوٽڪارو ملي ويو آهي.] |
(120)
|
دلم از دانش خود صد حجب داشت
ز عجب و نخوت و تلبيس و پنداشت
|
[هن کان اڳ منهنجي دل ۾ وڏو تڪبر ۽
وڏائي هئي، منهنجي اندر ۾ شيطاني غرور
۽ گهمنڊ ڀريل هئا.] |
(121)
|
در آمد از درم آن بت سحرگاه
مرا از خواب غفلت کرد آگاه
|
گِھڙي مون وٽ اُهو پڻ آيو ناگاھ
مُون کي ڪيئَن خواب غفلت جي کان آگاھ
|
(122)
|
ز رويش خلوت جان گشت روشن
بدو ديدم که تا خود چيستم من
|
سندس مُنهن کان ٿي خلوت منهنجي روشن
ڪيو تنهن نور روشن منهنجو تَن مَنُ
|
(123)
|
چو کردم در رخ خوبش نگاهي
برآمد از ميان جانم آهي
|
ٿِيا معلوم مُون کي عيبَ پنهنجا
رِيا ۽ مَڪر، ڪُوڙو زُهد تقويٰ
|
(124)
|
مرا گفتا که اي شياد و سالوس
بسر شد عمرت اندر نام و ناموس
|
[هن مون کي مخاطب ٿيندي چيو اي دغا
باز ۽ فريبي تنهنجي سموري عمر ٺڳي ۽
مڪاري ۽ ظاهري ناموس ۾ گذري آهي.] |
(125)
|
ببين تا علم و زهد و کبر و پنداشت
ترا اي نارسيده از که وا داشت
|
[تون پاڻ ڏس ته تو کي ان علم ۽ ظاهر
پرستيءَ، تڪبر ۽ وڏائيءَ تو کي مقصد
کان ڪيترو دور رکيو آهي.] |
(126)
|
نظر کردن به رويم نيم ساعت
همي ارزد هزاران ساله طاعت
|
[حالانڪ تنهنجي چھري کي هڪ پل ڏسڻ به
هزارين سالن جي عبادت برابر آهي.] |
(127)
|
علي الجمله رخ آن عالم آراي
مرا با من نمود آن دم سر وپاي
|
[اهو چوڻ ڇا هو، ان تي هن جو کليل
چھرو مڪمل طور مون کي نظر آيو.] |
(128)
|
سيه شد روي جانم از خجالت
ز فوت عمر و ايام بطالت
|
ٻُڌايئَين پاڻ پڻ اِيءَ منهنجي حالت
ٻُڌي سڀ اُن کان ٿي مون کي خجالت
|
(129)
|
چو ديد آن ماه کز روي چو خورشيد
که به بريدم من ز جان خود اميد |
ڏٺئين مون کي جڏهن بيدل بي آرام
تڏهن مون کي ڏنئين جُودون ڀري جام |
(130)
|
يکي
پيمانه پر کرد و به من داد
که از آب وي آتش در من افتاد
|
لڳي جنهن آبَ کان اُتِ مون ۾ آتش
پيڻ سان سُرڪَ هِڪَ آءٌ ٿي ويس غَش
|
(131)
|
کنون گفت از مي بيرنگ و بي بوي
نقوش تختئه هستي فرو شوي
|
[تڏهن هن مون کي هڪ پيالو ڏيندي چيو،
هن بي رنگ ۽ بي بوءِ شراب کي پيءُ ۽
پنهنجي هستيءَ کي وڃاءِ!] |
(132)
|
چو آشاميدم آن پيمانه را پاک
در افتادم ز مستي بر سر خاک
|
نشي کان تنِهنجي آءٌ ليٽيس مٿي خاڪ
ٿيسُ مَئي پي فنا وحدت سندي پاڪ
|
(133)
|
کنون نه نيستم در خود نه هستم
نه هشيارم نه مخمورم نه مستم
|
نه هاڻي نيست آهيان آءٌ نڪي هست
نه هُشيار آهيان نه مخمورُ نه مَست
|
(134)
|
گهي چون چشم او دارم سر خوش
گهي چون زلف او باشم در آتش
|
ڪَڏهن نا خُوش رهان ٿو ۽ ڪڏهن خُوش
ڪڏهن حيرانُ ۽ ڪڏهين مُشوش
|
(135)
|
گهي از خوي خود در گلخنم من
گهي از روي او در گلشنم من
|
[ڪڏهن آءٌ پنهنجي مزاج جي مجبوري سبب
باھ جي کوريءَ ۾ آهيان، پر ڪڏهن هن جي
ديدار سان گلن جي باغ بستان ۾ آهيان.] |