سيڪشن: تصوف

ڪتاب: گلشن راز

باب:

صفحو:11 

سوال يارهون

حاشيا ۽ شرح

 

651.        وجود مطاق جڏهن تعيّن يا تشخص سان آهي، تڌهن انهي کي موجود ٿو سڏجي ۽ موجودات ڪثرت آهي يعني ڪل ۽ موجودات جو هر هڪ ڀاڱو يا جزو، جو وجود جو جزو آهي، سو ڪل آهي. تنهنڪري ظاهري ڪري اهو ڪثرت وارو جزو يعني موجود سو اصل واري ڪل يا وجود مطلق بي تعيّن کان گھڻو پيو ڏسجي.

653.       ڪل يعني موجودات، ظاهري ڪري بيشمار آهي ۽ سندس جزو جو وجود مطلق آهي تنهن کان البته حقيقت ۾ گهٽ سمجھڻ گهرجي. رڳو ڏيک يا ظاهر ۾ گهڻو ٿو ڏسجي. انهي کي ظاهري هستي آهي ليڪن باطن ۾ عدم آهي. انهن جي هستي وجود تي تعلق رکي ٿي يا انهي جي زيردست آهي.

657.       وجود مطلق جوهر آهي ۽ ظاهري موجودات يا ممڪن يا ڪثرت عرض آهي، ۽ ممڪن ۽ عرض حقيقت ڪري فاني ۽ عدم آهن، تنهنڪري چئَبو ته سڀ ممڪنات ۽ موجودات هر لحظي فاني آهي.

666.       حڪيمن جو قول آهي ته ”العرض لايبقيٰ زمانين“ يعني عرض ٻه گهڙيون بقا نٿو ڪري، هر گهڙي عدم ۽ فاني آهي.

667.       حشر يعني جمع ٿيڻ جو تعينات يا سڀ عالم جي موجودات وحدت ڏي رجوع ٿي ڪري ۽ وري هر لحظي اُها وحدت يا حقيقت واحد ڪثرت ۾ ظاهر ٿي ٿئَي ۽ پکڙيو پئي ۽ اهو ٿيو نشر يعني پکڙڻ، جو جمع جو ضد آهي.

669.       حشر قيامت آهي ۽ قيامت هڪڙي ننڍي ٻي وڏي، ننڍي اها هر گهڙيءَ واري آهي ۽ وڏي قيامت الڪبريٰ جا نيٺ اچڻي آهي. اُهو آهي يوم الدين يا يوم الجزا ۽ هي آهي يوم العمل. هِيءَ نشاة الاوليٰ هُو نشاة الثانيه، هڪڙي درجي بدرجي يا ٿورو ٿورو ٿيندڙ ۽ ٻي فقط هڪڙي دفعي ٿيندڙ، هڪڙي اجمالي ۽ ٻي تفصيلي، هڪڙي فاني ۽ ٻي ابدي.

673.       جيئن حياتي حِسّي به آهي ۽ معنوي به آهي، تيئن موت حِسّي به آهي ۽ معنوي به آهي. يعني ظاهري ۽ باطني.

676.       جيئن ماڻهوءَ کي بدن ۽ روح آهي، تيئن جھان به گويا هڪڙو شخص يا بدن آهي، جنهن جو روح آهي انسان.

677.       جيئن مٿي ڏيکاريو ويو ته سڀ موجودات يا ممڪنات عالم جي هر لحظه مري ٿي ۽ جيئي ٿي.

678.       اختياري موت آهي پنهنجو نفس مارڻ يا توبھ ڪرڻ. قول آهي ته الموت هو التوبته ۽ اضطراري موت آهي روح جو بدن کان ڌار ٿيڻ.

683.       يعني عالم به موت ۽ حياتيءَ جي نسبت ۾ انسان سان مشابھ آهي، مگر هي تفاوت آهي ته اختياري موت يا توبھ عالم کي ڪونهي خاص انسان جي لاءِ آهي، جنهنڪري معرفت به حاصل انهيءَ کي ٿي ٿئي.

684.       جيئن پهرين عدم ۾ هو پوءِ هست ٿيو، تيئن ذري ذري پيو ٿئي.

685.       يعني مرڻ يا بدن کان روح جي جدا ٿيڻ وقت.

686.       حواس تارن وانگي آهن ۽ جان سج وانگي آهي.

686.       هي قيامت ۾ ٿيڻ واريون ڳالهيون قرآن مان آهن جي مرڻ مهل ظاهر ٿيون ٿين. اهي سوره القيامته ۾ ڏنل آهن، جنهن ۾ آهي وَالْتَفَّتِ السَّاقُ بِالسَّاقِ (آيت:29).

688.       يعني ڪلام الله.

689.       هي ٻه آيتون به قرآن مان آهن ته كُلُّ مَنْ عَلَيْهَا فَانٍ  وَيَبْقَى وَجْهُ رَبِّكَ ذُو الْجَلَالِ وَالْإِكْرَامِ  (الرحمٰن: 26-27) ۽ ٻي آهي:  بَلْ هُمْ فِي لَبْسٍ مِنْ خَلْقٍ جَدِيدٍ (ق: 15).

691.        هي قرآن جي آيت آهي جا مٿي به آئي آهي.

692.       يعني حق جي طرفان تجليون ۽ تعيّن پوري ڪمال سان وجود ۾ پيا اچن جنهنڪري عالم هليو هلي ۽ عالم ذاتي طرح هر ساعت پيو بدلجي ۽ هست ۽ نيست ٿئي.

693.       هتي جيڪو به تعين آهي سو ظاهري آهي ۽ معنوي به آهي مجازي به آهي ته حقيقي به آهي.

704.       هتي جا ڪم وري وري هئڻ ڪري ماڻهوءَ ۾ اثر پيدا ڪن ٿا ۽ انهي ڪري انهي ۾ اخلاق پيدا ٿين ٿا جي هن جھان تائين هلن ٿا.، جيڪا نفساني ڪيفيت جلد گم ٿي وڃي ٿي انهيءَ کي حال يا احوال چئبو آهي ۽ جيڪا جلد گم نه ٿي ٿئي انهي کي خُلق ۽ خُوءِ يا اخلاق سڏبو آهي.

706.       جڏهن جسم يا تعين جو ظاهري پردو گم ٿي وڃي ٿو تڏهن باطن يا اخلاق پڌرا ٿيندا.

717.        سڀ اندر جا ڳجھ ۽ اسرار قيامت جي ڏينهن نڪري نروار ٿيندا. هي قرآن جي آيت آهي: يَوْمَ تُبْلَى السَّرَائِرُ فَمَا لَهُ مِنْ قُوَّةٍ وَلَا نَاصِرٍ (الطارق: 9-10).

719.        سڀ اخلاق جي اڳي باطن ۾ هئا سي انهي ڏينهن مناسب جسم وٺي ظاهر ٿيندا ۽ فعل ۾ ايندا.

722.       دارالآخرت دار الحيواة آهي تنهنڪري روح ۽ بدن هڪجھڙا هوندا. جي ڪو جسم هوندو ته اهو به روحاني ۽ لطيف ۽ صاف هوندو نه بدن وانگي ڪثيف ۽ ڪدورت وارو.

697. آيت آهي: وَسَقَاهُمْ رَبُّهُمْ شَرَابًا طَهُورًا (الدهر: 21). انهي پاڪ شراب جي نشي سان هستي ۽ تعين جي لذت کان صاف ۽ پاڪ ٿيندين. فعل توڙي صفات ۽ ذات جي ڪا به غلاظت ڪا نه رهندي، پاڻ کان فاني ۽ حق سان باقي ٿيندين.

 

 

سوال - دوازدهم

سوال ٻارهون

(1)     

قديم و محدث از هم چون جدا شد
که اين عالم شد آن ديگر خدا شد
 

قَديم ۽ مُحدِث آهي جڏهن جُدا ٿيو
تڏهن ڪيئَن هڪڙو عالَم ٻيو خُدا ٿيو؟
 

 

جواب

جواب

(2)    

قديم و محدث از هم خود جدا نيست
که از هستي است باقي دائما نيست
 

قديم ۽ واجب ۽ باقي ٿيو حق
ٿيو مُمڪِن ۽ مُحدِث نيست مطلق

 

(3)    

همه آن است و اين مانند عنقاست
جز ازحق جمله اسم بي‌
مُسميٰ ست

 

حقيقت ۾ نه هي هُن کان جُدا آھ
فقط هِن کي سدا هُن مان بقا آھ

 

(4)    

عدم موجود گردد اين محال است
وجود از روي هستي لايزال است

 

[عدم ڪيئن موجود ٿي سگهي ٿو اهو بلڪل محال آهي، ڇو ته وجود هستي (هئڻ) جي لحاظ کان لازوال آهي.]

 

(5)    

ز آن اين گردد و نه اين شود آن
همه اشکال گردد بر تو آسان

 

[ٻُڌي ڇڏ، نه هيءُ ڪڏهن هُو ٿي سگهي ٿو ۽ نه هُو وري هيءُ ٿي سگهي ٿو، اهو سمجھڻ هر مسئلي جو حل آهي.]

(6)    

جهان خود جمله امر اعتباري است
چو آن يک نقطه که اندر دور ساري است

 

[هن جھان کي تون اعتباري (خيالي) فرض ڪر. ان جو مثال اجھو اهو آهي جيئن هڪ ٽٻڪو گول گهمڻ سان دائرو بنائي ٿو.]

 

(7)    

برو يک نقطئه آتش بگردان
که بيني دائره از سرعت آن

 

[وڌيڪ اهو خيال ڪر ته اهو نقطو باھه يا مشعل آهي جنهن کي تيز ڦيرائڻ سان تو کي اهو دائري جي شڪل ۾ نظر اچي ٿو.]

 

(8)    

يکي گر در شمار آيد به ناچار
نگردد واحد از اعداد بسيار

 

[اهڙيءَ طرح جڏهن تون هڪ جي انگ کي بار بار ڳڻيندين (وڏو انگ) ته اهو هڪ جو انگ پنهنجي اصليت ۾ ختم ڪو نه ٿيندو.]

(9)    

حديث ما سويٰ الله رها کن
به عقل خويش آن را زين جدا کن

 

سوا حق جي ٻيو ڪي ناهي موجُود
قصو سڀ مَاسَوَي الله جو ٿيو بي سوُد

 

(10)             

چو شک داري در آن کين چون خيال است
که با وحدت دوي عين ضلال است

 

[تو کي آخر هن ڳالهه ۾ ڪيئن شڪ پيو آهي ته اهو سڀ ڪجھه محض خيال آهي، ڇو ته هيڪڙائي سان ٻيائي کي گڏ آڻڻ پوري گمراهي آهي.]

 

(11)  

عدم مانند هستي بود يکتا
همه کثرت ز نسبت گشت پيدا

 

عدم هو هڪڙو، هستيءَ وانگي اصلا
هي ڪثرت ٿي سڀئي نِسبت کان پيدا

 

(12)             

ظهور اختلاف و کثرت شان
شده پيدا ز بوقلمون امکان

 

[مختلف صورتن ۾ ظهور ۽ انهن جي ڪثرت ممڪنات جي گھڻائي ۽ رنگارنگيءَ جي ڪري آهي.]

(13)             

وجود هر يکي چون بود واحد
به وحدانيت حق گشت شاهد

 

وجود آهي اصل سڀ شيءِ جو واحد
۽ وحدانيت آهي حق جي شاهِد

 

 

سوال ٻارهون

حاشيا ۽ شرح 

724.       قديم اهو آهي جنهن کان اڳي ٻيو ڪي به ڪين هجي. جنهن کان اڳي ڪي هجي ۽ هو پوءِ پيدا ٿئي اهو آهي محدث. جڏهن قديم يعني حق يا وحدت، محدث يعني عالم يا ڪثرت جدا يا ٻه ڪين چئبا. تڏهن حقيقت ڪري محدث رڳو قديم جي تجلي جو مظهر آهي، ٻئي هڪڙوئي آهي تميز يا تفاوت ڪونه ٿيو.

739.       قديم يا وجود مطلق يا واجب الوجود جو هميشه باقي آهي سو محدثات ۽ ممڪنات جي صورت ۾ ظاهر ٿو ٿئي، جو عدم يا فاني آهي رڳو هن جي ڪري بقا ۽ هستي اٿس.

714. يعني جيئن وجود اصلاً واحد آهي تيئن عدم به واحد آهي. ٻنهي ۾ ڪثرت ۽ تعداد اصل ڪونه هو، اهو رڳو نسبت يا ذات جي تعينات جي ڪري ٿيو آهي.

 

 

سوال - سيزدهم

سوال تيرهون

(14)             

چه خواهد مرد معنيٰ ز آن عبارت
که دارد سوي چشم و لب اشارت

 

 

 

حقيقي ڇا هي معنيٰ، عشق جو حال
اکيُون، مُنهن، چپَ ۽ زلف ۽ خطّ ۽ خال؟

 

(15)             

چه جويد از رخ و زلف و خط و خال
کسي کاندر مقامات است و احوال

 

 

جواب

جواب

(16)             

هر آن چيزي که در عالم عيان است
چو عکسي ز آفتاب آن جهان است

 

هي سڀڪا شيءِ جا عالم ۾ عيان آھ
سا حق جو عَڪسُ پارَوُن هُن جھان آھ

 

(17)             

جهان چون زلف و خط و خال و ابروست
که هر چيزي به جاي خويش نيکوست

 

 

 

هي جڳُ ٿيو خالَ ۽ خط جي مثال آھ
تجلّي ڪڏّهن جَمال ۽ ڪڏهن جلال آھ

 

(18)             

تجلي گه جمال و گه جلال است
رخ و زلف آن معاني را مثال است

 

(19)             

صفات حق تعاليٰ لطف و قهر است
رخ و زلف بتانرا زآن دو بهر است

 

صفاتون حقِ جُون آهن لُطف ۽ قَهر
ڏينَ محبوبَ مُنهن مان قَند ۽ زهرَ

 

(20)            

چو محسوس آمد اين الفاظ مسموع
نخست از بهر محسوسند موضوع

 

[جيئن ته اسان پهريائين الفاظ محسوس ڪريون (ٻڌون) ٿا، انهيءَ ڪري اهي شروع کان ئي محسوس شين جي نشاندهي ڪن ٿا.]

(21)             

ندارد عالم معني نهايت
کجا بيند مراورا لفظ غايت

 

مجازي ۽ حقيقي لفظ معنيٰ
مطابق ٿيا اچي دُنيا ۽ عُقبيٰ

 

(22)            

هر آن معني که شد بر ذوق پيدا
کجا تعبير لفظي يابد او را

 

نه سمجھين جيسين تُون تن جي حقيقت
اِنهن گُفتَن جي توکي ناهي رُخصت

 

(23)            

چو اهل دل کند تفسير معني
به مانندي کند تعبير معني

 

[جڏهن اهل دل (صوفي) انهن جي سمجھاڻي ڏين ٿا ته هو انهن جي سمجھاڻي محسوس ٿيندڙ شين سان ڪن ٿا.]

(24)            

که محسوسات از آن عالم چو سايه است
که اين چون طفل و آن مانند دايه است

 

[دراصل محسوسات اصلي عالم (جھان) جي پاڇولن وانگر آهن، هنن جي حيثيت ننڍي ٻار جي آهي ۽ اصلي دائي وانگر آهن.]

(25)            

به نزد من خود الفاظ ماول
بر آن معني فتاد از وضع اول

 

[منهنجو خيال آهي ته جن اصطلاحن جي اسان سمجھاڻي ڏيون ٿا، اهي شروع کان انهيءَ معنيٰ سان مخصوص ڪيا ويا آهن.]

(26)            

به محسوسات خاص از عرف عام است
چه داند عام کان معني کدام است

 

[ليڪن عام ماڻهن انهن کي پوءِ رواجي معنيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ڀلا، عام ماڻهو انهن کي ٻي ڪهڙي معنيٰ ڏئي سگهن ٿا.]

(27)            

نظر چون در جهان عقل کردند
از آنجا لفظها را نقل کردند

 

[جڏهن عقل وارن انهيءَ جھان تي نظر وڌي ته هنن اصلي لفظن جي اها معنيٰ مقرر ڪري ڇڏي.]

(28)            

تناسب را رعايت کرد عاقل
چو سوي لفظ معني گشت نازل

 

[پر داناءُ اهو آهي جيڪو انهيءَ نسبت کي سمجھي ٿو ۽ اصلي معنيٰ ڏانهن ڌيان ڪري ٿو.]

(29)            

ولي تشبيه کلي نيست ممکن
ز جست و جوي آن ميباش ساکن

[جيتوڻيڪ مڪمل تشبيھ ناممڪن آهي، پر اها جستجو ختم نه ڪر.]

 

(30)            

درين معني کسي را بر تو دق نيست
که
صاحب مذهب اينجا غير حق نيست

 

[انهيءَ سلسلي ۾ تو مٿان ڪنهن کي فضيلت ڪونهي، ڇو ته اتي حق کان سواءِ ٻيو ڪو به رهنما ڪونهي.]

(31)             

ولي تا با خودي زينهار زينهار
عبارات شريعت را نگهدار

 

[ليڪن ياد رک جيستائين تون هوشيار خبردار آهين ته پوءِ هر حال ۾ شريعت ۽ قانون تي هل.]

(32)            

که رخصت اهل دل را در سه حال است
فنا و سکر و پس ديگر دلال است

[ڇو ته اهلِ دل يعني سالڪن کي به ٽن حالتن ۾ رخصت آهي. هڪ فنا، ٻي سُڪر ۽ ٽين محبت ۾ استغراق.]

(33)            

ترا چون نيست احوال مواجيد
مشو کافر بناداني و تقليد

 

فنا ۽ سُڪر جيسين ٿيو نه ظاهر
نه ٿي تقليد سان تُون پاڻ ڪافر

 

(34)            

هر آنکس کو شناسد اين سه حالت
بداند وضع الفاظ و دلالت

 

[جيڪو انهن ٽنهي حالتن جي شناخت رکي ٿو، اهو الفاظن ۽ اصطلاحن جي معنيٰ ۽ مطلب کي سمجھي ٿو.]

(35)            

مجازي نيست احوال حقيقت
نه هر کس يابد اسرار طريقت

 

[حقيقت ائين ناهي جيئن ظاهري طور نظر پئي اچي، هر ڪوئي طريقت جي اسرارن کان با خبر نٿو ٿي سگهي.]

(36)            

گزاف اي دوست نايد ز اهل تحقيق
مر اين را کشف بايد يا که تصديق

 

شريعت پوءِ طريقت پوءِ حقيقت
سواءِ ان جي تُون کڻندين جڳُ جي لعنت

 

(37)            

بگفتم وضع الفاظ و معاني
ترا سربسته گر خواهي بداني

 

ٻُڌج تُون هاڻ الفاظ ۽ معاني
منجھان تشبيھ سِکُ تنزيھ جاني

 

(38)            

نظر کن در معاني سوي غايت
لوازم را يکايک کن رعايت

 

[معنيٰ ۽ مفهوم تي پهچڻ خاطر مقصد کي ضرور نظر ۾ رک، هن سلسلي ۾ ضروري هدايتن تي ضرور عمل ڪر.]

(39)            

بوجهي خاص از آن تشبيه مي‌کن
ز ديگر وجهها تنزيه مي‌کن

 

[فقط خاص حالتن ۾ تشبيھ جو سهارو وٺ، ور نه ٻي هر صورت ۾ تنزيھ (هن کي هر شيءِ کان الڳ) سمجھه.]

(40)            

چو شد اين قاعده يک سر مقرر
نمايم ز آن مثالي چند ديگر

 

[جڏهن تو کي هن ڳالهه جي خبر پئجي وئي ته پوءِ آءٌ تو لاءِ ڪجھ مثال ۽ سمجھاڻيون پيش ڪريان ٿو.]

 

اشارت به چشم و لب

اکين ۽ چپن مان ڇا مراد آهي؟

(41)             

نگر کز چشم شاهد چيست پيدا
رعايت کن لوازم را بد آنجا

 

[غور سان ٻُڌ ته محبوب جي اَک مان ڇا ٿو ظاهر ٿئي، ان لاءِ تون سڀني ضروري ڳالهين کي سمجھ.]

(42)            

ز چشمش خوست بيماري و مستي
ز لعلش گشت پيدا عين هستي

 

ٿي اک محبوب جي بيمار ۽ مَست
۽ چَپَ ڳاڙها اُنهي جا نيست منجھ هَست

 

(43)            

ز چشم او همه دلها جگرخوار
لب لعلش شفاي جان بيمار

 

اکين کان ٿيون دليُون غم ۾ گرفتار
چَپَن کان ٿي شِفا تنِ کي، جي بيمار

 

(44)            

ز چشم اوست دلها مست و مخمور
ز لعل اوست جانها جمله مستور

 

ٿيا عاشق اکين کان مست مخمُور
چَپن کان ٿيا اُنهن جا رُوحَ مستُور

 

(45)            

به چشمش گرچه عالم در نيايد
لبش هر ساعتي لطفي نمايد

 

اکيون ليکين پڻ ٿيون ڪين عالم
مگر لَبَ تُنهنجا ڪن ٿا لُطف هردم

 

(46)            

دمي از مردمي دلها نوازد
دمي بيچارگان را چاره سازد

 

[ڪڏهن هو ماڻهن جي دلين کي لُڀائي ٿو، ڪڏهن ڦٽِلين ۽ بيمارن جي تيمارداري ڪري ٿو.]

(47)            

به شوخي جان دمد در آب و در خاک
به دم دادن زند آتش بر افلاک

 

[هن جي حُسن جي شوخي پاڻي ۽ مٽيءَ کي زندگي بخشي ٿي، هن جي هڪ ڦوڪ آسمانن ۾ باھه لڳائي ڇڏي ٿي.]

(48)            

از او هر غمزه دام و دانئه شد
وز او هر گوشهاي ميخانئه شد

 

[هن جي هر اشاري ۽ غمزي ۾ ڦاسڻ جو داڻو رکيل آهي، هن جي ڪري ڪنڊ ڪڙڇ ميخانو بڻيل آهي.]

(49)            

ز غمزه ميدهد هستي به غارت
به بوسه ميکند بازش عمارت

 

[جتي هن جو هڪ اشارو پوري ڪائنات کي جلائي رک ڪري ٿو، اُتي هن جي چپن جي چاشنيءَ سان عمارت کڙي ٿي وڃي ٿي.]

(50)            

ز چشمش خون ما در جوش دايم
ز لعلش جان ما بيهوش دايم

 

اکين کان رتُ عُشاقن جو ٿيو منجھ جوش
چَپن کان جان تن جي آهي مدهوش

 

(51)             

به غمزه چشم او دل مي‌ ربايد
به عشوه لعل او جان مي ربايد

اکيون غمزن سان ٿيون دلڙيون لُٽي نِين
چُميُن سان چَپَ سَدا ڦَٽڙا ڇُٽائين

(52)            

چو از چشم و لبش خواهي کناري
مر اين گويد که نه آن گويد آري

 

[جڏهن تون هن جي ‘اکين’ ۽ ‘چپن’ ۾ سمائجڻ گهرين ته هڪڙو چوندو نه ته ٻيو چوندو هائو!]

(53)            

ز غمزه عالمي را کار سازد
به بوسه هر زمان جان مي ‌نوازد

 

[هن جو هڪ غمزو ۽ اشارو سڄي جڳ جھان کي سنواري ٿو، هن جي چپن جو مٺاڻ هر گهڙيءَ روح کي راحت ڏئي ٿو.]

(54)            

از او يک غمزه و جان دادن از ما
وز او يک بوسه و استادن از ما

 

[هن جي هڪ غمزي تي اسان ساھه صدقي ڪري ويهون ٿا، هن جي چپن جي چاشني اسان کي ٻيهر جيئرو ڪري ڇڏي ٿي.]

(55)            

کلمح بالبصر شد حشر عالم
ز نفخ روح پيدا گشت آدم

 

[هن جي اک ڇنڀڻ سان جھان ۾ قيامت برپا ٿئي ٿي، هن جي روح ڦوڪڻ سان آدم پيدا ٿي پوي ٿو.]

(56)            

چو از چشم و لبش انديشه کردند
جهاني  مي پرستي پيشه کردند

 

[جڏهن ڪنهن تي هن جي اکين ۽ چپن جو تصور حاوي ٿئي ٿو، تڏهن هو پاڻ کي مئي ۽ ميخاني جي رنگ ۾ رڱي ٿو.]

(57)            

نيايد در دو چشمش جمله هستي
در او چون آيد آخر خواب و مستي

 

[ليڪن هي سڄو جڳ جھان هن جي اکين آڏو ڪهڙي حيثيت رکي ٿو! ڇو ته هن جي اکين تي ڪڏهن به ننڊ ۽ غفلت جو غلبو نٿو ٿئي.]

 

(58)            

وجود ما همه مستي است يا خواب
چه نسبت خاک را با رب ارباب

 

[اسان جي هستي يا خواب خيال آهي يا اجائي مستي آهي، ان صورت ۾ اسان خاڪ وارن کي هن سان ڪهڙي نسبت!]

(59)            

خرد دارد ازين صد گونه اشفت
که
ولتصنع علي عيني چرا گفت

 

[اتي عقل پاڻ هزار پريشانين ۾ آهي، ڇو ته هن پاڻ چيو آهي، توکي پاليوسين پنهنجي اکين ڳيان.‘]

 

اشارت به زلف

زلف جو اشارو

(60)            

حديث زلف جانان بس دراز است
چه شايد گفت کان جاي راز است

حقيقت زُلف جي دُور ۽ دراز آھ
ڪبو ڇا ذڪر، جو سڀ رَمز راز آھ

(61)             

مپرس از من حديث زلف پرچين
محبانيد زنجير مجانين

 

وِڌا زنجير عُشّاقن کي محبوب
ٿيا جي قيد ڪثرت جي ۾ مجذوب

 

(62)            

ز قدش راستي گفتم سخن دوش
سر زلفش مرا گفتا که خاموش

 

سَئون ٿيو قَدُ، ڏِنگا ٿيا زُلف اُن جا
تعيّن ۾ ٿيو ضد آهي بَر جا

 

(63)            

کژي بر راستي زان گشت غالب
وز او در پيچش آمد راه طالب

 

[ڏنگائي ان ڪري سڌائيءَ تي غالب آهي ته جيئن طالب ان ڏنگي ۽ ڏُکي راھه ۾ پنهنجو رستو ڳولي لهي.]

(64)            

همه دلها از او گشته مسلسل
همه جانها از او گشته مغلغل

 

[سڀئي دليون ان زلف دراز ۾ ڦاٿل آهن ۽ سڀئي روح ان ۾ ٻُڏندڙ ۽ ترندڙ آهن.]

(65)            

معلق صد هزاران دل ز هر سو
نشد يک دل برون از حلقئه او

 

[هزارين ۽ لکين دليون ان (زلف) ۾ اٽڪيل آهن، هن جي زلف جي پيچ کان ڪا دل بچيل ناهي.]

(66)            

گر او زلفين مشکين برفشاند
به عالم در يکي کافر نماند

 

ڇَنڊي جي زُلفَ پَنهنجا منهنجو دلبر
نه عالم ۾ رهي ڪو هڪڙو ڪافر

 

(67)            

وگر بگذاردش پيوسته ساکن
نماند در جهان يک نفس مؤمن

 

۽ جي دائم ڪري او تن کي ساڪنِ
ته جڳ ۾ پڻ رهي هڪڙو نه مومن

 

(68)            

چو دام فتنه ميشد چنبر او
به شوخي باز کرد از تن سر او

 

[جڏهن هن جي فتني (زلف) جو دام وڌي دائرو (ڦاهي) بنجي ٿو ته هو پنهنجي شوخيءَ سان ان جو سر وڍي ڇڏي ٿو.

(69)            

وگر زلفش ببريده شد چه غم بود
که گر کم شد شب اندر روز افزود

 

[پر جيڪڏهن ائين سندس زلف جو سر وڍجي ويو ته ڇا ٿيو، جيئن اونداهي گهٽبي آهي ته ڏينهن جو سوجھرو وڌڻ لڳندو آهي.]

(70)            

چو او بر کاروان عقل ره زد
به دست خويشتن بر وي گره زد

[جڏهن هن پاڻ عقل جي قافلي تي ڌاڙو هنيو آهي، تڏهن پاڻ ئي وري ان جي پيرن ۾ زنجير وڌا اٿس.]

(71)             

نيابد زلف او يک لحظه آرام
گهي بام آورد گاهي کند شام

 

مگر زلفن کي اُن جي ناهي آرام
ڪڏهن ٿا صُبح آڻنِ ۽ ڪَڏهن شام

 

(72)            

ز روي و زلف خود صد روز و شب کرد
بسي بازيچهاي بوالعجب کرد

 

رُخ ۽ زلفن مان ڪيئي روزَ شبَ ٿيا
مخالف رنگ ڪَثرت جا عجب ٿيا

 

(73)            

گلِ آدم در آن دم شد مخمر
که دارد بوي آن زلف معطر

 

[انسان جي مٽي انهيءَ خمير مان آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي زلف جي خوشبو شامل ڪري ڇڏي آهي.]

(74)            

دل ما دارد از زلفش نشاني
که خود ساکن نمي گردد زماني

 

[اسان جي دلين ۾ به ان زلف جي هڪ نشاني آهي، جنهن جي ڪري اسان جي دلين کي هڪ پل به آرام نه آهي.]

 

(75)            

از او هر لحظه کار از سر گرفتم
ز جان خويشتن دل برگرفتم

 

[هن کان ئي مون هر وقت ڌُن ۾ رهڻ سکيو آهي، اهڙيءَ طرح پنهنجو پاڻ کان بيزار ٿيڻ جو عادي ٿيو آهيان.]

(76)            

از آن گردد دل از زلفش مشوش
که از رويش دلي دارد پر آتش

 

[منهنجي دل هن جي زلف کان ان ڪري پريشان آهي، ائين هن جي چهري کان هر وقت منهنجي دل بيتاب آهي.]

 

 

اشارت به رخ و خط

چهري ۽ خط جي اشارو ڪيڏانهن آهي؟

(77)            

رخ اينجا مظهر حسن خدائي است
مراد از خط جناب کبريائي است

 

آهي رُخ مظهرِ لُطف اِلاهي
۽ خطُ آهي خُدا جي هيڪڙائي

 

(78)            

رخش خطي کشيد اندر نکويي
که از ما نيست بيرون خوبرويي
 

[هن جي چهري تي ايندڙ خط سهڻائپ جي انتها آهي، اهو ظاهر ڪري ٿو ته ان کان ٻاهر وڌيڪ ڪا سُونهن ڪونهي.]

(79)            

خط آمد سبزه‌ زار عالم جان
از آن کردند نامش آب حيوان

آهي خط سبز وَ رُوحاني ۽ ذاتي
ٿو سڏجي چَشمُه آب حياتي

 

(80)            

ز تاريکي زلفش روز شب کن
ز خطش چشمئه حيوان طلب کن

 

ڍڪي اُن کي سَدا زلفن جي ظُلمات
خِضُر ڳولي لهي ڪثرت ۾ هڪ ذات

 

(81)             

خضر وار از مقام بي‌ نشاني
بخور چون خطش آب زندگاني

 

[خضر جي پوئلڳي ڪندي تون به ان لڪل هنڌان خط جي صورت ۾ مهيا اهو آب حيات پي وٺ.]

 

(82)            

اگر روي و خطش بيني تو ‌بيشک
بداني کثرت از وحدت يکايک

 

[جيڪڏهن تون هن جي چهري ۽ خط کي واقعي ڏسي ورتو ته پوءِ تو کي فوراًڪثرت ۽ وحدت جي سمجھاڻي اچي ويندي.]

 

(83)            

ز زلفش باز داني کار عالم
ز خطش باز خواني سر مبهم

 

[هن جي زلف جي اسرارن مان تو کي هِن جھان جي خبر پوندي ۽ هِن جي خط جي خوبيءَ مان تو تي ڳجھا راز کلي پوندا.]

 

(84)            

کسي گر خطش از روي نکو ديد
دل من روي او در خط او ديد

 

[ڪو ئي هن جي خط پويان خوبصورت چهرو ڏسي ٿو، پر منهنجي دل هن جو چهرو سندس خط ۾ ڏسي ٿي.]

(85)            

مگر رخسار او سبع المثاني است
که هر حرفي از او بحر معاني است

 

سندس رُخسارَ ٿيا سَبع اَلمثاني
لڀي هر حرف ۾ بَحر معاني

 

(86)            

نهفته زير هر موئي از او باز
هزاران بحر علم از عالم راز

 

ٿيا سَڀ حرفَ، اُن رخسار جا وار
لِڪلُ هيٺان اُنهي جي علم اسرار

 

(87)            

ببين بر آب قلبِ عرش رحمان
ز خط عارض زيبائي جانان

[تون پنهنجي دل جي پاڻيءَ مٿان ذات خداونديءَ جي عرش کي ڏس، هن جي ڳل تي ظاهري خط سونهن جو سامان اٿئي.]

 

اشارت به خال

تِرَ مان ڇا مراد آهي؟

(88)            

بر آن رخ نقطئه خالش بسيط است
که اصل مرکز دور محيط است

۽ رخ تي خالَ جو ڏسجي جو نقطو
سو مرڪز آهي ذاتي دائري جو

(89)            

از او شد خط دور هر دو عالم
وز او شد خط نقش و قلب آدم

 

ڏسڻ ۾ گرچه آهي هيچ در هيچ
وَڪوڙي هر دُو جڳ کي پيچ در پيچ

 

(90)            

از آن حال دل پرخون تباه است
که عکس نقطئه خال سياه است

 

[انهيءَ تِرَ جي ڪري هيءَ دلڙي رت روئي بيحال ٿي وئي آهي، ڇو ته اِهو ئي اصلي ڪاري تر جو عڪس يا اولڙو آهي.]

(91)             

چوخالش حال دل جز خون شدن نيست
کز آن منزل ره بيرون شدن نيست

هُويّت جو آهي سو غَيبُ مخفي
مُنهجي موڳي ٿئي دل رت ۾ ڦٿڪي

 

(92)            

به وحدت در نباشد هيچ کثرت
دو نقطه نبود اندر اصل وحدت
 

اچي وحدت ۾ ڪڏهين ڪِين ڪثرت
ٻه نُقطا ڪِيئَن ٺَهن منجھ هڪڙي وحدت

 

(93)            

ندانم خال او عکس دل ماست
 و يا دل عکس خال روي زيباست

 

[مون کي خبر نٿي پوي ته اهو تِرُ اسان جي دلين جو عڪس آهي يا اسان جي هيءَ دل هن جي خوبصورت چهري جو عڪس آهي.]

(94)            

ز عکس خال او دل گشت پيدا
و يا عکس دل آنجا شد هويدا

 

اسان جي دِل، خالُ اُن جو، ٻه نقطا
هي هُن جو عڪس ٿيو، هُو هِن جو ٿيو يا

 

(95)            

دل اندر روي او يا اوست در دل
به من پوشيده گشت اين راز مشکل

 

دِل اُن جي مُنهن ۾، يا هُو آهي منجھ دل
آهي هِڪ رازُ اِيءُ، سمجھڻ ٿيو مُشڪل

 

(96)            

اگر هست اين دل ما عکس آن خال
چرا مي ‌باشد آخر مختلف حال

 

جي اِيئَن آهي ته ڇو ٿيو دل جو هي حال
ڪڏهن خوش آهي ڪڏهين غم ۾ پامال

 

(97)            

گهي چون چشم مخمورش خراب است
گهي چون زلف او در اضطراب است

 

[ڪڏهن هن جي خماريل اکين ۾ خرابي ۽ تباهي پئي ڏسجي، ڪڏهن وري هن جي زلفن تي پريشاني ڇانيل آهي.]

(98)            

گهي روشن چو آن روي چو ماه است
گهي تاريک چون خال سياه است

[ڪڏهن هو چنڊ جي چھري جيان منور ۽ روشن آهي، ڪڏهن وري هو ڪاري تر وانگر سراسر سياهي ۽ اوندھه آهي.]

(99)            

گهي مسجد بود گاهي کنشت است
گهي دوزخ بود گاهي بهشت است
 

ڪڏهين مسجد ٿئي، ڪڏهن ڪنشت آھ
ڪڏهن دوزخ ٿئي، ڪڏهين بهشت آھ

(100)         

گهي برتر شود از هفتم افلاک
گهي افتد به زير تودهء خاک

 

[ڪڏهن هو ستن آسمانن کان به مٿي آهي، ڪڏهن هو ويچارو پنهنجي مٽيءَ هيٺان دٻيل آهي.]

 

(101)          

پس از زهد و ورع گردد دگر بار
شراب و شمع و شاهد را طلبگار

[نيڪي ۽ پرهيزگاري، عبادت ۽ خوف خدا کي ڇڏي، هو ٻيهر وري وڃي ميخاني ۾ شمع ۽ شاهد جو طلبگار ٿئي ٿو.]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org