نوري ۽
ناري، جوڳيئڙا جهان ۾
باغ جي وڏي دروازي مان گذرندي ئي هن چادريءَ جو
پلاند منهن تان کڻي ڇڏيو. چوڌاري ٿرٿلو پئجي ويو.
”يارو !هيڏانهن ته ڏسو!“
”واهه واهه! ڪيتري نه سٻاجهڙي آهي!“
”هلڻي ته ڏسوس. جهڙي ڊيل!“
”بس، مزو اچي ويو. مس مس ڪو چهرو ڏسڻ ۾
آيو آهي.“
هوءَ چُپ چاپ سواءِ ڪنهن ڏانهن ڏسڻ
جي،هلندي رهي. سنديس اکين ۾ ڪوبه تاثر ڪونه هو ۽
سنديس گلابي ڳلن تي ٿورو زعفراني رنگ به نظر پئي
آيو. ٽنپهرن جو سج آهستي آهستي الهندي ڏانهن وڌندو
پئي ويو ۽ وڻن جا پاڇولا ڊگها ٿيندا پئي ويا. وڻن
جي ساين مان لنگهندي، ٻوٽن جا پاڇولا لتاڙيندي ۽
سواءِ ڪنهن طرف ڏسڻ جي هوءَ اڳتي وڌندي ويئي. چئن
ئي طرف انسان هئا: ٻار هئا، وڏا هئا ۽ نوجوان هئا.
ننهن سوسڙي هوا سنديس چادريءَ تي لهرون ٺاهيندي هن
جي وارن کي پريشان ڪندي رهي. هن شايد چڱيءَ طرح
ڦڻي به ڪين ڏني هئي. وارن جون ڪاريون ڪاريون چڳون
چادريءَ جي ٽوپيءَ مان نڪري سنديس آفتابي چهري تي
وروڪڙ کائينديون پگهرجي ننڍڙن ننڍڙن قطرن کي
پريشان ڪنديون رهيون. باغ جي ڇيڙي تي هڪ ٻارو خالي
پيو هو. هوءَ تڪڙي تڪڙي وڃي اتي پهتي ۽ گلاب جي هڪ
ڳتيل ٻوٽي ڏانهن منهن ڪري ويهي رهي.
”ٺيڪ آهي. خلاصي ويٺي آهي.“
”يارو! هاڻي ڪجهه ڪرڻ گهرجي. سڄو باغ ٻسو
پئي لڳو.“
”هاءِ هاءِ! آءٌ ته ڏسڻ شرط هن تي هزار
جان سان فدا ٿي پيو آهيان.“
ڏاڍو
ٺهين ٿو. ميان! مون کي ڏسندي ئي هوءَ چڪرائجي ويهي
رهي آهي.“
” ها ها ها ها ها ها !!!“
ننهن-سوسڙي هوا گلاب جي ٻوٽي مان ٿيندي هن
جي ڳلن تي نڪري آيل پگهرجي قطرن کي خشڪ ڪرڻ لڳي.
گلاب جي گلن جهومي جهومي ڄڻ ته کيس هوا ٿي هنئي.
”نه، اهو مناسب ڪونهي. اهي ڳالهيون ته
ٿينديون ئي رهنديون آهن. جيڪڏهن نااميد ٿبو ته
ٿيندو اهوئي جيڪو ٿيڻو آهي. زندگي مايوسيءَ سان
گذاربي ته پوءِ زندهه رهڻ جو ڪهڙو مقصد؟“
هن پنهنجو جسم چادريءَ سان چڱيءَ طرح
ويڙهي، گوڏن ۾ ٻانهون ڏئي، ڪنڌ کي ٿورو پٺتي
جهڪائي اکيون ٻوٽي ڇڏيون. گلاب جي ٻوٽي ۾ هڪ مکڙي
آهستي آهستي ٽڙي ۽ گل ٿي پئي.
شادي ٿي وڃڻ کان پوءِ ڪيتري نه چاهه ۽
پيار سان هن پاڻ کي پنهنجي مڙس جي حوالي ڪيو هو.
هنجون مضبوط ۽ قوي ٻانهون سنديس نازڪ جسم کي وڪوڙي
ويون هيون ۽ هن پنهنجو منهن هنجي وارن ڀريل پکڙيل
سيني ۾ کڻي لڪايو هو.
”منهنجي مٺڙي! هاڻي دنيا جي ڪابه طاقت
توکي مون کان جدا نٿي ڪري سگهي.“ ۽ هنجي لونءَ
لونءَ ڪانڊار جي ويئي هئي. شادي سندن محبت جي رشتي
جي ڄڻ ته تصديق ڪئي هئي ۽ هو ٻئي هٿ ۾ هٿ ڏئي
زندگيءَ جي نئين راهه تي هلڻ لڳا. هنن آئيندي جا
پروگرام ٺاهيا ۽ اولاد جي تمنا ڪئي. هنن خوشيءَ کي
حاصل ڪرڻ چاهيو ۽ اطمينان جي طلب ڪئي. آهستي آهستي
هن اکيون کوليون ۽ لهندڙ سج جي ڪرڻن سنديس نظرن
آڏو ڪارو پردو آڻي ٽنگيو، پر هوا جي جهوٽيي ان
پردي کي هٽائي ڇڏيو ۽ هن ڏٺو ته گلاب جا گل اڃا
تائين پئي نچيا.
شادي ڪرڻ کان اڳ ئي سندس پيار پختو ٿي ويو
هو. مڙسس جي شڪل صورت، ڊيل ڊول ۽ خوشمزاجيءَ هڪ ئي
ملاقات ۾ هن کي پنهنجو ڪري ڇڏيو هو. پوءَ ڪيترن ئي
مشڪلاتن ۽ رنڊڪن کي منهن ڏيندي آخر ڪار هو ٻئي هڪ
ٻئي جا ٿي ويا، هميشه هميشه لاءِ.
”يارو! ڪيڏي نه بيپرواهيءَ سان ويٺي آهي!“
”لفٽ ئي نه ٿي ڏي.“
”احمق! دنيا همت وارن جي آهي.“
”ته پوءِ ڏيکار پنهنجي همت.“
”اوهين سڀ پکڙجي وڃو.“
گلاب ۽ موتئي جي خوشبوءَ سان ڀريل هوا
سنديس ڳلن تان ٿيندي سنديس وارن ۾ وچڙندي رهي. ٻئي
چاري ۾ بيٺل انب جي گهاٽي ۽ وڏي وڻ ۾ ڪوئل ڪوڪون
ڪيون ۽ جهرڪين ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو.
شادي ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه ڏينهن ته هو پنهنجن
مائٽن جي سهاري زندگيءَ جون نعمتون حاصل ڪندا
رهيا، پر سندن اها خوشقسمتي جٽاءُ نه ڪري سگهي.
سندن ماءُ پيءُ کي کائن وڌيڪ پئسو پيارو هو. سندن
ضرورتون ۽ گهرجون هنن کي شايد پسند ڪو نه آيون.
جوانيءَ جو خون جوش کائي اڀامي پيو ۽ مڙسس تنگ ٿي
وڃي نوڪري ڪئي. هن زال کي ٻڌايو هو، ”تنهنجي ڀاڳين
نوڪري ملي اٿم. نه ته الائجي ڇا ٿئي ها،“ ۽ کيس
فخر ٿيڻ لڳو هو پنهنجيءَ ذات ۽ وجود تي. ۽ جڏهن
مڙسس پهرين پهرين ڪلارڪيءَ جو پگهار وٺي آڻي سنديس
هٿ تي رکيو ته هنجي چپن تي مرڪ پکڙجي وئي هئي ۽
اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئس. پگهار اچڻ کان اڳ هو
ڪيترائي پروگرام ٺاهيندا هئا:
نون نون ڪپڙن خريدڻ جا ۽ گهمڻ ڦرڻ جا. پر پگهار ۾
ڪڏهن به برڪت نه پئي.
هر مهيني جي پهرين تاريخ هوءَ پنهنجي آرزو ۽ خواهش
جو گلو نپوڙي ڇڏيندي هئي، پر پوءِ رات جو مڙسس جي
سمهي رهڻ کان پوءِ رئڻ سان پنهنجن ڳوڙهن کي اگهندي
اگهندي الائيجي ڪيڏي مهل سمهي رهندي هئي.
ماکيءَ جي هڪڙي مک پريان ڀون ڀون ڪندي آئي
۽ گلاب جي هڪڙي مکڙيءَ ۾ سمائجي ويئي. هن جو ڌيان
ان طرف ويو. هن ڏٺو ته ٻاري ۾ ڪيترائي ننڍڙا ننڍڙا
گل ٽڙيا بيٺا هئا. هڪڙي گل ٻين گلن کان لڪي لڪي هن
کي چٻرو ڏنو ۽ هن منهن ورائي ڇڏيو.
”وڏي پلستر آهي. اک مٿي ئي نه ٿي کڻي.“
”بس، ڏٺي سون تنهنجي همت.“
”ڀلا ڪڏهن عورت ڏٺي هجيس.“
”چپ ڪر ڙي! ٻڌي نه وٺي.“
”يارو! هيءُ ته اوهان ڏٺو ئي ڪونه !“
”ڇا؟“
ڳل تي ننڍڙو ڪارو تر.“
مڙسس جا مضبوط هٿ سنديس نرم ۽ نازڪ ڳلن کي
ٿڦڪائيندا رهيا. هن ٻنهي هٿن ۾ سنديس گلابي چهرو
کڻي جهليو ۽ هنجي اکين ۾ اکيون کپائيندي پنهنجا
ڀريل چپ آهستي آهستي وڌائي ڳل تي تر واري هنڌ
چهٽائي ڇڏيا. هو سڄي ڏڪي وئي ۽ مڙسس کي چنٻڙي پئي.
”مٺڙي! دل نه لاهه. منهنجي هوندي تنهنجو
وار به ونگو نه ٿيندو. آءٌ ٻي نوڪريءَ جي ڳولا ۾
آهيان. دعا ڪر ته ملي پئي. پوءِ سڀ ڏک سور ختم ٿي
ويندا.“ هن محسوس ڪيو ته هڪ وڏي ڇپ سنديس ڇاتيءَ
تان سرڪي ويئي ۽ هن اطمينان جو ساهه کنيون. آسمان
۾ تارو ٽڙيو ۽ هنجي ڪُک ۾ ٻار جي پرورش ٿيندي رهي.
هُن ٻئي ٻانُهون مڙس جي ڳچيءَ ۾ وڌيون ۽ سندس ڪڇ ۾
منهن لڪائي ننڍڙي ٻار وانگر اکيون پوري سمهي رهي.
ٻئي ڏينهن سچ پچ مڙسس کي ٻي به نوڪري ملي وئي. هو
ڏينهن جو هڪڙينوڪري
پوري ڪري گهر ايندو، ماني کائيندو هو ۽ زال کي
سيني سان لائي وري ٻي نوڪريءَ تي روانو ٿي ويندو
هو. هو وري رڌ پچاءَ مان واندي ٿي پنهنجي جگر جي
ٽڪري جو آڌرڀاءُ ڪرڻ جي تياريءَ مشغول ٿي ويندي
هئي مڙسس جي اچڻ تائين هوءَ ڪم به ڪندي هئي ۽
جهوٽا به کائيندي هئي.
گلن جي ٻوٽي پويان ٻه اکيون سنديس اکين
سان ماڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون. هن چادريءَ جي
پلاندن سان پنهجي پيرن کي ڍڪيندي اکيون گلاب جي
ٻوٽي جي پاڙ ۾ کپائي ڇڏيون. هنجي مڙس جون اکيون
اهڙيون ته ڪين هيون. انهن مان ته پيار ۽ محبت ليئا
پائيندي هئي ۽ سنديس ننڍڙي جون اکيون به بنهه پڻس
جهڙيون هيون. هن کي محسوس ٿيو ته ٻار جي ننڍڙن
هٿڙن سنديس ڳچيءَ کي مضبوطيءَ سان جهليو آهي. هن
جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو ۽ اکين ۾ آب ڀرجي آيو. ٻار
ڄائو ته پڻس ڪيترو نه خوش ٿيو هو ۽ سنديس ڳاٽ فخر
کان اوچو ٿي ويو هو. پر ڪجهه ڏينهن زندهه رهڻ کان
پوءِ ٻار ماتا جي منحوس بيماريءَ جو بک ٿي ويو ۽
هن مڙسس جي پکڙيل ڇاتيءَ ۾ منهن لڪاڻي ڏاڍو رنو
هو.
”يارو ! هي ته چُري به نه ٿي.“
”آءٌ چوان ٿو ته هڪڙو ڀيرو مون ڏانهن صرف
نهاري.“
”پوءِ ڇا ٿيندو؟“
”پوءِ؟ اوهان جي بدران، مون سان گڏ
هوندي.“
”هون، اها ڪهڙي ڳالهه ٿي! هنن جو ته
پيشوئي اهو آهي.“
”يار! ته پوءِ اڄ نه وڃڻ ڏينس. تنهنجي
صدقي من اسان جي مراد به پوري ٿئي.“
وڻن تي پکي ٽهڪ ڏيندا رهيا ۽ ٻارن ۾ ٻارڙا
ڊوڙون پائيندا رهيا. هن جي دل ٿي ته ٻارڙن کي
ڏسان، پر خيالن جي وهڪري کيس الائجي ڪٿي وڃي
اڇلايو.
هڪڙيءَ رات مڙسس کي سخت کنگهه اچي ٿي.
هوءَ ڏڪي وئي. پر مڙسس مرڪي ڏنو، ۽ هوءَ کيس
پنهنجي ٻانهُن ۾ سوگهو جهلي سمهڻ لڳي. هوءَ کيس
گهڻو ئي جهليندي هئي ته رات جي نوڪري ڇڏ ۽ آرام
ڪر، پر هو انهيءَ ڳالهه جو جواب به مرڪ سان ئي
ڏيندو هو. پر آهستي آهستي سندس اها
مرڪ به غائب ٿيڻ لڳي. هنجي بازن جي قوت گهٽجڻ لڳي
۽ سندس پکڙيل سيني تان گوشت به گهٽبو ويو. مڙس جو
اهو حال ڏسي هن روئي روئي پنهنجون اکيون ئي سڄائي
ڇڏيون. مڙسس ٻئي ڏينهن رات جي نوڪري ڇڏي ڏني.
پئسو گهٽجي ويو، پريشانيون وڌي ويون ۽
بيماري وڪوڙي ويئي. اميدن ۽ آرزوئن جا محل ڊهي
پيا. مڙسس سڄي رات کنگهندو رهيو ۽ گوشت جا ٽڪر جا
ٽڪر ٿوڪاريندو رهيو” هو کٽ تي پيو هوندو هو ۽ هيءَ
ويچاري رات ڏينهن سندس پرگهور لهندي رهي. ڊاڪٽر جي
دوا مان پهرين ته ڪجهه فائدو ٿيو، پر پوءِ ان مان
به ڄڻ شفا نڪري ويئي. ڊاڪٽر ڏاڍي همدردي ڪئي ۽ ڪي
ڏينهن ته هو دوا به اڌاري ڏيندو هو، پر اڄ هن چئي
ڏنو ته سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪرائينس ته سٺو، مون
کان معاملو چڙهي ويو آهي. هوءَ ڊاڪٽر کي ڪوبه جواب
ڏئي نه سگهي. هوءَ اتان ٿي سڌي باغ ۾ آئي ۽ نويڪلي
ٻاري ۾ لوڪ لقاءَ کان لڪي گلاب جي ٻوٽي ۾ منهن هڻي
ڪجهه سوچڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
باغ جي ديوار جي پٺئين پاسي هڪ وڏي عمارت
جي بالڪنيءَ مان ٽهڪڙن جو سريلو آواز هوا جي زور
تي اچي هنجي ڪنن سان ٽڪرايو. هن اکيون کڻي مٿي
نهاريو. هڪ خوبصورت جوڙو بالڪنيءَ ۾ بيٺو هو. پيءُ
جي ڪڇ تي هڪ سهڻو ٻار هو جنهنجا ٻئي هٿ پڻس جي نڪ
۾ هئا ۽ ماڻس پُٽ جي اها شرارت ڏسي کلي رهي هئي.
ڪمتريءَ ۽ مجبوريءَ جي لهس هن جي هنيانءَ کي ساڙي
ڇڏيو ۽ هوءَ چادريءَ جا بٽڻ کولي، رئي جي پلاند
سان پاڻ کي هوا هڻڻ لڳي. گلاب جي ٻوٽي جي پٺيان
لڪل اکيون نروار ٿيون:
”جاني! ڇا حال آهي؟“
هوءَ هڪڙي پٽيل گل وانگر ڪومائجي ويئي.
”سهڻل! هيڏانهن ته اک کڻ،“ هڪرو تير ساڄي طرف کان
آيو ۽ هنجي ڪک ۾ گهڙي ويو.
”اهي ماڻا ڇڏ مٺڙي! هڪڙي نظر اسان ٻانهن
تي به ٿئي،“ هن محسوس ڪيو ته ڄڻ ڪنهن کيس وارن کان
وٺي زمين تي سٽيو هجي.
”اڙي! تنهنجي لاءِ ته جان به قربان آهي،
پئسو ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ هڪڙو بم هنجي اڳيان زور سان
اڇي ڦاٽو ۽ هُن جي دل ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيئي. هوءَ
اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي، ايتريقدر جو سنديس اکين
جو سمورو آب ختم ٿي ويو.
وقت ۽
مفاصلا
آچر
جو ڏينهن هو. آءٌ جو اٺين بجي کان اڳ ۾ ئي ڪراچيءَ
جي ٽوئرسٽ بيورو واري رسيپشن-روم تي پهچي ويس. رڳو
هڪ چوڪيدار بيٺو هو. مون کي ڏسي هن ادب سان سلام
ڪيو، ۽ وڌي روم جو دروازو کوليائين. رسيپشن-روم
سليقي سان سينگاريل هو. غاليچا، صوفا، ڪرسيون،
ميزون، تصويرون، مطلب ته هرڪا شي سُٺي ۽ سهڻي هئي.
آءٌ چوڪيدار جو شڪريو ادا ڪندي، ڪمري ۾ آيس ۽ ڪُنڊ
۾ پيل هڪ ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. ڪمرو بلڪل خالي هو،
۽ رسيپشن-ڪائونٽر پنهجي مالڪ جي انتظار ۾ اٻاڻڪو
پئي لڳو. مون سگريٽ دکايو ۽ ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏئي،
ٽنگون ڊگهيون ڪري، دوستن جو انتظار ڪرڻ لڳس. اسان
اڳوڻي ڏينهن صلاح ڪئي هئي ته صبح جو ٽوئرسٽ بيورو
جي بس ۾ ڪينجهر ڍنڍ تائين هلبو، جتان پوءِ ٻيءَ بس
۾ حيدرآباد وڃبو.
مون اڃا انهيءَ سفر تي پئي سوچيو ته
دروازو کليو، ۽ سڄو ڪمرو هڪ نئينءَ ۽ دلپسند
خوشبوءِ سان واسجي ويو. رسيپشنسٽ پنهنجا وار ٺاهيندي،
ساڙهيءَ جا پلاند درست ڪندي، ڪمري ۾ آئي. هن
ڏاڍيءَ دلڪشيءَ سان چوڌاري نهاري مُرڪيو، ۽ پرس
لوڏيندي ڪائونٽر تي اچي بيٺي. ماحول ۾ هڪ عجيب
ڇڪتاڻ پيدا ٿي ويئي. آءٌ هر هر سگريٽ دکائي پيئندو
رهيس، ۽ هوءَ ڪڏهن پنهنجا وار ٺاهيندي رهي،ڪڏهن
ٽيليفون ڪندي رهي، ته ڪڏهن وري ڪائونٽر تي رکيل
رجسٽر جا پنا اٿلائيندي رهي.
نيٺ منهنجا دوست به پهچي ويا. هنن جي
پٺيان هڪ غير ملڪي خاندان به هو. مون کي اطمينان
ٿيو ته هاڻي آءٌ اڪيلو ڪونه آهيان؛ گهٽ ۾ گهٽ
ڳالهائڻ جو وجهه ته ملندو. غيرملڪي خاندان ۾ فقط
هڪ ڪرڙوڍ مرد هو، هڪ ڪراڙي عورت هئي، ٻه جوان
عورتون ۽ هڪ ٻار. مون سمجهيو ته ٻيا به سيلاني
ايندا، تنهن ڪري ڳڻتي ٿي ته متان دير ٿئي. پر ٿوري
ويرم گذرڻ کان پوءِ هڪ عجيب مهانڊن وار شخص آيو ۽
چيائين: ”آءٌ اوها صاحبن جو آڌر ڀاءُ ڪريان ٿو.
آءٌ اوهان جي هن سفر جو گائيڊ آهيان. اسان جي
سمورا مهمان“، هن غيرملڪي خاندان ڏانهن اشارو ڪندي
چيو ”اچي ويا آهن. مهرباني ڪري اُٿو ۽ بس ۾ سوار
ٿيو. اميد ته پنهنجو هيءَ سفر نهايت آرام وارو ۽
دلچسپ ٿيندو.“ گائيڊ جي انهيءَ اعلان تي اسين سڀئي
اُٿياسون ۽ رسيپشنسٽ کي الوداع چوندا اچي بس ۾
ويٺاسون.
ڊرائيور ۽ گائيد کان سواءِ، بس ۾ صرف اٺ
مسافر هئاسون- ٽي اسين، ۽ پنج غيرملڪي سيلاني. هنن
مان عورتن کي اسڪرٽ پهريل هئا ۽ مرد پتلون ۽ بشرٽ
۾ هو. هنن جو اسان جهڙو ئي رنگ روپ هو، البت پاڻ ۾
ڳالهائڻ وقت هنن هڪ ڌارين ٻولي پئي استعمال ڪئي،
جيڪا اسان جي سمجهه کان بلڪل مٿي هئي. بس صدر
ڪراچيءَ مان تيزيءَ سان نڪري قومي شاهراهه تي
پهتي، ته گائيڊ مائڪروفون هٿ ۾ کنيو ۽ بس ۾ لڳل
لائوڊاسپيڪرن مان هن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو: ” مهربان
مسافرو! اسين هينئر پاڪستان جي عظيم شهر ڪراچيءَ
ما ن نڪري، قومي شاهراهه تي، سنڌ جي قديم وسنديءَ
جي کنڊرن يعني ڀنڀور ڏانهن هلي رهيا آهيون. ڪراچي
هڪ قديم ۽ تاريخي شهر آهي. هن ننڍي کنڊ ۾ انگريزن
جي اچڻ وقت...“
گائيڊ انگريزيءَ ۾ ڪراچيءَ ۽ ان جي
پسگردائيءَ بابت اسان جي معلومات ۾ اضافو ڪرڻ لڳو.
مون ڪنڌ ورائي غيرملڪي سيلانين ڏانهن ڏٺو: عورتون
پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيون هيون، ۽ مرد... ٻار کي
دريءَ مان ٻاهر جو نظارو پئي ڏيکاريو. گائيڊ
پندرهن-ويهن منٽن تائين ڳالهائيندو رهيو؛ پر پوءِ
ٿڪجي هن مون ڏانهن ڏٺو. آءٌ بلڪل اڳينءَ سيٽ تي هن
جي ويجهو ويٺو هوس. مون مرڪي چيو، ”اسان کي ته خبر
آهي، پر هنن غيرملڪي سيلانين کي تنهنجي معلومات
سان ڪا به دلچسپي نٿي ڏسجي.“ گائيڊ ٿورو ڦڪو ٿيو،
۽ مائڪروفون رکندي چيائين، ”هو انگريزي ته سمجهن
ٿا، پر تاريخ کان وڌيڪ کين نظارن ۾ دلچسپي آهي.“
ائين چئي، هو مون سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو. پهريائين
ته هن ڏاڍي ڀروسي سان پئي ڳالهايو، پر ٻن-چئن
ڳالهين بابت منهنجا جواب ٻڌي هو ٿورو چُپ ٿي ويو.
مون کي ائين لڳو ته هن جي معلومات بنهه مٿاڇري
هئي. بس تيزيءَ سان اڳتي وڌندي رهي، ۽ اسان ڪڏهن
ڳالهيون ٿي ڪيون ته ڪڏهن سگريٽ ٿي پيتاسون. هيڏيءَ
ساريءَ بس ۾ ٿورن مسافرن جي هجڻ جي ڪري ڏاڍي
وائکائي پئي محسوس ٿي.
اوچتو منهنجي نظر اسٽيئرنگ جي مٿان لڳل
آئيني تي وڃي پئي. ان ۾ غيرملڪي پوڙهيءَ عورتون جو
چهرو صاف نظر پئي آيو. اسان جي ملڪ ۾ هن جي مهانڊن
جون ڪيتريون ئي عورتون نظر اينديون آهن. مون کي
حيرت ٿي ته آخر اهي سيلاني ڪهڙي ملڪ مان آيل آهن.
مون گائيڊ کان پڇيو، هن جواب ۾ چيو ته اهي مسلمان
آهن ۽ آفريڪا جي ملڪ ڪِينيا مان آيا آهن. مون وري
آرسيءَ ۾ ڏٺو. ڪراڙي عورت ڪنهن فڪر ۾ ڪنڌ جهڪايو
ويٺي هئي. هن جو جهور چهرو ڪيئي روپ بدلائيندو
رهيو.
ڀنڀور ڏانهن ويندي، بس رستي تي چؤکنڊيءَ
جي قبرستان وٽ اچي بيٺي. اُتي هزارين قبرون هيون.
مون ڏٺو ته پوڙهي عورت ڏاڍيءَ حسرت سان قبرستان
ڏانهن ڏسندي رهي. هوءَ بس مان لهي هڪ قبر جي ويجهو
ويهي رهي، ۽ اسين جڏهن پري پري تائين گهمي
موٽياسون ته هوءَ ساڳيءَ قبر وٽ ويٺي هئي. هن جي
پوڙهيءَ پيشانيءَ تي ڏک ۽ ويچار جا ڪيترا ئي گهُنج
پئجي ويا هئا.
هلڻ جو اعلان ٿيو ته سڀئي مسافر بس ۾ چڙهڻ
لڳا. سڀني کان پوءِ پوڙهي بس ۾ چڙهي. بس تيزيءَ سن
اڳتي وڌي، ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ ڀنڀور مان سير
ڪرائيندي، مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي اچي پهتي. اسان
گهڻو ڪري سڀئي مقبرا ڏٺا. جوان عورتن مقبرن جا
فوٽا ورتا ۽ اسان جون به تصويرون ڪڍيائون. غيرملڪي
مرد هاڻي اسان سان ڳالهيون ڪندو رهيو. عيسيٰ خان
ترخان جي مقبري کان ٿي موٽياسون ته هن ٻڌايو:
”اسين اصل هِت جا رهاڪو هئاسون. ڪنهن زماني ۾ اسان
جا وڏا ٺٽي جا مشهور واپاري هئا. ۽ هيءَ پوڙهي
عورت“، هن پوڙهيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”منهنجي
ڏاڏي ٿئي. ٻڌائيندي آهي ته آءٌ ٺٽي ۾ ڄائي هيس،
اڃا پوري سمجهه ڀري ٿي هيس ته مائٽن سان گڏ آفريڪا
هلي آيس. ڏاڏي ٿوري گهڻي سنڌي به ڄاڻندي آهي. اسين
ته ڄاوا ئي ڪينيا ۾ آهيون، سو اسان کي اها ٻولي
بلڪل ڪانه اچي.“ هن اهي سڀئي ڳالهيون انگريزيءَ ۾
ٻڌايون، ۽ وري جوان عورتن سان ڳالهين ڪرڻ ۾ لڳي
ويو.
بس مڪليءَ تان ٺٽي شهر ڏانهن هيٺ لٿي ۽
شاهجهاني مسجد ڏانهن رواني ٿي. مون آرسيءَ ۾
پوڙهيءَ کي غور سان ڏٺو. هن جي جهور منهن تي غم ۽
ڏک جي بدران هاڻ هڪ اڻڄاڻ اطمينان جا آثار اڀري
آيا هئا. هوءَ ڏاڍي غور سان ٺٽي شهر جي رستن،
جاين، ماڻهن ۽ شين کي ڏسندي رهي. شاهجهاني مسجد جي
ڀرسان بس اچي بيٺي ته پوڙهيءَ ۾ ڄڻ جوانن جهڙي
طاقت اچي وئي هئي. هوءَ تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندي،
سڀني کان پهرين بس مان لٿي مسجد ڏانهن اهڙيءَ طرح
هلڻ لڳي، ڄڻ ته اڳي به ڪيترائي ڀيرا آئي هجي. مسجد
۾ اندر وياسون ته پوڙهي کاٻي طرف وارن حُجرن ڏانهن
وڌي، اسين به سڀيئي هن جي پٺيان وياسون. هڪ حجري
وٽ پهچي هوءَ بيهي رهي، ۽ ٻين ٻن عورتن کي
پنهنجيءَ زبان ۾ ڪجهه ٻڌائڻ لڳي. مون کي ٿورو عجب
لڳو ته اها پوڙهي جيڪا هيترو سارو وقت چپ چاپ ويٺي
هئي، تنهن کي ڪهڙي دولت ملي ويئي هئي جو
ڳالهائيندي بس نٿي ڪيائين. مون سندس پوٽي کان
انگريزيءَ ۾ پڇيو ته پوڙهي ڇا ٿي چوي. هن جي منهن
تي گنڀيرتا اچي ويئي. هن ٿڌو ساهه کنيو ۽ جواب
ڏنائين: ”ڏاڏي چوي پئي ته مون کي چٽيءَ طرح ياد
آهي ته بابو جمعي نماز کان پوءِ هن حجري ۾ اچي
ويهندو هو. هو مون کي به ساڻ وٺي ايندو هو. ڪڏهن
ڪڏهن اسين شام جو به هت اچي ويهندا هئاسون.“ ائين
چئي، هن پوڙهيءَ سان ڪجهه ڳالهايو. اهو ڏسي، اسين
ٽيئي دوست هنن کي اتي ڇڏي، مسجد جي ڪشادي صحن
ڏانهن وڌياسون. اڳتي هلڻ کان پوءِ مون ڪنڌ ورائي
پوڙهيءَ ڏانهن ڏٺو، هوءَ حجري جي فرش تي ڏاڍي آرام
سان ويٺي هئي. ٻيون عورتون هن کي شايد اُٿڻ لاءِ
چئي رهيون هيون، پر هن هر هر ڪنڌ لوڏي انڪار پئي
ڪيو. نيٺ ٻئي عورتون ناراض ٿي، مرد ۽ ٻار سميت،
حجري مان ٻاهر نڪتيون ۽ مسجد ڏسڻ لاءِ اسان جي
پٺيان آيون.
اسين مسجد مان گهمڻ کان پوءِ ٻاهر اچي بس
۾ چڙهياسون. پوڙهيءَ کان سواءِ ٻيا سڀئي مسافر بس
۾ موجود هئا. اسان کي ڏاڍي حيرت ٿي. مون سندس پوٽي
ڏانهن سوالي نگاهن سان ڏٺو. هو منهنجو مطلب سمجهي
ويو ۽ جواب ڏنائين: ”اسين ڪينجهر ڍنڍ تان گهمي،
موٽندي ڏاڏيءَ کي اچي کڻنداسون. هوءَ چوي ٿي ته
مون کي جنهن جاءِ ڏسڻ جي خواهش هئي اُها پوري ٿي،
هاڻي اڳتي هلي آءٌ ڇا ڪنديس.“
بس ڪينجهر ڍنڍ ڏانهن رواني ٿي ته آءٌ اهو
ئي سوچيندو رهيس ته انسان جنهن سرزمين تي پيدا ٿئي
ٿو ۽ ننڍپڻ گذاري ٿو، انهيءَ جون يادگيريون وقت ۽
مفاصلن جي پهچ کان ڪيتريون نه پري آهن.! |