رت ورني رات
باب ٻيون
جسم
۾ سيانٽو محسوس ڪريان ٿو. سگريٽ ته ڪيترو وقت اڳ
پي اڇلايو هوم؛ نه ان جي خوشبوءِ آهي، نه ان جو
دونهون- پر ڪن چمنين مان اڃا دونهون نڪري پيو. ڪي
رات- جاڳو هوندا جن کي برفاني راتين جي سونهن
سوگهو ڪري، بند پهڻ بنائي هڪ هنڌ ويهاري ڇڏيو
هوندو. مون وانگر- اجنبي زمينون ۽ اجنبي آسمان- پر
نسرين اجنبي ڪانه آهي. ان کي آءٌ ڪيئن اجنبي چوان؟
هوءَ اجنبي هوندي به اجنبي ڪانه آهي. هوءَ ڇا آهي؟
ان خيال اچڻ سان گڏ اهو به، خيال ٿو اچيم ته هوءَ
ڇا نه آهي. پر نعيم ؟ ۽ نعيم ۽ آءٌ فقط هيترو
چوندس ته ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي پوءِ بسنت
جي.“
ٻاهر برفباري تيز ٿي ويئي آهي. برف جا ٻڙا
تيزيءَ سان هڪ ٻئي پٺيان پيا ڪرن- سڌا، آڏا ۽
ابتا.پري کان، تمام پري کان آواز پيو اچي- ”چر چر،
چر چر.“ شايد ڪو واٽهڙو ڪٿان اچي پيو يا ڪنهن طرف
وڃي پيو. اهو واٽهڙو ڪيترو نه پر اسرار هوندو!
هيتريءَ رات گذرڻ کان پوءِ ههڙي سيءَ ۽ ههڙي
برفباريءَ ۾ ڪهڙي ضرورت ان شخص کي گهر کان ٻاهر
وٺي آئي آهي؟ شايد ڪو حادثو ٿيو هوندو! ڪو ننڍڙو
حادثو، ڇاڪاڻ ته هن ڪائنات جو عظيم حادثو- زندگي –
ته عربين
سال اڳ ٿي چڪو. ”چر چر، چر چر“، برف تي ڪنهن اڻڄاڻ
شخص جي هلڻ جو آواز برابر منهنجن ڪنن تي پيو پوي.
اهو آواز منهنجي ذهن کي به پاڻ سان گهليندو وڃي ۽
ان تي ياد گيرين جا تهه ائين چڙهندا پيا وڃن، جئن
برف ڀريل، لاهياري رستي تي برف جي اڇلايل ننڍڙي
گولي تي برف جا تهه چڙهي ويندا آهن.
هيءُ رستو ور وڪڙ کائيندو ان طرف ئي پيو
وڃي. وڻ ڪيترا نه ساوا آهن. رستي جي ڪنارن تي ساوڪ
لڳي پئي آهي ۽ انهن تي ڪيترن ئي قسم جا رنگين گل
ٽريا پکڙيا پيا آهن. نفيس، نازڪ ۽ سونهن- ڀريا گل.
ٻه سال اڳ هنن ئي گلن ٻوٽن جي صحبت ۾ نسرين سان
پهرين ملاقات ٿي هئي.
”هتي جي هر شيءَ ۾ هڪ قسم جي جاذبيت ۽ ڪشش
آهي.“
نسرين منهنجو انهن نظارن سان تعارف
ڪرائيندي ٻڌايو.
”هائو“، مون چيو. ”هتي جي هر شيءَ ۾ حسن
آهي، سونهن آهي.“
نسرين ڪيترائي ڀيرا اکيون ڇنڀيون ۽ سنديس
سرخ ڳلن جي لالاڻ ويتر وڌي ويئي.
”هي گل ڏسو، ڪهڙا نه عجيب آهن!“
مون گلن کي چتائي ڏٺو. سچ پچ انهن ڄڻ ته
چٻرا پئي ڪڍيا. انهن جون صورتون بنهه چينائي ماڻهن
جهڙيون هيون. مون هڪدم منهن ورائي نسرين ڏانهن
نهاريو. هوءَ وات تي رومال رکيو کلي رهي هئي. مون
کلي ڏنو. ايتري ۾ بس اچي وئي. اسين ٻئي چڙهياسين.
لهڻ وقت نسرين چيو. ”ااڳيون اسٽاپ اوهان جي گهر
واريءَ گهٽيءَ وٽ ئي آهي. آرام سان گهر پهچي
ويندا.“
نئين دنيا، نوان چهرا، نيون فضائون-
اجنبيت، اجنبيت !!! ”هن سان ملو: پروفيسر رشيد،
پروفيسر رضا، پروفيسر نقوي، پروفيسر احسان الله،
پروفيسر آصف ۽... ۽ هيءَ اسان جي ليڊي ليڪچرار مس
نسرين- پوليٽيڪل سائنس جي استاد ۽ انگريزي ادب جو
استاد. اجنبيت ته رڳو عارضي هوندي آهي. ڀلا ڪير
اجنبي آهي؟ هاليووڊ کان وٺي ملائيشيا جي ڳوڙهن ۽
اونداهن جهنگن تائين، هر هنڌ انسان هڪ جهڙا آهن-
بنيادي جذبا ۽ خواهشون، چڱايو ۽ برائيون. آئون به
انهن مان هڪ آهيان... هو به مون جهڙا ئي آهن. ۽
نسرين جي مرڪ ڀريل نظرن اجنبيت جي احساس کي هڪ ئي
نگاهه ۾ ختم ڪري ڇڏيو. ائين ڀانئيم ته ذهن تي جيڪو
هڪ اڻ- ڄاتل ٻوجهه هو سو هڪدم ڪري پيو. مون پاڻ ۾
هڪ قسم جي آسودگي محسوس ڪئي- هڪ اهڙي آسودگي جيڪا
ڪنهن خطري مان محفوظ نڪري اچڻ تي محسوس ٿيندي آهي.
”ڇا حال آهي؟“
”ٺيڪ آهي.“
”هون. هيءَ مايوسي به اسان جي ذهن جي
تخليق آهي.“
”هائو، پر حالتن جو به وڏو دخل آهي ان ۾.“
مون نسرين ڏانهن نهاريو. تعجب ٿيم ته هن اهو سوال
آخر ڇو ڪيو؟
”ان هوندي به زيادتي اسان جي طرفان ئي
ٿيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته اسين جذباتي به ٿي ويندا
آهيون. ڪيئن مون سان اتفاق ڪريو ٿا نه ؟“
”آءٌ ڀلا انڪار ته ڪونه ٿو ڪريان.“
”خير، اها ته اوهان جي عادت آهي.“ ائين
چئي هن مرڪي ڏنو؛ اهائي مرڪ جنهن هن کي ٻين نوجوان
ڇوڪرين کان بنهه الڳ ڪري بيهاريو هو.
”ڪنهن ڪنهن وقت آءٌ محسوس ڪندي آهيان ته
اوهان منهنجي دل رکڻ خاطر ئي مون سان ها ۾ ها
ملائيندا آهيو.“
”نسرين ! ڇا منهنجي اها حرڪت تو کي پسند
آهي؟.“
”حرڪت ! هون- اها حرڪت ته ڪانهي.“ ۽ وري
هن جي ڳلن جي لالاڻ نمايان ٿيڻ لڳي.
”نه، نه منهنجو اهو مطلب هرگز ڪونهي.“ مون
به مرڪندي چيو. ”ٻڌ، موسم ڏاڍي پياري آهي.“ مون هن
جو ڌيان هٽائيندي چيو.
”هائو- موسم!“ هن وري ٿورو مرڪيو ۽ طنز
ڀرئي لهجي ۾ چيائين: ”موسم ۽ محبت.“
”نسرين!“ منهنجي منهن مان صرف اهو لفظ
نڪري سگهيو.
موسم ۽ محبت، موسم ۽ محبت: ڪيترا نه پيارا
لفظ آهن ! ۽ اڄوڪي موسم منهنجي جهوليءَ ۾ يادگيرين
جا ڪيترائي خزانا کڻي مون کي شايد الوداع ڪرڻ آئي
آهي. ڇا آءٌ ان الوداعي تحفي کي واپس ڪريان؟ آءٌ
بنهه منجهي پيو آهيان. هيءَ موسم ۽ هي نظارا ٻيهر
ڏسي سگهندس؟ذهن ۾ اهو سوال اُڀري منهنجي سمورن
خيالن کي ڪڻي ڪڻي وانگر پکيڙيو ڇڏيو. انهن خيال
کي جن جي آڌار تي اڄوڪي موت جهڙي ماحول ۾ زندگيءَ
جي هلچل پيدا ڪرڻ گهران ٿو ____آئيندي جو اونو؟
منهنجون آڱريون بيخياليءَ ۾ پکڙيل وارن کي
ٺاهينديون لوندڙين تائين اچن ٿيون. اُف! ڪيتريون
نه بي چين آهن. ڀانيان ٿو ته ماضيءَ جي کنڊرن ۾
گهمندي گهمندي ذهن ٿڪجي پيو آهي. هيتري سخت سرديءَ
جي حالت ۾ به ماضيءَ جو احساس ذهن کي ٽهڪايو
ڇڏي.ياد... ياد.... ياد ئي ته زندگيءَ جو سهارو
آهي- حال حسرتناڪين کان ڇوٽڪارو ڏياريندڙ ۽ مستقبل
رنگين خواب ڏيکاريندڙ. هاءِ اڄوڪي رات، ويران ۽
تاريڪ. پر ياد جي ورشنيءَ ان ۾ اُجالو ڪري ڇڏيو
آهي.
شام ٿي ويئي هئي. شروع سياري جي ٿڌي ٿڌي
هوا ۽ نسرين جا شبنمي وار پئي اُڏاڻا ۽ جن کي هر
هر هن پنهنجي هٿ سان پئي ٺاهيو. مون کي هڪڙي دوست
ٻڌايو: ”هينئر نسرين جي صورت ۾ اها سنجيدگي ۽
گنڀيرتا ڪانهي.“
”هون!“ مون مرڪندي چيو. “ سنجيدگي ان صورت
لائق ڪانهي.“
”آءٌ توسان اتفاق نه ڪندس. تون ته سدائين
ڳالهه کي پڇڙيءَ کان کڻڻ جو عادي آهين.“
آخر تون چوڻ ڇا ٿو گهرين؟“ مون ان دوست
کان ٿورو سختيءَ سان پڇيو.
”هاءِ! جيڪر تون ان وقت هجين ها،“
منهنجي دوست ٿڌو ساهه ڀريندي چيو.
”ان وقت ؟ دوست ڇا آءٌ هت ڪونه آهيان،
تنهنجي روبرو؟.“
”هائو- هائو، پر منهنجو مطلب هي آهي ته
تون ان وقت ڏسين ها هن کي،“ دوست مون کي يقين
ڌياريندي چيو. ”هن جا وار چيلهه تائين هوندا هئا ۽
هوءَ وچ تي سينڌ ڪڍي، مٿي تي پوتي ڪري جڏهن به
منهنجي اڳيان لنگهندي هئي تڏهن مون کي اهو ئي
محسوس ٿيندو هو، ته هوءَ هڪ ديوي آهي، جنهن کي امن
۽ پيار جو پيغام ڏئي هن دنيا ۾ موڪليو ويو آهي.“
مون کان ٽهڪ نڪري ويو: امن جي ديوي ! ان
وقت منهنجي جيڪڏهن نسرين سان ملاقات ٿئي ها ته آءٌ
ڊڄي وڃان ها. چيلهه تائين چوٽيون، مٿي تي پوتي ۽
صورت تي سنجيدگي عورت نه ٿي آفت. ”دوست!“ مون دوست
جي ويجهو وڃي هن جي ڪن ۾ چيو، ”ياد رک، ڪابه عورت
ديوي نه آهي ۽ نه ڪو مرد ديوتا. اهو سڀ ڪجهه اسان
جي سوچ جو سبب آهي؟“ پوءِ اهو دوست منهنجي اها
ڳالهه ٻڌي مون کان ڪيترائي ڏينهن ناراض رهيو. ۽
هينئر آءٌ نسرين کي پيو غور سان ڏسان. هن جي وارن
کي خاص ڪري؛ بلڪل انگريزي طرز جا وار جيڪي
گهنڊيدار هجڻ سبب ڏڪ ڏڪ ٿي سنديس سر تي سونهن جو
تاج ٺاهيو بيٺا آهن. انهن ۾ ڪيتري نه ڪشش آهي،
ڪيتري نه دلڪشي ۽ نزاڪت ! رات جي راڻيءَ جي
خوشبوءَ سان ڀريل هوا جو هڪ هلڪو هلڪو جهوٽو آيو ۽
نسرين جا کليل وار هن جي اکين کي ڍڪيندا سنديس سرخ
سرخ ڳلن تي ڪري پيا.
”هاءِ، هاءِ، ڏاڍي هوا آهي.“ نسرين مرڪندي
مرڪندي مون ڏانهن نهاريو ۽ مون پاڻ کي رڳو ايترو
چوندي محسوس ڪيو: ”نسرين ! وارن ۾ ڪلپون هڻي ڇڏ،
هنن جي تاريڪي ڏسي مون کي خوف ٿو ٿئي.“
نسرين ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. مون پڇيو مانس:
”تو هيءُ طريقو ڪڏهن کان اختيار ڪيو؟“
”مون کي وڏا وار ڪڏهن به ڪونه وڻن؛ جهڙو
مٿي تي بوجهو.“ ائين چئي نسرين کلي ڏنو ۽ وارن ۾
آڱريون وجهي، انهن کي ويتر پريشان ڪندي، اڌ کليل
اکين سان مون ڏانهن نهارڻ لڳي.
”نه ، نه، نسرين! مون کي ائين نه نهار. ڏس
موسم ڪيتري نه پياري ٿي وئي آهي.“ مون پنهنجو ڌيان
هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي.
هوءَ منهنجي ڳالهه کي تاڻي وئي ۽ هن جي
موتين جهڙي مرڪ جو پڙاڏو ڪمري ۾ وڌندو ويو. شايد
اها فتح جي مرڪ هئي، هڪ عورت جي مرد تي فتح.
”چڱو، هاڻي ڀلا اٿجي. دير ڪئي سون ته ڪابه
ٽئڪسي نه ملندي،“ نسرين چيو.
۽ پوءِ اسين ڪاليج جي عمارت جي اڳيان
ٽئڪسي جو انتظار ڪرڻ لڳاسون. هڪڙي موٽر ڪار اسان
جي اڳيان ويندي ويندي بيهي رهي. منهنجو ان طرف
ڌيان ڇڪجي ويو. هڪڙو نوجوان ڪار مان لٿو ۽ ڪار جي
مشين کولي ڪجهه ڏسڻ لڳو. فضا ۾ هلڪي هلڪي خوشبوءَ
پکڙجي ويئي. مون نسرين ڏانهن نهاريو. هن جي چپن تي
مرڪ هئي ۽ منهنجي ذهن ۾ ڪنهن جي لڙاٽيل تصوير.
اسان هن کي سڃاڻي ورتو هو.
ايتري ۾ ٽئڪسي به اچي بيٺي ۽ ٿوريءَ دير ۾
اسين پهاڙن جي لڪن مان سرد هوائن سان ٽڪرائيندا
مٿي چڙهندا وياسين. ”وئلي آف بيوٽي“ ڏانهن- سونهن
جي ماٿريءَ ڏانهن؛ ماٿري جتي چوڌاري حسن آهي- فطرت
جو حسن. اڄ اتي جشن- ماهتاب جو اهتمام هو. چنڊ جو
جشن، سونهن جي ماٿري ۽ نسرين جي صحبت. اوڀر طرف
پهاڙن جي نوڪدار چوٽين پٺيان چنڊ جا ڪرڻا ڪر موڙي
اٿيا هئا ۽ پس منظر ۾ روشنيءَ ۽ نور جو دائرو
وڌندود ويو. مون ڪار مان ليئو پائي چنڍ کي ڏسڻ پي
گهريو، پر ايتري ۾ ڪار لاهيءَ تي هلڻ لڳي ۽ اسان
کي پهاڙن جو سايو وڪوڙي ويو. روشنيءَ ۾ تاريڪيءَ
جو ميلاپ، زندگي ۽ موت جو لاڳاپو ۽ نيڪي ۽ بديءَ
جو رشتو. پهاڙ جو سايو طويل هو. مون نسرين ڏانهن
نهاريو. اوچتو چانڊوڪي چُري ۽ ماٿريءَ ۾ چهچٽو لڳي
ويو. چوڌاري چانڊاڻ هئي. بجليءَ جي بلبن جي روشني
هئي. گلن جي هٻڪار هئي. عطر جو واس هو. ڪيترائي
جوڙا آيا ۽ ويا پي. نسرين تڪڙا تڪڙا ساهه کڻڻ لڳي.
ٽئڪسي بيهي چڪي هئي. چوڏهين جو چنڊ پهاڙن جي چوٽين
مٿان چٽو ٿي بيٺو هو. هر شيءَ صاف هئي، شفاف هئي.
سامهون هڪ وسيع ۽ ڪشادو چبوترو گلن، هارن ۽ بلبن
سان سينگاريل هو. جنهن جي اڳيان هڪ طويل باغ هو ۽
پٺيان ڪارو پهاڙ ور وڪڙ کائيندو آسمان تائين پهچڻ
جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
رت ورني رات
باب ٽيون
نسرين ٽئڪسيءَ مان هيٺ لٿي. ڏاڍي ناز ۽
نزاڪت سان. سندس ڳچيءَ ۾ ٿورو ور اچي ويو هو. هن
وارن کي جهٽڪو ڏيندي پنهنجن نوڪدار اکڙين جي ڪنڊن
مان آس پاس جي ماحول جو جائزو ورتو.
هر طرف حسينائون هيون. سونهن ڀريون
سوڍيون، جي شايد هڪ ٻئي کي مات ڪرڻ جو پهه ڪري
آيون هيون. سندن چهرا چانڊاڻ ۾ پئي چمڪيا: گلابي
چپ، مرگهه نيڻ، ٻهڪندڙ ڳل، رنگين لباس ۽ گلن جا
جهڳٽا.
آءٌ ٽئڪسيءَ ۾ ويٺو نسرين کي تڪيندو رهيس.
هن جي صاف ۽ سادي لباس منهنجن خيالن کي قيد ڪري
ڇڏيو هو. پهرين ته هن سمجهيو ته آءٌ به ساڻس گڏ
پيو هلان، پر ٻن قدمن کڻڻ کان پوءِ کيس احساس ٿيو.
ٿوروپريشان ٿيندي، هن ٽئڪسي ۾جهاتي پاتي، مون مرڪي
ڏنو، هن منهنجي اها مرڪ شايد نه ڏٺي، آءٌ هڪدم هيٺ
لهي آيس. نسرين منهنجي ڀرسان هئي يا شايد آءٌ هن
جي ڀرسان هوس! اسان کي ڪيڏانهن وڃڻو هو؟ ڪابه خبر
نه هئي، ڪو احساس اسان کي وٺيو پئي ويو، ڪنهن
خواهش اسان جي اڳواڻي پئي ڪئي. مسرت جي تلاش ۾،
خوشيءَ جي ڳولا ۾.
ماٿريءَ جي وچ ۾ ٺهيل ڪشادي چبوتري تي
ڪيترائي جوڙا ويٺا هئا، سڀڪو پنهنجيءَ ۾ مست هو:
ڪن وڏا وڏا ٽهڪ پئي ڏنا، ته ڪي وري پريان ڍنڍ جي
سانتيڪي مٿاڇري تي چنڊ جو عڪس ڏسي رهيا هئا، ڪي
هٿن ۾ هٿ ڏيئي هڪ ٻئي جي ويجهو ويٺي پئي آهستي
آهستي ڳالهيون ڪيون ته ڪي وري آسمان ۾ چنڊ ۽ ڪڪرين
کي لڪلڪوٽي کيڏندي اکين ئي اکين ۾ هڪ ٻئي کي اشارا
ڏئي رهيا هئا.
نسرين ان طرف ويندي ويندي بيهي رهي.
”هت ته ڏاڍو گوڙ آهي،“ هن ٿورو بيزار
ٿيندي چيو. آهي،“ مون جواب ڏنو. ”هيءُ مٺڙو ماحول
۽ هيءَ پيار ڀري فضا وري ڪٿي ملندي!“
نسرين کلي ڏٺو: ”مون کي ته هيءُ هل هنگامو
بنهه نٿو وڻي.“
مون نسرين ڏانهن نهاريو. هوءَ سچ پچ بيزار
پئي لڳي. اوچتو ويجهڙائيءَ کان سريلن جي ٽهڪڙن جو
آواز اُسريو ۽ ماٿريءَ ۾ پکڙجي ويو، ڪي شوخ ۽ چنچل
حسينائون ويتر شوخ ۽ چنچل ٿي پيون هيون. مون هنن
ڏانهن ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي، پر نسرين ٻئي طرف مڙي چڪي
هئي.
”هل ته ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڍنڍ جو سئر ڪريون،“
هن مرڪندي چيو. اسان جا قدم ڍنڍڏانهن کڄڻ لڳا.
ڍنڍ تي پهتاسون ته ڪناري تي هڪ ٻيڙي بيٺي
هئي. ڪو نوجوان ٻيڙيءَ
۾ چڙهڻ جون تياريون ڪري رهيو هو. ٻيون ٻيڙيون پري
پري تائين ڍنڍ جي مٿاڇري تي پئي ٽلڪيون. اسين ماٺ
ڪري بيهي رهياسون، ايتري ۾ نوجوان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي
ويٺو. ونجهه هلائڻ کان پهرين هن ڪناري ڏانهن
نهاريو.
”اوهو! معاف ڪجو. مون کي خبر نه هئي ته
اوهين به سئر ڪرڻ لاءِ ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ چاهيو ٿا،“
هن دانهن ڪندي چيو ”اچو! اچو!! آءٌ اڪيلو ئي
آهيان.“
نسرين مون ڏانهن نهاريون ۽ مون نسرين
ڏانهن. وري اسان ٻنهي هن نوجوان کي ڏٺو.
”آءٌ سمجهان ٿو ته اوهان کي ڪو اعتراض نه
ٿيندو.“ نوجوان وري اسان کي مخاطب ٿيندي چيو.
اسين چپ چاپ اڳتي وڌياسون ۽ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي
ويٺاسون. نوجوان پنهنجو ڪوٽ لاٿو ۽ قميص جون
ٻانهون کنجهي ونجهه هلائڻ لڳو.
”معاف ڪجو،“ مون هن کي ڏسندي چيو، ”اسان
جي ڪري اوهان کي تڪليف پهتي آهي.“
هن موڏانهن ڏٺو ۽ مرڪي ڏنو، آءٌ کيس چتائي
ڏسڻ لڳس، منهنجي ذهن ۾ ڪيفي چائنا جو گيٽ ۽ ڪاليج
وارو بس اسٽاپ اُڀرڻ لڳو. ان لڙاٽيل خيال ۾هڪ
خوبصورت ڪار به نظر آئي. اهو نعيم هو. نعيم جنهن
ڪيترائي ڀيرا ڊرامائي انداز ۾ پنهنجي ڏيکائي ڏني ۽
اڄ چانڊوڪيءَ جي جشن ۾ اسان جو ساٿي ۽ همراهه هو.
ٻيڙي ڍنڍ جي سانتيڪي مٿاڇري تي هلندي رهي، نسرين
منهنجي ڀرسان ويٺي هئي. چنڊ جا ڪرڻا سندس چهري جي
چوڌاري پئي هليا. هن جي وارن مان هلڪي هلڪي
خوشبوءِ نڪري منهنجي دماغ کي معطر ڪندي رهي. اسان
جي سامهون نعيم ويٺو هو، جنهن آهستي آهستي پئي
ونجهه هلايو.
”عجيب اتفاق آهي!“ نعيم ونجهه هلائيندي
فيلسوفاڻي انداز ۾ چيو.
”هون؟“ نسرين ڇرڪ ڀريو، سندس مرگهه نيڻ
نعيم کي سوالي انداز ۾ ڏسندا ڍنڍ جي مٿاڇري تي
ٽلڪندڙ چنڊ ڏانهن ڦري ويا، مون نسرين ڏانهن ڏٺو ۽
هڪدم نعيم ڏانهن نهارڻ لڳس. ونجهه هلائڻ ڪري هن جي
ڪرائين جا پَٺا اُڀري آيا هئا ۽ ڳلن تي سرخاڻ ظاهر
هئي، هن قميص جو مٿيون بٽڻ کولي ڇڏيو هو ۽ ٽاءِ جي
ڳنڍ ڍري ڪري ڇڏي هئائين،هلڪي آسماني رنگ جي قميص
هن جي مضبوط ۽ ڀريل جسم سان چهٽي پئي هئي، هن جي
وارن ۾ ٿوري ٿوري گهنڊي هئي ۽ سندس کليل پيشانيءَ
تي هلڪا هلڪا گهنج هئا. گهاٽن ڀرن، ڳوڙهين اکين ۽
ڀريل ڳلن هن جي گول چهري کي جاذب ڪري ڇڏيو هو.
هڪڙي سرمائي رنگ جي ڪڪريءَ اڳتي وڌي چنڊ
کي ڍڪي ڇڏيو. مون هڪدم نسرين ڏانهن نهاريو، هوءَ
نعيم کي چتائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، منهنجون
اکيون نعيم ڏانهن کڄي ويون، هن جو ڪنڌ ٿورو جهڪيل
هو، هنجي سموري ذهانت سندس اکين ۾ سميٽجي آئي هئي.
”اُف! مينهن ته نه وسندو؟“ مون اهو سوال
الائجي ڇو پڇيو.
”نه... هيءَ ته ننڍري ڪڪري آهي،“ نعيم
وارڻيو. ايتري ۾ چنڊ پاسو ورايو، سموري ماٿر
چانڊوڪيءَ ۾ وهنجي ويئي، فطرت چانڊاڻ کي ماٿريءَ
تي کڻي اوتيو هو، مون کي محسوس ٿيو ته ڪنهن تهه
خاني مان نڪري کليل هوا ۾ اچي ويو هجان، مون
ٻيڙيءَ جي پاسي تي جهڪي ٻُڪ ۾ پاڻي کنيون، پر هڪدم
هٿ کولي ڇڏيم. برف جهڙي ٿڌي پاڻيءَ منهنجي گرم هٿ
کي ڏنگي ڇڏيو هو.
”هت هر سال چانڊوڪيءَ جو جشن ملهائبو
آهي.“ نسرين ڳالهيون ڪرڻ ٿي گهريون.
”هي دستور اوهان کي پسند آهي؟“ نعيم مون
کان پڇيو. آءٌ ٿورو حيران ٿيس ته منهنجي اجنبيت جو
علم هن کي ڪيئن ٿيو!
”هائو. اهو دستور واقعي نرالو آهي“ مون
جواب ڏنو ۽ چوڏهينءَ جي چلڪندڙ چنڊ ڏانهن نهاريم.
ڍنڍ جي مٿاڇري تي چانڊوڪيءَ جي چلڪاٽن،
اوسي پاسي جي پهاڙين جي نوڪدار چوٽين ۽ سانتيڪيءَ
فضا، ماٿري ۾ هڪ اسرار ڀريو مانڊاڻ منڊي ڇڏيو هو.
”اسين سڀ چنڊ جا تمنائي آهيون، سونهن جا
ڳولائو ۽ حسن جا شيدائي.“ منهنجي وات مان آهستي
آهستي لفظ نڪتا.
”منهنجي دل چوندي آهي ته هر چوڏهينءَ تي
ٻيڙيءَ ۾ چڙهي هن ڍنڍ جو سئر ڪريان. آهڙ جا ڪي
مهينا ته اها سعادت نصيب ٿيندي اٿم، پر سيارو شروع
ٿيندي ئي هتي جي سموري سونهن هنن پهاڙين جي غارن ۾
وڃي پاڻ لڪائيندي آهي، ”نعيم ونجهه هلائيندي
هلائيندي ٻڌايو. ”هت انهن ڏينهن۾ اڇاڻ هوندي آهي.
هر طرف برف جي اڇاڻ. هاءِ، ههڙا ڏينهن سال ۾ ڪڏهن
ڪڏهن ته اچن ٿا.“
”معاف ڪجو،“ مون اوچتو سوال ڪيو، ”اوهان
جو نالو؟“
”هون،“ نعيم مرڪي منهنجي سوال کي ڪاٽيندي
وراڻيو، ”بندي کي نعيم جي نالي سان سڏيندا آهن.
اوهان اطمينان ڪريو، آءٌ پنهنجو تعارف ڪرايان ٿو.
پر،“هن نسرين ڏانهن ڏسندي چيو، ”تعارف جي ڪهڙي
ضرورت؟ اتفاق سان اسان جي هت گڏجاڻي ٿي آهي.هاڻي
اسين جتي به ملنداسون، ته ائين محسوس ٿيندو ڄڻ
اسان جي دوستي ازل کان آهي.“ ائين چئي نعيم کڻي
ماٺ ڪئي ۽ ڍنڍ جي مٿاڇري تي اٿندڙ ننڍڙين ننڍڙين
ڇولين کي گهورڻ لڳو.
”اوهين سچ ٿا چئو.“ مون ٿورو ترسي جواب
ڏنو. ”جڏهن ڪنهن سان ڪا پهرين گڏجاڻي ٿيندي آهي ته
ڪيترائي عجب جهڙا خيال اچي ذهن ۾ گڏ ٿيندا آهن؛ ڪي
وسوسا، ڪي خوف. پر اڳتي هلي اهي سڀئي خيال خام
ثابت ٿيندا آهن.“
”بلڪل؛ اوهين ڪٿي به وڃو، پهرين ته اجنبيت
جو احساس اوهان جي شخصيت کي ڇلهي ڇڏيندو. پر وقت
ته انسان جي دک درد لاءِ اڪسير آهي، ڪوبه انسان
برو ڪونه هوندو آهي، هو وڙهندو؛ جهيڙا ڪندو؛ نفرت
پکيڙيندو؛ هر قسم جون برايون ڪندو؛ پر ساڳئي وقت
هو محبت به ڪندو، پيار ڪندو ۽ ٻين جي ڀلائيءَ خاطر
پنهنجي نفعي کي قربان ڪندي به ويرم ڪو نه ڪندو.“
نعيم ٿڌم ساهه کڻندي وڌيڪ چيو، ”مون عمر مطابق چڱي
دنيا ڏٺي آهي، ڪيترن ئي ماڻهن سان مليو آهيان ۽
ڪيترن ئي سان دوستي به رکي اٿم. انهن ۾ ديسي به
آهن ته بديسي به؛ اوڀر جا رهاڪو به آهن ته اولهه
جا به؛ مرد به آهن ته عورتون به. ۽ آءٌ هن نتيجي
تي پهتو آهيان، ته پيار ۽ محبت جو ازلي جذبو هر
انسان جي دل ۾ هوندو آهي. هر انسان جي دل ۾...“
اهي لفظ چوندي چوندي نعيم بنهه چپ ٿي ويو. ونجهه
تي سندس هٿن جي گرفت ڍري ٿي ويئي، پوءِ هن پنهنجي
پٺيان ڏٺو ۽ جهڪي ڪا شئي کنيائين، جڏهن سڌو ٿي هن
ڪنڌ ورايو ته سندس هٿن ۾ رباب هو.
ٻيڙي ٽلڪندي ٽلڪندي ڍنڍ سانيتڪي مٿاڇري تي
بيهي رهي. نعيم پنهنجون ٽنگون پساري، ٻيڙيءَ جي
پاسي کي ٽيڪ ڏئي، رباب جي نازڪ تارن کي مضراب جي
نوڪدار چهنب سان ڇيڙڻ شروع ڪري ڏنو. رباب جو آواز
ٻيڙيءَ مان اٿندو، اسان جي ڪنن سان ٽڪرائيندو،
ماٿري ۾ پڙاڏو ڪندو، اسان جي دلين کي ڌڙڪائيندو،
اسانجن روحن ۾ رچندو ويو. نعيم هڪ اهڙي ڌن ڇيڙي
ويٺو، جنهن ۾ هلڪو هلڪو درد لڪل هو. هن جو اڱريون
رباب جي تارن تي ڪڏهن ته ڏاڍي تيزيءَ سان ٿي هليون
۽ ڪڏهن ته ايترو آهستي جو معلوم ٿي ٿيو ته هاڻي
اهي آڱريون اتي ئي بيهي رهنديون. انهيءَ وچ ۾ هن
اک مٿي ڪانه کنئي. هو رباب جي تارن ۾ ايترو ته
وچڙي ويو هو جو کيس آسپاس جو به احساس ڪونه رهيو
هو. منهنجون اکيون به آهستي آهستي ٻوٽجي ويون ۽
رباب جي آواز کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ٻڌڻ ۾ ڪونه ٿي
آيو. اهو آواز منهنجي ذهن ۾هڪ روپ اختيار ڪندو
ويو. هڪ اهڙو سو گوار روپ، جنهنجي اکين جي اٿاهه
گهرائين ۾ درد جي درياءَ پئي ڇوليون هنيون، ان درد
جي درياءَ ۾ مون هڪ سايو ڏٺو. ڪاري ڪفني پهريل
سايو، جنهن جا وار جڏهن اّيت ناڪ هوائن ۾ اڏامڻ ٿي
لڳا ته ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪا عورت پنهنجي سهاري کان
جدا ٿي بيقرار، حيران ۽ مضطرب ٻئي هٿ بلند ڪري پار
ڪڍندي هجي. وري مون ڏٺو، انهن اداس اکين جي اٿاهه
گهرائين ۾ ته واريءَ جا واچوڙا ٿڻ لڳا. ڪو سايو
انهن کي چيريندو اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر
واچوڙي جي وهڪري ۾ هن جا پير اڳتي نه پئي وڌي
سگهيا. هن جو سمورو جسم بيد جي وڻ وانگر پئي ڏڪيو،
هوا جي زور سندس جسم جي بند بند کي ڏکوئي ۽ ضربي
ڇڏيو هو. هن ٻئي هٿ اکين تي اهڙيءَ طرح ته کڻي
رکيا ڄڻ ته سندس اکين ۾ ڪنهن لوهه جون ٻريل سيخون
هنيون هجن. اوچتو هو وري واچوڙي ۾ڪاهي پوي ٿو. مون
ڏٺو ته هن جو سايو اڳتي وڌندي وڌندي واچوڙي جي وچ
۾غائب ٿي ويو. پوءِ واريءَ جو واچوڙو هيبتناڪ
سيٽيون وڄائيندو زمين کان بلند ٿيڻ لڳو. ايترو
بلند جو زمين جي هر شئي ان جي عذاب کان آزاد ٿي
وئي. ٿوري وقت تائين انهن اداس اکين جي اٿاهه
گهرائين ۾ سانت ئي مس ٿي هئي ته مون کي پري کان
ڪيئي سڏڪا ٻڌڻ ۾ آيا، جيڪي ويجهو ايندي ايندي
منهنجي روح ۾ پيهي ويا. مون بيقرار ٿي اکيون
کوليون، نعيم اڃا تائين پئي رباب وڄايو. اوچتو
رباب جي تارن ڄڻ ته وڏو ساهه کنيو ۽ آواز جي
جهڻڪار جو پڙاڏو آهستي آهستي سانت ۾ تبديل ٿيندو
ويو.
اسان مان ڪنهن به ڪجهه ڪونه ڳالهايو. مون
ڏٺو ته نعيم رباب هڪ طرف کڻي رکيو ۽ وري پنهنجن
مضبوط ٻانهن سان ونجهه هلائڻ لڳو. ”اوهين ڏاڍي
ڪاريگريءَ سان رباب وڄايو ٿا.“ نسرين جا لفظ مون
کي موسيقيءَ جي ماٿريءَ مان موٽائي آيا. ”سچ پڇو
ته ايتري اثرائتي موسيقي مون اڳ ڪڏهن به ڪانه
ٻڌي.“ مون نعيم جو جواب ڏيڻ کان اڳ ۾ ئي چئي ڏنو،
”اوهين رباب وڄائڻ ڪئن سکيو؟“
منهنجي ان سوال تي نعيم پهرين ته ٿڌو ساهه
کنيو، پر پوءِ پنهنجي کاڏي هٿ جي تريءَتي رکي ۽
منهن تي مرڪ آڻي مون ڏانهن گهورڻ لڳو. هو سچ پچ
مرداڻي حسن جو مثال هو. ”ها، ها ٻڌايو. آءٌ پڻ ٻڌڻ
گهران ٿي“، نسرين به دلچسپي وٺندي ي چيو.
”هون-“ نعيم مرڪي ڏنو، اهڙيءَ طرح ڄڻ اسين
اها ڳالهه ٻڌي ڇا ڪنداسون. ”ڳالهه هيءَ آهي ته ڪي
واقعا اهڙا به ٿيندا آهن، جيڪي اوچتو ئي اوچتو ٿي
پوندا آهن.“ نعيم ڳالهه ٻڌائڻ شروع ڪئي. ”هاڻي هن
ئي مثال کي وٺو. آءٌ انهن ڏينهن ۾ بي. اي. جي آخري
سال ۾ پڙهندو هوس. اسان سان گڏ ڇوڪريون به
پڙهنديون هيون،“ هن نسرين ڏانهن ڏسندي چيو. ”انهن
۾هڪ ڇوڪري راشده به هئي.“
”راشده!“ نسرين اچرج وچان اوچتو پڇي ويٺي.
”هائو، راشده.“ نعيم ٿڌو ساهه ڀريندي
نسرين ڏانهن نهاريو. هن جو اصل نالو ته راشده
سلطانه هوندو هو، پر سڀئي هن کا راشده! راشده!!
ڪري سڏيندا هئا پر مون کي پڪ آهي ته اوهين هن کي
ڪونه سڃاڻو. هوءَ...“ ائين چئي نعيم نظرون مٿي
کنيون ۽ پهاڙين جي پرينءَ ڀر آسمان ۾ گهورڻ لڳو.
”خير.“ مون وچ ۾ ڳالهايو، ”اوهين ڳالهه
ڪريو.“
مون محسوس ڪيو ته مون کي ڳالهائڻ نه کپندو
هو: نعيم جو سڄو بدن ڏڪي ويو ۽ سندس ڳري جسم جي
لرزش کان ٻيڙي ٽلڪڻ لڳي.
”هن جو مطلب هو ته اوهان وچ ۾ ڳالهه ڇو
بند ڪئي،“ نسرين ٿورو خوفائتي آواز ۾ چيو.
”ها، ها، آءٌ سمجهان ٿو. پر منهنجو خيال
آهي ته ان ڳالهه ٻڌائڻ مان آخر فائدو؟“ نعيم نسرين
ڏانهن ڏسندي جواب ڏنو. ”ڏسو نه اهو هڪ حادثو هو،
زندگيءَ جو هڪ عام حادثو، جنهن جهڙا ڪيترائي حادثا
هر روز ٿيندا پيا رهن. پر اهو گهٽ ۾ گهٽ منهنجي
لاءِ ايترو ته شديد ۽ اونهو آهي جو ان جي ورجائڻ
سبب دل جا زخم اُٿلي پوندا ۽ انهن جو ڀرجڻ محال
آهي.“
”مون کي سچ پچ اوهان سان همدردي آهي،“
نسرين چيو. ”پر منهنجو خيال هيءُ آهي ته اهڙن
دکدائڪ حادثن تي جيترو گهڻو ڳالهائبو، اوتري انهن
جو اثر گهٽبو ويندو.“
”هون.“ نعيم جي چهري تي ڏک سان ڀريل مرڪ
پکڙجي ويئي. ”جيڪڏهن آءٌ اوهان سان ان ڳالهه تي
اتفاق نه ڪريان ته مهرباني ڪري دل ۾ نه ڪجو.“ نعيم
ڏاڍي همدرداني لهجي ۾ نسرين کي چيو. ”حقيقت هيءَ
آهي ته گهڻي ڪوشش کان پوءِ به ان حادثي کي پنهنجي
ذهن مان ڪڍي نٿو سگهان. ان جي ڪري دل تي جيڪي ڌڪ
لڳا آهن، اهي سدائين تازن گلن وانگر ٽڙيل رهندا.“
”سچ اهي، دلين جا زخم ڏاڍا اونها ۽ پائدار
هوندا آهن،“ مون نسرين ڏانهن ڏسندي چيو. نسري
الائجي ڇو اکيون جلدي جلدي ڇنڀڻ لڳي ۽ مون ڏانهن
ڏسي وري نعيم کي چتائڻ لڳي.
”جيڪڏهن اوهين چئو ٿيون ته پوءِ مون کي
ڳالهه ٻڌائڻ گهرجي. هائو، ته اسين سڀئي هن کي
راشده راشده ڪري سڏيندا هئاسون.“ نعيم ڳالهه شروع
ڪئي. ”ڏسو نه ههڙو ماحول، هيءَ فضا ۽ راشده جو
ذڪر. دراصل مون اِها ڳالهه اهڙي وقت چوري آهي، جو
اوهين هروڀرو الائجي ڇا خيال ڪندا، پر آءٌ اوهان
کي هينئر کان ئي يقين ڏياريانٿو ته راشده سان
مونکي رڳو همدردي هئي؛ همدردي. هڪ اهڙي همدردي
جيڪا هڪ انسان کي ٻئي انسان سان ٿيڻ گهرجي. اوهين
شايد مونکي حد کان وڌيڪ جذباتي سمجهو، پر منهنجي
خيال ۾ اسين يعني آءٌ، اوهين ۽ ٻيا مڙئي انسان
جذباتي هوندا آهيون. هائو... اسين حد کان وڌيڪ
حساس ۽ جذباتي ٿيون ٿا ۽ سواءِ احساس ۽ اُمنگ جي
انسان وٽ ٻيو آهي به ڇا؟ جيڪڏهن اِهو ماڻڪ نه هجي
ته انسان هڪ اهڙي بي نور ۽ نابينا مثل ٿي پوي جنهن
کان هلندي هلندي ڪنهن لِٺ ڦري ورتي هجي ۽ هو
ويچارو بنا آڌر ۽ سهاري جي ٿاٻا کائيندو هجي.
اوهين پاڻ ويچاريو ته اهڙي انسان جو ڀلا ڇا حال
ٿيندو؟ خير اها ڳالهه ته مون اوهان کي ائين ئي
ٻڌائي، رڳو ان ڪري جو اهو واقعو ئي اهڙو آهي.“
نعيم ايترو چئي پاسو ورائي سولو ٿي ويٺو. مونکي
سگريٽ جي خواهش ٿي. مون کيسي مان سگريٽ جو پاڪيٽ
ڪڍيو. هڪ سگريٽ نعيم کي پيش ڪيم ۽ هڪ پاڻ دکايم.
پهاڙن جي چوٽين کان ڍنڍ جي مٿاڇري تي
پهچندڙ هوائن ۾ ٿڌاڻ ۽ گهم هئي. چوڏهينءَ جو چنڊ
پنهنجي سموريءَ سونهن ۽ رعنائين سان وچ آسمان ۾
کڙيو بيٺو هو ۽ ڍنڍ جي سانتيڪي مٿاڇري تي ان جو
پاڇو ٻيڙيءَ جي هلڻ ڪري ڏڪي رهيو هو. مون سوچيو ته
پاڻيءَ جي سطح تان چنڊ کي کڻي پنهنجي جهوليءَ ۾
آڻيان، پر ان جو ٿڙ ڪندڙ سايو هر هر منهنجي هٿن
مان نڪري پئي ويو. مون نا اُميد ٿي نسرين ڏانهن
نهاريو. هوءَ ڪنهن سوچ ۾ غرق هئي.
]مراد
صاحب هي ناول 1962 ڌاري ريڊيو پاڪستان ڪوئيٽا تي
پوسٽنگ دوران شروع ڪيو هو ۽ ان جا صرف هي ٽي باب
ئي لکي سگهيو هو.[ |