پاڪستان جي 1940ع واري لاهور جي ٺهراءِ ۾ پاڪستان
ٺهڻ بعد پناهه گيرن جي لڏ پلاڻ جو ڪو ذڪر نه هئو،
پر ان جي باوجود نهرو_ لياقت پئڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي
لياقت علي خان
U.P
جي ماڻهن جي
Advise
تي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي
Constituency
ٺاهڻ لاءِ لڏ پلاڻ ڪرائي_ اليڪشن نه ڪرائڻ جو پهه
ڪيو ۽ آئين ٺاهڻ ۾ به ڄاڻي_ واڻي دير ڪندو رهيو.
جنهن ڪري قائدِ اعظم به هن کي پسند نٿي ڪيو. انڊيا
مان 1947ع ۾ ۽ ان بعد 1977 بعد افغان پناهگيرن جي
لوڌ اچڻ ڪري سڄو ملڪ پاليوشن جي گهيري ۾ آهي.
اسين پهريون 1981ع ۾ جهڏي گدام ۾ عبدالقادر
جوڻيجي سان ملهائجندڙ شام ۾ ملياسون. مون
عبدالقادر بابت ڳالهايو ۽ جيئن اسٽيج تان لٿس ته
هڪ ڇوڪري مون کي مراد صاحب جو پيغام ڏنو. اسين
ملياسين ته مراد صاحب چيو، اوهان جو آواز براڊ
ڪاسٽنگ جي لاءِ ڏاڍو
Qualitative
آهي سو ريڊيو تي ڪو پروگرام ڪندؤ؟ محسوس ٿيو ڄڻ
اها اسان جي پهرئين ملاقات نه پر سالن کان شناسائي
هُئي:
My soul the first time I saw you, my soul heard
something from you soul,
When my heart drank water from you fountain, it
drowned in you, and the torrent snatched me away
(Rumi)
معنيٰ:”منهنجا دلبر! مون جڏهن پهريون ڀيرو تو کي
ڏٺو ته منهنجي روح تنهنجي اندر جو آواز ٻڌو، ۽
جڏهن منهنجيءَ دل تنهنجي اکين جي ٿڌي مِٺي چشمي
مان پاڻي پيتو ته ان مون کي نهوڙي وڌو. مان
لُڙهندو ويس، ترندو ويس ۽ ان طوفاني وهڪري مون کي
کڻي دور اڇلائي ڇڏيو“ –رومي.
اسانجين عُمرين ۾ ڪافي سالن جو فرق هوندي به
الائجي ڇو ڪڏهن به محسوس نه ٿيو ته اسان جي وچ ۾
ڪي خيالن جا ۽ عمرين جا ويڇا آهن! لڳو جڳ جڳاندر
کان ڪي واسطا ۽ ناتا هئا، ڪو تعلق هئو، دوستي
هُئي، ياري هئي، خيالن جي هم آهنگي ۽ هڪجهڙا هُئي
۽ اسان جي دوستي به ڄڻ ڇيڻن جي دکندڙ باههِ هئي،
جهيڻي ۽ سدائين سدائين ڀُرندڙ!
هر ڀيري ملڻ سان چوندو: ”اهڙي... يار، تون
ڪِٿي هُئين؟ ڄڻ ڏينهن کان انتظار ڪندو هجي! ۽ پوءِ
کِل ۾ ٻٽجي ويندو هو، جنهن ۾ پوءِ سگريٽ پيئڻ جي
ڪري ٿوري کَنگهه به شامل ٿي ويندي هُئي. هڪدم
ريڊيو جي ڪينٽين تان چانهه اچي ويندي هئي ۽ پوءِ
ڪچهري ۽ سگريٽ جا سُوٽا شروع.
حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن واري هن جي ڪمري ۾
اردو ڊرامن جو پروڊيوسر محمود صديقي به ويهندو هو.
۽ جتي سڄو ڏينهن پان چٻاڙيندڙ محمود صديقيءَ وٽ
ڊرامن جا اداڪار ۽ اداڪارائون ايندا رهندا هئا. جن
مان ٻه ڇوڪريون ڪي لطيف آباد ۾ رهندڙ هيون ۽ ڀيڻون
هيون. ٻنهي جي شڪل ملندڙ هئي پر هڪڙيءَ جا وار
ڪارا ۽ ٻيءَ جا برائون هوندا هئا۽ ٻيئي سهڻيون
هُيون.
محمود صديقي سڄو ڏينهن ويٺو ڇوڪرين کي
عشقيه شعر ٻڌائيندو هو ۽ ڇوڪريون پيون
مُسڪرائينديون هيون. پر مراد صاحب جو ڪنڌ هميشه
جُهڪيل ۽ نظر هميشه هيٺ. مون کيس ڪڏهن به اهڙي
ڪچهريءَ ۾
Interest
وٺندي نه ڏٺو. مراد صاحب شرميلو، ڄڻ ڇوڪرين جهڙو
ڇوڪرو!
هڪڙي ڀيري مون انهن ڇوڪرين مان هڪڙيءَ کي
چيو: ’اوهان جي وارن جي اسٽائيل ڏاڍي خوبصورت
آهي!‘ ۽ ان بعد اسين ڪنهن موضوع تي ڳالهائڻ لڳاسون
ته پهرين ته مراد صاحب جي چهري تي ۽ اکين منجهه
ڪجهه تاثر آيا. ان بعد هن ڪجهه بيچيني محسوس ڪئي ۽
نيٺ هن جڏهن ڏٺو ته اسين ڳالهائڻ ۾ اڃان به محو
آهيون ته هن کان رهيو نه ٿيو ۽ لکڻ جو ڪم ڇڏي هڪدم
اٿي بيهي رهيو.
”يار! ڏاڍي بوريت پئي ٿئي، هل ته هلي نصير
(نصير مرزا) وٽان چانهن پي اچون!“ هن جي چهري تي
ڪافي عجيب احساس هئو. مون کي اتان اٿارڻ جو سٺو
بهانو ڳوليائين.
۽ اسان جي ملڻ ۾ ڪجهه ڏينهن جي وٿي پوي ته
بس پوءِ مصيبت!
”يار ! تون آئين ڪونه؟“
فارغ وقت ۾ اسين حيدرآباد جا رستا ڪڇيندا
رهياسون، آزاد بوڪ ڊيپوءَ تان ڪتابن جي جهوت جهوت
(Window
Shopping)
ڪرڻ ۽ اڪثر حميد سنڌيءَ جي ڇهين نمبر لطيف آباد
واري گهر ۾ حميد جا ڀريل گلاس خالي ڪرڻ کان وٺي
فٽاز هوٽل (هاڻ ختم ٿي ويل) ۾ ادي ماهتاب محبوب جي
گهر واري محبوب شيخ صاحب جي آفيس ۾ چانهيون، هر
ادبي پروگرام جيڪو ان دؤر ۾ فٽاز ۾ ئي ٿيندو هو...
تنهن جي شروع ٿيڻ کان اڳ اسين محبوب صاحب جي چانهن
مان لطف اندوز ٿيندا هئاسون. ۽ ميرپورخاص ۾ انهن
ڏينهن ٿيندڙ ادبي پروگرامن ۾ غلام نبي مغل صاحب
جون بهترين دعوتون کائيندا، ڪچهريون ڪندا رهياسون.
سندس ڪوبه ڪتاب ڇپبو هو ته (مصرجي وڏي
اديب توفيق الحڪمت جي ڪنهن ڪتاب جو ترجمو ڇپيو ته)
هن پهرئين ڪاپي مون کي ڏنائين... ته مون چيو
مانس: ”مراد صاحب مان مارڪيٽ مان وٺي ڇڏيان ها!
اوهان تڪليف ڪئي!“
”يار! ڳالهه ٻُڌ امير ماڻهو ته هڪ ٻئي کي
گفٽ ڏيندا آهن تتر، گيهه جون چئونريون، ماکيءَ جا
شيشا ۽ هرڻن ۽ ڦاڙهن جا گوشت، پر پاڻ ماڻهو ته
ظاهر آهي ته هڪ ٻئي کي اِها ڪتاب جي ئي سوکڙي
ڏينداسون نه!“
اِهي اُهي ئي ڏينهن هئا جڏهن مان ’حَسن
درس‘ کي مشائخ هوٿيءَ مان وٺي حيدرآباد آيو هئس ۽
حسن ڳوٺ جي هڪ خوبصورت باگڙياڻي ڇوڪري ڪسروءَ تي
شعر لکيو هو ۽ مون پوءِ حسن کي ڪراچيءَ مان
Intermediate
ڪرڻ لاءِ چيو هو ته ڪراچيءَ وڃي رهيو هئو.
انهن ڏينهن دوران هڪ ڪهاڻيڪار جو ڪتاب
ڇپيو ته مون کي ڇپائين:
”يار ڇا ته ڪهاڻيون لکيون اٿس!“
”پوءِ؟“
”پوءِ... دل ٿي چوي ته کيس چمي ڏجي!“
”ڪٿي؟“
”جتي به مِلي؟“
”نه ! منهنجو مطلب آهي،
Kiss
ڪهڙيءَ جاءِ تي؟“
” يار! چپن تي ٻيو...!“ هن ٽهڪ ڏيندي چشمي مان
نهاريندي چيو.
”سچ ٻڌايو، واقعي جي اها ملي ته
kiss
ڪندؤ؟
”بلڪل...!“ هن
Daring
سان جواب ڏنو.
”ٺيڪ آهي...!“ مون چيو ۽ اسين پئي کلڻ لڳاسين.
ڳالهه آئي وئي ٿي ويئي مهينو کن گذري ويو
ڪنهن ادبي پروگرام ۾ وياسون ته اها ليکڪا ملي. مون
چيو مانس: ”اوهان ٿوري دير اِتي بيهجو؛ مراد صاحب
کي توهان سان ڪو ضروري ڪم آهي ۽ مراد صاحب کي
چيڙائڻ ۽ رونشي لاءِ چيم:
”مراد صاحب توهان کي فلاڻي ليکڪا کي
Admire
ڪرڻ لاءِ
Kiss
ڪرڻو هو نه؟... سو هاڻ موقعو آهي ۽ هوءَ پريان
توهان جو انتظار ٿي ڪري.“ ته پهرين ته چشمي پويان
هن جي اکين ۾ شرمساري ڏسڻ ۾ آئي، ان بعد ڪجهه خوف
جو احساس ڏٺم ۽ هڪدم پوءِ هو کِليو ۽ مون کي ڪن ۾
چيائين:
”ها... يار! پوءِ اسان فقيرن کي ڇاهي، مان
کڻي هٿ تي چمي ڏيندو سانس ٻيو ڇا؟“
”نه نه نه! مراد صاحب اوهان پنهنجي واعدي
تان ڦرو ٿا.“ مون کلندي چيو مانس. اڪثر سندس آفيس
۾ ويٺي هو ڳالهين دؤران سياسي پارٽين ۽ ليڊرن لاءِ
ڪوڊ ورڊ استعمال ڪندو هو ۽ ڪجهه خاص ڳالهيون ڪندي
سندس آواز ڌيمو ٿي ويندو هئو ۽ پوءِ اشارن ڪنِاين
۾ به ڳالهائڻ لڳندو هو.
هڪڙي جماعت لاءِ هن وٽ
Term
هئو ’ڇتي ڪُتي‘، جنرل ضياءَ بابت ڳالهائيندي به
ڪڏهن هن نالو استعمال نه ڪيو.
هڪ ڀيري چيو مانس : ”مراد صاحب سوچيان ٿو
اوهان تي ڪو خاڪو لکان!“ ته چيائين: ” جي لکين ته
ڏيکارجانءِ... يار ڪٿي مارائي نه وجهين!“
خاڪو لکي توهان کي ڏيکاريان ته پوءِ ڪهڙو
فائدو “ مو کيس تنگ ڪندي چيو ته هو کلندو رهيو.
جڏهن به ملندا هئاسون ته اسان جو پهريون
اڌ مُنو ڪلاڪ پڙهيل ڪتابن تي تبصري، لکيل تخليقن
جو ذڪر، هلندو هئو. ڪملاداس جي آٽو بايوگرافي ’My
story‘
مراد صاحب مون کي پڙهائي ۽ ڊاڪٽر علي شريعتي جنهن
ايران جي انقلاب ۾ نظرياتي اوج ڏني تنهن کان به
مون کي مراد صاحب واقفيت ڪرائي.
هڪڙي پڙهئي لکي ماڻهو جي هليو وڃڻ سان
نقصان ڳچ ٿئي ٿو. يورپ ۾ هڪڙي چوڻي آهي: ’هڪ پڙهيل
ماڻهوءَ جي گذاري وڃڻ سان ڄڻ هڪ زبردست لائبريري
ڀسم ٿيو وڃي!‘
مراد صاحب دنيا جي ڪلاسڪس ۽ عظيم ادب کي
پڙهيو ويٺو هئو. 1859ع ۾ لکيل چارلس ڊڪنس جي فرينچ
انقلاب بابت لکيل ناول: ’A
Tale of Two cities‘
بابت مراد صاحب اڪثر چوندو هو:
”يار! ڇا ته ان ماڻهوءَ جي
Feeling
آهي، جيڪو مٿاهينءَ تان بيهي شهر ڏانهن ٿو
نهاري؟... واهه، ماري ڇڏيو اٿائين!“
ناول جي پهرئين باب ۾ ڏاڍو خوبصورت
پئراگراف آهي:
It was best of times, it was the worst of times,
it was the worst of times, it was the age of
wisdom, it was the age of foolishness, it was
the epoch of belief, it was the epoch of
incredulity, it was the sensation of light, it
was the season of darkness, it was the spring of
hope, it was the winter of despair, we had
nothing before us, we were all going direct to
heaven, we were all going direct the other ways!
1862ع ۾ وڪٽر هيوگو
La_Miserable
جهڙو تاريخي ناول لکيو، جنهن کي 19 صديءَ جي اهم
يورپي ناولن ۾ اهم جاءِ ڏني وڃي ٿي، بابت به اڪثر
تبصرا ٿيندا هئا:
ناول ۾ هڪڙو هاري پنهنجي بک ۾ پاهه ٿيندڙ ڀيڻ ۽ ان
جي ستن ٻارن لاءِ ماني ٿو چورائي ۽ ان ڏوهه ۾ پنج
سال قيد جي سزا ٿي مِليس. يڪمشت هو 19 سال سزا ٿو
ڀوڳي. وڪٽر هيوگو جو ٻيو مشهور ناول
Hanch back of Notre-Dame
هئو. جنهن ۾ اسيميرالڊا (Esmeralda)
نالي هڪڙي خوبصورت جپسي
Street Dancer
هئي. اسيميرالڊا نرم دل محبوبا ليکبي هئي، جنهن تي
هڪ ئي وقت ڪئين مرد عاشق هُئا. پر سندس ٻن اهم
عاشقن ۾ هڪڙو
Claude Frollo
طاقتور پادري ۽ ٻيو چرچ ۾ گهنڊو چائيندڙ ڪُٻ نڪتل
ڪاسيمودو
Quasimodo
هئا.
اسيميرالڊا وري هڪ سپاهيءَ تي عاشق هئي.
نيٺ اسميرالڊا کي ڏائڻ قرار ڏيئي ماريو ٿو وڃي ته
ڪاسيمودو چرچ مٿان ٺهيل چبوتري مان اهو لقاءُ
ڏسندي ڇا ته هيان ڦاٽي ڌانهن ٿو ڪري. شاندار ڪهاڻي
آهي.
آخري ڀيرو سنڌ ميوزم ۾ ڪنهن ادبي پروگرام
۾ مليو ته چيو مانس: ’مون سان گڏ هلو ته هلي
منهنجي گهر ويهون. رات جي ماني مون سان گڏ کائي
پوءِ وڃو .ته چيائين:
”يار! منهنجي زال بيمار آهي... اها انتظار
ڪندي هوندي... گهر ۾ ٻيو ڪير به ڪونهي.“ ته مون
وڌيڪ حجت نه ڪئي.
لطيف سائينءَ تي سندس لکيل ناول جا ڪجهه
باب علي احمد بروهي صاحب جي ڪراچيءَ مان نڪرندڙ
رسالي ۾ قسطوار شايع ٿيا ته انهن کي ڪافي پذيرائي
ملي. ان بعد هن مصروف هجڻ ڪري اهو ڪم اڌ ۾ ڇڏيو ته
مان کيس مسلسل ان کي مڪمل ڪرڻ لاءِ چوندو رهيس ۽
ناول ڪتابي صورت ۾ ڇپرائڻ لاءِ آڀاريندو رهيس.
سنڌيءَ ۾ شخصيتن تي ناول لکيائي نه ويا آهن. مون
لاءِ اهو اعزاز هئو ته مراد صاحب هر قسط يا باب
لکڻ بعد پهرئين فرصت ۾ اهو مون کي ٻڌائي راءِ
وٺندو هو. ناول جو آخري باب هن سندس گهر تي مون کي
پڙهي ٻڌايو، ۽ مان سندس.... مون لاءِ آندل بسڪيٽ
کائيندو ۽ چانهه پيئندو رهيس.
’سامي سڄ وڙاءُ‘ مراد صاحب جي زندگيءَ جو
بهترين ڪتاب (پونجي) آهي.
ناظم حڪمت جو هڪڙو شعر آهي:
جي پوکي سگهو ٿا
ته زيتون جو ٻوٽو پوکيو؟
پوءِ ڀلي اوهين ستر سالن جا هُجو!
سڄڻ نسورو ڏينهن
ذوالفقار هاليپوٽو
مٺڙا سائين مرزا صاحب!
اُميد رکان ٿو ته طبيعت ساز هوندي ۽ خوش هوندا!
14 نومبر 2010ع (آچر) تي روزاني ڪاوش ۾ صبح ساڻ
اها خبر پڙهيم ته ’بزمِ روح رهاڻ‘ پاران ساڳئي ئي
ڏينهن تي اوهان سان حيدرآباد ۾ ادبي رهاڻ ملهائي
پئي وڃي. سائين اها خبر پڙهي بيحد خوشي ٿي ۽ پڪو
ارادو ڪيم ته محفل ۾ ضرور اچبو. اوهان جي علمي ۽
ادبي خدمتن تي اوهان جا جيڪي دوست ۽ ويجها ساٿي
ڳالهائيندا، انهن کي ٻڌبو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته
اوهان کي سلام ڪبو، جو ڪيترن ئي ڏينهن کان اوهان
سان ملاقات نه ٿي هئي.
سائين مرزا صاحب! حميد سنڌيءَ کي به شابس آهي جو
ههڙي قحط الرجال واري ماحول ۾ به وسري ويل ڪردارن
۽ سنڌ جي خدمت ڪندڙن کي ياد ڪندو ٿو رهي ۽ سنڌي
سگهڙن، شاعرن ۽ اديبن جو اهو ”مولائي“ لڏو جيڪو
ڪنڊائتو ويٺو پنهنجو ڪم ڪري، انهن کي هڪ جاءِ تي
گڏ ڪري، گاڏيءَ کي ڇڪي رهيو آهي. مون اُتي ڪيترائي
اهڙا بزرگ دوست ايندي ڏٺا آهن، جيڪي اڄوڪي جديد
رنگن جي چڪربازين کان اڻ واقف آهن ۽ پنهنجي
سادگيءَ ۾ ئي پيا رهن، تنهن سان محبت ڪرڻ ۽ پنهنجي
حصي جي ڪم ڪرڻ جي ايمان سان جهان ۾ پيا هلن:
”ڪيهي ڪام ڪاپڙي، ٿا اهڙي روش رون،
نِڪا دل دوزخ ڏي، نڪي بهشت گهرن،
نڪو ڪم ڪفار سين، نڪي مسلماني من،
اُڀا ائين چون، ته پرين ڪجو پانهنجو.“
(لطيف)
اوهان سان ملهايل ادبي محفل ۾ به اوهان ڏٺو هوندو
ته ڪيترائي بزرگ دوست ڪچهريءَ خاطر اچن ٿا. سائين!
ڇا اهو ضروري آهي ته هر محفل، هر تقريب ۽ هر
پروگرام بيحد سنجيده ۽ ڳوڙهي ايجنڊا رکندڙ هجي.
ڪچهرين، کل ڀوڳ ۽ ميل ملاقات رستي به ڪيترائي نوان
رستا ڳولي سگهجن ٿا. هلڪين ڳالهڙين ذريعي به وڏا
ڪم ڪري سگهجن ٿا.
اهو جس آهي حميد سنڌي صاحب کي ته ڪچهرين جي بهاني
دوست ميڙيو ويٺو آهي. کيس شابس آهي ته هو هر ان
شخصيت کي ياد رکڻ لاءِ علمي ۽ ادبي رهاڻيون رٿي
ٿو، جن جا مٽ مائٽ يا اولاد سرڪاري عهدن ۽ وزارتن
تي ناهن ۽ جن لاءِ ڪٿي به ڪو سرڪاري ادارو، ورسي
يا سالگره جي ڪابه تقريب يا ڪا يادگيريءَ رکڻ واري
محفل مچائڻ لاءِ تيار ناهي، اهڙن کي بزم روح رهاڻ
زندهه رکيو اچي ۽ اوهان پنهنجي پروگرام ۾ ئي ڏٺو
هوندو ته انتهائي اعليٰ قسم جي ادبي ۽ نج شاعراڻي
محفل هجي ٿي، اوهان تي جن به دوستن ان محفل ۾
ڳالهايو، انهن منهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو.
منهنجو هڪ استاد چوندو هو ”باادب بانصيب“ سو آئون
ادب سان اوهان کي رڳو سلام ڪرڻ لاءِ پهتو هئس، پر
محفل جي رنگ مون کي اوهان بابت جيڪا ڄاڻ ڏني، تنهن
مون کي به اتساهيو ته اوهان کي لفظن جي ڀيٽا ڏجي.
دوستن پاران اوهان بابت شيئر ڪيل ڪيترائي خيال
منهنجي لاءِ نوان نه هئا، جو مون اوهان کي ڪافي
پڙهيو آهي، پر اوهان جي پراڻن دوستن ۽ ويجهن ساٿين
پاران ذاتي تجربن ۽ واسطن تي ٻڌل خيالن جي شيئرنگ
منهنجي لاءِ نيون ڳالهيون هيون. نصير مرزا ۽ قاضي
خادم کي اوهان بابت گهڻي ڄاڻ هئي، تنهن ڪري انهن
ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌايون. سچ پڇو ته محفل ۾ ويٺي
۽ اوهان بابت دوستن کي مِٺي لهجي ۾ ڳالهائيندي ڏسي
ڏاڍي خوشي ٿي.
سائين! شروع ۾ جڏهن مون اوهان کي اسيءَ واري ڏهاڪي
۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي عمارت اندر ڏٺو هو،
ته مون کي اوهين انتهائي ڪاوڙ وارا ۽
arrogant
شخص لڳندا هئا. آئون ننڍو هئس ۽ بابا نصير وٽ چڪر
ڪندو هئس. اسڪول مان موڪل ٿيڻ کان پوءِ اوهان کي
ڏسي مون کي محمدعلي جناح ياد ايندو هو.
اسڪولي ٻار وٽ مشابهت لاءِ ان وقت ڪورس جي ڪتابن ۾
پڙهايا ويندڙ ڪردار ئي هوندا آهن، سو آئون به
ڪتابي شخصيتن کي ياد ڪندي اوهان کي جناح سان
ڀيٽيندو هئس. ساڳيو قد ۽ بت، چهري تي سختي ۽ مون
کي لڳندو هو ته ان قد ڪاٺ جا مڙئي ماڻهو شايد اهڙا
ئي ٿين ٿا. مون کي ياد آهي ته اوهين جڏهن ڪنهن مهل
نصير مرزا صاحب جي آفيس ۾ اچي ڪچهري ڪندا هئا ته
آئون به ساڻو ٿيو پيو سموري ڪچهري ٻُڌندو هئس.
سائين! مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته انهن ئي ڏينهن
۾ پياري اجمل ڪمال، آصف فرخي ۽ زينت حسام سان گڏجي
ادبي رسالو ”آج“ شروع ڪيو هو ۽ نصير بابا سان
اوهين پابلو نرودا، ميلان ڪنڊيارا، چيخوف، گارشيا
مارڪيز ۽ ٻين اديبن ۽ ليکڪن جي لکڻين بابت ڪچهري
ڪندا هئا. ’آج‘ رسالو گهڻو ڪري ترجما ڪندو هو ۽
اوهين هڪ مترجم طور انهن لکڻين کي انتهائي غور سان
پڙهندا هئا.
اسان جي اسڪولي ٻارن واري ٽولي، انهن ڏينهن ۾ رڳو
مظهر ڪليم ايم. اي جي ’عمران سيريز‘ پويان پئي
ڊوڙندي هئي. وڌ ۾ وڌ ڪرشن چندر ۽ اهڙا اديب جن جي
لکڻين ۾ چس هجي، ان وقت ڪٿي ٿي ڏکيا ۽ ڳُوڙها ڪتاب
سمجهه ۾ آيا... پوءِ وقت سان ڳالهيون سمجهه ۾
اينديون ويون ۽ پروسيس ۾ اهو سمجهيوسين ته اوهان
جهڙا ماڻهو سنڌ لاءِ رول ماڊل آهن. پروسيس ۾ سمجهه
۾ آيو ته گارشيا مارڪيز جي ناول
Hundred years of Solitude
۽
Daughter of the East
کي ترجمو ڪندڙ مرزا مراد علي، سنڌ جو غير معمولي
ماڻهو آهي.
سائين! اڄ سنڌ جتي ڪيترن ئي شعبن ۾ اڳڀري ٿي آهي
ته ڪيترن ئي معاملن ۾ سنڌ اهي معيار وڃايا آهن،
جيڪي ڪيترائي ڏهاڪا اڳ فخر جوڳا هوندا هئا، اڄ هر
ڪم پبلڪ رليشننگ، ياري باشي ۽ پسند ناپسند تي طئي
ٿئي ٿو. اهڙي سماج ۾ اوهان واري ٽهيءَ جا اديب ۽
ليکڪ اڃا تائين نوڪرين جي تلاش ۾ آهن، اتي اوهان
پاران
Dignity
سان شانائتي ۽ مانائتي نموني زندگي گذارڻ جو ڏانءُ
اسان لاءِ هن جاگيرداراڻي ۽ پٺتي پيل سماج ۾ ڪنهن
انتهائي جديد سماج جي نشاني آهي.
سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري
جي سيڪريٽري ٿيڻ باوجود به اوهان پاڻ کي لو
پروفائيل رکندي، پنهنجي تشهير ڪرڻ بدران پنهنجي
پيشوراڻي ذميوارن ڏانهن ڌيان ڏنو، اهو اوهان جي
باوقار پيشيور ذهين ماڻهو هجڻ جو نه رڳو ثبوت آهي،
پر اسان لاءِ وڏو مثال قائم آهي.
اوهان جنهن پاڙي ۾ زندگي گذاري، آئون به ننڍي
هوندي کان انهن پاڙن جا چڪر ڪاٽيندو آيو آهيان،
خاص طور تي مولا جي ڏينهن (عاشوري) ۾ پڙن ۽ نياز
نذر لاءِ هر سال هڪ ڀيرو ضرور اچبو آهي ۽ آئون ته
حيران ٿيندو آهيان ته اهڙن قديمي ۽ پراڻن پاڙن ۾
اوهان ڪيئن نه جديد نظرين ۽ خيالن سان ٽمٽار هر
وقت ساوا رهندا آيا آهيو، ان جو هڪ اهم سبب اهو
تاريخي ثقافتي ۽ تهذيبي ورثو آهي، جيڪو اوهان کي
وڏڙن کان مليو ۽ جيڪو انهن قديمي پاڙن جي بنيادن ۾
پيٺل آهي.
سائين! مون کي خبر ناهي ته ڪيترن دوستن کي اها خبر
آهي ته اوهان جو نالو جنهن شخص پويان رکيو ويو،
اهو شخص مرزا مراد علي (يعني اوهان جو ڏاڏو) ثابت
علي شاهه کان پوءِ مرثئي جي دنيا جو وڏو نالو هو ۽
اوهان کي تحقيق، کوجنا ۽ سنجيده ڪم جو ورثو،
انهيءَ اباڻي ورثي جو تسلسل آهي. لطيف جي رسالي،
لغت نويسي، انگريزي سنڌي ترجمي، صداڪار (براڊ
ڪاسٽر) ۽ ايڊيٽر طور اوهان جي ڪنٽريبيوشن سنڌ جي
علمي ۽ ادبي ميدان جو وڏو سرمايو آهي، پر اوهان
ڪڏهن به پنهنجي پبلسٽي نه ڪئي ۽ ڪم سان ڪم رکيو.
اهو قدر اڄ سنڌ ۾ اڻ لڀ آهي.
اهو هڪ انتهائي سِولائيزڊ، ڪلچرڊ ۽ ڪاسموپوليٽن
رويو آهي، اهو رويو انهن جديد سماجن جو بنيادي قدر
آهي، جتي رڳو ڪم ئي ڪم جي عزت هجي ٿي. اوهين
سورهين صديءَ ۾ بيٺل پاڪستان ۾ ٻاويهين صديءَ جو
فڪر ۽ خيال رکندڙ شخص آهيو.
مون ڪڏهن به اوهان کي ڪنهن لاءِ تڪڙ ۾ تبصرو ڪندي،
لوز ٽاڪ ڪندي، گِلا يا غيبت ڪندي ۽ ذاتي پسند ۽
ناپسند جي بنياد تي راءِ جوڙيندي نه ڏٺو ۽ ان
ڏينهن ’بزم روح رهاڻ‘ واري ڪچهريءَ ۾ قاضي خادم
صاحب ان راءِ تي ان وقت مهر هڻي ڇڏي، جڏهن هن اهو
چيو ته اڌ صديءَ تي ٻڌل دوستيءَ ۾، ۽ هڪڙي ئي پاڙي
۾ ڏهاڪن جا ڏهاڪا گڏ گذاريندي، هن اوهان جي واتان
ڪڏهن به ڪنهن لاءِ ڪو گُٿو اکر ناهي ٻڌو.
شايد انهيءَ ڪري امداد حسينيءَ اوهان لاءِ هيءُ ٽه
سٽو جوڙيو:
سادو آهي ايئن،
موج ڀرئي مهراڻ جو،
سادو پاڻي جيئن.
سائين! فارسي زبان جو سنڌي سماج ۽ خاص طور علم ۽
ادب تي وڏو اثر رهندو آيو آهي ۽ بزم روح ’رهاڻ
واري محفل‘ ۾ اهو ٻڌي خوشي ٿي ته اوهان جي گهر ۾
ان زبان جو اثر هڪ قدرتي عمل ذريعي سنڌيءَ جي اثر
هيٺ زائل ٿيندو ويو ۽ سنڌي زبان سؤ سال اڳ ئي
اوهان جي گهراڻي جي مادري ٻولي بڻجي چڪي هئي.
جيتوڻيڪ ”پٿر ۽ پٿريون“ اوهان پاران بائيوگرافڪ
نوٽس ٽائيپ لکيل شاندار مواد آهي، پر منهنجي اوهان
کي گذارش هوندي ته اوهين پنهنجي ’آتم ڪٿا‘ جا نوٽس
لکڻ شروع ڪريو.
سائين! اوهان مون کي ٻُڌايو ته اڃا اوهان وٽ ڪو
آئوٽ لائين يا ترتيب ناهي ته اهي نوٽس ڪيئن لکبا
ته سائين! مون اوهان کي ان وقت به عرض ڪيو هو ۽
هاڻ به ورجايان ٿو ته بس لکندا اچو، ڊائري
وانگيان، ترتيب ۽ ائوٽ لائين جي خفي ۾ نه پئو.
اردو ادب جي شاندار ليکڪه بيگم حميده اختر حسين
راءِ پوريءَ جو مثال اوهان آڏو آهي ته هن ڪيئن نه
زندگيءَ جون يادگيريون لکڻ شروع ڪيون، اردو ادب جي
وڏي نالي پنهنجي ور اختر حسين راءِ پوريءَ جي
جدائيءَ جي غم مان نڪرڻ لاءِ هن بي ترتيب خيال لکت
۾ جوڙڻ شروع ڪيا ۽ اڄ ڏسو ته هن جا شاهڪار ڪتاب
پنهنجي ليکڪ ور اختر حسين راءِ پوريءَ کان به وڌيڪ
ٿا وڪامجن.
سائين! ڪڏهن ڪڏهن اوچتو ڪي سهڻا حادثا ٿيندا آهن.
بزم روح رهاڻ، جي محفل کان پوءِ اهو طئي ڪيم ته
اوهان کي هڪ تفصيلي خط لکندس ۽ خط وسيلي سنڌ جي هن
لائق ۽ سيلف ميڊ ماڻهوءَ، جويي صاحب، بلوچ صاحب ۽
ع. ق شيخ جهڙي لائق ۽ عامل استاد جي هن ڪامل شاگرد
بابت سنڌ واسين کي ڪجهه ٻڌائيندس ته انهيءَ گهڙي
اوهان کي ئي لکيل ڪي انگريزي خط اکين آڏو اچي ويا.
ڪيتري نه عجيب ڳالهه آهي، جو اوهان کي خط لکڻ جو
خيال دل ۾ آندو ئي هيم ته نظروڃي پئي، سائين ع. ق
شيخ جي سدا ملوڪ چهري تي. اهو چهرو ان تصوير جي
صورت اڳيان سامهون پيو آهي، جيڪا تصوير سنڌي ادبي
بورڊ پاران، محمد ابراهيم جويي، منهنجي مائٽ ۽
استاد سائين فتاح هاليپوٽي ۽ مرزا مراد علي ”اختر“
يعني اوهان ڏانهن لکيل سندس خطن واري ڪتاب جي نئين
ايڊيشن جي ٽائيٽل تي ڏني وئي آهي.
اوهان جي پسنديده شخصيتن ۽ استادن مان هڪ سائين ع.
ق شيخ جي ڪتاب جي ان نئين ڇاپي جو خوبصورت ٽائيٽل
پياري طارق عالم ابڙي ٺاهيو آهي. ڪتاب اوهان تائين
اڳ ۾ ئي پهتل هوندو، ڳالهه ڪرڻ جو مقصد رڳو هيءُ
هو ته اڃا خط لکڻ جي تياريءَ ۾ هئس ته خطن جو ڪتاب
هٿ لڳو، اهو ڪو خوبصورت اتفاق ناهي ته ڇاهي ڀلا!
سائين! سچ پڇو ته دل ڏاڍو چاهيو ته شيخ صاحب جي
اوهان ڏانهن انگريزيءَ ۾ لکيل چوڏنهن ئي خطن کي
هڪدم پڙهان، پر پوءِ خيال آيو ته جيڪڏهن خط پڙهي
پوءِ اوهان کي خط لکيم ته اها جرئت ئي نه ٿي
سگهندي. ع. ق شيخ صاحب جا مراد علي مرزا ڏانهن
لکيل لفظ پڙهڻ کان پوءِ احساسِ ڪمتريءَ ۾ لفظ به
نه لکي سگهندس.
هڪ عظيم استاد ”عبدل“ جي پنهنجن دوستن جهڙي شاگرد
”اختر“ سان خط وسيلي ڪيل رهاڻ ۽ دل جون ڳالهيون
پڙهڻ کان پوءِ ڪهڙي ظالم کي اها همٿ ٿيندي ته ڪو
خط لکڻ جي جرئت ڪري سگهي.
سو سائين! آئون پنهنجو خط پورو ڪري هاڻ اوهان
ڏانهن شيخ صاحب جا لکيل خط ٻيهر پڙهڻ شروع ڪريان
ٿو ۽ اها شروعات اوهان اڳيان اهي اکر ورجائي ڪريان
ٿو، جيڪي شيخ صاحب اوهان ڏانهن لکيل پهرين خط ۾
لکيا هئا:
“My dear Akhtar…. So here I am.”
سو سائين مون کي به ادب سان چوڻ ڏيو ته:
“My dear Mirza Saheb…. So here I am.”
لال اهي لال ٿيا، لال لنگهيو جن،
عدم جي اوڙاهه تي، ڪيا آسڻ آڌوتين،
گردانيو گنگن، گرداب کي گيان سين.
(لطيف) |