اسين هاڻي ٻين ڳالهين ۾ وچڙي پئون ٿا. سنڌ جي
سماجي صورتحال تي جويي صاحب کي ڏاڍي ڳڻتي آهي.
ع.ق. شيخ جو خيال آهي ته اسان جي پٺتي هجڻ جو
بنيادي ڪارڻ جهالت آهي. اسين سڀئي اها راءِ قبول
ڪريون ٿا، پر جويو صاحب چوي ٿو ته ان جهالت جو اصل
سبب مذهبي ڪٽرپڻو ۽ نئين فڪر کان اڻڄاڻائي آهي.
اوچتو اسان جي ٻيڙيءَ کان ٿورو ئي پريان
ڪيترائي پاڻيءَ جا پکي، کير جهڙن اڇن کنڀن وارا
اسان جي ٻيڙيءَ کي ويجهو ايندو ڏسي ڀڙڪو کائي
پاڻيءَ تان اڏامي وڃن ٿا. اسان جو ڌيان انهن پکين
ڏانهن ڇڪجي وڃي ٿو. منڇر جي سطح تي روشن آسمان جو
عڪس پيو رقص ڪري ۽ ننڍڙين ننڍڙين لهرين جا گولا
پکڙيا نظرن کان غائب ٿيندا پيا وڃن.
جوان مائي ٻيڙيءَ کي اڳتي ڌڪيندي وري واپس
ان جي مهڙ ڏانهن پئي وڃي. اتي پهچي هوءَ ونجهه کي
ٻنهي هٿن ۾ جهلي ڪلهي جو زور ڏئي هلڻ شروع ڪري ٿي.
آئون هن کي غور سان ڏسان ٿو. هوءَ آهستي آهستي
وکون کڻندي ٻيڙيءَ جي ڇيڙي تائين اچي بيهي رهي ٿي.
هوءَ ٿڌو ساهه کڻي ٿي. هن جي منهن مان ٿڪاوٽ پئي
ڏسجي، هوءَ ونجهه رکي پنهجيءَ سس وٽ اچي ٿي، جيڪا
رڇ اڻڻ ۾ لڳي پئي آهي. ٻيڙي پاڻيءَ تي هوريان
هوريان پئي هلي.
هاڻي وهي چڙهيل مائي رڇ مان هٿ ڪڍي اٿي ٿي
۽ ونجهه کڻي ٿي هينئرَ هن جو وارو آهي. جوان عورت
وري وڃي ٿي، رڌ پچاءَ کي لڳي ۽ مڙسس رڇ اُڻڻ شروع
ڪري ٿو.
”اهي پرديسي پکي آهن، جيڪي سياري جي مند
ايندي ئي روس مان اڏامندا هزارين ميل سفر ڪندا اچي
هن ڍنڍ تي لهندا اهن“، تاج صحرائيءَ جا اهي لفظ
ٻڌي منهنجو ڌيان وري انهن پکين ڏانهن وڃي ٿو، جيڪي
ڏاڍي آرام سان پاڻيءَ جي مٿان اُڏامندا پيا وڃن.
انهن مان ڪي ته هت شڪار ٿي ماڻهن جو کاڄ ٿي ويندا
آهن، پر جيڪي بچندا آهن، اهي گرميءَ جي مند ايندي
ئي واپس پنهنجي وطن روس ڏانهن اڏامي ويندا آهن“،
تاج صحرائي ڳالهائيندو رهي ٿو، ”هنن جي شڪار جو هت
هڪ خاص طريقو آهي. شڪاري رات جو پاڻيءَ ۾ لهندو
آهي.“
”ههڙي تهه سياري ۾؟“ آئون وچ ۾ پڇان ٿو.
”هائو. اها ته موسم آهي پکيءَ جي شڪار
جي“، هو چوي ٿو. ”شڪاري اهڙن ئي پکين مان شڪار ڪيل
هڪ پکيءَ جي کل جو ٽوپلو مٿي تي پائي هوريان
هوريان اتي ويندو آهي جتي رات جو اهي پکي آرام سان
ويٺا هوندا آهن. هن جي هڪ هٿ ۾ وڏي ڳوٿري هوندي
آهي. پکي سمجهندا آهن ته اهو سندن سٿ جوئي ڪو پکي
آهي. ان ڪري سانت سان ويٺا هوندا آهن. شڪاري ويجهو
پهچي ٻئي هٿ سان پکيءَ جون ٽنگون جهلي جهٽ سان هيٺ
پاڻيءَ ۾ ڇڪي کڻي ڳوٿريءَ ۾ وجهندس. اهڙيءَ طرح
جڏهن ڳوٿري پکين سان ڀرجي ويندس تڏهن ماري پاڻيءَ
مان ٻاهر نڪري ايندو ۽ شڪار ڪيل پکين کي وڃي
ڊونڊيءَ يا هوڙهي ۾ رکندو“.
اهو ٻڌي ٻيڙيءَ وارو جوان شخص رَڇ هڪ پاسي
رکي اسان جي ويجهو اچي ٿو. پهرين هو ٻيڙي دکائي ان
مان ڦوڪ ڀري وات ۽ ناسن مان دونهون ڪڍندي چوي ٿو:
”سائين، پکي مارڻ جو هڪ ٻيو به طريقو
آهي“. هو ٿورو کنگهندي وري چوي ٿو، ”هيءَ ڍنڍ سچ
پڇو ته مڇي، پکي ۽ گاهه جو گهر آهي. هت ڪيترن ئي
قسمن جي مڇي ٿئي؛ هت طرحين طرحين جا پکي اچن ٿا ۽
هت پاڻيءَ ۾ ڳتيل ٻيلا ملن ٿا، جتي پٻڻ، بهه لوڙهه
۽ ٻوراڻي جام ٿئي ٿي“. هو وري ٻيڙيءَ مان سوٽو
هڻندي چوي ٿو، ”سو مون ڳالهه ٿي ڪئي پکيءَ جي شڪار
جي. ماري رات جو پاڻيءَ ۾ سڌيءَ ليڪ ۾ ڪير هڻي
انهن ۾ پاڻيءَ جي مٿاڇري تي ڄار ٽنگين. ان کي
ونجهه آڏ يا پوڻي چون. پکي پاڻيءَ تي ويٺا هوندا
آهن. صبح ٿيندو ته شڪاري پکيءَ تي نظر رکن ته جيئن
اتان اڏامي نه وڃن. پري کان ڪا ٻيڙي يا هوڙهو
ايندو ته هڪل ڪري چوندا ته پاسو ڏئي وڃ. اهڙيءَ
ريت اهي ويچارا سڄو ڏينهن پکيءَ تي پهرو ڏين. پوءِ
رات ٿيندي ئي باهه جا اومڙ ڏئي پکيءَ کي ونجهه طرف
اُڏائين، پکي ٽاهه کائي اُڏامندو ۽ اوندهه ۾ ڄار
سان ٽڪرائجي ان ۾ ڦاسي پوندو ۽ شڪاري وڃي
جهليندو.“
”
اهو شڪار سياري جي هن ٿڌي موسم ۾ ٿيندو آهي“،
مولوي ڳالهه کي پورو ڪري ٿو.
پوڙهي مائي ونجهه هلائي هلائي ٿڪجي پوي
ٿي. هوءَ پٽس کي سڏي ٿي جيڪو اسان وٽ ويٺو آهي. هو
اٿي ماءُ وٽ وڃي ونجهه وٺي ٿو ۽ مائي موٽي وڃي رڇ
اڻڻ جو ڪم ڪري ٿي.
ٻپهر گذري وڃن ٿا. سياري جي اُس ۾ ٿڌاڻ
آهي ۽ فرحت پئي محسوس ٿئي. مولوي ايتري ۾ اسان جي
اڳيان چادر وڇائي ٿو ۽ کاڌي جون شيون ڪڍي پليٽن ۾
رکي ٿو. اسين ماني کائڻ کان اڳ ٻيڙي وارن کي صلاح
ڪريون ٿا، پر
اهي پنهنجي ڪم ۾ لڳا پيا آهن. اسين ماني کائي گرم
گرم چانهه پيون ٿا.
اسان جي ٻيڙي منڇر جي سانتيڪي سطح تي هلڪو
هلڪو لڏندي لمندي اڳتي وڌندي پئي وڃي. پاڻيءَ جي
سطح تي پن ۽ ڏير (گاهه جو هڪ قسم) پکڙيل آهي. وچ
وچ تي پوڻيءَ جا وڏا ۽ اڇا کير جهڙا گل منڇر جي
نيري پاڻيءَ تي اهڙيءَ طرح ٽڙيا بيٺا آهن، جيئن
رات جي وقت آسمان تي تارن جي جهرمٽ ۾ چنڊ کڙي
بيهندو آهي. اهو نظارو ڏسي آئون ع.ق. شيخ ڏانهن
ڏسان ٿو، جيڪو سگريٽ هٿ ۾ جهليو، اکيون پوريو ڪنهن
ڳالهه تي ويچار پيو ڪري.
”شيخ صاحب، ٿورو هن پاسي به ڏسو“، آئون
چوان ٿو.
ع.ق. شيخ اکيون کولي پاڻيءَ جي سطح تي
ٽڙيل گلن ڏانهن ڏسي ٿو ۽ ڪيتري دير تائين ڏسندو
رهي ٿو.
”قدرت جي نظارن ۾ عجيب حُسن لڪل هوندو
آهي.“ ع.ق. شيخ لفظ لفظ جدا ڪري آهستي چوي ٿو“.
”ان حُسن کي جهٽڻ جي ڪوشش ۾ ماڻهن ڪهڙا نه جتن ڪيا
آهن! شاعري، موسيقي، مصوري، بت سازي، عمارت سازي،
ٿانوَ ٺاهڻ، مطلب ته سڀني لطيف ۽ اعليٰ فنن جي
ذريعي انسان حسن کي جهٽي پيش ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري
آهي. جهنگل، وارياسا ۽ سر سبز ميدان ۽ پهاڙ،
درياهه، نديون نالا، جهرڻا ۽ سمنڊ، فطرت جي انهن
مظاهرن ۾ حسن جي دلڪش موسيقي هوندي آهي، جيڪا هر
وقت انسان جي اندر ۾ هڪ عجيب تڙپ پئي پيدا ڪندي
آهي. انسان پهرين انهن فطري مظاهري جو نقل ڪيو ۽
پوءِ پنهنجي عقل جي استعمال سان ان حسن ۾ اضافو
ڪيو ۽اهڙا اهڙا شاهڪار تخليق ڪيا، جيڪي دل ۽ دماغ
تي جادوءَ جهڙو اثر ڪن ٿا. پر اڃا انسان جي خواهش
۽ طلب جي تڪميل نه ٿي آهي. هو هر وقت بهتر کان
بهتر جي جستجو ۾ آهي، ان هوندي به هن جي اها طلب
ڪڏهن به پوري نه ٿيندي، ڇا لاءِ ته حسن يا سونهن
جو ته ڪو انت ئي نه آهي“.
”پر حسن جو وڏي ۾ وڏو شاهڪار ته پاڻ انسان
آهي“، جويو صاحب چوي ٿو. ”مرد ۽ عورت- نفيس ۽ نازڪ
حسن جو بيمثال نمونو.
”خاص ڪري عورت. ڪائنات جي سموري سونهن جو
سرچشمو عورت ئي آهي.“ ع.ق. شيخ منڇر جي مٿاڇري تي
ڏسندي چوي ٿو.
ع.ق. شيخ ماٺ ٿي وڃي ٿو ۽ آئون وري ان طرف
ڏسان ٿو، جتي هاڻي وهي چڙهيل مائي ونجهه پئي
هلائي.
ٻئي هٿ ونجهه ۾ ۽ ان تي ڪلهي جو زور. ٻيڙي
ڌڪبي اڳتي پئي وڃي.
مولوي کاڌي جا ٿانو منڇر جي پاڻيءَ سان
ڌوئي صاف ڪري ٿيلهي ۾ رکي ٿو. ۽ بوڇڻ سان هٿ منهن
اگهي اسان جي ويجهو ٿي ويهي ٿو.
”سويل جيڪا ڀن وجهڻ واري ڳالهه پئي هلي“.
”ڀن وجهڻ وري ڇا آهي؟“ مون مولويءَ جي
ڳالهه اڌ ۾ ڪاٽيندي پڇيو.
”ڀن وجهڻ معنيٰ ڌاڙا هڻڻ، مڇين مارڻ لاءِ،
”مولويءَ وراڻيو. ”سو ان جي باري ۾ مون کي هڪڙي
ڳالهه ٿي ياد اچي، جيڪا اوهان کي ٻڌايان ٿو.“
”واهه، واهه ضرور ٻڌاءِ“، ع.ق. شيخ چوي ٿو
۽ اسين سڀني مولويءَ ڏانهن ڏسون ٿا، جيڪو پنهنجي
سونهاريءَ تي هٿ پيو ڦيرائي.
”هڪڙي ڀيري بخت ۽ عقل جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي
پيو“. مولوي ڳالهه شروع ڪري ٿو... ”بخت چوي ته
آئون وڏو ۽ عقل چوي ته آئون وڏو. انهيءَ تي عقل
بخت کي سمجهايو ته جيڪڏهن آئون تنهنجو سهارو هوندس
ته پوءِ بيشڪ تون وڏو هوندين، نه ته نه. پر بخت
اها ڳالهه نه مڃي. انهيءَ تي عقل چيس ته ڀلا تون
پنهجي ڳالهه ثابت ڪر. اهو ٻڌي بخت منڇر جي هڪ مير
بحر کي وٺي بادشاهه وٽ ويو ۽ هن کي ترقي ڏياريندو
بادشاهه جي ايترو ته ويجهو وٺي ويو جو بادشاهه خوش
ٿي هن کي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏنو. شاديءَ کان پوءِ
رات جو جڏهن گهوٽ ڪنوار اڪيلا ٿيا، تڏهن ڪنوار
گهوٽ کان پڇيو ته ’پيرن ۾ پير ڀلو ڪنهن جو؟‘ گهوٽ
وراڻيو ته ’پيرن ۾ پير ڀلو ڪنگ جو‘ (ڪنگ منڇر جو
هڪ پکي آهي، مولو اسان کي ٻڌائي ٿو). ڪنوار وري
پڇيو ته ’ڀُلا گلن ۾ گل ڀلو ڪنهن جو؟‘ گهوٽ جواب
ڏنو ته ’گلن ۾ گل ڀلو پٻڻ جو، ڪنوار وري پڇيو ته
’ڀلا سُرن ۾ سر ڀلو ڪنهن جو؟‘ ته گهوٽ وراڻيو ته
’سُرن ۾ سر ڀلو ڏاڙ جو‘ (اهي ٽئي شيون منڇر جون
آهن. مولوي اسان کي سمجهائي ٿو) صبح ٿيو ته شهزادي
پيءَ کي دانهن ڏني ته تون مون کي ڪنهن سان پرڻايو
آهي؟ بادشاهه چيس ته مون توکي خانداني مڙس ڏنو
آهي. شهزاديءَ چيو ته نه تو مون کي منڇر جو ميربحر
مڙس ڏنو آهي. پوءِ هن بادشاهه کي رات واري ڳالهه
ٻڌائي. اتي بخت ڏاڍو شڪستو ٿيو ته هاڻي هار ٿي
ملي، پر عقل ان جي مدد ڪئي. پوءِ بادشاهه سلامت!
آئون هڪ عزت وارو ماڻهو آهيان. بادشاهه چيس ته
پوءِ رات تو شهزاديءَ کي ڇا ٻڌايو آهي؟ اهو مون کي
به ٻڌاءِ ته ’پيرن ۾ پير ڀلو ڪنهن جو؟‘ هن جواب
ڏنو ته ’پير ۾ پير ڀلو پاڻيءَ جو‘ بادشاهه پڇيو ته
ڀلا ’گلن ۾ گل ڀلو ڪنهن جو؟‘ هن جواب ۾ چيو ته
’گلن ۾ گل ڀلو ڪپهه جو‘. بادشاهه آخري سوال پڇيو
ته ’سُرن ۾ سُر ڀلو ڪنهن جو؟‘ هن وراڻيو ته ’سُرن
۾ سُر ڀلو نارَ جو‘، اهي جواب ٻڌي بادشاهه هن کي
چيو ته رات تو شهزاديءَ کي ٻيا جواب ڏنا هئا. هن
ادب سان وراڻيو ته بادشاهه سلامت! عورتن سان اُهي
ڳالهيون ٿينديون آهن ۽ مردن سان اِهي ڳالهيون“.
”واهه مولوي صاحب واهه! ڳالهه واه جي
ٻڌائي اٿئي“، جويو صاحب خوش ٿي مولويءَ جي تعريف
ڪري ٿو. وري اسان ڏانهن ڏسي چوي ٿو ته، ”ان ٽوٽڪي
مان زرعي معيشت جي اهميت ٻڌري ٿئي ٿي. پاڻي، ڪپهه
۽ نار اهي ٽئي زرعي معيشت جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ
ضروري آهن“،
”سنڌ جي لوڪ_ ويچار ۾ وڏي دانائي لڪل
آهي“. آئون چوان ٿو.
”اهو لوڪ_ ويچار ئي ته ادب جو بڻ بنياد
آهي“، ع.ق. شيخ راءِ ڏي ٿو.
”اصل ۾ هيءُ علائقو تمام جهونو آهي. هتي
پٿر جي دور جا آثار ملن ٿا. جبل جي ڪنڌيءَ تي غارن
۾ پٿر جا ٺهيل اوائلي گهر مون پاڻ ڏٺا آهن“، تاج
صحرائي هالار جبل ڏانهن هٿ سان اشارو ڪندي ٻڌائي
ٿو. ”هت جيڪي پٿرائجي ويل شيون معني فاسلز (Fossils)
مليا آهن، اهي شاهدي ڏين ٿا ته ڪيئي زمانا اڳ هيءُ
علائقو سمنڊ جي هيٺ هوندو هو. پوءِ سمنڊ پٺتي
هٽندو ويو ۽ اهي جبل ميدان ظاهر ٿيڻ لڳا.“ صحرائي
ٿورو سوچيندي وري چوي ٿو، ”هنن پٽن ۽ پاڻين تي
رهندڙ ماڻهن جو ورثو به ايترو ئي قديم آهي، جيتري
هيءَ ڍنڍ قديم آهي، جيترا هيءُ جبل جهونا آهن“.
ٽپهري ٿي وئي آهي. سياري جي سج لهڻ شروع
ڪيو آهي. پاڻيءَ جي مٿاڇري تي ٻيڙيءَ جو پاڇولو
لڏندو لمندو پيو اچي. آئون ٻيڙيءَ جي ڪنڌيءَ تي
ٻانهن رکي آهلي پوان ٿو. اکين ۾ ننڊ ڀرجي اچي ٿي.
اوچتو اک کلي ٿي. سج گهڻو لڙي ويو آهي.
هينئر ونجهه مرد پيو هلائي. پوڙهي مائي رڇ اُڻڻ ۾
لڳي پئي آهي. جوان عورت پاٽ ۾ چانور پئي چونڊي.
”هاڻي ڄاڻ ته شاهه حسڻ پهتاسين“، تاج
صحرائي چوي ٿو. ”اتي منڇر جي ڪپ تي ريسٽ هائوس
آهي. اهو ريسٽ هائوس انگريزي حڪومت جي وقت ۾ ٺهيو
هو. ان زماني ۾ گورا عملدار ايندا هئا. پاڪستان
ٺهڻ کان پوءِ ٻڌو اٿم ته ڪو صاحب بهادر هن پاسي
لڙيوئي ڪونهي“.
”اهڙا ڪيترائي ريسٽ هائوس آهن جيڪي
انگريزن جي زماني ۾ ٺهيا هئا. پر هاڻي انهن جي
ضرورت نه رهي آهي“، جويو صاحب چوي ٿو. ”ڇاڪاڻ ته
اهي هاڻي مدي خارج ٿي ويا آهن. انهن ۾ نئين زماني
جون آسائشون ڪٿي آهن.“
آئون ٻيڙيءَ جي ٻني تان جهڪي منڇر جي
پاڻيءَ مان ٻُڪ ڀري منهن ڌئان ٿو. پاڻي نه ٿڌو آهي
نه گرم يا شايد مون کي اهوئي محسوس ٿئي ٿو.
”سائين، اوهان جي ڳالهه صحيح آهي“، آئون
جويو صاحب کي چوان ٿو. ”ڪي سال اڳ آئون ڪن دوستن
سان گڏ منصوره جي کنڊرن جي کوٽائيءَ جي افتتاح جي
ڪوريج لاءِ اتي ويو هوس. رات جو اسين شهدادپور
تعلقي جي هڪ اهڙي ريسٽ هائوس ۾ رهيا هئاسين، جيڪو
نه رڳو وچ جهنگ ۾ ٺهيل هو. پر ان جي ٻه ماڙ اڏاوت
۽ ان جي بيهڪ مان اهو هڪ ڀوت خانو ٿي لڳو. خبر نه
آهي ته انگريز حاڪم اهڙن ويرانن ۾ آرام ڪرڻ ڇو
ويندا هئا“.
”شاهه حسڻ جو ريسٽ هائوس ويراني ۾ نه پر
وسنديءَ ۾ ۽ منڇر جي ڪپ تي ٺهيل آهي. “تاج صحرائي
ٻڌائي ٿو. ”ڏاڍو رومانوي ماحول آهي“.
”واهه، واهه... ان رومانوي ماحو ۾ رات جو
تارن جي روشنيءَ ۾ منڇر جو نظارو واهه جو لطف
ڏيندو“، ع.ق. شيخ خوش ٿي چوي ٿو.
”سائين ! هيڏانهن ته ڏسو“، مولوي اسان کي
چوي ٿو.“ پريان جيڪا جاءِ ڏسو ٿا اهو ريسٽ هائوس
آهي“.
اسين سڀ ان پاسي ڏسون ٿا. نوجوان مرد
ونجهه تي آخري زور ڏئي ٻيڙيءَ کي ڪناري ڏانهن ڌڪي
ٿو ۽ ونجهه اڀو ڪري بيهي رهي ٿو. ٻيڙي ڌڪبي اڳتي
وڃي ٿي ۽ پوءِ اها آهستي آهستي هلندي وڃي ڪناري
سان لڳي ٿي.
شام ٿي وئي آهي، سج اسان جي سامهون هالار
جبل جي قطار جي پٺيان ٽٻي هڻي لهي وڃي ٿو. ان هنڌ
آسمان تي شفق جي لالاڻ پکڙجي وڃي ٿي. جهرڪين ۽
سرڻين جا ولر آسمان ۾ اُڏامندي ڏسجن ٿا. ڪناري کان
پريان شاهه حسڻ جو ڳوٺ نظر اچي ٿو. ڪچيون جايون،
لانڍيون ۽ جهوپڙيون. رڳو ريسٽ هائوس جي عمارت پڪي
آهي. پتڻ تي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ۽ ٻار ڏسجن ٿا. ماڻهو
هٿن ۾ مڇيون لڙڪائيندا پنهنجي گهر پيا وڃن.
شاهه حسڻ پهچي محسوس ٿئي ٿو ته اسين تاريخ
۾ ڪيئي صديون پٺتي سفر ڪري هڪ اونداهي دور ۾ پهتا
آهيون. رات جي وقت هن ڳوٺ تي اوندهه جي چادر پکڙجي
وئي آهي. ڪٿي ڪٿي ڀڳل ٽٽل دڪانن ۾ ٺڪر جي ڏيئن ۾
پيل ڪڙي تيل تي وٽ پئي ٻري، جنهن جي هئڊي روشنيءَ
۾ اتي ويٺل ماڻهو ڪنهن ڀوائتي پاڇولي وانگر ٿا
لڳن. ڪٿي ڪٿي سيءَ کان بچڻ لاءِ ٻٽي ماڻهو ڪاٺين
جو مچ ٻاريو ان جي چؤڌاري ويٺا ٻيڙيُون ڇڪين ۽
ڪچهري ڪن. پري کان رکي رکي ڪنهن ڪتي جي ڀؤنڪ جو
آواز ٻڌجي ٿو. وري هر پاسي سانت ٿي وڃي ٿي. ننڍيون
۽ سوڙهيون گهٽيون، ڪچا ۽ ڪن ڪچري سان ڀريل پيچرا،
ڪچ سرا ۽ مٽيءَ جا ٺهيل گهرڙا، گندي پاڻيءَ جا دٻا
۽ ڌڌڙ.
ريسٽ هائوس ۾ ماني کائڻ کان پوءِ منهنجا
ساٿي کٽن تي چڙهي سوڙين ۾ ويڙهجي ڪچهري ڪن ٿا.
آئون سگريٽ دکائي ٻاهر اچان ٿو.
ٻاهر گهگهه اونداهي آهي. آئون ريسٽ هائوس
جي پؤڙين تي ويهان ٿو. سامهون منڇر ڍنڍ پري پري
تائين پکڙي پئي آهي. ان جي سانتيڪي سطح تي ٻه ٽي
ٻيڙيون بيٺيون آهن جن ۾ ٺڪر جا ڏيئا پيا ٽمڪن.
اوندهه ۾ آسمان جا تارا وڌيڪ پيا چمڪن ۽ چلڪن. لڳي
ٿو ته تارا هيٺ لهي آيا آهن يا وري زمين آسمان
ڏانهن مٿي ڇڪجي وئي آهي. منڇر جي مٿاڇري تي رکي
رکي تارن جو عڪس لڏي ٿو. سامهون حد نظر تائين پاڻي
۽ آسمان پاڻ ۾ ملي ويا آهن. آسمان تي هڪڙو تارو
کڙي ٿو ۽ منڇر جي پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي غائب ٿي وڃي
ٿو. اوچتو مون کي سيءُ ٿو محسوس ٿئي ۽ آئون اُتان
اٿي ڪمري ۾ وڃان ٿو، سڀئي ساٿي ستا پيا آهن آهن.
آئون به هنڌ ۾ ويڙهجي ليٽي پوان ٿو، اکيون پورجي
وڃن ٿيون... اچتو اک کلي ٿي، ۽ گرم گرم چانهه جي
چسڪين مان ڏاڍي فرحت پئي محسوس ٿئي.
آئون دري کولي ٻاهر ڏسان ٿو. سامهون منڇر
پکڙي پئي آهي ۽ آسمان ۾اوڀر طرف اُجالو پکڙبو وڃي.
اسين سڀئي ضروري ڪمن کان واند ٿي نيرن ڪري، پل
اوور ۽ ڪوٽ پائي ٻاهر نڪرون ٿا. ٻاهر اتر جي ٿڌي
هوا هالار جبل وٽان لهندي اسان کي وڪوڙيندي پئي
وڃي. اسين منڇر ڍنڍ جي اتر_ اولهه پاسي هالار جبل
ڏانهن وڃون ٿا. سج اڃا ڪني نه ڪڍي آهي. آسمان ۾
پرهه ڦٽيءَ جو اُجالو آهي. ان ٿڌي اُجالي ۾ اسين
هلندا وڃون ٿا. پٿريلو ميدان، جيڪو هوريان هرويان
جبل جي ويجهو ٿيندو وڃي. رستي تي پٿر پيا آهن،
پٿريون پکڙيون پيون آهن.
اوچتو سامهون جبل جي هڪ لڪ مان هڪڙو شخص
ظاهر ٿئي ٿو. هن جي پٺيان هڪ اُٺ پيو اچي جنهن جي
مهار هن جي ٻانهن ۾ ويڙهيل آهي. اسين هڪ ٻئي جي
ويجهو پوندا پيا وڃو. هاڻي اسان سڀني جو ڌيان ان
شخص ۾ آهي. هن جا پير اگهاڙا آهن، سوٽي ڪپڙي جي
گوڏ ٻڌل اٿس، جيڪا گوڏن کان ٿوري هيٺ تائين آهي.
ململ جو ميرو چولو پاتل اٿس، جيڪو هتان هُتان ڦاٽو
پيو آهي. مٿو ۽ ڪن هڪڙي ميري پوتڙي سان ويڙهيل
اٿس. اسين هڪ ٻئي جي ويجهو پهچي بيهي رهون ٿا.
مسڪيني ۽ بيوسيءَ جو ههڙو نمونو ڏسڻ کان پوءِ اسان
جي زبان مان ڪو لفظ به نه ٿو نڪري. اهو شخص
پنجويهن ورهين کن جي ڄمار جو ڏسجي ٿو. هو سنهڙو ۽
سڪل آهي ۽ اکين ۾ ننڊ ڀري پئي اٿس.
”ابا، ڪر خبر، ڪير جوان مڙس آهين ۽ ڪٿان
پيو اچين؟“ نيٺ تاج صحرائي هن کان پڇي ٿو.
”سائين، ڪاٺر آهيان“، اهو شخص ٻڌائي ٿو.
هن جو آواز به ٿڪل ٿو لڳي. ”جبل جي پٺيان ڳوٺ اٿم،
اتان پيو اچان.“
هن جي پٺيان اُٺ جي ٻنهي پاسن تي ڪاٺين
جون ڀريون ٻڌل آهن. اٺ به آرام سان بيهي رهيو آهي.
ڀائو، ڪهڙي وقت ڳوٺان هليا آهيو؟ آئون هن
کان پڇان ٿو ”سائين ڪالهه رات اتان هليو آهيان“ هو
آرام سان جواب ڏي ٿو.
”سڄي رات پنڌ ڪيو اٿئي؟“ آئون حيران ٿيندي
وري هن کان پڇان ٿو.
”هائو. هاڻي شاهه حسڻ ويندس. ڪاٺيون
وڪڻڻ“، هو اٺ تي لڏيل ڪاٺين جي ڀرين ڏانهن ڏسندي
اسان کي چوي ٿو.
”پوءِ وري پنهنجي ڳوٺ ويندين؟“ جويو صاحب
هن کان پڇي ٿو.
”هائو سائين، وري ڳوٺ ويندس. وري ڪاٺيون
ڪري هيڏانهن ايندس“، هو ٿڪل آواز ۾ ٻڌائي ٿو. چڱو
سائين الهه واهي“.
اهو چئي هو اُٺ جي مهار ڇڪيندو شاهه حسڻ
ڏانهن وڃي ٿو. اسين سڀئي ماٺ آهيون. اسان کي چوڻ
لاءِ ڪي به لفظ نه ٿا سجهن. اسين هڪ ٻئي کان نظرون
لڪائيندا ماٺ ڪيو پيا هلون. هر ڪو پنهنجي منهن پيو
سوچي. آئون ان ڪيفيت مان پاڻ ڇڏائڻ خاطر هيٺ جابلو
پٽ ۾ نهار ڪريان ٿو. ڪيترائي پٿر ۽ پٿريون نظر اچن
ٿيون. طرح طرح جون. آئون اهي پٿر ۽ پٿريون
چونڊيندو کيسي ۾ وجهندو ٿو وڃا. اهي پٿر ۽ پٿريون
فاسلز آهن. پٿر ٿي ويل شيون، لکين سال پراڻيون
شيون، سپيون، ڪڻڪ جي داڻن جا مڇا. تهه ۽ توتڙ جا
مڇا. آئون اهي فاسلز، سنڌو ماٿر جي قدامت جا اهڃاڻ
ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه سان ڏسان ٿو ۽ پنهنجي ساٿين کي
ڏيکاريان ٿو ۽ پوءِ اهي حيدرآباد کڻي اچان ٿو.
هالار جبل جي ڪنڌيءَ پاسي تان مليل اهي
پٿر ۽ پٿريون ڪيتري ڪيتري وقت تائين مون وٽ محفوظ
رکيون آهن. پوءِ هڪڙي ڏينهن خيال اچي ٿو ته انهن
مان، ڪن ننڍڙين پٿرين مان ڪف لنڪس ٺهرايان. آئون
ڪي ننڍڙيون پٿريون هڪڙي وينجهار وٽ کڻي وڃان ٿو.
وينجهار انهن کي غور سان ڏسي ٿو ۽ وري سوال واري
نظر مون ڏانهن کڻي ٿو. آئون هن کي چوان ٿو: ”انهن
مان ڪَف لنڪس ٺاهي ڏي“. وينجهار مرڪي پٿريون مون
کي موٽائيندي چوي ٿو، ”هنن کي جيڪڏهن گهڙيندس ته
اهي ڀڄي ڀري پونديون“.
آئون دل ئي دل ۾ شاهه لطيف جي اها مصرعه
جهونگاريندو گهر موٽي اچان ٿو:
’وياسي وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي‘
پوءِ ٿئي ائين ٿو ته اهي فاسلز، اهي
پٿرايل شيون مون وٽان غائب ٿي وڃن ٿيون. ڪيڏانهن
ويون ڪابه خبر نه ٿي پوي. هاڻي مون وٽ رڳو هڪڙي
ياد آهي، جيڪا رکي رکي ڪنهن وقت مون کي اچي ٿي ۽
اهي پٿر ۽ پٿريون اکين اڳيان تريو اچن.
شيون ڪيئن ٿيون اوچتو هٿ اچن ۽ ڪيئن ٿيون
اوچتو ئي اوچتو غائب ٿي وڃن! اهو هڪ اهڙو معمو
آهي، جهڙي زندگي! هر جيو جڻو، هر ساهوارو وجود ۾
اچي ٿو ۽ اوچتو ئي اوچتو عدم وجود ۾ الوپ ٿيو وڃي.
شين.. جو به شايد اهوئي مقدر هوندو آهي.
آئون ’دي روڊ ٽو مڪه‘ جو پهريون باب پڙهڻ
شروع ڪريان ٿو. عنوان ان باب جو آهي، ’هڪ آکاڻيءَ
جي آکاڻي‘
ان باب جي شروعات هيٺيَن لفظن سان ٿئي ٿي.
”هن ڪتاب ۾ آئون اوهان کي جيڪا آکاڻي
ٻڌائڻ وارو آهيان....“ |