ادا مراد علي مرزا
قاضي خادم
مراد علي مرزا جو شمار سنڌ جي جديد ادب ۾ هڪ نهايت
متوازن، محتاط ۽ همعصر بين الاقوامي ادب جو چڱي
طرح اڀياس ڪندڙ اديبن ۾ ٿئي ٿو، جڏهن ته سندس
ڪهاڻين جو تعداد هم عمر اديبن ۾ تمام گهٽ آهي.
ناول به هڪ ئي لکيو اٿس، اهو به سنڌ جي سڃاڻپ يعني
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي حياتي تي. جيڪو پنهنجي
پرَ ۾ هڪ وڏو علمي ڪارنامو آهي، جنهن کي پڙهندي
اسان ڪلهوڙن جي دور جي سنڌ کي جيئرو جاڳندو ڏسي
سگهون ٿا. منهنجي خيال ۾ ته ان ناول جي ٻولي ۽
تخيل وسيلي اهڙا چٽ چٽيل آهن. جيڪي ان کي ناول
بڻائين ٿا، ورنه اهو تاريخ جو ادبي اظهار چئجي ته
غلط ڪونه ٿيندو.
مراد علي مرزا جي وڏي ادبي خدمت هن جا ترجما ڪيل
ڪتاب آهن جن ۾ ناول تاريخ ۽ سوانح جا بين
الاقوامي معيار جا ڪتاب اچي وڃن ٿا، شهيد بي نظير
ڀٽو جي آتم ڪٿا ”پورب ڄائيءَ“ جو نهايت دلفريب
ترجمو به هن جي ئي قلم جو ڪمال آهي نه صرف اهو پر
ڪيترا اهڙا ڪتاب به آهن جن کي جيڪڏهن هو سنڌي ۾
ترجمو نه ڪري ها ته شايد ئي ڪو انهن جي نالي کان
به واقف هجي ها. بيشڪ اهي لکڻيون مراد علي مرزا جو
نالو صدين تائين زنده رکنديون، ليڪن هو هڪ ليکڪ
کان سواءِ به ڪجهه هو.
مراد علي مرزا، ٽنڊي آغا جي خيرپوري مرزائن منجهان
هئو. سندس ڏاڏو ميرزا ٻڍل بيگ (مراد علي) هڪ اعلى
پائي جو اديب ۽ مرثيه نويس هئو ۽ مراد علي مرزا تي
خانداني طرح سندس ڏاڏي جو نالو رکيو ويو هو. ليڪن
گهر وارن لاءِ هو ادا الهبچايو هو. جنهن جي خاص
ڪري خوبي اها هئي جو هو گهر جي اندر به قائدي
قانون سان هلندو هو. مجال آهي جو ڪو بجلي جو بلب
بنان ضرورت جي ٻرندو هجي يا پاڻي جو نلڪو کليل
رهجي ويو هجي. صفائي سٿرائي، وقت جي پابندي ۽
ميرزائن جي طور طريقن جي پوئواري ۾ هو ڪنهن کان
پٺتي نه هوندو هو. خاص ڪري محرم جي مهيني جو
احترام، وڏن سان عزت وارو ورتاءَ ته ننڍن سان حد
درجي جي شفقت. جنهن مان، اسان به ڪجهه سکيو. بلڪ
مون ته هميشه اهو ڏٺو ته مرزائن جا ننڍاتوڙي وڏا
هن جو هڪ خاص طرح سان احترام ڪندا هئا. ايتري قدر
جو سندس مامو ۽ منهنجي ماسڙ مرزا گل حسن اَحسن
ڪربلائيءَ جهڙو سنجيده ۽ باوقار شخص به هن کي تمام
پيار ۽ عزت سان سڏيندو هو ۽ سندس ڳالهين کي مانُ
ڏيندو هو.
مراد علي مرزا جي ريڊيو واري نوڪري جي دور کي ڇڏي،
جڏهن مان انهن ڏينهن ۾ لِيئا ٿو پايان، جڏهن آئون
ننڍپڻ ۽ نو جوانيءَ وارن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ هوندي
گهڻو وقت پنهنجي ماساتن ادا توسل (ممتاز مرزا) ظفر
۽ نجمي سان گڏ ٽنڊي آغا ۾ گذاريندو هوس ته ڏاڍا
عجيب ۽ دلپذير منظر ٿا نظر اچن. انهن ۾ مرزائن
واري امام بارگاهه جي اڱڻ ۾ ٿلهي تي ويهي راتين
مان ڏينهن ڪرڻ، جمن شاهه جي درگاه آڏو راتين جو
قبرن تي ڪچهريون ڪرڻ، ادا حامد علي، ادا عباس علي،
ادا صادق علي ۽ لالا شَملي توڙي ادا نظر ۽ ادا
عنايت عليءَ سان ڪچهريون ۽ محرم جون مجلسون، انهن
۾ ادا تجمل جي شبيهه به ذهن تي اچي ٿي. جيڪو قدبت
۽ نڪ نقشي ۾ پنهنجي پڦاٽ مرزا مراد علي جهڙو هئو،
ليڪن رنگ ڪڻڪائون هوندو هوس. جڏهن ته مراد علي
مرزا جو رنگ صاف هو. مون هنن کي هميشه گڏو گڏ ڏٺو
هو، ان وقت تائين جيستائين ادا تجمل جو دکدائڪ موت
نه ٿيو.
ادا تجمل چاچا گل حسن جي پهرين گهرواري جيڪا مهر
علي مرزا جي ڀيڻ ۽ مراد علي مرزا جي پڦي هئي، تنهن
جي وفات کان پوءِ منهنجي ماسي سان شادي ڪئي هئي.
سندس پهرين گهرواريءَ مان کيس هڪ ڌيءَ ۽ هڪ پُٽ
ادا تجمل هو. سندس ڌيءَ روهڙي جي سيد خاندان ۾
پرڻيل هئي ۽ هُن جو اچڻ وڃڻ پيو ٿيندو هو. هوءَ
مون کي پنهنجن ڀائرن جيان پيار ڪندي هئي ۽ پنهنجي
ٻي ماءُ کي به خوشي سان قبول ڪري ورتو هئائين.
مونکي ادا تجمل جي وفات وارو اهو ڏينهن ياد آهي
جڏهن هو به روهڙي مان تڏي تي آيل هئي ۽ باربار
پئي چيائين، خبر ناهي ڇو، ڪيترن ڏينهن کان مونکي
گهر ۾ مزوئي ڪونه ٿي آيو، هرهر دل چوي ته خدا خير
ڪري، گهر واري کي به پئي چيم ته حيدرآباد جي خبر
چار وٺ ۽ نيٺ هي قهر ٿي ويو. ائين چئي، هن نه صرف
پاڻ پئي اوڇنگارون ڏنيون پر تڏي تي ويٺل ٻين سڀني
کي به اوڇنگارون ڏيڻ تي مجبور پئي ڪيائين.
انهن ڏينهن ۾ مون مراد علي مرزا کي خاموش ۽ گم سم
ٿئي ڏٺو. هن جو آواز ڄڻ ته غائب ٿي ويو هو. پوءِ
وقت وڌڻ سان اها خبر پئي ته هو ادا تجمل کي تمام
عزيز رکندو هو ۽ مرزائن جي خاص خوبي يعني لکڻ پڙهڻ
جو شوق مرحوم ادا تجمل کي به هوندو هو . ۽ هو ساڻس
گڏجي مولانا گرامي جي گاڏي کاتي واري گهر ۾ ٿيندڙ
ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ مراد علي سان گڏ ويندو هو.
جتي هو ع. ق. شيخ ۽ محمد ابراهيم جوئي سميت
لالٽين جي روشني ۾ ادبي جوت جلائيندا هئا.
تجمل جي زندگي جا ڪئي دلچسپ ۽ دکدائڪ واقعا هن جي
ڊائري مان هٿ لڳا، جيڪا هو باقاعدگي سان لکندو
رهندو هو، سندن وفات کان پوءِ اها مراد علي جي هٿ
لڳي، ليڪن بعد ۾ ان جو ذڪر غائب ٿي ويو.
مون جڏهن ادبي زندگي ۾ پير رکيو (1963) ته مون کي
مراد علي مرزا ۽ ع.ق شيخ هميشه گڏوگڏ نظر آيا. ٻئي
قداور، سنجيده گهٽ ڳالهائيندڙ. خبر ناهي ماٺ ماٺ ۾
ڪهڙيون ڪچهريون ڪندا هوندا؟ اهو آئون سوچيندو پيو
هوس. ان دوران ئي سچل آرٽس ڪاليج ۾ مرزا ضمير
منهنجو هم ڪلاس بڻيو، جيڪو مراد علي جو ننڍو ڀاءُ
هو ۽ منهنجي وڏي ماسات سان شادي ٿيل هوس، تنهن ڪري
مائٽيءَ ۾ اچي ويو هو. حالانڪه ضمير کي ته آئون
هونئن به ٺيڪ ٺاڪ سڃاڻيندو هوس، جو هو تمام اڳ
1954ع ۾ ممتاز سان گڏ ميرپورخاص ۾ به اسان وٽ
ايندو هو. جڏهن ته ممتاز ڪيترن ماڳن تي سان وٽ
ايندو رهيو ۽ امان به هن کي وڏي ڀاڻيجي هجڻ جي
ناطي پٽن جهڙو ئي پيار ڏيندي هئي. بلڪ بابا کي به
هو سنجيده ۽ بردبار طبعيت جي ڪري گهڻو وڻندو هو.
تنهن کان سواءِ چاچا گل حسن جڏهن اسان وٽ ايندو هو
ته ممتاز هن سان گڏ هوندو هو ، هي ٻئي پيءُ پٽ
ايترا ته گڏ هوندا هئا جو جڏهن چاچا گل حسن نوآباد
۾ چاچا محمد تقي جي ڦٽين جي ڪارخاني تي ڪم سان لڳو
ته ممتاز کي به گڏ وٺي ويو هو. ممتاز کي سڏيندا ئي
هئا ”چاچا گل حسن جو بريف ڪيس“. بهرحال ممتاز جڏهن
کان توسل مان ممتاز بڻيو ته هن جي دوستي شيخ
اسماعيل وارن سان ٿي ۽ ضمير سيڪنڊري بورڊ آف
ايجوڪيشن ۾ نوڪريءَ سان وڃي لڳو ۽ شام جو سچل
ڪاليج ۾ پڙهائي به جاري رکيائين. جتي هن جي مون
سان دوستي وڌي وئي ۽ گهڻو ڪري رات جو جڏهن ڪاليج
مان واپس ايندا هئا سين ته هو گرونگر تائين سائيڪل
کنيو مون سان گڏ ايندو هو. جتان آئون الهداد چنڊ
جي ڳوٺ ڏانهن مڙندو هوس ته هو سائيڪل تي چڙهي
ٽنڊي آغا ڏانهن راهي ٿيندو هو. ان سڄي وقت دوران
اسان خيالي پلاءَ پچائيندا هئاسين ته ڪو ادبي
رسالو ڪڍجي ۽ ضمير هميشه چوندو هو. ها يار! ادا
مراد علي ۽ ع.ق.شيخ کان افسانا وٺي ان ۾ شايع
ڪنداسين. ائين ضمير ڪاليج ۾ ئي رهجي ويو ۽ مون
وڃي يونيورسٽي جا وڻ وسايا ۽ اخبار ۽ ريڊيو سان
واسطو پيدا ٿي ويو جتي مراد علي مرزا سان آهستي
آهستي ويجهڙائي ٿيندي وئي. مون محسوس ڪيو ته هو ان
جابلو ٽڪر جيان آهي جنهن کي جيترو ويجهو وڃبو آهي
اترو پري لڳندو آهي ليڪن ڪيستائين! لکڻ پڙهڻ جي
مشترڪ شوق اسان مان عمر جو فرق مٽائي ڇڏيو ۽ اسان
جون باقائدي ڪچهريون ٿيڻ لڳيون. خاص ڪري جڏهن هو
ڪوئيٽا ۽ ڪراچي جون هوائون کائي موٽيو ته پوءِ
گهڻو ڪري رات جو واپسي مهل هو ريڊيو تان ورندي مون
وٽ پريس ڪلب ايندو هو ۽ اتان پنڌ ئي پنڌ اسين
ڇوڏڪي گهٽي ۽ فقير جي پڙ کان ٿيندا چاڙهي لهي
پنهنجي پنهنجي ماڳ ڏانهن ورندا هئاسين. ان دوران
اهڙا قصا ۽ ڪئي واقعا هڪ ٻئي کي ٻڌائي ٽهڪ ڏيندا.
کلندا ۽ ڪڏهن ڳمڀيرتا جو بار کڻي گهر پهچندا
هئاسين. اهو ئي دور هو جڏهن مون محسوس ڪيو ته مراد
علي جو مطالعو تمام وسيع آهي ۽ هو صرف ڪتاب پڙهي
ڪو نه ٿو پر انهن مان سبق به حاصل ڪري ٿو. پوءِ
اسان جي درميان دلچسپ فقري بازي ۾ ٿيندي هئي. مثال
طور جڏهن ممتاز مرزا ٻي شادي ڪئي ته اها خبر مراد
علي تي وڄ جيان ڪري هئي. ان ڪري جو ممتاز جي
گهرواري، هن جي ڀيڻ هئي. ايئن هو ڏاڍو اداس ٿي ويو
هو ۽ منهنجي پڇڻ تي اصلي واقعو ٻڌايائين ان تي مون
کلي چيومانس. ”ادا، ممتاز ڏاهو آهي، اسان وانگر
بيوقوف ڪونهي. جو ويهن ٽيهن سالن کان هڪ ئي زال تي
گذارو ڪري“. هن کان اهو ٻڌي ٽِهڪ نڪري ويو ايئن
لڳو ڄڻ ڳالهه دل سان لڳي هئس.
هڪ ٻيو وقت اهڙو به آيو جو هو مون کي ڏاڍو اداس
نظر آيو. منهنجي گهڻي زور ڀرڻ تي ٻڌايائين. ته
سندس اڪيلي پٽ منظور ڪراچي ۾ پنهنجي پسند جي شادي
ڪري ڇڏي آهي. ان تي مون چيو ته يار توکي ته خوش
ٿيڻ کپي ته خرچ کان ڇٽي پئين نه ته شاديءَ جي خرچ
لاءِ پينشن گروي ۾ رکائڻي پونئي ها، اهو ٻڌي هن جي
چهري تان اداسي جا ڪڪر گهٽجندا ڏٺا هئم.
مراد علي مرزا سان ڇو ته سندس زندگي جي آخري ڏينهن
تائين واسطو رهيو، تنهن ڪري هن سان يادن جا به اڻ
کٽ داستان وابستا آهن پر منهنجي خيال ۾ مون کي هن
جو ذڪر هن جي صحتمند زندگي تائين محدود رکڻ گهرجي،
جو ان کان پوءِ جو سوچڻ مون کي تڪليف ٿو ڏي،
پنهنجن پيارن ساٿين جو ساٿ ٽٽڻ کان وڌيڪ ڏک جي
ڳالهه ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. صرف ايترو چئي سگهان ٿو ته
هن پنهنجي گهر، پنهنجي آفيس، پنهنجي دوستن، سماج ۽
ادبي مصروفيتن سان انصاف کان ڪم ورتو ۽ شايد ئي
ڪو اهڙو ماڻهو هجي جيڪو چوي ته کيس مراد علي مرزا
کان ڪا شڪايت آهي يا کيس کي هن طرفان ڪو اهنج
رسيو.
باغ يادگيرين جو
علي بابا
اڄ الاهي وقت کانپوءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد آيو
آهيان. نصير مرزا چوي ٿو، ’ريڊيو پاڪستان حيدرآباد
۾ گهاريل گهڙين کي ڪجهه ڪاڳرن تي اُٿلائي پُٿلائي
ڏي.‘ تڏهن ريڊيو پاڪستان ڪهڙو هو؟ ڪيئن لڳندو هو؟
ڏسان پيو بلڊنگ ته ساڳي آهي، اهڙي پراڻي به ڪا نه
ٿي آهي، پر اُهي ساٿي جن سان ريڊيو پاڪستان جون
رونقون هيون، هاڻ ڪِينهن، هڪڙا راهه ربانيءَ ويا
ته ٻيا رٽائر ٿي ويا. هونئن به منهنجو واسطو گهڻن
سان ڪين هو. اسڪرپٽ رائيٽر هئس، سو به ڊرامي جو،
جنهن جو واسطو گهڻو ڪري فقط پروگرام پروڊيوسر يا
وڌ ۾ وڌ آرٽسٽن سان هوندو آهي. رب پاڪ مراد علي
مرزا (ڊراما پروڊيوسر) کي اڃان به وڌيڪ صحتمند
حياتي ڏي، ريڊيو پاڪستان جو حسين ترين ڊراما
پروڊيوسر هو. باقي منهنجا آرٽسٽ ساٿي، سيد صالح
محمد شاهه، عبدالڪريم بلوچ، مشتاق احمد مغل، استاد
عبدالحق ابڙو، وڃي ڀُونءِ پيٺيا. (الله جنت ۾
جايون ڏئين). الله وڏي حياتي ڏي غلام مصطفيٰ
قريشي، منظور قريشي، ادي روبينا، مهتاب چنه (مهتاب
راشدي) کي، جيڪي اڃان تائين جوپ لڳا پيا آهن. اهو
سڀ آئون ان ڪري پيو لکان ته آرٽسٽ ۽ ليکڪ جو پاڻ ۾
گل ۽ خوشبوءَ وارو تعلق هوندو آهي، ان ئي دور ۾
مهتاب چنه منهنجي گيتن ڀري ڪهاڻي ”ڪارونجهر جي
ڪور“ تمام خوبصورت نموني پڙهي هئي. مورن ۽ ڪوئلن
جا آواز به پاڻ ڏنا هئائين.
مان اوهان کي پنهنجي هڪ تمام وڏي چوري علي بابا
واري چوريءَ جي ڳالهه ٻڌايان پيو ته سورنهن سترهن
سالن جي ڄمار کان مان دل جو مريض بڻجي چڪو هئس ۽
آپريشن جي خوف کان سول اسپتال (حيدرآباد) مان ڀڄي
ويو هئس. مون ڪنهن پَرَ به نٿي چاهيو، ته منهنجي
بيماريءَ جي خبر منهنجي ماءُ کي پوي ۽ مون
بيماريءَ کي لڪائي ڇڏيو. ائين ڪڏهن بيماري مون کي
ته ڪڏهن مان بيماري تي حاوي ٿي ويندا هئس.
انهيءَ خوفناڪ بيماريءَ ۾ مون ڇهه ست سال ريلوي جي
نوڪري ڪئي، بيماريءَ کان اڳ به آئون افسانه لکندو
هئس. جڏهن ته مون کي خبر به ڪا نه هئي ته افسانه
ڪٿي ۽ ڪيئن شايع ٿيندا آهن. خادم حسين شاهه جي
دوستيءَ ڪري، منهنجي ڪهاڻي ”پڃري جا پکي“ رسالي
’مهراڻ‘ ۾ شايع ٿي. پوءِ اهو سلسلو مهراڻ (سنڌي
ادبي بورڊ) ۾ ئي هلندو رهيو. ’سهڻي‘ ۽ ”روح رهاڻ“
به ميدان ۾ اچي ويا هئا. تڏهن اديبن ۽ ريڊيو
آرٽسٽن جو ميڙو ڪراچي هوٽل ۾ مچندو هو. ’سهڻيءَ‘ ۾
منهنجي ڪهاڻي ’مجسمو‘ شايع ٿي هئي. اصل نالو
”زندگي“ هو، جنهن کي تبديل ڪرڻ تي آئون طارق اشرف
سان ڪاوڙجي به پيو هئس.
هڪ ڏينهن، آئون ڪراچي هوٽل ۾ عبدالڪريم بلوچ سان
گڏ ويٺو هئس، ته ڪريم چيو هڪ همراهه توسان ملڻ ٿو
چاهي ۽ پوءِ هوٽل ۾ هڪ سِيٽَ تي ويٺل مراد علي
مرزا سان هن مون کي ملايو. تڏهن ’سهڻي ميگزين‘ به
نئون نئون آيو هو. جيڪو مراد علي مرزا جي هٿ ۾ هو.
جڏهن عبدالڪريم کيس منهنجو قلمي نالو ٻڌايو، ته
هُو اُٿي بيهي رهيو. چيائين، ”يار، تون واهه جو ٿو
لکين. تنهنجي ڪهاڻين ۾ هر اُها خوبي آهي جا هڪ
ريڊيو ڊراما نگار ۾ هئڻ گهرجي. ان وقت شام ٿي رهي
هئي. مون کي چيائين اُٿ ته هلون. مون سمجهيو مون
کي ريڊيو پاڪستان وٺي هلندو، جتي ريڊيو تان اڳ ئي
پنهنجي ڪهاڻي ’چنڊ ۽ ماني‘ آئون پڙهي چڪو هئس، پر
مراد مون کي سڌو ايمريڪن سينٽر وٺي ويو ۽ هڪ ڪتاب Talesman اِشو
ڪرائي چيائين، ”هي ڊراما ٽائيز ڪري ڏيو“. چيومانس
ته ”اهڙو ڪريئٽيوِ ڊرامو ته آئون به توکي لکي ڏئي
پئي سگهيس، پوءِ هي عيسائي جنگ ڇو؟“ چيائين ته
”يار تو تي وطن دشمن جو الزام آهي، پهرين ته ثابت
ڪرڻو پوندو ته تون نُنهن کان چوٽيءَ تائين مسلمان
آهين“ ۽ پوءِ ڊرامو پڙهڻ کان پوءِ چيائين ”واهه“.
جڏهن ڪا شيءِ وڻندي هيس، ته هُو ائين ئي واهه ڪندو
هو. ان وقت چاڳلا صاحب ريڊيو حيدرآباد جو ريجنل
ڊائريڪٽر هو.
پوءِ مان مراد علي مرزا لاءِ ڊراما لکڻ لڳس. هڪ ٻه
نالا وسري ويا آهن پر چوٿون يا پنجون پلي ”کيرٿر
جو قيدي“ هو، جنهن جي پراڊڪشن پاڻ نه ڪيائين. پوءِ
به اهو ڊرامو Tempoجي
لحاظ کان مضبوط ڊرامو ليکيو ويو. مراد علي منهنجو
ڊرامو ’تموچن‘ تمام سهڻي نموني پيش ڪيو ۽ ان
کانپوءِ مون کي جشنِ تمثيل لاءِ ٻيو پلي لکڻ لاءِ
چيائين: جو مون ’رڃ جا راهي‘ جي نالي سان لکيو. هن
اهو ڊرامو ’رڃ جا راهي‘ جشنِ تمثيل جي چٽاڀيٽيءَ
لاءِ ڏنو. اهو جشنِ تمثيل جو بهترين ڊرامو قرار
ڏنو ويو. ريڊيو پاڪستان لاءِ 14-15 ڊراما ۽ گيتن
ڀريون ڪهاڻيون لکڻ کان پوءِ، مون ’رني ڪوٽ جا
رکوالا‘ ڊرامو لکيو. جيڪو اسڪرپٽ سيڪشن ۾ جمع
ڪرايو ويو. هڪ ڏينهن مون کي مراد علي مرزا جو
نياپو مليو. چيائين: ”يار ڊرامي جي اسڪرپٽ ۾ وچ وچ
مان الاهي پيج کٽل آهن، مون کي ڏاڍي حيرت لڳي. ان
ڪري ته پاڻ منهنجي اڳيان پڙهي ’واهه‘ چئي پوءِ
اسڪرپٽ جمع ڪرائي هُئي. اسڪرپٽ سيڪشن سان هونئن ان
کان اڳ ۾ ليکڪ جو ڪو خاص تعلق هوندو ئي ڪو نه هئو.
سو بس پوءِ ريڊيو تي لکڻ کان منهنجي دل کڄي وئي.
منهنجي ڏاڍي خوبصورت ۽ محنت سان لکيل ان اسڪرپٽ جو
مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو، پر پوءِ مون جلد ان کي
ڪهاڻيءَ جو روپ ڏنو. ڇا آهي جو ادب جي دنيا ۾ قلم
۽ ذهن فقط هڪڙو ڀيرو ڳالهه قبول ڪندو آهي ۽ پوءِ
پِڙ ڪڍي بيهندو آهي. سو ڊرامي واري ڪهاڻي ڊرامي
جهڙي ته نه ٿي، پر بهرحال ڇپجي وئي.
ريڊيو پاڪستان جي خوبصورت ماحول، مراد علي مرزا،
عبدالڪريم بلوچ، سيد صالح محمد شاهه، مشتاق احمد
مغل (منهنجي نظر ۾ پئدا ئي ريڊيو لاءِ ڪيو ويو
هو.) ڀيڻ روبينه، مهتاب اڪبر راشدي ۽ مصطفيٰ
قريشي. انهن سڀني جي سنگت، ڀوڳ منڊل ۽ ٽهڪڙي ۾
منهنجي بيماري هوريان هوريان مون کان وسرندي وئي.
انهيءَ ۾ گهڻي قدر مون تي احسان منهنجي تخليق ڪيل
ڪردارن جو به هو. ريڊيو پاڪستان ۽ پنهنجي ساٿين،
جن ۾ امداد حسيني، الطاف عباسي، ماهتاب محبوب ۽
عبدالحق عالماڻي به شامل هئا. ڪڏهن ڪڏهن پويان
مُڙي ان زندگيءَ کي آئون ڳوليندو آهيان، تڏهن
مرحوم عبدالحق عالماڻيءَ وانگر اُها مون کي هاڻي
ڪٿي به، نظر ئي ناهي ايندي.
ڌنڌلو چنڊ آڪاش ۾
مدد علي سنڌي
مراد علي مرزا سنڌي ادب جو روشن ستارو. هڪ
پڙهيل لکيل اديب. اڄ اسان ۾ موجود ڪونهي. سندس
وفات کان 3 ٽي ڏينهن اڳ آئون حيدرآباد کيس پڇڻ
لاءِ ويو هوس. تڏهن مراد صاحب، حيدرآباد جي مليٽري
ڪمبائينڊ اسپتال جي وارڊ ۾ داخل هو. مون کي طارق
عالم ابڙي فون ڪري مراد صاحب جي بيماريءَ جي خبر
ڏني هئي. ٻئي ڏينهن آئون حيدرآباد پهتو هوس. طارق
عالم ابڙو، ۽ سيد زوار حسين نقوي، اڳ ئي منهنجي
انتطار ۾ اسپتال ويجهو بيٺل هئا. اسين پوءِ اسپتال
۾ ويا هئاسين. اهو ٽپهري جو وقت هو. اسپتال جي
اندر وڻن تي سج جي روشني پئجي رهي هئي. پريان پارڪ
۾ ڪيترا رنگين گل ۽ ٻوٽا هوا ۾ جهومي رهيا هئا. پر
اسپتال جي اندر سنڌي ٻوليءَ جو هڪ تمام وڏو اديب
زندگيءَ جا پويان ساهه کڻي رهيو هو.
وارڊ ۾ اندر داخل ٿياسين. مرزا صاحب اُتي
اڪيلو بيڊ تي ليٽل هو. ان
مهل سندس اٽينڊنٽ موجود ڪونه هو. مون کي ڏسي مرزا
صاحب ڏاڍو خوش ٿيو هو. مون
نوڙي کيس ڀاڪر پاتو هو, ڏٺم
مرزا صاحب جون اکيون پاڻي سان ڀرجي آيون هيون. آهستي
پڇو هئائين، ”ڪراچي مان سڌو پيو اچين؟“ مون ڪنڌ
ڌوڻي هاڪار ڪئي هئي. طارق عالم ابڙي ۽ سيد زوار
شاهه کي به ڏسي هن کي خوشي ٿي هئي. اسين پوءِ
ڪيترو وقت اُتي بيٺا هئاسين. ايتري ۾ مرزا صاحب جو
اٽينڊنٽ به اچي ويو هو. آئون مرزا صاحب جون ڪجهه
ڳالهيون طارق کي ٻڌائي کيس خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري
رهيو هوس. ان مهل مون طارق کي ٻڌايو هو. ”مرزا
صاحب جي هڪڙي ڪهاڻي مون کان نٿي وسري. اُها ڪهاڻي
”سونهن ۽ سوداءُ“ نئين زندگيءَ ۾ شايع ٿي هئي.
ڪهاڻي ۾ سمورو ٽيليفون ٽاڪ هو. هيرو پنهنجي محبوبا
سان فون تي ڳالهائي رهيو آهي. اها ڪهاڻي گهٽ ۾ گهٽ
35 سال پراڻي هوندي. پر ڇا ته ڪهاڻي هئي؟ مون کي
محسوس ٿيو هو. اها ڪهاڻي مرزا صاحب پنهنجي پاڻ تي
لکي آهي. پر اڄ ڏينهن تائين مرزا صاحب اسان کي
پنهنجي محبوبا جو ڏس نه ڏنو آهي.“
منهنجي ڳالهه ٻڌي، مرزا مراد علي جي مک تي
ڪنهن اڻڄاتل خوشي جي لهر ڇائنجي ويئي هئي. هن
منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي ورتو هو. سامهو دري
کليل هئي. ان مان اسپتال جي لان ۾ بيٺل وڻ، گل ۽
کليل آسمان ۽ لهندڙ ڏينهن جي اس ڏسڻ ۾ اچي رهي
هئي. اوچتو مرزا صاحب جي اٽينڊنٽ اڳتي وڌي اها
کليل دري بند ڪرڻ چاهي، جو ان مان اس جا ڪرڻا مرزا
صاحب تي پئجي رهيا هئا. پر مرزا صاحب هن کي دري
بند ڪرڻ کان جهلي ڇڏيو. مون محسوس ڪيو. مرزا صاحب،
ان کليل دريءَ مان ٻاهر آسمان، سج، وڻَ، گلَ ڏسڻ
پئي چاهيا. ايتري ۾ اسپتال جي وارڊ بواءِ اسان کي
اتان وڃڻ لاءِ چيو. مون ان مهل ڀريل من سان مرزا
صاحب کان موڪلايو هو. مون کي اها ڄاڻ نه هئي، ته
مرزا صاحب سان اسان جي اها آخري ملاقات هوندي.
ڳورن قدمن سان اسين وارڊ مان ٻاهر نڪتا هئاسين.
ٻاهر هوا تيز ٿي وئي هئي. سامهون اولهه ڏي سج تکا
تکا قدم کڻي غروب ٿيڻ جي انتظار ۾ هو. ۽ ٻاهر مراد
علي مرزا جي اباڻي شهر حيدرآباد جي رستي تي ٽريفڪ
روان ۽ دوان هئي.
منهنجي مراد علي مرزا صاحب سان پهرين ملاقات ڪڏهن
ٿي؟ ان جو تفصيل ته ياد ڪونه اٿم، پر ساڻس ملاقات
۽ دوستي ڪنهن هڪ اڌ سال نه پر اهو ساٿ سالن تائين
پکڙيل آهي. اسان جو ساڻس ڪٽنبي واسطو به هو. ڪو
وقت هو جو حيدرآباد شهر جي قديم رهواسين جي پاڻ ۾
ڏاڍي اچ وڃ محبت ۽ ميلاپ هوندو هو. بابا مرحوم جي
ويجهن دوستن ۾ ٽنڊي آغا جو آغا سيد فتح علي شاهه،
آغا سيد ڪرم علي شاهه ريٽائر ڊي ايس پي، مرزا مهر
علي(مراد صاحب جو والد) آغا سيد محمد علي شاهه،
ٽنڊي ٺوڙهي جو مرزا ناصر علي بيگ، خان بهادر مرزا
سڪندر علي بيگ، ٽنڊي جهانيان وارو سيد دادن شاهه،
ايلي ڪاٽ عرف علي گوهر، اشرف علي شاهه جي پڙ وارو
انگريز، خان صاحب محمد ابراهيم قريشي ريٽائرڊ
مختيارڪار ۽ سندس پٽ نور احمد قريشي، ٽنڊي غلام
حسين وارو سيد ولي محمد شاهه، محمد حافظ عمراڻي،
جمعو عمراڻي مختيارڪار، ضياءُ الله غلام علي، سيد
ڏنل شاهه جي پڙ گاڏي کاتي وارو سيد علي اڪبر شاهه،
غلام عباس ڪمانگر، مرزا علي محمد، حسين علي ولي
محمد آفندي ريٽائرڊ سپرنٽينڊنٽ جيل، سيد نهال
شاهه، ميرزا غلام حسين جمن شاهه جي پڙ وارو، خان
بهادر ڊاڪٽر عبدالعزيز عباسي، عبدالله چنا، ميوو
خان گاهي ۽ ٻيا شامل آهن. اهي سمورا حيدرآباد جا
اصلوڪا رهواسي هئا.
اُها حيدرآباد ڪا ٻي هئي، هن شهر جي رُت
ڪا ٻئي هئي. اُهو شهر ڪو ٻيو هو. انهيءَ شهر جي
ماڻهن جون دليون سچ، سونهن، صداقت ۽ محبت سان ڀريل
هيون. ڄڻ شهر جي ڀرسان رهندڙ سنڌو درياهه جي پاڻي
۾ وهنتل هو سندن من. هي ڪهڙو شهر هو؟ هن شهر جون
ڪهڙيون ويهي ڳالهيون لکجن. حيدرآباد شهر جي گلاب
جي گلن سان مهڪندڙ هوائن، خوبصورت راتين، روشن
صبحن، شانت شامن ۽ ٿڌي راتين جو رهواسي هو مراد
علي مرزا!!
سال 1960 جي اونهاري جي ڳالهه آهي.
اسين قيصر سئنيما حيدرآباد (ڦليلي ٿاڻي جي
ڀر ۾) جي ڇت تي ويٺا آهيون. اونهاري جي مٺي ۽ ٿڌي
هوا، ڦليلي جي مٿان ٿي اچي اسان کي لڳي رهي آهي.
ڦليلي، قيصر سئنيما جي ڀر مان اوڀرندي پاسي کان
وهي ٿي. مٿي آسمان تي هزارين تارا ٽم ٽم ڪيو پيا
ٻرن. پريان رشي گهاٽ واري آشرم تي لڳل ڳاڙهو جهنڊو
ڏسڻ ۾ پيو اچي. ڏکڻ ڏي سيٺ وشنداس جي ڦٽين واري
ڪارخاني جي ڳاڙهين سرن سان ٺهيل اوچي چمني به نظر
اچي رهي آهي. اسين ٽيئي ڀائر ادا ممتاز علي، مشتاق
۽ خاص ڪري آئون چاهيان ٿو ته اٿي جلدي وڃي هيٺ فلم
ڏسون. ڇاڪاڻ ته اسان کي اڌ فلم مان سئنيما جو
اسسٽنٽ مئنيجر غلام محمد اٿاري وٺي آيو آهي.
سامهون اسان جو ماسات ادا ڀاءُ گل حسن قريشي مالڪ
قيصر سئنيما پنهنجي دوستن سان ڪچهري پيو ڪري. ڇت
تي پريان ادا گل حسن جو بورچي مرزا محمد بيگ
ٽانڊن تي ويٺو سيخ ڪباب ۽ ڪڪڙ جون سيخون تيار ڪري.
رات جو ڪاٺين جي باهه تي ڪجهه ديگڙن ۾ پسادار
پلاءُ ۽ زردالو وارا ڪوفتا پيا رڌجن. باهه جو
ڄڀيون، ڪنهن ڪنهن مهل ڀڙڪي ٿيون وڃن. ايتري ۾ مون
کي آنڌ مانڌ ۾ ڏسندي، ادا گل حسن، مرزا محمد کي
هڪل ڪري ٿو، ”مرزا، جلدي ڪباب کڻي اچ، ته هي ڊبل
روٽين جي سلائيس سان کائي وڃي هيٺ فلم ڏسن!“
اصل ۾ ادا وڏي دادا ممتاز کي سيخ ڪباب
ڏاڍا وڻندا هئا. هو نه ٻوڙ کائيندو هو، نه وري
پلاه يا تڪا. فقط شامي ڪباب، سيخ ڪباب، ۽ تريل
پٽاٽا هن جي غذا ۾ شامل هئا. باقي ٿيو خير. ادا
ممتاز کي نپايو ئي هو مرحوم گل حسن. ممتاز صاحب،
گل حسن کي پنهنجو والد سمجهندو هو. ان ڪري هو ادا
ممتاز جو سڀ کان وڌيڪ خيال رکندو هو. ايتري ۾ ميز
تي پليٽون اچي رکن ٿا ۽ مرزا محمد ڪوسا ڪوسا سيخ
ڪباب آڻي ٿو اسان جي آڏو رکي. اسين بريڊ جي سلائيس
سان کائڻ لڳون ٿا. ايتري ۾ ادا گل حسن سئنيما جي
گيٽ ڪيپر اشرف کي چوي ٿو. ”فلم ۾ مرزا مراد علي، ۽
هن جا ڪجهه دوست ويٺا آهن. هنن کي به سيخ ڪباب،
پڪوڙا، ڊبلروٽي ۽ چانهه ڏيئي اچ“.
اهو وقت ڏاڍو سڪون وارو دور هوندو هو. ادا
گل حسن قيصر سئنيما جي ڇت تي مهيني ۾ ٻه چار
دعوتون ضرورڪندو هو. ڪڏهن پير عبدالجبار شاهه آف
راڻيپور ۽ بهاولپور حيدرآباد جي مئنيجر مسٽر قريشي
جي دعوت ته ڪڏهن سول سرجن حيدرآباد ڊاڪٽر اقبال
رنڌاوا جي ڊنر. ڪڏهن هو ڪراچي هليو ويندو هو، آچر
جي ڏينهن. اتي هو ريس ڪورس ۾ وڃي ريس ڪندو هو.
ڪراچي ۾ هو ڪڏهن پئلس هوٽل (چيف منسٽر هائوس جي ڀر
۾ واقع. هاڻ اتي شيرٽن ٺهي وئي آهي ۽ ڪجهه ڏنهن اڳ
انهيءَ هوٽل جو نالو تبديل ڪري هوٽل موان پڪ رکيو
ويو آهي.) ته وري ڪڏهن بندر روڊ تي واقع پارڪ هوٽل
۾ وڃي ترسندو هو. عجيب بادشاهي طبعيت جو ماڻهو هو.
فلم جي شوق ۾ آخرڪار وڃي سئنيما ورتائين. ان کان
اڳ ميوزيڪل پڪچرز جي نالي سان بمبئي ۾ وڃي شمع فلم
به ٺاهي هئائين. موسيقي جو وڏو شوقين ۽ پاڻ ستار،
هارمونيم، وائلن ۽ ٻيا ساز پڻ وڄائيندو هو. مٿس
لکڻ لاءِ ڪتاب جي ضرورت آهي. ان زماني ۾ سئنيما جو
وڏو قدر هوندو هو. ماڻهن کي تفريح لاءِ سئنيمائن
جو هئڻ هڪ وڏو وسيلو هوندو هو.
حيدرآباد شهر ۾ قاضي برادران يعني قاضي
محمد اڪبر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد، سيٺ ڪمال الدين
ميمڻ. سيٺ انور ميمڻ. حسين شاهه فاضلاڻي، لالا نور
الدين، ادا گل حسن ۽ چراغ الدين اهم ماڻهو هوندا
هئا. فردوس، راحت، نيو ميجسٽ ، شاليمار، قيصر، نور
محل، شهاب، نشاط، ڪيپيٽل، شمس ۽ ايلائيٽ
سئنيمائون، وڻندڙ تفريح گاه هونديون هيون. نيو
ميجسٽڪ ۽ فردوس سئنمائن ۾ هر آچر جي ڏينهن مارنگ
شوز وري انگريزي فلمن جا ٿيندا هئا. انهن ۾
حيدرآباد جو اليٽ ڪلاس اچي فلمون ڏسندو هو. شوقين
ماڻهو وري رات جا لاسٽ شو ڏسڻ ويندا هئا. رات جو
12 وڳي، شهر جي رستن تي ٽانگن ۽ وڪٽوريا گاڏين ۾
جڏهن ماڻهو موٽندا هئا هئا. ته رات جي سانت ۾
گهوڙن جي ٽاپن جا آواز ماٺ کي ٽوڙي ڇڏيندا هئا.
ان وقت ريڊيو به تفريح جو هڪ وڏو آواز
هوندو هو. رات جو 10 وڳي ريڊيو بند ٿي ويندو هو.
قلعي ۾ لڳل گُهگو وڄندي ئي سنڌ يونيورسٽي اولڊ
ڪيمپس ( وديا ليه هاءِ اسڪول) جي ٽاور جو گهڙيال
گونج دار آواز ۾ ڏهن جو اعلان ڪندو هو. ان کان
پوءِ ئي موتي محل جو گهڙيال به وڄڻ شروع ٿي ويندو
هو. اهو وقت ڄڻ حيدرآباد ۾ سمهڻ جو وقت هوندو هو.
حيدرآباد جي اسٽيشن تي رات جو ڪراچي مان ايندڙ ريل
گاڏيءَجو آواز به گهر ويٺي پيو ٻڌبو هو. صبح جو 7
وڳي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جي بنگلي ۾ بگل وڄائي
جهنڊو چڙهندو هو. ۽ ميران هاءِ اسڪول جي بس اسان
جي پاڙي مان لنگهندي هئي ته انجو پوڙهو ڪنڊيڪٽر به
بگل وڄائيندو هو. صبح جو پکي پيرواري اوتاري تان
مور ڦڙڦڙ ڪري اڏامي اچي اسان جي گهرن جي ڇتين تي
ويهندا هئا.
۽ اڄ اُها حيدرآباد ساڳي نه رهي آهي.
عبدالڪريم گدائي جي هُن شهر وانگر:
هي شهر به ڪڏهن شهر هيو،
هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي!
يا وري احمد سولنگي جي هن وائيءَ وانگر:
دريون در ٻوٽيل.
پرينءَ جي شهر جا!
بارود جي بوءِ سان،
رستا دونهاٽيل،
پرين جي شهر جا.
ماڻهو ڳليءَ موڙ تي.
گهاون سان گهايل.
پرين جي شهر جا!
ڌنڌلو چنڊ آڪاش ۾،
چهرا مرجهايل.
پرين جي شهر جا.
رنگت اجڙيل راتيون.
ڏينهن به ڏکايل.
پرين جي شهر جا! |