پوءِ سنڌي ادبي بورڊ کي سال 2005ع ۾ اهي مير نصير
خان ٽالپر جي خطن جا قلمي نسخا حوالي ڪيم. گهڻي
ڪوشش کانپوءِ به هنن انهن خطن جا چند پيج پروفيسر
عبدالرحمان سيال سربراهه سنڌي شعبو پبلڪ اسڪول
حيدرآباد کان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي پاڻ وٽ رکي
ڇڏيا. پر اهو عاليشان ڪم، بورڊ جي دلچسپي وٽان نه
هو. ان ڪري نه رڳو ترجمي جي ڪم اڌ ۾ رلي ويو. پر
مرڳو سال 2007ع ۾ اهي ٻئي نسخا گم ٿي ويا. گهڻا ئي
هٿ پير هنيم. پر واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.
ڪو چوي اسان کي خبر ڪونهي، ڪو وري ٻڌائي اڳوڻو
سيڪريٽري صاحب خبر ناهي ڪٿي رکي ويو آهي. آخر ڪار
بورڊ جي ان وقت جي سيڪريٽري سيد زوار حسين نقوي،
مون کي ٻڌايو ته مير صاحب جي خطن جا اهي ٻئي
رجسٽرڊ، رديءَ مان هٿ آيا اٿم، انهن تي اوهان جو
نالو به لکيل آهي. ۽ پوءِ شاهه صاحب جڏهن مون کي
اهي ٻئي رجسٽرڊ حوالي ڪيا ته اهي واقعي دز سان
ڀريل هئا. مان سندس ٿورو مڃي، اچي ماٺ ڪري اهي پاڻ
وٽ لڪائي رکيا ۽ ٻن خطن جا ڦاٽل سنڌي ۾ ترجمو ٿيل،
مرزا مراد صاحب کي ڏيکاريا. هت پڙهندڙن لاءِ سنڌ
جي غريب الوطن حڪمران مير نصير خان ٽالپر جا ٻه خط
پيش ڪريان ٿو؛
خط نمبر هڪ:
منهنجا حضرت صاحب ڏاڍا مهربان ساهه کان
وڌيڪ پيارا ٽئين ديري جاص حرم- مدد يا علي ولي
الله- الله جي نبي جي مهابي الله تعاليٰ کيس سلامت
رکي آمين.
اُن صاحب کي خدا ۽ رسول الله ۽ نبي سڳوري
جي اهلبيت حوالي ڪيم اٿم ۽ هميشه الله جي نبي
سڳوري جي نياڻي حضرت جناب بيبي فاطمه زهرا، ان
صاحب کي پنهنجي پاڪ دامن جي پاڇي هيٺان عصمت واري
سلسلي سان زنده تندرست ۽ عزت احترام سان سلامت
رکي- (الله جي نبي سڳوري جي طفيلي) ۽ ٻارنهن امام
۽ چوڏهن معصوم تنهنجي پناهه بڻيل ۽ نگهبان هجن.
(حق تعاليٰ جي مهابي) ۽ خداوند ڪريم شال تو کي
حضرت خضر عليه السلام جيان ڊگهي ڄمار عطا فرمائي .
حضرت محمد صه ۽ علي عه ۽ اهلبيت سڳورن جي صدقي تون
زندهه ۽ سلامت هجين. منهنجيون هزار جانيون تو تي
فدا ٿين. قربان ٿي وڃان. وڇوڙي جي درد سبب منهنجو
ساهه چپن تي پهچي ويو آهي.
برائي ديدنِ رُويت چونانم،
چُو خضر از بهر آبِ زندگاني.
يعني تنهنجي مُنهن ڏسڻ لاءِ ائين آتو آهيان جيئن
حضرت خضر عليه السلام آبِ حيات لاءِ هيو.
خدا جو قسم آهي ته رات ۽ ڏينهن ان صاحب جي
يادگيريءَ کان سواءِ ٻيو هڪ پَل به نٿو گذري- خدا
۽ رسول الله جي حوالي ڪيو اٿم.
وڌيڪ عرض، بندگيءَ جو عرض ۽ هزارين هزار نياز ۽
نوڙتون رسن
هاشم ڏانهن ۽ جيل وارن ڏانهن سڪ جا سلام
پهچن. مخلص ۽ وفادار مائي حاجران کي گهڻا سڪ جا
سلام رسن، سندس سچائي کي آفرين هجي. هٿ اکرن سان
لکيل چٺي ڏسي، هيڪاندي راحت ٿي ٿئي. والسلام
نوران، طالعان، لهڪا ۽ عربي ٻانهي (ڪنيزڪ) کي
سلام پهچن، مائي محبوبان کي دعا پهچي. دائي فتح
خاتون کي دعا پهچي. مائي ڪريمت کي دعائون پهچن،
هميشه خدا ۽ رسول جي فضل سان خوش هجي. عالي
قدرميان محمد يونس کي سلام پهچي. هميشه خدا ۽ الله
جي نبي جي عقل سان خوش وخورم هجو. عالي قدر مرزا
احمد بيگ ۽ مرزا مهر علي کي سلام پهچي، هميشه خدا
۽ رسول الله جي فضل سان خوش ۽ خورم هجو، الله جي
نبي سڳوري جي مُهابي عالي قدر آخوند حبيب الله،
علي بخش، بچل، محمد خدمتگار، ياقوت، بچل، سومر،
حسين ۽ ديوان مٺارام پاران بندگيءَ جو عرض.
نياز جي چٺي عرض ڪندڙ : بندو محمد نصير خان، امام
علي بن حسين عليه السلام جو غلام .ڏانهن :
حضرت صاحب ديري ٽئين جي حرم خاص جي خدمت منجهه طرف
محمد يونس سلامه الله تعالى بحق نبي الله مدد
ياالله يا محمد ياعلي يا اهلبيت نبي الله لکڻ جي
تاريخ: جمادي الاول مهيني جي اٺين تاريخ ڪلڪتي جي
جيل منجهان پهچي. امام حسين صلوات الله عليه وسلام
جي ٻانهي عباس علي ٽالپر پاران بندگيون پهچن، اڄ
چٺي الڳ نه لکي وئي، معاف فرمائجو، صوبدار پاران
بندگي پهچي، فتح علي پاران بندگي عرض آهي، محمد
علي ٽالپر کان بندگيون سئو ڀيرا نياز، نوڙت عرض
محمد خان کان ۽ يار محمد کان بندگي عرض آهي، حسن
علي کان بندگي پهچي.
خط نمبر-2
منهنجا حضرت گهڻا مهربان، ساهه کان وڌيڪ پيارا،
ٽئين ديري جا خاص حرم (شال الله تعاليٰ کيس نبي
الله جي مهابي سلامت رکي.) ان صاحب کي مون خدا
تعاليٰ ۽ رسول الله ۽ نبي سڳوري جي اهلبيت جي
حوالي ڪيو آهي ۽ هميشه حضرت بيبي فاطمه زهرا، الله
جي نبي جي نياڻي ان صاحب کي پنهنجي عصمت واري
سلسلي سان زندهه، تندرست، عزت ۽ آبرو سان سلامت
رکي. (نبي الله جي صدقي) ۽ ٻارنهن امام ۽ چوڏهن
معصوم تنهنجي پناهه ۽ نگهبان بڻيل هجن. (خدا ڪريم
جي عظمت جي طفيلي). خداوند ڪريم، رسول الله جي
ڏندن مبارڪن جي درد ۽ سُور جي صدقي ۽ روزيءَ فرق
وڌل اميرالمؤمنين جي طفيلي ۽ حضرت امام حسن جي جگر
جي ٽڪرن جي مهابي ۽ اُڃايل چپن واري، ڪنڌ ڪپيل
حضرت امام حسين عليه السلام جي صدقي تو کي ڊگهي
ڄمار عطا فرمائي (سيد المرسلين عليه السلام جي
صدقي). خاص عرض اهو آهي ته منهنجو ساهه توتان گهور
ٿي وڃي شال ڌڻي تعالى ڪريم آهي، رحم ڪرڻ فرمائيندو
پندرهن 15 مهينا جدائي ۽ وڇوڙي جي درد ۾ گُذريا
آهن. بندي لاءِ گهر کان ٻاهر ممبئي، ساسور ۽ ڪلڪتو
سڀ برابر آهن، ۽ هڪڙي ماڻهو جي دوري به موت ٿو
ڀانيان، ههڙو وڇوڙو ۽ جدائي جيڪو هرگهڙي مون لاءِ
موت آهي، ان کان وڌيڪ بهتر ته مُون لاءِ وٽ آهي ۽
جيڪڏهن هن قيد ۽ مُصيبت منجهنان آزاد ٿيا سون ۽
عمر پڻ جٽاءُ ڪيو ته خدمت سڳوريءَ ۽ پهچڻ چاهيندس
۽ جيڪڏهن اُن صاحب تي فدا ٿي ويس تڏهن به دل جي
ڪُنڊ پاسي منجهان وسارڻ جي نه ڪجو، غم ۽ فڪر نه
ڪرڻ گهرجي. خدا ڪريم ۽ رحيم آهي، رحم ڪرڻ گُهرندو،
ڇاڪاڻ ته رحيم آهي. خدا تعالي ۽ رسول صه جو قسم
آهي ته مان پاڻ کي ان صاحب جو بندو ٻانهو ٿو
ڀانيان جيستائين جيئرو آهيان، ٻانهو آهيان.
ساڄو حاشيو: گهڻو عرض بندگي جو ۽ هزارين نياز ۽
نوڙتون پهچن خدا ۽ رسول الله راحمين جي حوالي آهي.
هاشم وارن ڏانهن ۽ جيل وارن ڏانهن سڪ جا سلام ججها
پهچن. اوهان کي گهڻي آخرين هجي. پنهنجي حال سارو
وفاداري ڪريو ٿا، رات ۽ ڏينهن حاضر هجو ٿا ۽
پنهنجي سواريءَ لاءِ دل گهريو (خاطر خُواهه) گهوڙو
ڀکو مل ۽ علي بخش کان وٺو ٿا. خُدا ۽ رسول جي
حوالي آهي. مائي محبوبان کي دعا رسي. دائي فتح
خاتون کي دعا پهچي. توهان کي آفرين هجي محمد
خدمتگار (نوڪر) رات ۽ ڏينهن حاضر آهي، توهان کي
سمورو ٽيون ديرو حوالي ڪيو اٿئون مائي ڪريمت کي
دعائون پهچن هميشه خدا تعالى جي فضل سان خوش ۽ خرم
هجو. (الله جي نبي جي مهابي) عالي قدر ميان محمد
يونس کي سلام پهچي. هميشه خدا تعالى ۽ رسول جي فضل
سان خوش ۽ خُرم هجو، (الله جي نبي جي طُفيلي )
عالي قدر مرزا (احمد بيگ ۽ مرزا مهر علي بيگ کي
سلام رسن هميشه ڌڻي تعالى جي فضل سان خُوش ۽ خُرم
وسو. (الله جي نبي سڳوري جي صدقي) ٽئين ديري جي
خاص حرم کي گهڻا سلام ، جو اڄ سواءِ خدا ۽ نبي جي
ڪو به شخص نٿو رکي. جيستائين جيئرو آهيان، ٽئين
ديري جو غُلام آهيان ۽ کيس خُدا ۽ رسول الله کي
سونپيو اٿم والسّلام.
عالي قدر محمد بهادر ۽ آخوند محمد بچل ۽ علي بخش ۽
امام بخش ۽ خدمتگارن هوتچند ۽ جواهرسنگ کي ٽئين
ديري جي سونپيل خدمت گهڻي ڪرڻ گهرجي ۽ حوالي ڪيو
اٿئون الله ۽ ان جي سڳوري کي عالي قدر آخوند حبيب
الله ۽ علي بخش ۽ محمد بچل ۽ حاجي صالح... سومر ۽
حُسين ۽ قاسم ۽ ياقوت پاران بندگي پهچي، ۽ ديوان
مٺاران کان بندگي جو عرض پهچي. اڄ بچل آيو آهي،
حاجي صالح ۽ اسدالله ديري جي خدمت لاءِ روانا ٿي
ويا پهچي ويندا.
کاٻو حاشيو: بچل ۽ سومر ۽ حُسين جا اِهل ۽ عيال
جيڪي حاجي صالح جي زال جي حوالي آهن، وڌيڪ حوالي
ڪجن ٿا، نُوران، طالعان، لهجا، دُولي، ننڍي توڙي
وڏي ٻانهي کي هيشه سلام پهچن. خُدا ڪريم آهي شفقت
۽ مهرباني پنهنجي ٻانهي تي گهڻي آهي. ان صاحب جي
مهرباني سان جيئرو آهيان بچل ڳوٺ جو پاڻي ۽ سوپاري
پهچائي آهي، جيڪي آب حيات ۽ طاقت واري معجون کان
بهتر آهي، خدا تعالى ان صاحب کي سلامت رکي ۽ ڊگهي
ڄمار بخشي. منهنجي عمر خدا تعالى ان صاحب کي ڏيئي.
طبعيت منهنجي خوش ۽ خرم رهان ٿو. پر جدائي جي درد
سبب هلندو ۽ پڃرندو رهان ٿو. خدا ڪريم آهي، ڪرم
ڪرڻ فرمائيندو ۽ هن قيد منجهان آزاد ڪرڻ
فرمائيندڙ.
محمد خان ۽ يار محمد خان طرفان بندگي عرض آهي.
عباس علي ٽالپر پاران ٽئين ديري ۾ رهندڙ قيد
اصحابن ۽ منهنجي قبيلي کي گهڻيون هزارين بندگيون
پهچن. صوبدار طرفان بندگي عرض آهي. محمد علي
ٽالپر، حسن علي، حسين علي، طرفان بندگي عرض آهي.
خط اٺون ساسور شهر کان نياز واري چٺي عرض ڪندس
محمد نصير خان. امام علي زين العابدين جو ٻانهو
حضرت صاحب جي خدمت منجهه:
مير نصير خان ٽالپر، هي خط، ساسور ۽ ڪلڪتي
مان پنهنجي ٽئين ديري کي لکندو هو. خط سمورا سنڌجي
تاريخ آهي. انگريز جي ان دور جي سموري تاريخ، سندن
ظلم ۽ ڏاڍائي هنن خطن مان ظاهر ٿئي ٿي، ساڳئي وقت
مير نصير خان ٽالپر جي پٽ مير حسن علي خان ٽالپر ۽
ٻيا مير صاحب وري ٽنڊي ٺوڙهي جي مرزا خسرو بيگ کي
خط لکندا هئا. اهي خط به مرزا صاحبن جي پونئرن وٽ
اڃا محفوظ آهن.
مراد صاحب جو مطالعو به ڏاڍو وسيع هوندو
هو. انگريزي لٽريچر سندس من پسند سبجيڪٽ هوندو هو.
پر سنڌ جي تاريخ توڙي ٻين موضوعن تي هر ڪتاب پڙهي.
پوءِ ٻين سان انهيءَ مطالعي جو شيئر ضرور ڪندو هو.
آئون سال 1988 ۾ لنڊن ويس. واپس اچي ساڻس ڪچهري
ٿي. مون کان لنڊن جو احوال ورتائين. انڊيا آفيس
لائبريري، برٽش ميوزيم، وڪٽوريا البرٽ ميوزيم، ۽
ٻين هنڌن بابت به تفصيل سان پڇاڪائين. سندس ئي زور
ڀرڻ تي مون انڊيا آفيس لائبريري ۽ سنڌي ڪتابن جي
عنوان سان مضمون لکي کيس ڏيکاريو، جيڪو سندس ئي
مرضيءَ مطابق ٽماهي مهراڻ ۾ ڇپايو ويو بعد مون کي
چيائين لنڊن ۾ تو وڪٽوريا البرٽ ميوزيم ۾ رکيل مغل
دور جي پينٽنگس ۽ انڊيا آفيس لائبريري ۾ رکيل
پراڻن فوٽو گرافس يا دارا شڪوهه جي مشهور البم جو
ذڪر ڪيو. پر ان کان سواءِ لنڊن ۾ هڪ ٻيو ادارو
بونهمس Bonham’s آهي.
اهو ادارو اصل ۾ هڪ پرائيويٽ آڪشن هائوس آهي. جيڪو
دنيا جو پراڻي ۾ پراڻو ادارو آهي، جتي فائين آرٽ ۽
نوادارات رکيل آهن. هڪ وڏي بلڊنگ ۾ ٺهيل ان جا
ڪيترا ئي سيڪشن آهن. سال 1797ع ۾ ٺهيل هن اداري جو
اسلامڪ اينڊ انڊين آرٽ نالي سان هڪ سڪيشن ئي جدا
آهي. اتي حيدرآباد شهر جي هڪ پراڻي پينٽنگ جيڪا
سال 1890 ۾ هڪ آرٽسٽ ولادمر فريڊرچWoldmar
fried rich ٺاهي
هئي. اها آئل پينٽنگ ڏسڻ جهڙي آهي“اوهان اها تصوير
ڪٿي ڏٺي؟“ مون کانئس سوال ڪيو هو.
وراڻيائين؛ ”اها تصوير ٽالپرن جي ڪتب خاني ۾ به
هوندي هئي، بلڪ هزهائنس مير حسين علي خان ٽالپر هڪ
قلمي ڪتاب مرتب ڪيو هو. ان ۾ انيڪ تصويرون هيون،
ته پوءِ اها تصوير پڪ مرزا عباس علي وٽ ضرور
هوندي“ مون چيو هو. يڪدم ٽهڪ ڏيئي کليو هيائين. ۽
پوءِ چپ ٿي ويو هو. مون هن کان سوال ڪيو هو“، ڇا
ولادمر 1896 ۾ حيدرآباد آيو هو، ۽ هو انگريز هو؟“
ٻڌايائين: ”اهو آرٽسٽ دلادمر حيدرآباد آيو هو ۽
ميرن وٽ به ويو هو. اصل ۾ اهو چترڪار جرمن جو
رهواسي هو. 1846 ڌاري ڄائو ۽ 1910 ۾ برلن ۾ گذاري
ويو. مون کي ياد آهي.
آئون نه سنڀران ته هن ڪو سٺو ڪتاب پڙهيو
هجي ۽ پوءِ اچي دوستن سان انهن ڪتاب جو ذڪر نه ڪيو
هجي. هڪ ڀيري مون کي چيائين: ”يار آئون سمجهان ٿو
ته هن وقت سنڌ ۾ جيڪو ماڻهو تمام گهڻا انگريزي
ڪتاب گهرائي پڙهي ٿو، اهو اٿئي حميد آخوند.“
مان کيس ماٺ ڪري ٻڌي رهيو هوس. پوءِ
چيائين: ”يار ان ۾ ڪو وڌاءُ نه اٿئي. هن ماڻهو وٽ
وڏي ڪلڪيشن آهي. ۽ هو پاڻ کي اپ ٽو ڊيٽ رکڻ لاءِ
ڪتاب گهرائي ٿو. تازو هن لنڊن مان رچرڊ برٽن جو
ڪتاب سنڌ ريوزٽيڊ “Sindh
Revisited” گهرايو
آهي، عاليشان ڪتاب آهي. رچرڊ برٽن ته ماڻهو ڪونه
هو ’جن هو‘. سندس وڏي آبزرويشن هئي. هن ڇا ته منظر
نگاري ڪئي آهي“.
ان وقت اسان رچرڊ برٽن جو ڪتاب سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾
وسندڙ قومون پڙهيو هو. اهو ڪتاب محمد حنيف صديقي
سنڌي ۾ ترجمو ڪيو هو.
مون چيو ؛”مرزا صاحب واقعي رچرڊ برٽن زبردست ماڻهو
هو. پر سنڌي ادبي بورڊ تان سندس ڪتاب ڇپرائڻ سندس
ڪيترين جي ڳالهين کي سينسر ڪري ڇڏيو! “
”اها ته ڳالهه مون غلام رباني آگري کي به چئي هئي،
دراصل ڪنهن به رائيٽر جي ترجمي ڪرڻ وقت هن جي لکت
کي ڪنهن صورت ۾ سينسر ڪرڻ نه گهرجي. يا وري اهڙو
ڪتاب ڇپرائجي ئي نه. پر يار رچرڊ برٽن جو ڏاڍي
گهري نظر هئي سنڌ جي مسئلن تي. سنڌي ماڻهن جي مزاج
تي. حيدرآباد شهر کي خبر ٿئي هو ڪهڙي نالي سان ٿو
سڏي؟“
”نه مون اهو ڪتاب نه پڙهيو آهي“.
’شينهن جو شهر‘ هن ڄڻ خوشيءَ مان چيو. ادا اهي
سمورا انگريزي ۾ سنڌ تي لکيل ڪتاب سنڌي ۾ ڇپجي اچڻ
گهرجن“. هو چوڻ لڳو.
”واقعي توهان صحيح ٿا چئو پر اهو ڪتاب پهريون ڪڏهن
شايع ٿيو“ مون چيو. هن چيو،” 1877ع ۾ لنڊن مان،
رچرڊ برٽن منهنجي خيال ۾ پهريون محقق آهي، جنهن
سنڌ کي قديم مصر جي تهذيب سان ڀيٽيو آهي،“ سنڌ کي
ڏکويل ماٿري جي نالي سان سڏيو اٿس.
حيدرآباد ۾ 1955ع ۾ ريڊيو ريڊيو اسٽيشن کولي وئي.
ان وقت پير علي محمد راشدي وفاقي وزير اطلاعات ۽
نشريات هو. بلڪه سندس ئي چوڻ موجب هن پنهنجي وزارت
سنڀالڻ جي 24 ڪلاڪن اندر حيدرآباد شهر ۾ ريڊيو
اسٽيشن کولرائي. مرزا صاحب 1962 ۾ ريڊيو پاڪستان ۾
نوڪري شروع ڪئي. حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن شروع شروع
۾ هومسٽيد هال چاڙهيءَ تي، هوم اسٽيد هال ۾ هوندي
هئي. اها بلڊنگ به حيدرآباد جي جهونين عمارتن مان
هڪ آهي. اصل ۾ اهو هال ۽ پارڪ حيدرآباد ميونسپل
وارن ورهاڱي کان اڳ ۾ ڊاڪٽر هومسٽيڊ جي ياد ۾ قائم
ڪيو هو. ان کي ٽائون هال ڪري استعمال ڪندا هئا.
اتي تمام وڏا وڏا جلسا به ٿيندا هئا. سال 1914 ۾
سنڌي ساهت سوسائٽي طرفان منعقد ڪيل پهريون ادبي
جلسو به ساڳئي سال ۾ اتي ئي ٿيو هو. مرزا قليچ بيگ
صدارت ڪئي هئي ۽ پنهنجو خاص مقالو سنڌي شعر بابت
پڙهيو هئائين.
1955 ۾ اتي ريڊيو اسٽيشن ٿي ته ڄڻ اهو هنڌ به
حيدرآباد جو تاريخي ماڳ بڻجي ويو. مون به اتي 1960
کان وٺي ٻارڙن جي ٻاريءَ ۾ وڃڻ شروع ڪيو. تڏهن
ٻارڙن جي ٻاري جو ڪمپيئر مصطفى قريشي هوندو هو.
بعد ۾ سرور بلوچ سندس جاءِ ولاري. سرور بلوچ به
ٽنڊي آغا جو رهواسي هو.
مرزا صاحب پنهنجي نوڪري واري زندگيءَ جي شروعات
1962 ۾ ڪوئيٽا اسٽيشن کان ڪئي. اهو ڪوئيٽا شهر
يعني انهي زماني جو ڪوئيٽا شهر اتر سنڌ جي ماڻهن
لاءِ هڪ وڻندڙ هِل اسٽيشن طور ڄاتو ويندو هو. شهر
جو مکيه رستو جناح روڊ، ان جي ٻنهي پاسن کان وڻن
جون قطارون رستي جي پاسن کان مشهور هڪ ايراني
ريسٽورنٽ. سياري ۾ وٺڻ تان اڏامندڙ پن. سرد
هوائون، ڪڏهن ڪڏهن برف جو ڪرڻ اونداهي رات ۾ پريان
ڏسڻ ۾ ايندڙ وڻ، چنڊ، تارا، ڪتيون جهرمر جهرمر
ڪندڙ زندگي هڪ ليکڪ لاءِ تمام گهڻو ڪجهه سرجڻ لاءِ
اُتساهي ٿي.
مرزا صاحب انهيءَ وايومنڊل ۾ رهي ڪيتريون ئي
خوبصورت ڪهاڻيون لکيون. سندس ڪهاڻيون پڙهي ماڻهو
عجب ۾ ٿو اچي وڃي. ڇا آبزرويشن ۽ ڇا لفظن جي چونڊ
آهي. اهو سڀ ڪجهه مرزا صاحب ئي ڪري سگهيو ٿي. پر
افسوس سندس حياتي ۾ سندس ڪهاڻين جو مجموعو ڪو نه
اچي سگهيو. خبر ناهي ڇو؟ ٻيو ته ٺهيو پر هن جا
هزارين ڊيمي سائيز جا ترجمو ٿيل ڪتاب اسان جي آڏو
آهن.ڪڏهن به هنن ڪتابن جو مهورت ته ٺهيو پر ڪڏهن
به ذڪر نه ڪندو هو.
مشهور اديب گارشيا مارڪيز جو ناول هن ترجمو ڪيو،
”اڪيلائي جا هڪ سو سال“ مون کي اهو ڪتاب ڏاڍو
وڻيو. هڪ ڀيري هن سان ذڪر ڪيم. ٻڌايائين :”گارشيا
مارڪيز هڪڙو عجيب انسان آهي. هن کي به مون وانگر
پنهنجن بزرگن سان وڏي محبت رهي آهي. کيس پنهنجي
ڏاڏو ۽ ڏاڏي ڏڍا وڻندا هئا. هنن ئي کيس نپائي وڏو
ڪيو. سندس ڏاڏي کيس ننڍڙي هوندي پنهنجي لوڪ داستان
ورثي کان آگاهه ڪندي هئي. وڏي ڳالهه ته اهي قصا
ڪهاڻيون جنن ڀوتن جون هونديون هيون. گارشيا جون
ڪهاڻيون کي ڇُهندڙ آهن. سندس ڪردار زندگي جا عام
رواجي ڪردار آهن. پر هن جا احساس اهم آهن. خود
گارشيا جي زندگي گوناگون رهي آهي. هن جي زندگي جو
احوال ۽ بايوگرافي لکندڙ گيرالڊ مارٽن کي احوال
لکڻ ۾ ئي اٽڪل 17 سال لڳي ويا. خود مون جڏهن سندس
ناول One
Hundred year of solitude ترجمو
پئي ڪيو، ته اهو ناول مون تي ڇائنجي ويو. ڪڏهن
ڪڏهن ته ترجمو ڪندي آئون پاڻ ان ۾ گم ٿي ويندو
هوس! توکي خبر آهي هو جرنلسٽ به رهيو آهي. اهو
ناول پنهنجي جاءِ تي هائيلي ايپريشيٽڊ آهي. هو پاڻ
چوي ٿو ته اهو ناول اصل ۾ سندس ڏاڏي جي ننڍڙي
هوندي ٻڌايل قصن ڪهاڻين جي بنياد تي لکيل آهي. “
”مقصد اهو ته هي ناول پيش گوئي آهي، حالتن جي. ڇا
اوهان جي هن ترجمي ڪيل ڪتاب بابت ڪا ادبي سٽنگ نه
ڪجي؟“ مون چيو.
”اڙي يار! ڇڏ انهن ڳالهين کي، بس ڪتاب سڀني جي آڏو
اچي ويو. اهائي وڏي ڳالهه آهي منهنجي لاءِ. اسان
جي نوجوانن کي مطالعو ڪرڻ گهرجي. انگريزي ادب کي
سنڌي ۾ اچڻ کپي اهو سڀ ڪجهه اسان جي رهنمائي ڪري
سگهي ٿو“ هن مرڪي چيو. ۽ مان هن کي ڏسندو رهيس.
جيئن مون ذڪر ڪيو، ته هو هڪ وڏو ڪهاڻيڪارهو. هن جي
ڪهاڻين تي تمام گهڻو ڪجهه تفصيل سان لکڻ ۽ تجزيي
ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪهاڻيڪار شوڪت حسين شوري،
پنهنجي هڪ مضمون ”سرحد پار سنڌي ڪهاڻين“ گذريل ٻن
ڏهاڪن ۾ لکي ٿو:
”سنڌي ڪهاڻي جي بد قسمتي اها آهي ته ان جي صحيح ڪٿ
ڪانه پئي ٿئي. سنڌ ۾ شروع کان وٺي ڪهاڻي جو ڪو
نقاد پيدا نه ٿيو آهي. تقادن جي کوٽ سبب ڪيتريون
سٺيون ڪهاڻيون unnoticed هليون
وڃن ٿيون. ٻيو مسئلو اهو ته ڪنهن هڪ سال ۾ ڇپيل
ڪهاڻين جو جائزو به ڪڏهن ڪونه ورتو ويو آهي. جنهن
سان ڪنهن هڪ ڏهاڪي ۾ لکيل ڪهاڻين جو جائزو وٺڻ ۾
آساني ميسر ٿي سگهي“.
يا وري مراد علي مرزا جو لکيل، ناول”سامي سڄ
وڙاءَ“ تي اڄ ڏينهن تي ڪائي ويهڪ نه سڏائي ويئي.
سنڌ جي عظيم شاعر شاه لطيف جي زندگيءَ جي ڪنهن وقت
شيخ اياز به ناول لکڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. پر پوءِ
هو اهو ڪم نوٽس وٺڻ جي باوجود تڪميل تائين نه
پهچائي سگهيو. پر مراد علي مرزا... شاهه صاحب جي
زندگي تي ناول لکي. هڪ مثال قائم ڪري ڇڏيو. بنيادي
طورتي ناول جو ڪئنواس وشال هوندو آهي پر مراد صاحب
هن ناول ۾ پاڻ ملهايو آهي.
هو منهنجي لکڻين جو ڪرٽڪ هو ته قدردان به.
مون هڪ ڪهاڻي 1980 ۾ ”اُڀرو ڏينهن ڏکن جو“ لکي.
اها نذير ناز جي مخرن ناري پبليڪيشن ۾ ڇپي ته پاڻ
مون وٽ هلي آيو. ڪهاڻي جي تمام گهڻي واکاڻ ڪيائين
پوءِ ان ڪهاڻي تي هڪ ڏاڍو موهيندڙ مضمون لکي
ڇپرائين. مون کي ياد آهي ته مون جڏهن مصر جو سفر
نامو شهر صحرا ڀانيان لکيو ته کيس پڙهڻ لاءِ ڏنو.
هو صاحب ان اڻڇپيل سودي کي گهر کڻي ويو. ٻن ڏينهن
بعد نصير مرزا وٽ ويو. اتي هن مون کي به سڏايو ۽
منهنجي همت افزائي ڪندي، چيو: ”هي سفر نامو شڪل ۾
اچڻ گهرجي“. پوءِ مون کي چوڻ لڳو: ”يار تو عمر
خيام جو ذڪر ڏاڍو دل کي ڇهندڙ نموني ويهي ڪيو آهي.
عمر خيام پنهنجي محبوبا زوئي کي حسن بن صباح جي
قلعي ۾ رات جو ڏٺو هو. سرءِ جي چنڊ هيٺان ڍنڍ ۾
ٻيڙي هلائيندي...“
”۽ مرزا صاحب عمر خيام وري هن کي نه ڏٺو،
ڇاڪاڻ ته صبح جو جڏهن هن جي اک کلي، ته نه حسن بن
صباح جي اها خيالي جنت هئي، نه چنڊ هو نه تارا
هئا. بس قلعو الموت هو جتي کيس حسن صباح بند ڪري
ويٺو هو. سچ پچ ته هن دنيا جا ڪيترا اسرار سمجهه ۾
نه ايندڙ آهن.“ مون چيو؛
”۽ يار اها عمر خيام جي رباعي ته پڙهي ٻڌاءَ جيڪا
تو آخر ۾ لکي هئي؟ مرزا صاحب چيو.
مون ڪاپي کولي عمر خيام جي رباعي پڙهڻ شروع ڪئي
”هاءِ منهنجا پرين ڪاش! تون ۽ مان ڪري سگهون ها.
هن تقدير سان سازباز، ۽ وٺي پنهنجي بند مُٺ ۾ هن
دنيا جي سموري رنج ۽ الم کي تمام، پوءِ ڪري نه
ڇڏيون ها، ان جا پُرزا پُرزا ۽ پوءِ ٺاهيون ها، ان
مان پنهنجي لاءِ هڪ نئين ۽ دلپسند دنيا!!
مراد صاحب جو سنڌي اديبن ۾ خاص دوست هئا،
سائين محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، ع، ق. شيخ ۽
ڪامريڊ ابن حيات پنهور. مون کيس سدائين ع. ق. شيخ
جويي صاحب سان گڏ ڏٺو. منهنجي ساڻس ويجهڙائپ شوڪت
حسين شوري جي ڪري ٿي. شوڪت سان پڻ ميرزا صاحب جي
دوستي هوندي
هئي. پاڻ اڪثر ڪينهن مهربان گرين ٽي واري ايراني
هوٽل تي، شام جو اچي دوستن سان ڪچهرين ڪندو هو.
سال 1973 ۾ مرزا صاحب کي ايشيا جي وڏي ۾ وڏي
پاڻيءَ جي ڍنڍ ”منڇر“ تي دستاويزي پروگرام ٺاهڻ
لاءِ دادو موڪليو ويو، ته هو جويو صاحب ۽ ع. ق.
شيخ به پاڻ سان گڏ وٺي ويو. مراد صاحب پنهنجي
سفرنامي واري مضمون ”پٿر ۽ پٿريون“ ۾ انهيءَ سفر
جو ڏاڍي دلڪش انداز ۾ ذڪر ڪيو آهي. اهو هڪ بهترين
مضمون آهي. اصل ۾ پٿر ۽ پٿريون ۾ مرزا صاحب پنهنجي
ڪربلا معلى يعني عراق وڃڻ جو به سحر انگيز سفر
بيان ڪيو آهي. اهو سفر هن سال 1938 ۾ ڪراچيءَ کان
بصري، ۽ ڪربلا لاءِ ڪيو هو. ڪربلا جتي حضرت امام
حسين شهيد ڪربلا، غازي عباس علمدار ۽ سندس سرويچ
ساٿين جا مقبرا آهن. مرزا صاحب خاندان جو محسن
هزهائينس ميرنور محمد خان ٽالپر توڙي مرزا صاحب جو
ڏاڏو مرزا ٻڍل بيگ پڻ ڪربلا معلى ۾ غازي عباس
علمدار جي پيرانديءَ کان ٺهيل هجرن ۾ دفن آهن.
اهو سفر، مرزا صاحب ان وقت ڪيو، جڏهن پاڻ
9 سالن جو مس هو. اسان جي دوست مرزا فياض علي بيگ
جي ڏاڏي لالا نواز علي، مرزا صاحب جي پڦي ۽ دائي
زينون، سان گڏجي هن پاڻيءَ جي جهاز ۾ اهو سفر ڪيو
هو. ان وقت جي هڪ ياد سندس ذهن ۾ موجود هئي. جڏهن
کيس هڪ ڀيري اوچتو The
Road to Makka ڪتاب هٿ
چڙهيو ته پڙهندي، 52 ورهين بعد، يعني 1990 ۾ ننڍپڻ
جو ڪيل اهو سفر کيس ياد اچي ويو. اهڙي ريت هن سنڌي
ٻولي لاءِ اڻ وسرندڙ مضمون“ پٿر ۽ پٿريون“ لکي
ورتو. اهو مضمون 1996 ۾ ٽماهي مهراڻ ۾ شايع ٿيو.
ان وقت مون هن سفر جي ڏاڍي واکاڻ ڪئي هئي. واقعي
اهو مضمون پڙهي خبر پوي ٿي ته رائٽنگ ڇا ٿيندي
آهي.
”پٿر ۽ پٿريون“ جون ڪجهه سٽون ڪيڏيون نه
وڻندڙ آهن: ”پهريان ٻه ڏينهن سمنڊ جي سطح سانتيڪي
آهي. جهاز آرام سان پنهنجي منزل ڏانهن وڌندو پيو
وڃي. پر هڪڙي ڏينهن هوا جو رخ ڦري ٿو ۽ سمنڊ ۾ رکي
رکي، پهاڙ جيڏيون ڇوليون اڀرن ۽ لهن ٿيون. جهاز
ڪڏهن ساڄي پاسي جهڪي ٿو، ته ڪڏهن کاٻي
طرف.......نيٺ سمنڊ جي مٿاڇري تي ماٺار ٿي پکڙجي
وڃي .......نيٺ سمنڊ جي مٿاڇري تي ماٺار پکڙجي وڃي
ٿي ۽ جهاز آرام سان اڳتي پيو وڌي.....”پٿر ۽
پٿريون“ جي شروعات مراد صاحب هن ريت ڪري ٿو.
”دي روڊ ٽو مڪا“ نالي ڪتاب محمد اسد جو
لکيل آهي. اصل اهو مصنف يهودي هو، جيڪو سن 1926 ۾
مسلمان ٿيو ۽ پوءِِ ڪيتري عرص تائين مڪي ۽ مديني
۾ رهيو. دي روڊ ٽو مڪا، دراصل نه رڳو هاڻوڪي سعودي
عرب ۽ ٻين عرب ملڪن ايران ۽ افغانستان جو سفر نامو
آهي، پر اهو مصنف جي روحاني سفر جو پڻ دلچسپ
داستان آهي، جيڪو نهايت خوبصورت لفظن ۽ اثرائتي
اسلوب ۾ لکيل آهي. هن جي لکيل ڪتاب، پڙهڻ جو
اشتياق ٿيو. گهڻي ڳولا کان پوءِ به اهو ڪتاب هٿ نه
اچي سگهيو. پوءِ ٿيو ائين جو هڪڙي ڏينهن فقير جي
پڙکان موٽندي رستي تي هڪ گاڏي وٽ بيهي رهيس، جنهن
تي گهڻا ڪتاب رکيا هئا. انهن ۾ اهو ڪتاب به پيو
هو. اهو خريد ڪيو ۽ جلد جلد گهر ڏانهن ڏانهن روانو
ٿي ويس. ڪتاب ۾ نقشا به ڏنل آهن. نقشن کي ان غور
سان ڏسندو آهيان. نقشا مون کي وڻندا آهن، نقشو
ڏسندي منهنجي نظر عربي سمنڊ کان مٿي اتر ۾ ايران
جي به اتر ۾ اولهه کنڊ ۾ لکيل لفظ Basra تي
منهنجي نظر جي اڳيان اهو نقشو نه پران شهر جو منظر
ڦرڻ لڳو، جتي سن 1939 ۾ جڏهن آئون 9 ورهين جي ڄمار
جو هوس، پنهنجي نانيءَ سان گڏ ڪربلا ۽ نجف جي
زيارتين ڪرڻ لاءِ پهتو هوس!“
مرزا صاحب منڇر ڍنڍ واري سفر بابت هن ريت ذڪر ڪري
ٿو،
”ٻاهر گهگهه اونداهه آهي، آئون شاهه حسن
ريسٽ هائوس جي آڏو ويهان ٿو. سامهون منڇر ڍنڍ پري
پري تائين پکڙي پئي آهي. ان جي سانتيڪي سطح تي ٻه
ٽي ٻيڙيون بيٺون آهن، جن ۾ ٺڪر جا ڏيئا پيا ٽمڪن.
اونده ۾آسمان جا تارا وڌيڪ پيا چمڪن ۽ لڳي ٿو،
تارا هيٺ لهي آيا آهن. يا وري زمين آسمان ڏانهن
ڇڪجي ويئي آهي. منڇر جي مٿاڇري ئي رکي رکي تارن جو
عڪس لڏي ٿو. جو نظر تائين پاڻي ۽ آسمان پاڻ ملي
ويا آهن. آسمان تي هڪ تارو کڙي ٿو، جو منڇر جي
پاڻي م ٽٻي هڻي غائب ٿو ٿي وڃي.
زندگي منهنجي حصي ۾ جيڪا آئي،
ساڻ خوشين جي اداسائي به آئي،
دل چوي بابي امان کي ڪو ٻڌائي،
اڄ وري ڏاڍي اوهان جي ياد آئي
(شاهه
محمد پيرزاو)
ياد سدائين گذريل وقت ايندو آهي، وسرندڙ
ڪڏهن به ماضي ڪونهي. الائي ڇو؟ ڪو زمانو هو، جو
حيدرآباد واري اسان جي گهر ۾ مهيني ۾ پنج، ست
گڏجاڻيون ضرور ٿينديون هيون. هر سال ڊسمبر ۾ شيخ
اياز حيدرآباد اچي ته هڪ ڀيرو ادا وڏي ممتاز واري
ڊرائنگ روم ۾ دعوت ضرور ٿيندي هئي. محمد ابراهيم
جويي، ع.ق شيخ، سائين غلام مصطفى شاهه، نياز
همايوني ڊاڪٽر غلام علي الانا، سيد شاهه محمد شاهه
قمرزمان راڄپر، عبدالخالق جوڻيجي، زاهد مخدوم، سيد
علي حيدر شاهه، سيد خادم علي شاهه، مراد علي مرزا،
نثار حيسني، نصير مرزا، اياز گل، طارق اشرف حسن،
نور الهدي شاهه، خيرالنسا جعفري، عبدالفتاح عبد،
غلام حسين رنگريز، غلام رباني آگري، محمد خان
مجيدي، مومن مليرائي، عبيد راشدي، طارق عالم ابڙي،
اخلاق انصاري، عمر قاضي، عرفان شاهه، خادم علي
شاهه، اڪبر سومري، عبدالقادر جوڻيجي، عبدالحق
عالماڻي، ماڻڪ، امداد حسيني، ذوالفقار راشدي،
عبدالڪريم پلي، شوڪت حسين شوري، مشتاق شوري، علي
انور هاليپوٽي ۽ مير ٿيٻي سان ڪچهريون ٿينديون
هيون. رات جو دير دير تائين ڳالهيون پيون ٿينديون
هيون. مرزا محمد جي ٺهيل ماني سروِ ٿيندي هئي. ۽
حيدرآباد جي خوبصورت رات اسان جي آڏو پنهنجي جوڀن
سان پئي وهامندي ويندي هئي.
پر اڄ اها ڳالهه نه رهي آهي. ڪيڏو نه عجيب
زمانو هو. ڪڏهن به منهنجي وڏي ڀاءُ ادا ممتاز
اعتراض نه واريو ته سندس خوبصورت ڊائينگ روم ۾
اسين رات جو دير دير تائين اڍائي ٽن جو آمريڪي
ڪيريئر ايئرڪنڊيشن ڇو ٿا هلايون؟ سندس ئي خرچ تي
دعوتون ڇو ٿا ڪريون؟ اهو وقت 1980 جو آهي. اڄ ته
اکيون انهن ڪچهرين لاءِ ٿيون واجهائين.
سوڍا سور سَڪائيون اکيون آب نه ڪن،
راڻي جي رهاڻ کي، ورڻيون وڃن،
سي ڪيئن مينڌرا مچن، جي تو سوريءَ چاڙهيون،
(شاهه)
مراد صاحب کي سندس وفات کان هڪ ڏينهن اڳ ڪمبائينڊ
مليٽري مان ڊسچارج ڪيو ويو ته هو پنهنجي گهر هليو
آيو. پر پهرئين مارچ 2012ع اڱاري جي ڏينهن، صبح جو
10وڳي هو پنهنجي قديم ۽ اِتهاسڪ گهر ۾، بهار جي
مند ۾ سنڌ کي الوداع ڪري سدائين لاءِ هليو ويو.
اي سنڌ تو کي الوداع، اِي هند توکي الوداع.
ان ڏينهن آئون حيدرآباد ۾ هوس. پر صبح جو 10 وڳي
ڌاري ڊائيوو بس ۾ ڪراچي وڃي رهيو هوس. الائي ان
ڏينهن مرزا صاحب مون کي ڇو ياد آيو هو. جڏهن ڪراچي
پهتو هوس، ته مون مرزا فياض جي فرزند، مرزا دبير
کي فون ڪئي. هن فون اٽينڊ نه ڪئي. اڌ ڪلاڪ کان
پوءِ هن جي فون آئي. مون فون اٽينڊ ڪئي، ته هن
چيو، ”چاچا مراد علي مرزا اڄ وفات ڪري ويو. هنئير
هنئير مقام مان موٽي پيا اچون ان ڪري توهان جي ڪال
اٽينڊ نه ڪري سگهيس.“
افسوس سندس آخري رسمن ۾ شرڪت نه ڪري
سگهيس. اڄ به ڪڏهن ڪڏهن ٽنڊي آغا مان لنگهندو
آهيان ته مرزائن جي مقام، سيد جمن شاهه جي مقبري
وٽ، فاتح لاءِ هٿ کڄي ويندا آهن.
نڪي روئڻ واريون، نڪي اوسارين،
مونهين کي مارين، مونهين سندا ڏکڙا
(شاهه)
سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز هڪ هنڌ لکيو
آهي: ”ڪائي مُرڪ اکين ۾ ائين چمڪ پيدا ڪندي آهي،
جيئن سج جا پهريان ترورا هرڻ جي اکين ۾ پيدا ڪندا
آهن“
مشهور ليکڪ رچرڊ برٽن چيو آهي: ”يادگيري
به هڪ شيءَ هوندي آهي. جيڪا ماضيءَ جي اهم واقعن
کي خوابن جي نفيس پردن ۾ لڪايو ويٺي هوندي آهي“
قرت العين حيدر وري چوي ٿي: ”ياد هڪ اهڙو سانت
طوفاني اڇو اجرو ۽ ميرو سمنڊ آهي، جنهن جي عميق ۾
قديم جهازن، جڳ مڳ خزانن ۽ لاشن جو خاموش شهر دفن
آهي. انهي پاڻيءَ هيٺ بلوري محلاتن ۾ سامونڊي گل
پيا ترندا آهن.“ (پر زندگي هڪ دريا وانگر آهي. وڃي
ٿي لهرن ۾ لڙهندي لڙهندي ۽ اڳتي وڌندي)
وقت گذرندو ويندو دور بدلجندا ويندا. ٿي سگهي ٿو.
صديون به لنگهي وڃن پر انسان جون لکڻيون ڪڏهن به
ختم نٿيون ٿين. ياد جو انت نٿو اچي. جينيئس لکيڪ
جي لکڻي پڙهي، ماڻهو جو مُنهن بهار جي گلن جهڙي
اڻڃاتل سڳنڌ سان ٿو واسجي وڃي. سنسڪرت ٻولي جي هڪ
چوڻ آهي: ”چندن جي وڻ کي ڪپيندي ڪهاڙي به خوشبودار
ٿي ويندي آهي“
شاهه عبدالڪريم چوي ٿو:
چندن چُور ڪريندي تو منهن ڪُهاڙ!
زندگي ته ڏاڍي عجيب آهي. سمجهه ۾ ايندي به
نٿي سمجهه ۾ اچي. زندگي رڻ ۾، ٿرن برن ۾ ڀٽڪائي
ماريندي آهي. ۽ منزل، درياهه جي ٻي ڪنڌي نظرن کان
اوجهل ٿي ويندي آهي. ڏاڍو پرسرار سفر آهي. ڪير
ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي. خبر ڪونهي ته منزل ۽ مارڳ
ڇا آهي؟ يا وري خود مراد علي مرزا چواڻي: ”شيون
ڪئين ٿيون اوچتو اچن ۽ ڪئين ٿيون اوچتو ئي غائب
ٿين اهو هڪ اهڙو معمو آهي، جهڙي زندگي! هر جيو
جڻو، هر ساهه وارو وجود ۾ اچي ٿو ۽ اوچتو عدم وجود
۾ الوپ ٿيو وڃن، شين جو به شايد اهو ئي مقدر هوندو
آهي.“
مراد صاحب اڄ اسان ۾ موجود ڪونهي. پر سندس چاهيندڙ
موجود آهن. نصير مرزا جهڙو سندس دوست موجود آهي،
سندس لکڻيون تارن وانگر پيون اسان کي راهه
ڏيکارين، ڪوبه شخص دنيا ۾ سدائين رهڻ لاءِ نٿو
اچي. ماڻهو سمنڊ جي لهرن وانگر هڪٻئي جي پٺيان اچن
پيا، ايندا رهندا ۽ ويندا رهندا. هڪٻئي جي جاءِ
ولاريندا رهندا. زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن چونڪ تي
مختصر وقت لاءِ هڪٻئي سان ملندا ۽ وڇڙندا رهندا،
پر اها ڪيڏي نه ڏک جهڙي ڳالهه آهي. جڏهن اسان تي
هنن جي وڃڻ جو احساس حقيقت بڻجي ٿو آڏو اچي، ته
اسين ڏک جي هڪ عجيب دنيا ۾ ٿا هليا وڃون ۽ پوءِ
ايتري ئي ڏک سان اسان کي سندن نه هجڻ جو احساس ٿو
وڻ ويڙهي وانگر وڪوڙي وڃي. هو جڏهن اسان وٽ موجود
هئا، ته محسوس ٿيندو هو ته سندن ساٿ ڪيڏو نه معنيٰ
وارو هو ۽ اڄ موجود نه آهن:”وڏي وٿ هئا ٻارو ڇا
ڀنڀور ۾ “
۽ هو اڄ نه آهن ته اندر ۾ خزان جون هوائون ٿيون
اڏامن، ٻاهر هوا ڏاڍي تيز ٿي ويئي آهي. دريءَ مان
آئون ٻاهر نهار ٿو وجهان. پري سمنڊ جون لهرون پيون
ڪنار سان ٽڪرائجن. جڏهن کان دنيا جي شروعات ٿي
آهي. هوا سدائين پئي گُهلي، جُهڙ به سدائين ٿو ٿئي
۽ مينهن پيو آڪاس مان وسي. تارا روز ٿا آسمان ۾
کڙن. پڇاڙڪين تاريخن جو اڌ چنڊ ڄڻ ڌرتي تي ٿو لهي
اچي بيهي ۽ سمورو اندر جو ڪوئي اڻڃاتل ڏک ماڻهو کي
ٿو وڪوڙي وڃي، پر هاڻ ته هن دلپسند ۽ دلڪش
(ڪڏهوڪي) شهر حيدرآباد جي رستن تي اهي سريل جا وڻ
به باقي ناهن رهيا، جن مان رات جو سُرهي سرهي سڳنڌ
چوپاسي پکڙجي ويندي هئي.
آئون مضمون لکي اداس ٿي وڃان ٿو. نصير مرزا باربار
فون ڪري مضمون گهريو آهي، شام جو وقت پورو ٿي ويو
آهي. ٻاهر اونداهه پکڙجي ويئي آهي. دل تي هڪ عجيب
بار پيو محسوس ڪريان، ڪنهن دوست جو مرثيو لکڻ ڪيڏو
نه ڏکيو آهي؟ آئون اٿي گيلري جو در کولي ٻاهر ٿو
بيهي رهان. اوڀر کان 13 ربيع الثاني ۽ فيبروري جو
اداس چنڊ بيٺو آهي، سامهون وڻن جي ڪري سمنڊ لڪي
ويو آهي. آسمان تي ڇڊا ڇڊا ڪڪر بيٺا آهن. هڪ ڪڪر
چنڊ کي لڪائڻ جي تيارين ۾ آهي. آڪاس تي تارا انيڪ
پيا چمڪن، پر هڪڙو تارو وچ آڪاس تي بيٺو ڌرتيءَ کي
ڏسي. چنڊ جو اجالو وايو منڊل تي ڀاري آهي. دور
قاسم پارڪ جي وڻن جي ڊگهي قطار آهي. پارڪ ۾ سنڌ
فيسٽيول جو فنڪشن آهي. ان ۾ ڪوئي فنڪار ڳائي رهيو
آهي. هوا جي دوش تي اهو آواز ڪنهن مهل ويجهو اچي
ٿو، ۽ ڪنهن مهل غائب ٿيو وڃي. آئون موبائل فون ۾
ٽائم ڏسان ٿو. رات جا اٺ ٿيا آهن، پر تارن جي
جهرمٽ ۾ چنڊ کڙيل آهي. اوچتو ڪنهن ولر کان وڇريل ۽
نه ڏسڻ ۾ ايندڙ پکيءَ جو ڏکويل آواز ماٺ کي ٽوڙي
ٿو ڇڏي. شايد سمنڊ ڏانهن وڃي رهيو آهي سندس آواز
مون کي ڇرڪائي ٿو ڇڏي. (اڄ سمنڊ مان ڪنهن لنگهندڙ
پاڻي جي جهاز جو سائرن به نه پيو ٻڌڻ ۾ اچي) مان
ڏاڍي ڌيان سان رات جي طلسم کي ٿو ڏسڻ لڳان. مٿي
آڪاس ۾ روشن چنڊ ڪڪرن سبب ڌنڌلڪو ٿي ويو آهي ۽ مون
کي ياد ٿو اچي گورڌن محبوباڻي جو هيءَ شعر!
هاءِ! هٿن مان ويئي نڪري،
رات ريشمي رات ريشمي!
13 فيبروري 2014 ڪراچيءَ
اڄ
به ياد اٿم...
ميرزا فتح علي بيگ
موليٰ علي عه جو نهج البلاغه ۾ ارشاد آهي ته:
خالطوا الناس مخالته ان متم معها بڪوا عليڪم، و ان
عشتم (غبتم) حنوا ليڪم (ترجمو) ماڻهن سان اهڙو
ميلاپ رکو جو مري وڃو ته ماڻهو روئن ۽ جيئرا رهو
ته اوهان جا مشتاق رهن.
هلڪ امرو يعرف قدره (ترجمو) جنهن شخص پنهنجي قدر و
منزلت کي نه سڃاتو اهو هلاڪ ٿي ويو.
اِهي ٻئي خصوصيتون منهنجي چاچي ميرزا مراد علي بيگ
جي شخصيت مان نمايان هيون.
چغتائي مغل خانوادي جي سرواڻ ميرزا نظر علي بيگ جي
ستين پيڙهي ۾ جنم وٺندڙ ميرزا مراد علي بيگ ولد
ميرزا مهر علي بيگ جي تاريخ ولادت 12 جنوري 1930ع
مطابق 11 شعبان المعظم 1348هه آهي. سندس پيدائش جي
هيءَ تاريخ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي رڪارڊ
مطابق آهي، جنهن جي منهنجي ٻُڌائڻ تي پاڻ تصديق
ڪيائين ته سندس ولادت جنوري جي مهيني ۾ ٿي هئي.
پاڻ پرائمري، هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج مان تعليم مڪمل
ڪري سرڪاري ملازمت اختيار ڪيائين. آخرڪار ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد، ڪوئٽيا ۽ ڪراچي ۾ پنهنجون
نمايان خدمتون سر انجام ڏيندي حيدرآباد ريڊيو
اسٽيشن تان رٽائر ٿيو.
مون کي سندس قربت ۽ شفقت تڏهن نصيب ٿي، جڏهن آءٌ
سينٽرل جيل ڪراچي تي بدلي ٿيس. 17- اپريل 1967ع تي
آءٌ حيدرآباد سينٽرل جيل جي ڊيوٽي تان فارغ ٿيس ۽
اُها محرم الحرام 1387هه جي 6 تاريخ ۽ سومر جو
ڏينهن هو. 10 محرم الحرام جمعه جي ڏينهن آغا صاحبن
جو پڙ اسان واري امام بارگاه علي آباد تان روانو
ٿيو، اُن وقت ڏينهن جا تقريباً 4 ٿيا هئا ۽ چاچا
مراد علي بيگ ميرزا منهنجي نانا ميرزا علي محمد
بيگ سان اچي مليو. اُن کيس ٻڌايو ته لالا (منهنجو
نالو فتح علي هجڻ ڪري منهنجا ڪيترائي بزرگ مون کي
لالا ڪري سڏيندا هئا) جي بدلي ڪراچي جيل تي ٿي
آهي، اوهان اُن سان گڏ رهو ته بهتر ٿيندو. پاڻ مون
کان معلوم ڪيائين ته ڪراچي ڪڏهن هلبو؟ مون وراڻيو
ته، 24 اپريل تي ڊيوٽي رزيوم ڪندس. حيدرآباد مان
منهنجي روانگي مهل ادا اختر ميرزا صاحب مون سان گڏ
هليو ۽ جڏهن چاچا مراد علي مون وٽ اچي رهڻ لڳو ته
ڪجهه ڏينهن بعد ادا اختر ميرزا حيدرآباد روانو
ٿيو.
01- مئي 1967 تي شام ڌاري آءٌ ۽ ادا اختر ميرزا،
بهادر آباد فليٽ تي پهتاسين، جتي چاچا جي رهائش
هئي. پوءِ اتان سامان کڻائي اچي سرڪاري گهر ۾
رکيوسين. جيل محڪمه ۾ اِها سهولت آهي، جو اُتي
ملازمن جي لاءِ سرڪاري رهائش موجود آهي. مون کي
مليل گهر جي سامهون هڪ وڏو کليل ميدان هو ۽ سامهون
ايتري ڇوٽ هوا ايندي هئي، جو پکي جي ضرورت ئي
محسوس ڪا نه ٿيندي هئي.
هي اُهي ڏهاڙا هئا، جن ۾ ڪراچي ڪراچي هئي؛ نه ايڏي
رش، نه ايڏيون ڊگهيون عمارتون ۽ فليٽس ۽ نه وري
ايترو گاڏين جو دونهون! صاف سٿري ۽ وڻندڙ هوا ۽
صاف سٿرو پاڻي، ته وري هوٽلون به صفائي واريون ۽
سٺو کاڌو.
هاڻي اسان جي رهائش هڪ ئي جاءِ ۾ ٿي. صبح جو آفيس،
شام جو گهر ۽ رات جو ماني کائي ميدان ۾ پسار ۽
گفتگو دوران ڪڏهن ادب ته ڪڏهن مذهب يا وري ڪڏهن
سياست تي خيال آرائي.
انهن ڏينهن ۾ ايوب خان جي خلاف تحريڪ ڪَر کڻڻ شروع
ڪيو هو. مير رسول بخش خان ٽالپر، حيدر بخش جتوئي ۽
آغا شورش ڪاشميري سينٽرل جيل ڪراچي ۾ نظر بند هئا.
گاهي به گاهي هُنن سان ملاقات ٿيندي هئي. آغا شورش
ڪاشميري سان جڏهن ملاقاتي ايندا هئا ته مون کي
سڏائي وٺندو هو.
اسان جو اِهو دستور هو، ته هر آچر تي ٻن پهرن جي
ماني گهر ۾ ڪبي ۽ شام جو گهمڻ هلبو. جيل جي سامهون
حيدرآباد ڪالوني آهي، اُتي هڪ ڪاسائي هو جنهن وٽ
سٺو ٻاڪرو گوشت هوندو هو. اُتان ڪليجي مان رڳو
جيرو وٺندا هئاسين ۽ ان کي پاڻي جي هڪ ڌوپ مان ڪڍي
پچائڻ شروع ڪندا هئاسين. ٻوڙ تيار ٿيو ته نان،
نانوائي کان آڻيندا هئاسين.
بس يار! هڪ ڏينهن ٻوڙ تيار ڪري نان وٺي آياسين ۽
ماني کائڻ شروع ڪئي سين ته پهرين ئي گرهه لاءِ
چاچا نان مان ٽڪر ڀڳو، هيئن جو ڏسي ته اُن ۾ بوڊو
پيل... الا! اوڪارن جي مٿان اوڪارا... ڪيڏانهن ويو
ٻوڙ ته ڪيڏانهن وئي بک... منهنجو به حال دگرگون!
سڀ ڪجهه ڇڏي نڪتاسين صدر ۾ ۽ پوءِ طئي ٿيو هاڻ نان
ڪو نه کائبو، برياني کائي گهر آياسين. __ پاڻ مون
کي چيائين ته، ابا هي ٻوڙ مجتبيٰ شاهه (اسان جو
پاڙيسري حوالدار) جي گهر ڏيو ته پوءِ آءٌ
ڪمري ۾ اندر هلان. __ بهرحال آهسته آهسته خيال دل
تان لٿو ۽ زندگي خوشگوار گذرڻ لڳي.
موڪل واري ڏينهن جيل جي سامهون بس اسٽاپ تي 5 نمبر
بس ۾ سوار ٿي صدر پهچندا هئاسين، اُتان ڪنهن
ايراني ريسٽورينٽ تي چانهه بسڪيٽ کائي گهر ورندا
هئاسين. اُتي مون کي چاچا جي زندگيءَ جي تاريخ جي
ورقن اٿلائڻ جو سٺو موقعو مليو. آغاز هيئن ٿيو:
هڪ جمعه جي ڏينهن شام جو ايلفنسٽن اسٽريٽ گهمڻ جو
پروگرام ٿيو. گهران نڪري رستي تي آياسين ۽ رستو
ڪراس ڪري فٽ پاٿ تي رسياسين ته پاڻ چيائين ”توهان
جي ڄمڻ جي ڪهڙي تاريخ آهي؟“
مون وراڻيو ”31 جنوري 1948ع.“
چيائين ”نه يار نه، 31 نه پر 30 جنوري 1948ع. __
ٿيو ائين جو 30 جنوري تي مهاتما گانڌي کي گولي لڳي
۽ اِهو تقريباً 4 بجي جو وقت هو. بابا جي ڪمري ۾
ريڊيو رکيل هو، راڄ جا سڀئي مرد اچي اُتي گڏ ٿيا ۽
خبرون ٻُڌڻ لڳا. شايد شام جا 5 ٿيا هئا ته، لالا
(منهنجو ڏاڏو ميرزا علي نواز بيگ، توڙي جو چاچا جي
والد بزرگوار جو سڳو پڳدار سوٽ هو، ان رشتي سان
منهنجو ڏاڏو سندن چاچو ٿيو، پر هي سڀئي ڀائر ۽
ڀينرون منهنجي ڏاڏي مرحوم کي ”لالا“ چوندا هئا)
آيو ۽ ادا حامد علي کي چيائين ته مبارڪ هجئي توکي
رب پاڪ پُٽ عطا ڪيو آهي. __ سڀني مبارڪون ڏنيون.
بابا، لالا کي چيو ته ادا ننڍڙي تي ڏاڏي سائين جو
نالو فتح علي رکجو. تنهن تي لالا چيو ته ها ادا،
اهوئي نالو رکيو اٿم.“
هڪ ڳالهه جنهن تي چاچا هميشه فخر ڪندو هو، اُهو هو
سندس نالو. پاڻ چوندو هو ته آءٌ خوش نصيب آهيان،
جيڪو پنهنجي ڏاڏي جو همنام آهيان. انهيءَ نالي جي
ذڪر ۾ بيان ڪندو هلان ته هڪ ڀيري مون امام بارگاه
علي آباد ۾ موليٰ علي زين العابدينؑ ابن موليٰ
امام حسينؑ جي شهادت جي سلسلي ۾ مجلس کي خطاب پئي
ڪيو ۽ چاچا به اُن مجلس ۾ موجود هو. مون ذڪر ڪيو
ته، موليٰ عليؑ جي حياتيءَ ۾ ئي موليٰ امام زين
العابدينؑ جي ولادت ٿي ته موليٰ عليؑ پنهنجي پوٽي
کي پنهنجو همنام بنايو. مجلس ختم ٿيڻ بعد چاچا
اڪثر مون سان ويهي گفتگو ڪندو هو. انهن ڏينهن ۾
سندس فرزند ادا منظور مراد ميرزا صاحب جي شادي ٿي
چڪي هئي، ته پاڻ مون کي دوران گفتگو چيائين ته
منهنجي خواهش آهي ته، موليٰ عليؑ، منظور کي پُٽ
عطا ڪري ته آءٌ اُن جو نالو ”مراد علي“ رکان؛ جيئن
اوهان جو نالو ”فتح علي“ آهي تا ڪه خاندان ۾ ٻئي
نالا هلندا اچن. مون وراڻيو ته، رب پاڪ اوهان کي
وڏي حياتي ڏي، پُٽڙو ڄمي ته ”علي“ سڏجوس پوءِ
”مراد علي“ به ٿيندو. پاڻ پنهنجي پوٽي کي ”علي“
سڏيندو هو.
روزانا جي گفتگو ڪندي ٻُڌايائين ته، 19 جولاءِ
1958ع تي منهنجي بي-اي جي رزلٽ جنهن ڏينهن ظاهر
ٿي، اُها محرم الحرام 1378هه جي پهرين تاريخ ۽
جمعي جو ڏينهن هو. اِها خوشخبري مون پهرين اچي
پنهنجي مامي ميرزا امام بخش بيگ کي ٻُڌائي، جنهن
الله پاڪ جو شڪر ادا ڪري مون کي 10 روپيه نذر جا
ڏنا ۽ نذر جي کيرڻي ڪئي سين. اِهو احوال ماما
مرحوم پنهنجي روزانا جي ڊائري ۾ پڻ لکيو آهي.
پنهنجي خاندان ۾ ماما مرحوم ئي پهريون تاريخ نويس
آهي، جنهن پنهنجي ڊائري لکڻ شروع ڪئي هئي.
هندوستان جي جڳ مشهور شهر دهلي جي رهواسي سيد
مناظر حسين ’ناظر‘ (آغا شاعر قزلباش جو ڀاڻيجو ۽
شاگرد) جي صحبت جو ذڪر ڪندي ٻڌايائين ته آءٌ هن
سيد سان امام بارگاه ۾ پنج وقتي نماز ۽ تهجد جي
نماز گڏ پڙهندو هئس. وڏو پارسا ۽ صاحب ڪشف و ڪرامت
هو. اوهان جي گهران ٽنهي وقتن جي ماني ايندي هيس،
جنهن مان ڳچ حصو جهرڪين کي کارائيندو هو ۽ باقي
پاڻ کائيندو هو. مون کي فارسي زبان جي تعليم
ڏنائين ۽ علم عروض، علم معاني و بيان وغيره به هن
کان ئي سکيس. هي اُهو وقت هو جڏهن آءٌ ٻين ڪتابن
سان گڏ ”صراط المستقيم“ رسالي جو مطالعو ڪندو هئس.
اُن مان ماما گل حسن جو هيءُ سلام پڙهيم:
سڀن تي فرض ڪئي خالق محبت آل اطهر جي
نبي جي شبر و شبير جي زهرا جي حيدر جي
اِن سلام جي طرز تي مون به سلام ٺاهيو:
جَلايو آتش غيظ شهه صفدر بيابان کي
جگر کي دل کي نيڻن کي بدن کي ذهن کي جان کي
شاعريءَ ۾ ماما علي بخش ڪوثر منهنجو استاد هو،
جنهن سلام اصلاح ڪيو هو. سندس وفات تي مون نثر ۾
سندس وفات جو سال هيئن لکيو:
”امام عالم علي بخش ڪوثر“ (1961ع) کي باغ بهشت عطا
فرمايو. |