سيڪشن: ادب

ڪتاب: مراد صاحب (اينٿالاجي)

باب:

صفحو:29 

منهنجو بابا سائين

منظور مراد

منهنجو بابا سائين جنهن کي قدرت واري هڪ شاندار اسائنمنٽ مڪمل ڪرڻ لاءِ هن دنيا ۾ موڪليو. جيڪو ڏاتار جي حڪم کي ايمانداري ۽ ديانتداري سان نڀائي اسان سڀني کي سوگوار ڪري هن فانيءَ دنيا مان همشه همشه لاءِ هليو ويو. هڪ اهڙي جهان ڏي جتي انسان جو همشه لاءِ رابطو منقطع ٿي ٿو وڃي. اَڄ اهو احساس تمام شدت اختيار ڪري ويو آهي ته اسين سڀئي گهر ڀاتي ڪيترا نه ويڳاڻا ۽ اڪيلا ٿي پيا آهيون. هر هر دل مان اِها آه ٿي نڪري ته اي منهنجا مولا هي ڇاٿي ويو! آئون ته هاڻ ڇورو ڇنو ٿي پيو آهيان. ياالله! هيءَ ڇوري ڇني لفظ جي ڇپ منهنجي هنيانءُ مٿان ڇو اُڇلي وئي آهي. لفظ ڇورو ڇنو ٻن لفظن تي مشتمل آهي. پر اُن ۾ وزن ڪيڏو نه آهي جو مان اُن لفظ جي وزن هيٺان دٻجي رهجي ويو آهيان. آهي کان اهڙي قوت جيڪا مون کي ان وزن کان آجو ڪرائي. هيءَ ته کن پل ۾ منهنجي خوشين جي دنيا اجڙي ويئي، هيان کي ڏڍ هيو ته ابو ويٺو آهي وڏو ويٺو آهي مون کي ته ڪا پرواه ئي ناهي. بادشاهن جيان آئون پنهنجي فني سفر کي وقت ڏيندو رهيس. ۽ پاڻ کي دنيا جو خوشقسمت انسان سمجهندو رهيس. زندگيءَ جي انهي سفر دوران ڪڏهن بابا مون وٽ ڪراچي هليا ايندا هئا. اسين هفتي ٻي هفتي حيدرآباد ملي ويندا هئاسين. مون کي ياد آهي ته سائوٿ ايشيائي مدبر ۽ عظيم ليڊر محترم بينظير جي لافاني ڪتاب Daughter of the East  جو ترجمو بابا سائين منهنجي ڪراچيءَ واري گلشن اقبال جي فليٽ تي مڪمل ڪيو. ترجمو مڪمل ڪري مون کي چيائون ته بابا اڄ مون هڪ تمام وڏو ڪم اُڪلائي... ترجمو مڪمل ڪيو آهي. پرهاڻي هن جو نالو ڇا رکجي؟ ڪجهه لمحا خاموش رهي ۽ ڪنهن ڳوڙهي سوچ کان پوءِ چيائون ته نالو به ذهن ۾ اچي ويو. ”پورب ڄائي“ ۽ واقعي انهي نالي کان پوءِ هر طرف پورب ڄائيءَ پورب ڄائي جا آواز اچڻ لڳا. اُن وقت جون اخبارون اڄ به اِها شاهدي ڏينديون رهنديون آهن. ڪم جي ٿڪاوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ بابا مون کي ڪجهه ڊرامه سيريليز ۽ ڪجهه انڊين فلمن جي لسٽ ڏني. جن ۾ گلزار جي غالب- بنياد-ليڪن-رودهالي اهي فلمون بابا، مون ۽ منهنجا ٻارگڏ ويهي ڏسندا هئاسين. اُنهيءَ دوران منهنجي گهر واري مختلف ڊشز ٺاهي پئي بابا جي خدمت ۾ پيش ڪندي هئي. ڪتابن سان بابا جي پراڻي ياري هئي. سو وري ڪتابن جي تلاش ۾ نڪري ويندا آهياسين ۽ ڏهه ويهه ڪتاب هٿ ڪري پوءِ موٽندا هئاسين. بابا سائين جون ڪهڙيون ڳالهيون ياد ڪري ڪهڙيون ياد ڪريان. مون وٽ ته اڃا اُهي قلمَ موجود آهن جن سان لاطيني آمريڪا جي جڳ مشهور اديب گارشيا مارڪيز جي عجوبي جهڙي ناول کي سنڌيءَ ۾ اهڙي ريت ترجمو ڪيو، جهڙي ريت... دي اسپيڪٽر جنرل کي سنڌ جي عظيم مدبر ۽ ڏاهي شمش العلماءِ مرزا قليچ بيگ سنڌي ويس پهرائي سنڌ ۾ روشناس ڪرايو هو. بابا جو ادبي پورهيو عظيم رهيو آهي. پاڻ هڪ سچو ۽ نيڪ دل انسان هو. لالچ ۽ طمع کان بلڪل بي نياز... ننڍن سان پيار ڪرڻ ۽ وڏن سان عزت سان پيش اچڻ جو فن ته ڪو کانئن سکي. بابا جن پاڻ ۾ ٻه ڀائر ۽ ٽي ڀنيرون هئا ۽ وري بابا جو اولاد وري ٻه نياڻيون ۽ هڪ پٽ(يعني آئون). جنهن گهراڻي ۾ بابا جن اکيون کوليون ان جو شان ئي نرالو هو. ڪنهن به شيءَ جي ڪمي ڪانه هئي. پر افسوس هي وقت هميشه هڪ جهڙو ناهي رهندو. مون کي ياد آهي ته محترمه بينظير ڀٽو  صاحبه Daughter of East  جي سلسلي ۾ بابا کي اڪثر  اسلام آباد يا ڪراچي طلب ڪنديون رهنديون هيون. مون پنهنجي نوڪري جي درخواست بابا کي ڏني ته بابا، محترمه اوهان کان پڇندي ضرور ڪوئي ڪم ڪار هو تو بتائين. جڏهن بابا واپس موٽي آيا. ته مون درخواست بابت معلومات ڪئي بابا جن چيو ته ها. مئڊم ڪم ڪار لاءِ پڇيو هيو. پر مون چيو مانس ته نه. ميڊم منهنجو ڪوبه اهڙو ڪم ڪار ڪونهي. مون کي اوهان جو ڪم ڪندي خوش ٿي محسوس ٿئي. هن دور ۾ اهڙا سچا ماڻهو گهٽ هوندا. پوءِ مون محسوس ڪيو ته اهو سندس انا جو مسئلو هو ۽ نيٺ پاڻ ئي اها ڳالهه مون سان ڪيائون ۽ چيائون ته پٽ توکي ڏک ته ضرور ٿيو هوندو. پر منهنجا پنهنجا اصول آهن. جنهن جو ڪم ڪجي اُن کان پاڻ لاءِ ڪوبه ڪم نه وٺجي. بس رهي نانءُ سائين جو دنيا هڪ اهڙي سرڪل آهي جتي هڪڙا ويندا ته وري ٻيا اچي انهن جي جاءِ ولاريندا پر ڇا ڪجي روح آهي جو ڀرجي نٿو. اڄ جڏهن بابا هن دنيا ۾ ناهي ته مان بلڪل وکري ويو آهيان. ڪير آهي منهنجو جيڪو هن سنسار ۾ منهنجي سار لهندو. سندن آواز اڄ به پڙاڏو بڻجي منهنجن ڪنن ۾ گونجي رهيو آهي ۽ سندن فرشتن جهڙي سٻاجهڙي صورت آکين آڏو ترندي رهندي آهي. جڏهن مان ڪنهن پريشاني ۾ هوندو هئس ته چوندا هئا ته همت ناهي هارڻي دنيا جي بارڊر تي همت ۽ حوصلي جو هٿيار هميشه ساڻ هئڻ گهرجي. محنت ۽ ايمانداري سان دنيا کي فتح ڪري سگهجي ٿو. اڄ جڏهن سندن اِهي ڳالهيون ياد پون ٿيوته اندر جو سمنڊ اکين جا بند ٽوڙي ڳل آلا ٿو ڪري وجهي. هاڻي ڪير آهي هن سنسار ۾ جنهن کي بابا چوان ۽ جواب ۾ اهو ٻڌڻ ۾ اچي ته جي بابا!. اهو آواز ٻڌڻ لاءِ من ماندو ٿو رهي. مٿي تي آسمان ڪرڻ واري سٽ جڏهن  ڪتابن ۾ پڙهندو هوس يا ڪا اهڙي سٽ اکين آڏو گذرندي هئي ته ان جي مفهوم جي خبر نه پوندي هئم. بابا جي وفات کان پوءِ هاڻي خبر پئي اٿم ته آسمان مٿان ڪيئن ڪرندو آهي. جڏهن اسين ڪراچي کان حيدرآباد ايندا هئاسين ته امان ۽ بابا تي نظر پوندي ئي سمورا ٿڪ لهي ويندا هئا. امان ۽ بابا اسان سڀني کي ڏسي ڪري ڏاڍي گرم جوشيءَ سان اسان جو استعمال ڪندا هئا. ڪي ڏينهن رهي ڪري وري واپس ڪراچي ويندا هئاسين. ته سندن چهري تي فڪر ظاهر ٿي پوندو هو. بابا چوندو هيو ته ابا گاڏي هلائڻ ۾ تڪڙ نه ڪجان وري منهنجي گهر واريءَ کي چوندو هيو ته امان منظور گاڏي تيز هلائي ته منع ڪجانس. امان ڳراٽڙي پائي چوندي هئي ته ابا مولا جي حوالي... مون کي چڱي طرح ياد آهي ته لطيف سرڪار جي زندگي تي جڏهن بابا ناول لکڻ شروع ڪيو ته ان جون بروهي صاحب جي رسالي ۾ ڪجهه قسطن تائين ڇپيون پر اوچتو رسالي ۾ ناول ڇپجڻ بند ٿي ويو. مون بابا سان فون تي ڳالهايو بابا ٻڌايو ته پٽ انهيءَ ڳالهه کي ڇڏي ڏي هاڻ اهو ناول ڪڏهن به مڪمل ڪو نه ٿي سگهندو. مان سڀ ڪم ڪار ڇڏي حيدرآباد پهتس. مون کي حيرت ٿي ته ڪن عقل جي انڌن بروهي صاحب ۽ بابا کي ڌمڪيون ڏنيون ته اهو سلسلو بند ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ انجام چڱو نه ٿيندو. خير بابا جي بيماريءَ دوران نصير مرزا صاحب جو اسان سان مڪمل سهڪار رهيو. پاڻ روز شام جو بابا سان اسپتال ۾ ڪچهريون به ڪندا هئا ۽ عيادت پڻ.

مون کي ياد آهي جڏهن کان بابا اسپتال ۾ داخل ٿيو. پوري گهر ۾ خاموشي طاري ٿي ويئي. امان، آپا زاهده، منهنجي گهر واري، مرحوم آپا ضمير جون نياڻيون ڌئيءَ بابا جي صحت لاءِ هر وقت دعائون گهرنديون رهيون. امام بارگاهه ۾ ٿيندڙ هر مجلس ۾ بابا جي صحتيابي لاءِ دعائون گهريون وينديون رهيون. اسپتال ۾ جيڪي شخصيتون بابا جي عيادت لاءِ آيون. انهن ۾ محترم ابراهيم جويو صاحب، محمد علي مانجهي، پروفيسر اعجاز قريشي، مدد علي سنڌي، قاضي خادم، اختر مرزا ۽ ٻيا به ڪيترائي مهربان بابا جي عيادت لاءِ ايندا رهيا. جن جا نالا ذهن تي ياد نه پيا اچن. بابا زندگيءَ ۾ محنت، همت ۽ حوصلي وارا انسان هئا. اسان سڀني ٻارن کي ڏاڍي پيار ۽ محبت سان پاليائون. ڪڏهن ڇڙٻ به نه ڏنائون. مار ته پري جي ڳالهه آهي. سندس عشق ڪتابن سان هو. اڄ به جڏهن ڪو ڪتاب بابا جي لائبرري مان کڻي کولبو ته اوهان کي ان ڪتاب ۾ انڊر لائينز ٿيل جملا نظر ايندا . بابا جن پنهنجي اندر ۾ رڳو علم سمايو پر ڪڏهن ان تي فخرنه ڪيائون. نه ئي ڪڏهن ڪنهن تي ظاهر ڪندا هئا ته مون هيترا ڪتاب پڙهيا آهن. مون کي ۽ ادين کي پڙهايائون. ۽ هميشه مون کي اِها تنبهه ڪندا هئا ته تنهنجي پٽ علي کي سٺي تعليم ڏيار ڇو ته مان شوبز جي ڪري ڪافي عرصو ڪراچي ۾ رهيو آهيان. ان ڪري مون بابا جي تاڪيد مڃي عليءَ کي ڪراچي جي بهترين اسڪول ۽ بهترين ڪاليج ۾ تعليم ڏياري. ۽ اڃا به سندس پڙهائي جاري آهي. بابا سنڌي ادب لاءِ وڏو جاکوڙيو سندس اڻ چپيل ڪم به موجود آهي. رهيل ڪم کي سهيڙي ٻن ٽن ڪتابن جي صورت ۾ ڇپرائي سگهجي ٿو. مختلف دوستن جا خط جيڪي سون جي تعداد ۾ موجود آهي. انهن جو به هڪ الگ ڪتاب مرتب ڪري سگهجي ٿو.

جنهن ناول کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مون کين راضي ڪيو... ان ئي ناول کي محبت سان مڪمل ڪري  ان جو مسودو پاڻ منهنجي حوالي ڪيو. ۽ چيائين ته بابا هي ڪم مون کان سرڪار لطيف ڪرايو آهي. مون هن جي نوڪ پلڪ به درست ناهي ڪئي. هاڻي وڃي ڇپرائي. جنهن کي هن دور جي سٺي نثر نگار نصير مرزا صاحب ايڪوين صديءَ جو معجزو قرار ڏنو آهي. ۽ هي ناول هاڻي ته ڪيترائي ايوارڊ پڻ ماڻي چڪو آهي. ناول مڪمل ڪرڻ کان پوءِ بابا چيو ته هاڻ مون قلم کڻڻ ڇڏي ڏنو آهي هاڻي فقط پڙهبو. بابا پوءِ واقعي لکڻ ڇڏي ڏنو. اسلام آباد ۾  ناول جي مهورت کان سگهو ئي پوءِ بابا جن بيمار ٿي پيا. امان جن مون کي فون تي اها ڳالهه ٻڌائي... اسين سڀ گهر وارا حيدرآباد پهتاسين. امان، آئون ۽ نصير مرزا گاڏي ۾ ويهي ڪري بابا کي کڻي C.M.H پهتاسين. ٽنڊي آغا کان وٺي C.M.H تائين بابا نصير صاحب ۽ مون سان ڪچهريون ڪندو هليو. پر بابا کي جڏهن EMERGENCY وارڊ ۾ چيڪ اپ لاءِ وٺي وياسين ته بابا جو سهڪو ايترو ته وڌي ويو جو ڊاڪٽرن چيو ته توهان مريض کي ختم ڪري وٺي آيا آهيو. بابا کي ايڊمٽ ڪيو ويو جتي بابا کي نمونيا ڊائگناز ٿي. ڪجهه عرصو هاسپٽل ۾ رهيا... ٺيڪ ٿي ويا. گهر پهتاسين ته ڪجهه عرصي کان پوءِ بابا جن تي فاليج حملو ڪيو. اهڙيءَ ريت علاج دوران پهرين مارچ 2011 تي بابا پنهنجي اولاد مٽن مائٽن ۽ دوستن کي سوگوار ڪري هيءَ دنيا هميشه لاءِ ڇڏي هليا ويا. شايد لطيف سرڪار هي سٽون پنهنجي والد بزرگوار شاهه حبيب جي ئي وفات تي چيون هونديون.

اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين

آدسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين

جيڪي جي کي  جيارين سي  لاهوتي لڏي ويا

ڪيڏو نه  پيڙاءَ آهي شاهه ائين جي انهن سٽن ۾ ڪيڏو نه ويراڳ آهي بابا جي وڇوڙي جو... سندن اهڙي وصال جو پهريون ڄاڻ مون نصير صاحب کي ئي ڏنو. جنهن کان اها خبر ٻڌندي ئي دانهن نڪري ويئي.

 

مراد علي مرزا

گلبدن جاويد مرزا

ادا نصير مرزا جنهن جو مان دل سان احترام ڪندي آهيان، ڇاڪاڻ ته هو ماڻهوءَ کي عزت ڏيئي ڄاڻندو آهي ۽ قدرت منجهس ٻين ڪيترين ئي خوبين سان گڏ، اها ڏيا به رکي آهي، جو ڪا ڌنڌلي ياد يا زندگيءَ سان لاڳاپيل ڪو رشتو ياد ڏيارڻ ۽ ان تي لکرائڻ لاءِ آماده ڪري وٺندو آهي، سو ان ڏينهن جيئن ئي فون ڪري چيائين ته مراد علي مرزا تي ڪجهه لکي ڏيو ته مان دل ئي دل ۾ سندس ٿورا مڃڻ لڳس ڇو ته هي جڳ مشهور براڊ ڪاسٽر، ترجمي نگار، فڪشن جو بادشاه مراد علي مرزا جيئن ته منهنجي وَر جو مامو آهي انڪري مون کي سندن ويجهڙائي ۽ شفقت نصيب ٿي.

مون کي ياد ٿو اچي ته يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران مون پنهنجي بابا شهيد احمد خان آصف مصراڻيءَ کان پڇيو هو ته اوهان مون تي گلبدن نالو ڇو رکيو؟ ڇو ته تاريخ ۾ گلبدن بيگم ظهير الدين بابر جي ڌيءَ، نصير الدين همايون جي ڀيڻ ۽ جلال الدين اڪبر جي پڦي هئي، جنهن ٽي بادشاهيون ڏٺيون. بابا کلي چيو ڇا مون توکي بادشاهي ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر ڇڏي آهي. پر جڏهن بابا ممتاز مرزا منهنجي سهري ۽ ماما مراد علي مرزا جو توجهه ۽ پيار مليو ته مون کي پنهنجي بابا واري ڳالهه دل سان لڳي. يقينن شاهه سائين اهڙي ئي پس منظر ۾ فرمايو آهي ته:

تَڪَيا پَسُون تن جا، هلي منجهان حال،

ڪَوڙين ڪنوٽين جا، ڀَينَرُ ڀانيان ڀال،

سامُينِ جي سنڀال، مُنهنجو چتُ چڱو ڪَيو.

(سُر رام ڪلي)

مراد علي مرزا رئيس مهر علي مرزا جو فرزند ۽ ٽالپر دور جي وزيراعظم رئيس ٻڍل بيگ مرزا جو پوٽو، سندس جنم شيش محل ٽنڊو آغا ۾ ٿيو. سونن چمچن ۽ چانديءَ جي ٿانون ۾ کائي وڏو ٿيو. امان (منهنجي سَسُ) مراد علي مرزا جي ننڍي ڀيڻ ٻڌائيندي هئي ته ”ادا وڏو يعني مراد علي مرزا وڪٽوريا گاڏيءَ ۾ چڙهي پڙهڻ ويندو هو. ڏاڏو سندس لکڻ لاءِ سونين نبن واريون پينون ٺهرائيندو هو. سندس عقيقو ڪربلا ۾ پنهنجي پوري ڪٽنب سان وڃي ڪيو.“

مرزا خاندان جي هن چشم و چراغ کي سنڌي، اردو، پارسي ۽ انگريزي تي دسترس حاصل هئي ۽ عربي ٻوليءَ جي به ڄاڻ هيس ڇو ته سندس وڏا پڻ هاڪارا شاعر، اديب ۽ عالم ٿي گذريا آهن. پاڻ دنيا جهان جو ادب پڙهيائين ۽ فرانس کان ويندي لنڊن، آمريڪا، آفريڪا، مصر، ترڪي، ايران، هندستان وغيره جي نامور ليکڪن جون لکڻيون ترجمو ڪري سنڌي ادب کي مالا مال ڪيائين. جيڪڏهن ترجمي جي لحاظ کان تحقيق ڪئي وڃي ته مراد علي مرزا جي بدولت ٻاهرين دنيا جي ادب جو شاندار ذخيرو سنڌ کي مليو آهي، جنهن سنڌي ليکڪن کي ادب جي نون لاڙن ۽ رُخن جي ڄاڻ ۽ ساڃاهه ڏني.

مصر جي ليکڪا نعوالسعادوي کي سنڌ ۾ متعارف ڪرايائين. اٽليءَ جي مشهور صحافي ۽ ليکڪا اوريانا فلاچي جي لکڻين جو وڏو حصو ترجمو ڪيائين.

ممتاز مرزا جي چوڻ تي سنڌ تي انگريزن جي ڪاهه تي ڊرامو لکيائين، جنهن ۾ ٽالپر شهزادين جي روئداد ڏيکاريل آهي اهو ڊرامو 80 واري ڏهاڪي ۾ پي.ٽي.وي تان پيش ٿيو هو.

پاڻ ريڊيو جو هر دلعزيز آفيسر ۽ ڪامياب براڊ ڪاسٽر رهيو. سروس دوران ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن جيئن ڪوئيٽا، ڪراچي وغيره ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين.

هن عظيم انسان سان منهنجي پهرين ملاقات جنوري 1993ع ۾ سندن گهر ٿي. سندن شخصيت ۽ سڀاءُ جي باري ۾ تنوير جوڻيجو کان اڪثر ٻڌندي هيس. پر گهڻي ڄاڻ جاويد کان ملي هئي. سندن ٻاجهاري ۽ سحر انگيز شخصيت تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ مون کين سندن ڪتابن ۽ لکڻين ۽ انهن کي پسند ڪرڻ، ۽ انهن ۾ کوئجي وڃڻ جا احساس ۽ ڊائلاگ ٻڌايا ته پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو. پوءِ پاڻ منهنجي آدرش سان گڏ، منهنجو ماما بڻجي ويو.

هڪ دلچسپ ڳالهه ته مرزا گل حسن احسن ڪربلائي جي (جاويد جو ڏاڏو) حويليءَ جي گرائونڊ فلور تي جيڪو مون کي ڪمرو مليل هو. ان جي ننڍڙي گئلري ۽ هڪ ننڍڙي دڪي جيڪا ماما جي حويليءَ جي سامهون هوندي هئي. مان پنهنجي ٻارن کي ڪڇ ۾ کڻي اُتي ويهي کيڏاريندي هئس، انڪري صبح و شام ماما سان ملڻ جلڻ رهندو هو. ٻيو ته مامي (ماما جي گهرواري) ۽ ماما جي ڌيئرن ادي زاهده، ادي ضمير ۽ شبانا (ماما جي ڀاڻيجي مرزا عنايت علي بيگ جي نياڻي جنهن کي پاليو هئائين) سان پڻ گهرو سٻنڌ ٿي ويو هو. انهن ڏينهن ۾ آءٌ عبرت گروپ آف پبليڪيشن طرفان نڪرندڙ رسالو بختاور ايڊٽ ڪندي هيس. ماما ان لاءِ مون کي خاص لکڻيون ترجمو ڪري ڏنيون.

پاڻ صبح جو سوير اُٿي ڊگهي پنڌ تي نڪري ويندا هئا. گهر ۾ ريڊيو ۽ ڪتاب هر وقت ساڻ هوندو هين. پاڻ سادگي پسند هئڻ باوجود بادشاهي انداز سان رهندا هئا جيئن صاف سٿرو گهر، هر شيءِ سليقي ۽ نفاست سان رکيل. ڪتابن جي ڪمري کان وٺي ڊائننگ ٽيبل تائين هڪ ترتيب نظر ايندي هئي. پاڻ هر وقت چاڪ چوبند ۽ ايڪٽو. ڪٽنب جي ننڍي کان ننڍي مسئلي ۽ خوشيءِ ۾ ٻڌل. نه ڪو بزرگن وارو رعب نه دٻدٻو ۽ بلڪل دوستاڻو رويو. مون کي به ٻارن ۽ جاويد مان جيڪا وٿي ملندي هئي ته سندن گهر هلي ويندي هيس. امان (منهنجي سَسُ) چوندي هئي ته مامهن چوي ٿو ته ”توکي سٺي ننهن ملي آهي.“ مان مذاق ڪندي چوندي هيس ته ”امان اها ته ماما مراد عليءَ جي راءِ آهي، پر اوهان به ته پنهنجي راءِ ڏيو.“ کلي چوندي هئي ته، ”تون سٺي آهين. تون پنهنجي ٻارن ۽ مڙس جو گهڻو خيال رکين ٿي، پر مڙس سان وات نه ڪندي ڪر.....“

جاويد ۽ منهنجي کٽ ڦٽ ٿيڻ تي ماما ڪلاڪ ٻه مون کي پنهنجي گهر ويهاري ڇڏيندو هو ۽ دڙڪا جاويد جي حصي ۾ ايندا هئا. هونئن به هن سڄي خاندان جون دليون ڪشاديون آهن. انڪري مون کي هت ڪڏهن به ڌاريائپ جو احساس نه ٿيو.

جيئن ته انهن ڏينهن ۾ ادا منظور مراد (ماما جو پٽ) پنهنجي ڪٽنب سان ڪراچي رهندو هو. سو ماما وارا آصف کي گهڻو کڻندا هئا. ماما چوندو هو ته آصف مون کي پنهنجي پوٽي عليءَ جهڙو ٿو لڳي. منهنجي ڌيءَ آصفا کي مامي چوندي هئي ته هيءَ اسان جي پڦاٽ فاطمه جهڙي آهي. جڏهن سڀ کان ننڍي سُماش لاءِ ماما چوندو هو ته هي گهڻي نصيبن واري آهي جو هن جو لڪي نمبر 9 آهي. ٻيو هيءَ سڄي منهنجي ننڍي ڀيڻ يعني پنهنجي ڏاڏي جهڙي آهي. جڏهن امان جي وفات ٿي ته ماما سماش کي گهرائي پيار ڪندو هو.

محرم الحرام جي پهرين تاريخ کان وٺي نائين ربيع الاول تائين يا جيڪي به وڏيون مجلسون آهن. اهي ماما جي گهر ٿينديون آهن. مان جڏهن پنهنجي زندگيءَ جي پهرين مجلس تي آيس ته ماما کلي چيو ته: ”ڪڪي مون توکي سڃاتو ڪونه جو ڪارن ڪپڙن ۾ سڀ هڪجهڙيون ٿيون لڳو.“

ٻئي ڏينهن مامي ٻڌايو ته مامهن چئي پيو ته ڇوڪرين کي تعليم ضرور ڏيارجي. ڏس گلبدن پڙهيل ڳڙهيل آهي ته خاندان ۾ ڪيئن ايڊجسٽ ٿي وئي آهي.

آصف جي ٻي سالگرهه ملهائڻ جو پروگرام ماما جي گهر ٺاهيوسين. ٽي مهينا اڳ تياريون ڪرڻ شروع ڪيونسين. ماميءَ چيو ته ٻاهر هال بڪ ڪرائڻ جي ضرورت ناهي. هي هيڏو سارو گهر پيو آهي. اها مرزا خاندان جي هڪ اهڙي محفل هئي، جنهن ۾ سڄي خاندان جي ڇوڪرين جهمريون پائي خوشي جو اظهار ڪيو. جڏهن جوانيءَ کي ياد ڪندا آهيون ته اها مووي ڏسندا آهيون، جنهن ۾ ماما جي ٻين ڌيئرن سان گڏ ادي ضمير (مرحومه) جي حسين ياد رڪارڊ ٿيل آهي. ائين ماما جي ڪٽنب سان سوين اڻ مٽ يادون وابسته آهن. جاويد ۽ آءٌ کين اسرار ڪندا هئاسون ته ”سامي سڄ وڙاءُ“ ناول کي مڪمل ڪريو. پاڻ شروع ۾ ناول لکندي لکندي ڇو روڪيو ان جا سبب ٻڌايا هئائين. پر منظور مراد جي چوڻ ته اهو شاهڪار ناول مڪمل ڪري ورتائين.

ماما جي فطرت ۾ هڪ ڳالهه اها به هئي ته پاڻ هر عمر جي ماڻهوءَ جا دوست هئا.

جڏهن کين سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري شپ جي آفر ملي ته مون کي سڏ ڪري چيائين، ”ڪڪي وزيراعظم هائوس مان فون آيو آهي ته مان سڀاڻي اها چارج سنڀاليان. پر.....“ مون کين گذارش ڪئي ته اوهان ضرور ادبي بورڊ  ۾ اچو، جو اداري کي اوهان جي ضرورت آهي. پاڻ چيائين ته شمشير منهنجو دوست آهي. ان جو اڃا ڪو فيصلو نه ٿيو آهي. مان ڪيئن ان جي جاءِ تي اچان. مون ان وقت ئي سر شمشير الحيدري کي فون تي سڄي صورتحال ٻڌائي ته پاڻ چيائين: ”سڀاڻي مراد کي وٺيون اچجانءِ.“ اهڙيءَ طرح پاڻ بورڊ جي سيڪريٽريءَ جو عهدو نيٺ قبوليائين.

ماما آفيس به مون کي پاڻ سان گڏ وٺي هلندا هئا. ڇو ته مان ٻيهر ”سرتيون“ جي چارج وٺي چڪي هيس. انهن ڏينهن ۾ شهر جا حالات سنڌي، مهاجر فسادن سبب، خراب رهندا هئا. اسان نيشنل هاءِ وي ڦليلي کان ٿيندا، ٽنڊوآغا ايندا هئاسين. پر هڪ ڏينهن خطرو ڪجهه وڌيڪ هو، سو ماما ڊرائيور کي چيو ته تون ٻاهران ٻاهران خيال سان نڪري وڃ. پوءِ اسان ٽنڊو يوسف مان ٻنين ۽ باغن مان پنڌ آياسين. هڪ جون جو مهينو ٻيو منجهند ٽاڪ، ماما منهنجو منهن لٿل ڏسي، مون کي حيدرآباد (هيرآباد) جي هوائن ۽ ڦليليءَ جي گل و گلزار ۽ سنڌي هندن جي شانائتي رهڻي ڪهڻي بابت ٻڌائيندو رهيو، سو مون کي انهيءَ ڏکئي پنڌ جو احساس نه رهيو. مون جڏهن چيو ماما شڪر جو گهر اچي ويو ته کلي چيائين: ”ڪڪي مڙئي پراوا باغ ڏسندو خوش ٿيندو آيس. پر هاڻي تون ٻه ٽي ڏينهن موڪل ڪري ڇڏ جيستائين حالتون صحيح ٿين.

ماميءَ سان ڏاڍي دل هوندي هيس سڄو ڏينهن سؤٽ سؤٽ پئي پوندي هيس ۽ ماميءَ جي ته ڪل ڪائنات ماما هو.

هڪ ڏينهن مون کي پنهنجي آفيس سڏي چيائين: ”ڪڪي، خبر اٿئي اڄ  سؤٽ جي سالگرهه آهي، سو شهر مان سندس لاءِ گفٽ وٺي هلي ٿا Surprise ڏيونس.“ مون خوشيءَ مان چيو: ”ماما ضرور، مامي لاءِ الاهي تحفا وٺنداسين. سڀ کان پهرين ريشم گلي نعيم سوناري کان ماميءَ لاءِ ويڙهه ورتائين، پوءِ ڪپڙا، مٺايون، ڪيڪ وغيره. ان مهل ماما ڄڻ ڦوهه جوانيءَ جو نينگر ۽ مامي صفا الهڙ نينگري لڳي رهي هئي. ماما جي زنده دلي ۽ ماميءَ سان وفاداري ڏسي سندس لاءِ دل ۾ احترام اڃا گهڻو وڌي ويو هو.

جڏهن ماما بورڊ ۾ هئا ته هڪ ڏينهن اچانڪ سندن طبيعت خراب ٿي وئي. مان جهٽ پل ۾ ڊرائيور کي سڏائي، ماما کي شهر وٺي آيس ۽ سندن چوڻ موجب فيصل اسپتال جي ڊاڪٽر سليم وٽ وٺي آيس. ان کان ٽريٽمينٽ وٺي گهر آياسين. ڏينهن ٻه آرام ڪرڻ کان پوءِ ٺيڪ ٿي ويو. مامي وارن کي منهنجي لاءِ ٻڌايائين ته ڪڪي مون کي تڪليف ۾ ڏسي ڏاڍي پريشان ٿي ۽ جلدي ۾ مون کي ڊاڪٽر وٽ پهچائين نه ته ٻي صورت ۾ مون کي ڏاڍي تڪليف اچي وڃي ها. اها حقيقت به هئي ته مان ماما جي ذري تڪليف به ڏسي نه سگهندي هيس شاهه لطيف جي هن شعر وانگر:

جَکرا! تون جئين، تنهنجو ڪَنين مَدو مَ سُڻان.

انهن ڏينهن ۾ ڪيترائي سرتيون جا شاندار سيمينار ڪرايائون. گهر هجي يا آفيس منهنجو هر مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.

جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو ته وڏي حويليءَ ۾ ٻن دروازن هئڻ ڪري مون کي خوف هوندو هو ته منهنجا ٻار ٻاهر نڪري نه وڃن. ٻارن لاءِ مون کي حيران ۽ پريشان ٿيندو ڏسي سمجهائيندو هو ته سڀ ئي هت گهمي ڦري وڏا ٿيا آهن. تون پريشان نه ٿي. توڙي جو منهنجا چارئي ٻار ٻنهي ڪٽنبن ناناڻن ۽ ڏاڏاڻن جا لاڏلا آهن. پر سندن ننڍپڻ جا سال مون ڏاڍي مشڪل سان ڪاٽيا.

هونئن ته ماما کي سڀني جا ٻار وڻندا هئا. پر مون کي محسوس ٿيندو هو ته منهنجي آصف ۽ سماش کي سڀني کان وڌيڪ پيار ٿو ڪري. آصف جي پڙهائي لاءِ مون کي پاڻ پتوڙيندي ڏسي شاباس ڏيندو هو. ماما جي همت ڏيارڻ تي مون آصف کي ڪراچيءَ ۾ تعليم ڏياري.

ٻارن جي تربيت لاءِ ضروري آهي ته هڪ پرسڪون گهر هجي. ماما جي سمجهائڻ تي ئي جاويد قاسم آباد ۾ گهر ورتو.

مون سندن دعوت ڪئي هڪ شام جو هي جوڙو منهنجي گهر آيو ان وقت مان خوشيءَ مان بهار بهار پئي ٿيس. امان کي به گهرايوسين. اها هڪ يادگار گڏجاڻي هئي. جاويد کين ٻڌايو ته اڄ گلبدن، صبح کان گهر صاف ڪرڻ لڳي آهي. مون کين ٻڌايو ته ماما، مون زندگيءَ ۾ ٻيو دفعو پنهنجو گهر پاڻ ڌوتو آهي، هڪ دفعو جڏهن ادي ماهتاب محبوب ۽ ادا محبوب شيخ گهر آيا هئا ۽ ٻيو اڄ، ماما ڏاڍو خوش ٿيو هو.

ائين ماما سان الائي ڪيتريون يادگيريون وابسته آهن. جڏهن ادي ماهتاب محبوب جي گهر دعوتون ٿينديون هيون ته جاويد ۽ آءٌ ماما سان گڏجي ويندا هئاسون.

صرف هڪ پروگرام ناول ”پيار پناهون ڇانورا“ جي مهورت ۾ نه هلي سگهيا جو ماميءَجي طبيعت ٺيڪ نه هئي.

هونئن به ماما پنهنجي ٽهيءَ جي دوستن جو  ته دلدار هو، پر پوءِ وارين ٽهين ۾ به گهڻو مقبول و معروف رهيو. منهنجي خيال موجب نصير مرزا سان سڀنيءَ کان سرس محبت هيس.

هڪ دفعي پروفيسر يوسف خشڪ منهنجي آفيس آيو، پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيائين ته مان ناول جي صنف تي تحقيق ڪري رهيو آهيان. مراد علي مرزا سان ملڻو آهي- مون کي معلوم ٿيو آهي ته ان سان توهان ئي ملائي سگهو ٿا. مون ماما کي فون ڪري چيو ته ”هي ادو اوهان سان ملڻ ٿو چاهي.“ ماما چيو ”ڪڪي تون ٻڌاءِ ته مون کي ان سان ملڻ گهرجي؟“

مون چيو: ”ماما، ماڻهو فضيلت وارو آهي ٻيو ته خيرپور يونيورسٽي مان هلي آيو آهي، سو اوهان ملوس ته سٺو.“ پوءِ هن کي پاڻ وٽ گهرايائين.

ٻئي ڏينهن ماما مون کي ٻڌايو ته ”يوسف خشڪ واقعي ڏاڍو سٺو ماڻهو هو، چڱو جو تو هن جي سفارش ڪئي نه ته مايوس ٿي هليو وڃي هان.“

”مان وري به اها ڳالهه ورجائيندس ته سنڌ ۾ ٻيا به ترجمي نگار جيئن ولي رام ولڀ ڏاڍو خوبصورت ترجمي نگار آهي، پر ماما جي ٻوليءَ جو انداز نرالو آهي.

The Daughter of the east

بينظير ڀٽو جي آٽوبايوگرافي ”پورب ڄائي“ ذاتي طور تي بينظير ڀٽو کي گهڻو پسند هئي. ڇو ته لکڻيءَ جو اصل روح هن ترجمي ۾ آهي. ان دور جي وزير اعظم بينظير ڀٽو کيس گهرايو هو ۽ موڪلائڻ مهل ٻه دفعا پڇيو هئائين: ”مرزا صاحب ڪو ڪم ڪار ٻڌايو.“ پر هن شخص چيو ”ڪوبه نه.“ پاڻ محترمه سان پنهنجي نياڻين وانگر محبت ڪندو هو. جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو ته پاڻ عمر دراز هوندي به سدائين چست ۽ خوش و خرم نظر ايندو هو.“ پر لڳاتار ٻن صدمن کيس جهوري وڌو هو. هڪ سندس ننڍي ڌيءَ ضمير جنهن تي ”ڪارو ڏينهن“ جي عنوان سان هڪ درد ڀريو داستان ”سرتيون“ ۾ لکيو هئائين- ۽ ٻيو هو محترمه جي شهادت!

مون کي ياد آهي ته محترمه جي اچڻ جا هاواڻا هئا. هڪ رات ماما ريڊيو تي بي بي سي نشريات ٻڌي رهيو هو. پوءِ محترمه جي آمد بابت ٻڌايائين ته مون کيس چيو ته ”ماما مون کي محترمه جي اچڻ تي خوشي محسوس نٿي ٿئي. پاڻ پڇيائين ته ”ڇو ڪڪي؟“

مون چيو: ”ماڻهو چون ٿا ته محترمه بينظير ڀٽو کي پاڪستان آڻائي، مارايو ويندو.“

ماما گهڻو مطمئن ٿيندي چيو:

”هينئر هينئر BBC ٻڌايو آهي ته آمريڪا ۽ برطانيه جنرل پرويز مشرف کي حڪم ڏنو آهي ته محترمه کي سخت سيڪيورٽي ڏني وڃي.“

”ماما، انهن ملڪن جي اها سازش به ٿي سگهي ٿي.“

منهنجي وات مان اوچتو اهي لفظ نڪري ويا هئا. ماما منهنجي ڳالهه کي وزن نه ڏيندي کلڻ لڳو هو. وچ ۾ ماما سان ملڻ ٿيندو رهيو. پر محترمه جي شهادت جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٽنڊوآغا آياسين ته خبر پئي ته ماما جي طبيعت ٺيڪ نه آهي.

اسان ماما کي ڏسڻ آياسين. ماما بستر تي ستل هو. پر اهو ماما نه هو. مون زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ماما کي ايترو ڏکويل ڏٺو هو.

ماميءَ به ٻڌايو ته محترمه جي شهادت جو صدمو دل تي کڻي ويٺو آهي. ڪجهه دير خاموش رهڻ کان پوءِ چيائين ته ”ماڻهن صحيح چيو هو بينظير ڀٽو کي مارائي ڇڏيندا.“

هاڻي اڪثر ماما پنهنجي ناول کي مڪمل ڪرڻ  ۾ رڌل رهندو هو. ناول مڪمل نه ڪرڻ بابت مختلف سبب ٻڌايا هئائين. پر هن ناول لکڻ ۾ وڏي جاکوڙ ڪيائين.

ممتاز مرزا جڏهن آخري دفعو ٽنڊوآغا آيا هئا ته ماما کانئس شاهه سائين جي زندگيءَ ۽ ناول بابت ڳالهائي رهيا هئا. پر جيئن ته بابا جمعي ڏينهن آيا هئا. ۽ سومر تي، دل جي دوري پوڻ سبب سندن وفات ٿي وئي ته وري ماما پنهنجي دوست ۽ ننڍڙي ماروٽ جي جدائيءَ ۾ ناول وارو ڪم گهڻي عرصي تائين روڪي ڇڏيو، ۽ اُهو ناول ....200 ۾ مڪمل ڪيو.

مان کين ناول جي شايع ٿيڻ تي مبارڪ ڏيڻ ويس ته پاڻ چيائين:

”ڪڪي تو ناول پڙهيو؟“

مون کين ٻڌايو ته مان بڪ شاپ تي وڃي نه سگهي آهيان انڪري پڙهي نه سگهيس.

اها ته افسوس جي ڳالهه آهي جو تو منهنجو ناول نه پڙهيو آهي. پوءِ پاڻ اٿي ڪٻٽ مان ناول کڻي مون کي ڏنائين.

جڏهن مون ناول پڙهي کيس ٻڌايو ته ”ماما هڪ مرشد لطيف جي زندگي ٻيو مراد علي مرزا جي لکڻي. دل چيو ٿي ته اوهان جو قلم ائين ئي هلندو رهي...“

منهنجي وڏي ڌيءَ آصفا کي پڻ گهڻو ڀائيندو هو. آصفا کي سدائين شيون وٺي ڏيندو هو. منهنجي ڌيءَ سپنا لاءِ چوندو  هو ته سپنا دنيا جو خوبصورت ٻار آهي.

ماما جڏهن اسپتال ۾ داخل ٿيا ته مان جاويد ۽ آصفا اڪثر ساڻن ملڻ ويندا هئاسين ته پاڻ چڱن ڀلن وانگر حال احوال وٺندا هئا. جڏهن اسان کي خبر پئي ته ماما ڳالهائڻ ٻولهائڻ ڇڏي ڏنو آهي ته مان پَرٻاهران ماما ڏي اسپتال هلي آيس ۽ جاويد اڳ ۾ ئي پنهنجي آفيس مان اسپتال نڪري چڪو هو. جڏهن ماما جي ڪمري ۾ آياسين ته ماما جي ضعيف حالت ڏٺي نه پئي ٿي. هر انسان ۾ پنهنجي اندر جي ڪيفيت لڪائڻ جي سگهه هوندي آهي ۽ مان پڻ انهيءَ هنر ۾  ماهر آهيان. پر ان ڏينهن ڳوڙها اکين جا بند ٽوڙي ظاهر ٿي پيا هئا.

ان وقت ماما مون کي اشاري سان سڏي آصفا جو پڇيو. پوءِ مون سامت ۾ ايندي کين ٻڌايو ته اسان آفيس مان آيا آهيون انڪري آصفا ڪانه اچي سگهي.

ائين ماما مون کي ۽ منهنجي ٻچن کي گهڻو گهڻو پيار ڏنو.. بس هاڻي ته يادون ۽ سندس وڇوڙي جو اڻ مٽ درد آهي!

سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو خاموش خدمتگار

جاويد مرزا

 

سنڌي علم ۽ ادب جو هڪ نهايت ئي سهڻو ستارو جنهن جي روشني اڄ به اسان کي واٽ ڏيکاري ٿي. علمي ادبي ميدان ۾ ڪيل سندس بيمثال خدمتون هرگز وساري نٿيون سگهجن. هي هڪ اهڙو ڪردار آهي جيڪو پنهنجي ڪيل ڪم جي حوالي سان هميشه اسان جي رهنمائي ڪندو رهندو. سنڌي ٻولي ۽ ادب جو هي خاموش خدمتگار ماما مراد علي مرزا ٽنڊو آغا جي قبرستان ۾ نامياري ليکڪ ۽ شاهه جي پارکو منهنجي والد ممتاز مرزا جي مزار جي سيرانديءَ کان مڻين مٽي هيٺ ابدي ننڊ ستل آهي. هونئن به اسان پنهنجي محسن کي ائين وساري ڇڏيندا آهيون. جيئن هو پيدا ئي ڪونه ٿيو هو. نه ئي اسان سندس ڪيل ڪم تي نظر وجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا جيڪو ٻولي ادب ۽ براڊ ڪاسٽنگ تي ڦهليل آهي. ماما مراد علي ڪو اهڙو شخص ڪونه هو جو اسان ان کي چپ چاپ وساري ڇڏيون. هو اهو شخص هو جيڪو خاموشي سان پنهنجو ڪم ڪندو رهندو هو ۽ ڪڏهن به پاڻ کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪيائين.

لطيف سرڪار تي لکيل سندس شاهڪار ناول اسان وٽ اهم دستاويز آهي حالانڪه اڳ ۾ به ڪن اديبن شاهه سائين تي ناول لکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو اهو ڪم ڪري نه سگهيا، لڳي ٿو ته اهو ڪم ماما مراد علي جي حصي ۾ آيو. سندس فرزند منظور مون کي ٻڌايو هو ته بابا جڏهن لطيف سائين تي ناول ”سامي سڄ وڙاءُ“ لکڻ اڌ ۾ روڪي ڇڏيو. پر پوءِ وري منهنجي گهڻي زور ڀرڻ تي لکڻ شروع ڪيائين ۽ پوءِ مسلسل لکندو رهيو. منظور هڪ عجيب ڳالهه ٻڌائي هئي، جيڪا ماما کيس ٻڌائي هئي ته ”جڏهن هو ناول لکڻ شروع ڪندو آهي ته هن کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڪا قوت آهي جيڪا هن کان لکائي ٿي ۽ هن جو قلم خودبخود روانيءَ سان لکندو رهي ٿو. ايتري قدر جو کيس لکندي لکندي ڪابه ٿڪاوٽ محسوس ڪونه ٿيندي هئي“.

ماما شاهڪار ترجما به ڪيا جيڪي سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪيا ويا. ان کان پوءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪتاب ”پورب ڄائي“ نالي سان شاندار ترجمو ڪيو.

ماما مراد علي بهترين براڊ ڪاسٽر هو- ريڊيو تي سندس پيش ڪيل پروگرام: ڊراما، فيچر ۽ تقريرون بيمثال هيون.

ماما مراد علي جي شخصيت گهڻ رخي هئي پاڻ هر ڪنهن سان محبت ۽ پيار سان پيش ايندو هو. جيڪڏهن ڪو تحقيق وغيره ڪندو هو ته پاڻ ان جي رهنمائي ڪندو هو.

ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري ماما انهن کي تعليم حاصل ڪرڻ جي تلقين ڪندو هو. پاڻ پنهنجي ٻن نياڻين کي تعليم ڏياري جيڪي ٽيچر ٿيون. جڏهن اسان جي خاندان ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي ڪو ايترو توجهه ڪونه ڏنو ويندو هو، پر ماما انهن سڀني ڳالهين جي ڪابه پرواهه نه ڪئي ۽ پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏياري. جيڪو اسان جي خاندان ۾، عورتن جي تعليم ڏانهن پهريون قدم هو.

ماما کي پنهنجي ٻارن سان گڏ پنهنجي گهرواريءَ سان به گهڻي محبت هئي. هو ماميءَ کي سوٽ ڪري سڏيندو هو. شل نه ماميءَ کي ڪا تڪليف ٿئي پوءِ ته سڀ ڪم ڪاريون ڇڏي پاڻ مامي کي ڊاڪٽر وٽ وٺي ويندو هو. ايستائين آرام سان نه ويهندو هو جيستائين مامي ٺيڪ نه ٿيندي هئي. مامي جي طبيعت ٺيڪ نه هئڻ جي ڪري ماما گهڻو ٻاهر نه ويندو هو. مامي مون کي ٻڌايو ته هڪڙي ڏينهن ماما کيس چيو هو ته ”سوٽ جيڪڏهن تون هي دنيا ڇڏي ويندينءَ ته آءٌ ته پنهنجي دوستن سان به وقت گذاري وٺندس- پر جي آءٌ دنيا ڇڏي ويس ته تنهنجو ڇا ٿيندو؟“ اهو ئي سبب آهي جو اڄ به مامي، ماما جي وڇوڙي کي وساري نه سگهي آهي اڪثر پنهنجي منهن روئندي رهندي آهي.

نياڻين جي شادي ٿي وئي هئي ۽ منظور ڪراچي ۾ رهندو هو. ماما ۽ مامي گهر ۾ خوش ۽ خرم زندگي گذاريندا هئا. سک هجي يا ڏک بيماري هجي يا ڪو ٻيو مسئلو هي سدائين گڏ هوندا هئا. جڏهن محرم ايندو هو ته ماما جي گهر ۾ روزاني زناني مجلس ٿيندي هئي، جنهن ۾ مرثيا ۽ نوحا پڙهيا ويندا هئا. ماما وري ڀرواري ڪمري ۾ ڪو ڪتاب، رسالو يا اخبار پڙهندي نظر ايندو هو.

ماما کي ٻارن سان به بيحد پيار هوندو هو. پنهنجو هجي يا پرائو هر ڪنهن سان پيو ڳالهائيندو ماما پنهنجي ڀائٽي وسيم مرزا جي هڪڙي ڇوڪري جو نالو وڏيرو رکيو هو. جڏهن ماما کير يا ٻيو ڪو سامان وٺڻ ويندو هو ته ان کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو.

سنڌي ٻولي ۽ ادب جو هي خاموش خدمتگار اسان سڀني کي ڇڏي هليو ويو، پروين شاڪر جي هن شعر وانگر ته:

 

ایک سورج تھا کے تاروں کے گھرانے سے اٹھا
آنکھ ح
یران ہے کیا شخص زمانے سے اُٹھا
 

 

اختر ڪربلائي کان مراد علي مرزا تائين

مرزا فياض علي بيگ

مراد علي مرزا سنڌ جي معروف مرثيه گو شاعر ميرزا مراد علي بيگ ’ٻڍل‘ جو پوٽو ۽ مير عبدالحسين خان ’سانگي‘ جي سٿَ جي غزل گو شاعر ميرزا دوست محمد بيگ جو ڏهٽو هو ۽ ميرزا مهر علي بيگ جو وڏو پُٽ هو، جنهن 12 جنوري 1930ع تي ميرزا محلي ٽنڊو آغا جي اُن خوشحال گھر ۾ جنم ورتو، جتي ڏينهن عيد جو سمان ۽ رات شب ِ برات جو ڏيک ڏيندي هئي. اِهو گھر حيدرآباد جي شهداداڻي ٽالپر حڪمران جي آخري هزهائينس حاجي مير نور محمد خان ٽالپر جي وزيراعظم ميرزا ٻڍل بيگ جو هو، جتي مراد علي مرزا پنهنجو ننڍپڻ انتهائي لاڏ ڪوڏ ۽ پيار بلڪ عيش و عشرت سان گذاريو.

مراد علي مرزا جي ڄمڻ جي خوشيءَ تي سڄو گھر ٻهڪي پيو هو، جتي سندس ڄمڻ جي خوشيءَ جا شادمانه پئي وڳا ۽ خوب خوشيون ڪيون پئي ويون. سندس پيءُ جي پڦي جنهن کي پاڻ نانا ڪري ڪوٺيندو هو، تنهن پنهنجي ڀائٽي ميرزا قربان علي بيگ کي سڏايو ته هو سندس ڪن ۾ ٻانگ ڏئي نالو رکي. جنهن سندس ڪن ۾ ٻانگ ڏئي، سندس نالو ”مراد علي“ رکيو. پر جيئن ته اِهو نالو اسان جي خاندان جي بزرگ ميرزا مراد علي بيگ ’سائل‘ جو هو، تنهن ڪري احترامن گھر ۾ کيس ’علي بچايو‘ ڪري سڏيندا هئا. جيئن ته سندس ڏاڏي ميرزا ٻڍل بيگ جو به اصل نالو ”مراد علي“ هو، پر گھر ۾ ’ٻڍل‘ جي نالي سان سڏبو هو.

جڏهن سندس نالو ”مراد علي“ رکيو ويو ته سندس پيءَ جي پڦيءَ چيو ته، جيئن سندس ڏاڏو ۽ پڙڏاڏو مرثيه گو شاعر آهن، تيئن هيءُ به انهن وانگي مرثيه گو شاعر ۽ مرثيه خوان ٿيندو ۽ پنهنجي بزرگن جو نالو روشن ڪندو.

مراد علي مرزا جڏهن عمر جي پنجن ورهين جي قريب ٿيو ته کيس تعليم جي بسم الله وارو پُررونق جشن ڪيو ويو ۽ سندس مامي ميرزا امام بخش بيگ کيس قرآن مجيد جو پهريون سبق پڙهائي سندس ديني تعليم جي ابتدا ڪئي. سال 1934ع ڌاري کيس سندس پيءُ آسودومل پرائمري اسڪول نزد ڦليلي حيدرآباد واري ۾ داخل ڪرايو، جتان وري ٻال سُڌار اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. انهيءَ تعليم دوران ميرزا علي نواز بيگ کيس روزانا شام جو پڙهائيندو هو. جڏهن هن چوٿون درجو سنڌي جو پاس ڪيو، تڏهن وري کيس نور محمد هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جنهن لاءِ سندس پيءُ خاص موٽر خريد ڪئي، جنهن ۾ هو چڙهي اسڪول ويندو هو. ان وقت ٽي استاد ساڌو ٽي. ايل واسواڻي (ٿانورداس ليلارام واسواڻي)، هوتچند جيڪو هوتو نالي مشهور هو ۽ ماستر علي بخش گوله انداز هئا، جن مختلف سالن ۾ کيس انگريزي پڙهائي.

مراد علي مرزا توڙي جو لاڏ ڪوڏ سان نپنيو، پر ان پيار ۽ محبت سندس تعليم تي اثر ڪو نه ڪيو. ڇاڪاڻ جو هو پاڻ خود ذهين هو ۽ پوري ذوق شوق سان پڙهندو هو، جنهن ڪري هو باقاعده اسڪول ويندو هو ۽ هر امتحان ڪاميابي سان پاس ڪيو. هن سنڌي ڪاميٽي (ورنيڪيولر ايگزمينشن) جو امتحا پاس ڪري حالات جي پيش نظر سرڪاري نوڪري به ڪئي، پر تنهن هوندي به هن پنهنجي تعليم جاري رکي ۽  ايم. اي. پاس ڪئي.

ملازمت جي حوالي سان مراد علي مرزا پهرين پهرين ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن ۽ حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي ڪلارڪي ڪئي. پوءِ پاڻ راشنگ آفيس حيدرآباد ۾ ڪلارڪ ٿيو ۽ اُتان استيفا ڏئي وري لئيند رڪارڊ آفيس حيدرآباد ۾ ڪلارڪ ٿيو. اُن وقت لئيند رڪارڊ آفيس پڪي قلعي ۾ هوندي هئي ۽ ”قلعه آفيس“ سڏبي هئي. هڪ دفعي هڪ عرضدار وٽس آيو ۽ جنهن هِن کي درخواست ڏني ته کيس فيلڊ بوڪن ۽ اوتارن جا نقل ۽ نقشه ڏنا وڃن. اُن عرضدار هڪ روپيه چانديءَ جي سڪي وارو بطور مٺائيءَ جي يا کڻي ائين چئجي ته رشوت جي هن کي ڏنو، جو هن وٺي کيسي ۾ رکيو ۽ عرضدار کي ٻي ڏينهن اچڻ جو چيو. عرضدار جي وڃڻ بعد هن عرضدار جا گھربل ڪاغذ ٺاهي پنهنجي بالا عملدار  مسٽر غلام دستگير پانڌياڻي کان صحي ڪرائي رکيا. مگر جيڪو هڪ روپيو هن کي مليو هو، اُن سندس سُک ڦٽائي ڇڏيو؛ سڄي رات ننڊ ڪونه آيس! ٻي ڏينهن جيئن ئي اهو عرضدار وٽس آيو، تيئن ئي هن پهرين ته کيس اُهو چانديءَ وارو هڪ رپيو واپس ڏنو ۽ پوءِ کيس ڪاغذ ڏنائين. جنهن تي اُن عرضدار چيس ته، صاحب پئسا ڇو پيا موٽائي ڏيو؟ اوهان ته مون کان ڪونه گهريا، مون پاڻ خوشيءَ سان اوهان کي ڏنا آهن. جنهن تي هن جواب ڏنس ته، صاحب کان اِهي پئسا هضم ڪونه ٿي سگھيا، تنهنجي ان هڪ روپيه صاحب جي ننڊ ئي ڦٽائي ڇڏي آهي. هاڻي تنهنجو ڪم ٿيو ۽ مهرباني ڪري هاڻي ٿي الهه وائي، ته آئون سک سان ويهان!

ان واقعي کان پوءِ کيس اهڙي نوڪري کان ئي دلي نفرت ٿي پئي. پر سندس اڳيان روزگار جو مسئلو هو، سو انهيءَ اڻ تڻ ۾ لڳو رهيو ۽ پوءِ خدا تعاليٰ جي اهڙي ڪرڻي جو حيدرآباد ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ٿيو ۽ اُن جي آفيس هول مسٽيڊ هال واري عمارت ۾ کولي وئي. حيدرآباد ريڊيو پاڪستان جو ڊائريڪٽر علي محمد چاڳلا ٿي آيو، جيڪو سندس مامي ميرزا گل حسن ’احسن ڪربلائي‘ جو دوست هو. جنهن کي پاڻ نوڪري لاءِ درخواست ڏنائين ۽ پوءِ کيس ريڊيو پاڪستان تي نوڪري ملي. ان نوڪريءَ جي سلسلي ۾ سندس ڪوئيٽا، ڪراچي ۽ خيرپور ۾ بدلي ٿي، پر گھڻو وقت حيدرآباد ۾ رهيو. پاڻ پنهنجي محنت، هوشياري، بردباري سان ترقي ڪندي وڃي پروگرام مئنيجر جي عهدي تائين پهتو، جتان 1989ع ۾ رٽائر ٿيو. پر پاڻ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به ڪجهه عرصو ريڊيو تي مليل ڊيوٽي بهتر نموني ۾ سرانجام ڏيندو رهيو.

مراد علي مرزا ڪجهه عرصو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو سيڪريٽري به رهيو، پر پاڻ ترت ئي اُها نوڪري ڇڏي ڏنائين. سندس علمي ادبي ڄاڻ ۽ سٺي منتظم هئڻ سبب هن کي سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ڪيو ويو، پر اتي به پاڻ پنهنجا فرائض پوريءَ ايمانداريءَ سان سرانجام ڏئي ٿوري ئي عرصي ۾ سيڪريٽري شپ تان استيفا ڏئي ڇڏي.

هڪ ڀيري آئون ۽ نصير مرزا وٽس ويٺا هئاسين، ته ڪچهري دوران مون کانئس مٿين محڪمن مان استيفا ڏيڻ بابت پڇيو. پهرين ته پاڻ نٽائڻ واري انداز ۾ جواب ڏنائين، پر پوءِ تمام آهسته رازدارانه انداز ۾ چيائين ته، ”فياض! توکي ته خبر آهي ته، منهنجي اڳيان پويان ڪو سار لهڻ وارو آهي ئي ڪونه ۽ آئون هميشه اهڙي غلط ڪم ڪرڻ ۽ خاص ڪري پئسي واري ڏيتي ليتي واري معاملي کان پري ڀڳو آهيان، سو مون کان اِهو نه پڳو جنهن مان جيءَ کي جوکو پهچي؛ جنهن ڪري اهڙين نوڪرين تان استيفا ڏئي ڇڏيم. __ روينيو کاتي مان استيفا ڏنم، جي اُتان استيفا نه ڏيان ها ته اڄ ڪم از ڪم ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تان رٽائر ٿيان ها. __ سو ابا پاڻ کان اهڙو جوکم جو ڪم نه پُڄي سگهيو، ان ڪري ماڳهين استيفا ڏئي پنهنجا پلاند آجا ڪري سک، شانتي ۽ عزت سان اچي گهر ڀيڙو ٿيس؛ ٻيو مڙئي خير.“

مراد علي مرزا جي سندس سؤٽ ميرزا حامد علي بيگ ۽ ماسات ميرزا عباس علي بيگ سان سنگت هئي. تن ڏينهن ۾ هي مختلف راشنگ آفيسن ۾ نوڪري ڪري رهيا هئا، پر پنهنجي مُک بيٺڪ هيرآباد ۾ راشنگ آفيس ۾ رکي. اُن آفيس جي بلڪل در لڳ هڪ وڏو بڙ جو وڻ هو، جو سڄي آفيس تي سايو ڪري بيٺل هو. جيڪو اُن وقت ته سرسبز ۽ شاداب هو، پر افسوس جو اِهو وڻ هاڻي صفا سُڪي سڙي وڃي نشاني طور بچيو آهي. آئون جڏهن 1966ع ڌاري روزانا شام جو هيرآباد گھمڻ ويندو هئس، تڏهن انهيءَ آفيس ۾ هوٽل کلي چڪي هئي. جتي آئون چار گهڙيون ويهي چانهه جو ڪوپ پئندو هئس. هِن وقت اُتي بيڪري کلي وئي آهي ۽ وڻ ڄڻ پنهنجي منهن چئي رهيو آهي ته:

ڏٺم رنگ هِن هنڌ پي ڪهڙا ڪهڙا

هي ٽئي يار انهيءَ جاءِ تي اچي گڏبا هئا، پوءِ اُتان گھمڻ يا سئنيما ڏسڻ يا وري ڪڏهن سنڌ زميندار هوٽل تي ماني کائڻ ويندا هئا. اِهي ئي ڏينهن هئا جو عبدالقيوم ’صائب‘ ۽ ماستر محمد صديق به هنن جي سنگت ۾ آيا ۽ هنن يارن کي به علمي ذوق شوق هوندو هو. ’صائب‘ نالي جي نسبت سان ماستر کي ’اڪبر‘ تخلص مرحمت فرمايو، جيڪو پوءِ محمد صديق اڪبر سڏائڻ لڳو.

اُن دور ۾ حيدرآباد جو اوج هو ۽ باغن جو ڄڻ ته حيدرآباد مرڪز هو. هيءُ يار به شام جو ڪڏهن مُکي جي باغ ۾، ته ڪڏهن ڀائي ڍولڻداس پارڪ ۾، وري ڪڏهن شامداس باغ ۾، يا ڪڏهن اسٽيشن واري راڻي باغ ۾ ته وري ڪڏهن سيٺ ڪريم واري باغ ۾، يا ڪڏهن داس گارڊن ۽ ڪڏهن وري پرنس گارڊن ۾ پيا سير ڪندا هئا؛ يا وري ڪڏهن مئجسٽرڪ يا جڳت ٽاڪيز ۾ فلمون ڏسڻ ويندا هئا. ان دوران شعر و شاعري ڪرڻ، ڪتابن جي خريداري ۽ انهن جو مطالعو ڪرڻ ۽ پوءِ وري انهن تي بحث مباحثا ۽ پنهنجي راءِ زني واري ڪرت جاري رکندا آيا. سالن جا سال هنن جي سنگت قائم رهي، پوءِ اڳتي هلي سڀني جون راهون آهسته آهسته الڳ ٿينديون ويون، پر آخري دم تائين هڪ ٻي سان دوستي نڀائيندا آيا.

مراد علي مرزا سال 1936ع ۾ پنهنجي ڏاڏِي، چاچي ميرزا علي نواز بيگ ۽ پنهنجي ٻين عزيزن سان ڪربلا معليٰ جي زيارت لاءِ ويو. جنهن جو مفصل ذڪر هن ”پٿر پٿريون“ عنوان سان لکيو آهي، جيڪو ٽماهي مهراڻ رسالي جي 4/1996ع جي پرچي ۾ شايع ٿيو. ڪربلا معليٰ جي زيارت ڪندڙ پنهنجي نالي سان عقيدتن ڪربلائي لکندا آهن، ساڳي روايت کي برقرار رکندي مراد علي مرزا به پاڻ کي ڪربلائي لکڻ لڳو ۽ پنهنجي ادبي سفر جو آغاز ’اختر ڪربلائي‘ جي نالي سان ڪيو.

مراد علي مرزا جنهن گهراڻي ۾ اک کولي اُهو گھراڻو توڙي جو علمي ادبي هو، پر ان جو گھڻو لاڙو مذهب ڏي هو ۽ انهن جون تحريرون نثر توڙي نظم خالص مذهب سان تعلق رکندڙ هيون. خود سندن ڏاڏي ميرزا ٻڍل بيگ جي تصنيفات جو وڏو حصو مذهبي شاعري تي مشتمل آهي، پر ان سان گڏوگڏ ان جو سنڌيءَ ۾ مڪمل غزلن جو ديوان پڻ آهي.

مراد علي مرزا ادبي دنيا ۾ ’اختر ڪربلائي‘ نالي سان پير پاتو ۽ شاعريءَ سان پنهنجي ادبي سفر جو آغاز ڪيو. پر سندس ڪوبه شعر ڪنهن رسالي ۾ شايع ٿيو. پاڻ پنهنجي هڪڙي سلام جي مقطع ۾ ’اختر ڪربلائي‘ تخلص آندو اٿس، جيڪو پاڻ منهنجي فرزند دبير حسين کي پنهنجو اصل هٿ اکر لکيل ڏنو:

ثمر نخل مراد اختر عاصي کي هي ڏي رب

سلامت رکج اختر ڪربلائي جي تون ايمان کي

 

مراد علي مرزا کي علمي ادبي طور پنهنجي بزرگن مان سندس مامن احسن ڪربلائي، ميرزا علي بخش ’ڪوثر‘ ۽ ميرزا امام بخش ’احقر‘ جي صحبت نصيب ٿي ۽ هن پنهنجي لکڻين جي شروعات شاعريءَ سان ڪئي. پر پوءِ شاعريءَ جي شور کان ڀڃي پاسو ڪري هن پنهنجا پلاند آجا ڪرايا ۽ سندس قلم نثر نويسي ڏي موڙ کاڌو؛ ۽ پوءِ پاڻ ادبي دنيا ۾ مراد علي مرزا جي نالي سان متعارف ٿيو.

هي اُهو زمانو هو، جڏهن سنڌ ۾ هڪ طرف ته ڪميونسٽ تحريڪ زور پڪڙي رهي هئي ته ٻئي طرف علمي ادبي طور سنڌي ادب ۾ نوان موڙ ڪَرَ موڙي ادبي ايوان ۾ پنهنجو بنياد پختو ڪري چڪا هئا. انگريزي لٽريچر سان گڏ اردو جو به ڪافي لٽريچر سنڌ ۾ آيو، جنهن جو هن باقاعده مطالعو ڪيو ۽ پنهنجي وسيع مطالعي جي آڌار تي ڪيترن ئي نامور ليکڪن جي افسانن، ڊرامن، آکاڻين ۽ ناولن جو هن سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ ان کان علاوه پاڻ طبعزاد به ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ ڊراما لکيا ۽ پڻ ڪيترائي تاريخي، تحقيقي، ادبي، تنقيدي مضمون ۽ مقالا ۽ ڪتابن تي تبصرا به لکيا، جيڪي ماهوار ”نئين زندگي“، ٽماهي ”مهراڻ“، ماهوار ”سهڻي“ ۽ ٻين ننڍن وڏن رسالن ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا، جن پڙهندڙن وٽ وڏي مقبوليت ماڻي. ان کان علاوه سندس ڪيترائي ڊراما ريڊيو ۽ ٽي.وي. تان به نشر ٿيا آهن.

مراد علي مرزا جي ٻولي به سندس طبيعت جھڙي مٺاس ڀري ۽ وڻندڙ آهي. هن جو انداز تحرير متاثر ڪندڙ آهي. سندس ترجمو ڪيل يا طبعزاد ڪابه تحرير کڻو، اُها ايڏي ته متاثر ڪندڙ آهي جو ورَ وَرَ ڪري پڙهڻ تي پئي دل چوندي آهي.

مراد علي مرزا کي ترجمه نگاري تي وڏي دسترس حاصل هئي. هن ڪيترين ڪهاڻين ۽ ڊرامن جا سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجما ڪيا ۽ ان کان علاوه هن پرڏيهي ادب مان اهم ۽ معلوماتي ڪتابن ”دنيا جا عظيم افسانا“ (جلد ٻيو)، ”اڪيلائيءَ جا هڪ سؤ سال“ (ناول)، ”ٻارڙن لاءِ آکاڻيون“ ۽ ”ايشيا جون لوڪ آکاڻيون“ جو سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب ۾ ترجمي جي اهميت ۾ اضافو آندو. جڏهن ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي انگريزي ۾ لکيل آتم ڪٿا جي ڪتاب DAUGHTER OF THE EAST جو پاڻ سنڌيءَ ۾ ”پورب ڄائي“ جي نالي سان ترجمو ڪيو، جنهن ادب ۾ وڏي مڃتا ماڻي.

مراد علي مرزا جي طبعزاد ڪتابن مان سندس اهم ڪتاب ”سامي سِڄَ وڙاءَ“ آهي، جيڪو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي احوال تي مشتمل آهي. جنهن ۾ سندن زندگيءَ جو مفصل احوال ناول جي انداز ۾ لکيو ويو آهي. جيڪو سنڌي ادب جي اهم ڪتابن مان هڪ اهم ڪتاب آهي ۽ جنهن کي ادب ۾ اعليٰ مقام حاصل آهي.

مراد علي مرزا جي دوستي جو حلقو تمام وسيع هو. سندس پهريان ادبي دوست ع.ق. شيخ ۽ محمد ابراهيم جويو هئا. ان کان پوءِ گھڻو ڪري هر اديب سندس حلقهء سنگت ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. جنهن جو اِهو به سبب آهي ته گھڻو ڪري اديبن ۽ شاعرن جو ريڊيو سان واسطو رهي ٿو ۽ هي ريڊيو تي بحيثيت هڪ آفيسر جي هر هڪ سان تعلق رکندو آيو. سندس اهڙن دوستن ۾ شيخ اياز، امر جليل، حميد سنڌي، سراج الحق ميمڻ، ظفر ڪاظمي، امداد حسيني، نصير مرزا، قاضي خادم ۽ ولي رام ولڀ جا نالا سرفهرست آهن ۽ هن جنهن سان دعا سلام رکي، ته پوءِ ان سان توڙ تائين نڀائي.

مراد علي مرزا سان سندس نوڪري دوران منهنجي ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿيندي هئي، پر جڏهن پاڻ رٽائر ٿيو ته، شام جو اڪثر ساڻس ملاقات ٿيڻ لڳي. کيس جڏهن معلوم ٿيو ته مون کي به علم و ادب سان لونجهه لڳل آهي ۽ مون وٽ تمام بهترين ڪتاب آهن، تڏهن ڪجھ ويجھو اچڻ لڳو.

هڪ دفعي جڏهن پاڻ اڃان ريڊيو تي هو ۽ کيس بهادر شاهه ظفر جي ديوان مان ڪو غزل ڏسڻو هو، سو پاڻ منهنجي وڏي ڀاءُ ادا ميرزا فتح علي بيگ وٽ گهر آيو ۽ کيس چيائين ته، ”ابا توهان وٽ بهادر شاهه ظفر جو ديوان آهي؟“ __ جنهن تي ادا چيو ته، ها چاچا مون وٽ آهي ۽ ادا مون کي ”ديوان ظفر“ کڻي اچڻ لاءِ چيو. جنهن ڪمري ۾ پاڻ ويٺو هو، اُن ڪمري جي بلڪل سامهون منهنجي لئبريري هئي ۽ آئون فوراً در کولي وڃي اُهو ديوان کڻي آيس. __ پهرين ته پاڻ ان مان بهادر شاهه ظفر جو ڪو غزل ڏٺو ۽ پوءِ مون کي موٽائي ڏنائين. ان دوران بابا مرحوم ميرزا حامد علي بيگ به آيو ۽ چاچا سان مليو. آئون ڪتاب کڻي لئبريري ڏانهن وڌيس ته پاڻ، ادا فتح علي سان گڏجي منهنجي پٺيان آيو ۽ در وٽ اچي پنهنجي رازدارانه انداز ۾ چيائين ته، ”يار فتح علي مون کي فياض جي ڪتابن تي ڌاڙو هڻڻو پوندو، باقي هونئن ملڻ مشڪل آهن!“ __ سو بابا مرحوم جڏهن سندس اِهي الفاظ ٻڌا ته، اندران ڪمري مان نڪري اچي چيائينس ته، ”نه ادا هيءُ ڪتاب توهان جا پنهنجا آهن ۽ توهان کي ڪوبه ڪتاب کپي، ته لئبريري کلي پئي اٿو، توهان ڀلي کڻو.“

جڏهن منهنجو نصير مرزا ۽ عرفان علي انصاري وٽ گھڻو اچڻ وڃڻ ٿيڻ لڳو، تڏهن پوءِ ڪڏهن نصير وٽ ريڊيو تي، ته ڪڏهن وري عرفان وٽ يا وري سندس گھر تي ملاقات ٿيندي هئي ۽ ڪڏهن ته پاڻ خود مهرباني ڪري اسان جي گھر هليو ايندو هو، جتي ڳچ وقت تائين ڪچهري ڪندو هو. پاڻ دوران ِ ڪچهري پڇندو هو ته بزار ۾ ڪهڙا نوان ڪتاب آيا آهن؟ اوهان ڪهڙا ڪتاب خريد ڪيا آهن؟ يا هاڻي ڇا پيا لکو، يا ڇا پيا پڙهو؟ پوءِ آئون کيس نوان آندل ڪتاب ڏيکاريندو هئس ته پاڻ ڪتاب جو نالو ۽ مصنف جو نالو پڙهي پوءِ سرسري ڪتاب ڏسي پنهنجي راءِ ڏيندو هو جا سندس راءِ حتمي ۽ وزندار هوندي هئي.

مراد علي مرزا بيشڪ مذهبي گھراڻي جو فرد هو. پاڻ عيد جون نمازون پڙهندو هو ۽ مجلس ۾ شرڪت باقاعده ڪندو رهندو هو، پر مذهب ڪڏهن به مٿس اثر انداز نه ٿيو. حالانڪ مذهبي ڄاڻ به سٺي هيس، مگر مذهبي ڇڪتاڻ کان پري هو. اهڙيءَ ريت سياست سان به سندس واسطو رهيو، پر سياست پاڻ تي حاوي ٿيڻ نه ڏنئين. پاڻ ڪيترن ئي وڏن وڏن سياستدانن سان مليو ۽ انهن سان ملاقاتون ڪيائين، پر پاڻ نه سياسي آکيڙن ۾ آيو نه سياسي بم بکيڙن جي ويجھو ويو. باقي سياسي لٽريچر جو تمام گھرو مطالعو هئس، پاڻ بهترين سياسي سوچ به رکندڙ هو.

مراد علي مرزا ۾ مون ٻه اهم ڳالهيون ڏٺيون. هڪ ته هو رستي تي هلندي پويان مڙي ڏسندو هو، شايد ان خيال کان ته ڪو سندس پويان ته ڪونه پيو اچي! ٻيو ڪا خاص ڳالهه ڪرڻي هوندي هئس، ته ڏاڍي رازدارانه انداز ۾ ڪندو هو ۽ ڳالهه به ايتري آهسته ڪندو هو جا مبادا ٻيو ڪير ٻُڌي نه وٺي. اِن باري ۾ جڏهن مون کانئس پڇيو ته، پاڻ چيائين، فياض! وقت اهڙو آهي، جو انسان کي پنهنجي پاڇولي کان پيو ڊپ لڳي. آئون اُهو دور ڏسي آيو آهيان، جنهن ۾ شريف ماڻهو جي ساک هئي، پر اڄ جيڪو بدمعاش آهي، اُهوئي عزت دار آهي!“

ان کان علاوه هڪ ٻي ڳالهه، جيڪا منهنجي نظر ۾ تمام اهم آهي ۽ جنهن مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو، سا هيءَ ته، هن ڪڏهن به پنهنجي پرائي، عزيز قريب، يار دوست، موافق يا مخالف جي گلا غيبت ته پري ٿي، پر ڳالهه به ڪونه ڪندو هو. اگر ڪنهن جي باري ۾ پڇبس ته پهريان ته ٽاري ڇڏيندو، پر جي گهڻو زور ڏيئي پڇبس ته نفي ۾ اڻ پورو جواب ڏيندو هو. هن جي زندگيءَ ۾ ڪيئي ماڻهو وٽس آيا ويا ۽ جي هن سان مليا به هوندا. پوءِ اُهي سڀ جا سڀ نه سٺا هوندا نه سڀ جا سڀ خراب؛ پر هن سڀني سان اهڙو رويو رکيو جو ورلي ڪو ماڻهو هن کان ناراض ٿيو هجي. بلڪ هن لاءِ ائين چوان ته هن جي ڪنهن کي هڙئون وڙئون نه ڏنو هوندو ته ڪنهن کي رنج به ڪونه پهچايو هوندو ۽ نه ئي ڪنهن سان ڪڙو ٻول ٻوليو هوندو. ان جو هڪڙو مثال ڏيندو هلان ته ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘ ادبي حلقي ۾ متنازع هو، جيڪو ريڊيو تي ڊاڪٽر مقرر ٿيل هو ۽ پروگرامن جي سلسلي ۾ ايندو رهندو هو. ريڊيو جا ڪي ملازم ڊاڪٽر کان ناراض هوندا هئا ۽ ادبي طور مراد علي مرزا به ڊاڪٽر کان پاسيرو رهندو هو. پر هن کي بخوبي ڄاڻ هئي ته ڊاڪٽر خليل سندس مامن ’احسن ڪربلائي‘ ۽ ميرزا علي بخش ’ڪوثر‘ جو انتهائي گهرو دوست هو ۽ ڊاڪٽر خليل به هروڀرو ڪنهن سان ڦٽائڻ وارو ڪونه هو. ان ڪري هي ڊاڪٽر صاحب جي تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڪندو هو. ايستائين جو جڏهن ڊاڪٽر صاحب جهان ڇڏيو، تڏهن هي پنهنجي ريڊيو جي ساٿين سان گڏ ڊاڪٽر جي گهر پهچي ويو ۽ اتي آيل ماڻهن کان ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت جي باري ۾ تاثرات ٽيپ ڪري رهيو هو، آئون ۽ منهنجو محترم دوست مرحوم نياز همايوني گڏجي اُتي آياسين. اتي ئي نياز همايوني ۽ مراد علي مرزا، ڊاڪٽر صاحب جي علمي ادبي ڄاڻ سان گڏ سندس خوش اخلاقي ۽ فراخ دلي جي تعريف ڪندا رهيا. اتي هِن ٻڌايو ته، ”ماما وڏو (احسن ڪربلائي) هميشه ڊاڪٽر صاحب وٽ سندس ويسٽ ڪچا واري جاءِ ۾ ويندو هو ۽ آئون خود به ساڻس ڪيترا دفعا ڊاڪٽر صاحب وٽ ويس ۽ رسالي ”صراط اطستقم“ ۾ ڇپيل سلام مون ماما وڏي جي چوڻ تي ڊاڪٽر صاحب کي هڪ ڊائري م لکي ڏنا هئا.“ جنهن تي مون کيس ٻڌايو ته اُها ڊائري ڊاڪٽر صاحب پاڻ خود مون کي ڏني هئي، جا مون وٽ اڃان محفوظ آهي.

مراد علي مرزا شروع واري دور ۾ ته بهترين غذا کائيندو هو. خاص طور صبح جو نان نهاري سندس مرغوب عذا هوندي هئي، جيڪا گهڻو ڪري راقم جي والد ميرزا حامد علي بيگ سان گڏجي دهلي هوٽل تي کائڻ ويندو هو. پر پوءِ سادو کاڌو کائيندو هو ۽ گيهه وارين عذائن کان پري رهندو هو ۽ ٻيو ته پاڻ جيڏانهن به ويندو هو، ته پيرين پنڌ ويندو هو. ريڊيو تي صبح جو ويندو ته پنڌ ويندو ۽ وري ڏينهن جو موٽندو، پوءِ ڀلي ٽاڪ منجهد هجي، پر ايندو پنڌ هو. اهوئي سبب هو جو 81 سالن جي عمر تائين سندس ڪمر ۾ خم نه آيو، نه چيلهه ٻيڻي ٿي ۽ نه وري ڪڏهن ٿڪاوٽ جي شڪايت ڪيائين، سرو قد سينو تاڻي هلندو هو.

مراد علي مرزا جي شادي سال 1946ع ۾ سندس والد جي سوٽ ميرزا محمد بچل بيگ جي نياڻي سان ٿي، جنهن مان کيس ٻه نياڻيون ۽ هڪ پُٽ منظور مراد اولاد ٿيو. سندس وڏي نياڻيءَ جي شادي سندس ڀاڻيجي ميرزا منير حسين بيگ سان ٿي ۽ ننڍي نياڻيءَ جي شادي سيد محب علي شاھ سان ٿي ۽ منظور مراد جي به شادي ڪراچي مان ڪرايائين. سندس اولاد ۾ هڪ پوٽو، پوٽي ۽ پنج ڏهٽيون آهن. کيس هڪ ڀاءُ ضمير الحسن ميرزا ۽ ٽي ڀينرون آهن.

مراد علي مرزا جي شادي کي 65 سال ٿيا. ڇا نه هنن ٻنهي زال مڙس ۾ قرب ۽ محبت هو، سو هي پاڻ ئي ٿا ڄاڻن. جڏهن به سندن گهر ۾ وڃبو هو، ته هو يا ته ڪتاب پڙهڻ ۾ مشغول هوندو هو يا وري ڪجهه لکڻ ۾ رڌل هوندو هو ۽ سندس شريڪ حيات بلڪل سندس ڀر ۾ چپ ڪيو ڪنهن وڏي گهري سوچ ۾ ويٺل هوندي هئي. جيئن ته منهنجي طبعيت مزاحيه هئي، سو آئون جڏهن ساڻن ملڻ لاءِ ويندو هئس، ته پاڻ مون کي اشارن ۾ چوندو هو ته، سؤٽ (هو پنهنجي گهرواري کي سوٽ سڏيندو هو) کي ٿورو چيڙاءِ. __ ته پوءِ آئون وري ڏاڍو سيريس ٿي کيس چوندو هئس ته، ”بوئا اڄ آئون چاچا وٽ ريڊيو تي ويس ته هڪڙي جوان جماڻ ڇوڪري چاچا سان گڏ چانهه پي پيتي ۽ ڏاڍي راز و نياز سان پي ٻنهي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪيون!“ بوئا هوشيار ٿي ته چوندي هئي ته، ”ڇوريون اچي بڇڙيون ٿيون آهن، رنون رب رلايون، مردن جو ڪهڙو ڏوهه!“ ائين چئي وري چوندي هئي ته، ”منهنجي سامهون اچن ته چوٽيون پٽي هٿ ۾ ڏيان.“

مراد علي مرزا زندگيءَ جا ڪيئي نيشب و فراز لاها چاڙها ڏٺا، پر هن ڪڏهن به بي صبري يا ناشڪري ڪونه ڪئي ۽ نه ئي زماني جي ڪج رفتاري جي شڪايت ڪئي. بلڪ پنهنجي محنت سان پاڻ وڏي منزل ماڻي ورتي.

ڊسمبر 2010ع کان سندس طبيعت جي ناساز رهڻ لڳي. رستي پنڌ ملبو ته خوش خير عافيت پڇبس ته ڪڏهن طبيعت ٺيڪ نه هئڻ جي شڪايت ڪندو هو ته ڪڏهن چوندو هو ته يار پيا هلون. پوءِ اهڙو وقت به آيو جو سندس چهري ۽ گفتار مان معلوم ٿيو ته، هاڻي همراه کي اڳين جهان جو سڏ ٿي چڪو آهي، جو اڳتي جا سانباها ڪري رهيو آهي. فيبروري جي مهيني ۾ اسپتال ۾ زير علاج رهيو ۽ وري گهر ڊسچارج ٿي آيو، مگر طبيعت بدستور ناچاڪ رهيس ۽ آخر 01 مارچ 2011ع تي صبح جو 10 ڌاري کڻي الا توهار ڪيائين ۽ امانت وڃي پنهنجي حقيقي مالڪ جي سپرد ٿي ۽ پاڻ پويان کوڙ ساريون نيڪيون ڇڏي ويو.

’فتح علي‘ جي ڪڙم ۾ هي نيڪ فرد هو

حق مغفرت ڪريس عجب آزاد مرد هو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org