هي اهو حيدرآباد هو، جنهن ۾ روزانو رات جو شهر جا
ڀرپاسي يعني اتر اوڀر ۾ واقع قومي شاهراهه کان
گلاب جي گلن جي خوشبودار هوا گهلندي هئي. شهر ۾
بيٺل سريل جي وڻن ۾ سنهرن گلن جي سڳنڌ پکڙجي ويندي
هئي. جتي بسنت جي رُت ۾ الهداد چنڊ جي ڳوٺ جا
دهلاري صبح سان سرنهن جا گل کڻي اچي در تي دهل
وڄائي اهي گل ماڻهن کي ڏيندا هئا. هن شهر جي سمورن
صبحن کي سورج مکي جا گل جهڪي سلام ڪندا هئا ۽
اونهاري جي چانڊوڪي راتين ۾ موتئي جا ٽڙندڙ گل
ساهن ۾ سرهاڻيون پکيڙيندا هئا.
تمام گهٽ ماڻهن کي ٿي سگهي ٿو ته اهڙي خبر
هجي شايد، ته مراد صاحب هڪ تمام سکئي ستابي ۽
شاهوڪار ڪٽنب جو رهواسي هو. سندس والد مرزا مهر
علي، هڪ بيحد ماڊرن ۽ شاهه خرچ ماڻهو هو. سندس
ڏاڏو مرزا ٻڍل بيگ حيدرآباد جي ٽالپر گهراڻي جي هڪ
فرد مير نور محمد خان ٽالپر جو وزير هو. ان مهل ڪا
بادشاهت ته ڪونه هئي. پر سنڌ جي آخري حڪمران مير
نصيرخان ٽالپر جي فرزند هزهائنس مير حسن علي خان
ٽالپر جي وفات کان پوءِ مير نصير خان ٽالپر جي
پوٽي مشهور شاعر هزهائنس مير عبدالحسين خان سانگي
۽ سندس پڦاٽ مير نور محمد ٽالپر جي وچ ۾ مير حسن
علي خان ٽالپر جي ملڪيت تان ڪيس هليو هو. آخرڪار
فيصلو مير نور محمد ۽ سندس والده جي حق ۾ ٿيو. ان
ڪري مير نور محمد ٽالپر سموري ملڪيت جو وارث بڻيو.
هن مرزا ٻڍل بيگ کي پهرئين پنهنجي ڪتب خاتي جو
انچارج، ۽ بعد ۾ پنهنجو وزير يا عام مختيار بنائي
ڇڏيو.
حيدرآباد شهر جي قديم پاڙي ٽنڊي آغا ۾
وڃبو ته اتي مکيه روڊ تي امام بارگاهه جي ڀر ۾ اڄ
به اوهان کي به پڪسريون ڳاڙهي رنگ جون ٻماڙ قديم
جايون نظر اينديون. اهي ٻئي جايون مشهور ڪهاڻيڪار
مراد علي مرزا جي ڏاڏي، مرزا ٻڍل بيگ جون آهن.
انهن جاين ۾ هڪ وڏي جاءِ اڃا به مراد صاحب وارن جي
آهي. البت ٻي ڳاڙهي خوبصورت ماڙي، جنهن کي اوطاق
لاءِ ٺهرايو ويو هو. اها مرزا مراد علي جي والد
مرزا مهر علي وڪڻي ڇڏي.
سو ڳالهه پئي ڪيم ته مراد صاحب، هڪ سکئي
ستابي ڪٽنب ۾ ڄائو هو. سندس والد ورهاڱي کان اڳ
کيس بيبي آسٽن ڪار وٺي ڏني هئي. بعد ۾ وقت اهڙو
وريو، جو اهو سک ۽ سپني وارو دور ختم ٿي ويو. بابا
مرحوم ڳالهه ڪندو هو، مرزا مهر علي جنهن سون جي
ٿانون ۾ ماني کاڌي ۽ زندگي ڏاڍي سک سان گذاري،
تنهن کي حالتن آڏو مجبور ٿي وڃي نوڪري ڪرڻي پئجي
وئي. پر آخري دم تائين ڪڏهن به اف نه ڪڍيائين. صبر
۽ شڪر سان اهو زمانو به گذاري ڇڏيائين. مراد صاحب
به ايئن هو. ڪڏهن به هن اهو نه ٻڌايو ته سندس
ماضي، ڪيڏي ۽ سک ۽ آرام سان گذريو آهي. پراڻن
ڏينهن ۾ حيدرآباد شهر ۾ اڄ کان 70 ورهيه اڳ
موٽرڪارون به آڱرين تي ڳڻڻ وارن گهرن ۾ هونديون
هيون، اتي مرزا صاحب وٽ به مرحوم مير رسول بخش خان
ٽالپر وانگر ڪار هوندي هئي.
مراد صاحب جو نالو سندس پڙ ڏاڏي مرزا مراد
علي بيگ سائل تي رکيو ويو هو. سندن وڏا رياست
خيرپور جا رهواسي هئا ۽ خيرپور جي ميرن وٽ نوڪري
ڪندا هئا. حيدرآباد جي مير فتح علي خان جي گهُر تي
مرزا ٻڍل بيگ جي ڏاڏي مرزا مراد علي کي حيدرآباد
ڏياري موڪليو. مرزا صاحب، حيدرآباد واري قلعي جي
اُڀرندي علائقي ٽنڊي آغا ۾ اچي آباد ٿيا. اتي اڳي
ئي آغا سيد اسماعيل شاهه، جو ڪٽنب به رهندو هو.
انگريزن جي دور ۾ ٽنڊي آغا ۾ سيٺ وشنداس به اچي
پنهنجو عاليشان محلن جهڙو گهر ۽ ڦٽين جو ڪارخانو
ٺهرايو. هن من موهيندڙ گهر جو مُهڙ ڦليلي رستي تي
هوندو هو. 1972ع تائين اهو گهر موجود هو. ان جون
وڻندڙ گيلريون ڦليلي رستي تي ايندي ۽ ويندي پيون
نظر اينديون هيون. ان جي هيٺان ڦليلي مان ايندڙ
پاڻي جي اَڏ پئي وهندي هئي، ان مان آفندي باغ کي
پاڻي پهچندو هو.
مراد صاحب اک پٽي ته سندس سامهون وهندڙ
تارون تار ڦليلي هوندي هئي. ان ۾ هلندڙ آگبوٽ
هلندا هئا. ڦليلي جي ڪناري نار هوندو هو. بندر
هوندو هو. اتان لاڙ ڏي ويندڙ آگبوٽن ذريعي ماڻهو
سفر ڪندا هئا، جو سال 1914ع ۾ جنگ سبب انگريزن
حيدرآباد کان بدين ويندڙ ريلوي لائين پٽي ڇڏي هئي.
ڦليلي جي ڪناري وڏا وڏا باغ هوندا هئا. رَشي گهاٽ
تي ڏاڍي وڻراهه هوندي هئي، مور هوندا هئا.
حيدرآباد جي ماڻهن کي ڦليلي سان ته عشق هوندو هو.
ڦليلي تي هڪ خوبصورت پل ڪمانين واري ٺهيل هوندي
هئي. (دادا ڄيٺ مَل پرسرام گل راجاڻي جو ڦليلي تي
لکيل نظم مون کان نٿو وسري.) سانوڻ ۾ پاڻي وهي
ايندو هو ته، ڦليلي جي ڪناري ميلا مچي ويندا هئا.
سارو شهر اوتجي پوندو هو. ڦليلي جي ساڄي ڪپر تي پل
کان وٺي موجوده گورنمنٽ ۽ اڳوڻي ڏيارام گدو مل
نيشل ڪاليج تائين شامداس پارڪ هوندو هو. ڦليلي جي
پرئين ڀر سيٺ ڪريم علي خواجه جو باغ هوندو هو.
ٽنڊي آغا جي اولهندي ۾ وري آفندي باغ (تروٽ جو باغ
هاڻوڪو آفندي ٽائون) اڃا به پر ڀرو مکي باغ، ۽ ڏکڻ
۾ راڻي باغ اسٽيشن جي سامهون هوندو هو. انهه چهچ
سائي، وڻراه ۽ خوش باش حيدرآباد کي مراد صاحب
پنهنجي اکين سان ڏٺو هو.
مرزا
صاحب جو ڏاڏو مرزا ٻڍل بيگ پاڻ به هڪ سٺو مرثيو گو
شاعر هو. سندس هڪ مرثيو، اسان جي خاندان جي پراڻي
بياض تي لکيل آهي. اهو بياض هر سال پهرئين محرم جي
رات چنڊ ڏسڻ شرط اسان جي ماسي عالم خاتون، ڪارو
رئو ڍَڪي، اڱڻ جي اولهندي ڪنڊ کان نماز لاءِ
نصراني سرن سان ٺهيل ٿَلهي تي ويهي پڙهندي هئي.
اهو مرثيو ته مون کي ياد ڪونهي. پر بياض مان ڪيترن
ئي ٻين مرثين سان گڏ، جن ۾ سيد ثابت علي شاهه،
هزهائينس مير حسن علي ٽالپر، جا شامل هوندا هئا،
مرزا ٻڍل بيگ جو هي مرثيو، منهنجي ڊائري ۾ اتاريل
آهي:
جنهن وقت شهه کان اڪبرِ ذيشان جدا ٿيو،
همشڪل مصطفيٰ شهه دين کان جدا ٿيو،
پيريءَ ۾ نور چشم دل و جان جدا ٿيو،
يعقوب کان جيئن يوسف، ڪنعان جدا ٿيو.
هن غم کان حال زارهو حضرت بتول جو،
گهر بي چراغ ٿي ويو سبطِ رسول جو،
سنڌي مرثيه واري شاعري، فارسي جي تتبعي تي
لکي ويئي آهي ۽ فارسي ادب وري عربي ادب مان گهڻو
ڪجهه پِرايو آهي. سنڌ ۾ مرثيه شاعري سيد ثابت علي
شاهه، 1760ع کان شروع ڪئي. ان کان سواءِ مير صاحبن
مان مير نصير علي خان ٽالپر، مير حسن علي خان، مير
عبدالحسين خان سانگي، ميرزا مراد علي سائل اول،
ميرزا فتح علي، ميرزا غلام رسول، ميرزا قاسم علي،
ميرزا ٻڍل بيگ، ميرزا دوست محمد بيگ، ميرزا قربان
علي، سيد آغا نور محمد شاهه، آخوند محمد بچل،
آخوند محمد عالم خيرپوري، سيد روشن علي شاهه
جهانيان، ميرزا قليچ بيگ، خواجه ناصر علي، محمد
هاشم مخلص ٽکڙ وارو ۽ فضل محمد ماتم جا مرثيا سنڌ
۾ مشهور هئا.
هڪ ڀيري مراد صاحب کان مون پڇيو، ”اوهان
کي راڳ سان وري شوق ڪڏهن کان پيدا ٿيو؟“ پاڻ اهو
سوال ٻڌي کِلي چوڻ لڳو،“ تو کي خبر آهي ته منهنجي
ڏاڏو ميرزا ٻڍل بيگ کي راڳ سان گهڻو موهه هوندو
هو. بلڪ هو انهيءَ علم جي وڏي ڄاڻ رکندو هو. وٽس
ناميارا راڳي، گويا مستقل رهندا هئا. انهيءَ لاءِ
هن پنهنجي گهرجي آڏو اها شاهي اوطاق ٺهرائي هئي.
اُتي هميشه راڳ روپ جون محفلون مَتل رهنديون
هيون.!“
مراد صاحب کي پاڻ پڏائڻ بنهه نه ايندو هو.
پاڻ سدائين حال ۽ مستقبل ۾ رهندڙ هڪ ترقي پسند فڪر
سان لاڳاپيل انسان هو. مذهبي ڀيد ڀاوَ کان پري.
انسان کي انسان سمجهندڙ، هڪڙو ايماندار ماڻهو. سڄي
زندگي نوڪري تي ڀروسو ڪيائين. ريڊيو پاڪستان ۾ به
رهيو. سنڌي لينگويج اٿارٽي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جهڙي
ادارن جو سيڪريٽري به رهيو. پر اتي به هڪ مثالي
شخص ٿي ڪم ڪيائين. محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي
مشهور ڪتاب Daughter
of East جو
سنڌيءَ ۾ ترجمو به ڪيائين. اهو ڪتاب پورب ڄائيءَ
جي عنوان سان شايع ٿيو. پر ان ڪتاب جي ڪريڊٽ وٺڻ
لاءِ ڪڏهن به پيپلز پارٽي وٽ هلي نه ويو... نه
سندس چپن تي اهڙو ڪو ذڪر آيو. آئون نٿو سمجهان ته
ڪڏهن هن ڪنهن به ماڻهو جي ڪڏهن گلا يا غيبت ڪئي
هوندي. سدائين روشن خيال ڳالهيون، ادب جو ذڪر، سنڌ
جي ثقافت جو احوال، حيدرآباد جي قدامت جي رهاڻ ۽
عالمي ادب مان سندس پڙهيل ڪتابن جو داستان هر وقت
سندس چپن تي هوندو هو.
پاڻ شاندار ڪهاڻيون لکيون. ريڊيو ناٽڪ رچيا. شاهه
لطيف جي حياتين تي هڪ شاندار ناول “سامي سج وڙا”
لکيو. انگريزيءَ جا شاهڪار ڪتاب ترجمو ڪيائين. هو
بنيادي طور تي ڪُل وقتي يعني هر وقت هڪ اديب هو.
هن جي ذهن تي چمڪندڙ ستارا ۽ دل ۾ ڪوئي اداس سائو
چهچ وڻ، موتئي جي گلن جا ٻوٽا پوکيل هئا. هن جي دل
۾ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جو خيال ۽ جذبو هو. پر بدقسمتيءَ
سان ٻنهي ادارن يعني سنڌي لينگويج اٿارٽي ۽ سنڌي
ادبي بورڊ جو روايتي ۽ ڏکوئيندڙ ماحول هن جي
ايماندار طبيعت جي آڏو ٿي اچي ويو. اهو ئي سبب هو،
جو ٻنهي ادارن مان جلد پنهنجي جند ڇڏائي، ٽنڊي آغا
۾ رٽائرڊ زندگي گذارڻ لڳو. اتي به سمورو ڏينهن
پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلو ويٺو ڪتاب پڙهندو هو. ٻاهر
سندن پراڻي امام بارگاهه ۾ به هو محرم جي ڏهن
ڏينهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن نڪرندو هو.
ڪيترن حيدرآبادين وانگر مون کي به
حيدرآباد جي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن واري دور سان گهڻي
دلچسپي هوندي هئي. مراد صاحب کي ته جهڙوڪر سنڌ جي
انهيءَ ماضي قريب جي تاريخ سان گهڻو عشق هوندو هو.
گهڻي وقت جي ڳالهه آهي. هڪ ڀيري مرزا قليچ بيگ
بابت مون کي چيائين: “مرزا صاحب کي ادب سان گهڻو
شوق هو. پر پاڻ ان وقت فوٽوگرافي به ڪئي هئائين. ۽
پنهنجي پهرئين زال جو آواز فونوگرام ۾ ريڪارڊ ڪيو
هو. اهو آواز محفوظ هجي ها ته ننڊي کنڊ جو پهريون
ريڪارڊ ٿيل آواز ٿي اسان جي آڏو اچي ها.“
واقعي مرزا صاحب اها ته تمام اهم ڳالهه
آهي!“ مون چيو هو. ميرزا صاحب وراڻيو هو، “ها،
ادا، مرزا قليچ بيگ پنهنجي آتم ڪٿا سائو پن يا
ڪارو پن” ۾ اها ڳالهه لکي آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو
ته مرزا صاحب، سندس زال جو آواز 1890 يا ان دور ۾
ڪيو هوندو، جو مرزا قليچ بيگ جي شادي 25 ڊسمبر
1888 ۾ ڪراچي ۾ ٿي هئي ۽ 19 مارچ 1904 ۾ حيدرآباد
۾ پليگَ جي بيماري سبب هوءَ گذاري وئي. انهيءَ مان
خبر پوي ٿي ته مرزا قليچ بيگ ڪيڏو نه ڏاهو ماڻهو
هو. آواز ريڪارڊ ڪرڻ جي ان وقت وٽس ڪهڙي مشين هئي؟
هن ٻيا ڪهڙا ڪهڙا آواز ريڪارڊ ڪيا هوندا، افسوس ته
اهو سڀ ڪجهه وقت جي اٿل پٿل ۾ ضايع ٿي ويو.“
مون کيس هڪ ڀيري چيو. “مرزا صاحب، مرزا گل
احسن ڪربلائي پنهنجي مضمون ۾”ٽالپرن جا علمي
ڪارناما“ ۾ ذڪر ڪيو آهي ته مير نصير خان ٽالپر،
ڪلڪتي ۾ قيد دوران پنهنجي ديرن (گهر وارن) کي خط
لکندو هو. اهي خط بعد ۾ سندس پٽ هزهائنس مير حسن
علي خان ٽالپر 1858 ۾ وطن واپس اچڻ بعد، ٻن ڀاڱن ۾
”مڪاتيبِ جعفري” جي عنوان سان رجسٽرن ۾ محفوظ ڪيا
هئا. اِهو هڪ وڏو علمي خزانو آهي. جيڪڏهن اهي خط
شايع ٿين، ته ننڊي کنڊ جا سڀ کان اول قيد خاني مان
لکيل خط هوندا.“
مرزا صاحب چيو هو ، ”ها پڙهيو ته مون به
آهي ان بابت پر مرزا عباس علي بيگ کان يا وري ٽنڊي
مير نور محمد لطيف آباد وارن ميرن کان پڇا ڪري
ڏسجي!“
۽ پوءِ مير صاحبن کان به خبر پئي ته مير
نصير خان ٽالپر جا اهي خطن وارا قلمي نسخا غائب
آهن. پوءِ ته مون کي به ڏاڍي هڻ تڻ اچي لڳي. پير
حسام الدين راشديءَ صاحب به پنهنجي مضمون ۾ انهن
خطن جو ذڪر ڪيو هو.
سنڌ جو آخري حڪمران مير محمد نصير خان
ٽالپر تخلص جعفري 14_ محرم سال 1217هجري بمطابق سن
1801 ۾ حيدرآباد جي قلعي ۾ ڄائو هو. 1840 هو مسند
تي ويٺو. 17 فيبروري 1843 تي مياڻيءَ ۽ دٻي جي جنگ
۾ سنڌين کي شڪست ملڻ بعد کيس برٽش ريزيڊينسي (لطيف
آباد يونٽ 4) ۾ نظربند ڪيو ويو. جتان کيس ٻين مير
صاحبن سان گڏ لارڊ ايلينبرو گورنر جنرل جي حڪم سان
مهيني کانپوءِ اپريل 1843ع ۾ ڪلڪتي روانو ڪيو ويو.
اهو سفر، نمرود جهاز ۾ حيدرآباد کان بمبئيءَ تائين
ڪيو ويو. بمبئي ۾ کيس هڪ مهينو نظربند ڪيو ويو.
اتان وري پوني شهر ۽ ساسور ۾ هڪ سال قيد ۾ رکيو
ويو. اتان وري کيس پوني آندو ويو، جتي 2 ڏينهن2
راتيون منزل ڪيائين. اتان وري بمبئي آيو. جتي ٽي
ڏينهن رهي، چوٿين ڏينهن تناسر نالي آگبوٽ ۾ سوار
ڪرائي کيس ڪلڪتي روانو ڪيو ويو. اهو سفر 2 هفتا
جاري رهيو، ۽ پِرهه ڦٽي مهل ڪلڪتي پهتو. ٻئي ڏينهن
صبح جو مير نصير خان ۽ ٻين کي ڪلڪتي جي دمدمه
علائقي ۾ فوجي پهري هيٺ نظر بند رکيو ويو. مير
نصير خان ٽالپر انهيءَ سفر کي فارسي ٻوليءَ
۾منظومِ بيان ڪيو آهي. مير نصير خان ٽالپر ربيع
الثاني 1261 هجري، مطابق 16 اپريل 1845 تي اسر جو
گذاري ويو. کيس پهريون ڪلڪتي ۾ امانت طور دفن ڪيو
ويو. بعد ۾ 28 فبروري 1846 ۾ تي ڪلڪتي مان ڪربلا
يا سنڌ کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني ويئي. پر جڏهن مير
صاحب جو تابوت بمبئي پهتو، ته اُتي اها اجازت نامو
رد ڪري کيس پوني ۾ ٻيهر امانت طور دفن ڪيو ويو.
آخرڪار 13 ورهين بعد سن 1858 جي سياري ۾ گورنر
جنرل لارڊ ڊلهوزي جي حڪم سان مير صاحب جو تابوت
رات جي اونداهيءَ ۾ حيدرآباد ڪليڪٽر جي بنگلي تي
آندو ويو. مرزا خسرو بيگ کي اڌ رات جو ننڊ مان
اٿاري انگريزن ملٽري وارا ڪليڪٽر جي بنگلي تي وٺي
آيا ۽ اسر مهل مير صاحب کي مرزا خسرو بيگ ۽ آغا
محمد ڪربلائيءَ جي روبرو ميرن جي قبن ۾ دفن ڪيو
ويو.
ٽنڊو آغا حيدرآباد جي ميرزائن طرفان 6
محرم تي سدائين ذوالجناح جو جلوس نڪرندو پيو اچي.
اهو امام بارگاهه علي آباد کان وٺي، ڦليلي جي
ڪناري تائين وڃي وري موٽي ايندو آهي. ڪو وقت هو جو
آئون به پنهنجي ننڊپڻ جي اسڪولي دوست ميرزا فياض
علي جي ڪري اُتي ويندو هوس. مراد صاحب تمام گهٽ،
انهن موقعن تي گهر کان ٻاهر نڪرندو هو. 6 محرم تي
نصير مرزا به اُتي ايندو هو. اهو زمانو مرزا صاحب
جي خاموشي جو دور هو. البت منهنجي اچڻ جو جڏهن کيس
نياپو پهچايو ويندو هو، ته قرب ڪري ڪڏهن ٻاهر اچي
مون سان ڪچهري ڪندو هو. ڪڏهن وري پنهنجي گهر ۾
اندر سڏائي، اُتي چانهه به پياريندو هو. ۽ ڳالهه
ٻولهه به ڪندو هو.
هڪ ڀيري 6 محرم تي آئون ٽنڊي آغا پهتس.
منهنجي اچڻ جو ٻڌي ميرزا مراد علي يڪدم ٻاهر نڪري
آيو. مرزا عباس علي بيگ به تڏهن حيات هو. نصير
مرزا به آيل هو. اسين اتي غازي عباس علمدار جي علم
هيٺان ٺهيل ٿلهي تي ويهي رهياسين. سوين ماتمي
ڪارن ڪپڙي ۾ آيا ۽ ويا پئي. سامهون ڦليليءَ واري
رستي تي ميرزائن جو ذوالجناح وارو جلوس آهستي
آهستي اڳتي وڌي رهيو هو. پريان ميراثين طرفان
پڙهيل مرثين جو آواز پئي آيو ۽ اسان جي مٿان قديم
آنگاس جي ڪاري بيرڪ هوا ۾ ڦڙڪي رهي هئي. اسان جي
کاٻي پاسي کان مرزا مراد علي واري قديم گهر ۽ ان
جي ڀر ۾ مرزا صاحب جي ڏاڏي، جي ٺهرايل سهڻي ڳاڙهي
رنگ جي ٻماڙ ماڙي پئي نظر آئي، آئون مرزا عباس علي
بيگ سان مير نصير خان ٽالپر جي خطن واري قلمي نسخن
بابت بحث ڪري رهيو هوس. مرزا عباس علي چئي رهيو
هو: ”واقعي اهي خطن جا ٻه رجسٽر هئا. انهن جو ذڪر
گُل حسن ڪربلائي به ڪيو آهي ۽ ڪجهه وقت اهي ٻئي
رجسٽرڊ وٽس هئا. جن کي هزهائنس مير حسن علي ٽالپر
مرحوم پنهنجي نگراني ۾ ترتيب ڏئي مرتب ڪرايا هئا.
پر هاڻ اِهي ڪٿي آهن، مون کي ڪا به خبر ڪونهي.“
ايتري ۾ مراد صاحب چيو، ”عباس علي تو
پنهنجو ڪتب خانو چيڪ ڪيو آهي. يا نه ؟ اسين چاهيون
ٿا ته اهي خط منظرِ عام تي اچن، ته ڄڻ سب
ڪانٽيننٽ جا پهريان قيد خاني مان لکيل خط ٿي سڀني
جي آڏو اچي ويندا. هن مهل تائين اؤڌ جي نواب واجد
علي خان جا خط اسان جي آڏو آيا آهن، پر اهي
هيٺئين سطح جا عشقيه خط آهن. گُل حسن ڪربلائي
ٻڌائيندو هو:”مير صاحب نصير خان ٽالپر جا اُهي خط
پڙهڻ جهڙا آهن.“
ان وچ ۾ مرزا عباس علي کي مون چيو، ”مرزا
صاحب اڄ به ننڊي کنڊ ۾ پهرئين جيل ڊائري مولانا
فضل الحق خيرآبادي جي عربي ۾ لکيل جيل جو احوال
”باغي هندستان“ کي مڃيو وڃي ٿو. پر هن اهو احوال
1858 کان پوءِ انڊيمان ۾ لکيو. تڏهن اڃا اتي
سيليولر جيل ڪو نه ٺهيو هو. پر مير نصير خان ٽالپر
1844 ۾ دمدما جو سفر شعر ۾ لکيو آهي. اهو جيڪڏهن
اڳواٽ ظاهر ٿي ڪتابي شڪل ۾ اچي وڃي ها، ته فارسي ۾
لکيل، اُهو ننڊي کنڊ جو پهريون جيل جو احوال مڃيو
وڃي ها. وري به شابس هجي مراد صاحب کي، جنهن ميرزا
گل حسن ڪربلائيءَ جي سنڌيءَ ۾ ترجمي ڪيل انهيءَ
سفر نامي جو مهاڳ لکي، ان کي شايع ڪرايو. اسان وٽ
قلمي ڪتاب ڪيستائين ذاتي ڪتب خانن ۾ پيا هوندا؟
اها سنڌ سان سان هڪ وڏي زيادتي آهي.“
مرزا عباس علي، منهنجي ڳالهه سمجهي ويو ۽
چوڻ لڳو ”مدد علي تنهنجي ڳالهه کان مون کي انڪار
ڪونهي. مون وٽ واقعي تمام سٺو قلمي ذخيرو آهي. مون
به ته ميان سرفراز ڪلهوڙي تي پهرين ڪتاب لکيو .
هاڻ به ٽالپر دور جي تاريخ تي ڪتاب لکي رهيو
آهيان. باقي مون وٽ مير نصير خان ٽالپر جا اهي خط
موجود ڪونهن. البته اهو معلوم اٿم ته مرزا گل حسن
ڪربلائي وٽ اهي ٻئي قلمي نسخا هئا. پوءِ ڪيڏانهن
ويا، ڪا خبر ڪونهي؟“
نصير مرزا ، اسان جو بحث پريان کان ٻڌي
رهيو هو، ايتري ۾ اسان کي نياز کارائڻ لاءِ
سڏيائون. اسين اٿي وڃي، مرزا سلطان بيگ جي گهر
ويٺاسين. ڪجهه وقت کان پوءِ مرزا عباس علي هن جهان
کي الوداع ڪري ويو. مرزا عباس علي، جنهن وٽ پير
حسام الدين راشدي چواڻي: سنڌي جي سڀ کان وڏي وڏي
قلمي ڪتابن ۽ نوادرات جو املهه خزانو موجود هو.
سن 2002ع جي ڳالهه آهي. خانه فرهنگ ايران،
سنڌ جي فارسي گو شاعرن تي هڪ وڏو سيمينار پئي
ڪرايو. مون کي مغل دور جي شاعر حيدر ڪلوچ تي مقالو
لکڻ لاءِ چيو ويو. ڪلوچ شاهه حسن ارغون جي دربار
سان لاڳاپيل هو. اصل ايران مان آيل هو. پهريون ٺٽي
۽ پوءِ وڃي پاٽ شهر وڃي وسايائين. سندس ئي دور ۾
همايون بادشاهه اچي پاٽ ۾ ترسيو هو. اتي تڏهن
حميده بيگم سان شادي ڪئي هئي.
سو ڳالهه پئي هلي، ڪلوچ بابت مضمون لکڻ
جي. مضمون لکڻ لاءِ هاڻ مواد ڪٿان اچي؟ هيڏانهن
هوڏانهن نهاريم، ڪجهه غلام رباني آگري ۽ ڪجهه حسين
شاهه راشدي مدد ڪئي. آخر لاهور ۽ اسلام آباد جي
ڪتب خانن جو رخ ڪيم. اتان هڪ لائبريريءَ ۾ ڪتاب
ڳوليندي مير نصير خان ٽالپر جي خطن جا 2 رجسٽرڊ هٿ
چڙهي ويا. اهي به اصل ڪو نه هئا. پر اصل نسخن تان،
سال 1955ع ۾ مشهور محقق راشد برهانپوري، پير حسام
الدين راشديءَ جي لاءِ فارسي متن تان ڏاڍي سهڻي
خوشخطيءَ ۾ نقل ڪيا هئا. اهي ٻئي رجسٽر، 600 فل
اسڪيپ صفحن جا هئا. بهرحال انهن جو فوٽو اسٽيٽ
ڪرائي ڪراچي کڻي آيس. ان خوشخبريءَ جو پهريون
اطلاع مراد علي مرزا صاحب کي ڏنم. مون مراد صاحب
کي مير نصير خان ٽالپر جي خطن بابت هڪ تفصيلي خط
لکيو. پاڻ ڪجهه وقت کانپوءِ مون کي خط جو جواب
ڏنائون. اهو هيٺ ڏيان ٿو:
برادرم مدد علي سنڌي صاحب،
السلام عليڪم،
تنهنجو 22 آگسٽ وارو لکيل خط اڄ 6 سيپٽمبر تي
پهتو. ان وقت ڪنهن سبب جي ڪري منهنجو موڊ سخت خراب
هو، پر تنهنجو خط پڙهندي منهنجو موڊ سڌرڻ لڳو ۽
آخر ايترو ته ٺيڪ ٿي ويو جو آئون پاڻ کي مور جي
کنڀ کان به وڌيڪ هلڪو محسوس ڪرڻ لڳس. مون کي سچ ته
ڏاڍي خوشي ٿي آهي. اهو پڙهندي ته تو هڪ وڃايل
خزاني کي ڳولي لهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. مون به
مير نصير خان جي خطن جي پڇا ڪئي هئي، پر مون کي
اهي هٿ نه لڳا هئا. بهرحال اهو علمي ۽ ادبي ڪم پڪ
سان تنهنجي حصي جو آهي ۽ تنهن جو خط ٻڌائي ٿو ته
ان ڪم کي ڪرڻ لاءِ قدرت تو کي ئي چونڊيو آهي ۽ تو
کي ئي اهڙو ذوق ۽ دانائي سان نوازيو آهي. مون کي
يقين آهي ته تون اهو علمي ڪم مڪمل ڪري سنڌ جي
تاريخ جو اهو وڃايل باب سنڌ کي موٽائي ڏيندين. هڪ
خاص تجويز ان باري ۾ اها آهي ته مير نصير خان جا
اهي خط فارسي ۾ آهن. ڪراچي ۾ خانهءِ فرهنگ ايران
موجود آهي. فارسي سمجهڻ لاءِ انهن کان مدد وٺي
سگهين ٿو. ٻيو ته خطن جو سمورو مضمون نه پر ان
زماني جي حالتن مثال طور: انگريز حاڪمن جي رويي
وغير ۽ سنڌ کان ٻاهر ٻين ملڪن جي باري ۾ رايا ۽
سنڌ جي اڪير وغيره تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن ان
وقت جي تصوير پڙهندڙن جي اڳيان واضع ٿئي.
آئون وري به چوان ٿو ته قدرت اها سعادت
تنهنجي حصي ۾ ڏني آهي جو اهڙو ذخيرو جنهن جي ملڻ
جي ڪا اميد ئي نه هئي اوچتو ئي اوچتو تنهنجي هٿ
لڳو آهي. فارسي جي هڪ شعر مطابق:
اين سعادت بزور با زو نسيت تانہ بخشد
خدائے بخشنده
اهو به پڙهي خوشي ٿي ته ”شهر صِحرا ڀانيان“ ڇپجي
ويو آهي. ان کي ڏسڻ ۽ ٻيهر پڙهڻ جو انتظام اٿم..
تو ڪراچي وسائي آهي- رب پاڪ تو تي ڪامياب ۽ ڪامران
ڪندو.
آمين، ثم آمين. والسلام خير
انديش
مراد علي
مرزا
07.09.2003 |