سيڪشن: ادب

ڪتاب: مراد صاحب (اينٿالاجي)

باب:

صفحو:24 

اِهو سلام سائين محمود شاهه کي پڙهي ٻڌايم. پاڻ ٻُڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته هيءُ سلام صنعت لزوم ما لا يلزم ۾ چيل آهي. پر توهان شاعريءَ کي ڇڏي نثرنگاريءَ تي ڌيان ڏيو، جنهن ۾ وڏو اعزاز ماڻيندؤ. پوءِ شاعريءَ تان ڌيان هٽائي نثرنگاري شروع ڪيم. ڪجهه نظم ۽ قطعات به چيم، پر اُهي هيٺ مٿي ٿي ويا! باقي هيءُ سلام مون وٽ ڪٿي لکيل آهي، جيئن ئي ملندو اوهان کي ڏيندس. ماما وڏي مرحوم جي ڪتب خاني مان ڪيترائي ناياب ڪتاب ۽ رسالا مطالع ڪندو رهيس. انهن ڏينهن ۾ ”آجڪل“ رسالو دهلي مان نڪرندو هو، ان جي مختلف شمارن مان بهترين تاريخي مضمون ۽ اشعار ڪڍي هڪ ڌار مجموعو ٺاهيم، جنهن کي ادا حامد علي گهڻو پڙهيو. ماما وڏي کي ڏسڻ لاءِ ڏنم، پوءِ ڪتاب ڪيڏنهن ويو خبر ناهي. جنهن تي مون کين چيو ته، اُهو ڪتاب لالا گل حسن مرحوم، بابا کي ڏنو هو، جيڪو مون وٽ رکيو آهي. اِهو ٻُڌي پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو.

سيد مناظر حسين ’ناظر‘ کي اسان وٽ محمود شاهه سڏيندا هئا. هي پهرين، سال 1912ع ۾ ڏاڏا ٻڍل بيگ مرحوم سان ڪربلا معليٰ ۾ اُن وقت مليو، جڏهن مير حسن علي ٽالپر جي لاش تدفين لاءِ کڻائي ويا هئا. پاڪستان ٿيڻ وقت هن جا پوٽا ڪراچي ۾ جونا مارڪيٽ ۾ ٽوپين جو دڪان کولي ويٺا هئا، جن سان نانا ميرزا علي محمد بيگ جي دعا سلام ٿي. نانا مرحوم انهن کان محمود شاهه بابت معلوم ڪيو، جن ٻڌايو ته اسان جو ڏاڏو آهي. پوءِ هو نانا سان حيدرآباد آيا ۽ هن سيد سان مليا مگر هن سيد ڪراچي وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پاڻ 25 صفرالمظفر 1376هه/01 آڪٽوبر 1956ع تي انتقال ڪيائين. اسان واري قديمي قبرستان ڀرسان سندس تدفين ٿي. افسوس جو هن وقت ڪيترن ئي بزرگ ساداتن جو قبرون ڊاهي ناعاقبت انديش قبضه گروپ جايون اڏي ويهي رهيو آهي.

چاچا ٻڌايو ته، ڪوئٽيا بدلي ٿي، ويس ته اُتي مسواڙي جاءِ رهڻ لاءِ ورتم. رهائش اختيار ڪيم، ته پهرين ئي رات تقريباً رات جو 11 بجي ڌاري سمهڻ چاهيم ته ٺَڪ ٺَڪ جا آواز اچڻ لڳا. خير اُها رات جيئن تيئن گذري ته وري ٻي رات به ساڳي ڪرت. ٽين رات جڏهن ٺَڪ ٺَڪ شروع ٿي ته رات جا 12 ٿيا هئا. آهسته آهسته دروازو کوليم، ته ڏسان ته ڇا ماجرا آهي! ابا ڏسان ته هڪ اڌيڙ عمر جو مرد ۽ عورت هروڀرو پٿرن تي ٺَڪ ٺَڪ ويٺا ڪن! ويجهو آيس ته خاموش ٿي ويا. مون هنن کي چيو ته اهو مذاق ڇڏيو، آءٌ هتان ڀڄڻ وارو ناهيان، مون وٽ جِنَ آهن، هاڻ اُهي منهنجي جاءِ تي پهرو ڏيندا.

ٻي ڏينهن آفيس آيس ۽ دوستن سان ڳالهه ڪيم ته هو ڏاڍو کليا. ٻڌايئون ته مون کان اڳ قادر بخش ملاح انهيءَ جاءِ ۾ رهيو، ته پهرين ئي رات ٺَڪ ٺَڪ جا آواز ٻُڌي وٺي ڀڳو ۽ وري نه رهيو. مون کي جڏهن به اهو شخص ڏسندو هو ته ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيندو هو. باقي يار برفباري ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. آءٌ هاسيڪار اهو منظر ڏسي لطف اندوز ٿيندو هئس.

ڪراچي پهچڻ تي مون کي بابا مرحوم پنهنجي خط سان گڏ جناب ڊاڪٽر علي احمد قاضي صاحب جو خط موڪليو ۽ حڪم فرمايائون ته آءٌ قاضي صاحب سان ضرور وڃي ملان. حڪم جي تعميل ڪندي آءٌ قاضي صاحب سان سندس بنگلي نمبر-5 مسلم آباد ۾ ملڻ ويس. ٻي ڏينهن جڏهن چاچا حيدرآباد مان آيو ته کيس ٻڌايم. آءٌ ۽ چاچا شام جو قاضي صاحب سان ملڻ وياسين، ته پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو.

قاضي صاحب دوران گفتگو ٻڌايو ته ماما (علامه آءِ. آءِ قاضي) جڏهن لنڊن مان امتحان پاس ڪري آيو ته اوهان جو ڏاڏو رئيس ميرزا ٻڍل بيگ، نانا (قاضي امام علي صاحب) کي مبارڪ ڏيڻ آيو. هڪ ٽوڪرو مٺائي جو ۽ هڪ ٽوڪرو گلن جو ۽ پنجاهه روپيه تحفه ۾ ڏنائين. وري جڏهن هزهائينس حاجي مير نور محمد خان ٽالپرمبارڪ ڏيڻ آيو ته ساڳيائي تحفه ڏنائين. رئيس مرحوم، مير صاحب جو وزير اعظم هو ۽ اهو به ان وقت سرڪار مير صاحب سان گڏ هو.

قاضي صاحب سان اِهي ملاقاتون جاري هيون تان جو علامه آءِ. آءِ. قاضي جي انتقال جي خبر پئي. آءٌ ۽ چاچا فاتحه خوانيءَ لاءِ گڏجي وياسين. فاتحه ٿي، موڪلائي ٻاهر آياسين ته مون چيو ته، چاچا، ڊاڪٽر صاحب اڄ چانهه نه پياري!  تڏهن چاچا وراڻيو ته، فوتي جي تڏي تي فاتحه خواني لاءِ آيا هئاسين، ان ڪري چانهه وغيره پيارڻ جو دستور ناهي؛ البته ڪو ٻاهريون مهمان ايندو آهي ته ان جي خاطر مدارات به سادگيءَ سان ڪئي ويندي آهي. __ مگر اڄڪلهه اسان وٽ جيڪو رواج هلي پيو، اهو اڳين دور جي بلڪل ابتڙ آهي. فوتگي جي مانيءَ کي ڪَڙي ماني چوندا هئا. پر اڄ هجي نه هجي ستَ رَڇي ضرور ڪرڻي آهي؛ هي آهن دنيا جا رنگ.

هن سانحه کان پوءِ جڏهن به قاضي صاحب سان ملياسين ته کيس رنجيده ڏٺوسين. پنهنجي بنگلي تي جڏهن مرحوم جي چاليهي جي سلسلي ۾ فاتحه جو انتظام ڪيائين ته ان ۾ اسان کي به دعوت نامه موڪليائين ۽ آءٌ ۽ چاچا شريڪ ٿيا هئاسين.

هڪ ڏينهن قاضي صاحب وٽ ويٺا هئاسين، ته پاڻ بنگلي ۾ داخل ٿيندڙ شخص ڏانهن اشارو ڪندي ٻُڌايائون ته هي منهنجو پُٽ آهي. ڪراچي ۾ انڪم ٽيڪس ڪمشنر آهي، ڪنهن سان به دوستي ڪانهيس. آفيس کان گهر، گهران مسجد ۾ پنج وقتي نماز جي ادائگي ۽ وري گهر. چوانس ٿو ته ابا دوست پيدا ڪر ته خاموش ٿيو وڃي!

ڪراچي ريڊيو تي چاچا جي سربراهيءَ ۾ ٻه شاندار پروگرام ٿيا. هڪ اردو غزل جو مشاعرو جنهن جي صدارت استاد قمر جلالوي ڪئي ۽ ٻيو فريده خانم جي غزل ڳائڻ جو پروگرام. ٻنهي پروگرامن ۾ چاچا مون کي پاڻ سان گڏ وٺي هليو. استاد قمر جلالوي پروگرام جي انتظام کان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چاچا جو شڪريه ادا ڪيائين؛ اُتي منهنجو به تعارف ٿيو.

ڪراچي ۾ منهنجو خاص گهمڻ ڦرڻ ڪونه هو. فارغ وقت ۾ مير حسن علي خان ٽالپر جا مرثيه نقل ڪندو هئس. هڪ ڀيري مرثيه لکيم پئي، جنهن ۾ لفظ ”شاھ دين“ کي مون ”شاهدين“ لکيو. چاچا مون کان معلوم ڪيو ته، ڇا لکيو اٿوَ؟ مون چيو چاچا ”شاهدين“. چيائون ته، نه هيءُ ته شاهدين آهي معنيٰ گواهي. __ ”شاھ دين“ هيئن لکبوآهي. __ سندس صحبت مان گهڻو ڪجهه پرايم.

چاچا سنڌ جي آخري ٽالپر بادشاه مير نصير خان ٽالپر جي شخصيت تي ”نئين زندگي“ رسالي لاءِ مضمون لکڻ شروع ڪيو. پاڻ چوندو ويندو هو ۽ آءٌ لکندو ويندو هئس. اُن لاءِ پاڻ مختلف انگريزي ڪتابن کي به نظر مان ڪڍندو هليو پئي. __ مون کيس چيو ته، اوهان هيتري محنت ڪري رهيا آهيو، ڇو نه ٿا ”ميرن جي تاريخ“ لکو. جنهن تي مون کي چيائين ته، اهڙي تاريخ جو سمورو مواد لنڊن ۾ آهي. تحقيق جي تقاضا آهي ته اُن سموري مواد جو مطالعو ڪجي ۽ پوءِ تاريخ لکجي؛ باقي ٿيو اجايو مٿو هڻڻو!

وقت گذرندي دير ڪانه ٿي. سندس بدلي حيدرآباد ٿي ۽ ڪجهه عرصي بعد آءٌ به حيدرآباد پهتس. ملاقات ٿيندي رهي. ڪراچي واري دور ۾ ع. ق. شيخ صاحب سان حيدرآباد ۾ ۽ عبيد الله بيگ عليم ۽ ڪرار نوري صاحبان سان ڪراچي ۾ ملاقات ڪرايائين.

چاچا هڪ فرض شناس آفيسر هو. هڪ ڀيري آءٌ گهر ويٺو هئس ته پاڻ آيو ۽ چيائين ته، ابا توهان وٽ بهادر شاهه ظفر جو ديوان آهي؟ __ مون وراڻيو، ها. __ پاڻ چيائين ته يار اِهو ته مون کي ڏيکار، بهادر شاهه ظفر جو هڪ غزل آهي:

یا مجھے افسر شاہانہ بنایا ہوتا

یا میرا تاج گدایانہ بنایا ہوتا

ان جي پهرين مصرع مون کي درست نه ٿي لڳي. __ انهيءَ ڪري جو ”افسر“ جي معنيٰ آهي تاج، ڪلاھ، ٽوپي، حاڪم. ان ڪري پهرين مصرع غلط آهي ۽ غزل جي رڪارڊنگ روڪرائي اٿم. __ مون پنهنجي ڀاءُ ادا فياض بيگ کي چيو، جيڪو فوراً نولڪشور پريس جو ڇپيل بهادر شاھ ظفر جو ديوان کڻي آيو. جنهن ۾ غزل جو مطلع هِن ريت آهي:

یا تو افسر میرا شاہانہ بنایا ہوتا

یا میرا تاج گدایانہ بنایا ہوتا

مطلع پڙهي چيائين ته، پهرين مصرع هيءَ درست آهي. حالانڪ ”افسر“ جي معنيٰ به تاج آهي، پر پهرين مصرع ۾ تاج ۽ ساڳيوئي لفظ ٻي مصرع ۾ آڻڻ عيب آهي. __ ٻي ڏينهن ٻڌايائين ته، عشقي صاحب (ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد) کي ٻُڌايم ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته ميرزا صاحب آپ کی یہ فرض شناسی اور علمی قابلیت علمی گهرانے کے تعلق کی وجہ سے ہے۔ پوءِ عشقي صاحب ڪراچي ريڊيو جو مشهور واقعو ٻڌايو:

ایک مرتبہ محرم کے پروگرام کی رکارڈنگ ہو رہی تھی۔ زیڈ. ای. بخاری صاحب (ڈائریکٹر ریڈیو پاکستان کراچی) رکارڈنگ سن رہے تھے۔ مرثیہ خوان میر انیس کے مرثیہ کا ایک مصرع یوں پڑھ رہا تھا:

کس طرح سے لڑتے ہیں یہ اللہ کے پوتے

بخاری صاحب غصہ میں دفتر سے اٹھے اور اسٹوڈیو پہنچ کر مرثیہ خوان سے کہا کہ میان! عیسائیوں نے تو اللہ کو حضرت عیسیٰ کا باپ بنایا اور آپ نے دادا ہی بنادیا! ادھر لائو بیاض، اسے دیکھ کر کہا کہ مصرع اس طرح ہے:

کس طرح سے لڑتے ہیں ید اللہ کے پوتے

 

چاچا جو ترجمو ڪيل ڪتاب ”پورب ڄائي“ ويٺي پڙهيم. هيءُ ڪتاب شهيد بينظير ڀٽو جو داستان حيات آهي. چاچا جنهن انداز سان سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو آهي، ان جو اهو اثر آهي، جو ڪيترن ئي جملن تي اکين مان ڳوڙها وهي ٿي پيا. پر جنهن ڪتاب مون کي گهڻو رئاريو اُهو آهي، ”سامي سڄ وڙاءُ“. هيءُ ڪتاب حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيؒ جي زندگي تي ناول جي صورت ۾ لکيل آهي. صفحه 224 کان 229 تائين جي احوال منهنجون اوڇنگارون ڪڍي ڇڏيون ۽ اُهو وقت ياد آيم، جڏهن فون تي منهنجي ماروٽ ادا شجاع حيدر بيگ ميرزا (سپرنٽينڊنٽ ڊسٽرڪٽ جيل ميرپورخاص) مون کي منهنجي شريڪ حيات فرخنده بانو جي ڊليوري دوران انتقال جي خبر ڏني هئي. اُها 12 جولاءِ 1986ع هئي ۽ آءٌ سينٽرل جيل خيرپور تي هيڊ ڪلارڪ هئس. مون پاڻ سان پيش آيل سانحي جي آئيني ۾ جڏهن ڀٽائي صاحب جو حال ڏٺو ته بي اختيار اوڇنگارون ڏيڻ لڳو هئس.

پر ان کان وڌيڪ دل ڏاريندڙ منظر شاھ صاحب جي شهادت جو بيان ڪيل آهي. شهادت جو لفظ ان ڪري استعمال ڪيو اٿم، جو سرور ڪائنات باعث ايجاد ممڪنات موليٰ خاتم الانبيا عليه الصلوات والثنا جن جو ارشاد گرامي آهي ته ”من مات عليٰ حب آل محمد مات شهيدا“ ۽ شاھ صاحب هڪ عديم المثال محب آل محمد هو، ان ڪري ان جي رحلت کي شهادت چوڻ مناسب آهي. هن شهادت جي واقعي جي اهڙي انداز سان منظرنگاري ڪيل آهي، جو پڙهندي محسوس پي ڪيم ته واقعو ڄڻ ته منهنجي سامهون ٿي رهيو آهي ۽ منهنجي نيڻن مان نير جاري آهن.

اتفاق سان ان ڏينهن امام بارگاھ مان نماز مغربين ادا ڪري علم پاڪ جي زيارت پي ڪيم ته چاچا کي سامهون ايندو ڏٺم، وڌي وڃي سلام ڪيم. هميشه وانگر ڀاڪر پائي مليو. مون چيو ته ڪاش اوهين خطيب هجو ها ته علامه رشيد ترابي جا همسر هجو ها. پاڻ چيائين ”ڪيئن! ڪيئن!“ مون شاھ صاحب جي شهادت واري منظرنگاري بابت ٻڌايو، ته چيائين اهو سڀ ڪجهه ننڍي وهيءَ کان مرثين ۽ مجلسن ۾ ٻُڌل ڪربلا جي واقعه کي تصور ۾ رکڻ جو نتيجو آهي.

”سامي سڄ وڙاءُ“ جي تصنيف هڪ نئين انداز ۾ آهي. __ سيد مناظر حسين جو چاچا کي شاعري ڇڏي نثر لکڻ لاءِ آماده ڪرڻ ۽ اِهو چوڻ ته نثر لکڻ ۾ وڏو اعزاز ماڻيندؤ؛ شايد اِهو انهيءَ ڪتاب ڏانهن ئي اشارو هو. __ چاچا نثر ۾ گهڻو ڪجهه لکيو آهي، پر سندس ٻه ڪتاب ”پورب ڄائي“ ۽ ”سامي سڄ وڙاءُ“ هڪ اهڙا يادگار شاهڪار آهن، جيڪي رهندي دنيا تائين ياد رهندا.

هڪ ڀيري جيڪب بنگلي (هاڻوڪو زبيده گرلس ڪاليج) جي گهمڻ جو احوال ٻڌائيندي چيائين ته، يار مير حسن علي خان وارو بنگلو گهمجي ۽ ڪتابَ ڏسجن. مون مير حيدر علي خان ٽالپر سان رابطو ڪري پروگرام طئي ڪيو. آءٌ، چاچا مراد علي بيگ ميرزا، ادا ڊاڪٽر ميرزا امام علي بيگ ۽ منهنجو فرزند ميرزا علي نواز بيگ بنگلي تي پهتاسين. مير حيدر علي خان ٽالپر آجيان ڪئي. بنگلو گهمياسين ۽ ڪجهه ناياب ڪتاب ڏٺاسين. خاطر تواضع دوران ”ميرن جي تاريخ“ بابت ذڪر نڪتو، ته چاچا جو ساڳيوئي جواب هو ته انگريزي لٽريچر جو مطالعو ڪري پوءِ تاريخ لکجي، جنهن جي مير حيدر علي خان ٽالپر پڻ تائيد ڪئي.

چاچا جهڙا همه صفات موصوف هزارن ورهين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن. سندس خاص عادت اِها هئي ته اگر ڪنهن احسان فراموش هن سان بداخلاقي ۽ بد تميزي ڪئي ته هن ائين چئي خاموشي اختيار ڪئي، ته اهڙن ئي بد فطرت ماڻهن موليٰ عليؑ کي ڪيڏو نه رنجايو. الله ته ڏسي ويٺو نه!

منهنجو هي چاچو شهزادن وانگر نپنيو. سوني چمچي سان غذا کائيندڙ پنهنجي اولاد هڪ فرزند ادا منظور مراد ۽ ٻن نياڻين جي پرورش به انهيءَ شاهانه انداز سان ڪئي. پر الله جي هن نيڪ ٻانهي ڪڏهن به تڪبر ۽ غرور کي ويجهو اچڻ نه ڏنو. پاڻ نه گلا ۽ غيبت ڪندو هو ۽ نه ئي گلا خور جي صحبت کي سٺو ڄاڻندو هو.

مون هوش سنڀاليندي جيڪا سندس هاٺي ڏٺي اُها آخر تائين برقرا رهيس. __ شادي غميءَ ۾ راڄ ڀاڳ سان دل جي گهراين سان حال ڀائي ٿي ڀال ڀلائيندڙ اسان کان ايترو جلد موڪلائي ويندو اِها خبر نه هئي! __ زندگي جي تقريباً آخري ڏهاڙن ۾ کيس جيڪي دلي صدمه پهتا، اُنهن مان پهريون صدمو سندس ننڍي ڀاءُ ميرزا ضمير الحسن بيگ جي 14 صفرالمظفر 1429هه/22 فيبروري 2008ع تي وفات آهي ۽ ٻيو سندس ننڍي نياڻيءَ جو ناگهاني انتقال! جنهن جي ياد ۾ پنهنجي ڏکايل دل جو آواز ”ڪارو ڏينهن“ جي عنوان سان سپرد قلم ڪندي هيئن لکي ٿو:

منهنجي زندگيءَ جو اهو ڪارو ڏينهن هو، ڊارڪ ڊي هو، بلئڪ ڊي هو، 9 اپريل سن 2004 عيسوي.[1]

01- مارچ 2011ع/25 ربيع الاول 1432هه اڱاري ڏينهن سندس انتقال ٿيو. ميت گهران کڻائي امام بارگاھ علي آباد ۾ آياسين، جتي سندس وصيت مطابق مجلس به ٿي ۽ نماز جنازه مولانا شرافت علي صاحب پڙهائي. ڪيترائي يار، دوست اوري پري جا عزيزن سميت آخري ديدار ڪري رهيا هئا. مون جڏهن سندن آخري ديدار ڪيو ته منهنجي اڳيان سندس معصوم ۽ پُرسڪون چهري ڪيترائي منظر سامهون آندا هئا... مثلاً:

بابا مرحوم زندگي جي آخري ڏهاڙي تي سول اسپتال ۾ داخل ٿيو ته شام ڌاري چاچا اسپتال ۾ آيو. آءٌ ۽ ادا امام علي بيگ ميرزا موجود هئاسين. ڳچ دير بيهي مون کي ڀاڪر پائي ڏکاري آواز ۾ چيائين ته ”ابا الله خير ڪندو، باقي......“ وڌيڪ ڪجهه نه چئي سگهيو ۽ گهر ڏي روانو ٿي ويو. رات جا تقريباً 10 ٿيا هئا، جو 21 ڊسمبر 1991ع/14 جمادي الاول 1412هه بابا آخري پساهه ڌڻيءَ حوالي ڪيا، اُتي اِهو به ياد آيم ته بابا مرحوم جو پڦاٽ چاچا ميرزا علي بخش بيگ سول اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل هو ۽ سندس خواهش موجب بابا وٽس هوندو هو. جنهن ڏينهن انتقال ٿي ڪيائين، ان ڏينهن سڀ عزيز سول اسپتال جي پرائيويٽ وارڊ جي روم نمبر 14 ۾ هئا. آءٌ به پنهنجي ڏاڏي سان گڏ پهتس ته بابا جي زباني ته ”بابا کي ڏسندي ئي ادا علي بخش منهنجو هٿ هٿ ۾ وٺي چيو ته ”پئي کڻي پساھ پسڻ ڪاڻ پرينءَ جي“ چئي بس ڪيائين ته سندس ساھ موڪلائي ويو.

غور ڪيم ته چاچا جو بابا جي آخري وقت وٽس اچڻ شايد انهيءَ لاءِ ئي هو ته ننڍي هوندي جي ڪنهن ته ساٿي کي ڏسان ۽ چاچا موڪلائڻ مهل جيڪو جملو پورو نه ڪيو هو، ان ڄاڻ ڏنو ته امانت ڌڻيءَ کي پهچڻ واري آهي! لاش گهر پهتي ٻي ڏينهن تدفين ٿي. ٽيجهي تي مون کي جڏهن پڳ ٻَڌائي پئي وئي ته چاچا منهنجي سڄي پاسي ۽ چاچا ميرزا عنايت علي بيگ منهنجي کٻي پاسي ويٺا هئا. ساڳي طرح منهنجي شاديءَ مهل هيءُ ٻئي بزرگ نڪاح کان پوءِ مون سان گڏ صوفه تي ساڳي طرح ويٺا هئا. __ هيءُ هئا اُهي بزرگ جيڪي خانداني روايتن کي برقرار رکندا آيا.

سنڌ جي نامور مرثيه نگار بزرگوارم ميرزا ٻڍل بيگ مرحوم جي سلامن جو بياض ”شگوفهء ماتم“ مرتب ڪري سال 1999ع ۾ شايع ڪرايم. ڊاڪٽر هلال نقوي صاحب کي نسخو موڪليم، جنهن چيو ته اردو ۾ مراد علي ميرزا صاحب کان تبصرو لکرائي موڪليو ته ”رثائي ادب“ رسالي ۾ شايع ڪريان. 22 آگسٽ 1999ع تي آءٌ پنهنجي ڀائٽي ميرزا غلام حيدر بيگ طهٰ سان گڏ چاچا وٽ پهتس. طهٰ منهنجي ننڍي ڀاءُ ادا منظور علي بيگ ميرزا جو وڏو فرزند آهي ۽ چاچا کيس تمام گهڻو پيار ڪندو هو. بياض ڏئي مون کيس اردو زبان ۾ تبصرو لکي ڏيڻ لاءِ گذارش ڪئي. پاڻ بياض جو سرسري جائزو وٺي تمام گهڻي خوشيءَ جو اظهار ڪيائين. ايتري ۾ پڦي (سندس شريڪ حيات) کيرڻي کڻي آئي ۽ پوءِ چانهه پي موڪلايوسين. گهربل تبصرو منهنجي ڀائٽي طهٰ جي هٿان موڪليائين ۽ مون جڏهن پنهنجي نالي سان ”خطيب پنجتن“ لکيل ڏٺو ته منهنجي خوشيءَ جي انتها نه رهي. ان ڪري جو اسان جي خاندان جي هڪ ذي علم بزرگ مون کي اهو اعزاز عطا ڪيو، جيڪو پاڻ ست پيڙهائتو شاعر، محقق ۽ اديب هجڻ سان گڏ و گڏ هڪ نيڪ نيت ۽ بي باڪ انسان به آهي.

انهيءَ خيالن ۾ قطعه تاريخ جيڪا ذهن ۾ آئي، ان جو رديف ”اختر ڪربلائي“ مقرر ڪيم. ايتري ۾ تدفين ٿي، قبر بند ٿي ۽ امام بارگاه ۾ آياسين. فاتحه خواني ٿي ۽ رات جو قطعه تاريخ لکيم ۽ ان کان پوءِ اڪثر کيس ياد ڪري جيڪو ڪجهه لکيو اٿم اُهو هي آهي:

صنعت نثر ۾ چيل مادهء تاريخ:

موليٰ عليؑ جنت ۾ ”باغ والا شان مراد علي ڪربلائي (2011ع) کي عطا فرمايو آهي.

 

لوح مزار لاءِ:

قطعه تاريخ

جنهن تي آهي نزول رحمت حق

 

 

هي عجب تربت مراد علي

گل و بلبل فدا ٿين هن تان

 

 

ٿي عجب تربت مراد علي

1432هه

 

 

 

 

ايضاً

بجا ’شاهد‘ جو پاڪستان ۾ پڻ

 

 

هو شمع علم اختر ڪربلائي

اديب و نڪته پرورخوب ناقد

 

 

جو شمع علم اختر ڪربلائي

پڙهو سنڌي، لکو سنڌي، ٿي هر دم

 

 

چو شمع علم اختر ڪربلائي

ويو رحلت ڪري، ايندو وري چئو

 

 

ڪو شمع علم اختر ڪربلائي

ڪري رخشنده شمع علم کي ويو

سو شمع علم اختر ڪربلائي

2011ع

 

 

 

2011-3-2

ايضاً

محب محمد و آل محمد

 

 

روان شد بدارالبقا نیک بین

ادیب زمان شاعر نکته دان

 

 

ز خلق حسن شد محب مبین

ز درد جدائ آن خوش خصال

 

 

چرا شد نه شاهد غمین  و حزین

دعاگوی ’شاهد‘ شده آن بزرگ

 

 

به هر لمحهء زیست خود دلنشین

پی سال ترحیل آن نیک زاد

 

 

ندا داد از عرش روح الامین

”ز مهر علی شد مراد علی

411

”مکین جنان زنده دل پاک بین“

411 + 1021 = 1432هه

 

 

 

2011-3-12

ايضاً

سنڌ جو رتبه دان مراد علي

 

 

روح سنڌي زبان مراد علي

خوب تاريخدان مراد علي

 

 

هو محقق عيان مراد علي

ٿيو سنڌي ادب جي لئي بيشڪ

 

 

مستقل سائبان مراد علي

سوئي خلد برين روانو ٿيو

 

 

سنڌ مان ناگهان مراد علي

هڪ به پل جن ري ڪينڪي ٿي سري

 

 

ويو ڇڏي مهربان مراد علي

ان جي رحلت جو سال هاتف غيب

 

 

هي ڏسيو بيگمان مراد علي

ٿيو مهر علي سان آهي ’شميم‘

نيڪ خلد آشيان مراد علي

1432هه

 

 

 

منهنجو ساٿي

 مراد علي مرزا

                                                                           خواجه امداد علي

مراد علي مرزا اٽڪل 20 سال اڳ 1989ع ڌاري پروگرام مئنيجر جي حيثيت ۾ ريڊيو پاڪستان مان رٽائرڊ ٿيو. پروڊيوسر جي حيثيت ۾ هو گهڻو ڪري تقريرن، فيچر ۽ ڊرامن جو انچارج رهيو... هو سنجيده بردبار ۽ باڪردار شخص هئڻ کان علاوه هڪ بهترين اديب، ليکڪ ۽ پروڊيوسر پڻ هو. ريڊيو حيدرآباد تان نشر ٿيل هُن جا ڪيترائي ڊراما مقبول ٿيا، جن ۾ ڊرامي ”تموچن“ کي وڏي موٽ ملي. جيڪو علي بابا لکيو هو ۽ هُنَ پيش ڪيو. 1965 ۽ 1971 وارين جنگين دوران مراد علي مرزا تمام گهڻي محنت ڪري تقريرُن ۽ فيچر لکيا ۽ لکرايا جيڪي روزانه نشر ٿيندا هئا. کيس ساٿي فنڪارن جو تعاون هر وقت حاصل رهيو. مرزا صاحب جو گهڻو وقت لکڻ ۾ يا پوءِ مطالعي ۾ گذريو.

        ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب جي کيس تمام گهڻي ڄاڻ هئي. ايتري معلومات هوندي به هن ۾ تڪبر نه آيو. هميشه نوڙت ۽ نهٺائي سان ڳالهائيندو هو. 35 ساله ملازمت دوران هُن ڪڏهن به ڪنهن فنڪار، ساٿي پروڊيوسر يا آفيسر سان جهيڙو نه ڪيو. ريهرسل يا رڪارڊنگ دوران اڪثر تلخيون ٿينديون رهنديون آهن. پر مون ڪڏهن به نه ٻڌو نه ڏٺو ته مراد علي مرزا ڪنهن سان وڙهيو هجي. جيڪڏهن ڪنهن آرٽسٽ جي پرفارمنس صحيح نه هوندي هئي ته کيس سمجائيندو هو ۽ بار بار سمجهائيندو هو پر ڪڏهن به ٽيمپر لوز نه ڪيائين.

        مرزا صاحب ريڊيو حيدرآباد تان ڪيترائي ڪامياب ڊراما فيسٽيول پيش ڪيا. جڏهن ڪم جو لوڊ وڌي ويندو هو ته ٻين ساٿي پروڊيوسرن کي به مدد ڪرڻ ۽ تعاون لاءِ چوندو هو ۽ اهائي هن جي وڏائي هئي.

        مراد صاحب جي دوستي گهڻو ڪري اديبن ۽ ليکڪن سان هوندي هئي. جنهن جو فائدو وٺي هن ڪيترن ئي قلمڪارن کي ريڊيو تان روشناس ڪرايو ۽ ادب جي هر صنف تي مضمون لکرايا. شروعاتي دور ۾ اسان کي به جيڪڏهن ڪا گيتن ڀري ڪهاڻي، فيچر يا تقرير لکرائڻي هوندي هئي ته مرزا صاحب سان مشورو ڪندا هئاسين ۽ مدد وٺندا هئاسين. جيڪڏهن آئون ائين چوان ته ريڊيو لاءِ مراد صاحب جون خذمتون بيحد ساراه جوڳيون آهن ته اِهو غلط نه ٿيندو.


[1] ماهوار ”سرتيون“ سيپٽمبر 2004ع، صفحو 23.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org