ڇپائيندڙ پاران
دنيا جي عظيم افسانن جي ترجمي کان وٺي، نوبل انعام
يافته ناول جي ترجمي تائين، مراد علي مرزا صاحب جي
ڪريڊٽ تي، بطور ’تخليقڪار ۽ سنڌيڪار‘ ڪيئي اهم
ڪتاب ٻيا به آهن. مثال طور: بينظير ڀٽو صاحبه جو ،
’پورب ڄائي‘، پرڏيهي ڪهاڻين جو مجموعو ’اوڙو‘،
’تنقيد جا اصول‘ مونجهارو (مصري ناٽڪ) ۽ علاوه
ازين اڻ ڳڻيا مضون، مقالا ۽ افسانه!
دنيا جي جديد ۽ روشن خيال ادب کي سليقي
سان سنڌيءَ ۾ ڪنهن ڪنهن آندو آهي؟ ويهين صديءَ ۾
مرزا قليچ بيگ کان پوءِ ان ڏس ۾ صرف مراد صاحب جو
ئي نالو ساک سان وٺي، ۽ سنَدَ طور پيش ڪري سگهجي
ٿو. (۽ سچ پڇو ته جديد پر ڏيهي فڪشن جو ترجمو هن
حاضر دؤر ۾ مراد صاحب کان بهتر، ڪو ٻيو ’سنڌيڪار‘
ڪري ئي نه سگهيو آهي)
مراد صاحب کي ترجمي ڪرڻ جي خاص ڏات هئي ۽ ترجمي جي
ڳڙکيءَ مان پرڏيهي ليکڪن جي خيالن جا آسمان، سنڌي
ٻوليءَ ۾ چِٽا ڪري ڏيکارڻ تي ته، هن کي نهايت
دسترس حاصل هو. ان ڏس ۾ ’گارشَيا‘ جي هِن ناول کي،
خود گارشيا جي ئي مخصوص ڪرشماتي ۽ طلسمي اسلوب
ذريعي ترجمي ۾ برقرار رکي، مراد صاحب جهڙو، پنهنجي
اعليٰ ’سنڌيڪار‘ هجڻ جو هڪڙو وڌيڪ ثبوت پيش ڪيو
آهي.
مراد صاحب کي سنڌ ۽ پاڪستان ۾ هڪ ماهر
براڊڪاسٽر واري حيثيت ته حاصل ئي رهي، پر ان سان
گڏوگڏ، سنڌي ادب ۾ هن کي ناٽڪ نويس، ڪهاڻيڪار ۽
ناول نگار طور به وڏي احترام ڀري سڇاڻپ حاصل آهي.
کيس محيتا طور ’تمغهءِ حُسنِ ڪارڪردگي‘ پڻ مليل
آهي. پاڻ شاهه لطيف جي حياتيءَ بابت هڪ اعليٰ
ناول،’سامي سڄ وڙاءُ‘پڻ لکي چڪا آهن.
مراد صاحب، سنڌي ادب جي تاريخ ۽ نئين نسل
لاءِ اصلوڪين ۽ ترجمي وارين معياري تحريرن ذريعي،
جيڪي خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي، انهن جي احترام
طور: سنڌي ادبي بورڊ پاران سندن باري ۾ هي
اينٿالاجي يقينن اسان جي پڙهندڙن وٽان وڏي موٽ
ماڻيندي.
الهه ڏتو وگهيو
سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ
ڄامشور، سنڌ
18- رمضان المبارڪ 1435هه
17- جولاءِ 2014ع
مهاڳ
قد ۾ قداور… بدن جا هلڪا ڦلڪا، اکين تي نظر جي
عينڪ، مٿي تي اڪثر مائوڪيپ، رنگ ڪڻڪائون، مڇون
اڇُيون اڇُيون ۽ سنهيون ۽ اجهو اهڙي ڏيک ويک سبب
سندن هر ڏسندڙ جو سندن بابت پهريون ئي تاثر اِهو،
ته پڪ سان پاڻ هجن نه هجن هاءِ ڪورٽ جا جج ئي ٿي
سگهن ٿا يا ڪنهن باوقار يونيورسٽي جا پروفيسر.
لباس طور پاڻ اڪثر ته سلوار قميص ئي پائڻپسند ڪندا
هئا ۽ ان جي مٿان ڪاري ڪوٽي. ها! ڪڏهن ڪڏهن پئنٽ
شرٽ ۾ به نظر ايندا هئا. پيرن ۾ اڪثر ته ليدر واري
چپل، ڪڏهن ڪڏهن بوٽ يا پوءِ سليپر به پائيندا هئا.
گفتگوءَ ۾ انتهائي محطاط. اکر اکر سوچي ۽ هيڏانهن
هوڏانهن ڏسڀزي وائسي پوءِ ئي ڳالهائيندا هئا ته
سندن اها گفتگو ڪو غير متعلقه وغيره ٻڌي ته ڪو نه
ٿو... ته بس، اجهو اهڙا ئي هئا هي اسان جا محبوب
دوست سائين مراد صاحب…يعني جناب مراد علي مرزا… پر
اهو ته سندن بابت منهنجو گهڻو گهڻو بعد جو مشاهدو
هو. يعني 1984 کان پوءِ جو. ڇاجي ڪري جو کين
پهريون ڀيرو جڏهن ڏٺو هئم ته اُهو شايد 1971ع يا
1972 وارو سال هوندو. اصل ۾ انهن سالن دوران
خانهءِ فرهنگ ايران پاران فارسي ٻوليءَ جي سکيا جا
مرڪز باذوق ماڻهن جي پاڙن ۾ عام جام کُلي رهيا
هئا. تڏهن اهڙو ئي هڪ مرڪز ٽنڊي آغا جي امام
بارگاهه علي آباد ۾ به قائم ڪيو ويو هو. جنهن ۾
مون وڃي داخلا ورتي هئي. هي اجهو فرش تي ايراني
قالين وڇيل، سامهون بليڪ بورڊ ۽ عمامي ۽ عبا
سان سامهون مُدرس صاحب هٿ ۾ چاڪ جهلي فارسي لکندو،
سيکاريندو ۽ پڙهائيندو رهندو هو. ’نشتن گُفتن...
برخاستن…‘ ته بس اهڙي ئي ڪلاس ۾ ٻه يا ٽي مهينا
مراد علي مرزا صاحب سينيئر هم مڪتب طور منهنجي
اکين جي اڳيان رهيا. پر افسوس، ان پوري عرصي دوران
نه پاڻ مون کي ويجهو آيا، نه ئي آئون کين ويجهو
ويس. يعني اهي ٽيئي مهينا ٻيئي ڄڻا هڪٻئي لاءِ
ايئن رهياسين، جيئن فارسي ۾ چئبو رهبو آهي ته
”دُور باش… وَلي خوش باش“!
هاڻي 1974ع وارو سال شروع ٿيو… ته مسلم
سائنس ڪاليج ۾ آئون عبدالحق عالماڻي صاحب جهڙي
زبردست ڪهاڻيڪار جو شاگرد بڻيس، تڏهن شاعراڻا شوق
۽ ادبي طور اطوار مون ۾ ڏسي، پاڻ مون کي هڪ ڏينهن
منظور چيمبر ۾ ٿيندڙ هفتيوار ادبي سنگت واري
گڏجاڻيءَ ۾ وٺي هليا. اڙي هان! هي ڇا؟ هي ساڳيو ئي
منهنجو هم مڪتب مراد علي مرزا صاحب اتي به موجود
هو. پتو پئم پاڻ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي
پروگرام آرگنائيزر آهن. مون ان ڏينهن سندن آڏو ڪي
ڪچا ڦڪا غزل گيت ان گڏجاڻيءَ ۾ پڙهيا، ته پاڻ اهي
ساڳيا ئي شعر ٻئي ڏينهن ريڊيو تي سندن ادبي
پروگرام ’ماهانه مخزن‘ پروگرام لاءِ اچي رڪارڊ
ڪرائڻ جي دعوت ڏنائون. هاڻي ٻئي ڏينهن ريڊيو تي
پهتس ته، مراد صاحب سان باقائده ۽ پهريون One
to One ملاقات
جو موقعو مون کي نصيب ٿيو. (عجب اتفاق! ان پهرين
پروگرام جو اُهو ريڊيائي ڪانٽريڪٽ اڄ تائين مون وٽ
محفوظ به آهي) هونئن هي ڇا آئون؟ ۽ ڇا منهنجون
تخليقون! پر جنهن ڏينهن ريڊيو تان نشر ٿيون ۽ گهر
وارن سان گڏجي ويهي مون اُهي ٻڌيون ته خاص ڪري
منهنجي هن شعر تي منهنجي ماءُ ۽ ڀيڻن ڏاڍو گِريو
ڪيو. ڪهڙي
شعر تي.... اجهو هِن تي:
منهنجا سڀ دوست مري ويا آهن
آئون تنها ئي جيئڻ ٿو چاهيان
هاڻي ان کان پوءِ، هي به منهنجا ڪيڏا نه
ڀاڳ ڀلا جو نهايت جلد مراد صاحب مون کي پنهنجي ان
ادبي پروگرام جو ڪمپيئر به ٺاهي ڇڏيو، هاڻي ان
ڏاڪي تي پير رکڻ سان ئي مون ۾ ريڊيو تي پروڊيوسر
ٿيڻ جي خواهش سجاڳ ٿي، ۽ 1983ع ۾ پوءِ آئون اُهو
ٿي به ويس. بعد ۾ 1984ع ۾ اسلام آباد جي ريڊيائي
اڪيڊمي مان ٽريننگ وٺي، ريڊيو حيدرآباد تي اچي
سندن ڪليگ بڻيس، ته گهڻي ۾ گهڻا خوش به پاڻ ئي
ٿيا. اڳ ساڻن جيڪا منهنجي دوستي ڪچي ڦِڪي هئي،
هاڻي اُها بنهه پڪي پختي ٿيندي وئي. سندن ادبي قد
ڪاٺ، مطالعو وغيره ڇا هو؟ ان جو به اَتو پَتو
پوندو وئم. ريڊيو تي ڏٺم ته پاڻ ان وقت Talk
Section جا
انچارج هئا، سو انتظاميه کان منهنجي ٻانهن وٺي پاڻ
سان گڏ رکرايائون. مزاجن آئون ڇاڪاڻ ته شاعر ٽائپ
۽ موسيقي ڏانهن مائل هوس، سو شعبهءِ موسيقي جي
ناميارن پروڊيوسرن غلام حسين شيخ ۽ محمد انور بلوچ
مون کي پنهنجي شعبي ۾ گهرائي ورتو. يا الله!
پنهنجن پنهنجن شعبن جا هي سڀ شخص... ڇا ته عاليشان
پروڊيوسر هئا، سو کين ڏسندي ڏسندي آئون به انهن جي
رنگ ۾ رڱبو ويس. هونئن ريڊيو حيدرآباد جا هي اُهي
ئي ته ماهر پروڊيوسر هئا، جن کي اڄ تائين آئون
پنهنجي ’استاد محترم‘ جو درجو به ڏيندو اچان.
آفيس اچڻ جي ڏس ۾ مراد صاحب وقت جا سخت پابند
هوندا هئا. ۽ هميشه پنهنجي ڳوٺ ٽنڊي آغا مان پنڌ
ايندا ۽ پنڌ ويندا هئا. سندن پنڌ هلڻ ۽
’شهر-ياترا‘ جي اهڙي ايڪٽوٽي ۾ هاڻي ساڻن اڪثر
آئون به شامل ٿي ويس (۽ اِها اسان جي زندگي جي وڏي
عياشي به ته هوندي هئي.) ڪڏهن ڪڏهن ڪن ادبي
گڏجاڻين ۾ وڃڻ. گڏ سٺيون معياري فلمون ڏسڻ سان
گڏوگڏ ڪن مخصوص دوستن سان مهيني ماسي ’مَڌ ڀريون
محفلون‘ پڻ اٽينڊ پيا ڪندا هئاسين... پر انهن سڀني
عياشين کان به وڏي عياشي ۽وڏي
تفريح اسان جي هوندي هئي شهر جي سيڪنڊ هينڊ ڪتابن
جي ريڙهن تان سستن اگهن ۾ من پسند ڪتاب خريد ڪرڻ ۽
انهن جو مطالعو ڪرڻ... آئون ڀانئيان ته اهڙن ڪتابن
جي مطالعي کان قطع نظر حيدرآباد جي مڙني لائبريرين
جا به اهڙا سڀ ئي ڪتاب مراد صاحب پڙهي چڪا هئا، جن
۾ سندن پسند جو مواد کين موجود ملندو هو. ڪڏهن
ڪڏهن اهڙن ڪتابن ۾ مصر جي احرامن يا ملڪ يونان شهر
۽ اُتان جي آرڪيٽيڪٽ جا ڪي رنگين منظر ڏسندا هئا
ته ٿڌو ساهه ڀري حسرت سان چوڻ لڳندا هئا، ”اڙي
يار... جي نه ڪو وجهه ملي پوي، ته هوند انهن ملڪن
مان ڪڏهن ’ڦيرو به ڏيئي اچان‘.
خير... هتي هي به لکڻ پئي چاهيم... ته سٺن ڪتابن
پڙهڻ جو مراد صاحب کي ايڏو ته زبردست شوق هوندو ۽
جنون هئو، جو سندن هٿن ۾ مون هر وقت ڪو نه ڪو ڪتاب
ئي ڏٺو. ريڊيو حيدرآباد جي پراڻي پٽيوالي شاهنواز
قريشي... جنهن کي مراد صاحب ڪڏهن ڪڏهن ”جل ڦٽاڪو“
ته ڪڏهن ”ڀاڳڙ ٻلو“ سڏيندا هئا، هڪڙي ڀيري
ٻڌايائين ته ڪنهن ڏينهن مراد صاحب جِي ڊيوٽي،
ڊيوٽي روم ۾ لڳندي هئي ته پاڻ ڪمري جا پردا
ڪيرائي، ريڊيو ”آن“ ڪرڻ بدران ”آف“ ڪري، ڪرسي تي
آرام سان ويهي ڪتاب کولي، مطالعو ڪرڻ شروع ڪري
ڏيندا هئا. ۽ ان دوران ڪو به انائونسر، ڪمپيئر يا
نائب قاصد مجالَ آهي جو کين ’ڊسٽرب‘ ڪري.
هاڻي 1978ع ڌاري اهي ئي ’صاحبِ مطالعه‘ مراد صاحب
اسان جا (باس) پروگرام مئنيجر بڻيا ته منهنجي ڪجهه
مَن مانين سبب ڪي ڏينهن ٿورا مون کان وٿيرڪا به ٿي
ويا. پر پوءِ جيئن ئي 1989ع ۾ ريٽائر ڪيائون ته
اسين وري به اهڙا ئي گهاٽا گِهرا دوست بڻجي
وياسين، جهڙا اڳ هئاسين. (يعني پاڻ منهنجي لاءِ
هاڻي اهي ئي مراد صاحب بڻيا ۽ آئون سندن لاءِ....
اڙي يار!) تڏهن ڪنهن وقت اوچتو ايندا هئا، ته اچڻ
سان حڪم ڪرڻ لڳندا هئا... ”ڇڏ يار ڪم کي، اُٿ ته
پريس ڪلب... يا بيسنت هال هلون، جتي ڪتابن جي
نمائش لڳي پئي آهي“. يا چوندا: ”اُٿ ته شهر مان
ڦيرو ڏيئي اچون...“ اڪثر ٻڌائيندا هئا.... توکان
اڳ آئون جويي صاحب، ع.ق شيخ صاحب... گرامي صاحب،
عبدالقادر جوڻيجي، امداد حسيني ۽ ڊاڪٽر محمد يوسف
پنهور سان به گڏ جي ايئن ئي گهمندو ڦرندو رهندو
هوس. ايئن پاڻ ڪڏهن ڪڏهن مون کي اڪثر پنهنجي گهر
به گهرائيندا رهندا هئا. سندن ڳاڙهين سِرن وارو
اهو شاهي اينٽيڪ اسٽائل گهر مون کي هانٽ به ڪيڏو
نه ڪندو هو. اوچين اوچين ديوارن مٿان ڳرن ڳرن لوهي
گارڊرن واريون ڇتيون، ڪشادا ڪشادا ڪمرا... جن ۾
پاسن کان پراڻا بخارا، جن جي ڪارنس تي بزرگن جون
فريمڊ، ڪي بليڪ اينڊ وائيٽ تصويرون... چؤطرف
ديوارن ۾ اوچا اوچا بيلجم شيشي جي درن وارا ڪٻٽ،
جن مان ڪي ڪتابن سان ڀريل، ته ڪن ۾ وري چينيءَ جا
ٿانوَ سجائي رکيل... رستي واري پاسي، هوا لاءِ
لوهي سيخن واريون دريون، مٿي ڇت ۾ رنگين فانوس،
سندن اهڙي سِٽنگ روم جي ڀرسان وري وڏو ڊائننگ هال،
جنهن ۾ ڪنڊ سان ڊائننگ ٽئبل رکيل. وچ هال ۾ قالين
وڇيل، سامهون ٽي وي سيٽ رکيل ۽ ان جي اڳيان صوفا
سيٽ... ڀرسان مراد صاحب جي مطالعي وارو ننڍڙو
ڪمرو... جنهن جي ڀرسان وڏن وڏن دروازن تي ڇپرين
وارو ورانڊو ۽ اڳيان اڱڻ.... ۽ ڇا ته شاد آباد
خالص سنڌي گهر.. جنهن جي راڄ راڻي اسان جي امان...
اسان جي ڀاڄائي محترمه رحمت النساء مراد علي
مرزا...
اِجهو هڪ هڪ ٿي جڏهن سندن نياڻيون ادي زاهده ۽ ادي
ضمير پرڻجي، پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن هليون ويون.
۽ ٽي وي آرٽسٽ فرزند، منظور مراد جون ٽي ويءَ تي
مصروفيتون وڌنديون ويون ته اُهو به وڃي ڪراچيءَ ۾
آباد ٿيو. جنهن سبب هاڻي مراد صاحب جي اِها ڀريل
ڀُڪليل شاهي حاويلي ... ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي ڄڻ
’هانٽيڊ هائوس‘ جو ڏيک پئي ڏيندي هئي... جنهن ۾
صرف هي ٻه ئي اڪيلا جيوَ رهندا نظر ايندا هئا...
جي ها! مراد صاحب ۽ مسز مراد صاحب.... ها! بس ڪڏهن
ڪڏهن ئي سندن ڪي ننڍڙيون پياريون ڏوهٽيون وندر
لاءِ اتي ضرور موجود نظر اينديون هيون، جن مان
ڪنهن کي پاڻ ’سَهو‘ پيو سڏيندو هو ته ڪنهن کي
’جهرڪي‘... ته ڪنهن کي وري ’چيهو‘... اصل ۾ هي
شاندار حاويلي سندن جَدِ امجد بزرگوار ميرزا مراد
علي بيگ ’ٻڍل‘ جي جوڙايل هئي، جيڪا سندن اڪيلي
فرزند (والد مراد علي صاحب) ميرزا مهر عليءَ جي
حصي ۾ آئي. جنهن جو هڪ حصو ته خاص مخصوص ئي هوندو
هو، محرم الحرام جي مجلسن لاءِ جنهن ۾ مهينن جا
مهينا مجلسون جاري رهنديون هيون. اجهو پدر بزرگوار
ميرزا ٻڍل بيگ به ان ئي حاويليءَ ۾ رضا ڪئي هئي ۽
ان ئي گهر جي اڱڻ مان تدفين لاءِ ڪربلا معليٰ جي
سرزمين تي سپردِ خاڪ ٿيڻ لاءِ نِيا ويا هئا. بعد ۾
مراد صاحب نَون ورهين جي ڄمار ۾ جڏهن ڪربلا جي
زيارت لاءِ آگبوٽ ۾ چڙهي (بصره) بغداد لاءِ روانه
ٿيا هئا، ته اِهي به ان ئي حاويليءَ منجهان...
جنهن جو سربستو احوال پاڻ پنهنجي سفرنامي به عنوان
”پٿر ۽ پٿريون“ ۾ ... ۽ ڇا ته شاندار انداز ۾تحرير
ڪيو اٿن. هونئن ان ڏس ۾ منهنجا هي به ڪيڏا نه ڀاڳ،
جو مراد صاحب بارها مون کي پنهنجي ان اسٽڊي روم ۾
وٺي به هليا هئا، جتي پاڻ ويهي لڳ ڀڳ روزانه تخليق
۽ ترجمي جو ڪم ڪندا رهندا هئا. تڏهن هڪ ڏينهن
ديوارن ۾ ڪٻٽن اندر پاڻ مون کي اُهو خفيه خانو به
ڏيکارئون. جيڪو سڄو بي مثل بال پينن ۽ پينسلن سان
ڀريو پيو هو... تڏهن هڪ هڪ قلم کي مون اکين سان
چُمندي سوچيو هو... اڇا! ته مراد صاحب پنهنجو هي
شاهڪار ”ناول سامي سڄ وڙاءُ“، ”پورب ڄائي“ ۽
”اڪيلائيءَ جا هڪ سئو سال“ جهڙا ڪتاب انهن ئي پينن
سان ڪنهن وقت ترجمو ۽ تخليق ڪيا هوندا... عجب
اتفاق... ايترو گهڻو مطالعو ڪرڻ جي باوجود سندن
طبيعت پنهنجي لکڻ ڏانهن گهڻو ڪري ته گهٽ ئي مائل
رهندي هئي. ان ڏس ۾ ساڻن گهٽ لکڻ تي ڪڏهن ڪڏهن
احتجاج به ڪندو هوس ته مُرڪي وراڻيندا هئا. اڙي
يار... دنيا جي عظيم لکڻ وارن ايترو ۽ ايڏو ته
شاندار ۽ شاهڪار ادب لکي ڇڏيو آهي... جو آئون
ناچيز ان ۾ ڀلا ڪهڙو ٿو اضافو ڪري سگهان؟ ۽ پوءِ
هٿ هٿ سان ملائي چوڻ لڳندا هئا... ”اڙي يار! ماٺ
ٿئي ڀَلي!“ پر باوجود ان ڪسرنفسيءَ جي، مراد صاحب
جيڪو جيڪو به پنهنجو تخليقي ادب لکيو... اهو
انتهائي اعليٰ ۽ شاندار هو ۽ هونئن ته مراد صاحب
سڀ ڪجهه ئي لکيو، پر پاڻ اول آخر ڪهاڻيڪار، ناول
نگار ۽ ناٽڪ نويس ئي هئا، نثر ۾ نج پِج حيدرآباد
جِي شهري ۽ پس گردائيءَ واري ٻولي لکندا هئا ۽
جملا يا ڊائلاگ، انتهائي تڪيل توريل، فريمڊ ۽
فوڪسڊ لکندا هئا... جن ۾ نه تشبيهه نه استعارن جا
انبار، نه ’ڪنفيوزڊ‘ ڳالهيون... سڀ ڪجهه سمجهه ۾
ايندڙ ۽ صاف سٿري اسلوب ۾... سندن تحرير جي خاص
خوبي به اها ئي ته هوندي هئي. (ان ڏس ۾ ثبوت طور
ڪو فوري ڏسڻ گهري ته سندن شاهڪار ڪهاڻي ’قربتون ۽
فاصلا‘، ناول ’سامي سڄ وڙاءُ‘ ۽ ناٽڪ، ”اُداس
پاڇا“ پڙهي ڏسي). علاوه ازين! ڪنهن به صنف ۾ خيال
کي ڪيترن لفظن ۾ ۽ ڪهڙي ريت پيش ڪرڻ گهرجي، اسان
جي مراد صاحب جهڙي ذهين ليکڪ کي ان جو به پورو
پورو اِدارڪ هوندو هو. ايئن مراد صاحب ڳالهائيندا
به ڇنڊي ڦوڪي هئا ۽ صرف هم خيال ۽ ڀروسي جهڙن
ماڻهن سان ئي کُلي ڪچهري ڪرڻ پسند ڪندا هئا.
ريڊيائي زندگيءَ ۾ جن شخصيتن سان مون کين کُليل
رهاڻيون ڪندي ڏٺو، اُهي هئا آغا سليم صاحب،
موسيقار غلام نبي صاحب، ڪليگس مان محمود صديقي
صاحب، غلام حسين شيخ صاحب، جونيئرس مان علي نواز
خاصخيلي، محمد انور هڪڙي ۽ ٻاهران ايندڙ شخصيتن
مان وري ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور، عبدالقادر جوڻيجي،
امداد حسيني، شوڪت حسين شوري، مدد علي سنڌي، عمر
قاضي، نور محمد کوجي ۽ نوجوانن مان نذير قاسمي،
اڪبر سومري، عزيز گوپانگ، عرفان علي انصاري ۽ احمد
سولنگي وغيره سان به هُو دل کولي ڪچهري ڪرڻ پسند
ڪندا هئا.
مراد صاحب ليکڪ هجڻ جي ناتي سان جيئن بهترين ’اهلِ
قلم‘ هئا، ايئن ئي ظاهر آهي ته کين براڊڪاسٽر هجڻ
جي حوالي سان، کين ’اهلِ ڪلام‘ به هجڻ گهرجي ها،
پر پاڻ اُهي نه هئا. ريڊيو مائيڪ تي يا ادبي
گڏجاڻين ۾ في البديهه ڳالهائڻ کان بلڪل ئي
گهٻرائيندا هئا. ان ڪري جڏهن به ڪجهه ڳالهائيندا
هئا، لکي پوءِ ڳالهائيندا هئا. پنهنجي لکيل تحرير
کي نهايت پُراثر انداز ۾ اُتار چڙهاؤ سان پڙهندا ۽
ٻڌندڙن کي گهڻو متاثر به ڪندا هئا. ڪيترا سال اڳ
سانگهڙ ۾ آفتاب نظاماڻيءَ جيڪا ”ڪهاڻي ڪانفرنس“
ڪوٺائي هئي. ان ۾ عبدالقادر جوڻيجي پنهنجي ناول
’سوديس مسافرمنهنجو ڙي‘... جو هڪ باب پڙهي وڏو داد
ماڻيو هو. پر مٿان مراد صاحب ’سُريندر پرڪاش‘ جي
ڪهاڻي... ’بجُوڪا‘ جو ترجمو ’اوڙو‘ جي عنوان سان
پڙهيو، ته سموري ماحول ۽ محفل تي سحر طاري ڪري
ڇڏيائون.
چون ٿا، جنهن وقت سندن پدر بزرگوار ميرزا ٻڍل بيگ
حيات هئا يا پوءِ سندن والد گرامي ميرزا مهر علي
زنده هئا، ته وٽن وڏو مال متاع، هيرا جواهر، نوٽن
سان ڀريل ٽجوڙيون، نوڪر چاڪر ۽ سواريءَ لاءِ موٽر
ڪار به هوندي
هئي، پر مراد صاحب جي جوان ٿيڻ تائين، اِهو سڀ
ڪجهه ’دُڦ‘ ئي ته ٿي چڪو هو. هاڻي ڪنهن ڏينهن، جي
ان سونهري ماضيءَ ۽ مال متاع جو ذڪر سندن اڳيان
آئون ڇيڙيندو هوس ۽ ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ کين چوندو هوس
ته نٽائيندي چوندا هئا، ”اڙي يار! ڇڏ انهن پراڻن
قصن کي.... هيرا جواهر... مال متاع... ٽجوڙيون....
نوٽ... جڏهن هئا ته هئا، هاڻي ناهن ته ناهن، ڇُٽي
ڳالهه!.“
ڪڏهن ڪڏهن منٿ ڪندي چوندو هئوسانُ، ”سائين! هاڻي
پنهنجي آٽو بايوگرافي به ته لکو نه...“ تڏهن خفي
خفي ٿيندي فورن وراڻيندا هئا... ”اڙي يار... ڇا
آهي منهنجي زندگيءَ ۾ جو پنهنجي سوانح حيات ويهي
آئون لکان...؟ تڏهن چوندو هومانس ته سائين ڪڏهن ڪا
محبت به ته ڪئي هوندوَ... عشق جو ڪو ذڪر... ڪي
راز... ڪي انداز... ته مُرڪي ماٺ ئي ته ٿي ويندا
هئا. ها! ڪنهن ڏينهن جي موڊ ۾ هوندا هئا ته ٻڌائڻ
لڳندا هئا، 1962ع ڌاري جڏهن ڪوئيٽا ۾ منهنجي
پوسٽنگ هوندي هئي... ان وقت برابر ته... پر نه
يار.... بس ڇڏ ان ڳالهه کي... ڪڏهن سندن خوشگوار
موڊ ڏسي وري جي اهو ئي ساڳيو سوال ڪندو هوس ته
ٻڌائيندا هئا... ”ريڊيو ۾ مس ’س چ‘... ها! ان ۾
منهنجي دلچسپي ضرور هوندي هئي يا پوءِ ٻي هُوءَ
خاتون به ته هئي...جنهن سان فون تي... ڪجهه وقت
منهنجو رومينس هليو هو... ۽ ايترو ٻڌائڻ بعد وري
خفا خفا ٿيندي چوڻ لڳندا هئا.... ”پر تون اهو وري
وري مون کان ڇو ٿو پڇين...؟ تنهنجو ڪو ڪم آهي ان ۾
...؟“
هڪڙي ڀيري پڇيومانِ... ”اوهان جو پسنديده ترين
ناول؟“ چيائون: ”جان اسٽئن بيڪ واروThe
Pearl ناول“. سندن
ساڄي هٿ واري چيچ ۾ سدائين ڳاڙهي موتيءَ سان
چانديءَ ۾ مڙهيل منڊي پاتل هوندي هئي، جنهن جي
موتيءَ جو رخ پنهنجي ٻاچ واري (آڱر) ڏانهن رکي رکي
سيريندا رهندا هئا... ”ايئن ڇو ڪندا رهندا آهيو؟“
هڪ ڏينهن مون کانئن پڇيو هئو. وراڻيائون: ”وڏڙن جو
چوڻ آهي ته ان ’نَگَ‘ جي جسم سانTouch ٿيڻ
سبب رزق ۾ ڪشادگي ايندي آهي.“ مراد صاحب جهڙي
منطقي، مارڪسٽ ۽ سائنٽيفڪ سوچ رکندڙ جي واتان اهڙو
جواب ٻڌي، مون کي ٿوري دير جي لاءِ حيرت به ڏاڍي
ٿيندي هئي ۽ اهو ان لاءِ جو مراد صاحب برابر ته
سنڌ جي هڪ انتهائي راسخ العقيده شيعه گهراڻي ۾
جنم ورتو هئو، جيڪو آرپار عزادار ۽ پُشتان پشت
مرثيه نگار خاندان هو پر بعد ۾ محمد ابراهيم جويي
صاحب ۽ ع.ق شيخ جي صحبت ۾.... ٿورا ’اٿيسٽ‘ به ته
ٿي ويا هئا... پر خير! پنهنجي پوئين زندگيءَ دوران
پاڻ جڏهن پنهنجو ليٽر هيڊ ڇپرايائون ته ان جي مٿان
لکرايائون: ’سبحان و تعاله‘... يا محرم
الحرام دوران سندن پدر بزرگوار، مرزا فتح علي بيگ
۽ مرزا ٻڍل بيگ جو قائم ڪيل حضرت عباس عه جو هي
علم سوار ٿيندو هو ته سوار ٿيڻ کان اڳ، غازيءَ جي
انگاس جي وچ واري بيرڪ.... علم کڄڻ تائين سندن ئي
هنج ۾ موجود رهندي هئي ۽ پاڻ نهايت احترام سان اها
وچ رستي تي... جهوليءَ ۾ جهليو ڪاري قميص پايو...
۽ اکيون جهڪايو چُپ چاپ حاضريءَ ۾ بيٺا هوندا هئا.
هاڻي سندن ڄمار جڏهن 75 ورهيه ٿي چڪي ۽ پينشن ’ري
اسٽور‘ ٿيڻ سان، پينشن جا پئسا کين ٻيڻا ٿي ملڻ
شروع ٿي ويا ته هڪ ڏينهن خوش ٿي... بي اختيار
چيائون... خدا شايد مون کي ان ڪري به اڃا زنده
رکندو پيو اچي، ته جيئن ڪا چڱي شئي پويان لکي آئون
ڇڏي وڃان... پينشن جي چيڪ وٺڻ لاءِ هر مهيني جي
پهرئين تاريخ تي پوءِ آئون ئي کين ريڊيو واري
گاڏيءَ ۾ وٺڻ لاءِ گهر ويندو هوس. هڪڙي ڀيري ٽنڊي
آغا واري قديم قبرستان ۾ ڪنهن قبر جي سيراندي،
ڪتبي سان هڪ ڪُتي کي ستل ڏٺائون ته يڪدم منهنجو
ڌيان اُن ڏانهن ڇڪائيندي... مُرڪندي چيائون... ”پڪ
اِهو پنهنجي مالڪ جو وفادار ڪتو هوندو...“ هڪڙي
ڀيري اهڙي ئي هڪ سفر دوران واٽ تي مون کي چوڻ
لڳا... ”اڙي يار! منهنجي يادداشت
صفا ختم ٿي وئي آهي... ۽ ٺيڪ به نٿو رهان
اڄڪلهه... پوءِ به هي الائي ڇو؟ آئون اڃا تائين
جيئان پيو....“ تڏهن يڪدم، دل وٺڻ ۽ رکڻ لاءِ چيو
مانِ... ”شايد ان به ڪري، ته اوهين پنهنجو اڌ ۾
ڇڏيل شاهڪار ناول ”سامي سڄ وڙاءُ“ جلد از جلد مڪمل
ڪري وٺو...“ يڪدم چيائون: ”اڙي ها يار... اڄڪلهه
بس آخري باب بابت ئي پيو سوچيان، ته سموري قصي کي
’وائينڊ اپ‘ ڪيئن ڪريان؟“ ۽ پوءِ نهايت جلد 2007ع
جي آخر ڌاري فون تي خوشخبري ڏيندي چيائون... ”اڙي
يار! يم يم (جنهن وقت مراد صاحب خوش هوندا هئا ته
اِهي ئي لفظ پيا اُچاريندا هئا) ناول پورو ٿيو،
هاڻي نياز ورهائي نصير....
۽ ان بعد هاڻي هي 2009ع جو سال شروع ٿيو، ته اجهو
اِهو ناول شايع ٿي ويو. جنهن جي مهورت جو انتظام
عرفان علي انصاري، عزيزم نياز نديم ۽ مون اسلام
آباد جي (SAGA)سگا
واري شاهه
لطيف سينٽر ۾ رکرايو. اسلام آباد لاءِ سندن هوائي
سفر جي ٽڪيٽ وغيره جا سمورا انتظام لوڪ ورثي جي
ڊائريڪٽر محترم مظهر السلام برداشت ڪيا. (Thanks مظهر
سائين) ۽ پوءِ جنهن شام مراد صاحب اسلام آباد پهتا
ته صبح جو شاهه لطيف سينٽر ڏانهن اُسهڻ کان اڳ ۽
ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ سان ئي پاڻ عرفان کي چوڻ لڳا...
”يار! لڳي ٿو ڏيئي مان تيل ختم ٿيندو وڃي...
ڀانئيان ٿو هاڻي آئون جلد ئي دنيا مان هليو
ويندس“. تڏهن سندن اهڙي بيان تي اوچتو اسين سڀ
هيانءُ هاري ويهي رهياسين. خير... باوجود سندن اِن
دُکدائڪ اسٽيٽمينٽ جي... مهورت جي تقريب ڌام ڌوم
سان ٿي، ۽ اُن منجهان ملندڙ خوشيءَ سبب مراد صاحب
جن، جهڙوڪر ڪجهه عرصو اڃان به جِي پيا. گويا
اسلام آباد واري ان سفر کين نئين ۽ نؤبني حياتي
بخشي ڇڏي هئي. ان وچ
۾ پاڻ ڊاڪٽر رٿفاءِ جي آٽوبايو گرافي پڻ سنڌيءَ ۾
ترجمو ڪري ورتائون... علاوه ازين ڪجهه مهاڳ به
لکيائون، ۽ ڪجهه ريڊيائي تقريرون پڻ.
هاڻي اهڙن پوين ڏينهن دوران مون ڏٺو ته.... مراد
صاحب اڪثر پنهنجا سٺا سٺا سفاري سوٽ، پينٽ شرٽ ۽
شيرواني ڪٽ ڪاريون صدريون اوچتو ئي اوچتو پراڻين
پيتين مان ڪڍي ٻيهر پائڻ شروع ڪري ڏنيون هيون.
تڏهن هڪڙي ڏينهن زيرِ لب مُرڪي چيو هيو مانِ...
”واهه سائين واهه! ههڙا زبردست... ڪوٽ سوٽ؟...
پينٽون شرٽون؟ سفاري سوٽ...؟
خير ته آهي سائين! هيءَ تبديلي.... وهه واهه...
سبحان الله...“ تڏهن مرڪي وراڻيندا هئا... ”اڙي
يار... رکئي رکئي هي ڪپڙا هاڻي خراب ته هونئن ئي
ٿي ويندا، سو ان ڪري سوچيم... اُنهن کي پائي ئي
ڇڏيان ته بهتر“.
۽ پوءِ نهايت جلد اهڙا ڏينهن به آيا جو هاڻي چاهڻ
جي باوجود به مراد صاحب گهران گهٽ نڪرڻ لڳا هئا ۽
گهڻو تڻو جهڙوڪر گوشه نشين ئي ٿي ويا هئا. رات
ستارا چنڊ ۽ اُهي سڀ قدرت جا رنگ جيڪي مراد صاحب
کي گهڻا وڻندا هئا ۽ اسين اڪثر راتين جو ڪن محفلن
مان جڏهن موٽندا هئاسين ته شيخ اياز وانگر پاڻ به
رات جي پُراسرار طلسم کيEnjoy ڪندي،
آسمان ڏانهن ڏسي... چنڊ کي قدرت جي، جادوبتي... ۽
’الهامي فانوس‘ پيا سڏيندا هئا. افسوس! جو پوءِ
مراد صاحب جي وڌندڙ ڄمار ۽ ناچاڪيءَ سبب اهڙين
راتين جي ’ياترا-سياحتن‘ ۾ به تعطل ايندو ويو ۽
ساڻن صحبتن جا ڀريا ٽيهه پنجٽيهه ورهيه جهڙوڪر
اوچتو ئي اوچتو ڄڻ وڏ ڦڙي مينهَن وانگر وسندا،
ڇڻيل پنن مثل، اڏامندا الائي ڪيڏانهن جو ڪيڏانهن
ماضيءَ ۾ گم ٿيندا پئي ويا.
”سائين هلو نه پنهنجو شهر ٿا گهمون؟“ ته وراڻيندا
هئا، ”حيدرآباد هاڻي اهڙو اڳوڻو ۽ پنڌ هلڻ جهڙو
شهر رهيو ئي ڪٿي آهي. اڙي يار... رستن جي پاسن کان
وڻ هوندا هئا وسرام لاءِ... الائي ڪيڏانهن هليا
ويا. جانورن جي پاڻي پيئڻ جا پيائو (حوض)... اڙي
يار! ظالمن انهن جي مٿان به فليٽ کڙا ڪري ڇڏيا.
مٿان هي ٽريفڪ جو هنبس!.... اوهو... اوهو...
دونهون ته ڏس چؤطرف...“ ۽ اهڙي ڳالهه ڪندي ڪندي بي
خبريءَ ۾ ان وقت به کيسي مان رومال ڪڍي نڪ تي کڻي
رکندا هئا، (ڄڻ کين دونهون سامهون پيو نظر اچي)
تڏهن اهڙن ئي ڏينهن دوران ’بزمِ روح رهاڻ‘ پاران
حميد سنڌي صاحب ساڻن رهاڻ جو جڏهن سڏ کين ڏنو ته،
هڪڙي آچر تي ٻيئي ڄڻا گڏجي اتي پهچي وياسين. سموري
سنگت ڏاڍو سٺو ڳالهايو. غلام نبي مغل، ڊاڪٽر قاضي
خادم، محمد علي ڏيپلائي، اسلم عزيز... ۽ آخر ۾
سائين حميد سنڌي به سندن بابت زبردست ڳالهايو. ان
يادگار گڏجاڻيءَ ۾ امداد حسينيءَ ته عين بين مراد
صاحب جي شخصيت ۽ سُڀاءُ بابت اصل منڊيءَ تي ٽِڪ
نما هي ٽيڙو في البديهه ٺاهي محفل کي ٻڌايو هو؛
سادو آهي ايئن
موج ڀريي مهراڻ جو
سادو پاڻي جيئن.
هاڻي هي جنوري 2011ع جو پهريون هفتو پئي
هليو، جو مراد صاحب ڏڪندڙ آواز ۾ شام جو فون ڪيو:
”اڙي يار ..... بيمار ٿي پيو آهيان. سخت سيءَ سان
بخار به اٿم... ڪالهه شديد سرديءَ ۾ اِيزي لوڊ
لاءِ ٻاهر ’ڦول چوڪ‘ تائين نڪري ويو هوس، گهر
موٽيس ته وٺجي ويس، تون يَار صبح جو مون وٽ ضرور
اچجئين“. هاڻي اُها رات گذري... صبح نمودار ٿيو،
ته موبائيل تي مراد صاحب جي گهر واريءَ جو
روئڻهارڪو آواز ٻڌم، ”بابا! مراد صاحب سخت عليل ٿي
پيا آهن. اسان جو منظور پٽ... ڪراچيءَ مان
جيستائين حيدرآباد پهچي، اوهان جلدي اچو ۽ مراد
صاحب کي پنهنجي پئنل واري CMH اسپتال
۾ ايڊمٽ هلي ڪرايو“. تڏهن ڊوڙي ٽنڊي آغا پهتس. ڇا
ڏسان... ته مراد صاحب تي فالج جا اثر واضح پئي نظر
آيا پوءِ جلدي جلدي فرسٽ ايڊ لاءِ ايمرجنسي روم
تائين پهتاسين ته ڊاڪٽر ٻڌايو، فالج سان گڏ هارٽ
اٽيڪ به آهي. مٿان ٿڌ سبب نڪ ۽ ڇاتي به سندن مڪمل
بند ۽ ساهه کڻڻ ۾ به شديد تڪليف الڳ شروع ٿي وئي
هئن. هاڻي فوري علاج شروع ٿيڻ سان ڪجهه وقت لاءِ
مراد صاحب بهتر به ٿي ويا پر ان کان پوءِ ڪجهه ئي
ڏينهن اندر مٿن فالج جو هڪ ٻيو زوردار حملو ٿيو ۽
اُهو اهڙو ته شديد هئو جو هاڻي سندن آواز به بند
ٿي ويو. هي فيبروري جي 15يا 16 هين تاريخ هوندي
جو ان کان پوءِ ته سندن صحت ويتر ئي ڪرندي وئي.
اهڙي صورتحال ۾ هڪ ڏينهن ڊاڪتر قاضي خادم، طارق
عالم، ادا مدد علي سنڌي، پروڊيوسر محمد ياسين
جوڻيجو ۽ ڪي ٻيا دوست هاسپيٽل ۾ هن جي بيڊ جي طرف
مڙي وڃي بيٺاسين ته مراد صاحب نماڻين اکين سان،
ڪنڌ جا زاويا ڦيرائي ڦيرائي اسان کي ائين ڏسندا
رهيا ڄڻ آخري ڀيرو پيا ڏسن، جڏهن ڪنهن به طرح اتان
اٿڻ لاءِ اسان جي دل نه پئي چاهيو ته فيض صاحب جو
هي شعر پنهنجو پاڻ منهنجي چپن تي اچي ويو هئو:
حلقہ کئے بیٹھے رہو
اس شمع کے یارو
کچھ روشنی باقی تو
ہے ہر
چند کہ کم ہے
هاڻي هيءَ فيبروري جي اٺاويهين تاريخ هئي. مراد
صاحب اِهڙي ئي ڪرٽيڪل ڪنڊيشن ۾ اوچتو گهر شِفٽ ٿي
ويا. شايد هاسپيٽل وارن کين لاعلاج ڄاڻي، چاهيو
پئي ته سندن روح پنهنجي وڏڙن وارِي... قديم
حاويليءَ مان ئي پرواز ڪري... .۽ پوءِ ٿيو به ايئن.
اُها رات جيئن تيئن گذري ۽ نئون ڏينهن نمودار ٿيو،
ته هي مسافر روانگي جا سانباها ڪرڻ لڳو، اُها
پهرين مارچ... ۽ وقت صبح جا ڏهه يا ساڍا ڏهه...
تڏهن ان اداس صبح جو منظور مراد مون کي آفيس جي
فون تي ڏڪندڙ ۽ روئيندڙ آواز ۾ ’ڄاڻ‘ ڏنو... ”سائين...
بابا سائين هليا ويا... هليا ويا بابا سائين...“ تڏهن
اوچتو ئي اوچتو مون کي خود مراد صاحب جا.... ممتاز
مرزا صاحب جي تعزيتي نوٽ ۾ لکيل هي لفظ ياد اچي
ويا...
هڳاءُ ڀريو مڌُ جو پيالو ڀڄي ڀُري پيو
۽ افسوس! ساقي به هليو ويو.
۽ يارو...هاڻي اجهو هن ’مهاڳ‘ جي پڄاڻيءَ
تي عرض ڪندو هلان... ته هي ڪتاب مراد صاحب سان
منهنجي بي پناهه محبت ۽ عقيدت جو ثبوت سمجهو، جنهن
۾ سائينءَ جون چونڊ ڪهاڻيون، ناٽڪ، مهاڳ، سفرناما،
ڪي متفرقه مضمون، اڀياس ۽ تبصرا ته مون سهيڙيا ئي
آهن، پر مٿن يارن دوستن جون لکيل تحريرون به هر
حالت ۾ شامل رکيون آهن. باوجود ان جي، جو هن ڪتاب
۾ مراد صاحب جي فن ۽ شخصيت بابت مون گهڻو ئي مواد
يڪجا ڪيو آهي پر تڏهن به آئون ان کي محض موتين جي
هڪ مُٺ پيو سمجهان، ۽ اهو ان لاءِ ، جو مراد صاحب
جون ڪيئي طبع زاد ۽ ترجمو ڪيل تحريرون، مختلف
رسالن ۽ سندن ڊائرين ۾ اڃا به گهڻيون ئي ٽڙيون
پکڙيون پيون آهن. ۽ اي ڪاش! ايندڙ وقت ۾ ڪو مون
جهڙو ئي انهن کي جي سهيڙي وجهندو ته ڪيڏو نه چڱو
ڪم ٿيندو. هتي آئون خاص طرح سان ٿورائتو آهيان
چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ قبله سائين محترم مخدوم
جميل الزمان، پبليڪشن ڪميٽيءَ جي چيئرمين عظيم
ناول نگار شاهه لطيف سرڪار جي اردو، انگريزي مترجم
آغا سليم صاحب، سائين نظر محمد ڳاهي ۽ سنڌي ادبي
بورڊ جي لائق سيڪريٽريءَ محترم الهه ڏتي وگهئي جو،
جن صاحبن ’مراد علي مرزا‘ صاحب کي مون ئي وانگر
ويهين صديءَ جو ’ليجنڊ اديب‘ ڄاڻندي، هن
اينٿالاجيءَ کي شايانِ شان شايع ڪرائڻ جا انتظام
ڪيا آهن. سندن اهڙي لائق وڙ لاءِ سواءِ ان جي...
هتي ٻيو آئون چوان ئي ڇا:
ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا
ٿر ۾ واري ٿورڙي تِنهان گهڻيرا
ڀلايون ڀيرا، ڳڻي ڳڻيندس ڪيترا
نصير مرزا
حيدرآباد
21.01.2014 |