سيڪشن: ادب

ڪتاب: مراد صاحب (اينٿالاجي)

باب:

صفحو:13 

(موسيقي)

سيٺ ابراهيم: [پريان] ڀاڀي، ڀاڀي! ڪٿي آهيون؟

ماءُ: [پريان ايندي] ادا! اچان پئي- [ويجهو ايندي] ادا، بيٺا ڇو آهيو، هتي ٿي ويهو، هن ڪوچ تي.

ابراهيم: هائو ڀاڀي! ويهان ٿو- پر منير ڪٿي آهي؟ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي.

ماءُ: ادا ٻاهر هوندو! صبح جو جيئن ويو آهي ته اڃا موٽيو ڪونهي، ڄاڻ ته آيو ادا.

ابراهيم: خير، خير! دوستن سان گڏ هوندو- هينئر خيرن سان جوان اچي ٿيو آهي. خير! ڀاڀي اڄ ڪاروبار کان ٿوري فرصت ملي هئي- سوچيم ته اوهان سان ٿوري صلاح ڪريان.

ماءُ: ادا! ڀلي ڪري آيئو، جيءَ ڪري آيئو، مون کي ته سچ خوشي ٿيندي جيڪڏهن آءٌ ڪا اوهان جي خدمت ڪري سگهان. اوهان ڇوڪريءَ کي پالي نپائي جيڪي اسان تي احسان ڪيا آهن، اُهي ڀلا ڪيئن ٿا وساري سگهجن.

ابراهيم: خير، خير مون پنهنجو فرض ادا ڪيو، پر اڃا هڪڙو فرض ادا ڪرڻو آهي. مون کي به ۽ اوهان کي به. ڀاڀي! ڇوڪرو هينئر اچي جوان ٿيو آهي، جڏهن منير ڄائو هو ته اوهان کي به خبر هوندي ته ادي مرحوم ساڻ مون زبان ڪئي هئي. مرحوم اڄ هجي ها ته ڪيترو نه خوش ٿئي ها.

ماءٌ: [ غمگين لهجي ۾] بس ادا! تقدير جو لکيو ائين ئي هو، ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانهي.

ابراهيم: خير، خير ! ملول ٿيڻ جي ضرورت ناهي، جيستائين هن سسيءَ ۾ ساهه آهي، تيستائين اوهان جو وار به ونگو نه ٿيندو، پر منهنجو مطلب هيءُ هو ته منهنجي نياڻي به اچي جوان ٿي آهي. آءٌ چاهيان ٿو ته هنن ٻنهي جي پاڻ ۾ شادي ٿي وڃي ته اسان جي مٿي جي به جُون مري ويندي، ۽ ڇوڪرو به پنهنجي گهر گهاٽ وارو ٿي پوندو.

ماءُ: [خوش ٿيندي] ادا! حُسنا کي پنهنجي گهر ۾ ڏسي منهنجون ته اکيون ٺرنديون. آءٌ ته کيس پنهنجن نيڻن تي ويهارينديس.

ابراهيم: مرحبا ڀاڀي، مرحبا! رت دانگيءَ تي به ورندو آهي. اسين پنهنجائپ کي ڇڏي ٻاهر ڪونه وينداسون. انهيءَ کان سواءِ منهنجو لکن جو ڪاروبار آهي. آءٌ سڄي عمر پورهيا ڪري ڪري پوڙهو ٿي ويو آهيان. هنن جي شادي رڳو ٿي وڃي ته ڇوڪري کي ڪاروبار ۾ وجهان، جوان مڙس آهي پيو منهن ڏيندو آءٌ، ته گهر ويهي الله الله پيو ڪندس، منير ۽حسنا کان سواءِ ڪير والي وارث آهي؟ انهيءَ ڏينهن ٻڌو هئم ته ڪمال جي گهر وارا آيان هئا حُسنا جي سڱ گهرڻ لاءِ پر تون پاڻ خيال ڪر ته پٽس جا ڪهڙا افعال آهن، جو آءٌ پنهنجي موتين جهڙي ڌيءَ کڻي هن جي حوالي ڪريان. کڻي ويجها مائٽ ٿيا، پر منير جهڙا ويجها ته ڪونه آهن. هيءَ مال دولت هنن وٽ وڃي تنهن کان ڇو نه منير هن جو وارث ٿئي.

ماءُ : ادا! هن جي وفات کان پوءِ تو منير کي پنهنجي اولاد وانگر ڪري نپايو. توهان هن يتيم تي جيڪي احسان ڪيا آهن، انهن جو بدلو الله تعاليٰ اوهان کي ڏيندو- ادا! اها ڳالهه مون کان ڇا ٿا پڇو، منهنجو ته جهڙو منير پٽ اهڙي حُسنا ڌيءَ- منير جو پيءُ حيات ڪونهي ته حسنا جي ماءُ به حيات ناهي- الله ٻنهيءَ جو جوڙو سلامت رکي.

ابراهيم: آمين آمين! اوهان جي وات ۾ گلاب! آءٌ سڀاڻي ئي ٿو مولوي صاحب سان ملي ڪا نيڪ تاريخ ڪڍارائي ڪم ۾ هٿ وجهان.

منير: [پريان خوش خوش ايندي] چاچا! ڇا جي نيڪ تاريخ ٿا ڪڍارايو، مون کي به ته ٻڌايو.

ابراهيم: [کلندي] خير خير! شڪر ٿيو جو تون به  وقت تي پهچي وئين، هينئر تنهنجو ئي پئي ذڪر ٿيو.

منير: زهي نصيب، زهي نصيب! حڪم فرمايو، تعميل لاءِ بندو هر وقت حاضر آهي.

ماءٌ: ڇورا حڪم جي ڪهڙا ڳالهه آهي- چاچي کي پيرين پئو! تو کي پالي نپائي وڏو ڪيائين، هاڻي ته گهر به ٿو ٺاهي تو لاءِ.

منير: [ٿورو حيران ٿي] ڇا مطلب؟

ماءُ: مطلب وري ڇا، ڇورا! خوش ٿي! چاچهين تنهنجي شادي ڌيڻس سان ٿو ڪرائي.

منير: [بنهه وائڙو ٿي] ڇا منهنجي شادي، چاچا منهنجي شادي ٿوڪرائي!

ابرهيم: خير، خير! تڪڙ ڪانهي پٽ، تون وڃي آرام ڪر، ٻاهران آيو آهين اڃا ته پگهر به ڪونه سڪو اٿئي. ڀاڀي! هاڻي موڪلاڻي ڪانهي، آءٌ وري ايندس.

(ابراهيم وڃي ٿو)

ماءٌ: منير، پٽ منير! تو کي هيءٌ ڇا ٿي ويو آهي. تون چپ ڇو بيٺو آهين؟

منير: امان... امان... آءٌ حسنا سان شادي...

ماءٌ: حسنا سان شادي ڇا؟ سدورا! تون ته شُڪر ڪر، پيءُ جي اڪيلي ڌيءَ آهي. مال ملڪيت سميت گهر ويٺي ٿي ملنئي. تنهن کان سواءِ پنهنجي آهي، رت آهي، قسمت وارو آهين جو پنهنجيءَ سان ٿي شادي ٿينئي.

منير: نه امان آءٌ وڏو بدقسمت آهيان. آءٌ حسنا سان شادي ڪونه ڪندس.

ماءٌ : حسنا سان شادي ڪونه ڪندين ! هيءُ تون ڇا پيو چوين؟ ڪجهه سوچي سمجهي ڳالهه ڪر.

منير: ها امان، مون گهڻو ئي سوچ ويچار ڪيو آهي، آءٌ هن جو ساٿ نه ڏيئي سگهندس.

ماءٌ : ڇو نه ڏيندين! تو کي خود به ساٿ نڀائڻو آهي. [روئڻهار ڪي ٿي] اڄ تنهنجو مرهيات پيءُ جيئرو هجي ها ته هوند خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ ئي نه ماپي ها. سدورا! تو کي ڪهڙي نڀاڳ کنيو آهي جو ههڙي سلڇڻي ۽ مال ملڪيت واري ڇوڪريءَ کي ريٽي ٿو ڇڏين؟

منير: امان! مون هڪڙو ڀيرو چيو نه، ته آءٌ حسنا سان شادي هرگز نه ڪندس. ڏسين نٿي هن جون ٻئي ٽنگون سڪيون پيون آهن. هلڻ کان لاچار آهي. سڀني ڊاڪٽرن جواب ڏيئي ڇڏيو! هن جو مرض لاعلاج آهي. امان، امان ! زندگيءَ جو سفر ڏاڍو اڙانگو ۽ وڏو آهي. هوءَ منهنجو ذرو به ساٿ نه ڏئي سگهندي.

ماءُ: اجايون ڳالهيون نه ڪر منير. هوءَ مڙهي آهي ته خير آهي. گهر ۾ پئي هوندي. نيٺ به ته پنهنجي آهي. ڌارين ۾ ڇو  وڃي. آءٌ چوانءِ ٿي ته تون منهنجن هنن اڇن وارن کي ڏس، پنهنجي چاچي جي عزت ۽ ناموس جو خيال ڪر، ۽ اهو به سو چ ته هن جا توتي ڪيترا احسان آهن. هن تو کي نپايو پاليو ۽ هن درجي تي  پهچايو. اڄ تون انهيءَ جو بدلو هن کي ڌڪار ۽ نفرت سان ڏين ٿو !

منير: [جذباتي انداز ۾] امان امان! مون کي اهي طعنن جا ڏنڀ نه هڻ. مون کي هن پاليو، نپايو، وڏو ڪيو. آءٌ اهي لفظ هر هر ٻڌڻ نٿو گهران. انهيءَ ۾ منهنجو ڀلا ڪهڙو ڏوهه، نه ابو مري ها نه آءٌ هن جي مٿان بار ٿيان ها [ليلائيندي] امان، امان! انهيءَ ۾ منهنجو ڪوبه ڏوهه ڪونهي، منهنجو ڪوبه قصور ڪونهي! چاچا ته پنهنجو فرض ادا ڪيو، پر آءٌ اهو فرض ادا ڪري نه سگهندس. مون ۾ ايتري همت ۽ جرعت ڪانهي، جو آءٌ ساري عمر هڪ اپاهج عورت جو سهارو ٿي سگهان!

ماءُ: [ڪاوڙ  مان] تنهنجو دماغ ڦري ويو آهي، تنهنجي اکين تي انڌ جا روَ چڙهي ويا آهن. ڪجهه هوش ڪر، عقل ڌار، اهڙي ڳالهه نه ڪر جو ساري عمر پڇتائيندو رهين. بخت جا ڀيرا روز روز ڪونه ٿيندا آهن!

منير: مون کي ڪجهه نه گهرجي. ڀاڳ بخت، مال دولت، اهي مون کي نانگ ٿي چهٽندا. تون ماءُ ٿي ڪري ائين ٿي چاهين ته ساري عمر اهي نانگ منهنجي روح کي ڏنگيندا رهن؟

ماءُ: [روئندي] تو منهنجو نه پر پنهنجي مرهيات پيءُ جو به روح رنجايو آهي، آءٌ ته قبر جي ڪنڌيءَ تي ويٺي آهيان. اڄ نه مران سڀاڻ مران. حياتيءَ تي ڪهڙو ڀروسو، مرڻ کان اڳ ۾ تنهنجو گهر آباد ٿيندو ڏسان ها ته قبر ۾ به آرام ملي ها. [وري ڪاوڙ جي] پر آءٌ چوان ٿي اها شادي ٿيندي ۽ ضرور ٿيندي. تنهنجي مرهيات پيءُ، ڀاءُ سان زبان ڪئي هئي. وڏن ۽ بزرگن جي گفتن جو ڀرم رک. اهڙي ڳالهه نه ڪر جو سارو جڳ دشمنن ٿي ٿڪ لعنت ڪري!

منير: (دانهن ڪندي) مون کي ساري جڳ جون لعنتون ملامتون قبول آهن، پر اها شادي هرگز قبول ناهي- آءٌ اها شادي ڪونه ڪندس- آءٌ اها شادي ڪونه ڪندس...

ماءُ: (زور سان چماٽ هڻندي) نالائق، بي حيا، بيشرم! [منير جي وات مان امان لفظ نڪري ٿو.]

ماءُ: (روئندي) منهنجا مٺڙا پٽ ! هي مون ڇا ڪيو- هي مون ڇا ڪيو؟ (ٻئي روئن ٿا.)

(موسيقي)

منير: [اوچتو ڇرڪ ڀريندي] اوهو! اڙي هيءُ ڪير آهي، ڪير آهي؟ [ٿوري خاموشي] هون، سمجهيم! هيءُ هٿ ڪيترا نه نرم ۽ گرم آهن. هنن هٿن جي نرماڻ کان اکين کي آرام ۽ دل کي سڪون ملي ٿو. جيڪر اهي هٿ، مٺڙا مٺڙا هٿ ۽ پيارا پيارا هٿ هميشه هنن نيڻن تي رکيل هجن!

رضيه: [ٽهڪ ڏيندي] اوهه! منير تنهنجن ڳالهين ۾ ڪيترو نه ميٺاج آهي، پر تون ته بيوفا آهين، ڌوڪيباز آهين- پنهنجي انجام جو تو کي احترام ڪونهي. آءٌ انهيءَ ڏينهن تنهنجي لاءِ انتظار ڪندي رهيس، مون ته امان کي به ٻڌائي ڇڏيو هو ته تون پنهنجيءَ ماءُ ۽ چاچيءَ کي وٺي ايندين. مون کي ڪيتري نه شرمندگي ٿي. امان ڇا خيال ڪيو هوندو؟

منير: رضيه، رضيه! ائين نه چئو، آءٌ بي وفا ڪو نه آهيان! مون توسان انجام ڪيو آهي. منهنجي دل جي زينت ۽ روح جي رونق ته تون ئي آهين. آءٌ توسان ڪيئن بيوفائي ڪندس!

رضيه: بس، بس! لفطن جو ڄار نه پکيڙ، آءٌ هاڻي انهيءَ ڄار ۾ نه ڦاسنديس! مون کي سڀ ڪجهه خبر آهي، تون جيڪڏهن ڪوڙ ڳالهائين ٿو ته ڀلي ڳالهاءِ. پر تنهنجو اکيون مون سان ڪوڙ نه ڳالهائينديون...

منير: رضيه! ناراض نه ٿيءُ- مون کي معاف ڪر، اصل ۾ ڳالهه ئي اهڙي ٿي پئي هئي. چاچا پنهنجي ڪاروبار ۾ مصروف هو ۽ امان جي طبيعت ناچاق هئي.

رضيه: [کلندي] بهانا ٺاهڻ ۽ ڳالهيون گهڙڻ ته ڪير تو کان سکي. خير! هاڻي ڇڏ انهن ڳالهين کي. اڙي، هيءُ تنهنجي اکين مان سوچ  ۽ ويچار ڇو پيو ليئا پائي؟

منير: نه نه رضيه! ڪجهه به ڪونهي، آءٌ ته بلڪل ٺيڪ آهيان [کلڻ جي ڪوشش ڪندي]، ڏس آءٌ ته هميشه وانگر خوش آهيان. تنهنجي آئي ته منهنجا سڀئي غم دُور ٿيو وڃن. [رضيه وچ وچ ۾ هون هون ڪندي رهي ٿي] تون ته بهار جي اهڙي جهوٽي مثل آهين، جنهن جي لڳڻ سان منهنجي دل جي ڪلي ٽڙي پوندي آهي. تون منهنجي لاءِ خوشيءَ جو پيغام آهين، اُميد جو روشن ڪرڻو آهين....

رضيه: [ٽهڪ ڏيندي] سڀ ڪوڙ، سڀ ڌوڪو. منير، ڳالهه ٽارڻ جي اجائي ڪوشش نه ڪر.

منير: تون سڀ ڪجهه چئي سگهين ٿي رضيه، [ٿورو بيقرار ۽ بيچين ٿيندي] پر رضيه، رضيه آءٌ سچ ته دکي آهيان. تنهنجو خيال درست آهي. پر، پر رضيه ! هڪ ڳاله پڇانءِ؟

رضيه: ها، ها، ضرور پُڇ. جيڪڏهن مون کي معلوم هوندي ته ضرور ٻڌائينديس!

منير: نه رضيه ! آءٌ بلڪل گنڀيرتا سان ڳالهه ڪريان ٿو. مون کي تون هڪ ڳالهه جو جواب ڏي.

رضيه: ها، ها، آءٌ ضرور جواب ڏينديس، پهرين تون ڳالهه ته ٻڌاءِ.

منير: ته ٻڌ رضيه! آءٌ هن شهر مان وڃڻ چاهيان ٿو، هيءُ شهر هاڻي مون کي کائڻ ٿو اچي.

رضيه: [حيران ٿيندي] هن شهر مان وڃڻ ٿو چاهيان، ڇا مطلب؟

منير: ۽ رضيه! آئون چاهيان ٿو ته تون به مون سان گڏجي هلين...!

رضيه: آءٌ توسان گڏجي هلان؟

منير: ها، ها، رضيه!هن شهر کان تمام پري، تمام پري ڪنهن اڻڄاڻ وسنديءَ ۾ جتي رڳو پاڻ ٻئي هڪٻئي کي سڃاڻون- پاڻ کي ٻيو ڪير به نه سڃاڻي!

رضيه: منير! تو کي ڇا ٿي ويو آهي؟ اڄ تون ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين؟ نه نه، ائين هرگز، هرگز نه ٿيندو. آءٌ تو کي نه ڇڏينديس.

منير: نه رضيه! مون فيصلو ڪيو آهي، آءٌ هن شهر ۾ نه رهندس.

رضيه: ته تون پنهنجي فيصلي کي بدلائي سگهين ٿو. منير! منهنجي خاطرئي سهي، ڏس منهنجن اکين ۾ نهار. ائين بلڪل ٺيڪ آهي، ڇا تو کي پنهنجيءَ ماءُ تي رحم نٿو اچي؟ اسين پنهنجين مائرن کي ڇڏي ڪيڏانهن وينداسون؟ هنن ويچارين جي ڪير سنڀال ڪندو؟نه منير! پنهنجو ارادو بدلائي ڇڏ. نه ته آءٌ توسان ڪونه ڳالهائينديس. آءٌ توسان رُسي وينديس. قسم کڻ- مون سان وعدو ڪر ته تون مون کي ڇڏي نه ويندين. تون هت ئي رهندين...چؤ...چؤ منير! جلدي چؤ، خاموش ڇو آهين؟

منير: رضيه، منهنجي رضيه ! تون ڪيتري نه سٺي آهين... [رضيه کلندي رهي ٿي] رضيه تون ڪيتري نه سٺي آهين!

(موسيقي)

منير: [ليلائيندي] امان، امان... منهنجي مٺڙيءَ امان [ماءُ جواب نٿي ڏئي] امان مون سان ايترو ناراض نه ٿيءُ... آءٌ ته تنهنجو اڪيلو پٽ آهيان...

ماءُ: [ٿڌو ساهه ڀريندي] ابا! پڻهين مرهيات جي بدران آءٌ مري وڃان ها، ته نه هت هجان ها ۽ نه ئي هيءُ ڏينهن ڏسڻا پون ها.

منير: نه اما ائين نه چئو! مرن تنهنجا دشمن. تنهنجي ته سؤ ورهين جي ڄمار ٿيندي، تون ته اڃا منهنجو اولاد ۽ ان جو اولاد ڏسندينءَ.

ماءُ: ابا! قيامت جا تڏا مون کي ويڙهڻا ڪونهن. تو منهنجو ڪهڙو اندر ٺاريو آهي، جو تنهنجو اولاد اچي مون کي سک ڏيندو؟

منير: امان! وري اها ڳالهه، تون منهنجي جيجل امان آهين نه- آءٌ توسان نه دل جي ڳالهه ڪندس ته ٻيو ڪنهن سان ڪندس. امان، آئون شادي ته ڪندس، پر حُسنا سان نه. آءٌ ٻئي هنڌان شادي ڪندس!

ماءُ: [ٿڌو ساهه ڀريندي] پٽ، پنهنجي وس هجي ها ته پڻهين ئي نه مري ها. مقدر پنهنجي واڳ ٻين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏي آهي، جيڏانهن ورائيندا اوڏانهن ورنداسون. تنهن کان سواءِ چاچهين توسان ڪهڙا بُرا پير کنيان آهن، جو تون هن جي دل رنجائين ٿو؟

منير: اهو سوال ڪونهي امان! حُسنا منهنجي چاچي جي ڌيءَ آهي. هوءَ منهنجو عزيز آهي، منهنجي رت آهي، پر انهيءَ جو اهو مطلب ڪونهي ته آءٌ هن معذور سان شادي ڪري پنهنجي زندگي وهه ڪري ڇڏيان. [ٿورو ڪاوڙ مان] امان! مون توکي ڪيترا ڀيرا چيو آهي ته انهيءَ ضد تان لهي وڃ. آءٌ هن سان شادي نه ڪندس، نه ڪندس، نه ڪندس!

ماءُ: پر پٽ! نيٺ به ته هڪ ڏينهن تو کي شادي ڪرڻي آهي، پنهنجو گهر ٺاهڻو اٿئي، ڪهڙي ٻي مائٽن جي ڌڪاريل ڇوڪري ويٺي آهي جيڪا تو کي کڻي ڏيندا.

منير: امان ڇوڪرين جي کوٽ ڪانهي! تون رڳو منهنجو ساٿ ڏي. باقي. ڪم آءٌ پاڻ ڪندس. امان هڪ سٺي ڇوڪري، تمام سٺي ڇوڪري مون سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ۽ منهنجو ته هن سان پيار به آهي.

ماءُ: تنهنجو هن سان پيار به آهي؟ ڪير آهي اُها ڇوڪري؟

منير: هوءَ ڏاڍي سٺي ڇوڪري آهي، هوءَ ڏاڍي سلڇڻي آهي. امان هوءَ به مون وانگرئي يتيم آهي، مون سان گڏ ڪاليج ۾ پڙهندي آهي.

ماءُ: پر ابا! چاچهين اِها ڳالهه قبول ڪندو؟

ابراهيم: [پريان ايندي] ڇا قبول ڪندو؟ ڪهڙيون پيون ماءُ پٽ ۾ ڳالهيون ٿين؟ خير، خير هونديون ڪي ڳالهيون. هونءَ ته مون کي به هرڪا ڳالهه قبول آهي، پٽ منير! چڱو ٿيو جو تون به ويٺو آهين. شڪر ٿيو! مون ٿي چيو ڀاڀي! ته تاريخ ڪڍرائي اٿم- هاڻي پنهنجو فرض آهي ته انهيءَ بار کان جلد آزاد ٿيون!

ماءُ: پر ادا! اوهان...

ابراهيم: [ڪاٽيندي] اوهه! مون سمجهيو مون سمجهيو- ٺيڪ آهي-سڀ ڪجهه انتظام ٿي ويندو- ڪپڙو گندي- زر زيور- ڏي وٺ- سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. مون منشيءَ کي سموري ڳالهه سمجهائي ڇڏي آهي. جنهن وقت ۽ جڏهن به ڪا ضروروت پئي ته هن کي اطلاع ڏجو- پئسن ڏوڪڙن جي ضرورت ههڙن موقعن تي نه ٿيندي تڏهن ڪڏهن ٿيندي. بس ڀاڀي، هن مهيني جي 25 تاريخ نيڪ آهي. باقي ٿورا ڏينهن وڃي رهيا آهن- مون کي ته ٻاهر جي سموري ڪم کي منهن ڏيڻو آهي. اندر جو ڪم اوهان سنڀالجو.

ماءُ: پر ادا! هينئر چڱو ٿيو جو اوهان آيا.

ابراهيم: ها، ها، باقي ڏينهن ڪيترا وڃي رهيا آهن. شاديءَ جو جهنجهٽ ڪا مسخري آهي ڇا؟

منير: پر چاچا! منهنجي مرضي آهي ته...

ابراهيم: [کلي] خير، خير پٽ! تنهنجي مرضي نه رکبي ٻيو ڪنهن جي رکبي!

منير: ته پوءِ چاچا آءٌ شادي نه ڪندس!

ابراهيم: [بلڪل دنگ رهجي وڃي ٿو] ڇا چيئي ؟ تنهنجو مطلب آهي ته تون شادي نه ڪندين- يعني تو کي اها شادي قبول نه آهي؟

منير: [بيحد مجبور ۽ لاچار ٿيندي] چاچا! آءٌ توهان کي ڪيئن سمجهايان!

ابراهيم: [ڪاوڙ ۾] تون مون کي ڇا سمجهائيندين. خير خير! آءٌ سڀ ڪجهه سمجهان ٿو. تنهنجو مطلب آهي ته تون حسنا سان شادي انهيءَ ڪري نه ڪندين جو هوءَ معذور آهي، اپاهج آهي، هون- منير! مون توکي پاليو، نپايو ۽ وڏو ڪيو. انهيءَ جو عيوض تون مون کي اهو ٿو ڏين؟

منير: نه چاچا- منهنجو اهو مقصد نه آهي. آءٌ دراصل....

ابراهيم: [ناراض ٿيندي] بس بس، تو منهنجي منهن ۾  ڌوڙ وڌي آهي. تون چاهين ٿو ته حسنا ڪنهن ٻئي جي گهر وڃي ۽ هيءُ سارو مال ملڪيت، جيڪو مون ڪشالا ڪڍي گڏ ڪيو آهي، اهو به ٻين جي قبضي ۾ هليو وڃي ؟ ڀاڀي! ٻڌو پيون اوهان پنهنجي لاڏلي جون ڳالهيون.

ماءُ: [بيوس ٿي] ادا! آءٌ ڇا ٻڌان ! اهي ڳالهيون ٻڌي ٻڌي منهنجا ته ڪن پچي پيا آهن.

ابراهيم: خير، خير! غلطي منهنجي ئي آهي. مون مرحوم ادي سان زبان ڪئي هئي. جيڪر اڄ ادو حيات هجي ها ته ڳالهه ايتري نه وڌي ها.

ماءٌ: [روئيندي] ادا ! هاڻي ته هن جو چاچو به تون ته ابو به تون. ادا! اوهان جي ڳالهين جو خيال نه ڪريو. آءٌ هن کي پاڻهي سمجهائينديس. پنهنجي گهر ۾ هوندي سوندي هيءُ ٻاهر ڪيڏانهن ويندو؟

منير: [ڪاوڙ مان] امان تون وچ ۾ نه ڳالهاءِ

ماءُ: [وڏي واڪي] آءٌ ڳالهائينديس، ضرور ڳالهائينديس...

منير: نه نه، شادي مون کي ڪرڻي آهي، ڪنهن ٻئي کي ناهي ڪرڻي- آءٌ هڪ ڀيرو نه پر هزار ڀيرا چئي چڪو آهيان ته آءٌ شادي نه ڪندس، نه ڪندس، نه ڪندس...

ابراهيم: [ڪاوڙ وچان] بند ڪر پنهنجي زبان! تون اها شادي انهيءَ ڪري نٿو ڪرين جو حسنا اپاهج آهي- تو کي اها شادي انهيءَ ڪري قبول ناهي جو حسنا هڪ اهڙي شخص جي ڌيءَ آهي جنهن تو کي پاليو، نپايو ۽ وڏو ڪيو، تون...

منير: [ڳالهه ڪپيندي] چاچا ! آءٌ ڪڏهن ٿو انڪار ڪريان! اوهان ته منهنجا محسن، مربي ۽ مهربان آهيون، پر چاچا... چاچا! هيءُ زندگيءَ جو سوال آهي. آءٌ هن جو ساٿ نه ڏئي سگهندس. هن کي منهنجي سهاري تي نه ڇڏيو.

ابراهيم: [ڀريل آواز ۾] اوهه!ماڻهن سچ ٿي چيو. کڻي ڀاءُ جو اولاد هجي ته به پنهنجي اولاد جي مٽ ٿي نه سگهندو. خير، خير..

ماءُ: [روئندي] نه، نه، ادا ! ائين نه چئو هيءُ به ته اوهان جوئي اولاد آهي.

ابراهيم: [انهيءَ آواز ۾] آءٌ ته گهڻوئي ٿو سمجهان، پر مون کي به ڪير پنهنجو مائٽ ڪري سمجهي! خير، خير- پر منير! ياد رک تون هڪ وڏي غلطي پيو ڪرين. هڪ اهڙي غلطي جنهن تي تون ساري عمر پڇتائيندين- ساري عمر روئندين..

منير: چاچا! آءٌ ڇاچوان ؟ آءٌ اها ڳالهه هر هر چوڻ نٿو گهران.

ابراهيم: خير، خير! پر ٻُڌي ڇڏ. تو کي اهوئي ڪرڻو پوندو جيڪو آءٌ چاهيان ٿو. تون اڃا ٻار آهين. آءٌ تو کي مهلت ڏيان ٿو. تون سوچ ويچار ڪر. مون کي سڀاڻي تائين پنهنجو آخري فيصلو ٻڌاءِ. جيڪڏهن تون ضد ڪندين ته پوءِ تنهنجو مون سان ڪو به واسطو نه رهندو. پنهنجا رستا جدا جدا هوندا. منهنجو فيصلو صاف آهي. جيڪڏهن تون حُسنا سان شادي ڪندين ته  هيءُ گهر گهاٽ ۽ مال دولت سڀ ڪجهه تنهنجو آهي. هونئن به تون پاڻ سمجهي سگهين ٿو ته حُسنه ۽ تو کان سواءِ منهنجو ٻيو ڪير آهي، - جيڪو هن مال دولت جو وارث ٿيندو؟ قدرت جا رنگ نرالا هوندا آهن، منير! انهيءَ ۾ نه منهنجو ڏوهه آهي نه حُسنه جو. هن جي تقدير ۾ ائين ئي لکيل هو. شڪر آهي جو ماڻس حيات ڪانهي نه ته هن ويچاريءَ جو حال الائجي ڪهڙو ٿئي ها! خير، خير، تون سوچ ۽ ويچار! ان کان پوءِ جيڪڏهن تو انڪار ڪيو ته پوءِ تنهنجي مون تي ڪابه حجت نه هلندي. مون سان تنهنجو ڪوبه لاڳاپو نه رهندو. رهي تنهنجي ماءُ، ته اُها منهنجي ڀاءُ جي لڄ آهي ۽ جيستائين منهنجي سسيءَ ۾ ساهه آهي تيستائين ته هن جو وار به ونگو نه ٿيندو.

ماءُ: [روئندي] منير! منير! تون پنهنجي چاچي کي ڇو ٿو رنجائين. تون پنهنجيءَ جيجل ماءُ جو ڇو ٿو هانءُ ساڙين؟ منير! هائو ڪر ۽ چاچي کي نه موٽاءِ. هائو ڪر منير! هائو ڪر [سڏڪا ڀريندي] هائو نٿو ڪرين منير! تو کي ڇا ٿي ويو آهي ؟ ٿو کي ڇا ٿي ويو آهي؟

منير: اوهه ! امان تون نه رو، نه رو. خدا جي واسطي تون نه رو. مون کان تنهنجا اهي ڳوڙها نٿا ڏٺا ٿين.

ماءُ: ته پوءِ منهنجي ڳالهه ڇو نٿو مڃين منير؟ ڇو نٿو پنهنجي پوڙهيءَ ماءُ تي رحم کائين؟

منير: امان! آءٌ مجبور آهيان، لاچار آهيان، بيوس آهيان. منهنجو پاڻ ڪو به اختيار ڪونهي ائين سمجهه ته تنهنجو پٽ منير مري ويو!

ماءُ: [ڪاوڙ مان دانهن ڪندي] منير مري ويو! ها، ها، ته پوءِ آءٌ اهوئي سمجهان ٿي ته منير مري ويو. منهنجو پٽ منير مري ويو! تون منهنجو پٽ ڪونه آهين. تون منهنجو پٽ ڪونه آهين. تون هتان هليو وڃ. آءٌ چوان ٿي تون هتان هليو وڃ. هت هاڻي تنهنجو ڪجهه به ڪونهي. تنهنجو  ڪير به ڪونهي. (روئندي رهي ٿي)

منير: ها، ها- آءٌ وڃان ٿو، امان ،تون وري ڪڏهن به منهنجو منهن نه ڏسندينءَ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org