سيڪشن: ادب

ڪتاب: مراد صاحب (اينٿالاجي)

باب:

صفحو:20 

مراد علي مرزا

سان ملاقات

عنايت بلوچ

        هن ماڻهوءَ سن جڏهن به مليس ته فقط علمي ۽ ادبي گفتگو جي حوالي سان ۽ اهڙين ئي گڏجاڻين ۾ ساڻس ملاقات ٿي. ادبي سيمينار هجن يا علمي ڪانفرسون، مشاعرا هجن يا مقالن جون نشستون، پر مراد علي مرزا جو اُتي هجڻ لازم ملزوم هوندو  آهي. وڏو علم ۽ ڏاهپ رکندڙ ماڻهوءَ لاءِ اڳ اسان جا پڙهيل لکيل وڏڙا چوندا هئا ته: ”ابا هن شخص اُٺ ڪتابن جا پڙهيا آهن.“ اهڙا پڙهيل لکيل علم جا اڪابر ٻيا به ضرور هوندا، جن جو مطالعو وڏو ۽ وسيع هوندو. پر منهنجي ذاتي مشاهدي ۾ اُٺ ڪتابن جا پڙهڻ وارو فقط مراد علي مرزا آهي، جنهن جيتري تواريخي ۽ علمي ادبي ڄاڻ مون کي گهٽ ماڻهن وٽ نظر آئي آهي. جڏهن به مراد صاحب ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڊيوٽي، لاءِ پيرين پيادو پهچندو هو. ته هڪ ٻه ڪتابَ سدائين هٿ ۾ هوندا هئس. هڪڙو ڪتاب پڙهي پورو ڪندو هو ته وري ٻيو کڻندو هو. ٻيو ختم مس ڪندو ته ٽئين ڪتاب جو پاسو وڃي وٺندو هو. آئون جڏهن ريڊيو حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر هئس، ته مراد صاحب ڪيئي ورهيه اتي پروگرام مئنيجر جي عهدي تي فائز هو. ٻين علمي صنفن جيئن ڪهاڻي، ناول ۽ فيچر کان سواءِ ڊرما نگاري ۾ ته شايد ئي ڪو سندس مَٽَ هوندو، اهو ئي سبب آهي جو ڪيترا ئي ڊراما پاڻ لکي پاڻ ئي پروڊيوس ڪيائين، هڪ ڊرامو ”تموچن“ جي عنوان سان، علي بابا لکيو هو جنهن ۾ سيد صالح محمد شاهه تموچن جو رول ادا ڪيو هو، مون کان اڃان تائين نه وسري سگهيو آهي. ان ڊرامي ۾ مرزا صاحب پروڊڪشن جا ڪمال ڏيکاريا آهن. ان کان سواءِ وڏين علمي ادبي شخصيتن کي اسٽوڊيوز ۾ وٺي اچڻ ۽ کانئن تفصيلي انٽرويوز وٺڻ مراد صاحب جو محبوب مشغلو هوندو هو. هن انٽرويوز کان به اڳتي وِکَ کڻندي هن Extension lectures جو سلسلو شروع ڪيو هو، جن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مخدوم امير احمد، پير حسام الدين راشدي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، سوڀو گيانچنداڻي، محمد ابراهيم جويو وغيره شامل هئا. اهو فقط مراد علي مرزا جهڙو دانشور ۽ پڙهيل لکيل شخص هو، جيڪو ادبي قد ڪاٺ جي ”همالين“ سان ويهي ويچار ونڊيندو هو. اِهي انٽرويوز ۽ ليڪچرز تواريخي اهميت رکن ٿا ۽ اڃان تائين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي لائبريريءَ ۾ محفوظ آهن. ادبي ۽ علمي محفلن جي اهڙي مور ۽ محقق سان اڄ سندس بيماريءَ جي بستري تي ملاقات ٿي، جيڪو سي ايم ايڇ حيدرآباد جي آفيسسرز وارڊ ۾ داخل آهي، وارڊ ۾ سندس ڪمري ۾ داخل ٿيس ته هڪ ڪمزور شخص، جيڪو اڃا وڌيڪ ڪمزور ۽ نٻل ٿي ويو آهي، بستري تي ستل هو. سلام ڪري پنهنجي سڃاڻپ ڪرايم، گُهوري گُهوري مون کي ڏٺائين ۽ چڱيءَ طرح سڃاتائين ته هي اهو ئي عبايت بلوچ آهي، جنهن سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي علمي ادبي ڪچهري ٿيندي هئي ۽ ڪي روح رچنديون رهاڻيون اهڙيون به ٿينديون هيون، جو پنهنجي وجود کي به وساري ويهندا هئاسين. مُنهن تي مرڪ آڻيندي ڪجهه ڳالهائڻ چاهيائين، پر فالج جي اثر سبب سندس زبانَ مان اکر به اُڪلي سگهيا. اکين ۾ لڙ ڪرلڙي آيم ۽ مُنهن پرتي ڪري ڇڏيم، منهنجي ڪيفيت کي پروڙي ورتائين ۽ مغموم نظرن سان مون ڏي نهاريندو رهيو. هاڻي مون کان به اکر نٿي اُڪليا، پر پوءِ به کيس آٿت ڏيندي ۽ هٻڪندي چيم، ”مراد صاحب! پالڻهار جي رضا سان، جلد ئي پنهنجي ملاقات ڪنهن ادبي گڏجاڻيءَ ۾ ٿيندي. اوهان گهٻرايو هرگز نه، رب پاڪ اوهان کي جلد صحتياب ڪندو. ”(آمين). هينئر به دل جي تمنا ۽ پُرخلوص دعا ڌڻيءَ در اها آهي ته رب سائين مراد علي مرزا کي جلد سَگهو ۽ صحتياب ڪري. ته جيئن اسان جو دلربا دوست وري اديبن ۽ علم وارن جو سُونهن ۽ سينگار بڻجي وڃي.

تنهنجي ڪرم ۾ ڪهڙي ڪمي آهي اي ڪريم،

هر هر گهران مان تو کان ۽ تون بار بار ڏين!

روزانه ڪاوش 2 مارچ 2011

مراد علي مرزا

 جو وڇوڙو

عنايت بلوچ

        فقط ويهه ايڪيهه ڏينهن اڳ 7 فيبروري 2011ع تي مون ڪاوش جي هن ئي صفحي تي مراد علي مرزا (جيڪو هاڻي مرحوم ٿي چڪو آهي) سان سندس بيماريءَ جي بستري تي ملاقات جو مختصر ذڪر ڪيو هو. هيءَ ملاقات حيدرآباد جي هڪ اسپتال جي وارڊ ۾ ٿي هئي. اُن ملاقات ۾ مراد صاحب اکين جي اشارن سان منهنجي آجيان ڪئي هئي ۽ منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي مون ڏانهن نهاريو هو، ڄڻ ته مون کي چئي رهيو هو، عنايت صاحب، اوهان سان پنهنجي زبان سان نه ئي سهي، پر اکين جي اشارن سان ته ڪچهري ڪري سگهان ٿو. (مراد  صاحب تڏهن ڳالهائي نٿي سگهيو) ان وقت مون کي مرزا غالب جي سِٽَ هنيانءَ تي هري آئي هئي ته:

گو هاتهه کو جنبش نهين، آنکهون مين تو دم هي.

        جيڪي ٻه چارسٽون 7 فيبروريءَ تي مون لکيون هيون، انهن جي آخر ۾ ڌڻيءَ درٻاڏيو هئم ته الله پاڪ مراد صاحب کي جلد سَگهو ۽ صحتمند ڪري ته جيئن اسان جو دوست وري علم وارن جي سُونهن ۽ اديبن جي سَٿ جو سينگار بڻجي وڃي، پر مقدر جي لکئي کي ڪوبه ٽاري نٿو سگهي ۽ مراد علي مرزا ڪالهه اسان سڀني کان وڇڙي ويو، يا ائين چوڻ اڃا به وڌيڪ مناسب ٿيندو ته هُو پنهنجن اصل سچن ساٿين يعني پنهنجن ڪتابن کان وڇڙي ويو آهي، جن سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ۽ راتين جون راتيون ويهي رهاڻ ڪندو هو، ماڻهن کان گهڻي ڀاڱي ڪناره ڪشي ڪرڻ، اڪيلائيءَ کي پسند ڪرڻ ۽ اڪيلائيءَ جو حظ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪتابن سان ڪچهري ڪرڻ سندس محبوب مشغلو هوندو هو. باقي انسانن ۾ ڪي ٿورڙا ئي هوندا، جيڪي سندس پڪا پختا دوست هوندا. ڳالهين ڳالهين مان معلوم ٿيو ته سائين محمد ابراهيم جويو ۽ محترم ع_ق شيخ (مرحوم) سندس يگانا يار هئا ۽ شام جو اڪثر ڪري، ٽيئي دوست گڏجي هوا خوري ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرندا هئا. بڪ اسٽالن تي وڃي ڪتابن کي ڏسڻ ۽ خريد ڪرڻ ، لائبريرين ۾ ويهي مطالعو ڪرڻ ۽ ادبي گڏجاڻين ۽ ڪانفرنسن ۾ کين گڏ گهمندي ۽ هڪ ٻئي سان ادبي ويچار ونڊيندي، ماڻهو اڪثر کين پيا ڏسندا پَسندا هئا. گهڻا سال اڳ ع_ق شيخ کانئن ڇڄي ڏورانهين ڏيهه هليو ويو ۽ ڪالهه مراد علي مرزا به موڪلائي ويو ته مون کي لطيف جو هي بيت ياد پيو:

ڪڻا منجهه قرار، هئا هيڪاندا سنگ ۾،

ڳاهي ڳاهه فراق جي، ڪيا ڌارو ڌار،

نه ڄاڻان ٻيهار، ڪير ملندا ڪن سين.

        ڪالهه جيئن مراد صاحب جي ماڳ مٽڻ جي خبر پئي ته تڏي تي پهتاسين، جتي تمام گهڻا دوست سندس آخري ديدار لاءِ موجود هئا، جن ۾ جيترن مهربانن جا نالا ياد اچن ٿا، اهي هي آهن: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد ابراهيم جويو، حميد سنڌي، پروفيسر اعجاز قريشي، ڊاڪٽر قاضي خادم، انعام شيخ، نصير مرزا، شمس جعفراڻي، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، منظور مراد (سندس پٽ) ذوالفقار هاليپوٽو، تاج جويو، علي محمد چنا، پروانو ڀٽي، اختر مرزا، سجاد مرزا، جاويد مرزا، وفا مولا بخش قمبراڻي، زوار نقوي، عبدالقيوم صائب، ظهير مرزا، ڪاظم رضا بيگ، محمد ايوب جمالي، گل محمد عمراڻي، فقير محمد ڍول ۽ ٻيا به ڪيترائي ماڻهو هئا، جيڪي مراد صاحب جا مداح ۽ سندس بيحد عزت ڪندا هئا. آلين اکين  ۽ مغموم چهرن سان، داتا جمن شاهه شهيد جي سندن اباڻي قبرستان ۾ مراد علي مرزا کي، سندس عزيز، جگري دوستَ ۽ عظيم ليکڪَ ممتاز مرزا جي ڀَر ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

        مراد علي مرزا هڪ وڏو ليکڪ هو. سنڌيڪاري، ڊراما نگاري ۽ ناول نگاري سندس خاص صنفون هيون. گهڻا سال اڳ هڪ مصري ليکڪ توفيق الحڪمت جي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، جنهن جو عنوان هو، ”مُونجهارو“، جيڪو انهن ڏينهن ۾ گهڻو پڙهيو ويو، پر جيڪو ٻيو ڪتاب مراد صاحب ترجمو ڪيو، اهو وڌيڪ اهم ۽ شاهڪار هو ۽ اهو ڪتاب ڪولمبيا جي برک ليکڪ ۽ نامياري اديب گارشيا مارڪيز جو لکيل هو، جنهن جو عنوان Hundred years of solitude هو، مراد صاحب ان جو سڌو سنئون ترجمو “اڪيلائيءَ جا سؤ سال“ ڪيو هو، جيڪو سنڌ جي ليکڪن ۽ اديبن ۾ هن وقت تائين گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪتاب آهي. تڏي تي موجود مهمانن مان پروفيسر اعجاز قريشيءَ هن موضوع تي ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو، ته هُن سال 2002ع ۾ ميڪسيڪو ۾ اقوام متحده طرفان ڪوٺايل، هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي، جتي اتفاق سان سندس ملاقات گارشيا مارڪيز سان ٿي هئي. جڏهن قريشي صاحب کيس ٻڌايو ته پاڪستان جي هڪ وڏي ليکڪ مراد علي مرزا سندس ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، جيڪو سنڌ جي اديبن ۾ بيحد مقبول ٿيو هو ته هُو بيحد خوش ٿيو هو ۽ فرمائش ڪئي هئائين ته مهرباني ڪري اهو ڪتابُ کيس موڪليو وڃي. اعجاز قريشيءَ وڌيڪ ٻڌايو ته گارشيا مارڪيز اڃا تائين زنده، صحتمند ۽ خوش و خرم زندگي گذاري رهيو آهي.

        مراد صاحب دنيا جي شاهڪار افسانن جو پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرايو ويو هو. ان ڪتاب جو عنوان هو ”عالمي افسانا“ پر سندس وڏن ۽ مشهور ترجمن منجهان ”پورب ڄائي“ سندس هڪ شاهڪار ترجمو آهي، جيڪو محترمه بينظير ڀٽو (شهيد) جي عالمي شهرت يافته ڪتاب ”Daughter of the East“ جو ترجمو آهي ۽ انهيءَ سنڌيڪاريءَ تي کيس پرائيڊ آف پرفارمنس جو ايوارڊ پڻ مليو هو، پر منهنجي نظر ۾ دنيا جي شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي سندس لکيل ناول ”سامي سڄ وڙاءُ“ سندس سڀني تحريرن کان وڌيڪ شاهڪار، نج ۽ اوريجنل تخليق آهي. هڪ ته شاهه لطيف جي شاعريءَ ۽ زندگيءَ تي سنڌيءَ ۾ لکيل هي پهريون ناول آهي، ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته لطيف جهڙي عظيم شاعر جي زندگيءَ کي ناول جي سانچي ۾ بيحد خوبصورتيءَ سان فِٽ ڪرڻ فقط ۽ فقط مراد علي مرزا جو ڪارنامو آهي، ڪنهن به ٻي جي ڀيڻي ڀر نه آهي. خبر ناهي ايترا ته سهڻا، سلوڻا، ميٺاڄ وارا ۽ ذائقي دار نج سنڌي لفظ ۽ من موهيندڙ انداز مراد صاحب کي ڪٿان هٿ آيو آهي، جو ناول پڙهندي ان جي ٻوليءَ جي چهراڻ ۽ چاشنيءَ کان دل نٿي ڀرجي.

        مراد علي مرزا پنهنجي نفاست، شرافت ۽ حليم طبيعت سبب پنهنجي دوستن ۽ عزيزن جي دلين ۾ زنده رهندو ۽ پنهنجين شاهڪار تحريرن، ترجمن، ڊرامن ۽ مجموعي علمي، ادبي تخليقن جي ڪري ايندڙ نسل جي پڻ رهنمائي ڪندو رهندو.

[روزانه ڪاوش 7 فيبروري 2011]

 

مراد علي مرزا

منهنجو دوست

عبدالقادر جوڻيجو

ليکڪ

پروڊيوسر

پڙهاڪو

مولائي لڏو

وغيره وغيره

آئون جيڪڏهن رسالي ”شمع“ جو ’سوال جواب‘ واري ڪلام جو انچارج هُجان ۽ ڪو مون کان پڇي ته مراد علي مرزا جي مٿي ڄاڻايل خاصيتن کي ترتيبوار نمبر ڏئي رکان ته هيئن رکندس.

نمبر 1)پڙهاڪو، نمبر 2) پروڊيوسر، نمبر 3) مولائي لڏو، نمبر 4) وغيره وغيره، نمبر 5) ليکڪ.

        مراد ريڊيو تان تمام سٺا ڊراما پروڊيوس ڪيا آهن. مراد تاريخ، ادب، عمرانيانت، نفسيات، سياسيات تي تمام گهڻا ڪتاب پڙهيا آهن، پوءِ به ٽرڙو نه آهي، باقي وغيره وغيره ضرور آهي. البت جيئن علمُ حاصل ڪري سگهندو آهي تيئن اهو ڏيئي نه سگهندو آهي.

        ”مراد جيمس جوائس جو Ulysses پڙهيو اٿيئي“؟ (اهو ناول دنيا جي ڏکين ناولن مان هڪ آهي.)

        ”يارَ غضب ڪري ڏيو اٿس، ڪيئن نه ٽي ڄڻا هڪ ئي شهر کي ڏسن ٿا. وڃُ! ماري ڇڏيو اٿس. ڪهي ڇڏيو اٿس نه صفا. اهي ماڻهو سائين وڏا ڄاڻو آهن.“ انهن ٻن ٽن جملن کان پوءِ رڳو پيو هٿ سمجهائي نه سگهندو آهي ۽ چاهڻ جي باوجود پنهنجي پڙهيل شيءِ ٻئي کي سمجهائي نه سگهندو آهي. جيڪڏهن استاد مقرر ڪجيس ته ڪُٻو ڪڇ جهڳو جهڻ ڪري ڇڏي. البت ايترو يقين ضرور ڏياريو ويندو ته بلاشڪ پڙهيو اٿس.

        ڪي ماڻهو (مراد جهڙا) پڙهي ڪري به پڙهيل مواد ٻڌائي نه سگهندا آهن ۽ ڪي ته وري نَڪ جي ڏاڍائي جي زور تي بنا پڙهڻ جي به ٻڌل ڪتاب تي اهڙو تبصرو ڪري ويندا جو وڃي ٿيا ست خير! خاص ڪري مون کي اهو دوست (نالو ان ڪري نٿو لکان جومٿي ڦاٽڻ جو انديشو آهي) ياد ٿو اچي جيڪو Quite flows the Don جي واکاڻ ڪري ڪري انڌو ٿيو وڃيو ڪري، پر سندس انهيءَ واکاڻ کان متاثر ٿي جڏهن ناول جي مرڪزي ڪردار گريو گريءَ جي باري ۾ پڇيو مانس ته ان جي اهڙي تشريح ڪيائين جو منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. مڙس مهاڳ پڙهڻ جي زور تي زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو ۽ چڱي خاصي وياريءَ تي رعب ڄمايو ويٺو هو.

        مراد واقعي پڙهيل آهي ان ڪري هو جو ٻئي تي پنهنجو رعب ڄمائي، بهتر آهي ته مٿس رعب ڄمائجي ۽ مون مٿس رعب ڄمائڻ جو طريقو ڳوليڪڍيو آهي، اهو هيءُ آهي ته ڪتابن کان ٻاهر نڪري ٻهراڙيءَ جي زندگيءَ متعلق ٻه ٽي ڪوڙا انڪشاف ڪن ۾ هڻي ڇڏيوس، توهان جي مشاهدي جي قوت تي بنا هٻڪ جي ايمان آڻي ڇڏيندو، باقي مطالعي جي وقت ڏيکارڻي اٿوَ ته پوءِ ٻيا دَر جانچيو. البت اها عادت اٿس ته توهان ڪنهن ڪتاب جي باري ۾ ڪيترا به ويهي ڪوڙ ٻڌايوس پر اوهان جي ڪوڙ کي ڪوڙ سمجهڻ جي بدران ها ۽ ها ضرور ملائيندو. Compromising nature جو آهي ۽ ککر ۽ کڙهو هڻڻ کان پاسو ڪندو آهي.

        مراد رڳو پڙهيل ڪتاب جي واکاڻ نه ڪندو آهي، پر هڪڙي مطالعي هيٺ آيل ماڻهو جي به واکاڻ ڪندو آهي. اهو ماڻهو آهي سندس زالَ- بلڪه سڄي دنيا جو زالون. اسان جي ڀاڄائيءَ ته کيس الائي ڪهڙيو سُتيون پياريون آهن، پر ٻين عورتن جي واکاڻ الائي ڇو ٿو ڪري؟ شايد پنهنجيءَ زال کي سڄي دنيا جي عورتن جو Symbol سمجهندو آهي. سڀني عورتن جي واکاڻ ڪرڻ به ايئن آهي، جيئن دنيا جي سڀني مردن، هٽلر ۽ ٿانور ڀٽيءَ (سنڌ جو مشهور روايتي بادشاهه جيڪو روز هڪڙو ماڻهو مارائي، ان جي رت سان ڏندڻ ڪندو هو.) سميت وکاڻ ڪجي.

        جڏهن اک پٽيل هوندس اٿس، تڏهن دنيا جي سڀني عورتن جي واکاڻ ڪندو آهي ۽ جڏهن موج ۾ اک بند ٿيل هوندي اٿس تڏهن صرف صرف ڀاڄائي جي تعريف ڪندو آهي.

”يارَ ٻڌين ٿو! منهنجي هيءَ زال نه هجي ته ڪر آئون رُلي وڃان. يار! سڄي گهر کي منهن ڏيڻ، ٻارن جو خيال ڪرڻ، رات جو ماني رکي دير دير تائين انتظار ڪرڻ، جي آئون سندس جاءِ تي هجان ته ڪڏهن ڪو نه ڪريان. بابا عورت وڏو سڪون آهي“.

        شڪر اهي جو سُٺيءَ زال سان واسطو پيو اٿس نه ته ڪر اڳڙي به نه پويس- سادو ماڻهو جو ٿيو.

        مراد دوستن جا ڪتاب ڦٻائي نه پڙهندو آهي ۽ مالي زور به ڪو نه اٿس ۽ ٻيو سيڪنڊ هئنڊ ڪتابنجي ٺيلهي واري جي ذات ٿي سُجهيس. جڏهن سوير ريڊيو جي ڊيوٽيءَ تي ٽنڊي آغا کان صدر تائين پنڌ ايندو آهي، تڏهن ته هو پنهنجي ليکي ورزش ڪندو آهي. شايد ان ڪري جسم هالي ووڊ جي هروز وانگر خوبصورت اٿس. يعني ته قد ڊگهو، ڇاتي ويڪري ۽ چيلهه ٽنبُ سنهي. پر ٽاڪ منجهند جو جڏهن ڊيوٽي ڏيئي وري به پنڌ موٽندو آهي ته پوءِ جيڪا ورزش ٿيندي هوندي، اهو ته پنڌ ڪرڻ کان پوءِ پتو پوندو. البت ڪتابن جو هڪ هڪ ٺيلهو ڏسند ويندو. پهرين ڪتاب چڪائيندو ۽ سودي بازي تي لهندو 8 رپين مان ڇڪي 80 پئسن تي اچي بيهندو. ڪتاب خريد ڪري پوءِ وازيلي شڪشن جي مشهور ڪهاڻي Country dwellers جي پوڙهيءَ وانگر آئي وئي کي جهلي پيو ٻڌائيندو ته، ”يار ڪتاب اهڙو ورتائم، سو به اسي پئسن ۾. وڃ! مليو ئي نٿي“. صبح جو ريڊيو تي به اها ڳالهه مُنهن ۾ هونديس. ٻيو ڪو ٻڌڻ لاءِ نه ملي ته علاؤالدين (سندس پٽيوالو) کي ئي ٻڌائبو، پر اهو Adventure  ٻڌائڻو ضرور آهي. ٻيا ڪتاب ته يقيناََ پڙهندو هوندو، پر گهر ۾ جيڪي ڊڪشنرين جا ڍير لائي ڇڏيا اٿس، انهن کي الائي ڇا ڪندو آهي؟ شايد ٻارن تي ڪاوڙيو هوندو ته انهن کي اُڇلائي هڻندو هوندو(سندس پٽ منظور کان پڇڻ گهرجي.)

        هت ماڻهن لاءِ ٻه رستا آهن يا يارن سان نڀاءِ، کاءُ پيءُ، گهم ڦرِ، گهٽين ۾ بڇڙو سان به سولو ٿي هل ۽ مسئلي  مٿان مسئلو حل ڪندو وڃ ۽ گڏهه وانگر بارُ کڻي زندگي گذار. هڪڙو رستو وٺبو ته ٻيو ڪنهن به صورت ۾ هٿ نه ايندو. مراد کي الائي ڪيئن ٻئي رستا هٿ اچي ويا آهن.

        مراد ريڊيو جي ڪمَ کي پنهنجو ذاتي ڪمُ سمجهي ڪندو آهي. مجال آهي جو رٿيل پروگرام هيڏانهن يا هوڏانهن ٿئي. جيتوڻيڪ اهو ڪمُ ڪاٺين (آرٽسٽ، مقرر ۽ اديب) مان کير ڪڍڻو هوندو آهي. هي پر امن ماڻهو تڏهن ڏسڻ وٽان هوندو آهي، جڏهن ريڊيو جو مقرر (Talker) ٽائيم ڏيئي نه پهچندو آهي. اهڙي موقعي تي مراد پٽيوالن کي ڇنڊون ڪڍندو آهي، ساٿي آفيسر ڏانهن اکيون ڳاڙهيون ڪري نهاريندو آهي، دوستن سان منهن ڦٽائي ڳالهائيندو آهي ۽ گهر ۾ وڃي ڊڪشنرين جو خيرُ گهرندو آهي، ٻئي ڀيري ڪوشش اها هونديس ته تقرير جو پروگرام انهيءَ ماڻهو کي نه ڏئي.

اديب به آهي، ان ڪريه ئڻ ته اهو کپي ها ته ٻارن کي گهرجي کڏ ۾ اڇلائي، پاڻ گهٽ ۾ گهٽ ڪيپسٽن ۽ وڌ ۾ وڌ گولڊ ليف جو پاڪيٽ هٿ ۾ کڻي، گهٽيون ڪڇي، سيٽيون وڄائي نهس گهي ته واٽهڙو عورتن ڏانهن گهوري گهوري نهاري، يارن سان ڪنهن هوٽل ۾ ويهي مُنهن مٿو چانهه جي ڪوپ ۾ ٻوڙي ويهي رهي- مهينا نه ته به گهٽ ۾ گهٽ هفتا ڪنهن دوست وٽ ’مان نہ مان میں تیرا مہمان‘ ٿيو ويٺو هجي، دنيا جي سڀني ايڪٽرن، مصورن، ليکڪن ۽ وڏن ماڻهن تي هڪڙي گار ويٺو چاڙهي ٻي ويٺو لاهي. پر مراد گهر جي ڀاڄيءَ ڀُتيءَ ۽ ٻارن جي تعليم کان وٺي زال جي موڊ تائين خيال رکندو آهي.

سرڪاري ۽ غير سرڪاري ڊيوٽيون ڏيڻ جي باوجود يارن سان ساٿ نڀائيندو آهي، گهٽيون ڪڇيندو آهي، چانهه جي ڪوپ ۾ منهن مٿو ٻوڙڻ جي بدران آڱريون ٻوڙيندو آهي، آغا احد جان کان علم نجوم تي ليڪچر ٻڌندو آهي، هڪ ٻئي پويان سئنيما جا ٻه شو ڏسندو آهي. ع.ق شيخ جي سلامي ڀريندو آهي، رات جي ٻارهين وڳي کان پوءِ گهر وڃي پهچندو آهي. پر اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ کان اڳ ۾ ٺيڪ اڍائي وڳي فون ڪري پنهنجو ڇپيل پروگرام گهر ٻڌائي ڇڏيندو آهي. ڪنهن دوست وٽ فون هٿ اچي ويس ته گهٽ  ۾ گهٽ هڪڙو ڀيرو فون هٿ ۾ کڻندو (ڇو ته مراد علي مرزا خان محمد پنهور نه آهي) ۽ اها رنگ سڌي سندس گهر تي ويندي.

مراد پاڻَ ته صفا ڪوڙ نه هڻندو آهي پر ٻين جا ڪوڙ مزي سان نه رڳو ٻڌندو آهي پر سورهن آنا انهن تي اعتبار به ڪندو آهي. نه رڳو اهو پر ستارن جي علم تي ۽ دنيا جا جاسوسي ادارن جي عجيب و غريب طاقت تي ۽ 007 تي پورو اعتبار اٿس. اهو اعتبار ڇو ڪندو آهي؟ انهيءَ ڳالهه جو تاريخي سبب Captain East wick کان وٺجي  ته بهتر.

Captain East wick پنهنجي ڪتاب ۾ Dry leaves from young Egypt ۾ سنڌ جي ماڻهن لاءِ لکي ٿو ته، انهن کي عجيب و غريب ڳالهين ٻڌڻ جو شوق آهي. مثلاََ ان وقت (1839ع) سڄيءَ سنڌ ۾ هيءَ ڳالهه مشهور ۽ مقبول هئي:

ڪنهن همراهه کي ڪنهن درويش چيو ته ’سڀاڻي تون مري ويندي‘. همراهه جو ڏٺو ته مارجان هونئن ٿو، انهيءَ ڪري گز ڪمان کڻي گهمڻ لڳو ته ٻن ٽن کي ماري پوءِ مري، سو گهمندو گهمندو هڪڙي کجيءَ جي وڻ هيٺان اچي بيٺو ته مٿان رڙيون ٻڌائين، کڻي جو مٿي نهاري ته ڏسي ته همراهه کجيءَ تي چڙهيل آهي، هڪڙو شاهي نانگ کيس وڪوڙي هاڻ منهن ۾ ڏنگ هڻڻ وارو آهي. سو گز ڪمان ڪشي ٺڪاءُ جو نانگ کي ڪرايائين ته اهو گزُ الائي ڪيئن ماڻهن کي لڳڻ جي بدران نانگ جي ڪنڌ ۾ وڃي لڳو ۽ نانگ جو مٿو ڇڻي اچي گز ڪمان واري مٿان ڪريو ۽ نانگ جي سسي گز ڪمان واري کي ڏنگ هڻي ڪڍيو ۽ همراهه اتي جو اتي گذاري ويو.

انهيءَ وقت به ٻڌڻ وارن جي صف مراد علي مرزائن سان ڀري پيئي هئي. ۽ ٻڌائڻ وارن جي کوٽ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

”ڪن جي ڳالهين ميرَ ماريا“. اهو پهاڪو ٻڌڻ جي باوجود مراد ڪن ۾ ڳالهه ٻڌڻ توڙي ٻڌائڻ جو خاص شوقين آهي. ڪهڙي به ڳالهه ڪرڻ هوندي اٿس ته هيڏانهن هوڏانهن نهاري، بلڪه جيڪڏهن ڪنهن ست ماڙ جي ڇهين فلور تي ويٺل هوندو ته  به اها جانچ وٺندو ته هيٺان روڊ تي ڪو بيهي ٻڌي ته نٿو. هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ کان پوءِ پنهنجي مخصوص ڍنگ ۾ آڱر سان اشاري ڪرڻ جي بدران اکين سان اشارو ڪندو ۽ پوءِ جڏهن ٻڌڻ وارو ويجهو ايندو تڏهن ڳالهه به ڪندو ويندو ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهاريندو ويندو. ڳالهه وري ڇا هوندي! ڪنهن ڪتاب جي تعريف، ڪنهن فلم جي تعريف يا ڪا آغا احد جان جي پيشنگوئي يا ڪو Bertrand Russell جو شاديءَ جي اخلاقيات بابت ويچار. انهيءَ عادت جي ڪري جنهن کي شڪ نه پوي تنهن کي به شڪ ۾ وجهي ڇڏيندو آهي. ڪن جي ڳالهه متعلق هڪ ماستر دوست جي ڳالهه ياد آئي اٿم. انهيءَ ماستر جي به مراد وانگر ڪن ۾ ڳالهه ڪرڻ جي عادت هوندي هئي. جڏهن به ڪو دوست وٽس ايندو هو يا ڪٿان چانهه کنڊ جي ضرورت پوندي هئس ته ڪلاس مان ڇوڪرو ڪڍي ٻاهر وڃي ڪن ۾ ڦوڪ ڏيندو هئس ته ڪلاس مان ڇوڪري ڪڍي ٻاهر وڃي ڪن ۾ ڦوڪ ڏيندو هوس ته ، ”چانهه يا ماني کڻي اچ“ . اها صورتحال ڳوٺاڻن جو ڏٺي ته پڪ ٿين ته ماستر صاحبمرئي ڳوٺ ۾ اک اڙائڻ جو شوقين آهي. نيٺ بالا عملدار کي درخواستون ڪري اهو ماستر بدلي ڪرايائون.

مراد چئن سنگتين سان جڏهن گڏ هوندو آهي ۽ ڪيڏانهن وڃڻ ۽ ڪيڏانهن نه وڃڻ جو پروگرام ٺهندو آهي، تڏهن سنگت جي چوڻ تي هلندو آهي، پوءِ صسنگت ڀلي وڃي ڊهڙ ۾ اڇلائينس يعني ته مراد هر معاملي ۾ دوستن جي مرضي رکندو آهي پر ريڊيو جي پروگرام ۾ ٻين کي سندس مرضيءَ تي هلڻو پوندو نه ته تعلقات خراب ٿيڻ جا انديشا پيدا ٿي پوندا.

مراد چئن سنگتين جي صلاح مڃڻ جي باوجود هڪ اڌ اهڙو دوست به رکندو آهي، جنهن تي چاهيندو آهي ته مڪمل  قبضو هجيس يعني ته جيڪڏهن عبدالقادر ريڊيو تي وڃي ۽ ڪنهن ٻئي دوست سان ملڻ جي خواهش ڏيکاري ۽ ساڻس اها ڳالهه ڪري ويهي ته يڪدم چوندو، ”بابا ڇڏ، پوءِ ملجانئس، هينئر ته ويهه“ مطلب ته ڪنهن نه ڪنهن نموني سان اڙيون پيو هڻندو ته اهو همراهه وٽانئس نه اٿي بلڪه سٺو آهي ته ٻين سان ڳالهائي ئي نه، صرف ساڻس ڳالهائي. ان ڳالهه تي مون کي پنهنجو هڪ مائٽ ياد ٿو اچي. اهو مسڪين ٽي وي ڏسندي شل نه ڪنهن خوبصورت ائڪٽريس جي تعريف ڪري ويهي. جوڻس پهرين ته ڪڪڙ جي آني جيڏا لڙڪ ڳاڙيندي ۽ پوءِ جي وجهه مليس ته زهر کائيندي به نه مُڙي. ڪٿي مراد ته ايئن نه آهي.

مراد وڏن اديبن جي نه رڳو عزت ڪندو آهي پر کانئن ڊڄندو به آهي. ڪنهن وڏي اديب ڏانهن وڃڻو هوندس ته ڪوشش اها ڪندو ته فرش تي جتيءَ جو به ٺڪاءُ نه ٿئي. متان اديب کي اها ڳالهه ناگوار گذري، وڏي اديب مان منهنجي مراد وڏو عهديدار نه آهي بلڪ جيڪو واقعي ئي وڏو ادب لکندو هجي. پوءِ ٽانگو ڇو نه هلائيندو هجي پر ان سان فرق نه پوندو.

هي همراهه شرميلو راجا به آهي، بلڪل ڪنوارين ڇوڪرين وانگر شرمائيندو آهي. پر خبر اٿوَ ته ڪنهن کان شرمائيندو آهي؟ هڪڙو ممتاز مرزا کان جيڪو سالو ڀيڻيو اٿس، ٻيو منظور کان جيڪو پٽ اٿس، ٽيون انهن ڇوڪرين يا عورتن کان جيڪي آفيس ۾ پرگرام جي سلسلي ۾ ساڻس ملڻ اچن. انهن ڌرين جي ويٺي ڪا فرينڪ قسم جي ڳالهه چئبيس ته مرڪي ٽارڻ جي ڪوشش ڪندو، پوءِ به جند نه ڇٽيس ته پاسا ورائيندو ۽ نيٺ چوندو ته، ”قادر اُٿي نه! ڪينٽين مان چانهه پي اچون“ جيتوڻيڪ اها چانهه ڪمري ۾ به پهچي سگهي ٿي.

مراد پنهنجي ڪاوڙ به ڏيکاريندو آهي، پر سندس ڪاوڙ ڏيکارڻ يعني ته زباني طور تي وڙهڻ جو اهڙو نمونو آهي  جو جنهن سان وڙهي رهيو هوندو ته اهو اهو ئي سمجهندو  ته شايد همراهه مذاق ڪري رهيو آهي. ان ڪري سندس گوڙ کي لفٽ گهٽ ملندي آهي. منهنجو خيال آهي ته رعب ڏيکارڻ لاءِ نواز ڀٽي کان ٽريننگ وٺي، جيڪو مذاق ڪندي به ايترو ته سيريس ٿي ويندو آهي جو ماڻهو سمجهندو ته سرُ ويو. نه رڳو سامهينءَ ڌرُ تي ڏهڪاءُ وجهي ڇڏيندو پر ٻين تي بي بي گناهه پنهنجو رعب وجهي ويندو. سو ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جن جو مذاق به رعب هوندو آهي ۽ ڪي اهڙا (مراد) جن جو رعب به مذاق بڻجي ويندو آهي.

ڪنهن رسالي لاءِ لکڻ جي سلسلي ۾ سندس هڪ خاص پاليسي آهي. اها هيءَ ته شئي لکي انهي کي ڏبي جيڪو معاوضو ڏي. بنا معاوضي جي ڪنهن کي خط به نه لکبو، آخر لکڻ ۾ به محنت صرف ٿئي ٿي، پورهيو ته ملڻ کپي. سو اها پاليسي مون کي به سيکاريائين، جيتوڻيڪ منهنجو ويچار هو ته جهڙا حال اديب جا آهن اهڙا پبلشر جا. سو مون به اهو سندرو ٻڌو. جيڪو  چويم ته ”ڪهاڻي ڏي“ ته انهيءَ کي جواب ڏيان ته”ڏوڪڙ گهڻا ڏيندين“؟. ٻه ٽي ڀيرا ايئن ڪيم، پر نيٺ ڏٺم ته هاڻ موچڙا کائيندس پبلشرن جي هٿان امن عامه کي خيال ۾ رکي هاڻ اها گهر ڪرڻ جي عادت ترڪ ڪري ڇڏي اٿم، پر مراد پنهنجي ارادي تي اڏول بيٺو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪا به نئين ڪهاڻي نه ڇپجي سگهي آهي ، ڏسون ته اهو روزو ڪڏهن ٿو کولي

سو مراد لکندو ته ڪهاڻيون ۽ ڊراما آهي پر شوق ريسرچ ڪرڻ جو اٿس. نوڪري ريڊيو ۾ ڪندو آهي پر شوق پروفيسر ٿيڻ جو اٿس. رهي ٽنڊي آغا ۾، پر انگلينڊ وڃن جو شوق اٿس. سولو ڳالهائي ته ممتاز ۽ منظور سان نه سگهندو آهي پر شوق فرينڪ ٿيڻ جو اٿس.

”يار جي نه مون کي موقعو ملي ته اهڙا ڪم ڪريان، اهڙا ڪم ڪريان جو...“ ۽ ’موقعو‘ کيس ٻيو ڳولي، ڇو ته مراد ’موقعي‘ کان لڪي ويو آهي.

 

ڍنڍ جي گهرائيءَ جهڙو ماڻهو...

مهتاب اڪبر راشدي

        پنهنجي زندگيءَ جي گذري ويل ماه و سال کي پوئتي مُڙي جڏهن به ڏٺو اٿم ته، حيدرآباد ۾ گذاريل وقت، مون کي پنهنجي زندگيءَ جو حاصل محسوس ٿيندو آهي. هتان ئي پنهنجي تعليم، شروع ۽ مڪمل ڪيم. زندگيءَ جي هيٺاهين ۽ مٿاهين کان روشناس ٿيس. ڏکن ۽ سُکن جو ادراڪ ٿيو. هٿ پڪڙي، حياتيءَ جي شاهراه تي روان دوان ڪرڻ وارا اُستاد نصيب ٿيا. هن ئي شهر ۾ رهي ”شهرت“ جهڙي مَٿو خراب ڪندڙ شيءَ سان شناسائي ٿي، ۽ ان جي ابتدا، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان ٿي، جتي هڪڙي پاسي منهنجي اسڪول ۽ ڪاليج جون غير نصابي ڪاميابيون، منهنجي هم ڪلاسين ۽ اسڪول ۽ ڪاليج جي حلقن تائين محدود هيون، اُتي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ وري منهنجي صداڪاريءَ، هوائن جي دوش تي اڏامي، شهرت جا دروازا مون تي کولي ڇڏيا هئا.

        اِهو وقت جڏهن اڃان ٽيليويزن اسان جي گهرن ۾ داخل نه ٿيو هو، تڏهن ريڊيو ئي سڀني جي زندگين ۾ اهڙيون تصوراتي تصويرون ٺاهيندو هو. جو هر آواز جي، هر ماڻهوءَ وٽ، پنهنجي خيال مطابق تخليق ڪيل شڪل و صورت ۽ شخصيت ٺهندي هئي. ۽ ايئن ريڊيو جي ڊرامن ۽ ٻين پروگرامن ۾ حصو وٺندڙ صداڪار، سامعين جي روزمره زندگيءَ ۾ گفتگو جو موضوع بڻبا رهبا هئا. گڏوگڏ نشر ٿيندڙ پروگرامن تي تبصرا به پيا ٿيندا هئا ۽ ريڊيو جي دنيا سان وابسته شخصيتون، سماجي حلقن ۾ اهڙي سرگرمي سبب نمايان حيثيت به ماڻينديون رهنديون هيون.

        پنهنجي زندگيءَ جي ان دؤر ۾ مون کي انتهائي باصلاحيت ماڻهن سان ملڻ جو موقعو مليو، جن جي علمي ادبي ۽ تخليقي صلاحيتن مان مون گهڻو ڪجهه سکيو. ۽ پڻ پنهنجي دؤر جي مشهور و معروف صداڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليم، جن ۾ ايم.بي انصاري، مصطفيٰ قريشي، سيد صالح محمد شاهه، عبدالڪريم بلوچ، مشتاق مغل، نسيم مغل، سيما، نزهت، نگهت، سڪينه چنه، روبينه، زرينه بلوچ، حمايت علي شاعر ۽ عبدالماجد وغيره جهڙا نالا هن وقت ذهن ۾ اچي ويا اٿم. هوڏانهن اسڪريٽ رائيٽرز ۽ ڊرامه نويسن جي بيشمار تخليق ڪيل ڪردارن کي پڻ پنهنجي آواز ذريعي صورت ڏيڻ جو موقعو مليم. جن ۾ سيد منظور نقوي، مظفر حسين جوش، زيب عاقلي، ممتاز مرزا، حمايت علي شاعر، آغا سليم، امر جليل، رسول بخش پليجو، سيد ناياب حسين، امداد حسيني ۽ عنايت بلوچ جهڙن ليکڪن جا نالا، اڄ به ذهن ۾ محفوظ اٿم.

        ريڊيائي ٻوليءَ ۾ تخليق جي سڀني پهلوئن کي منتخب ڪري، ڪنهن ڊرامي يا فيچر يا گيتن ڀري ڪهاڻي جو روپ ڏئي. هوا جي دوش تي موڪلڻ واري هستيءَ کي ”پروڊيوسر“ چيو ويندو آهي. جيڪو سدا کان نه رڳو، سُٺي تحرير جو ڳولا ۾ رهندو آهي بلڪه، ڪردارن جي ضرورت مطابق مناسب آواز ڳولهڻ به، اُن جي ئي ذميواري هوندي آهي. اِها هڪ نهايت سنجيده مشق هوندي آهي. جنهن ۾ ڪردار مطابق آوازن جي تلاش جو سڄو انحصار اُنهن ”بااثر“ پروڊيوسرن تي ئي هوندو آهي. ان ميدان ۾ به ان زماني ۾ ڪهڙن ڪهڙن نه موتي داڻن مثل ماڻهن سان واسطو پيم. براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا جو بي تاج بادشاهه ايم.بي انصاري، نظام الدين شيخ، غلام حسين شيخ، نثار ميمڻ، زاهد قلباڻي، عنايت بلوچ، محمود صديقي ۽ مراد علي مرزا وغيره ريڊيو دنيا جا اُهي نالا آهن، جيڪي ياداشت جي ورقن تي اڄ به ثبت ٿيل اٿم.

        ياد اٿم: پروگرام پروڊيوس ڪرڻ جو، هر پروڊيوسر جو پنهنجو طريقه ڪار هوندو هو، اِهو به ضروري ڪونه هو ته هُو ڪو هرو ڀرو، ڊراما ئي پروڊيوس ڪري. جو کيس کي مختلف وقتن ۾ مختلف پروگرام پڻ پيش ڪرڻا هوندا هئا. جن ۾ ٻارڙن لاءِ پروگرام، عورتن جو پروگرام، صحت، حالات حاضره، زراعت، گيتن ڀريون ڪهاڻيون، فيچرز، نوجوانن جا پروگرام، ادب، موسيقي، سياست، ۽ مذهبي پروگرام وغيره وغيره... ڀانيان ٿي دنيا جو شايد ئي ڪو اهڙو موضوع هوندو، جيڪو ريڊيو تان، سامعين جي گوش گذار نه ٿيندو هوندو.

        ته... بس هتي اهو سڀ ڪجهه لکڻ جو مقصد هي ته اهي باصلاحيت شخصيتون، مختلف وقتن ۾ مختلف پروگرامن سان لاڳاپيل رهنديون هيون، ڪڏهن اُهي مذهبي پروگرام ڪندا هئا ته ڪڏهن زراعت، ڪڏهن ڳوٺاڻن جي ڪچهري ته ڪڏهن ’سگهڙين سٿ‘، ڪڏهن ’جهڙا گل گلاب جا‘ ته ڪڏهن گيتن ڀريون ڪهاڻيون، ڪڏهن صبح جو نشر ٿيندڙ پروگرام، ”سورج شاخون ڪڍيون“ ته ڪڏهن وري، سامعين جو پسنديده... ”نوين بجي رات نشر ٿيندڙ؛ ”ڊرامو“.

        ۽ اهڙي ڊرامائي راند ۾ ئي، مراد علي مرزا سان منهنجو تعارف ٿيو. خبر پيم ته ريڊيو ڊرامي جي پروڊڪشن هڪ ٻيو ئي هُنر آهي. تڏهن ان زماني ۾ ڊرامي جي آرٽسٽن کي ڊرامي جي پروڊڪشن جي جنهن انداز سان گهڻي آشنائي هئي، اُهو گهڻي ڀاڱي ايم.بي انصاري، ”اسٽائيل“ ئي رائج هوندو هو. جنهن ۾ ڊرامي جو پروڊيوسر ريهرسل ڪرائڻ مهل هر ڪردار جي ادائيگي پاڻ ڪري ڏيکاريندو هو. مطلب ته آواز جي ”پِچ“ ڪيتري هجي، جذبات ۽ احساسات ڪهڙا هجن، ڪهڙي لفظ تي زور ڏجي، ڪٿي ترسبو، ڪٿي ٿڌو ساهه ڀربو، ڪٿي روئبو (۽ ڪيئن روئبو)، ڪٿي کلبو ۽ ڪيترو کلبو... مطلب ته هر ڪيفيت کي پروڊيوسر صاحب پاڻ ئي ڪري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو هو. اِها روايت پروڊيوسرن وٽ، ايم.بي انصاري صاحب وٽان ئي آيل هئي، جيڪو پاڻ بذاتِ خود هڪ بي مثال فنڪار هو... ۽ صداڪاريءَ لاءِ جنهن جو آواز پڻ منفرد ۽ موزون هوندو هو.

        انهيءَ پس منظر ۾ مراد علي مرزا صاحب جڏهن ڊرامي جو پروڊيوسر ٿي آيو ته، ڊرامي جي پروڊڪشن جا ڪيترائي نوان رُخ سامهون آيا. صداڪارن لاءِ، سوچ جا ڪيترا نوان رستا کُلي ويا. هُن لاءِ هاڻي اِها ڪا پابندي نه هئي ته هو بلڪل، ائين ئي پرفارم ڪري، جيئن هن کي پروڊيوسر ڪري ٿو ڏيکاري. بلڪه هن لاءِ اِهو هڪ وڏو چئلينج هو ته ڪاغذ تي تخليق ڪيل ڪردار کي مصنف جي سوچ کي آڏو رکندي، ۽ پنهنجي تصور کي استعمال ڪندي کيس پاڻ ئي ان جو روپ نروار ڪري ڏيکارڻو پوندو هو..

        مراد علي مرزا، نه ڪڏهن ڪنهن به ڪردار جي ادائيگي پاڻ ڪري ڏيکاري ۽ نه ئي وري ٻئي ڪنهن آرٽسٽ کي چيائين ته ڪنهن کي سيکاري. هُن هميشه، صداڪارن کي، ڊرامي جي بنيادي خيال ۽ صداڪارن کي سندن ڪردار جي جزئيات ۽ نزاڪتن کان واقف ڪيو. ڪهڙي ڪردار جي شخصيت ڪهڙي آهي ؟ نرم خو، سخت گير، شاطر، ظالم، ڀورڙو، چالاڪ، مظلوم، ظالم، زور سان ڳالهائڻ وارو، سمجهُو، بُردبار، هلڪڙو... ۽ ايئن بيشمار ڪيفيتون، ڪنهن به ڪردار ۾ ڪهڙيون گهربل ٿين ٿيون. ۽ اِهو سڀ مرزا صاحب صرف پنهنجي ابتدائي گفتگو ۾ ئي صداڪارن تي واضع ڪري ڇڏيندو هو. پوءِ امتحان هوندو هو، اُن آرٽسٽن جو، جيڪو اسڪرپٽ ۾ تخليق ڪيل ڪردار کي پنهنجي آواز سان شخصيت جو روپ ڏيئي، جيئرو ڪري ڏيکاري. مرزا صاحب جي اِن طريقه ڪار، دراصل ڊرامه پروڊڪشن کي هڪ ٻي پهلوءَ سان آشنا ڪيو ۽ ايئن نئين روايت جو بنياد وڌو. هاڻي هر فنڪار لاءِ پنهنجي سوچ ۽ تصور جا دروازا کليل هئا ته هو پنهنجي تصور ۽ سوچ سان ڪهڙو ڪردار ڪيئن ٿو تخليق ڪري ڏيکاري ۽ داد وٺي

        مراد علي مرزا صاحب جي دؤر ۾ ڪيترائي شاهڪار ڊرامه پيش ٿيا، جيڪي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڊرامن جي تاريخ ۾ اڄ به يادگار تصور ٿين ٿا. جن مان اڪثر ۾ مون کي به صداڪاريءَ جو موقعو مليو، ۽ جن مان هڪڙو ڊرامو ”آخري رات“... هيو، جيڪو ممتاز مرزا لکيو ۽ مراد علي مرزا پروڊيوس ڪيو هو. هي ڊرامو موئن جي دڙي جي پس منظر ۾ لکيو ويو هو، جنهن ۾ موئن جي دڙي مان هٿ ڪيل شين ۽ تصويرن جي آڌار تي ڪردار ۽ ڪهاڻي تشڪيل ڏني ويئي هئي. ان ڊرامي ۾ مان موئن جي دڙي منجهان مليل رقاصه جي مليل مُورتيءَ کي ڏسي تشڪيل ڪيل رقاصه جو ڪردار ادا ڪيو هو.

        ۽ ڇا ته، يادگار ڊرامو هو! خبر ناهي هن وقت اُن ڊرامي جي ڪا رڪارڊنگ موجود به آهي يا نه ؟ (سمجهان ٿي ته ڪونه هوندي، ڇو ته پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت کي محفوظ ڪرڻ ۾ اسان انتهائي غير ذمه دار رهيا آهيون.) پر اُهو ڊرامو، ڪتابي شڪل ۾ ته اچي چڪو آهي. مون کي ياد آهي ته پنهنجي دؤر جي هر وڏي ۽ نمايان آواز، اِنَ ڊرامي ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو هو.

        نه صرف اِهو هڪ ڊرامو، بلڪه علي بابا، آغا سليم، زيب عاقلي ۽ ٻين نمايان ڊرامه نگارن جا بهترين ڊرامه پڻ مراد علي مرزا جي پيش ڪش سان نمايان رهيا ۽ مون کي پڻ موقعو مليو ته انهن ۾ صداڪاري ڪري سگهان.

        ان کان علاوه، مراد علي مرزا صاحب، ’سگهڙين سٿ‘ پروگرام جا به پروڊيوسر رهيا. اِهو پروگرام سالن جا سال هلندو رهيو ۽ مان تسلسل سان اُن جي ميزبان رهي، سنڌ جي عورت سان مخاطب ٿيندي رهيس. ان پروگرام کي به مرزا صاحب پنهنجي تجربي سان هڪ بامقصد پروگرام بڻايو. جنهن ۾، عورتن سان لاڳاپيل معاملن ۽ مسئلن تي گفتگو ٿيندي هئي، جن ۾ تعليم جي اهميت، صحت جا مسئلا، ٻارن جي پالنا ۽ شخصيت جي تشڪيل کي اُجاگر ڪبو هو. ان پروگرام ۾ اهڙن موضوع تي گفتگو ڪرڻ لاءِ انتهائي نامور شخصيتون... وڏا نالا، شريڪ ٿي. پروگرام کي معتبر بڻائيندا هئا. ان سلسلي ۾ بحيثيت پروڊيوسر، انتهائي ذمه داريءَ سان مختلف موضوعن کي شامل ڪري مراد صاحب ان پروگرام کي انتهائي بامقصد ۽ دلچسپ پروگرام بڻائي ڇڏيندو هو.

        پاڻ سان گڏ ڪم ڪرڻ وارن... ريڊيو سان تعلق رکندڙ عملي يا اسٽاف سان سندن رَويو انتهائي دوستاڻو ۽ مشفقانه رهيو. سندن پروگرامن ۾ حصو وٺندڙ، مصنفن کان وٺي، ميزبانن يا صداڪارن تائين هر هڪ شخص هُن وٽان هميشه عزت ۽ تعريف ئي وٺي نڪتو هوندو.

        مرزا صاحب، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي هڪ انتهائي روشن خيال ۽ شاندار دؤر جا امين هئا. ۽ اُن دؤر جو حصو رهيا، جنهن تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اڄ به فخرمند آهي. مون ذاتي طور تي، مراد علي مرزا کان گهڻو ڪجهه سکيو... بردباري... قلم ۽ لفظ جي عزت ۽ حُرمت جي پاسداري... تحمل، عزت ڪرڻ ۽ عزت ڪرائڻ ۽ تعريف ڪرڻ ۾ بلڪل بُخل نه ڪرڻ.

        ريڊيو سان منهنجي وابستگي، ڪراچي وڃڻ کان پوءِ ته جهڙو ڪر ڪافي حد تائين ختم ئي ٿي وئي. پر منهنجي يادگيرين ۾ اُن دؤر جا جيڪي روشن ڏيئا اڄ به روشن آهن، تن مان هڪ جهلمل ڪندڙ ڏيئو مراد علي مرزا صاحب جو نالو به آهي، جيڪو هڪ منفرد شخصيت ۽ انتهائي شريف النفس انسان جي حيثيت سان، منهنجي يادگيرين ۾ سدائين سدائين روشن رهندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org