سيڪشن: ادب

ڪتاب: مراد صاحب (اينٿالاجي)

باب:

صفحو:14 

(موسيقي)

(دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿئي ٿي)

رضيه: [پريان] ڪير آهي ؟ ڪير آهي؟ [دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿيندي رهي ٿي] اڙي ڪير آهي؟ [دروازو کوليندي] هاءِ الا! منير تون؟

منير: ڇو رضيه ! تو کي تعجب ٿيو آهي.

رضيه: نه نه منير! اها ڳالهه نه آهي. [کلي ٿي] تو کي ڏسي البت کل ضرور اچي ٿي. اچ اچ، اندر ته اچ- تون ته عيد جو چنڊ ٿي پيو آهين صاحب! (کلي ٿي).

منير: [ٿڌو ساهه کڻندي] ها، رضيه ! اوهان اسان تان ڀلا ڪيئن نه کلندؤ!

رضيه: اڙي اڙي اها ڳالهه نه آهي، نه. [لفظن تي زور ڏئي] منهنجي چوڻ جو مطلب جناب هيءُ هو ته اوهان کي ڏسي مون کي خوشي ٿئي ٿي. [کلي ٿي] خوشي ٿئي ٿي تڏهن ته کلان ٿي [کلي ٿي].

منير: [اُداسيءَ وچان] جيڪر اسان جي ڪري ڪنهن کي خوشي ٿئي؟

رضيه: ٻين کي خوشي ٿئي يا نه، پر مون کي ته ضرور خوشي ٿئي ٿي. خير تون هيڏانهن صوفي تي ٿي ويهه. آءٌ تنهنجي لاءِ ڪجهه خاطرداريءَ جو انتظام ڪريان.

منير: نه نه رضيه ! انهيءَ تڪليف جي ڪابه ضرورت نه آهي. ٻڌ، چاچي ڪٿي آهي؟

رضيه: امان؟ امان ته هت ئي آهي. ٻئي ڪمري ۾ ويٺي آهي. پر ڇو، اڄ امان جو پيو پڇين؟

منير: رضيه ! اڄ آءٌ پاڻ چاچيءَ سان  ڳالهائڻ گهران ٿو. آءٌ پاڻ ٿو هن کي چوان ته مون کي توسان...

رضيه: [ڳالهه ڪاٽنيدي] چُپ! آيو آهي ويچارو منهنجي لاءِ [کلندي] پر ان هوندي به جيڪڏهن آءٌ نه مڃان ته تون ڇا ڪندين؟

منير: رضيه! سچ پچ آءٌ بلڪل سنجيدگيءَ سان چوان ٿو. ۽ جيڪڏهن تون نه مڃيندينءَ ته آءٌ تو کي پنهنجي مقدس محبت جو واسطو ڏيندس. آءٌ تو کان پنهنجيءَ محبت جي بيک گهرندس. انهيءَ کان پوءِ به تون انڪار ڪندينءَ؟

رضيه: [ٿورو تعجب وچان] منير! اڄ تون ڪهڙيون پيو ڳالهيون ڪرين؟

منير: ها رضيه! اڄ آءٌ اهي  ئي ڳالهيون ڪندس. اڄ منهنجي ۽ تنهنجي مقدر جي فيصلي جو ڏينهن آهي. اڄ ڪنهن به حالت ۾ اهو فيصلو ٿي وڃڻ گهرجي. آءٌ هاڻي گهڻو وقت انتظار نه ڪندس.

رضيه: انتظار! [کلندي] انتظار جي بيقراري ۽ بيچينيءَ ۾ ته هڪ عجيب پرڀائيندڙ خوشي هوندي آهي. ڇا تو کي اها خوشي محسوس نٿي ٿئي، منير!

منير: رضيه! اهي ڳالهيون ڪري مون کي وڌيڪ ڇو ٿي بيقرار ڪرين؟

رضيه [کلندي] انهيءَ لاءِ ته تو کي اُها مسرت ۽اها خشي ملي سگهي، جنهن کان تون اڃا تائين اڻواقف آهين. ڪيئن ٺيڪ چوان ٿي نه [کلي ٿي].

منير: رضيه، رضيه! تون مون کي بيزار نه ڪر. مون چيو نه، ته آءٌ اڄ ڪنهن به حالت ۾ اهو فيصلو  ڪري پوءِ هتان ويندس. خير تون ائين ڪونه مڃيندين. آءٌ پاڻ ٿو چاچيءَ کي سڏيان. [وڏي واڪي] چاچي- چاچي!

چاچي: [ٻئي ڪمري مان] اچان ٿي. [پريان ايندي] ڪير آهي؟ اڙي منير ! پٽ، ڀلي ڪري آئين.

منير: چاچي! اوهان جي مهرباني آهي. چاچي... چاچي...

چاچي: ها پٽ چؤ- ڇا ٿو چوين؟

منير: [شرمائيندي] چاچي! منهنجو مطلب آهي ته... منهنجو مطلب دراصل هي آهي ته...

چاچي: ها، ها، چؤ پٽ! آءٌ ٻڌان پيئي. اڙي پٽ شرمائين ڇو پيو؟

منير: چاچي! دراصل ڳالهه ئي اهڙي آهي نه- منهنجو مطلب آهي ته هاڻي اوهان مون کي... مون کي... شاديءَ جي اجازت ڏيو.

چاچي: [کلندي] شاديءَ جي اجازت ! ايتري تڪڙ نه ڪر پٽ! [رضيه کي چوي ٿي] رضيه! ڌيءَ!

رضيه: جي امان؟

چاچي: رضيه ڌيءَ، تون ته منير کي چانهه به نٿي پياربن. وڃ ڌيءَ وڃي چانهه جو جلد انتظام ڪر.

رضيه: [ويندي] ها، امان.

چاچي: [منير کي] هائو، سو مون ٿي ڳالهه ڪئي پٽ! ته ايتري تڪڙ نه ڪر! انهيءَ کان سواءِ پٽ، شاديون ائين ته نه ٿينديون آهن. زماني سان به هلڻو آهي- رسمن رواجن کي به ڏسڻو آهي. تنهن ڪري ٿورو اطمينان ڪر- خدا ڪندو ته چڱي ٿيندي.

منير: چاچي، اها ته توهان جي مهرباني آهي- پر منهنجو مطلب آهي ته...

چاچي: [ڪاٽيندي] پٽ! ڀلا تو کي جيڪڏهن ايتري تڪڙ آهي ته پوءِ تو کي گهرجي ها ته تون پنهنجيءَ ماءُ ۽ چاچي کي به پاڻ سان وٺي اچين ها- اسين وڏا پاڻ ۾ ويهي ڳالهيون طئي ڪريون ها- هيءُ ته ساري عمر جو سؤدو آهي. اهڙا سؤدا ائين ڪونه ٿيندا آهن- سمجهئي پٽ!

مينر: چاچي، اهو ته اوهان سچ ٿا چؤ- پر ڳالهه دراصل هيءَ آهي ته [ٿورو منجهندي ۽ پريشان ٿيندي] هاڻي آءٌ اوهان کي ڪيئن سمجهايان... چاچي اوهان ائين کڻي سمجهو ته اوهان ئي منهنجي ماءُ آهيو.

چاچي: پٽ! آءٌ تو کي ڌاريو ٿو روئي ٿي سمجهان! تو کي به آءٌ پنهنجو .ئي اولاد ڪري ٿي سمجهان- پر ٻچا ! ڪي ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي وڏائي ويهي فيصل ڪندا آهن- ڀلا تون پنهنجيءَ ماءُ ۽ چاچي کي ڇو نٿو هت وٺي اچين؟

منير: چاچي ! اوهان کي آءٌ ڪيئن ٻڌايان ! آءٌ ڪيئن چوان... چاچي ائين کڻي سمجهيو ته آءٌ هن هيڏ ساري جهان ۾ اڪيلو آهيان- منهنجو ڪوبه مٽ مائٽ ڪونهي.

چاچي: [کلندي] چرين جهڙيون ڳالهيون نه ڪر منير! الله حياتي ڏي تنهنجيءَ ماءُ ۽ چاچي کي ، تون اڪيلو ڇو آهين.

منير: [ڀريل آواز ۾] هائو چاچي، آءٌ سچ ٿو چوان. منهنجو تو کان سواءِ هاڻي هن دنيا ۾ ڪوبه ڪونهي- آءٌ اڪيلو آهيان. ائين سمجهو ته آءٌ پنهنجي ماءُ ۽ چاچي لاءِ مري چڪو آهيان، هنن جو منير هينئر مري ويو.

چاچي: [ٿوري حيران ٿيندي] ڇا مطلب؟

منير: چاچي! آءٌ بلڪل سچ چوان ٿو. هينئر منهنجو امان ۽ چاچا سان ڪوبه واسطو ڪونهي، چاچا مون کي لادعوا ڪري ڇڏيو ۽ امان سمجهي ٿي ته آءٌ مري ويو آهيان.

چاچي: حيرت جي ڳالهه آهي. پر... پر پٽ ماءُ ڪڏهن به پنهنجي اولاد جو برو نه گهرندي. رهيو تنهنجو چاچو! تنهن ته تو کي پالي نپائي وڏو ڪيو آهي!

منير: جيڪر چاچا مون کي نه پالي ها ۽ نه نپائي ها، ۽ هاڻي... هاڻي.

چاچي: ۽ هاڻي ڇا؟ سمجهيم ! ته تنهنجا مائٽ شايد هن شاديءَ ۾ راضي نه آهن.

منير: نه چاچي! اها ڳالهه نه آهي. پر.... پر چاچا جي مرضي آهي ته آءٌ سندس ڌيءَ سان شادي ڪريان.

چاچي: اها ته سٺي ڳالهه آهي. ڇوڪرا! پنهنجون ته ڀاڳن وارن کي ملنديون آهن.

منير: پر چاچي! هوءَ اپاهج آهي. هن جون ٽنگون سُڪيون پيون آهن. هوءَ بلڪل لاعلاج آهي. پر چاچا ۽ امان جي اهائي مرضي آهي ته آءٌ هن سان شادي ڪريان. مون ته بلڪل انڪار ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ کان سواءِ مون کي ته رضيه سان....

چاچي: [دڙڪو ڏيندي] بند ڪر پنهنجي زبان. خبردار جو رضيه جو نالو پنهنجيءَ زبان تي آندو اٿئي. اسين ڪي اهڙا ڪريل آهيون ڇا؟

منير: [حيرت مان] چاچي! چاچي! هي اوهان ڇا پيا چؤ آءٌ ته ... آءٌ ته....

چاچي: [ڳالهه ڪپيندي] بس بس، مون سڄي ڳالهه سمجهي. خبردار جو آئيندي هن گهر ۾ پير به پاتو اٿئي!

منير: [ڀريل آواز ۾] چاچي! چاچي! ائين نه چؤ خدا جي واسطي ائين نه چؤ. مون کي ته  رضيه سان پيار آهي- محبت آهي.

چاچي: آءٌ چوان ٿي ته آئيندي ڪڏهن به اهڙا لفظ واتان نه ڪڍجانءِ. هاڻي تون هتان هليو وڃ. تنهنجو هت ڪجهه به نه آهي. تون جڏهن پنهنجن مائٽن جو نه ٿئين ته اسان ڌارين کي ڪهڙيون پڳون ٻڌرائيندين. ٻڌ ۽ ڪن کولي ٻڌ! آءٌ پنهنجي ڌيءَ جو پلاند تو مائٽن جي ڌڪاريل سان ڪونه اڙائيندس.

منير: [ڀريل آواز ۾] چاچي! مون کي اها اميد هرگز نه هئي.

چاچي: بس بس، گهڻيون ڳالهيون نه ڪر. [وڏي واڪي] آءٌ چوان ٿي هتان نڪري وڃي.

رضيه [پري کان ايندي] امان، امان، ڇا ڳالهه آهي؟

چاچي: [ڪاوڙ وچان] ڇوڪري تون اندر هلي ويهه.

منير: [ليلائيندي] رضيه رضيه! تون چاچيءَ کي سمجهاءِ.

چاچي: بند ڪر پنهنجي زبان! آءٌ وڌيڪ ڪجهه به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهيان. ۽ خبردار جو وري تو هن گهر ۾ پير پاتو آهي!

منير: [روئيندي] چاچي! چاچي! منهنجي حال تي رحم ڪر، منهنجي حال تي رحم ڪر...

چاچي: رحم جي انهن کان وڃي بيک گهر، جيڪي تو تي رحم ڪن. تو پينوءَ لاءِ مون وٽ ڪجهه ڪونهي.

منير: [دانهن ڪندي] چاچي! ائين سمجهه ته آءٌ پينو آهيان. [وري رضيه ڏانهن منهن ڪري] رضيه رضيه ! تون ئي چاچيءَ کي سمجهاءِ.

رضيه: [بيزار ٿيندي] اوهه! منير! منهنجي پلاند کان نه وٺ. امان ناراض ٿيندي.

چاچي: خبردار، بيحيا، بي شرم! هتان نڪري وڃ- هتان نڪري وڃ.

[منير روئيندو ٻاهر وڃي ٿو.]

(موسيقي)

منڙو: [ٿڌو ساهه ڀريندي] اهڙيءَ طرح جاني! منهنجي پهرين محبت چاچا ۽ امان جي خواهشن جي ڀيٽ چڙهي وئي. چاچا جي مرضي هئي ته آءٌ اپاهج حُسنه سان شادي ڪريان، جيئن سندس مال دولت پنهنجي ئي گهر ۾ رهي. هوڏانهن رضيه جي ماءُ وري اهو سمجهي ويٺي هئي ته چاچا کي ڪوبه اولاد ڪونهي ۽ هن جي مال ملڪيت جو آءٌ وارث آهيان... استاد! انهيءَ حادثي کان پوءِ ائين ڄاڻ ته منهنجي دل وسامي وئي. مون کي نا اميدي ۽ مايوسي وڪوڙي وئي. آءٌ ماءُ جي محبت، چاچي جي شفقت ۽ محبوبه جي پيار کان محروم ٿي ويس. مون کي عجيب غريب خيال ايندا هئا- پاڻ مارڻ جا خيال به، پر مايوسيءَ جي انهي رک ۾ مون کي ڪڏهن ڪڏهن اميد جو ڪرڻو ڏيکائي ڏيندو هو، جنهن جي ڪري زندگيءَ جي هن اٿاهه ۽ تيز وهڪري ۾ مون پاڻ کي ڇڏي ڏنو آهي!

جاني: [ٿڌو ساهه کڻندي] آها... دوست دل نه لاهه! اهائي ته زندگي آهي، حادثا ۽ واقعا ڪشمڪش ۽ ڇڪتاڻ- زندگي انهيءَ جو نالو آهي.

استاد: هائو منڙا! اهڙائي واقعا ۽ حادثا زندگيءَ جي حُسن کي جرڪائيندا آهن، تون اسان کي ڏس. اسان جي دلين تي ڪيترائي ڀيرا ڇريون هلايون ويون آهن. ڪيترائي ڀيرا اسان جون خواهشون قتل ڪيون ويون آهن. ڪيترائي دفعا اسانجن تمنائن کي سوليءَ تي چاڙهيو ويو آهي. پر منڙا! اسان وٽ شينهن جو جگر ۽ گينڊي جي دل آهي. اسان کي زندگيءَ سان پيار آهي، محبت آهي.

منڙو: ها منڙا ! آءٌ پاڻ اهو سمجهان ٿو- مون کي پاڻ انهيءَ جو احساس آهي!

[پريان موٽر جي هارن وڄڻ جو آواز اچي ٿو]

جاني: [رڙ ڪندي] استاد ! راجا ۽ شهزادو اچي ويا [هارن جو آواز وري اچي ٿو.]

منڙو: [خوش ٿيندي] ها، ها، استاد! پڪ شهزادو ۽ راجا آهي.

استاد: منڙا ! اچي ويا- اچي ويا- دوست دلدار اچي ويا- هلو ته گهمون ڦِرون ۽ سير ڪريون.

سڀئي: هلو... هلو... هلو....

[ريڊيائي ڊرامو: 1968

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org