وزيرِاعظم هائوس ۾ جنم وٺندڙ سنڌي اديب
انٽرويو وٺندڙ: نصير مرزا
هُن جي پيدائش جو هنڌ ”وزير اعظم هائوس“
آهي... ته بس پنهنجي جنم سال 30-1929ع کان وٺي هو
ان ۾ ئي ته رهائش پذير آهي، ۽ ان عمارت تي تعير
ٿيڻ جو سن لکيل آهي: 16 آگسٽ 1911ع بمطابق 12 هين
رمضان 1330ھ. ۽ اهڙي سرنامي لکيل ان عمارت،
عاليشان مان (Till
Death)
هُن کي ڪڍي به ته ڪو نٿو سگهي ۽ ڀلا ڪڍي به ڇو ۽
ڪيئن؟ جو اِها عمارت، هن جي ڏاڏي ۽ عظيم مرثيه گو
شاعر مرزا ٻڍل بيگ جي، جو تعمير ڪرايل آهي. ۽ اها،
سنڌ ۾ بيٺڪي راڄ جي ايامڪاريءَ جي ڳالهه آهي ۽
هزهائينيس حاجي مير نور محمد خان، جيڪو سنڌ جي
آخري ٽالپر بادشاهه مير نصير خان جي پونئرن مان
سندس ولي عهد هو، ۽ مرزا ٻڍل بيگ ان ئي صاحب وٽ
اِن اهم، عاليشان ۽ محترم منصب تي فائز هو. (۽
آگاهه رهو ته هن وقت اهو ئي مرزا ٻڍل بيگ صاحب،
ڪربلا معليٰ ۾ حضرت عباس علمدار جي روضي مبارڪ جي
پيراندي کان مدفون آهي). ۽ شخص، جنهن جي ذڪر فڪر
سان هي منهنجو ڪالم معمور! ان جي پيدائش جو هنڌ
”وزير اعظم هائوس“ ٽنڊو آغا، علي آباد ۽ جنم سال
1930ع (۽ ڄاڻڻ گهرجي ته هڪ سال اڳ يعني 1929ع، هن
جي پيش رو مرزا قليچ بيگ صاحب جن جي وصال جو به سن
آهي.) ۽ ان کي ڀلا عجب اتفاق نه چئجي ته ٻيو ڀلا
ڇا چئجي جو 1930ع ڌاري جنم وٺندڙ هي اسان جو ليکڪ
1929ع ڌاري وصال ڪري ويل پنهنجي اِن ئي پيش رو ۽
عظيم ليکڪ مرزا قليچ بيگ تي اڄڪلهه ”به زبان اردو“
هڪ ڀرپور ڪتاب لکڻ لاءِ نوٽس پڻ گڏ ڪري رهيو آهي.
خير ڪتاب ته هن جي ڪريڊٽ تي ڪي ٻيا به آهن، مثال
طور: ”پورب ڄائي“ ”Daughter
of the East“
جو سنڌيءَ ۾ سنڌيڪار به هُوئي ته آهي. گارشيا
مارڪئيز جو نوبل انعام يافته ناول ”اڪيلائيءَ جا
سؤ سال“ اجهو اُهو به هن ئي تازو سنڌيءَ ۾اُلٿو
ڪري ورتو آهي ۽ ڇا ته هُن اُن جو ترجمو ڪيو آهي.
جو پڙهندي پتو ئي نٿو پوي ته هي ڪو لاطيني ٻوليءَ
جو ڪتاب آهي. نج پج صفا جهڙو ڪنهن سنڌي مصنف جو
ڪتاب. هاڻي ان ڳالهه کي به عجب اتفاق ئي سمجهو جو
سال اڌ جي فرق کي ڇڏي، هي پنهنجو مراد علي مرزا
صاحب، اِن عظيم ناول جي مصنف گارشيا مارڪئيز جو به
همعصر آهي. گارشيا ڄائو 1928ع ۾ ۽ هي پنهنجو مراد
علي مرزا صاحب ڄائو 1929ع ۾.
بس تازو گذريل ڇنڇر تي ملاقات لاءِ مون
مراد علي مرزا صاحب کان ئي وقت ورتو هو ۽ عزيزم
عرفان علي انصاري (جيڪو پڻ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ
صلاحيت مند مترجم ۽ ٽنڊي آغا واري مرزا خاندان جو
هونهار چشم و چراغ آهي)، مون سان ملاقات وقت پيش
پيش!
دروازو ناڪ (Knock)
ڪريون! هو اُن کان اڳ دروازي جي ڏيڍيءَ وٽ موجود!
”۽ ڪيڏو نه سمارٽ آهي مراد علي مرزا صاحب!..“ مان
هن کي ڏسي سدائين دل ۾ چوندو آهيان.
اڇو پهراڻ، اڇي شلوار، اڇا وار ۽ اکين تي
سهڻي عينڪ، اڇيون خوبصورت مڇون، (يا الله! هي اسان
جو مراد صاحب، صفا جهڙو هاءِ ڪورٽ جو جج، يا ڪنهن
عظيم درسگاهه جو باوقار پروفيسر.)
۽ هي اجهو،وزير اعظم هائوس ۾، اسين هن جي
پويان پويان ۽ هو اڳيان اڳيان.
ونڊرفل! ونڊرفل... ۽ حويليءَ جي صاف شفاف
صفحن مان، ٽائلس جي ٿڌي ٿڌي فرش تي، اوچين اوچين
ديوارن واري هوادار گهر ۾ داخل ٿيندي ڪيڏو نه سڪون
ٿو ماڻيان ۽ بس ان کان پوءِ ويهون وڃي اتي ئي ٿا،
جتي اسان کي ويهارڻ لاءِ هُن انتظام ڪيو هو.
”هي منهنجو اسٽڊي روم آهي ۽ هيڏانهن ڏس...
قديم ديوارن ۾ مون هي نوان شيلف ٺهرايا آهن...“ هو
چوي ٿو.
اڙي هان!
جديد شيلفن هيٺان هي وڪٽورين ايج جي
اينٽيڪ رائٽنگ ٽيبل (اچانڪ ان ٽيبل ۾ منهنجي
دلچسپي وڌي ٿي وڃي ) ”هيءَ ٽيبل ڪٿان آئي اوهان
وٽ؟“
”اها منهنجي ڏاڏي، مرزا ٻڍل بيگ، ان وقت
هندستان مان آندي هئي جڏهن راڻي وڪٽوريا جي وفات
کان پوءِ دهليءَ ۾ٿيل”دلي درٻار“ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ
هو معزز مهمان جي حيثيت سان 12 ڊسمبر 1911ع تي
جارج پنجم جي هندستان ۾ آمد وقت، اوڏانهن ويو هو.“
”ڇا ڇا تحرير ڪيو آهي. اوهان ان ڪلاسيڪل ٽيبل ٿي
ويهي!“ ”نه“... مراد صاحب کِلندي ٻڌائي ٿو...
”منهنجي لکڻ جي ٽيبل ڪرسي ٻي آهي. هي اِجهو جنهن
تي ويٺو آهيان، ڪرسي ته اِها ئي آهي. ٽيبل، هيءَ
جيڪا ڀت سان رکي آهي.“
”پر هي ته ٻيئي شيون، ڪنهن به طرح آرامده
ناهِن.“
چيائين!
”ٽيبل تي جُهڪي ٿوروئي ترجمي جو ڪم ڪندو
آهيان.“
”پوءِ ڀلا ڇا تي؟“
چيائين: ”لکڻ وارو بورڊ رکندو آهيان،
ڪرسيءَ جي ٻانهن تي، پاسي ۾ ٽيبل تي ڪجهه ڪتاب
رکي، ترجمو ڪيو ويندڙ ڪتاب، انهن ڪتابن جي ٿهي تي
رکندو آهيان ۽ ان کان پوءِ هڪ هڪ سِٽَ ڏسندو ۽
گوڏي تي رکيل بورڊ مٿان ڦٻيل ڪاغذ تي لکندو ويندو
آهيان.“
۽ مان حيرت سان ڪرسيءَ ۽ ٽيبل ڏي ڏسان ٿو،
جنهن تي سڀ کان نمايان جيڪو ڪتاب رکيل هو، اُهو هو
اختر حميد خان جو ”ڪوميلا سي ڪورنگي تڪ.“
چيم: بينظير صاحبه جي ڪتاب (Daughter
of the East)
کي ترجمو ڪرڻ ۾ وقت ڪيترو لڳو ۽ معاوضو ڇا مليو
اوهان کي؟
چيائين: وقت ته ڇهه ست مهينا، باقي
معاوضو!... اُهو ياد ڪونهي مون کي!
چيم: ڪنهن ٻڌايو پئي ته ڪُل پنج هزار
پاڪستاني روپيا ملڻا هئا اوهان کي.
مراد صاحب کلي پيو.
اڙي يار... ڇڏ ان قصي کي. (۽ اوچتو ان قصي
۾ منهنجي دلچسپي وڌي وئي). چيم، پوءِ به!
چيائين:
دوستن جو ڀرم رهي ته چڱو
ڪو، نه منهنجي زبان کي کولي!
خير... محبت سان ڪيل ڪنهن جو پورهيو
رائيگان ٿوروئي ٿو ٿئي. اتفاق سان ان ئي سال قدرت
هن کي ”تمغهءِ حسنِ ڪارڪردگي“ ڏياري ڇڏيو!
پئسا اُهي تمغي وارا ڪيڏانهن ڪيوَ؟ پڇيم.
چيائين: هيڏانهن مليا، هوڏانهن ڏيئي ڇڏيم.
پر... ڪنهن کي؟ اتاولائيءَ مان پڇيم.
... پُٽَ منظور مراد کي.
۽ ڪمري ۾ نگاهون ڦيريندي، ڪتابن جا انبار
ڏسي چيم...
۽ هي هيڏا ڪتاب ۽ اُهي به اعليٰ اعليٰ...
ڪٿان ۽ ڪيئن هٿ ڪيا اٿوَ؟
چيائين: اڪثر ته ڇوٽڪي گهٽيءَ ۽ فقير جي
پڙ وارن رديءَ جي ريڙهن تان ۽ تمام سستا خريد ڪيا
اٿم، ڪجهه ڪتاب احبابن دوستن ڏنا آهن. ڪي ڪتاب
خريد ڪيا اٿم. (۽ وري ڪي ڪتاب پڙهندڙ وٽ پاڻ به ته
پڄي ويندا آهن نه)... ۽ ان تي هو اوچتو چوي ٿو.
”تو کي ڪو کپي ڪتاب؟“ ۽ اُٿي شيلفن جا
دروازا مون لاءِ کولي ٿو ڇڏي، ”جيڪو کپئي، تون کڻي
وڃ، کڻي وڃ...“
چيم: ڪتاب ته کڻندس ۽ باقاعده کڻندس.
پهرين پنهنجي گهر ۾ موجود ڪتابن جو تعداد ته ٻڌايو
نه؟
۽ بس منهنجي ان سوال تي مراد صاحب ڳڻتيءَ
۾ پئجي ويو... ڊگهي ماٺ کان پوءِ خفي خفي ٿيندي.
چيائين: يار! ڪو اندازو ڪونهي مون کي. پوءِ
بِه!... نه يار... ڇڏ ان ڳالهه کي!
چيم: هزارن ۾ ته ضرور هوندا.
چيائين: ڇو نه هوندا،ضرور هوندا، واهه جا
هوندا.
ڀلا هي نوان شيلف جو انهن ڪتابن جي رکڻ
لاءِ ٺهرايا اٿوَ ته، اُنهن گهڻو خرچ کاڌو!؟
اڙي هان....! وري حساب ڪتاب جي ڳالهه؟
چيم: هڪ ماهر مترجم جي مڃتا کان علاوہ
اوهين نهايت اعليٰ ڊرامه نويس ۽ ڪهاڻيڪار به رهيا
آهيو!؟ انهن تخليقن جو تعداد!؟
يار حساب ڪتاب مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن رکيو ئي
ڪونهي. ڪيترا هي... ڪيترا هُو! مان ان چڪر ۾ ڪڏهن
پيو ئي ناهيان.
پوءِ به ڀلا افسانن ۽ ڊرامن جو تعداد ڪجهه
ته ؟
چيائين: بس اهي ڪي پنج ست افسانه، ايترائي
ريڊيو لاءِ ڊراما، ٻه کن ٽي وي سيريلز... ۽....
ڀلا پهرين ڪهاڻيءَ جو نالو ڇا رکيو هيوَ!؟
”نالو... نالو...“ ۽ مراد صاحب سوچن ۾ گم.
”يار... نالو ياد ڪونهي مون کي !؟“
ڀلا ڇپجڻ جو سن!؟
ان جو جواب بهرحال مراد صاحب واقعي ڏنو.
چيائين اهو ڀانيان ٿو ته 53-52ع جو سن هوندو.
شاهه لطيف تي ناول جيڪو اوهان ”سامي سج
وڙاءُ“ جي نالي سان شروع ڪيو هو، اُن جو ڇا ٿيو!؟
يار ! ان جا ٻارهن تيرهن باب ته قسط وار
ڇپيا آهن. ڪجهه ٽماهي ”مهراڻ“ ۾، ڪجهه لطيف ڊائجسٽ
۾... ڪم وري اڌ ۾ رهجي ويو آهي! ڇا ڪجي؟ ڪم کُٽن
ئي ڪونه ٿا. شاهه بابت ان ناول کي هٿ ۾ اڃا کڻان
ئي مس ٿو ته نئون ڪم مليو وڃي... اِجهو سنڌ پبلشنگ
هائوس ڪراچيءَ وارن لاءِ گارشيا مارڪئيز جو ناول
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري مس ڏنو اٿم ته اڪيڊمي ادبيات
پاران قليچ صاحب تي ٻه سؤ صفحن جي ڪتاب لکي ڏيڻ
لاءِ اصرار پيا ڪن، جن کان في الوقت ته پنهنجي
ناول تي سنجيدگيءَ سان ڪم ڪرڻ سبب معذرت ڪئي اٿم.
ڀلا هي جو اوهان ريڊيو مان رٽائر ٿيڻ کان
پوءِ سنڌي لئنگويج اٿارٽي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جا
سيڪريٽري ٿيا هئا، ڪجهه ذڪر انهن اذيتناڪ زمانن جو
به ٿي وڃي؟
چيائين: ”بس! ادا ماٺ ٿئي ڀلي.“ ۽ پنهنجي
ئي هٿ تي ٻئي هٿ سان تاڙي ملائيندي، ٽهڪ ڏئي کلي
پيو.
ادارن جي باري ۾ راءِ ڏيڻ بابت مراد صاحب ڏٺم ته
محتاط رويو پئي رکيو، سو مون وچان سوال ئي ٻيو
ڪيو! ”ڀلا شيخ اياز بابت اوهان جي راءِ؟“
اڙي بابا... (۽ مراد صاحب پنهنجي مخصوص
انداز سان وراڻيو.) شيخ اياز کان وڏو ڪو شاعر ئي
ڪونهي هن وقت ننڍي کنڊ ۾. پهرين ٽئگور پوءِ اقبال
۽ هاڻي شيخ اياز... مان ته چوندو آهيان... ( ۽
مراد صاحب نهايت اتساهه سان ٻڌائي رهيو هو) شاهه
لطيف به جي هن دؤر ۾ هُجي ها ته شيخ اياز وانگر
لکي ها ۽ جي شيخ اياز وري شاهه لطيف جي دؤر ۾ هجي
ها ته بلڪل شاهه لطيف وانگر ئي لکي ها.
ڀلا سنڌ جي ڏيڍ سؤ ساله نثري ادب ۾ ”صاحبِ
اسلوب“ نثر نگار اوهان جي نظر ۾ ڪير ڪير؟
پهرين ته ” راشدي برادران“... ۽ ڇا ته
بلا جا نثرنگار هئا اُهي ڀائر. ڪوڙ کي سچ ڪن يا سچ
کي ڪوڙ. نثر ۾ ڪرشما ڏيکارڻ جا ته اصل ماهر هئا
ماهر... ان
کان پوءِ غلام رباني آگري صاحب جي نثر جو به جواب
ڪونهي، ممتاز مرزا جو نثر به شايان شان آهي.
ڀلا فڪشن ۾؟
ان ۾ هي پنهنجو عبدالقادر جوڻيجو، جنهن
کي مان چوندو پيو آهيان ته، يار! هي ڪٿي اردوءَ ۾
وڃي پاڻ کي پيو زيان ڪرين، سنڌيءَ ۾ لک! ”قادر“ وٽ
هي جيڪو ناول لکيو رکيو آهي، ”سو ديس مسافرَ
منهنجو ڙي“، ڪمال جو ناول آهي. جڏهن ڇپجي ايندو،
ته پڪ سان حيران ڪندو سڀني کي!
چيم ڀلا ناول ته اوهان به هزارين پڙهيا
هوندا،انهن مان ’موسٽ فيورٽ‘ ڪهڙا ڪهڙا آهن اوهان
جا؟
يار...! (مراد صاحب وراڻيو) ننڍي کنڊ ۾ سچ
پڇين ته ناول نگار هڪڙي ئي آهي. قرةالعين حيدر...
سندس ڪتاب ”گردشِ رنگِ چمن“ اهو ته عظيم ناول آهي.
جان اسٽئن بيڪ (John
Steinbeck)
جو ”The
Pearl“
اهو به مون کي وڻيو...
چيم: ڌڻي تعاليٰ اوهان کي وڏي حياتي ڏئي،
ستر سالن ۾ اوهان جي بهترين صحت جو راز ته ٻڌايو؟
چيائين: Walk.
پڇيم: ڪيترو هلي چڪا آهيو، هيستائين؟
چيائين: ننڍي هوندي کان اهو پنڌ ئي ڪندو
پيو اچان ۽ مون سان گڏ محمد ابراهيم جويي صاحب ۽
ع. ق. شيخ صاحب، حيدرآباد جي رستن تي... مان
سمجهان ٿو ته پنڌ اسان ئي گهڻو ڪيو هوندو... ڪٿي
ٽنڊو آغا، ڪٿي پريم پارڪ ۽ ٿڌي سڙڪ، حسين آباد!
وري ڪٿي هيرآباد، ڪلهوڙا ڪالوني ۽ ڪٿي ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد ۽ پوسٽ آفيس... اِهي هنڌ... سڀ
پنڌُ ايندي ويندي ئي Enjoy ڪيا
آهن مون.
چيم: ڀلا هيڏي وڏي گهر ۾ گهرواريءَ سان
اڪيلا اڪيلا، ڪا –Isolationتنهائي
يا اڪيلائي جو احساس ته ڪونه ٿا محسوس ڪريو.
چيائين: هي هيترا سارا ڪتاب جو آهن، انهن
سان صحبت ۾ وقت جو پتو ئي ڪونه پوندو آهي. سڪ
لڳندي آهي ته دوستن وٽ ويندو آهيان. خط لکندو
آهيان. صبح جو ته باقاعده واڪ تي ويندو آهيان،
پوءِ لائبرريءَ ۾ اخبارون پڙهي گهر ايندو آهيان
باقاعده ترجمي وارو ڪم به روزانه ڪندو آهيان. موڊ
هوندو آهي ته ٻه ٽي صفحا... ناهي ته بس!
... ته بس ان کان پوءِ مراد علي مرزا صاحب
جي ان پراسرار عمارت جهڙي شاهي وڏي گهر جي دروازي
وٽان، کائنس موڪلائڻ وقت جڏهن هن ستر ساله ترو
تازه ليکڪ، جيڪو زندگيءَ جو هڪ ڊگهو فاصلو طئي ڪري
چڪو آهي، منهنجي ڍري ڍري هٿ کي جڏهن گرمجوشيءَ ۽
خلوص منجهان هلڪو زور ڏنو، تڏهن سندن هٿ جي جڪڙ ۽
مضبوطيءَ کي ڏسي مون تصديق ڪئي ته مراد علي مرزا
صاحب ته اڃا جوان آهي باقاعده!
۽ ستر سالن جو ته هي مان ٿي چڪو آهيان:
”گڊ اولڊ مين- نصير مرزا-!“
[2000]
مراد
صاحب سان ملو
انٽرويو وٺندڙ:ڪوثر ٻرڙو
ڪوثر: سائين
پاڻ گفتگوءَ جو آغاز ڪنداسين ترجمي جي حوالي سان.
ڇاڪاڻ ته توهان سنڌي ٻوليءَ ۾ تخليقي ڪم ڪرڻ سان
گڏوگڏ شاهڪار ترجما به ڪيا آهن- هو نئن ته تخليق ۽
ترجمو ٻه الڳ الڳ شيون آهن پر ٻئي لاڳاپيل به ضرور
آهن- ترجمي کي تخليقي بنائڻ لاءِ اوهان کي ڪهڙيون
ڪوششون وٺڻيون پونديون آهن؟
مراد صاحب:
ترجمو جيڪو آهي، چوندا آهن ڏاڍو ڏکيو آهي، ان جو
اهو سبب آهي جو ترجمي ۾ هڪڙي ٻوليءَ مان ٻي ٻوليءَ
۾ موضوع کي آڻڻو ٿو پوي- هاڻي ظاهر آهي ته خيال
آهن جيڪي، سي ٻئي ڪنهن جا هوندا آهن. انهن کي ٻي
زبان ۾ آڻڻو ٿو پوي ته ان ۾ منهنجو طريقه ڪار اهو
آهي ته مان هميشه هڪ پيراگراف پڙهندو آهيان، يعني
جيڪو ترجمو ڪندو آهيان
اهو پهريان پڙهي ويندو آهيان پوءِ ڏسندو آهيان ته
اهو جيڪو مضمون آهي يا جيڪو مفهوم آهي، اهو جي
اسان سنڌيءَ ۾ ادا ڪيون ته ڪهڙا لفظ ان لاءِ مناسب
آهن، مان انهيءَ خيال کي ۽ انهيءَ نقطهءِ نظر کي
اڳيان رکي پوءِ ئي ترجمو ڪندو آهيان ۽ ڪوشش اها
هوندي آهي ته ترجمو اهڙو هجي جو پڙهندڙ اهو محسوس
ڪري ته هي ترجمو نه پر اصل ٻوليءَ ۾ آهي.
ڪوثر: توهان
ڪيترائي ترجما ڪيا آهن، انهن مان اوهان کي وڌ ۾ وڌ
اثرائتو ۽ ترجمو ڪرڻ کانپوءِ ڪهڙي ترجمي وڌيڪ
متاثر ڪيو؟
مراد صاحب:
ايئن ته مان جيڪو به ترجمو ڪندو آهيان، مون کي
وڻندو آهي، پر اصل ۾ ڇا آهي جو مان ڪتاب پڙهندو ئي
رهندو آهيان مختلف، مون کي جيڪا ئي وڌيڪ تحرير
پسند ايندي آهي ان لاءِ چوندو آهيان ته ان جو
ترجمو ڪري ڇڏيان، ڪيترائي آهن اهڙا مضمون ۽ مقالا
جيڪي واقعي مونکي پسند آهن، پر توهان جيڪڏهن ’پورب
ڄائي‘ جو پهريون چيپٽر پڙهندؤ ته توهان کي پتو
پئجي ويندو ته ترجمو ڪيئن ڪجي، مون ان ۾ اهڙي ڪوشش
ڪئي آهي جو محسوس ڪونه ٿيندو ته اهو ترجمو ٿيل
آهي، پاڻ اهو محسوس ٿيندو ته اهو لکيل ئي سنڌيءَ ۾
آهي.
ڪوثر: ته
ايئن چئي سگهجي ٿو ته اها اوهان جي پسنديده صنف
آهي ترجمي جي حوالي سان- اوهان بحيثيت افسانه نگار
پنهنجي هم عصرن ۾ هڪ منفرد حيثيت جا مالڪ رهيا
آهن- توهان جي هڪ افسانه نگار طور ڪهڙي انفراديت
آهي؟
مراد صاحب:
ادا ڳالهه اها آهي ته مون افسانه گهڻا ڪين لکيا
آهن، ايئن شروع ۾ شوق هوندو هو افسانه، پڙهندا
هئاسين ۽ دل چوندي هئي افسانو لکجي. افسانو هڪ
تمام ڏکيو فن آهي ۽ صنفي تحريرن ۾ افساني جي صنف
منهنجي خيال ۾ڏکي صنف آهي، سبب اهو آهي ته ان ۾
زندگيءَ جو مشاهدو تمام ضروري آهي، جيڪڏهن مشاهدو
نه هوندو ۽ افسانه لکبا ته اهي سمجهو ته بيڪار
هوندا. جن ماڻهن زندگيءَ جو مشاهدو ڪيو آهي ۽
زندگيءَ جي ويجهو ويا آهن، ان جي اندر پهچي ويا
آهن ۽ پوءِ واپس اچي انهن جا جيڪي پنهنجا تاثرات
آهن، پنهنجون جيڪي وارداتون آهن انهن کي افسانوي
امنگ ۾ پيش ڪيو آهي اهي واقعي ڪمال جا افسانه آهن،
سنڌ ۾ گهڻا ئي افسانه نويس آهن جن ڪمال جا افسانه
لکيا آهن، ذاتي مشاهدي ۽ تجربي جي ڪري مون ٻه ٽي
افسانه لکيا يا جيڪو ذاتي مشاهدو ذاتي تجربو هو
مون به لکيا آهن. ذاتي مشاهدي ۽ تجربي کا سواءِ
ڪوبه افسانو افسانو نه ٿو ٿي سگهي. اها منهنجي
پنهنجي راءِ آهي.
ڪوثر: افساني
کان پوءِ هاڻي ناول طرف ٿا اچون، توهان جو جيڪو
لطيف سائينءَ تي لکيل ناول آهي، ”سامي سج وڙاءُ“
ان جون ڪجهه قسطون ڇپيون آهن. تمام گهڻو مقبول ٿيو
آهي، اهو ناول مڪمل ڪڏهن ٿيندو؟
مراد صاحب: ان ناول ”سامي سج وڙاءُ“ جون مون 17
قسطون لکيون آهن، منهنجو ارادو آهي ته مان ان کي
ٽيهن بابن ۾ آڻيان، سترنهن باب مون مڪمل ڪيا آهن،
هاڻ مسئلو مون اڳيان اهو آهي ته شاهه سائينءَ جي
جيڪا زندگي آهي اها پردن جي هيٺان لڪل آهي ان کي
تهه تائين کوليو ۽ ڳولهڻو ٿو پوي. شاهه صاحب جي
زماني کان وٺي هن وقت تائين شاهه سائينءَ جي ذاتي
زندگيءَ جي باري ۾ جيڪو ڪجهه لکيو ويو آهي اهو صرف
ٻن پيجن ۾ ٿو اچي. باقي ته شاهه صاحب جي شاعريءَ
جي باري ۾ لکيل آهي، شاهه صاحب جي دؤر جي باري ۾
لکيل آهي، باقي شاهه صاحب جي جيڪا ذاتي زندگي آهي
اها ايئن سمجهو ته ڪنهن کي معلوم ٿي ڪونهي. شاهه
سائينءَ جو جيڪو زمانو آهي جيڪو دؤر آهي يعني
ڪلهوڙا دؤر- ان زماني جي ثقافت ڇا هئي، تهذيب ڇا
هئي؟ تمدن ڇا هو؟ ۽ ان دؤر جا ماڻهو ڇا سوچيندا
هئا، خود شاهه صاحب پنهنجي ڪلام جي حوالي سان ڪهڙو
ماڻهو هو؟ هن جو نقطهءِ نظر ڇا هو؟ هن جا خيالات
ڪهڙا هئا؟ انهن سڀني کي محسوس ڪرڻو ٿو پوي- ان کي
محسوس ڪري پوءِ ڪنهن منطقي نتيجي تي پهچڻو ٿو پوي
۽ ان تي پهچڻ کان پوءِ ئي مان لکندو آهيان، جيڪڏهن
ڪي، مثال طور هڪڙو حوالو عجيب و غريب آهي چون ٿا
شاهه صاحب جن جي جيڪا بيبي صاحبه هئي اها ٻار جي
پيدائش وقت، يا ان کان پوءِ مري وئي ان کان پوءِ
ان بيبي صاحبه جو ڪو ذڪر ئي ڪونهي، هاڻي تاريخ ۾
شاهه صاحب جي حوالي سان، ته شاهه صاحب جي بيبي
صاحبه سان شادي به ٿئي ٿي ايستائين ته ذڪر ملي به
ٿو پر پوءِ ذڪر ئي ڪونه ٿو ملي، اها هڪ عجيب ڳالهه
آهي. اوهان جڏهن ڳوٺاڻي زندگيءَ کي غور سان ڏسندؤ
ته معلوم ٿيندو ته ڪيتريون ئي ڳوٺاڻيون عورتون
ويچاريون پهرئين حمل تي وفات ڪري وينديون آهن. ۽
اهڙا بيشمار ڪيس آهن، مون اهو محسوس ڪيو آهي ته ٿي
سگهي ٿو بيبي صاحبه کي جڏهن ٻار ٿيو هجي ان وقت
سندن وفات ٿي وئي هجي پر اهو واقعو ڪنهن به ڪتاب ۾
لکيل ڪونهي پر قصي ۾ ڇاڪاڻ ته شدت پيدا ڪرڻي آهي،
جيڪا مون ڪوشش ڪئي آهي، اصل ۾ ناول ۾ هڪ تاثر پيدا
ڪبو آهي ته ان ڪردار جي ڪيڏي عظمت آهي، ڪيڏي بلندي
آهي، اهو Create ڪرڻو
پوندو آهي ان لاءِ کپن واقعا، ۽ واقعا اهي اهڙا ئي
آهن جيڪي اها شدت پيدا ڪري سگهن ٿا نه ڪي ٻيا
واقعا جيڪي عام طور ڪتابن ۾ لکيل آهن. اهو سڄو
محسوس ڪري، ان دؤر جو مطالعوڪري اڀياس ڪري، ان کي Recreate ڪري،
ان کي تصوراتي رنگ ۾ ٻيهر پيش ڪرڻو ٿو پوي. ان ۾
تاريخ به آهي ۽ تصور به آهي.
ڪوثر: ان
۾ اڃا ڪيترو عرصو لڳندو سائين؟
مراد صاحب: هاڻي ڪيترا اهڙا ناول نويس به آهن جن
30-30 سال به ناول کي لکڻ لاءِ ورتا آهن. مون 1985
۾ شروع ڪيو هو هاڻي 1994 پيو هلي. تقريباً 10 سال
کن ٿي ويا آهن پر مون کي سچ پچ، سمجهان ٿو اڃان ٻه
ٽي سال ٻيا به لڳي ويندا. ۽ ان وچ ۾ وري مختلف ڪم
ڪرڻا ٿا پون لکڻ جا- مختلف ڪتاب، مختلف مضمون-
ڇاڪاڻ ته ڪو چوي ٿو ته هي لکو، هي ڪتاب ترجمو ڪري
ڏي، ان وچ ۾ مون ٽي چار ڪتاب به ترجمو ڪيا آهن،
مضمون به لکيا آهن. ظاهر آهي مضمون لکڻ لاءِ سوچڻو
به ٿو پوي. ريسرچ ڪرڻي ٿي پوي، ان ۾ ڪافي وقت نڪري
ٿو وڃي، پوءِ ذهن جيڪو آهي سو وري ان Creative
writing ڏانهن
اچڻ لاءِ وري ڪجهه ڪيٻائيندو آهي Creativity لاءِ
اهو ضروري آهي ته اوهان پاڻ کي اهو ماحول ڏيو،
اندر ۾ هڪڙو جذبو ۽ اتساهه هجي جيڪو توهان کي لکڻ
لاءِ مجبور ڪري پوءِ هڪ سٺي تحرير لکي سگهو ٿا.
باقي زوريءَ توهان لکي نه سگهندؤ. مان ڪڏهن به
زوريءَ نه لکيو آهي جڏهن مان محسوس ڪيو آهي ته مون
کي لکڻ گهرجي تڏهن مان لکيو آهي.
ڪوثر:
اڇا مرزا صاحب- اڄ ڪلهه تنقيد جو دؤر هلي پيو.
تنقيد کي اوهان هڪ رائيٽر جي حيثيت ۾ ڪهڙي اهميت
ڏيو ٿا ۽ سنڌي ادب ۾ اڄ ڪلهه جيڪي تنقيدي لاڙا آهن
انهن کي اوهان ڪهڙي نظر سان ٿا ڏسو؟
مراد صاحب:
تنقيد جيڪا آهي سا تمام ضروري آهي، ان جو سبب اهو
آهي ته تنقيد نگار جو ڪم آهي خامين جي نشاندهي ڪرڻ
۽ خامين ڏانهن آڱر کڻڻ. تنقيد نگار جو اهو ڪم ناهي
ته خاميون ظاهر ڪري تخليقڪار کي ويهي لوئي... نه
ايئن ڪرڻ کپي. تنقيد جن به ٻولين ۾ خاص ڪري جيڪي
ترقي يافته ٻوليون آهن، انگريزي آهي يا يورپي
ٻوليون آهن، يا ايشيا جي ملڪ جي ٻولي اردو زبان يا
هندي زبان هيڏانهن هوڏانهن، انهن سڀني ٻولين ۾
تنقيد تي تمام گهڻو ڪم ٿيل آهي جن اديبن جي تمام
سٺي رهنمائي ڪئي آهي، تنقيد نگار جو ڪم آهي اديب
جي رهنمائي ڪرڻ، شاعر جي رهنمائي ڪرڻ، جيڪڏهن
تنقيد ۾ رهنمائي ڪانهي ۽ رڳو خلاف ۽ هڪ طرفي ڳالهه
آهي ته اها مان سمجهان ٿو تنقيد نه چئبي، تنقيد
اها آهي جو اُها جيڪا تخليق آهي ناول آهي، افسانو
آهي شاعري آهي ان جي خوبين کي بيان ڪري ان ۾
ڪهڙيون سٺيون ڳالهيون آهن، رائيٽنگ جيڪا آهي فائين
آرٽ آهي يعني جيڪي بهترين تخليقون آهن، انهن ۾ ادب
به اچي ٿو ان ۾ نقاشي اچي ٿي، سنگ تراشي ٿي اچي،
ٻيا به فن آهن. عمارت سازي به ان ۾ اچي ٿي، انهن ۾
بنيادي ڳالهه اها آهي ته خوبصورتيءَ کي بيان ڪرڻ،
خوبصورتيءَ کي ڪاغذ تي تصوير جي صورت ۾ ڏيکارڻ، يا
عمارت جيڪا آهي ان جي ساخت ۽ بناوت کي خوبصورت
بيان ڪرڻ، تحرير جو مقصد ئي اهو آهي خوبصورتي ۽
خوبصورتيءَ سان گڏ چڱائي آهي يعني ان جي پٺيان،
ياد رکو ته بيوٽي جيڪا آهي ان بيوٽيءَ سان گڏ
چڱائي به هلندي آهي ۽ Goodness يا
خوبصورتي آهي ته ان سان يقيناً چڱائي به گڏ گڏ
هوندي آهي ۽ جيڪڏهن بيوٽي ناهي ته ان سان گڏ چڱائي
به نه هوندي، تنهن ڪري اهو ذهن ۾ رکجي ته خوبصورتي
آهي يا نه ؟ چڱائي آهي يا؟ نه ان تحرير ۾ ؟ ان
تحرير جي ڪري اسان کي ڪا سٺي ڳالهه ملي ٿي يا نه؟
اسان جي ذهن جا جيڪي لاڙا آهن انهن ۾ ڪو سٺو اضافو
ٿئي ٿو يا نه؟ اهي ڳالهيون تمام ضروري آهن. نقاد
کي اهي ڳالهيون ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجن. بنيادي
ڳالهه آهي تخليق يا شعر جون چڱايون جيڪي هجن اهي
بيان ڪجن ۽ ان ۾ جيڪي خاميون آهن ظاهر آهي انهن کي
به ظاهر ڪرڻ گهرجي.
ڪوثر: هر
دؤر جو رائيٽر پنهنجي حلقهءِ احباب يا حلقهءِ
ارباب جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو ته توهان جا جيڪي
هم عصر اديب آهن انهن جي تخليقن جو اوهان تي ڪيڏو
اثر آهي يا اوهان ڪيڏو اثر قبول ڪيو آهي؟
مراد صاحب:
ادا پهريون ته جيڪي منهنجا هم عصر آهن انهن جو اثر
مون قبول ڪيو آهي پر جيڪي نوان رائيٽر آهن چاهي
اهي افسانه نگار هجن، چاهي مضمون نگار هجن چاهي
شاعر هجن مان انهن جون تخليقون ضرور پڙهندو آهيان
۽ مان اوهان کي ايمانداريءَ سان چوان ٿو ته اسان
جي دؤر جا هينئر جيڪي به رائيٽر آهن اهي اسان کان
وڌيڪ قابل ۽ لائق آهن. سبب اهو آهي ته هنن وٽ اسان
جي عهد جو جيڪو علم هو ۽ جيڪا ڄاڻ هئي اها به هنن
کي ورثي ۾ ملي آهي، هنن وٽ پنهنجي عهد جو علم ۽
ڄاڻ به هنن وٽ محفوظ آهي ۽ موجود آهي، ان ڪري هو
جيڪو ڪجهه لکن ٿا سچ پچ اهو نظم هجي يا نثر، اهو
اسان کان وڌيڪ جاندار ۽ وڌيڪ سٺو آهي.
ڪوثر: ها
ته اهو توهان جو پنهنجو به چوڻ آهي ته اسان جو هر
ايندڙ نسل اسان کان وڌيڪ ادبي صلاحيتون ۽ سگهه
رکندڙ آهي، اهو اوهان جو نوجوانن بابت پنهنجو رايو
آهي. آخر ۾ اوهان ٻڌايو ته اوهان اڄ ڪلهه ڇا لکي
رهيا آهيو؟
مراد صاحب:
اڄڪلهه اهو ڪم آهي ”سامي سج وڙاءُ“. اهو منهنجي
ذهن ۾ سرندو رهندو آهي. ٿوري به وٿي ملندي آهي ته
اهو لکي وٺندو آهيان، ان سان گڏ ٻيا به مسئلا ٿين
ٿا، مثال طور اسان جي ٻوليءَ جو مسئلو آهي ۽ اسان
جي ٻوليءَ ۾ ڪيتري توانائي ۽ ترقي آهي اها نه ٿي
آهي. مون 1986 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هڪڙو ليڪچر ڏنو
هو سنڌي ڊپارٽمنٽ ۾ ان جو موضوع هو ”سنڌي ٻوليءَ
جي علمي حيثيت“. اهو مون هينئر ڪڍيو ته ڇا ڳالهه
چيل آهي ان ۾، ان مان مون کي محسوس ٿئي ٿو ته هاڻي
اڳتي هلي ان ڳالهه کي- مان سوچيان ٿو ته مان ان تي
مختلف ڪارڻ جيڪي آهن ته اسان جي سنڌي ٻولي اها
علمي حيثيت ڇو اختيار ڪري نه سگهي آهي اڃا تائين،
ان جا سبب ڪهڙا آهن، تاريخ جي حوالي سان مان ان تي
لاڳيتو سوچيان پيو، مون ان تي ڪتاب به گڏ ڪرڻ شروع
ڪيا آهن، نوٽس به وٺڻ شروع ڪيا آهن، مان سمجهان ٿو
ته ان تي هاڻي ٿورو وڌيڪ ڪم ڪندس.
ڪوثر: مهرباني
مرزا صاحب، اوهان وقت ڪڍي اسان جي اسٽوڊيوز ۾ آيا
اوهان جي تمام وڏي مهرباني.
مراد صاحب: مهرباني
ادا.
[ريڊيائي انٽرويو 1994] |