سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  وساريان نه وسرن

باب-

صفحو :7

تڙڪڻ، تار گھڙڻ، اي ڪاڻيارن ڪم
ڏھ
ڏھ ڀيرا ڏينھن ۾، ڏي ڏوراپا ڏم
عقل
مت شرم، ٽيئي نينھن نھوڙيا.
 

جا ھڙ اندر جيءَ ساھڙ ڏني ساھه کي
ساھڙ
ڇڙي نه ساھه جي ساھڙ ساھڙ ريءَ
ساھڙ
ميڙ سميع ! ته سا ھڙ ڇڙي ساھه جي
 

ڪڙرا ڏونگر ڪھه گھڻي جت واٽن تي واري
آڏالڪ لطيف چئي بر سڄن باري
جا
منزلن ماري سا قادر ڪيچ رسائين

شاھ صاحب بعضي بعضي جاين تي اھڙا لفظ ڪم آندا آھن جي شلعري جي شان کان گھڻو ھيٺ ڪريل آھن ۽ جيڪڏھن ڪو ٻيو شاعر اھڙا لفظ پنھنجي شعر ۾ ڪم آڻي ھا ته شايد پاڻ کي ۽ پاڻ سان گڏ سنڌي شاعري کي به بدنام ڪري ھا. پر ڀٽائي ڪيمياگر انھن اڻ وڻندڙ ۽ ثقيل لفظن کي سون ڪري ڇڏيو آھي مثال ککي ڇڇي، گند، ٻوڏ، ڪوڙھه، ڦوٽ سنڌي زبان جا مڪروھه لفظ آھن پر شاھه جي يگاني ڪلام ۾ ڪھڙا نه موزون مائيدا ۽ بيحد فصيح پيا لڳن مثلاً

ڍولا ڪڄاڙيا ٻولايون ٻوڏ چئين؟
 

ککي ھاڻيون کاريون ڇڇي ھاڻا ڇڄ
پاند
جن جي پاند سين لڳيو ٿئي لڄ
سمون
ڄام سھج اڀو ڪري ان سين
 

ڪاريون، ڪوجھيون، ڪوڙيون، مورنه موچاريون
وٺي ويٺيون واٽ تي ککي جون کاريون
انھن
جون آريون سمي ري ڪير سھي

”ھاڻا‛‛ جو لفظ ته شاھه صاحب ھڪ جاءِ تي اھڙو فصاحت سان ڪم ۾ آندو آھي جو پڙھڻ سان بيساخته دانھن نڪريو وڃي .اسين اھو لفظ گھڻو ڪري خراب معني ۾ ڪم آڻيندا آھيون جيئن تڪ گونھه ھاڻا،ڇڇي ھاڻا ڪن ھاڻا وغيره پر سسئي جو جڏھن پنھل رسي ٿو وڃي ته فراق جي تپش ۾ جلندي سسئي ٿي چوي؛

”پسيو ھنڌ پچي ھنئون ايھي حبيبن ھاڻا‛‛

اھا ته ٿي سندس لفظي ڪيمياگري پر ھاڻي اچو ته سندس خيال جي ڪيمياگري جو به ھڪ اڌ مثال اوھان جي اڳيان پيش ڪريان. پاراتو ڏيڻ ڪا چڱي ڳالھه نه آھي خصوصاً محبوب کي پاراتو ڏيڻ ته محبت جي مذھب موجب حرام آھي پارسي جو ھڪ شاعر چوي ٿو ته؛

ايزد ترا عاشق ڪناد بريڪ سنگين دل نامھربان چون خويشتن

چون به ھجر اندر بپيچي پس به داني قدرمن

شاھه صاحب به پاراتو ڏي ٿو پر ھڪ عجيب انداز جو پاراٿو ٿو ڏي. سسئي جو جڏھن پنھون ڪنھن به صورت ۾ نٿو پرچي ۽ پاڻ بلڪل نا اميد ٿي ٿئي تڏھن ٿي چوي؛

پنھون پاراتو ڏيان ۽ ٻئي ھٿ کڻي
ته
جڙيو ھوندين جڳ ۾ ٻيو ڏيندءِ رزق ڌڻي.

سھڻي جو محبوب دريا جي پرين ڀر وڃي مينھون وٺي ويٺو آھي. سھڻي کي ھر روز رات جو دريا پار ڪرڻو ٿو پوي. لوڪ جون پچارون ڪھن طرف ته مائٽن جو خوف ٻئي طرف، جان جو خطرو تنھن کان سواءِ، انھن سڀني ڳالھين ھوندي به اجھو ھي لفظ ٿي چئي؛

مينھون ھن ميھار جون، الا! سڀ جئن،
ڪاريون
ڪڪيون ڪنڍيون، وارا ڪيون وين،

شاھه صاحب پنھنجي ڪيمياگري جو سمورو زور اچي پنھنجي ھيروئنس جي مٿان لا تو جن کي فرش تان کڻي وڃي عرش تي پھچايائين. چونڊي چونڊي ھيٺين درجي جي سوسائٽي مان پنھنجون ھيروئنس ڪڍيائين. پوءِ ويو کين سون ڪندو تان جو کين ايڏو ته مٿي کڻي ويو جو اڄ مٿيئن کان مٿيئن سوسائٽي وارا به انھن ڏي منھن مٿي ڪري ٿا نھارين.

ڪنھن به زبان جو ادب حقيقت ۾ انھي ملڪ جي سماج جي سچي پچي تصوير کي چئبو آھي ۽ سماج جو وڏو حصو جتي ڪٿي غريب ماڻھن جو آھي. تنھنڪري حقيقي ادب يا سچي ساھت اھا آھي جنھن ۾ مکيه ڪردار غريبن جي ٽولي مان ڪڍي نروار ڪيا ٿا وڃن. ۽ حقيقي ڪيمياگري به اھا آھي. انگلنڊ جي مشھور شاعر شيڪسپيئر جون ھيروئنس ڏسو ته سڀ امير ماڻھن جون ڌيئر وڏي سوسائٽي جون ڇوڪريون آھن جي شاھ صاحب جي ھيروئنس جي ڀيٽ ۾ نٿيون اچي سگھن.

ويچاري برنارڊشا پنھنجي ڊراما پگميلن ۾ ھڪ گلن وڪڻڻ واري ڇوڪري کي ھيروئن بڻايو ته ساري عمر فخر ڪندي گذاري اٿس. جيتوڻيڪ مٿس ڪيميا ڪندي ٻئي جھان وڃائي ڇڏيا اٿس ته به ويٺو چوي منھنجي گلن وڪڻڻ واري جھڙو ڪوبه جواب ته پيدا ڪري ڏيکاري. ممڪن آھي جو انگريزي ادب م انھي جو جواب نه ھجي پر اسان جي سنڌي ڪيمياگر جي ھيروئنس ڏي ته نظر ڪيو ۽ ازرو انصاف جي ٻڌايو ته ادب جي ميدان ۾ جتي دنيا جي ٻين ملڪن جي اديبن جا لشڪر پنھنجي ادب جا دريا وٺي اچو ٿا بيھن اتي اسان جي لعل جي فقط ڪوزو ڪھڙي نه ممتاز جاءِ وٺيو بيٺو آھي!

مارئي ڌنار ھئي جنھن کي ”ماروئڙن سڃ ڳڻائي سيج ۾ ‛‛ ۽ جا چوي ٿي ته لائن لھڻ مھل به؛

”سون برابر سڳڙا مونکي ٻانھن ٻڌائون‛‛

تنھن کي جڏھن عمر پائڻ لاءِ کھنبا ٿو ڏي ۽ چويس ٿو ته اھا کٿي لاھه ته چويس ڇا ٿي؛

”آءُ ڪيئن سوڙيين سمھان مون ور گھاري ولھه‛‛

جڏھن عمر ڏاڍو تنگ ٿو ڪريس تڏھن ٿي چويس

لوئڙياري آھيان واريان تان نه ورق
سانڍيم
سپيرين لئه لوئي اندر لڪ
ڪنڌ
ڪاسو پٽ پاسو ڏنم تن ترڪ
سندو
مارو حق جان جيان تان پاڙيان
 

خيال فرمايو ته اھا ڪئريڪٽر جي چوٽي آھي يا نه؟

سھڻي ڪنڀارڻ تي نظر ڪريو ڪٿي رھيا ٺڪر جا دلا ۽ ماٽا وڪڻڻ ۽ ڪٿي رھيا تصوف جا باريڪ ۽ پاڪ خيال جنھن ڪنڀارڻ جي ھر ھڪ سٿ مان پيا تجلا ڏين! ھڪ ئي سبق اھڙو ڏنو اٿس جو لک لھي چوي ٿي؛

”پاڻ ۾ کڻج پاڻ سين‛‛

ائين پيو ڀائنجي ته ڄڻ خواجه فريد الدين عطار جو روح انھي ھڪ سٽ ۾ وجھي ڇڏيو اٿس. اڳتي ھلي وري جي کڻي ٿو پڇجيس ته تون ڇا کنيو آھي؟ ته چوي ٿي ته؛

جنھن کي ساڻ پريان جا سور تنھ کي ندي ناھه نگاھه ۾ ڏسو ته ڪڀارڻ چوي ڇا ويٺي سچ آھي؛

آنچھ استاد ازل مي گويد مي گويم  (حافظ)

سسئي برھمڻ جي ڄائي ڌوٻي نپائي ٻروچ جي نڪاح ۾ آئي استاد جي ڪيمياگري جو ڪرشمو ته ڏسو ته برابر پتل مان سون ڪري ڇڏيائينس يا نه؟ جنھن شروع ۾ ٿي چيو؛

نه سمي نه سومري نه آءُ جت اوٺي،
آءُ
انھن مان آھيان جي ٻانڀڻ پڙھن پوٿي.

سا استاد جي فيضي صحبت جي اثر ھيٺ اچي ھڪ ھڪ اھڙو نڪتو ٿي ڪڍي جو عقل حيران ٿيو وڃي اڙدو جي شاعر غالب جڏھن ھي شعر پڙھيو ھو؛

اسي ڪون ديک سڪتا ڪه يگا ھي وه يڪتا
جو
دوئي ڪي بوڀي ھوتي تو ڪھين دوچار ھوتا
 

ته مجلس مان دانھون نڪري ويون ھيون داد ملي ھيس ته ھن کان پوءِ ڪوئي تصوف تي لکي ته ڇا لکي؟ جنھن تي پاڻ چيائين؛

يه مسائل تصوف يه بيان تيرا غالب
تجھي
ھم ولي سمجھتي جو نه باده خوار ھوتا
 

ھاڻي جيڪڏھن غالب انھي سٽ لکڻ تي ولي ٿي ٿو سگھي ته شاھه واري سسئي يقيناً اوليا ھئي ٻڌو ته ڇا ڇا ٿي چوي :

پيھي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رھاڻ
ته
نڪو ڏونگر ڏيھه ۾ نڪا ڪيچين ڪاڻ
پنھون
ٿيس پاڻ سسئي تان سور ھئا
 

پنھون ٿيس پاڻ ويو سسئي جو سينگار
من
عرف نفسھ فقد عرف ربھ اھو ئي آچار
 

مشھور انگريزي شاعر رابرٽ برائوننگ جي ھڪ ڊراما Pippa passes تي تنقيد ڪندي ھڪ انگريز ٿو لکي ته جنھن وقت ھيرو ۽ ھيروئن مرن ٿا انھي وقت ھيروئن جي زبان مان ھي لفظ ڪڍرائڻ ته خدايا رحم ڪر ! مون تي نه، ھن تي. اھو فقط برائوننگ جو ڪم ھو دنيا جي ادب ۾ اھڙو مثال ڪونھي جو مرڻ وقت به پاڻ کي وساري ٻئي لاءِ دعا گھرجي.

اچو ته سسئي کي انھي روشني ۾ ڏسون مسلسمانن جو عقيدو آھي ته مرڻ کان پوءِ جڏھن جنازي کي قبر ۾ داخل ڪيو ٿو وڃي ته منڪر ۽ نڪير نالي ٻه فرشتا اچي مردي کان پڇندا آھن ته ”من ربڪ وما دينڪ‛‛ يعني ڪير آھي تنھنجو رب ۽ ڪھڙو آھي، تنھنجو دين؟ سسئي کان جڏھن منڪر ۽ نڪير اچي ائين پڇيو ته اجھو ھي اٿس پھريان لفظ

منڪر ۽ نڪير کي جڏھن ڏٺائين
اڳيان
اٿي ان جي پنھون پڇيائين
ادا
اتاھين ڪو ويو ساٿ سڄڻ جو؟

ظاھر آھي ته رابرٽ برائوننگ جي ڊراما ۾ اڃان ھيرو ھيروئن مري ڪين ويا ھئا ۽ اھڙي حالت ۾ ھيروئن پاڻ کي وساري پنھنجي محبوب لاءِ دعا گھري. پر شاھه صاحب واري ڳالھه ۾ ته سسئي مري چڪي ھئي ۽ منڪر نڪير اڳيان به پاڻ ياد ڪين ھوس کيس محبوب پنھل جي يادگيري ھئي.

نوري گنديءَ جو ته ثاني ملڻ محال آھي. شاھه صاحب ھي ته سچ پچ لڏ مان لعل ڪڍي نروار ڪيو آھي. سنڌ جي حاڪم سمي ڄاڻ سان پرڻيل آھي ڄڻ سنڌ جي راڻي آھي. ته به پنھنجو اصل نٿي لڪائي. سون ورنين سمين جي اڳيان به چوندي ٿي رھي ته اسان جون ککي ھاڻيون کاريون ۽ ڇڇي ھاڻ ڇڄ اسين ڪاريون ڪوجھيون ڪوڙيون مور نه موچاريون وغيره. خيال فرمايو ته شاھه صاحب ھن گندري کي ڪيڏي نه اخلاقي اوج تي وڃي بيھاريو آھي ۽ کيس اھڙو ته سون ڪري ڇڏيو اٿس جو اڄ تائين به سوين ماڻھون ھندو مسلمان سندس مقبري تي زيارت لاءِ ٿا وڃن. تازو آءُ به ٿي آيو آھيان. شاھه ڀٽائي جي ڪيمياگيري جو ھي ھڪ ڪمال آھي جو اسان جي ھن بدبخت ديس م جتي ھڪ لفظ جي بريا زير ڏيڻ تي به جھيڙو متو پيو آھي. جتي عربي سنڌي ۽ ھندو  سنڌي جو سوال قوم کي ڪھڻ جي حد تائين ڇڪيو ٿو وڃي اتي شاھه صاحب پنھنجي ڪيميائي مٺاس جي زور تي جيئريون جاڳنديون عربي جون سٽون وجھي به ساري سنڌ کي قبول ڪرائيندو ٿو وڃي.

”لا تقنطو من رحمت الله ترھي ان تريج‛‛

جھڙو ھندو ٿا پڙھن تھڙو مسلمان مطلب شاھه صاحب پنھنجي ڪيميا جي زور تي ھندو مسلمان ھڪ ئي ڌاڳي ۾ پوئندو ويو. اھو اتحاد جو ڌاڳو بڻايو ھئائين جنھن ۾ اول پاڻ کي پوتو ھئائين جنھن بابت چيائين ته؛

”ساھه سڳي ۾ سور جي پرين ويو پوئي‛‛

آھي ڪو اھڙو ھندو يا مسلمان جو انڪاري ٿئي؟ ڀلا جي ڪڏھن ھڪ ئي سڳي پوتل آھيون ھي ناانصافي آھي ڇا جي؟

مسٽر آءِ آءِ قاضي جلسي جي ڪارروائي ختم ڪندي ارمان ظاھر ڪيو ته سنڌ ۾ اسين ماڻھو پنھنجن بزرگن جي قدر شناسي ڪرڻ اھڙي پيماني تي نه سکيا آھيون جنھن پيماني تي ھڪ زنده قوم کي ڪرڻ جڳائي. شاھه صاحب پارو ڪو شاعر اولھه ۾ پيدا ٿئي ھا ته شاھه صاحب جي شعر جي اڀياس لاءِ ھنڌ پٽ مرڪز کوليا وڃن ھا .اسان وٽ ھتي ڪھڙي ماجرا آھي؟ يڪتارن ۽ دلن تي ڪي رمتا فقير شاھه صاحب جو ڪلام ڳائي عام لوڪ کي ٻڌائي خوش ڪن ٿا باقي شاھه صاحب جي شعر جي اونھائي ۽ موڪرائي عمق ۽ وسعت جي پوري پوري ڄاڻ اڃان ته اسان سنڌين کي پيئي ڪانھي.

پھرين ڏينھن جي ڪاروائي چيئرمين صاحب جي شڪر گزاري ادا ڪرڻ کان پوءِ پوري ٿي.

14 مارچ 1941ع تي وري به خالقڏني ھال ۾ ڪانفرنس جي ڪارو ائي 5 بجي شام جو شروع ٿي. اوائل ۾ آنريل سيد ميران محمد شاھه صاحب ڀٽائي جي ڪلام مان ئي دعا جا ٻه اکر چيا ؛

الله جن نالوء، تنءَ مون وڏو آسرو
خالق
! تنھنجي کاند جو، پرو پاند نه ڪو ءِ
نالو
رب ! سندرءِ، رھيو آھم روح ۾.
 

مٺو جنءَ نالو ءِ، تنءَ مون مون وڏو آسرو
ڪو
در ناه جھوءِ مون ٻيا در گھڻا نھاريا.
 

جيڏو تنھنجو نانءُ ٻاجھه به اوڏيائي مڱان
ريءَ
ٿنڀين ري ٿوڻيين، تون ڇپر، تون ڇانءَ
ڪڄاڙو
ڪھانءِ توکي معلوم سڀڪا
 

ڏاتار ته تون، ٻيا مڙئي مڱڻا
مينھن
مندائتا وسڻا، سدا وسين تون
جي
گھر اچين مون، ته ميريائ مان لھان!
 

ستر ڪج ستار، آءُ اگھاڙي آھيان،
ڍڪج
ڍڪڻھار، ڏيئي پاند پناھه جو
 

تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا
جانب
منھنجي جيءَ ۾ آزار جا انوا
صاحب
! ڏي شفا ميان مريضن کي
 

تون حبيب، تون طبيب، تونھين ڊٺن ڊب
تون
ڏيين، تون لاھيين، تونھين ھادي رب
آھم
اي عجب، جنءَ واريو ويڄ وھاريين.

جلسي جي ڪارروائي ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب جي زير صدارت ھلائي ويئي. پھرين پھرين شمس العلما ۽ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽه صاحب ھيٺيون مضمون حاضرين کي پڙھي ٻڌايو.

شاھه جي نظر ۾ انسان جو تصور

ڪائنات جا اسرار بي انتھا آھن ۽ جيتري انھن جي ڦولھه ڪبي اوتري قدر مونجھاري ۾ پئبو. جنھنڪري شاھه صاحب فرمايو آھي ته؛

اونھي تنھن عميق جي واري ڇڏ وماس

انھي ڪائنات کي صوفين پنھنجي اصطلاح ۾ عالم اڪبر ڪري سڏيو آھي ۽ انسان جو ڪائنات جو جزو آھي تنھن کي عالم اصغر ڪري چيو اٿن. جيڪي به ڪائنات ۾ موجود آھي تنھنجو اختصار انسان ۾ موجود آھي. تنھنڪري انسان سڀني ممنڪات جو مجموعو ۽ مصدر آھي. انھي حالات ۾ انسان جي وجود جا اسرار به لامتناھي ۽ غير محدود آھن جيئن شاھه صاحب فرمايو آھي ته؛

نڪا ابتدا عبد جي نڪا انتھا
جن
سڃاتو سپرين سي وڃڻ کي ويا،

انھي ڪري صوفين وٽ مشھور حديث آھي ته ”من عرف نفسه فقد عرف ربھ‛‛ جنھن پاڻ کي سڃاٿو تنھن رب کي سڃاتو.

باوجود انھي رتبي جي انسان ٻن متضاد مخالف طاقتن جي وچ ۾ آھي. منجھس ملڪي طاقتون به آھن ته بھيمي يعني مرن جون، طاقتون به . جيڪڏھن بھيمي طاقتون زرو پئجي ويون ته انسان پسون جي درجي کان به ھيٺ ڪري پوندو پر جيڪڏن ملائڪي قوتون قابض ٿيون ته ملڪن جي درجي کان به مٿي چڙھي ويندو. جيئن فارسي واري چيو آھي ته؛

آدمي زاده طرفھ معجونيست
از
فرشتھ سرشتھ واز حيوان
گر
ڪند ميل اين شود بھ ازين
ور
ڪند ميل ان شود بھ ازان

تنھنڪري انھن متضاد طاقتن جي وچ ۾ ھميشه جنگ جاري آھي، جنھن پنھنجي نفس کي ماري مات ڪيو تنھن گريا وجود جو ورق ورايو، ۽ پاڻ کي الاھي حضور جي لائق ثابت ڪيو. اھڙو ماڻھو روحاني ترقي ڪندي ڪندي ، آخر اھڙي حد کي پھچي ٿو جتي ان کي ڪامل انسان چئجي. صوفين جي نظر ۾ ڪامل انسان فقط رسول الله صلعم ئي آھي، جو پنھنجي ڪمال ۽ قرب سبب اھڙي حد تي پھتل آھي جو نڪي عاشق آھي نڪي معشوق ۽ نڪي خالق نڪي مخلوق انھي باري ۾ شاھه لطيف فرمائي ٿو،

عاشق چؤ م ان کي، م ڪي چؤ معشوق،
خالق
چؤ م خام تون، مه ڪي چؤ مخلوق،
سلج
تنھن سلوڪ جو ناقصائي نڱئو.

اھڙي حبيبي حقيقت جنھن کي صوفي حقيقت محمدي ڪري چوندا آھن. خواج محمد زمان لنواري واري ھن طرح بيان ڪئي آھي.

عجب جھڙي آھه، حقيقت حبيب جي
نڪين
چئبو سو ڌڻي نڪي مخلوقا
شفق
جي ساڃاءِ، جامع ليل نھار کي،

گرھوڙي صاحب واري ان جو وستار ھن طرح ڪيو آھي؟

وصف جنھن ورنه  جي مٿو مور نه آھ،
سسئي
سھڻي مون پرين مارئي محبوبا،
پاڙي
مون پرين جي مجنون مشتاقا
 

حقيقت حبيب جي، عجب جھڙي آھه
جامع
ليل نھار کي، شفق جي ساڃاءِ
آگو
چئو م ان کي، نڪي مخلوقا

اھو سالڪ جو انھي منزل کي رسي ٿو تنھن گويا توڙ ڪيو ۽ اھو آھي انسان جي ڪمال جو شان جو بشري عارضن جي فنائيت بعد نصيب ٿئي ٿو. جيئن شاھه صاحب فرمائي ٿو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org