سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  وساريان نه وسرن

باب-

صفحو :16

استاد منظور علي خان جون ڳايل مشھور ڪافيون

1.     آءُ راڻا رھه رات تنھنجي چانگي کي چندن چاريان.

2.    وينديس يار مري تنھنجڙي درد فراق ۾.

3.    ڏنو راءِ ڏياج، ھي سر صاحب تان صدقي،

4.    پرچن شال پھنوار، ڍولا مارو.

5.     آءُ ڪھه ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو.

6.    يار سڄڻ جي فراق آءُ ماري

7.    رانجھا تخت ھزاري دا سائين.

8.    ڪيڙو مست پرين جي ناز مون کي

9.    ڇڏ رسامان آءُ تون راڻا.

10.عشق شرع ڪيا لڳي لڳي وي قاضيا

11. ماڙيون ڀانيان ماتام

12.کتا ڪينجھر ڪناري طنبو تماچي ڄام جا

13.ويئي سا ويئي ياراني يارن مان

14.عمر ديس پنھنجو وسارڻ ڏکيو آ

15. آءُ ڪيئن آتڻ وڃان ري جيڏيون

16.سڪ مارن جي سمھڻ نه ڏي.

17.عشق کڙا ڪيا سوين لک ساز

18.بوند بره جي بھار لڳي، دردوندي جو ديس وسي پيو

19.اکڙين ميگھه ملھار، صورت تنھنجي سڀ جڳ موھيو.

20.مون ۾ عيب اپار آءُ ڪا پاڻ وھيڻي

21.جت ته زوراور يار اديون.

22.منھنجي آھي جتن سان جيءَ جي جڙي

23. صحيح سڃاتم يار وي، ساڳيو ساڳيو جيڏيون.

سنڌ جو سينگار

فقير عبدالغفور

ڳالھه روح جي خوشي جي آھي ته اھا عشق سان ئي پلئه پوندي آھي. سچو عشق انسان کي نچائي سنواري اھڙي ماڳ تي رسائي ٿو جتي رڳو تونھين تون جي تنوار ھوندي  ۽ جتي حق ۽ حق موجود جا نيھن ڀريا نعرا پيا ٻرنا آھن. اھڙا سچا عاشق ڪي نوري ته ڪي ناري ڪي آرام کي آڏو ھجن ته ڪي وري سدائين ستا سونھن ھر ڪنھن جا ڳڻ اوڳڻ جدا جدا. نه سندن اچڻ جي ڄاڻ ۽ نه ٿي سندن وڃڻ جي سڌ بنه ڪنھن اوڦٽي ۽ اوچتي رت مثال ڄڻ ته ھڪ لحظي لاءِ آيا ۽ ڪي سرھا گل ٽڙيا انھن جي سرھاڻ سڄي ماحول کي معطر ڪيو، ۽ اوچتوئي اوچتو ڪومائجي ويا. اھي لحظا جيتوڻيڪ سالن جي سنڌي ۾ پکڙيل ھجن پر يار جي ياري ۾ گذريل پيار ڀريا سال به لمحن برابر ئي ھوندا آھن آءُ سمجھان ته ھن جنسار جو ٽڪساٽ به جھڙوڪر اھڙن پيارن ۽ سچن سڄڻن جي ڪري ئي قائم آھي انھن مان ڪن قلم وسيلي انسانن جي دلين تي حڪومت ڪئي ته ڪن پنھنجن آلاپن ۽ صدائن سان ماڻھن کي موھي مست ڪيو.

پنھنجي صدائن ۽ آلاپن سان سڄي سنڌ کي موھڻ وارو محبن جھڙو مٺو سخن جو سچو محفلن جو مور ۽ مھندار ۽ يارن جو يار ۽ اسان جي فقيراڻي ساٿ جو سرواڻ فقير عبدالعفور به ھو. سنڌ جو ھيءُ مانائتو ۽ منفرد راڳائي فقير پنھنجو صدائون ۽ يادگيريون اسان وٽ ڇڏي 22 جوالائي 1986ع تي وڃي سدائين لاءِ سکيو ٿيو. اڄ فقط سندس سدا ملوڪ ڪافين جا ورلاپ آھن جيڪي سدائين پيا اسان جي ڪنن ۾ ٻرندا.

فقير عبدالغفور پٽ محمد صالح  ذات جو لکڻ حيدرآباد سنڌ ۾ تقريباً 1910ع ۾ ڄائو سننڌي پنج درجا پڙھيو پنھنجي طبيعت جي ارڏائي ۽ راڳ سان رغبت ڪري اڳتي نه پڙھيو ٻارنھن سالن جي عمر ۾ ٽنڊو محمد خان جي ھڪ ڳائڻي حاجي سان گڏ ڳائڻ شروع ڪيائين. انھي لحاظ کان حاجي سندس استاد ٿيو. پاڻ ٻڌايائين ته استا د حاجي يڪتاري تي ڳائيندو ھو تمام سريلو ھو سندس آواز جو انت ئي نه ھو لئي به تکي ئي ڳائيندو ھو. ڳائڻ جي ميدان ۾ شھرت حاصل ڪرڻ کان اڳ فقير گھوڙي ڳاڏي ھلائيندو ھو پاڪستان کان اڳ حيدرآباد شھر جي ڏاڍن مڙسن مان ھڪ ھو پوءِ سردار محمد بخش ڪوجھي (حميات الاسلام ڪاليج وارو) جيڪو سچل سرمست جو طالب ھو تنھن سان واقفيت ٿيس انھيءَ جي محبت ۾ سچل جي درگاھه تي حاضري جا ڪلام ڳائڻ شورع ڪيائين سنه 1955ع ڌاري ريڊيو حيدرآباد جي قائم ٿيڻ کان پوءِ ڳائڻ شروع ڪيائين ۽ آھستي آھستي سندس شھرت وڌندي وئي جرمني جاپان آمريڪا ۽ متحده عرب امارات ويو. ۽ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري داد حاصل ڪيائين سنه 67-1966ع ۾ پاڪستان سرڪار طرفان کيس تمغه امتياز مليو جيڪو سنڌ جي يڪتاري تي ڳائڻ وارن ھمراھن مان ڪنھن کي اڳ نه مليو، مجموعي طور فقير عبدالغفور سنڌ جو پھريون ڳائڻو ھو، جنھن کي حڪومت طرفان ڪنھن به قسم جو اعزاز مليو.

عبدالغفور قد جو قدآور منھن ۾ مڙساڻي مڻيا آواز ۾ اڌما، اکين ۾ عشق جو سرور دل م سوز ۽ روح ۾ راڳ رچيل راڳ  به اھڙو جنھن ۾ رڳو ويراڳ وارو رنگ، ڪافيون ڪلام پختا ڪچو ڪلام ڪڇڻ فقير جي اڍ ۾ ئي نه ھو. مون کيس پھريون ڀيرو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي جيڪو ھومسٽيڊ ھال ۾ قائم ڪيو ويو ھو سنه 57-1956ع ڌاري ٻاھرين لان اتي ويٺل ڏٺو ھو. سندس ھٿ ۾ ماچيس ھو ان جي تار تي آھستي آھستي جھونگارڻ ۾ لڳو پيو ھو ان زماني ۾ آءُ ريڊيو حيدرآباد جي ڊرامن ۽ فيچرن واري پروگرامن ۾ وقتي طرح سان ننڍڙا ننڍڙا ڪردار ادا ڪندو ھوس. ۽ ڪڏھن ڪڏھن ڊراما ۽ فيچر به لکندو ھوس فقيرن جي لفظن موجب ان وقت آءُ اڃان وات ڳاڙھو ڇوڪرو ھوس انھي ڪري انھن جي مون تي اک ئي ڪانه ٻڏندي ھئي. اھو اھو زمانو ھو جڏھن فقير عبدالغفور جي سڃاڻپ ڀٽائي سائين جي ڪافي ”عمر مون نه وڻن تنھنجو ماڙيون اسين ماروئرا مال چاريون الا‛‛ ھئي ھر ننڍڙي وڏي جي وات تي ھوندي ھئي ڪاليجن جي تقريبن ۾ فقير صاحب جڏھن اھا ڪافي ڳائيندو ھو ته ھر ھنڌ ھوڪريا پئجي ويندا ھئا ان کان سواءِ ”مالڪ توبھه تو در‛‛ به فقير مرحوم وڏي جذبي ۾ پنھنجي منفرد انداز ۾ ڳائي ٻڌندڙن جي دلين تي وڏو اثر وجھندو ھو. ان زماني ۾ ريڊيو تي رڪارڊنگ بنھه ڪانه ٿيندي ھئي ڇاڪاڻ ته ان وقت رڪاڊنگ ٽيپ ريڊيو تي رائج نه ٿي ھئي، البته ڊسڪ رڪارڊنگ جو عمل موجود ھو پر اھو به نھايت ڏکيو طريقو ھو انھي ڪري اھا ريڪارڊنگ به تمام گھٽ ٿيندي ھئي ان ڪري فقير صاحب جو.اھو جوڀن وارو آواز اڄ محفوظ نه آھي پر مون جھڙا ڪيترائي ٻڌندڙ اڄ به ان آواز کي سارين ٿا.

عبدالغفور لکڻ، فقيراڻو رنگ ڪڏھن اختيار ڪيو ان جي مون کي پڪي پوري سڌ نه آھي ڇاڪاڻ ته فقير صاحب پنھنجي ڦوھه جواني واري زماني ۾ لٺ ڌڪي جو مڙس ھو. سندس ڏاڍ مڙسي جو ڌاڪو سڄي شھر تي ھو. سندس انھي سنگت ۾ مرحوم مرزا الطاف، مستري ممون ۽ اسان جو اڄ جي زماني جو مشھور شاعر مظفر حسين جوش به شامل ھئا اھو زمانو پاڪستان کان اڳ وارو ھو تڏھن ھيرآباد ۾ مسلمانن کي ھندو دادا گير گھڻو تنگ ڪندا ھئا پر چئن جو ھي ٽولو جتي ويو اتي اصل ٺاپري ٿي ويندي ھئي مجال جو ھنن ڏي ڪو اک کڻي به نھاري. جواني جي مستي ۾ انھن ھمراھن کي جتي به خبر پئي ته فلاڻي علائقي ۾ واڻين ارھه زورائي ڪئي آھي ته بنا سوچڻ جي اتي پھچي ويندا ھئا، ۽ ماري ميدان کٽي ايندا ھئا. عبدالغفور جو اھو زمانو جن ڏٺو سي چون ٿا ته پنھنجي مرداني وجاھت ۽ سونھن سان گڏ عقاب جي اک سان دشمن کي ڏسندو ھو ۽ شڪارتي ڪيئن ۽ ڪھڙي مھل وڃي ڪڙڪندو ھو، تنھن جي آڏو شڪار کي به خبر نه پوندي ھئي مطلب ته ذات داداگير ان وقت فقير صاحب جي آنڪي ڀريندو ھو.

حميد آخوند صاحب جڏھن پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد جو ريزڊنٽ ڊائريڪٽر ھو تڏھن فقير عبدالغفور سان ٽريننگ ڪاليج فارمين جي لان تي ھڪ شام ملھائي، ان شام جو مرحوم پير حسام الدين شاھه راشدي مھمان خصوصي ھو ان موقعي تي فقير صاحب جي باري ۾ مون کي به ڪجھه ڳالھائن جو حڪم مليو مون فقير جي زندگي جي انھيءَ پھلو تي ڳالھايو ۽ ٻڌندڙن لاءِ فقير جو اھو روپ نئون ھو پير صاحب جڏھن پنھنجي صدارتي تقرير لاءِ اٿيو ته پنھنجي مخصوص ٿڌي ۽ اثرائتي آواز ۾ چيو ته مرزا چيو ته فقير داداگيري ڪري ٽڪرين تان آنڪي ڇڏائيندو ھو ڏاڍن مڙسن تي ھن جو ڌاڪو ۽ راڄ ھو... مان سمجھان ٿو فقير عبدالغفور جو اھو راڄ اڃان جاري آھي ۽ سدائين جاري رھندو فرق فقط اھو آھي ته اڳ فقير صاحب ماڻھن جي جسم تي پنھنجي ڏھڪاو سان راڄ ڪندو ھو ۽ اڄ پنھنجي سريلي ۽ فقيراڻي آواز سان ماڻھن جي دلين تي حڪم ھلائي ٿو.

فقير ماڻھن جي دلين تي ڪڏھن کان راڄ شروع ڪيو ۽ ڪڏھن داداگير  مان فقير ٿيو ان باري ۾ منھنجو ذاتي خيال آھي ته حيدرآباد شھر ان وقت ايڏو وسيع ۽ گھڻي خلق وارو شھر نه ھو اڃان شھر ۾ فقيرن جا اوتارا ۽ درويش جون درگاھون قائم ھيون جتي ھر رات پيو ويراڳ ٿيندو ھو. ماڻھن جي تفريح جا مرڪز اھي ئي ھئا جتي ھو پنھنجي واندڪائي جو وقت گذاريندا ھئا ۽ راڳ ٻڌي دل ويندرائيندا ھئا. اھو زمانو نج سنڌي ڳائڻ واري سدارنگي انداز جو آخري زمانو ھو جنھن ۾ فقير ٽامي جي گھاگھرن ۽ يڪتارن تي درويشن جا ڪلام ڳائيندا ھئا مائڪروفون اڃان ايڏو عام نه ٿيو ھو. انھي ڪري جھجھي آواز وارا ڳائڻا ماڻھن ۾ مقبول ۽ پسنديده ھئا موجوده کوکر پاڙي ۾ منگواڻي فقير جي مزار تي اڪثر سنڌي مشھور ڳائڻا اتي اچي گڏ ٿيندا ھئا ، انھن ۾ محبوب شاھ، غلام کٽي، يوسف کٽي، ذڪر لائق مشھور ڳايل ڪافيون جھڙوڪ تلنگ مان شيرل فقير جي ڪافي،

نه مون چورو چرخو نه مون ڪئي ڪتڻ جي.

ڀاڳيسري مان لطيف سائين جي ڪافي:

ننڍ نه ڪر نماڻي وو نماڻي،

ڀيروي مان شاھه سائين جي ڪافي،

ڇو ٿيون ڏيو مون کي متيون ،

جوڳ، مان نواب فقير ولي محمد لغاري جي ڪافي

وڃن ٿا ويراڳي وطن تي

۽ ڀوپالي مان مخدوم محمد امين جي ڪافي:

سڄڻن جا ساريو سانگ،

نھايت مشھور ۽ مقبول ٿيون ۽ اڄ به اسان جا ڪيترائي ڳائڻا اھي ڪافيون ساڳين سرن ۾ ڳائين ٿا. منگواڻي فقير جي مزار کان سواءِ سخي پير جي درگاھه داتا جمن شاھه جي درگاھه گل شاھه بخاري اميدن ڀريي ڇٽن شاھه ۽ ٻين اوتارن ۾ راڳ ويراڳ جون اھي محفلون زورن تي ھنيون. فقير عبدالغفور انھي دور ۾ ڦوھه جواني جي عالم ۾ ھو، ڳائڻ سان ته ھن جي ننڍي وھي کان دلچسپي رھي، ۽ تيرھن سالن جي ڄمار ۾ ڳائڻ شروع  ڪري ڏنو ھئائين  اھو انھن مڙني ماڳن تي ڀيرا ڪندو رھيو ٿي انھي وقت ھن يڪتارو ۽ چپر ھٿ ۾  نه کنيا ھئا، ائين پنھنجي آواز جي زور ۾ ھانو جي سوجھري تي ويو ان رنگ کي سمجھندو جيئن جيئن ھن جو ذوق ان پاسي وڌيو ته جھيڙي جھٽي کان به پري ٿيندو ويو مٿان ٿر واري پاسي ڪنھن الھڙ نينگر سان پريت جو پيچ پئجي ويس تنھن ته سون تي سھاڳ جو ڪم ڪري ڇڏيو. ھمراھه ان مجاعزي سفر ۾ سوين ميل ھليو ڪڏھن اٺ تي ته ڪڏھن گھوڙي تي ڪڏھن ته وري پيرن پيادو پرين جا پڙھا پڇندو منزلون جھاڳيندو رھيو. ڪي سال انھي رنگ ۾ رتو پئي ھليو جڏھن موٽي حيدرآباد پھتو ته اھي شھزوريون ۽ من مستيون به عشق جي واھڙ وھائي ڇڏيس. پوءِ انھن اوتارن ۽ درگاھن ۾ ويراڳي ورلاپ ڪندو وتندو ھو ڪو ٻڌي نه ٻڌي فقير ماچيس ڪن وٽ رکيو ان جي تار تي پيو ڪلام ڳائيندو ھو. اھو ئي دور ھو جو نولراءِ مارڪيٽ ۽ گلن واري گھٽي واري فقيرن واري مڙھي جي ڇتي فقير سان ڀائپي وارو رستو ٿي ويس. اھا ئي ڀائپي ۽ دوستي فقير لاءِ وڏي آٿت جو سبب ٿي جيڪو دڳ ھن ورتو ھو اھو ئي اوجھڙ جو ھو فقير جي سنگت ھن کي ياري جا نوان تند پسايا ۽ ويراڳ جو رنگ پورو ٿيو. فقير ساڳيو ٽانگو ساڳيو گھوڙو ساڳيا حيدرآباد جا رستا پاڪستان قائم ٿيو. ته فقير جي ساڳي ڪرت ھئي البت اوتارن ۽ درگاھن وارا پير ھن ترڪ نه ڪيا جتي سندس اندر جا اڌما سرن جي صورت ۾ رات جي اونداھين ۾ توڙي چوڏھين جي چانڊوڪين ۾ پيا گونجندا ھئا. اھو ئي سندس روح جي سک ۽ سڪون جو باعث ھو. اھي ماڳ  مڪان سندس سنڌي سنگيت جا استاد ھئا انھن ئي ڀيڻين منجھس سنڌ جي نج محبت وارين روايتن کي پڪو پختو ڪيو. جن ۾ ھڪ ٻئي کي ٻڌڻ ۽ سڻڻ در گذر ڪرڻ تڏي آئي دشمن کي به مھمان سمجھڻ ۽ راڳ ڀاڳ توڙي ننگن نياڻين کي مان ڏيڻ شامل ھو. ننگ سڃاڻڻ ۽ نياڻين کي پنھنجو اولاد سمجھڻ واري عمل فقير کي مرحوم سردار محمد بخش ڪوجھي جي وڏو ڪيو ان وقت ٻارن کي اسڪول وٺي وڃڻ لاءِ گھڻو ڪري ٽانگا استعمال ٿيندا ھئا فقير عبدالغفور جي راڄ چنڱ مڙسائي مرحوم ڪوجھي کي متاثر ڪيو ۽ ھو پنھنجي ٽانگي سميت ڪوجھي مرحوم جي گھر جي حاضري جو ڪوچمين ٿي ويو. منھنجي خيال جي فقير صاحب جي راڳ ۽ وڇٿري، زندگي جي ٻئي دور جي ابتدا اتان ٿي. سردار محمد بخش ڪوجھي مرحوم ۽ ھڪ درويش صوفي مسلڪ جو ماڻھو ھو ھن کي سچل سائين جي درگاھه سان بيحد عقيدت ھئي ۽ سچل جي درگاھه جو وڏو خليفو ھو. پاڻ ڪافي جو به چڱو شاعر ھو ۽ ڪافي جي حوالي سان راڳ روڳ خصوصا صوفياني ڪلام سان تمام گھڻي دلچسپي ھئس مستي ۾ اچي پاڻ به پنھنجي حال سارو يڪتاري تي ڪلام چوندو. ھو اڪثر سچل سائين جي ڪلام جون ڪچھريون ڪرائيندو رھندو ھو. ۽ اوڪاف کاتي جي قيام کان شيخ ڪوجھي صاحب سچل جي ميلي جا اتنظام به پاڻ پنھنجي سر ڪندو ھو. اھو نظام سندس وفات کان پوءِ سندس ڀائر ۽ پونير جاري رکندا آيا اھڙي ئي ھڪ ميلي تي جنھن جو انتطام مرحوم رحيم بخش ڪيو ھو. آئون به حيدرآباد مان سنڌي ادبين سان گڏجي درازا ويو ھئس ڪوجھي فقير جي ويراڳ واري دنيا ۾ فقير جڏھن پير پاتو ته ھو. دنيا جا مڙئي ڏک سور سھي پڪو پختو ٿي چڪو ھو. عشق جي چپيٽ به کيس ريٽو ڪري ڇڏيو ھو . ڪوجھي فقير به عبدالغفور جي سحر ڀري شخصيت ۾ ڄڻ سوگھو ٿي ويو. ۽ ڇڪي کڻي سيني سان لاتائين اھو پيار ان حد تائين پھتو جو ڪوجھي مرحوم فقير عبدالغفور کي گھوڙي گاڏي ھلائن کان روڪي حمايت الاسلام ڪاليج جي پٺين پاسي موجوده سرفراز ڪالوني ۾ گھر لاءِ زمين جو ٽڪرو به ڏياريو ۽ ڪاليج جي احاطي ۾ ھڪ ننڍڙي ڪوٽڙي ٺھرائي ڏني جنھن ۾ سڄو ڏينھن عبدالغفور ويٺو ھوندو. سج لھڻ کان پوءِ سردار محمد بخش ڪوجھي به اچي وٽس ڀيڙو ٿيندو ھو. پھرن جا پھرراڳ ۽ ويراڳ جي محفل متي پئي ھوندي ھئي. ڪوجھي فقير جيئن ته سچل جو طالب ھو. انھي ڪري ھو عبدالغفور کان گھڻو ڪري سچل سائين جو ڪلام ئي ٻڌندو ھو. ان وقت فقير ھڪ پاسي سچل جي ڪلام جو سونھون ٿيو. ٻئي پاسي فقير جي رياض جو سلسلو به ھلندو رھيو. ھي اھو دور ھو جنھن ۾ عبدالغفور فقير ٿيو. ۽ گيڙو جامو پھريائين. فقير جو به سچل سائين جي ڪلام سان بنھه گھڻو انس ٿيو. ۽ سچل ڄڻ سندس شناس بنجي ويو. منھنجي خيال ۾ فقير عبدالغفور پھريون مرحوم ڳائڻو ھو. جنھن ريڊيو اسٽيج ۽ ٽي وي تي سچل جا ڪلام وڏي جذبي ۽ اتساھه سان ڳايا. ۽ ٻين ڳائڻن سچل جي ڪلام تي پوءِ ڌيان ڏنو. البت درگاھه سچل سرمست سان لاڳاپايل فقير ۽ ٻيون درگاھون جتي سچل جا طالب سندس ڪلام ڳائيندا  ھئا ۽ اڃان ڳاين پيا اھي ان کان جدا آھن سنه 1955 ع ۾ حيدرآباد ۾ ريڊيواسٽيشن قائم ٿي فقير به ٿوري ئي وقت کان پوءِ اچي ڳائڻ لڳو. ان زماني ۾ جيئن ته فقير ماچيس جي تار تي ڳائيندو ھو تنھنڪري ان کي آساني سان پروگرام نه مليا آواز جو امتحان ۽ سرتال جا معيار نھايت سخت ھئا ڪنھن کيس صلاح ڏني ته ”يڪتارو ۽ چپڙ‛‛ کڻ فقير جي دل ۾ اھا ڳالھه اصل ويھي وئي. ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ ماچيس مان جند آجي ڪري يڪتاري ۽ چپر تي ڳائڻ لڳو ۽ پوءِ اھي شيون ڄڻ ته سندس ذات جو حصو بڻجي ويون. فقير عبدالغفور سان منھنجي ڏيٺ ويٺ ڀٽ شاھه جي ميلي جي تقريبن دوران ٿي. منھنجي عمر ننڍي ھئي. آءُ ھنن مڙني ھمراھن سان گھڻي حجت نه ڪندو ھوس. ھن جو ھي سبب ھي به ھو ته ھو اڃان مون ۾ ايترو اعتماد پيدا نه ٿيو ھو. ۽ اسان جا ھي مڙئي فقير ڳالھائڻ جا ڀڙ ۽ چرچن ھڻڻ ۾ ماھر ھئا ۽ آئون اھڙين ڳالھين کان گھڻو ڪري لھرائيندو ھئس اڪثر ھنن جي ڳالھين جا جواب نه اڄھندا ھئا. پر پنھنجي ڪم ۾ سرجوشي ۽ محنت ڪري آھستي آھستي ڪجھه آئون ۽ ڪجھه ھو اڳتي ٿيا. پاڻ ۾ ويجھا ۽ ھجائيتا ٿياسين. ۽ محبت وارو سفر شروع ٿيو. فقير سان به ائين ويجھائي ٿي. پر اھا دوستي ريڊيو حيدرآباد جي پروگرامن ڀٽ شاھه جي محفلن ۽ مختلف موقعن تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جي اھتمام سان ڪن ڪانفرنس موقعن تي ٿيل مختلف محفلن تائين ئي محدود رھندي آئي تان جو سنه 1968-67 ع ڌاري محترم حميد آخوند سان امر جليل جي معرفت ملاقات ٿي سوٽ ڪوٽ پائيندڙ ۽ صاف سٿري اعليٰ درجي جي انگريزي ڳالھائيندڙ حميد حيدرآباد جي پاڪستان نيشنل سينٽر جو ريزينڊنٽ ڊائريڪٽر ھو. ھو لطيف سائين جو ڏھاڙو ملھائڻ وارو ھو ۽ جليل سان صلاح ڪرڻ آيو ھو ته ان پروگرام جي ڪمپئرنگ ڪنھن کان ڪرائجي. مان به قسمت سان اتي وڃي پھتس پھرين ملاقات ٿي پکو منھنجي نالي نڪتو. اھو ڏينھن ھي ڏينھن حميد سان محبت وارو رستو قائم آھي. فقير سان گھرائي حميد سان ملاقات کان پوءِ شروع ٿي. جيڪا سندس زندگي جي آخر تائين قائم رھي. مون فقير غفور جي ڦوھه جواني وارو راڳ کي ريڊيو ٻڌو سندس آواز تمام گھڻو چپر جي وڄت جدا ۽ ٻولين جي ادائگي منفرد ھئي. فقير سان ملي ڳائڻ ھر ڪنھن جي وس جي ڳالھه نه ھئي. ھڪ ته فقير جي چپر جي لئي سان لئي ملائڻ محال ٻيو غفور جي ”آ‛‛ کي پڇڻ ڏکيو. اھڙو ئي ڏکيو مرحلو مون کي 21 اپريل 1970ع تي شاھه جي 218 عرس جي موقعي تي درپيش آيو اڪثر آئون ميلي جي موقعي تي ٿيندڙ راڳ رھاڻ ۾ ڪنھن انداز سان نواڻ آڻڻ جي ڪوشش ڪندو رھندو ھئس. انھي ميلي کان ڪجھه عرصو اڳ محمد فقير کٽياڻ جي ميلي تي وڃڻ جو موقعو مليو. فقير صاحب جي ميندي جي سرگس، نھايت مفرد نموني نڪرندي آھي. مون اتي ڏٺو ته سئو سواسئو يڪتارن وارا گڏيو سڏيو وڏي جذبي ۽ جوش سان ھڪ آواز ٿي نچندا ڪڏندا محمد فقير کٽياڻ جي ڪافي چوندا پيا اچن. سج لھڻ کان ٿورو اڳ جو وقت ھو. سواءِ پڪواز چپر ۽ يڪتاري جو ٻيو ڪو ساز نه ھو. پر فقيرن جا آواز اھڙا مليل جو ماحول توڙي ٻڌندڙن تي ھڪ جادو واري ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي. يار محمد کان پڇيم ته فقير صاحب ڇا ھو؟

چيائين ته مرزا سائين اھو فقيرن جو سنگ ھو اھو منظر منھنجي ذھن ۾ رھندو آيو. تان جو ميلي جي موقعي تي منھنجي ذھن ۾ اھا ڳالھه آئي ته سنگ ڪري ڏسجي. سنڌي راڳ جو اھيو مخصوص انداز آھي جنھن جي گھڻن کي سڌ نه آھي. الله توھار ڪري نياز حسين سان صلاح ڪيائون. جيڪو ميلي جي موقعي تي مڙني مجلس ۾ ٿيندڙ موسيقي جي نظر اندازي ڪندو ھو انھي کي ڳالھه وڻي ھاڻي سوال پيدا ٿيو ته ڳائين ڪير ۽ اڳواڻي ڪير ڪري منھنجي ذھن ۾ اڳواڻي لاءِ فقير عبدالغفور جو نالو آيو ۽ ٻين ڳائڻ وارن مان حسين بخش خادم چاڪر چانڊيو ۽ فقير يار محمد تجويز ڪيم مون کي ڏنگر ڏورڻ آيو. ڪيپي ڪيچ وڃن ڪلام چونڊيم. جڏھن انھي ڪلام جي لئي تي فقير غفور ۽ سندس ساٿي نچندا وجد ۽ ڪيف جي عالم ۾ اسٽيج تي پھتا ته جادو ٿي ويو فقيرن ڳايو ۽ واه جو ڳايو ان کان پوءِ وقت گذرڻ سان انھي سنگ ۾ عنايت علي فقير ڍول فقير، جلال چانڊيو ۽ علڻ فقير به شامل ٿيا ۽ اڄ سنگ جو ڳائڻ سنڌ جي اسٽيج تي ھڪ مخصوص ۽ مقبول اسم آھي. ان سنگ کي منھنجي نڪته نظر کان جيڪڏھن مقبول بنايو ته اھو فقير عبدالغفور ھو. فقير صاحب جڏھن پنھنجي مستي ۾ وجد واري ڪيفيت اختيار ڪندو ھو ته ھر ماڻھو جي نظر مٿس ھوندي ھئي ھو نه رڳو پاڻ نچندو ھو پر ٻين کي به نچائيندو ھو نه رڳو پاڻ ڳائيندو ھو پر ٻين ساٿين کي به پاڻ سان وٺي ھلندو ھو، اھا ٻي ڳالھه آھي ته فقير صاحب پنھنجي تجربي جي بنياد تي پنھنجي مائڪرو فون جي ويجھو ڪنھن ٻي کي اچڻ نه ڏيندو ھو ۽ اھا به ھڪ حقيقت آھي ته ان سنگ ۾ جيڪڏھن ڪنھن وقت ساھي کڻڻ لاءِ ماٺ ڪندو ھو ته ائين لڳندو ھو ته ٻين ساٿين جا آواز ئي ڪونھن سنگ جي تياري ۾ سڀ کان ڏکيو مرحلو فقير جي چپر جي لئي وارو ھو. ھن جي وڄائڻ جي انداز سان ٻي ڪنھن جي به چپر تي ٻيا چپرن وارا مڙئي ساٿ ڏيندا. ائين اسان جي راڳ جي نظام سنگ وارو اسم رائج ٿيو. ۽ ان جي مقبوليت ۾ فقير عبدالغفور جي آواز ۽ نچ جي انداز جو وڏو ھٿ ھو، مان سمجھان ٿو ته جڏھن ته جي ھن سنگ واري شروعاتي زماني ۾ جيڪڏھن اسان سان فقير عبدالغفور گڏ نه ھجي ھا ته ڪر اھو رنگ ڪامياب نه ٿئي ھا.

حميد آخوند ، جيستائين نيشنل سينٽر ۾ ھو ان وقت تائين حيدرآباد جي ثقافتي سرگرمين جو نھايت نميايان اڳواڻ رھيو، ۽ نيشنل سينٽر سنڌي راڳ، ثقافت، ادب توڙي شاعري جي ترويج، لاءِ ھڪ اھم مرڪز بنجي ويو ان اداري جي مقبوليت کي ڏسي حيدرآباد ۾ قائم ٿيل امريڪن سينٽر به پنھنجي مقبوليت وڌائن خاطر خصوصي اجازت سان ھڪ ثقافتي شام جو اھتمام ڪيو، ان موقعي تي موجوده بنگلاديش جي مشھور ڳائڻي شھناز بيگم کي دعوت ڏئي سڏايو ويو. شھنازبيگم جي تن ڏينھن ۾ ڀل ڀلان ھئي. سندس مقبوليت عروج تي ھئي حميد جي صلاح سان ان تقريب ۾ شھناز بيگم کي ساھي ڏيڻ ۽ سنڌين کي خوش ڪرڻ لاءِ فقير عبدالغفور کي به ان محفل ۾ سڏايو ويو. امريڪن سينٽر جي ننڍڙي جلسه گاھه ۾ سنڌي، اردو ٻولين ڳالھائڻ وارا موجود ھئا ماڻھن جي لحاظ کان امريڪن سينٽر جو ھيءُ جلسو نھايت ڪامياب ھو ماڻھو شھناز بيگم کي ٻڌڻ لاءِ آتا ھئا. شھناز بيگم آئي ۽ اٽڪل اڌ منو ڪلاڪ ڳائي مائڪروفون فقير جي حوالي ڪيائين فقير ان شام پنھنجي فن جي عروج تي پھتل ھو پھرين ڪلام سچل جو چيائين ته :

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org