شاھه
جو رسالو
سنڌ
جي وٿن
وکرن
ماڳ مڪانن
۽
تاريخ جو
ڄڻ
ھڪ
املھه ذخيرو
آھي.
ان ۾ جتي
گاھن
ٻوٽن
پکين پسن
جو
ذڪر آھي
ته
اتي
ڪمين
ڪاسبين ۽ ھنر مندن
جي
اوزارن جو
به
ذڪر موجود
آھي.
اڄ جو
دور
سائنسي ترقي
جو
آھي ۽ آھستي
آھستي اسان
جو
سماج ھٿ جي
پورھئي کان پري
۽
مشيني ڪمن کي اوڏو
ٿيندو
پيو
وڃي. نتيجي
طور
وقت گذرڻ
سان
ايندڙ نسل
شاھه
جي رسالي
۾
ڪتب
آيل
اسمن کان غير
واقف
ٿيندا
ويندا. ان
نڪته
نظر کي ذھن
۾
رکندي حميد
آخوند صاحب
شاھه
لطيف جي
رسالي جي
روشني ۾ ھڪ نئين
عجائب گھر
جي
رٿ تي
ڪم
ڪرڻ
شروع
ڪري
ڏنو
آھي جنھن
تحت
مختلف شين
جي
ميڙ چونڊ
شروع
آھي. جڏھن
اھو
عجائب گھر
مڪمل
ٿيندو
ته اسان
رسالي کي اڃان
واضع
طور تي
سمجھڻ جي
لائق
ٿينداسين.
اھو وڏو
ڪم
آھي
جيڪو اڪيلي
ماڻھو جو نه
آھي.
ان ڏس ۾ سڄي
سنڌ
جي ماڻھن
کي
گھرجي ته
حصو
وٺي لطيف
جي
ثقافتي مرڪز
جو
مان مٿانھون
ڪن،
جيئن
اسان جون
اچڻ
واريون پيڙھيون
انھي
نسبت سان
اسان
کي
چڱن لفظن
۾
ياد
ڪن
ڇاڪاڻ
ته انھي
فرض
جي تڪميل
سان
شاھه جي
رسالي ۾ آيل
مڙني
اسمن کي محفوظ
ڪري
سگھنداسين.
ڀٽ شاھه
ثقافتي مرڪز
جي
اسٽيج انھي
لحاظ
کان
به سنڌي
راڳ
۽
ساز جي
تاريخ ۾ منفرد
حيثيت جي
مالڪ
آھي جو
ھتان
ڪيئي راڳائي
وڄتا
اسريا جن
نه
رڳو سنڌ
بلڪه
پاڪستان توڙي
بين
القوامي سطح
تي
سنڌي راڳ
۽
ساز
کي
متعارف
ڪرايو. ھن
ڀيڻي تي
مڙئي
فنڪار دل
۾
عقيدت ۽ عشق
سانڍي بنا
ڪنھن
طمع
يا لالچ
جي
اچي چوڪي
ڏيندا
رھيا
آھن. شروع
کان
وٺي
اڄ تائين
ڪنھن
به
فقير باوجود
انھي
جو اڄ
جو
زمانو انتھائي
پيشه
ورانه اختيار
ڪري
چڪو
آھي
.
معاوضو
نه
ٻوليو
آھي. جيڪي
مليا
سي مرشد
گھوٽ
جي نالي
جو
نذر سمجھي
بنا
ڏٺي
کڻي
پنڌ پوندا
آھن
محض ان
لاءِ
ته ھنن جي
چواڻي
”سڄو سال
سندس
ڪلام
ڳائي
ڪمايون
کائون
ٿا
ھتي
حساب نه
ھلندو
حاضري آھي
چوڪي
آھي سا
ڏبي
پوءِ
ڪي
ملي يا
نه
ملي اسان
جو
نصيب‛‛.
انھي جذبي
۽
محبت
سان اسان
جي
راڳائي ۽ وڄتن
فقيرن ابتدا
کان
وٺي
اڄ تائين
لطيف
سائين جي
ميلي
تي حاضريون
پئي
ڏنيون
آھن. جيئن
ڀٽائي
جو
ملاکڙو سنڌ
جي
ملھن لاءِ
ھڪ
سنڌ
جي حيثيت
رکي
ٿو
تيئن ڀٽ جي
اسٽيج تي
ڳائڻ
وڄائڻ وارن
کي
ڄڻ
سنڌ
۾
ساک ملي
ٿي
اھا
به ھمت افزائي
آھي.
پر حميد
آخوند ان
ڏس
۾
ھڪ
وک
وڌائي
کنئي ۽ راڳائي
فقيرن لاءِ
لطيف
ايوارڊ ثقافتي
مرڪز
کان
منظور
ڪرايائين ۽ انھي
جو
پھريون ايوارڊ
محمد
يوسف کي مليو
استاد منظول
علي
خان مرحوم
پاڻ
کي
انھي ايوارڊ
جي
لاءِ مقابلي
۾
شامل
نه
ڪرايو. اھو
ايوارڊ ھڪ نھايت
وڏي
۽
اعلي تقريب
۾
جيڪا
حيدرآباد جي
اوپن
ايئر
ٿئيٽر ۾ منعقد
ٿي
سنڌ
جي جي
تڏھوڪي گورنر
جناب
ايس ايم
عباسي صاحب
محمد
يوسف کي
ڏنو. اڳتي
ھلي
اھو
ايوارڊ سال
به
سال ٻين فنڪارن
کي
مليو
ابتدا ۾ ان
لاءِ
فقط ھڪ
ٽرافي ھئي پر
پوءِ
ٻين
شعبن جي
فنڪارن کي به
لطيف
ايوارڊ ڏنو ويو.
سنه
1985ع
۾
ان ايوارڊ
ماڻيندڙ فنڪار
کي
ثقافتي مرڪز
طرفان ايوارڊ
سان
گڏ ڏھه
ھزار رپيا
نقد
انعام ڏيڻ جو
سلسلو به
شروع
ڪرايائين.
حميد
آخوند جي
ترغيب تي
ڪراچي
جي
مشھور انگريزي
اخبارن واري
اداري
ھيرالڊ پبليڪيشن
جي
نائب منتظم
اعلي
جناب حميد
ھارون،
پاڪستان جي
ذھين
۽
پڙھيل
ڪڙھيل ماڻھن
کي
ڀٽ
تي
ميلي جي
موقعي تي
حميد
آخوند جي
تعاون سان
مدعو
ڪرڻ
جو سلسلو
شروع
ڪيو
۽
ساڳئي وقت
مختلف مالياتي
۽
عوامي ادارن
طرفان ميلي
کي
ٽن
ڏھاڙن
۾
شريڪ
ٿيندڙ
راڳاين ۽ وڄتن
لاءِ
مختلف رقمون
گڏ
ڪيون،
گذريل ميلي
1987ع
243
عرس
تي اھا
ڪل
رقم
ھڪ
لک ويھه
ھزار
رپيا
ٿي
جيڪا مختلف
فنڪارن ۾ ورھائي
سندن
ھمت
افزائي ڪئي وئي.
اسان
جا راڳائي
۽
وڄتا
ھونئن
ئي حال
ھيڻا
ھئا
۽
ڪنھن
لحاظ
سان اڄ
به
آھن سواءِ
ڪن
يارن
جي
”آڻين ۽ چاڙھين
ڏٿ
ڏيھاڙي
سومرا‛‛
مثل
حيات بسر
ڪن
ٿا.
انھن
لاءِ ان
انعام اڪرام
تمام
ڪارائتا
ثابت ٿيا ۽
ڪنھن لحاظ
کان
ھو
ڪجھه
ڏينھن
لاءِ
ئي سھي
پنھنجن پيرن
تي
بيھڻ جھڙا
ٿي
وڃن
ٿا.
اھي انعام
ثقافتي مرڪز
جي
طرفان ملندڙن
معاوضي کان جدا
آھن
جن ۾ پڻ
حميد
آخوند صاحب
نھايت فراخدلي
سان
واڌارو ڪري ھنن فنڪارن
جي
ھمت
افزائي ڪري دل
کٽي
آھي.
اديبن
۽
عالمن لاءِ
گورنر گولڊ
ميڊل
جو اعلان
به
حميد
ڪرايو جنھن
تحت
شاھه تي تحقيق
ڪرڻ
وارن
عالمن ۽ محققن جي ھمت افزائي ڪرڻ خاطر ڏھن ھزارن جي رقم سان گڏ گورنر گولڊ
ميڊل
ھر
سال ڏيڻ جو
اھتما ڪيو پيو
وڃي.
انھي سان
ٿي
سگھي
ٿو
ته اسان
جي
تحقيق جي
سلسلي ۾ ڪي نيون
راھون
کلن.
ھونئن عالم
۽
اديب، شاعر
۽
محقق
سدائين انعامن
اڪرامن کان مٿانھان
رھيا
آھن ھنن جي
پنھنجي خلوص
۽
ان جي لحاظ
کان
اھي
ڳالھيون
يقيناً معمولي
آھن
پر ثقافتي
مرڪز
جي ته
آڏو
محض ھمت افزائي
ڪرڻ
وارو
نيڪ جذبو
آھي
ان کي اسان
جو
پڙھيل
ڪڙھيل طبقو
پڪ
سان ضرور
ساراھيندو.،
مون
مٿي ذڪر
ڪيو
آھي
ته
ڪنھن سڄڻ
دوست
جي ساراھه
ڪرڻ
ان
لحاظ کان به
مناسب نه
آھي
جو ماڻھو
چندا
ته پنھنجو
پاڻ
کي
ميان مٺو
چئي
ٿو
پر ڪٿي ڪٿي تاريخ
کي
صحيح
رکڻ لاءِ
اھو
ضروري ٿي پوي
ٿو
ته
جن ماڻھن
ڪنھن
مقصد
لاءِ جھد
پٽيا
ھجن
ڪشالا
ڪڍيا
ھجن
انھن جي
نالي
کي
ضرور محفوظ
ڪيو
وڃي
پنھنجي محترم
دوست
حميد لاءِ
جيڪي
ڪجھه
مون لکيو
آھي
اھو تعريف
جي
حد۾ نٿو
اچي
تعريف جو
انداز ٻيو آھي
تاريخ جون
حقيقتون علحده
آھن
حميد جي
باري
۾
جيڪي
ڪجھه لکيو
ويو
آھي.
سو
تعريف
نه پر
سنڌ
جي ثقافت
جي
تاريخ جو
حصو
آھي جيڪو
ڪنھن
به
صورت ۾ نظر
انداز نٿو
ڪري
سگھجي. ھي ھڪ مختصر
جائزو آھي
جنھن
۾
ثقافتي مرڪز
بابت
چند انگ
اکر
پيش ڪرڻ جي
ڪوشش
ڪئي
ويئي
آھي. منھنجو
تعلق
ڀٽ
شاھه ثقافتي
مرڪز
سان تمام
گھڻو
۽
آڳاٽو رھيو
آھي
وقت جا
مخلتف دور
ڏٺا
اٿم
لاھا چاڙھا
پسيا
اٿم
ڪيئي آيا
ڪيئي
ويا
پر جيڪو
به
ھتي
آيو تنھن
جي
دل م
پنھنجي پنھنجي
ماڻ
۽
استطاعت موجب،
مرڪز
جي خدمت
ڪرڻ
جي
آس ۽ لطيف
ماڻ
استطاعت موجب
مرڪز
جي خدمت
ڪرڻ
جي
آس ۽ لطيف
سان
محبت نبيرڻ
جو
جذبو موجود
ھو.
ھر
زماني جون
پنھنجو ضرورتون
ھونديون
آھن
اسان جي
لطيف
سائين جي
ياد
۾
جڙيل ھن مرڪز
جي
تعمير ۽ ترقي
لاءِ
جنھن به
خدمت
ڪئي
سي اسان
جي
تاريخ جو
حصو
آھن. ڪن انھن
بنيادن کي مظبوط
ڪرڻ
لاءِ
پاڻ پتوڙيو
لطيف
جي عاشقن
مان
ميران محمد
شاھه
آغا تاج
محمد
پيرزادو عبدالستار،
محمد
ايوب
کھڙو ۽ ٻيا اھڙا
ڪيترائي
نالا
آھن جن
پنھنجي خوابن
کي
حقيقت جي
روپ
۾
نه ڏٺو ھو، اڄ
اسان
۾
ناھن پر
سندن
نالا سنڌ
جي
ماڻھن کي ياد
آھن
ھنن
جون محنتون
۽
ڪوششون
ڪڏھن
به
نه وسرڻ
جھڙيون آھن.
استاد
محترم
ڊاڪٽر نبي
بخش
خان بلوچ
صاحب
پنھنجي زماني
۾
اڳين
جي خوابن
کي
ان
دور آھر
سھڻي
سٽاءَ سان
سينگاري بر
۽
بازاريون لڳايون
منڊل
مچايا واري
وارن
ماڳن تي
سھڻيون عمارتون
کڻايون
۽
انھن
ثقافتي ۽ ادبي
سرگرمين جو
مضبوط بنياد
رکيو
جيڪو اڄ
به
جاري آھي
جيڪو
ويران وير
وڌ
ھوندو
گھٽبو نه.
جناب
عبدالله چنه
۽
محترمه الله
بخش
نظاماڻي مرحوم
انھن
عمارتن ۽ روايتن
جي
حفاظت ڪئي ۽ ثقافت
جي
سفر کي اڳتي
ڪري
لطيف
جي عشق
جي
منزل اوڏو
ڪيو.
جذبو
ھڪ
ئي ھو ته
لطيف
کي
اسان دنيا
توڙي
پنھنجي ملڪ
۾
عام
ڪريون
۽
ان جي
پيغام کي
ھينئين سان
ھنڍايون.
حميد
آخوند صاحب
پنھنجي اڳين
۽
آڳن
کي
سھڻي سٽاءَ
سان
سنڀاليو آھي
۽
ڊاڪٽر
بلوچ
صاحب جن
کان
پوءِ
باقائدي ھڪ تجويز
مطابق ثقافتي
مرڪز
۾
واڌاري ڪرڻ جو
سلسلو جاري
رکيو
آھي ۽ جاري
رکندا ايندا.
ھن موقعي
تي
حيدرآباد
ڊويزن جي
انتطاميه جي
سربراھن ۾ ڪن صاحبن
جو
ذڪر نه
رڪڻ
ھن
تحرير ۾ بدديانتي
ٿيندي
سڀ
کان
اول مرحوم
نياز
احمد جي
عشق
کي
جس جڳائي
ثقافتي مرڪز
جي
تعمير ۽ ترقي
لاءِ
ڊاڪٽر
بلوچ صاحب
جو
ٻانھن
ٻيلي
ٿي
بيٺو. ان
کان
پوءِ
محترم الله
بخش
سومرو جڏھن
حيدرآباد جو
ڊپٽي
ڪمشنر
ھو
تڏھن
ڀٽ
شاھه جي
شھر
کي
سينگارڻ ۽ ميلي
کي
مختلف سرڪاري
ادارن جي
تعاون سان
سينگارڻ جو
سعيو
ڪيو
ڪراڙ
ڍنڍ
کي
سھڻي بنائڻ
خاطر
ان کي چوڌاري
ديوار
ڏياري ان
تي
بتيون نصب
ڪرايون
ڪراڙ
جي
ڪپن
تي سھڻا
لان
پوکارايا ۽ انھن
۽
لطيف
جي پانڌيئڙن
لاءِ
ويھي آرام
ڪرڻ
لاءِ
سھڻيون پٿرايون
ڇٽيون
بيچون ۽
ڪرسيون رکايون.
اسان
جي اھا
بدقسمتي آھي
جو
اسان جي
ڀٽ
شاھه
جي رھواسين
جي
انھي جوڙ
جنسار سان
ڪا
دلچسپي نه
پئي
رھي آھي
انھن
پنھنجي شھر
جي
سونھن کي پاڻ
پنھنجن ھٿن سان
ڇيھو
رسايو اڄ
اھي
بتيون ۽
ڇٽيون ماضي
جا
يادگار آھن.
اسان
کي
اڃان پنھنجين
شين
جي حفاظت
۾
الائجي ڇو احساس
نه
ٿيو
آھي، ڀٽ شاھه
اڄ
جي زماني
۾
بين
الاقوامي شھرت
جو
ماڳ آھي
۽
روزانه سوين
ڏيھي
توڙي
پرڏيھي سياح
ھت
اچن
ٿا.
بھر حال
ھو
عمل
جو ڪو نه
ڪو
رد
عمل ضرور
ٿيندو
آھي
ڦٽائڻ
وارن وٽ
به
ڪي
سبب ضرور
ھوندا
پر
اھي قومي
يادگارن ۽ تباھه
ڪرڻ
يا
انھن کي نقصان
پھچائڻ لاءِ
نه
ھجن
ته مناسب
ٿيندو.
بعد
۾
سومرو صاحب
ثقافتي مرڪز
جو
چيئرمين ٿيو تڏھن
ھن
صاحب
نھايت خلوص
۽
نيڪ
نيتي سان
شاھ
جي ميلي
کي
زور
وٺائن لاءِ
نھايت
ڪامياب
ڪوششون
ڪيون. ائين
چئجي
ته الله
بخش
سومري صاحب
حيدرآباد جي
ڊپٽي
ڪمشنر
پوءِ
ڪمشنر
۽
چيئر مين
ثقافتي مرڪز
ڪاميٽي
جي
حيثييت ۾ سنڌ
جي
مڙني سرڪاري
ادارن کي ميڙي
جي
اھميت کان آگاھه
ڪيو
۽
ميڙي
توڙي ثقافتي
مرڪز
جي تحقيقي
۽
اشاعتي ڪمن ۾ نئين
سر
روح
ڦوڪيو ۽ ميڙي
توڙي
مرڪز ۽ نئين
سوچ
۽
رونق جي
شروعات ڪئي ان ڏس ۾ سومري صاحب جو نالو سدائين شانائتي ۽ شاندار
نموني ۾ ياد
رکيو
ويندو ڌڻي کيس انھي
نيڪي
جو اجر
ڏيندو.
ڀٽ شاھه
ثقافتي مرڪز
جي
اڳوڻي چيئرمين
۽
حيدرآباد
ڊويزن جو
ڪمشنر
جناب
علي محمد
جي
شيخ پنھنجي
ماٺيڻي ۽ پيار
ڀرئي سڀاءِ سان
ڀٽ
شاھ
ثقافتي مرڪز
جي
تعمير ۽ ترقي
۾
مصروف رھيو.
حميد
آخوند تي
سندس
اعتماد لطيف
جي
ھن
يادگار لاءِ
بي
مثال آھي
شيخ
صاحب جو
پرخلوص تعاون
انھي
لحاظ کان اھم
آھي
جو حميد
جي
مڙني تجويزن
کي
عملي
جامي پھرائڻ
لاءِ
تيار رھيو
حميد، سنڌ
سرڪار ثقافت
کاتي
جي
ڊائريڪٽر
جي حيثيت
۾
سدائين مثبت
مشورا ڏنا ۽ شيخ
صاحب
اھي قبول
ڪري
حميد
جي ھمت افزائي
ڪئي.
۽ انھن
کي
مڪمل
ڪرڻ
۾
ھر
قسم جو
ساٿ
ڏنو
تعاون ۽ پيار
وارو
اھو تعلق
ڀٽ
شاھه
ثقافتي مرڪز
لاءِ
غنيمت ھو. منھنجي
ڊگھي
تعلق
جي تجربي
موجب
مرحوم نياز
احمد
کان
پوءِ شيخ
علي
محمد صاحب
ھڪ
اھڙو
چيئرمين ھو جنھن
ھن
اعليٰ اداري
جي
ڀلائي
۽
بھتري تعمير
۽
ترقي
لاءِ
ڏينھن رات
سوچيو ۽ سھڻين
سيبتين صلاحن
سان
ڪيترائي
ڪم
سھڻي سليقي
سان
مڪمل ڪري لطيف
جي
پانڌيئڙن جي
دلين
۾
جايون ۽ دعائون
کٽيون
آھن.
محترم حميد
آخوند ھن وقت
سنڌ
سرڪار ۾ ثقافت
۽
سياحت جو
سيڪريٽري آھي
ان
حيثيت ۾ به
مصروف آھي.
وقت
جو وھڪرو
پنھنجي رفتار
سان
ھلندو
رھندو انسان
جيستائين تعمير
لاءِ
عمل
ڪندو رھندو
ته
ترقي جون
ڪيتريون
ئي
راھون
کلنديون رھنديون.
سچن
جذبن سان
انسان پنھنجي
مقصد
۾
ڪامياب
ٿئي
ٿو
مون شاھه
لطيف
جي درگاھه
تي
سالن کان ڪم پئي
ڪيو
آھي
ڪو
وقت خاموشي
سان
۽
ڪو
وقت نھايت
متحرڪ ٿي. ھن مضمون
جا
تفصيل منھنجي
يادگيرين جا
حصا
آھن ۽ جيڪي
ڪجھه
ھن
۾
لکيو
اٿم ان
۾
دل
جي سچائي
آھي
۽
جنھن صاحب
ھن
اداري جي
خدمت
ڪئي
ان کي پنھنجي
پر
۾
پچاريو اٿم
ڇاڪاڻ
آئينده پيڙھيون
ھيڏي
وڏي
اداري لاءِ
ضرور
سوچينديون ۽ انھن
صاحبن جا
نالا
محفوظ رھڻ
ضروري آھن
جن
پنھنجو ست
ڏيئي
ھن
اداري کي بنايو
سينگاريو ۽ ويجھايو.
محبتي
ميڙي ڳوٺ
ٻڌجي
ھيڪڙو
تنھن جي
ويڙھي پاڻھي
ايندو پاتشاھه.
ضميمو
(الف) ڀٽ واري
درگاھه
ڊنگو
ڪندنمل
ٿڌاڻي
(ب)
ڀٽ
شاھه
جيئمل
پرسرام
(ج)
ڀٽائي
گھوٽ
شاھه عبدالطيف
جي
ورسي سنه
1941ع
(د) ڀٽ شاھه
ثقافتي مرڪز
جا
چيئرمين ۽ اعزازي
سيڪريٽري
(ھ) ڀٽ شاھه
ثقافتي مرڪز
ڪاميٽي
طرفان شايع
ڪرايل
ڪتاب
ڀٽ شاهه واري
درگاهه
ڊنگو
ڪندنمل
ٿڌاڻي
”منھنجا لعل
لطيف! منھنجا
گھوٽ
ڀٽائي
شاھه
!
سچا
سيد
سائين! منھنجي
من
جون مرادون
پڄائجانءِ‛‛
”لطيفي لعل
!
لطيفي لعل
!
لطيفي لعل.....!
‛‛
اھي
ئي پڪارون
ٻڌڻ
۾
پئي
آيون ميلي
کان
ھڪ
ڏينھن
اڳ
نما شام
جو
شاھه صاحب
جي
تربت تي
وياسين. اسرار
ھو.
بزار
جي وچ
مان
ھڪ
سوڙھي گھٽي
مان
لنگھي
ڀرواري دوڪان
۾
جتيون لاھي
اندر
گھڙياسين. وڏو
ايوان لڳو
پيو
ھو
الله ھو الله
ھو...
جا
نعرا پئي
ٻڌا.
ساري
سنڌ منجھان
ھر
ھڪ
درگاھه تان
بلڪه
ٻاھران
به فقير
آيل
ھئا
اتي ايوان
۾
ئي
لنگھه وٽ
گھنڊ
ٻڌڻ
۾
آيو.
ڦري
ڏسڻ
وياسين زائفائون
ڇڄھري
۾
بيٺل
ھيون
۽
ھڪ
مريد گھنڊ
اڳيان بيٺو
ھو
ھيٺ
اڳيانئس ڳچ جيترا
درويش اچي
گڏ
ٿيا.
۽
ھر
ھڪ
کي
ڪاٺي
ھٿ
۾
زالين مردين
وجد
۾
اچي جھمريون
پائڻ
لڳا.
ڌمڪ
ڌماڪ
ڌمڪ
ڌماڪ
لڳي ويئي
گھند
مان صوفي
راز
جا اکر
پي
وڳا ۽ فقير
مؤج
۾
اچي ويا
مستي
وڌندي وين
ڀريا
پنڌرھن منٽ
ائين
ئي
”ڌمال‛‛
ھنيائون. اسين
به
جوش ۾ اچي
ساڻس
گڏ
ڌمال ھڻڻ تي
ھواسين
پر....
شاھ
صاحب جي
تربت
تي ھڪ عاليشان
قبو
اڏيل آھي.
انھي
قبي جي
پٺئين پاسي
ٻاھر
ٻين
فقيرن ۽ اوليائن
جون
قبرون آھن.
ساڄي
پاسي جن
ڪلام
چيو
آھي تن
جون
۽
ڏائي
پاسي ٻين جون.
تمر
فقير شاھ
صاحب
جو خاص
خليفو به
اتي
پوريل آھي.
اتان
زيارت ڪري پري
ايوان ۾ آياسين.
وچ
ميدان ۾ قبي
جي
دروازي سامھون
باھه
جي چؤڌاري
فقير
ويٺل ھوا.
چيائون
ته
شاھه صاحب
جن
پاڻ اتي
دونھين دکائي
ويھندا ھئا.
اسان
اتان
خاڪ ذرو
کنيو
آءُ
ته انھي
کي
خزاني طور
سانڍيندو اچان
پوءِ
ويچار
ڪيوسين ته
تربت
جي زيارت
ڪريون.
بس
!
منھنجي دل
۾
ڌڪ
ڌڪ
اچي
شروع ٿي
ڀانيان ٿو ته
ساڻو
ٿي
ويس.
اھڙو
ڪو
امنگ
اٿيو جو
اکيون آليون
ٿي
ويم.
روپي دروازي
واري
پٿرائين ٿڌي چائنٺ
چمي.
سجدو
ڪري
اندر گھڙياسين
سڀڪو
ھڪ
ٻئي
کان
جدا ٿي ويو.
اندر
اوندھه ھئي خالي
ھڪ
ڏيو
پي
ٻريو
گھڙڻ سان
دروازي وٽ
سرد
آھون
ٻڌيم.
ھڪڙي موالي
پي
رنو
ٿورو وڌيس
ته
ڏٺم
ته ٻئي آسروند
ٻانھون
ڊگھيڙي
ائين
ئي پي
سڏڪا
ڀريا
ھڪڙو
سن سناٽ
۾
تربت
جي پٺئين
ڪنڊ
۾
ويٺو
ھو
ھڪڙي
ڪلمو
پي پڙھيو
ھڪڙي
شاھه
صاحب جا
ڪي
بيت
پي چيا.
تون
حبيب تون
طبيب
تون دارون
کي
دردن
تون
ڏئين، تون
لاھين، تون
ڏاتر
کي
ڏکندن،
ٻيا وست
ته
چڪر
ڏيئي ڪنڌ نوائي
نڪري
ويا پر
مان
....
ڇا
لکان!
اوچتو سيراندي
واري
ٿنبي
کي
ھٿ
لڳي ويم
بجلي
کان
منجھس گھڻو
اثر
ھو
لڱن ۾ سياٽو
پئجي
ويم ۽ بيھي
رھيس
ٿنبو
اڳيئي آلو
ڪو
سوالي
ڳوڙھا
ڳاڙھي ويو
ھو
ٻيو
ھٿ
منھنجو ٿڌو ٻئي ھڪ ٿي ويا
سماءُ ئي
ڪونه
پيم
ته گھڻو
وقت
ھڪ
ٽڪ
اتي بيٺو
ھوس
دعائون پي
پنيم
منھنجي ننڍڙي
ڀاءُ
کي
ڊپ
لڳو
ته مان
ھيئن
الائي جي
ڇو
ماٺ
۾
بيٺو آھيان.
انھي
وٺي سڏ
ڪيا
پوءِ
سڌ پيم
ته
سڏ به
ڪي
پنج
ست ڪيا
ھائين پر
مون
ته ٻڌو
ھڪڙو. سجدو
ڪري
ٻاھر
آيس
ڏڪيس
پي
ٿوري ويرم
کان
پوءِ
پاڻ ۾ چيائون
ٻيلي
ھن
کي
لڳي
ويئي من
۾
مراد
اٿس.
يار
سان
ويڌن آھي
پڇيائونم دعا
ڪھڙي
ٿي
پني؟
مون
”چيو
ٻڌايانو؟
ٻڌائڻ ته
نه
کپي
پر ته
به
ٻڌو؛
ٻڌو،
ٻڌو‛‛...اکر
ئي
نه اڪلي
تڏھين سڀني
چيو
”ٺھيو‛‛.
اسان
سان گڏ
ھڪڙو
درويش ھو درگاھه
شريف
۾
ٻه
وڻ بيٺل
ھوا
جن
کي
پاڻي اصل
ڪين
ٿي
مليو
ٻڌايائين
ته ھي سائي
ڄار
شاھه
صاحب
ڏندڻ ڪري ڦٽو ڪيو تنھن
مان
اڀري آھي
۽
منجھيل
ڪرامت اھا
آھي
جو
ڪنھن به
ڇتي
ڪتي
چڪ
پاتو ھجي سو
ھتي
اچي
سندس ھڪ پن
کائي
ته
مرض لھي
وڃيس. ڪرڙ جي
وڻ
سان ته
انصاف ھو پاڙ
صفا
کاڌل،
ته به
سالم
بيٺو ھو خبر
پيئي
ته شاھه
صاحب
جن منجھند
جو
ھن
وڻ ھيٺ آسائش
ڪندا
ھئا
ڪرڙ
۾
ڪرامت
اھا
ھو
ڪنھن
کي
به تپ
ھجي
انھي
جي
ٽاري ڳچي ۾ ٻڌي پائي
ته
تپ به
ھڪدم
لھي
وڃيس. درويش
کي
منٿ
ڪئي
سين ته
اسان
کي
ٽاري
ٽڪر
پٽي ڏي پر
درويش کي پھريائين
ھراس
ورتو
ته آئون
انھي
پاڪ
ٽاري کي
ڪيئن
ڀڃان
!
نيٺ ..
ائين
پار
ڪندي ايوان
۾
راڳ
پي
ٻڌاسين ته
اسان
کي
ھڪڙي
يار ھٿ ۾ ماني
۽
ذرو
آني ڏنو ته
جتي
درويش اٽو
پيھدا آھن
تنھن
اٽي جي
ھيءَ
ماني
آھي اسان
به
صدق سان
تر
تر ڪري وات
۾
وڌو
پوکڻي نھاريون
ته
ڇا
ڏسون
واٽي واراھيندڙ
جي
چوڌاري پيھه
لڳي
پيئي آھي
سڀڪو
ذري لاءِ
حيران.
|