جنھن
دل
پيتا پر
ڪر
جام
سا
دل
مستو مست
مدام
فقير
صاحب
پنھنجي جوش
۽
جذبيسان
ھيءُ
ڪلام اھڙو
ته
سھڻو
ڳايو جو
ماڻھو بي
اختيار کيس داد
ڏيندا
رھيا
مٿان
ڳايائين گھڙولي
ھڪ
ته
گھڙولي جو
مضمون منفرد
۽
ٻيو
فقير
جو انداز
والھانه ائين
لڳو
ڄڻ
فقير سڄي
فضا
تي جادو
ڪري
ڇڏيو.
مڙئي
ٻڌندڙ
ڄڻ
ته فقير
جي
آواز ۾
ڪلام جي
نزاڪت ۽ سونھن
۾
گرفتار ٿي ويا
ڪنھن
کي
سڌ
نه رھي
ته
فقير
ڪڏھن
ڪلام
ڳائي بس
ڪيو،
۽
ڪڏھن
اٿي
ويو
ڪيتري دير
تائين ھال م
فقير
جو آواز
گونجندو رھيو.
مٿان
سڏ ٿيو شھناز
بيگم
کي
مائي جو
ھڪ
ته
آواز گھٽ،
ٻيو
ماڻھن تي
طاري
ٿيل
فقير جو
سحر
شھناز بيگم
جنھن
کي
رات جو
دير
تائين
ڳائڻو ھو سا
ھڪ
ٻه
ڪلام
چئي
ساڻي ٿي پئي.
ائين
لڳو ھئم ته
خود
شھناز بيگم
فقير
جي آواز
جي
جادو ۾ گم
ٿي
وئي
آھي.
اھڙيون
ڪئي
محفلون
ٿيون.
جن
۾ فقير
گھڻن
چڱن
ڳائڻن کي اصل
ماٺ
ڪرائي
ڇڏي.
دراصل ھو نج
سنڌي
ڪافين
ڪلامن
جي پڪن
پختن
ٻولن
کي
سنڌي رنگ
۾
ڳائي
جادو
جاڳائيندو ھو.
فقير
جي
ڪلام
جريڪاپي جنھن
۾
الائي
ڪھڙن زمانن
جا
ڪلام
لکيا
ھئائين ۽ اڪثر
محفلن ۾ جن
تي
گھڻو ڳائڻو
ھوندو
ھئس، اھا
ڪاپي
کولي
ويھندو اکين
تي
جڏھن ھڪ شيشي
ڀڳل
عينڪ
چاڙھيندو ھو ته
عجب
جھڙو لڳندو
ھو.
اسان
کلندا
ھئاسين
۽
چوندا ھئا سين
ته
فقير چندو
ڪري
توکي
نئين عينڪ
وٺي
ڏيون
کلي
چوندو ھو اي
بادشاھه آھيو
پراڻي سراڻي
آھي
پنھنجي ته
آھي.
اسان کي
ڪھڙو لکڻو
پڙھڻو آھي
جو
ويھي پيسا
خرچ
ڪريون،
مڙئي وقت
ٽپائڻو
آھي.
پڙھڻ
مان ياد
آيو
ته فقير
صبح
جو جيستائين
ڪا
سنڌي
اخبار نه
پڙھي
تيستائين سک
نه
ايندو
ھوس. گھران
اخبار پڙھي
ويڙھي سيڙھي
ھٿ
۾
ڪندو
ھو
پوءِ
نڪرندو ھو سير
تي
فقير
ڪنھن وقت
ڀٿ
تان
ڪريو
ھو
سو ٽنگ ڀڄي پئي
ھئس،
ٿورو
منڊڪائي
ھلندو ھو پر
سندس
ان منڊ
ڪائڻ
۾
به
ڪو
شان ھو. بلي!
فقير
تنھنجي
ھلڻي اصل
ائين
لڳندو ھو ته
ڪو
شينھن پيو
اچي
سندس اھا
لوڏ
به لکن
جي
ھئي
انھي لوڏ
سان
ڪڏھن
مارڪيٽ واري
مڙھي
۾
ڪڏھن
حمايت الاسلام
اسڪول ۾.
ون
يونٽ
واري زماني
۾،
سنڌ
۾
ون يونٽ
ٽوڙن
لاءِ
ھڪ
زبردست سياسي
تحريڪ
ھلي، جنھن
۾
شاگردن، اديبن
۽
سنڌي
عام ماڻھن
وڏي
جذبي ۽ جوش
سان
حصو ورتو
انھي
زماني ۾ شيخ
اياز
جي وائي
”سنڌڙي
تي
سر ڪير نه
ڏيندو
سھندو ڪير ميار
او
يار‛‛ فقير
عبدالغفور
ڳائي فقير
اياز
جي اھا
وائي
اھڙي ته
جوش
۽
جذبي سان
ڳائيندو
ھو
جو
ٻڌندڙ
مست ٿي ان
جي
لئي تي
نچندا ھئا ملڪ
جون
سياسي حالتون
نھايت خراب
ھيون
ھر
ماڻھو پنھنجني
پنھنجي جاءِ
تي
ڊپ
۾
لڪو ويٺو
ھوندو
ھو
مختلف سرڪاري
ايجنسيون انھي
نوعيت جي
ڪلامن
کي
باغيانه سمجھي
رپورٽون تيار
ڪنديون
ھيون.
راڳ
جا جلسا
ڪرڻ
وارا
به خوف
ڪندا
ھئا
ته
انھن جي
انتظام ۾ ڪو اھڙو
اکر
نه نڪري
جنھن
سان ڪا تڪليف
نه
پيدا
ٿئي. پر
فقير
غفور ان
۾
ڪڏھن
نه
ڪو
آسرو نه
ڪيو.
سدائين
بي ڊپو ٿي اھو
ڪلام
ڳائيندو
ھو
سڄي
تحريڪ ۾ اھو
ڪلام
ڄڻ
ته
ھڪ
قومي گيت
بنجي
ويو.
وڏي
سطح
تي
ٿيندڙ راڳ
جي
محفلن ۾ جيڪڏھن
فقير
جي شرڪت
نه
ٿي
ته شاگرد
ان
جلسي کي نامڪمل
ڀائيندا
ھئا.
ان
وقت اھو
رنگ
بنجي ويو
جو
فقير جڏھن
به
اسٽيج تي
آيو
ته انھي
ڪلام
کان
سواءِ ٻيو ڪو
ڪلام چوڻ
ئي
نه
ڏيندا ھئس.
فقير
به
نوجوانن جي
احساس کي سمجھي
ڳائيندو
ھو،
نتيجي طور
شاگردن جي
تمام
وڏي طبقي
۾
فقير
جي بي
ڊپائي
۽
ھمت
جي
باعث وڏي
عزت
پيدا ٿي اھا
وائي
سنڌ ۾ نھايت
مقبول ٿي ۽ اياز
جي
جملي
ڪلام جي
مقابلي ۾ وڌيڪ
ڳائي
وئي.
اھا وائي
ايتري مقبول
ٿي
جو
ھر
ڳائڻو
موقعو مھل
ڏسي
ڳائيندو
ھو.
ايستائين
جو ھڪ
ڀيري ھڪ محفل
۾
استاد منظور
علي
خان به
ڳائي
بعد
۾ فقير
عبدالغفور اياز
جي
اھا وائي
ڪنھن
فلم
۾
به پاڻ
پنھنجي سر
ڳائي
۽
ان
ڪلام
جي ڪري انھي
سنڌي
فلم سنڌ
۾
ڪافي
ڪاميابي
حاصل
ڪئي.
فقير
عبدالغفور
کائڻ پيئڻ
جو
ڏاڍو
شوقين ھو،
ھونئن به
ھو
سٺو
کائيندو
ھو
پر
ٻاھر جنھن
محفل
۾
ھوندو
ھو
اتي چڱي
ماني
نه مليس
ته
بس پوءِ
فقير
ھڪ
ٽنگ
تي پيو
نچندو ھو
ڪنھن کي دڙڪو
ڪنھن
کي
گار
اھو نه
ڏسندو
ھو
ته
آڏو ڪير ماڻھو
آھي
اصل آسرو
ئي
نه
ڪندو ھو. اھڙا
اسان
به
ڪيئي رنگ
ڏٺا
ڪڏھن
ڪڏھن
اھڙن
ماڳن تي
وڃڻ
جو موقعو
ٿيندو
ھو
جتي
اسان جو
وس
نه
ھلندو ھو. ان
موقعي تي
اسان
فقير کي اڳتي
ڪندا
ھئاسين
فقير
کي
رڳو اسان
جي
ڇيري
جي ضرورت
ھوندي
ھئي.
اسان
جي موڪل
کان
پوءِ
وڻ گھوڙو
ٻڌڻ
نه
ڏيندو
ھو
جيستائين سڀني
جو
بلو نه
ٿيندو
ھو
تيستائين سک
سان
نه پاڻ
ويھندو
۽ نه
سڏائڻ واري
کي
ويھڻ
ڏيندو
ھو.
چانهه جو
شوقين ھو ۽ اھا
به
پوري وقت
تي
ان ۾
ٿوري دير
ٿي
ته
پيو
ھيڏانھن
ھوڏانھن واجھائيندو
ھو
جڏھن
ملندي ھئس يڪدم
اوڪڙو ويھي
ساسر
۾
چانھه پيٽي،
وڏن
وڏن آوازن
سان
پيئڻ لڳندو
ھو.
وڻيس
ته واھه
واھه
ڪندو
نه وڻيس
ته
گلا
ڪندو ھو. آڏو
ماني
ايندي ھئي ته
ھر
شئي
مان ذرو
ذرو
کڻندو
ھو
کائيندو
گھٽ ھو وڃائيندو
گھڻو
ھو.
چوندا
ھئاسين ته
ائين
ڇو
ٿو
ڪرين
جيتري طلب
ھجي
کڻ
چوندو ھو ته
بس
ڏٺي
جو دشمن
ڪڏھن
ڪڏھن
پليٽ
۾
گھڻو
کاڌو
کڻيو وٺندو
ھو
۽
پوءِ
ان مان
ڦاسي
پوندو ھو اڪثر
حميد
ان
ڳالھه تان
ٽوڪيندو
ھوس
ته
ھڪدم
پليٽ ميز
تي
رکي مصنوعي
ڪاوڙ
مان
چوندو ھو ته
کائڻ
به
نٿا سھو
ائين
چئي ڪا ڪنڊ وٺي
سگريٽ دکائي
ويھي
رھندو
.
اھا
به
فقير صاحب
جي
واه جي
اسا
ھئي
1976ع
۾
آمريڪا جي
ٻه
سو
ساله جشن
آزادي ۾ فقير
سان
گڏ منھنجو
به
وڃڻ ٿيو ھو. ٻين سنڌي
فنڪارن مان
علڻ
فقير غلام
حيدر
قبراڻي مٺا
خان
۽
مرحوم خميسو
خان
به اسان
سان
گڏ ھئا اتي
جي
کاڌ
خوراخ جا
نمونا ٻيا فقير
ڏاڍو
ڏکيو
ٿيو
بس
ھر
گھڙي گھر
جي
سار ۾ پيو
ڳوڙھا
ڳاڙيندو
ھو.نيٺ
جڏھن ڪن سنڌين
پنھنجن گھرن
۾
اسان
جي ماني
جھلي
تڏھن فقير
کائي
ڍؤ
ڪيا
ورنه
مھيني ۾ فقير
رڳو
چانهه سان
به
نه وڻڻ
جھڙي
۽
ڊبل
روٽي
کائي گذارو
ڪندو
ھو.
چي
ابا گھمو
آمريڪا نالو
وڏو
شھر سڃو.
جتي
کائڻ
پيئڻ جي
ساڃھه نه
ھجي
اھو
به ڪو ملڪ
چئبو! ھو ھڪ مھينو
فقير
سان اک
ڇنڀ
۾
گذري
ويو فقير
اڪثر
ويا ڪل لڳندو
ھو.
ھيڏي
ساري
قد بت
واري
انسان جي
سيني
۾
بنھه ڪا نازڪڙي
دل
ھئي.
چوندو ھو ته
اڄ
الائجي ڇو ٿو عاشق
پيو
ياد اچي
الائجي ڇو معشوق
جي
سار ٿي اٿم
عاشق
۽
معشوق ٻن پٽڙن
جا
نالا
اٿس. ائين
چئي
روئڻ لڳندو
ھو.
چوندو
ھو
سانس ته
فقير
ڌڻي
چڱي
ڪندو دلگير
نه
ٿي
نيٺ ته
ھلي
وطن
جا وڻ
ڏسنداسين.
چوندو ھو ته
ٻيلي
مرزا
ھلنداسين
ته ضرور پر
ٻڌاءِ
ته
سھي ھي به
ڪو
ملڪ
چئبو ماڻھو
کي
ماڻھو جو
خيال
ڪونھي
اسين بک
مرون
ڪير
ڪونھي
جو اسان
کي
سئين
سيبتي ماني
کارائي،
ڪو
نرم
اڦراٽو
ڪٿان ھٿ ڪر بس
چانھه سان
ئي
کائينداسين.
ھاڻي
سائين
ڪٿان اچي
فقير
لاءِ نيويارڪ،
واشنگٽن فلاڊ
ليفيا ۽ بوسٽن
۾
نرم
اڦراٽو. انھي
سفر
دوران ھڪ
ڀيري بوسٽن
کان
نيو
يارڪ
ھوائي جھاز
رستي
پئي آياسين.
ننڍو
گوئين و واٽ
تي
جھاز سخت
طوفان ۾ اچي
ڦاٿو
ڪيپٽن
طوفان ۽ وڄ
جي
سختي جو
اعلان ڏنو.
۽
ان سان
گڏ
تيزي سان
جھاز
ھيٺ
مٿي ٿيڻ لڳو.
آئون
فقير صاحب
۽
علڻ
فقير گڏ
ويٺا
ھئاسين
فقير کي جڏھن
ھن
جو
احساس ٿيڻ لڳو
ته
جھاز طوفان
۾
ڦاسي
پيو
آھي ته
پھرين ته
پريشان ٿيو پر
چند
گھڙين کان پوءِ
آھستي آھستي
”يا
علي
ياعلي‛‛ جو
ورد
ڪرڻ
شروع ڪري
ڏنائين.
ھر
لوڏي سان
فقير
جي سدا
جو
آواز ويو
بلند
ٿيندو
اسان جي
ٻين
رفيقن ۽ سڀ
کان
گھڻو
خوفزده مرحوم
فيض
بلوچ به
ٿيو.
انھي
وري ٻئي پاسي
کان
ڪلمي
جي
تنوار لائي
ڏني
علڻ
فقير اکيون
بند
ڪيو
صلوات سڳوري
پڙھڻ
۾
مشغول ھو.
دراصل
اھا
گھڙي واقعي
اھڙي
ھئي
جتي انساني
قوت
جي حد
ختم
ٿي
چڪي ھئي.
ڪنھن
ڳالھه
تي ھن جو
وس
نه ھو.
موت
اکين
آڏو ھو.
انسان
به
پنھنجي جاءِ
تي
صحيح سالم
ھو.
پر
ھو
ڪري
ڪجھه
نٿي سگھيو.
بھر
حال اھيو
طوفان لنگھي
جڏھن
اسان زمين
تي
پھتاسين.
تڏھن
وڃي
مڙني
ھمراھن ۾ ساھه
پيو.
۽
کلڻ
جھڙا
ٿياسين.
فقير
سائين زمين
تي
پھچڻ کان پوءِ
پھريون
ڀيرو
ڳالھايو‛‛ ته گھمو
سائين امريڪا!
ميان
ظلم آھي.
مري
بچيا آھيون.
ڳوٺ
ھلي
ڪو
نظر
نياز
ڪنداسين.
”فقير
حميد آخوند
سان
تمام گھڻو
حجائتو ھو ۽ حميد
به
کيس
نھايت دل
سان
ڀائيندو
ھو
فقير چوندو
ھو
ته
مون ته
حميد
جي ننڍي
ڀاءُ
نويد
جي
ڻھرواري
ڏھاڙي تي
ٿيل
محفل
۾
ڳايو
ھو.
وڏو
آخوند صاحب
مون
کي
تمام گھڻو گھرندو
ھو.
انھي
لاڳاپي سان
منھنجو حميد
تي
اوھان سڀني
جي
مقابلي ۾ وڏو
حق
آھي.
اھا
ٻي
ڳالھه
آھي
جو وڏو
آخوند صاحب
(مرحوم الله
بچايو
آخوند) جنھن
سندس
واتان بلي
شاھه
۽
سلطان باھو
جا
ملن خلاف
بيت
ٻڌندو
ھو.
ته
ڪاوڙ
جي چوندو
ھو
ته
ھن
کي
بس
ڪرايو، پيار
سان
کيس
سمجھائيندو ھو ته
بزرگن جي
رمز
۾
وھي
ڳالھايون چيون
اھو
انھن جو
ڪم
ھو.
تون
ته
ڳائي انھن
کي
ھرو
ڀرو
وائکو نه
ڪر.
حميد
به سندس
خيال
ٻئي
مڙني راڳائن
جي
مقابلي ۾ تمام
گھڻو
رکندو ھو.
چرچا
گھٻا
به
ڪندو ھوس فقير
ذراڪ
استعمال
ڪندو ھو.
اڃان
کائي
ويھندو مس
ھو
ته
سامھون ئي
ليمون
کائيندو ھو.
ليمي
تي
ديد پوڻ
سان
فقير اصل
ھٿن
مان
نڪري ويندو
ھو.
اکيون
ٻوٽي
دانھن ڪري پنھنجو
پاڻ
کي
گار
ڏيئي چوندو
ھو
اي
سائين
ھاڻي
ڇڏيو.
اصل
ھينئر
کائي
ويٺو
آھيان
ھلندي
ھلندي ليمون
ڄڻ
فقير
جي چڙ
ٿي
وئي.
ساڻس
ھر
ڪو
حجائتو حميد
جي
موجودگي ۾ پيو.
ليمو
ليمون
ڪندو ھو.
علڻ
فقير
به سندس
سامھون ليمو
کڻي
ويھندو ھو.
ان
کي گاريون
۽
دڙڪا
ڏيندو
ھو
علڻ پاڻ
به
کائيندو
ھو.
چي
ڏس
ذراڪ آئون
به
کائيندو
آھيان.
مونکي
ته
ڪجھه
ڪونه
ٿو
ٿئي.
تازو
ھن
سال
1988ع
۾ ڀٽ تي
وڃڻ
جو مقعو
ٿيو
حميد
جي ھٿ ۾ ليمو
ھو.
علڻ
فقير به
ھو
تنھن
جو ليمو
ڏٺو
اھو
فقير عبدالغفور
وانگي چڙڻ
۽
ڦٿڪڻ
لڳو
مون کان بي
اختيار اھو
جملو
نڪتو واھه
واھه
انبن جون
سڪون
ڪڏھن
انبڙين لاٿيون.
حميد
منھنجي
ڳالھه کي سمجھندي
کلي
ڏٺو
منھنجو ذاتي
خيال
آھي ته
سنڌ
جي راڳ
جي
دنيا مان.
ٻن
فنڪارن جي
وڃڻ
سان.
جتي
ھڪ
پاسي
وڏو نقصان
ٿيو
آھي.
اتي
ڪن
فنڪارن کي ڄاڻ جي
باوجود ايتري
ھمت
نه
ٿيندي
ھئي
جو ھو ئي
سندس
ڳايل
ڪافيون
تانن ۽ پلٽن
سان
ڳائين.
بس
لسيون
ڪافيون
ڳائي اٿندا
ھئا
استاد جي
وفات
کان
پوءِ سندس
ڳايل
ڪافيون
ڪيترن
ئي
ڳائڻن
شروع
ڪيون ۽ ان
موسيقي جي
علم
جو اظھار
به
ڪيائون
داد به
ورتائون ۽ ايتري
شھرت
حاصل
ڪيائون جو
شايد
منظور علي
خان
کي
به نه
ملي
ھئي
اھي انھن
جي
محنت ھئي ۽ آھي.
سٺي
ڳالھه
آھي جو
منظور علي
واري
سُر جي
سفر
جو خاتمو
نه
ٿيو
آھي. فقير
عبدالغفور سنڌي
اوتارن ۽ درگاھن
تي
ٿيندڙ
سنڌي روايت
جو
وڏو
ڄاڻو ھو. ھن وٽ
به
سنڌي
ڪافين جون
بي
شمار طرزون
ھيون
جيڪي
مون فقط
غفور
کان
ٻڌيون
اڄ انھي
انداز ۾
ڳائڻ وارا
نه
آھن پر
ڌنون
ته
دائمي آھن
اڄ
ڪي
ايڪڙ ٻيڪڙ
ڳائڻ وارا
انھن
جي حسن
کي
سمجھن ٿا، جن
سمجھيو آھي
تن
انھن کي وڏي
مھارت سان
ڳائي
پاڻ
به مقبول
ٿيا
آھن
۽
ڌنن
کي
به محفوظ
ڪيو
آھي
خاص
ڳالھه فقير
جي
گذاري وڃڻ
کان
پوءِ
پيشوارنه انداز
۾
جيڪا
مون محسوس
ڪئي
آھي
اھا
ھيءَ آھي
ته
فقير صاحب
جي
وفات کان پوءِ
ھڪ
لحاظ
کان
سنڌ جي
اسٽيج جھڙي
ڪر
خالي
ٿي
وئي آھي
فقير
پنھجي حياتي
۾
جڏھن
به اسٽيج
تي
آيو تڏھن
پنھنجي قد
ڪاٺي
آواز
۽
انداز سان
ڄڻ
ته
اسٽيج تي
آيو
تڏھن پننجي
قد
ڪاٺي
آواز ۽ انداز
سان
ڄڻ
ته اسٽيج
کي
سينگاري
ڇڏيندو ھو. اسٽيج
ڪيڏي
به
وڏي ھجي فقير
جي
موجودگي ۾ ڄڻ ته
ان
جون چارئي
ڪنڊون
ڀرجي
وينديون
ھيون. آواز
جا
ڌڌڪا
ھر
طرف کان ايندا
محسوس
ٿيندا ھئا فقير
ويھي
ڳائي
يا بيھي
سندس
ھر
رخ دل
۾
پيھي
وڃڻ وارو
ھو.
ماڻھو ھن کي پاڻ
پسند
ڪندا
ھئا،
ھو
پاڻ وڻائڻ
جي
ازخود
ڪوشش نه
ڪندو
ھو
ھن
جي
ڏيا
۽
حشمت ماڻھو
کي
خود
بخود
ڇڪيندي
ھئي. ائين
نه
جيئن ڪن دوستن
فقير
غفور جي
جاءِ
وٺڻ لاءِ
ھن
وانگر ڪي حرڪتون
ڪرڻ
شروع
ڪيون
آھن.
ھر
ماڻھو جي
پنھنجي شناس
۽
خوشبو
ٿيندي آھي
ھر
ماڻھو غفور
نه
ٿيندو
۽
نه ئي
ڪو
ماڻھو علڻ
ٿي
سگھندو اھي
ماڻھو مون
کي
ذاتي
طرح نھايت
عجيب
لڳندا آھن
جيڪي
ڪن
ماڻھن جي
شخصي
لاڳاپن کي آڏو
رکي
پنھنجو پاڻ
وڻائن لاءِ
ھڪ
ڌر
جي
غير موجودگي
۾
ٻي
ڌر
آڏو
ان
ھستي جي
روپ
اختيار ڪرڻ جي
ڪوشش
ڪندا
آھن،
خير ھن جھان
جي
ماڻھن جا
به
جدا جدا
رنگ
آھن
ڪڏھن
ڪيئن جھڙو
لڳي
واءُ تھڙي
ڏجي
پٺ.
بھر
حال
اھي ته
وچان
ڳالھيون
اچي ويون
ذڪر
ھو
حميد آخوند
۽
فقير
عبدالغفور جي
ويجھائپ جو
مون
عرض ڪيو ته
ٻئي
ھمراھه
ھڪٻئي
کي
گھڻو
ڀائيندا
ھئا.
غفور
فقير احترام
ڪندو
ھو
۽
حميد
حجت واري
رمز
۾
ھوندو
ھو.
حميد پنھنجي
پر
۾
عجيب جھڙين
عادتن جو
مالڪ
آھي منھنجي
ساڻس
تعلق سنه
1969ع
کان
مسلسل رھندو
آيو
آھي احترام
۽
عزت
وارو جيڪو
ھن
سان
پھرين
ڏينھن پير
کنيو
ھئم
اھو
اڄ تائين
قائم
آھي. جيڪڏھن
سڄڻ
جي چڱاين
مٺاين کي پنھنجو
ئي
سمجھيو رھبو
ته
آءُ سمجھان
ٿو
ته
ان اڪير
م
واڌارو
ٿيندو گھٽتائين
نه
ٿيندي.
حميد جي
پس
منظر ۾ ھڪ مظبوط
علمي
۽
ادبي خاندان
آھي
ڏاڏاڻن
طرفان سندس
نک
علم ورھائڻ
وارن
سان لڳي
ٿي.
۽ ناناڻن
۾
سنڌ
جو مشھور
عالم
شمس العلماءُ
ڊاڪٽر
عمر
بن دائود
پوٽو
نظر اچي
ٿو
جيڪو
سندس
سڳو
نانو آھي
سندس
والد محترم
آخوند الله
بچايو مرحوم
حيدرآباد جي
انتھائي صاحب
عزت
و احترام
ھستين
مان
ھڪ
ھو.
وڪيل
لا
ڪاليج
جي باني
استاد جي
حيثيت ۾ سنڌ
جو
ھر
ماڻھو سندس
عزت
۽
احترام
ڪندو ھو. اھڙي
روايتي علمي
۽
ادبي
خاندان ۾ حميد
جھڙي
جوان جنم
ورتو
سندس تعليم
انگريزي ۾ ٿي ان
ڪري
سنڌي
سان ايتري
گھري
واقفيت نه
ھئس. منھنجي
جڏھن
ساڻس ملاقات
ٿي
ته
مون کي اھو
ئي
محسوس ٿيو نھايت
خوش
لباس گلن
پوکڻ
جو شوقين
سٺو
کائڻ
۽
سٺو
ھنڍائڻ سندس
زندگي جو
جز
ھو
دوستي جي
معاملي ۾ نھايت
سخت
ھر
ڪنھن
سان صاحب
سلامت جي
باوجود دوستي
ھڪ
ئي
يار سان
ھئس
۽
اھو
ھو
مرحوم
ڊاڪٽر عزيز
عباسي. دوستي
جو
پنڌ پري
سمجھي ان
کي
نباھڻ ھن دنيا
۾
بنھه
مشڪل نظر
اچي
ٿو
پر حميد
واقعي دوستيون
نباھي
ڄاڻي. نيشنل
سينٽر حيدرآباد
1968ع
۾
قائم ٿيو حميد
ان
جو پھريون
ريزيڊنٽ
ڊائريڪٽر مقرر
ٿيو
ٿورئي
عرصي
۾
ھن.
علمي
۽
ادبي حلقن
۾
پنھنجي خلوص
۽
سر
جوشي جي
ڪري
پنھنجو مقام
حاصل
ڪري
ورتو منھنجي
معلومات ۽ مشاھدي
موجب
حيدرآباد وارو
نيشنل سينٽر
حميد
آخوند جي
دور
۾
حيدرآباد جي
اھم
ثقافتي ۽ ادبي
سرگرمين جو
مرڪز
ھو
جتان ٻيا ادارا
متاثر ٿي تقريبون
ڪندا
ھئا.
ان
سينٽر ۾ حميد
ھڪ
نھايت يادگار
تقريب جو
اھتمام ڪيو ۽ اھا
ھئي
پاڪستان جي
لوڪ
موسيقي جي
محفل
داڪٽر نبي
بخش
خان بلوچ،
ڊاڪٽر
مھمد
باقر لاھور
۽
عطا
شاد بلوچستان
۽
سرحد
مان به
ڪو
صاحب
آيو ھو جنھن
جو
نالو ھن وقت
ذھن
۾
نه آھي
مختلف علائقن
جي
موسيقي جي
روايتن تي
تقريرون
ٿيون، مرحوم
فيض
بلوچ مرحوم
مريدي بليدي
مرحوم سائين
اختر
۽
ٻيا
فنڪار ان
محفل
۾
موجود ھئا فيض
بلوچ
جو ان
دور
۾
وڏو نالو
ھو
محفلن کي مچائڻ
جو
ڏانوءُھن
کي
ايندو ھو پر
ان
موقعي تي
به
فقير غفور
پنھنجي جوڀن
واريون جھلڪيون
ڏيکاريون
۽
اھو
ثابت ڪري
ڏيکاريائين ته
سنڌ
جا فنڪار
پاڪستان جي
مڙني
علاقائي شاعرن
۽
راڳن
کي
نھايت سھڻي
سٽاءُ سان
ڳائي
سگھن
ٿا
انھي تقريبن
جو
سھرو به
حميد
جي سر
تي
ھو
باھمت ۽ بيپرواھه
انسان جي
حيثيت ۾ ھو پنھنجي
ڳالھه
بنا
ڪنھن
مصلت جي
ھر
ڪنھن
آڏو
چئي سگھندو
آھي.
ننڍين ننڍين
ڳالھين
مان
به خوشي
حاصل
ڪندو
آھي خوشيون
۽
ٽھڪ
ھو
پاڻ
تائين محدود
نه
رکندو آھي
پر
ٻين
تائين پھچائي
خوشي
حاصل
ڪندو آھي
پنھنجي تڪليف
۽
پريشاني جي
ڪنھن
کي
لکاءَ نه
ڏيندو
آھي
ڪنھن
به پريشاني
۾
ھجي،
پر
جي ڪو ڄاڻ سڃاڻ
وارو
اچي نڪتو
ته
پنھنجون مڙئي
ڳالھيون
پٺي
پاند ڇڏي ان
سان
رلجي ويھندو،
دوستيءَ ۽ تعلق
واري
پنڌ ۾ ھو آخري
ڪنڊ
تائين ويندو
جنھن
کي
پسند
ڪيائين تنھن
جو
ڪڏھن
برو به
نه
ٻڌندو
۽
جي ناپسند
ڪيائين
ته
کلئي
طرح سان
ان
جو اظھار
به
ڪندو.
مطلب ته
سراپا دوست
اٿندي ويھندي
دوست
دوستي ۾ نه
لالچ
نه لوڀ
محض
خلوص ئي
خلوص
چاھي اڳلو
سندس
ان رمز
جو
جائز يا
ناجائز فائدو
وٺي.
علم
ھوندي به
لا
علم رھي
وکون
کڻڻ
ڪو
حميد کان سکي.
منھنجو ساڻس
نياز
مندي وارو
پير
آھي ھو به
پنھنجن وڏن
قربن
سان انھي
ناتي
کي
نباھيندو ٿو اچي
اسان
اڃان ڪي ساڻس
پير
به نه
کنيا
آھن
پر ھن پنھنجي
مھر
محبت جا
ڪم
از
ڪم
مون تي
به
مينھن وسائي
ڇڏيا.
انھن
ذاتي لاڳاپن
جو
ذڪر ان
ڪري
ضروري آھي
ته
اسان جا
اڪثر
ھمراھه
ھر
ڪم
ڪرڻ
واري ماڻھو
کي
شڪ
جي نظر
سان
ڏسي
فيصلا
ڪندا آھن
۽
انھن
کي
ھڪ
طرفن فيصلن
تي
پير ٻڌي بيھي
اھڙا
ھاڃا
ڪندا
آھن جيڪي
مجموعي طور
اسان
لاءِ نقصانده
ھوندا
آھن
پر اسان
جو
دوستور آھي
ته
دشمنيءُ جي
اجتماعي چڱاين
کي
به
نظرانداز ڪري
ڇڏيندا آھيون
اھو
نه
ڏسندا آھيون
ته
ڪھڙو
ماڻھو ڪٿي ۽
ڪھڙين حالتن
۾
سنڌ
جي
ڀلائي ۽ بھتري
لاءِ
پاڻ پيو
پتوڙي مڙئي
ان
لاءِ مسئلا
پيدا
ڪرڻ
پنھنجو اصل
ڪم
سمجھندا آھيون.
حميد
سان به
اھو
ئي مسئلو
آھي
۽
منھنجي ذھن
۾
سنڌ
جي ثقافت
۽
اسٽيج جي
نشوونما ۾ جن
سرموڙ صاحبن
جو
ھٿ
آھي انھن
جو
احوال اٽڪائڻ
به
آھي.
|