سنڌي
سماج
جي تربيت
منظور علي
خان
جي شخصيت
کي
ايترو نکاري
ڇڏيو
ھو
جو
ھن
جو قول
ھو
ته
محبت ميڙي
ڳوٺ
ٻڌجي
ھيڪڙو
ڇاڪاڻ
جي
گھر ڳوٺ گام
پڪو
۽
ڪلي
وارو
ھوندو ته
پاتشاه به
انھي
ويڙھي تي
قدم
ڀري
اچي نڪرندو.
اھو
اثر مٿس
سنڌ
جي سڄاڻ
خاندانن ۽ مڙسن
جي
سنگت ڪري پيو
ھو
شڪارپور جھڙي
نزاڪت
ڀرئي شھر
۾
پيدا
ٿيو
۽
ٽنڊي
آدم جھڙي
سھڻي
شھر ۾ سندس
جواني کان آخر
تائين وارو
زمانو گذريو.
شڪارپور فن
۽
فن
جي قدردانن
۽
خاندانن جو
ماڳ
اتي
ٿيندڙ راڳ
جي
محفلن ۾ ناٽڪن
جو
ھڪ
اھڙو دور
ھو
جو
شايد سنڌ
جي
ٻئي
ڪنھن
به شھر
کي
اھڙو
اعزاز نصيب
نه
ھوندو
انھن ڪمن پويان
سنڌ
جا سڄاڻ
شخص
۽
خاندان ھئا گامڻ
خان
جمال خان
۽
ٻين
گوين
انھن جي
اوج
۽
ڪمال
کي
ڏٺو
منظور علي
خان
ٻار
ھو
پر ذھين
ھو
اھا
اٿي ويٺي
ڏٺي
سخن
۽
سمن ٻڌا سنڌين
جو
رسمون ۽ رواج
ڏٺا
جيڪي
سندس
ڪچڙي ذھن
۾
ويھي
رھيا، ۽ وقت
سان
گڏي اھو
ٻوٽو
وڌندو ويو.
جڏھن
سندس والد
مرحوم جمال
خان
شڪارپور مان
لڏي
اچي
ٽنڊي آدم
کي
وسايو ته
سنڌ
جو اھو
ننڍڙو شھر
پنھنجي شھري
نظام
۽
عمارتن جي
سھڻائي ۾ بيمثال
ھو.
شھر
جي آسپال
رڳو
ٻھراڙيون
ھيون
جن ۾ چڱا
مڙس
وڏيرا ۽ ھر
ھاري مطلب
ته
ھر
ڪنھن
جو منھن
ٽنڊي
آدم
ڏي
ھو
اھڙن موقعن
تي
فن جي
قدردانن ۽ راڳ
جي
ڪوڏين
گوالياري گائڪي
جي
ھن
نمائنده خاندان
کي
پنھنجي جيءُ
۾
جايون ڏئي سدائين
لاءِ
پنھنجو ڪري
ڇڏيو. منظو
علي
خان جي
ڦوھه
جواني اھڙي
ماحول ۾ نبري
شڪارپور ۾ جن
سنڌي
خصلتن جو
سلو
انگوريو ھو
ٽنڊي آدم
۾
وڌي
وڻ ٿيو ۽ ان
جي
ٿڌي
ڇانو
۾
ڪيئي
پانڌيئڙا اچي
آسيس
حاصل
ڪندا ھئا نماڻي
۽
نھٺي
طبيعت ڪري ھن به
پنھنجي خانداني
روايت جي
ابتڙ، پنھنجي
ننڍڙي اوطاق
قائم
ڪئي
جنھن ۾ نه
رڳو
سندس شاگرد
رھندا ھئا پر
آيو
ويو رات
ٽڪي
ماني
کائي
وڃي پنھنجي
ڪم
ڀيڙو
ٿيندو
ھو
منظور علي
ھر
آئي
وئي کي جيءَ
۾
جايون
ڏيندو ھو.
امير
ڪبير
ھجي
يا
فقير پير
ھجي
روش
ھر
ڪنھن
سان
ھڪجھڙي پاڻ
کائڻ
پيئڻ
جو شوقين
ھو
ماني
ھميشه
ڀلي
رڌبي ۽ مھمان
به
اھائي ماني
کائيندا
جيڪا
پاڻ
کائيندو.
ڪڏھن
ڪڏھن پنھنجن
شاگردن مٿان
بيھي
انھن کي سمجھائيندو
به
ھو
ته
ھيئن رڌيو
ھيترو
رڌيو
ھيترو
مصالو وجھو
ھاڻي
گوشت
کي
ڀڃڻي
ڏيو.
سندس
وڏن شاگردن
مان
محمد يوسف
آھي
اھو نه
رڳو
منظور علي
خان
کان
راڳ سکيو
پر
ماني رڌڻ
به
سکيو ۽ مون
کي
به
تجربو آھي
ته
محمد يوسف
جڏھن
دل سان
ڪو
ٻوڙ
ڀاڄي
ٺاھيندو
آھي
ته وڏن
وڏن
بورچين کي به
شھه
ڏئي
ويندو آھي
اھا
ته وچان
پانڌان
ڳالھه ٿي پر
مقصد
اھو ھو ته
منظور سنڌ
جي
سماج موجب
تڏي
جو مڙس
ماڻھو ھو آڌرڀاءُ
۾
اڪير
ھئس.
ڪڏھن
ڪنھن
آئي کي پاڻ
تي
باز نه
سمجھيائين. جيءَ
۾
جايون
ڏيئي پنھنجي
حال
سارو انھن
جا
انگل
کنيائين ۽ راض
پورا
ڪيائين.
انھي لحاظ
کان
ھو
ويو
سنڌ کي پاڻ
تي
سوار
ڪندو ميويدار
وڻ
وانگر ھو ويو
جھڪندو انھي
عمل
۾
منظور علي
پنھنجي خانداني
گائڪي کان اڻ
لکو
پري
ٿيندو ويو.
ان
جي مقابلي
۾
سنڌي
ڪافي
ڪلام
ڳائڻ
۽
انھن کي عام
ڪرڻ
سندس
شناس بنجي
وئي
انھي سفر
۾
ھلندي
ھلندي
ھن
جي
اڃ اڃان
به
وڌي پيرن
فقيرن جون
سکائون باسيائين
شاھپور جھانيان
جي
ڪافي
گو شاعر
سائين مھدي
شاھه
جو طالب
ٿيو.
ان
جون حاضريون
ڀريائين
۽
سندس
ڪافيون
ڳائي
عام
ڪيائين پنھنجي
روحاني مرشد
جو
ڪلام
وڏي جوش
۽
جذبي
سان
ڳائيندو ھو ان
۾
فقط
عشق ھو. جي
ڳالھه
عشق
جي ھجي ته
منظور به
مجازي عشق
جي
چپيٽ ۾ آيل
ھو.
اتر
جي پاسي
ننڍي
لاءِ کان
ڪنھن وينگس
جي
پيچ ۾ ھو.
ڏاڍي ڪا پريت
ھئس
ڪڏھن
انھي
تر ۾ ويندو
ھو
ته
آڌي مانجھي
ڪا
سواري ملي
نه
ملي پيرين
پنڌ
به سازن
سميت
وڃي اتي
رسندو ھو ٻڌو اٿم
ته
اھا خاتون
اڃان
به جھڙوڪر
سندس
اوسيئڙي ۾ آھي
جو
عشق جو
اھو
مقام ھو جنھن
۾
ڪنھن
خواھش جو
سايو
به نه
فقط
پريت ھئي جنھن
۾
فقط
روح جو
سک
ھو.
ٻئي ويٺا
رون،
ڏکي
ڏونگر
پاڻ ۾
ڪنھن
ي
ڪين
چون منجھن
جو
پريتڻو.
بھر
حال
عشق
ڪنھن کي نچائي
،
ڪنھن
کي
روئاري ته
ڪنھن
کي
وري
سوز
ڏئي. منظور
عشق
جي سوز
جو
سڙيل ھو انھي
سوز
ھن
جي راڳ
۾
درد
۽
شاعرن جي
ڪلام
جي
انتخاب ۾ پختگي
پيدا
ڪئي
خصوصاً
ڪلام جي
چونڊ
۾
سندس معيار
نھايت مظبوط
۽
مختلف
ھئا. ھر راڳي
وانگر ھر شاعر
جو
منظور
ڪلام نه
ڳايو
انھي
ڏس
۾
ھن
وقت جي
وھڪري ۾ وھندي
ڪو
جذباتي
ڪلام نه
ڳايو.
حلانڪ سندس
حياتي ۾ ئي
مختلف
ڳائڻن عام
قسم
جا شاعري
جي
حسن کان پالھا
ڪلام
ڳائي
مقبوليت حاصل
شروع
ڪري
ڏني
ھئي.
ڪيسٽ
جي ڪري
ڪيئي راڳيندڙ
اھڙي
عام
ڪلامن
ڳائڻ جي
ڪري
مقبول به
ٿيا
۽
مالي
طرح سان
به
خوشحال ٿي چڪا
ھئا
پر
منظور علي
انھي
وھڪري ۾ بنھه
نه
وھيو سندس
خيال
ھو
ته اسان
اھڙن
شاعرن جو
ٻول
ڳايون
ٿا
جن
جا ٻول آفاقي
آھن
اھي خيال
انسانن جي
دلين
۾
حق تائين
پھچڻ
لاءِ نيون
راھون نروار
ڪن
ٿا
گمراھي کان پري
ڪري
سچي
پرين تائين
پھچڻ
۾
مدد ڪن ٿا اھي
ڪلام
سنڌ
۽
سنڌين جي
سڃاڻ
آھن.
ھونئن به
اسان
جي سنڌ
پيرن
فقيرن جي
ڌرتي
آھي
ان جي
تاريخ آھي
فڪر
جي پختگي
آھي
ماڻھن ۾ شناس
آھي
منھنجي واتان
سنڌ
جو
ڪوبه ماڻھو
ڪنھن
ڪچي
ٻول
ٻڌڻ
کي
پسند
نه
ڪندو اھو
ئي
وڏو
ڪارڻ آھي
جنھن
تحت آءُ
ڪافي
ڪلامن
جي
چونڊ ۾
ڪجھه خاص
سختي
وارو خيال
رکان
ٿو.
مون چيو
ھو
ته
استاد
!
اوھان
جي
خيال م
اڄ
جا شاعربه
ھڪ
فڪر
۽
خيال جا
اڳواڻ آھن
ھنن
ھر
قسم جي
شاعري ڪئي آھي
ادب
جي لحاظ
کان
توڙي
عنايت جي
نڪتھ
نظر سان
ھنن
جي
شاعري پڪي
پختي
آھي اوھان
جي
خيال ۾ انھن
کي
ڳائڻ
صحيح
نه آھي
پاڻ
چيو
ھئائين
”مرزا صاحب
تنھنجي
ڳالھه آءُ
به
سمجھان ٿو مون
پاڻ
تي ھن دور
جي
شاعرن جا
دروازا بند
نه
ڪيا
آھن مون
انھن
کي
ڳايو
آھي شيخ
اياز
جو
ڪلام سھندو
ڪير
ميار
مون به
محفلن ۾
ڳايو آھي
طالب
المولي سائين
جا
به
ڪلام
ڳايا آھن
ان
۾
منھنجي پنھنجي
دلي
مرضي شامل
آھي
انتخاب آءُ
ڪندو
آھيان انھي
چونڊ
۾
منھنجي دلي
ڪيفيت
شامل
ھوندي
آھي
ھاڻي تون
ئي
ڏس
زور جي
ڪڏھن
ميندي لڳي
آھي
جنھن
ڳالھه کي دل
کي
مڃي
ان کي سر
ڪيئن
سھندا انھن
سان
آءُ نيٺ
ڪھڙو
انصاف ڪري سگھندس‛‛.
مون
کي
سندس اھا
ڳالھه
چڱي
لڳي سر
جو
لاڳاپو يقناً
دل
سان آھي
۽
جا
ڳالھه
دل نه
مڃي
ان جي
ادائگي ۾
ڪھڙو اثر
ٿيندو.
ھڪ
ڀيري منجھند
جي
وقت استاد
مرحوم ٽي وي
اسٽيشن اچي
نڪتو
ڏٺم
ته
ڪجھه پريشان
ھو
پڇو
مانس چيائين
ته
صلاح وٺڻ
آيو
آھيان چيم
ته
حڪم؟ چند
گھڙيون سوچي
نھايت سنجيدگي
سان
چيائين
ڳالھه
ھيئن آھي
جو
ڪجھه
ڏينھن
اڳ اوھان
جو
ھڪ
دوست شاعر
مون
وٽ
ٽنڊي آدم
گھر
آيو ھو پنھنجا
ڪجھه
ڪلام
ڏيئي
حڪم
ڏنائين
ته ھن ريڪارڊنگ
ڪمپنيءَ
۾
ريڪارڊنگ جي
تاريخ به
وٺي
ڇڏي
آھي
ڪلام فقط
سندس
ڳائڻا
آھن.
تڏي
تي
ھلي
آيو ھو سو
انڪار نه
ڪري
سگھيس اچڻ
جي
ھائوڪار
ڪري
ويٺس پوءِ
ڪاغذ
جو
ٿھو
منھنجي آڏو
ڪڍي
رکندي چيائين
ھي
ڪلام
آھن
چڱا آھن
ٻين
ھمراھن
۽
منھنجي شاگردن
به
ڳايا
آھن سڀاڻي
رڪارڊنگ آھي
ھڪ
ڏينھن
اڳواٽ تو
وٽ
انھيءَ لاءِ
آيو
آھيان ته
صلاح
وٺان ته
ڪلام
ڳايان
يا
نه؟ مون
کي
سندس
انھي سادگيءَ
تي
نھايت پيار
آيو
کلي
چيومانس ته
نيٺ
توھان جي
ڪھڙي
صلاح
آھي ؟ چيائين
دل
نٿي مڃي
تون
اھڙي صلاح
ڏي
جو
لال به
لڀي
۽
پريت به
رھجي
باقي انجام
موجب
آءُ تيار ٿي
آيو
آھيان.
مون
کيس
چيو
ته توھان
جي
دل نٿي
مڃي
ته نه
ڳايو
آءُ
پنھنجي دوست
شاعر
کي
سمجھائي
ڇڏيندس مون
ڏٺو
ته
ھن
جي ذھن
تان
ڄڻ
مڻين بار
لھي
ويو يڪدم
اٿيو
چيائين پوءِ
موڪلاڻي ناھي
ھلون
ٿا
ڳوٺ.
ڪلام
۽
شاعر
جي انتخاب
۾
سندس
ھو
انداز آخر
تائين ائين
جو
ائين قائم
رھيو
ان ۾
ڪڏھن به
فرق
نه آيو.
منظور
علي
کي
پنھنجي شاگردن
۽
دوستن تي
آخر
تائين تما
م
گھڻو اعتماد
رھيو
ھڪ
ڀيري
ائين ٽاڪ منجھند
جو
پگھرجي اچي
ٽي
وي
اسٽيشن تي
نڪتو
چيائين ته
مرزا
صاحب فلاڻي
مون
واري مائٽ
جي
باري ۾
ڪھڙو خيال
آھي
تنھنجو. عادتون
ڪيئن
اٿس
پڇيومانس ته
ڇوٿا
پڇو؟
چيائين سڱ
گھريواٿن مون
کي
ھن
ھمراھه
بابت
جيڪي معلوم
ھو
سو
ٻڌايو
مانس چيائين
ته
اھو ئي
منھنجو خيال
آھي
ھڪڙي
شاھدي تو
ڏني
آھي
ھاڻي
وڃان ٿو محمد
يوسف
سان صلاح
ڪرڻ
پوءِ
خبر پئي
ته
ھن
ان
ھمراھه کي پنھنجي
نياڻي جو
سڱ
نه
ڏنو. اھا
حقيقت آھي
ته
منظور علي
پنھنجي خاندان
جي
مرڪزي حيثيت
جو
مالڪ ھو کيس پٽ
جو
اولاد
ڪونه ھو ٽي نياڻيون
ھئس
انھن
جو ھڪ مشڪب
پيءُ
وانگر سدائين
الڪو
رھندو ھوس ھڪ نياڻي
پنھنجي حياتي ۾
اٿاري ڇڏي
ھئائين ٻين ٻن لاءِ
سٺن
ورن جي
ڳولا
۾
رھندو ھو. نريني
اولاد نه
ھئڻ
ڪري
ھن
پھرين پنھنجي
ڀاڻيجي
وحيد
علي کي جنھن
کي
پيار
مان
”سرمون‛‛ چوندو
ھو
پاليو. سمجھه
ڀريو
ٿيو
ته
منظور جي
گھر
جي ننڍي
وڏي
ڳالھه
وحيد علي
جي
مرضي موجب
ٿيند
ي
ھئي
منظور جي
ھر
محفل
۾
ھو
ھن
سان گڏ
ھوندو
ھو
مڙني
شاگردن جي
مقابلي ھن کي اڳتي
ڪندو
ھو
سندس
خيال ھو ته وحيد علي ھن جي فن ۽ فڪر کي اجاريندو پر عجيب اتفاق اھو ٿيو
جو
وحيد
علي ءَ
منظور جي
نياڻي جو
سڱ
نه قبوليو
۽
ٻي
ھنڌان
شادي
ڪيائين.
ان
ڳالھه جو
منظور کي تمام
گھڻو
ڏک
ھو
مون ان
فيصلي بابت
وحيد
علي کان به
پڇيو
وحيد علي
چيو
ته مامي
جي
گھر آءُ
بنھه
ننڍي عمر
کان
پليس
مون ننڍي
وھي
کان
مامي جي
نياڻين کي
ڀينر وانگر
سمجھيو منھنجو
اھو
خيال ئي
نه
ھو
مان ھنن کي اڄ
به
ڀينرن
برابر سمجھان
ٿو
مان
مامي جي
مھربانين جو
نافرمان نه
آھيان آءُ
اڃان
به ساڳيا
پير
ڀريان
پيو ۽
ڀريندو رھندس.
شادي
کان
نھڪر جو
اھو
ئي سبب
ھو
خير
منظور علي
ڪڏھن
به
ان ڏک جو
اظھار نه
ڪيو
پر
جن جي
ساڻس
ويجھڙائي ھئي تن
کي
وحيد
علي جي
انھي
ڳالھه
جي ڏک
جو پورو
احساس ھو. بھر
حال
ٻئي
ڌريون
پنھجي پنھنجي
جاءِ
تي صحيح
ھيون
يا
غلط پر
استاد انسان
ھو
ھن
جي
دل ۾ ڪي خواھشون
ھيون
ڪي
خواب
ھئا پورا
نه
ٿيس
ته وقتي
طرح
سان مايوس
ضرور
ٿيو
پر جڏھن
وحيد
علي جي
شادي
ٿي
وئي ته
ھن
سڀ
وساري کيس وري
به
ساڳيو پيار
ڏنو.
پيار
ته
ھن کي
پنھنجي مڙني
شاگردن سان
ھو
پنھنجي اوڙي
پاڙي
وارن سان
به
ھو
ٽنڊي
آدم ۾ جمن
شاھه
جي پاڙي
۾
استاد جي
رھائش ھئي اتي
ئي
ھن
پنھنجي ننڍڙي
اوطاق قائم
ڪئي
ھئي
جنھن
کي
پاڻ مدرسو
چوندو ھو. ان
مدرسي ۾ شاگردن
جي
رھائش جو
اتنظام ھو شاگرد
ڪرڻ
۾
ھن
جا
پنھنجا معيار
ھئا.
ھر
ڪنھن
آئي
وئي کي ڪين سيکاريندو ھو
پھرين شاگرد
جي
آواز۽ ذھني
ماڻ
کي
ڏسندو
ھو
پوءِ ھن جي
سمجھڻ ۽
سکن
جي صلاحيت
کي
ڏسندو
ھو
جڏھن
پڪ
ٿيندي ھئس ته
ھمراھه
۾
داڻا
ڪڻا
آھن ته
پوءِ
سبق شروع
ڪرائيندو
ھو.
جڏھن
ڪنھن
شاگرد کي منظور
علي
سيکارڻ شروع
ڪندو
ھو
ته
ان ۾
ڪنھن قسم
جو
بخل نه
ڪندو
ھو
جيتري شاگرد
جي
سکڻ جي
سگھه
ھوندي
ھئي
ان مطابق
ويندو ھو ھن ۾ علم
جا
درياھه پلٽيندو
جنھن
شاگرد سان
دل
لڳي ويس
ته
پوءِ ته
ان
جي لاءِ
سکڻ
۽
سمجھڻ
ڏکيو ٿي پوندو
ھو
اٿي
ويٺي
ھلندي چلندي
پيو
سر ۽ بندشون
ٻڌائيندو
۽
سمجھائيندو.
منظور
جي
شاگرد مان
ڪن
انھي
سمنڊ مان
ڪيئي
ماڻڪ
موتي حاصل
ڪيا
ڪن
وري
ھريڙ
ھٿ
ڪري
وڃي پسارڪو
ھٽ
کوليو
مطلب
ته منظور
علي
جا مڙئي
شاگرد ھن وقت
به
مڇي ماني
۽
سنڌي
راڳ جي
سٽاءُ ۾ عزت
وارا
آھن اھو
منظو
علي جو
پنھنجن شاگردن
سان
پيار وارو
رستو
ھو
شاگردي واري
زماني ۾ ھر شاگرد
کي
ڪپڙا
لٽا
پاڻ وٺي
ڏيندو
ھو
جيڪا
ماني پاڻ
کائيندو
ھو
سا
شاگردن کي به
کارائيندا
ھو
مشھور آھي
ته
منظور علي
ننڊ
تمام گھٽ
ڪندو
ھو
چاھي
رات جو
ٻي
بجي
سمھي اٿندو
ھو
صبح
جو چئين
بجي
فوراً شاگردن
کي
به
جاڳائيندو.
پوءِ
پاڻ
به رياض
ڪندو
ھو
شاگردن کي به
رياض
ڪرائيندو
ھو
ان ۾
ڪڏھن
ڪوتاھي نه
ٿيڻ
ڏنايئن
اھا
منظور علي
خان
جي محنت
آھي
جو اڄ
محمد
يوسف، وحيد
علي،
گلزار علي
۽
انور
حسين وسطڙو
پنھنجي لائق
۽
مانائتي استاد
جي
جلايل جوت
سان
سنڌي سنگيت
جي
جنسار ۾ سھائو
ڪيو
ويٺا
آھن اھا
ٻي
ڳالھه
آھي
ته سندس
شاگردن مان
ڪن
ٿورن
استاد جي ڏنل ونڊ
مان
ٻين
ھمراھن
تائين رسائي
آھي.
منظور
علي
خان ۾ سنڌ
جي
ريت رسم
جو
گھڻو جزبو
ھو
پاڙي
جي اٿي
ويٺي
۾
ھو
مڙني جو
مھندار ھو ھر موقعي
تي
شادي ھجي غمي،
منظور جيڪڏھن
ٽنڊي
۾
ھوندو
ھو
ته
اتي موجود
ھوندو
ھو
۽
وڏي
سخاوت جي
ڳالھه
ٿيندي
ته
اھو به
چوندس ته
منظور پنھنجي
حياتي ۾
ٽنڊي جي
ڪيترن
غريب
گھرن جي
مالي
مدد به
ڪندو
ھو
۽
اھو
به انھي
نموني ۾ ته
ھڪ
ھٿ
ڏنو
ته
ٻي
ھٿ
نه ڏنو ماڻھن
جون
مددون ائين
ڪدنو
ھو
جو
ڪنھن
جي ڪم سانگي
شھر
کان
ٻاھر
ويو ته
ڪڏھن
ڪنھن
کان
ڀاڙو
به
نه ورتائين
ڪيترن
نوجوانن کي ھلي ملھي
نوڪريون
ڏياريائين
ھونئن به
پنڌ
جو جانٺو
مڙس
ھو.
ست اٺ
ميل
ھلڻ
ھن
لاءِ بنھه
روا
جي
ڳالھه
ھوندي
ھئي. ھن پنھنجي
سڄي
عمر ائين
نيڪيون
ڪندي گذاري
ان
جي موٽ
۾
ھن
کي
ماڻھن لک
عزتون
ڏنيون
ڪڏھن ھن کي پاڻ
کان
ڌار
نه
سمجھيو جيءَ
۾
جايون
ڏيئي اکين
تي
ويھاريو ان
۾
سنڌ
جا امير
ڪبير
به
ھئا
ته پير
فقير
به ھئا شاعر
۽
اديب
به ھئا ته
راڳائي ۽ وڄتا
به
ھئا
ڪڏھن
ڪنھن
ھن
جي
ڳالھه نه
موٽائي سدائين
سندس
چيل
ڳالھه کي اکين
تي
رکي قبوليندا
ھئا
مان
ڀانيا
ٿو
سنڌ جي
ڳائڻن
۽
وڄتن
مان ڪي آڱرين
تي
ڳڻڻ
جيترا يار
ھوندا،
جن
کي
سنڌ جي
سر
زمين ۽ رھواسين
ايڏو
مان ڏنو ھو.
جڏھن
سنڌ
جي راڳ
۽
ساز
جي نظام
جو
ھيءُ
اعلي اڳواڻ
اسان
کان
وڇڙيو ته
ڪھڙي
اک
ھئي
جنھن ڪو لڙڪ
نه
لاڙيو
ھوندو. سندس
تدفين وقت
ٽنڊي
آدم
جو سڄو
شھر
بند ھو
ھزارين ماڻھو
سندس
ڪلھي
ڪانڌي
ھئا
۽
جڏھن ھن ڌڱ مڙس
جو
مڙھه لحد
۾
لٿو
ته ان
سان
گڏ سنڌي
راڳ
جي دنيا
جو
ھڪ
ٻھڪندڙ
باب بند
ٿيو.
منظور علي
اڄ
اسان وٽ
ڪونھي
پر
سندس ساروڻيون
ھر
سنڌ
واسي جي
دل
۾
آھن
ڇاڪاڻ ته
سندس
آواز سندس
سر
سندس
ڳايل بيت
۽
ڪلام
اڄ
به انھي
محبت
۽
پيار سان
ٻڌا
وڃن
ٿا
جيئن کيس اسان
زنده
ٻڌندا
ھئاسون
مان سمجھان
ٿو
ته
منظور يقيناً
جسماني طور
تي
اسان کان ڌار ٿي ويو
آھي
پر روحاني
طرح
سان ھر راڳ
جي
محفل ۾
ڀيڙو
ھوندو آھي
۽
ڀيڙو
رھندو.
اڄ
نه اوطاقن
۾،
دونھين ڌنڌ نه
لاٽ
ويا
ويراڳي
نڪري، چت
چکائي چاٽ
آءُ ماريس تنھن ماٽ جيجان!
جوڳيئڙن جي. |