سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  وساريان نه وسرن

باب-

صفحو :10

ميلي کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب ائين موٽي اچڻ تي ناراضپو ڏيکاريو ۽ ميار به ڏني. ”توھان منھنجا مھمان ھئا ائين بنا ٻڌائڻ يا موڪلائڻ جي موٽڻ مناسب نه ھو‛‛ ان کان پوءِ ميلي جي تقريباً سڄي ڪار گذاري اسان جي حوالي ٿي. مان ڊاڪٽر صاحب سان ثقافتي ادبي ۽ موسيقي جي محفلن ۾ ڀيڙو ھوندو ھوس ته شيخ محمد اسماعيل صاحب مھمانن جي رھائش ۽ کاڌي خوراڪ جو اتنظام جو ذميوار، اھو درو ھو جو منھنجي اسٽيج جي زندگيءَ جي ابتدا ٿي ۽ انھيءَ فن جي تربيت ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جھڙي شخصيت جي ھٿان ٿي. اڄ به سالن جي سنڌي کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب جن جي ھدايتن جا پڙاڏا ڪنن ۾ اصل ائين ٿا ٻرن ڄڻ ٿه اجھو ھاڻ ڪجھه چيو اٿن. سچ ته ڊاڪٽر صاحب کي پنھنجي علمي ادبي ۽ تحقيقي ڪمن سان گڏ اسٽيج تي ڪنھن فن پيش ڪرڻ جو وڏو ملڪو آھي ياد ٿو اچيم ته موئن جي دڙي جي کوٽائي جي 50 ساله سيمينار جي موقعي تي ڊاڪٽر صاحب راڳ ۽ ساز جي محفل جو انعقاد ڪيو ھو ۽ دنيا جي سمورن آثار قديمه جي ماھرن آڏو اھو شو ڊاڪٽر صاحب پيش ڪيو. ٻاھريان ماڻھو اصل چريا ٿي پيا ڏاڍيون تعريفون ڪيائون صبح جو ڊاڪٽر صاحب کي سرمارٽيمر وھيلر جي صدارت ۾ ٿيندڙ سيمينار ۾ مقالو به پڙھڻو ھو. ھڪ ٻئي مقالو جي سلسلي ۾ سوالن جوابن جي دوران ڊاڪٽر صاحب سوال ڪرڻ جي اجازت گھري پر نشست جي صدر وھيلر صاحب اصل مڇ ئي ڪانه ڇنڊي نيٺ جڏھن ڊاڪٽر صاحب ڳالھايو تڏھن وھيلر معذرت ڪندي چيو ”مون سمجھو ته ھيءُ صاحب رڳو ميوزڪ ڪنڊڪٽر آھي پر ھيءُ صاحب ته علمانه نڪتا ٿو اٿاري‛‛. خير اھو ته ھڪ علحده واقعو آھي ۽ منھنجي انھي ڏس جي مڪمل تربيت ڊاڪٽر صاحب جن جي مرھون منت آھي. انھن ڏينھن ۾ منھنجي حوالي اھو ڪم ھوندو ھو ته سمورن آيل فنڪارن جون لسٽون ترتيب ڏئي انھن جي ڪافين ڪلامن جا ٿلھه توڙي سازن تي پيش ڪرڻ واريون راڳڻيون نوٽ ڪري ڊاڪٽر صاحب جي آڏو پيش ڪريان ۽ فنڪشن جي وقت انھن مڙين ھمراھن کي اسٽيج تي حاضر ڪريان. ڊاڪٽر صاحب پاڻ فنڪار جو تعارف ڪرائيندو ھو ۽ تعارف کان پوءِ ھڪ منٽ اندر فنڪار کي پنھنجو فن پيش ڪرڻو پوندو ھو جي ٿوري گھڻي روايتي طرح سان سازن ملائڻ ۾ دير ٿيندي ھئي ڊاڪٽر صاحب کي اھا ڳالھه پسند نه ايندي ھئي. ٻيو ته پروگرام جي فھرست ته تيار ھوندي ھئي پر ھلندي ھلندي ڊاڪٽر صاحب ان ۾ نھايت تيزي سان مٽ سٽ ڪندو ھو. نتيجو اھو ٿيندو ھو جو آءُ ڪنھن به فنڪار کي ھيڏانھن ھوڏانھن ٿيڻ نه ڏيندو ھوس سڀ اک ۾ ڪيو ويٺو ھوندو ھوس. اھي عجيب يادگيريون آھن ذھن ۾ اچن ٿيون ته خوشي ٿئي ٿي اسان جا ماڻھو نھايت سيبتا ۽ سچا آھن ھو راڳ ۽ ساز جي انھي محفل کي ڏاڍي دل سان ٻڌندا ھئا ۽ اڃان تائين ٻڌن ٿا.

ڊاڪٽر صاحب جي ڏينھن ۾ ثقافتي مرڪز جون موجوده ٻيون عمارتون ٺھڻ لڳيون. انھي دوران ٻه سال اسان فنڪارن ۽ اديبن سان گڏ طنبن ۾ رھياسين. ڀٽ تي بجلي ڪانه ھئي ميلي جي ڏينھن لاءِ حيدرآباد مان جنريٽر ايندا ھئا جيڪي رات جو درگاھه تي بجلي راسائيندا ھئا ۽ طنبن ۾ ڏيئين جھڙا بلب ٽمڪندا ھئا سچ ته ائين الڳندو ھو ڄڻ جھنگل ۾ منگل ٿي ويندو ھجي. فنڪارن ۽ اديبن جا طنبو طنبن سان مليل اسان جا فنڪار رات جو سمھن گھٽ ۽ شاعرن ۽ اديبن جون طبيعتون نھايت حساس ھر طنبو مان چپڙن، ڇيرن ۽ يڪتارن جا پڙلاءِ ڪنھن طنبو مان اوچتو نارو ڀڳت جي صدا اڀرندي ھئي ته ڪٿان منظور علي خان جو آلاپ ڪٿان خميسو خان بينون ڦوڪيندو ھو ته ڪٿان وري زواد بسنت جي ٻاري وارا دھل ۽ متا اچي  تپائيندا ھئا. اھڙي ماحول ۾ ننڍا اچي سا ڪيئن اچي لاچار ٿي سمورا اديب ۽ شاعر وري پنھنجي منڊلي مچائي ويھي رھاڻ ڪندا ھئا. انھي رھاڻ ۾ ڏاڍي اڪير ۽ حب محسوس ٿيندي ھئي ان وقت جيڪي به ھمراھه ايندا ھئا انھن مڙني فنڪارن کي گھٽ يا برو نه ڀائيندا ھئا. باوجود انھي جي کين راڳ ساز سان ڪا گھڻي رغبت نه ھوندي ھئي تڏھن به ائين ڪڏھن ڪنھن اديب يا شاعر ناراضپو نه ڏيکاريو جيئن ڪجھه عرصو اڳ ڪن يارن ڪيو ھو ته اسان کي فنڪارن سان ھڏ رھايو وڃي ٿو. ماڻھو اسان کي ڏسي چون ٿا ته ”فلاڻو فقير غفور آھي فلاڻو ڍول فقير آھي يا فلاڻو چاڪر چانڊيو آھي !‛‛ مان سمجھان ٿو ته اسان پنھنجن فنڪارن جي اندر ۾ ڪڏن جھاتي پائي نھارڻ جي ڪوشش نه ڪئي آھي سچ ته اسان جي سمورن فنڪارن تي ڀٽائي جو ھي بيت ٺھڪي ٿو اچي:

رھي اچجي راتڙي تن واڍوڙئن وٽا،
جن
کي سور سرير ۾ گھٽ منجھارا گھاءُ،
لڪائي
لوڪا، پاڻھين ٻڌن پٽيو

ھو سراپا سوز ۽ سور آھن ھنن جون دليون نازڪ ۽ نفيس محبتون ايتريون جو جيڪو جيءُ چوين تن تان قربان. ڪڙو ڪين ڳالھائين، ڪنھن کي آزارين ڪين، پاڻ پنھنجي دنيا ۾ ننڍڙن ۽ نھايت پيارن خيالن ۾ گم ۽ لطيف جي پڙ ۾ ته سندن ڏيا ۽ حشمت ڄڻ آھي ئي ڪونه. نمي کمي نھارڻ وارا اسان جا اھي فقير مون نھايت غور سان ڏٺا آھن. ھو سچ ته پنھنجي ذات ۾ عظمتن جا منارا آھن ھنن وٽ جي دل جي سچائي ۽ صفائي آھي ته اگھن جو ڏکندو ڏور ٿيو وڃي. پنھنجي فن جي لحاظ کان ھنن متعلق جڏھن سوچان ٿو ته احساس ٿئيم ٿو ھنن ھمراھن جي اھا بدقسمتي آھي جو سنڌ ۾ پيدا ٿيا آھن، ۽ سنڌ فنڪار آھن مون غفور، علڻ، خميسي ۽ مٺا خان جي اوج کي آمريڪا جي رستن تي اسٽيجن تي ڏٺو آھي ھن جو مرتبو ۽ مان اسان جي مقابلي ۾ نھايت مٿانھون آھي. سچ ته اسان کي پنھنجن فنڪارن تي فخر ھئڻ گھرجي انھي لاءِ ته فنڪار ھئڻ سان گڏ ھو طبيعتن جي سادا ۽ سچا دلين جا فقير آھن ھو ڪنھن کي رنجائڻ ڪونه ڄاڻن. ٻين جو ڏک پاڻ ونڊين پنھنجو ڏک پاڻ سانڍين. اھڙن فقيرن تان سچ پچ اسان گھوري جي وڃون ته به گھٽ آھي. مان ته پنھنجي خوش بختي سمجھندس جيڪڏن مون کي ڪو ھمراھه ڪنھن فقير جي نالي سان سڏي، بھرحال اسان جون طبيعتون وقت گذرڻ سان وڌيڪ حساس ٿي ويون آھن. انھي جو سبب ڪھڙو آھي؟ ان بابت واقعي سوچڻ گھرجي. اھي فقير راڳ جي روايت جو مڪتب آھن مون انھي جي صحبت ۽ سنگت مان گھڻو ئي سکيو ۽ سمجھيو آھي انھي ڪري مون کي پنھنجا فنڪار سدائين لطيف جي ھن بيت ۾ نظر آيا آھن ته:

صورت سندين سال، پاڻ مصاحب سپرين
مولي
ڏنن منھن ۾ نوري نيڻ نھال
سندي
خواب خيال مون مستانو ڪيو
شروعات

سنڌ جو راڳ، ان جا ڳائڻا ۽ وڄتا، تاريخ جي صدين واري ڊگھي پيٽي ۾ سنڌ جي سڃاڻ ۽ واقفيت جي اھم علامت رھندا پئي آيا آھن. ھن سرھي سرزمين تي تاريخ کان اڳ واري زماني جي فن ۽ فنڪارن جي اھڃاڻن جي اھي رنگين گل ٽڙيل آھن جن جي سڳنڌ سڄي دنيا جي ساڃھه ڀريل ماڻھه کي پاڻ ڏانھن ڇڪيو ۽ متاثر ڪيو. باوجود وقت ۽ زماني جي ڏکوئيندڙ روش جي ھن ڌرتي پنھنجي انھي ڇٽ کي قائم رکيو ۽ جيستائين سنڌ جي عام ماڻھو ۽ سونھن جي سمجھه ۾ شناس قائم باقي آھي تيستائين اھا سرھاڻ موجود رھندي ۽ انساني حياتي جي سک ۽ سڪون جو سبب بڻجي رھندي.

اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته سنڌ جي زندگي سنڌو جي پاڻي سان  لاڳاپيل آھي، جيڪو ڄڻ ته ھن ڀلاري ڀونءِ جي روح جي ريج آھي. ھن جي پالوٽ سان ڳاڻيٽي کان ٻاھر سھڻا ۽ سيبتا گل ۽ گونج ٽڙن ٿا، جيڪي سنڌين کي نئين حياتي جي سڌ به ڏين ته محبت سان سرشار به ڪيو ڇڏين. سنڌو جون لھرون ڪڏھن ھتي جي ماڻھن لاءِ ٻيجل جي چنگ جي صدائن وانگر اڀرن ٿيون سندس تک ۽ تيزي مان فقير عبدالغفور جي آواز جھڙي ڏيا ٿي بکي ته ڪڏھن ان جي ماٺار مان مصري خان جمالي جي بينن جي آلاپن جو احساس ٿئي ٿو. سنڌي پنھنجي ڌرتي جي ان دادلي بادشاھه سان صدين کان نينھن جا ناتا نباھيندا پيا اچن سندس آرن انگلن کي اکين تي ڪيو پيا جيئن. ڪڏھن ڪاوڙجي ڪو ڪوسو ويڻ يا پاراتو نه ڏينس. پاڻ جڏھن اوچن جبلن تان لھي سنڌ ۾ آرھڙ جو نئون پاڻي آڻي ته سندس دھشت ۽ ڌم جي دھلن شرنائين سان آجيان ڪن آکاڏيئي ”جر پوڄا‛‛ ڪن چي ته ”ڀلي آئين جيءُ آئين دريا شاھه.‛‛ شايد اڄ جي ڇڪتاڻ واري زماني ۾ اھا ريت نه ھجي پر آڳاٽي وقت ۾ سدائين ائين ٿيو ۽ مون پنھنجي ياد ۾ اھڙا ميلا گدو بندر وٽ پاڻ اکين سان ڏٺا انھيءَ قسم جون ريتون ۽ رسمون ڪو ھڪ اڌ سال يا زماني ۾ پيدا نه ٿينديون آھن اھو ھڪ مسلسل انساني حب  ۽ عقيدت جو عمل آھي جيڪو زمانن کان ھڪ نسل کان ٻي نسل تائين پھتو ۽ شايد اسان جو نسل انھن روايتن جو پويون  شاھد آھي. ھن مانائتي درياھه شاھه جي ڪنڌين تي سنڌ جي تھذيب تمدن ۽ ثقافت جا بنياد پيا جنھن جا جاولين اھڃاڻ موئن جي دڙي جا عظيم ۽ اچرج ۾ وجھندڙ ڀڙا آھن جن ۾ سنڌين جو ويل وقت پوريل آھي. ان ڏس ۾ ڪيئي ڪتاب موجود آھن پر آءُ پنھنجي موضوع جي مطابق فقط ان مورتي جو ذڪر ڪندس جنھن کي مھرن ”نچڻي‛‛ جي نالي سان ياد ڪيو آھي. اھا مورتي سنڌي فن جي سڀ کان جھوني ۽ پھرين اعليٰ علامت آھي جيڪو ڪنھن سنڌي ھنر مند پنھنجي آئيندي لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو ناچ جي فن جي ماھرن جي موجب انگ جي لحاظ سان ھڪ مشڪل ناچ آھي جنھن کي مورپک جي نالي سان ياد  ڪيو وڃي ٿو. ان مورتي جو جسم بنھه اگھاڙو آھي فقط ٻانھين پاتل اٿس اھو بحث جدا آھي ته اھو اگھاڙو ناچ مناسب آھي يا ناھي پر ايترو ضرور واضع ٿئي ٿو ته ان زماني جو سماج ذھني طور ايڏو پٺتي پيل نه ھو ۽ معاشري ۾ ان فن جو وڏو قدر ھو. ھنن ۾ ايتري ساڃھه ھئي جو انھي ناچ کي فقط فن جي خيال سان ڏٺو ۽ محفوظ ڪري ڇڏيو. ڀنڀور جا ڀڙا سنڌ جي لاڙ واري خطي ۾ موجود آھن. ڀنڀور جي کوٽائي مان ٺڪر جي ٿانو جا ٽڪار مليا آھن جن تي رقص ڪندڙ جوڙن جون شبيھون پڻ چٽيل آھن سنڌ جي ڪاريگر ڪنڀارن ان دور جي علم ذوق ۽ دلچسپي کي مد نظر رکندي ٿانون تي اھي شبيھون چٽيون جنھن مان گمان نڪري ٿو ته راڳ ۽ رقص جو فن  ان وقت پڻ اوج تي ھو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي راءِ موجب انھن شبيھن وارن ٿانون جا ٽڪرا غالباً ساڪن واري تريخي دور (ٻي ٽي صدي عيسوي)  يا ان کان ڪجھه پوءِ جا آھن.

تاريخ کان اڳ  ۽ پوءِ وارن زمانن جي انھن آثارن مان سنڌ جي ماڻھن جي مزاج رھڻي ڪھڻي ۽ فني ماحول جو واضع اندازو لڳائي سگھون ٿا. سائي ستابي سنڌ جي سکين سانگين جي وندر ورونھه جا اھي ئي رنگ ڍنگ ھئا اھڙا مارڪا ۽ ڪچھريون ڄڻ  سندس ستي ۾ پيل ھيون ۽ سماجي لحاظ کان انھن ڳائڻن وڄتن ۽ نچ جي سرواڻن جو مان ايڏو مٿانھون ھو جو ڪاريگرن ماڻھن کي گھرن جي سونھن ۽ سينگار لاءِ اھڙا رڇ جوڙيا جن تي انھن جون تصويرون چٽيل ھيون. اھو رواج اڄ به موجود آھي. جيتوڻيڪ اڄ جي زماني ۾ اھو دستور مختلف آھي پر ائين ضرور چئي سگھجي ٿو ته اڄ جي دور وارو اھو دستور پنھنجي قدامت جي لحاظ کان ارتقائي عمل آھي سنڌي سماج جون ريتون رسمون ڊگھي سفر کان پوءِ عام ماڻھن جي حوالي سان اسان تائين پھتيون آھن اھو سفر اڃان به جاري رھندو. ماڻھو ۽ مھانڊا مٽبا رھبا، وقت جي گھرجن موجب فن ۽ فنڪارن جي روين ۽ اندازن ۾ مٽ سٽ ٿيندي رھندي پر ان جو روح ساڳيو رھندو چس ۽ ساءُ ۾ ڪو فرق نه ايندو ٻڌندڙن جا ڪن وڌيڪ سڄاڻ ھوندا، پر دليون نازڪ ۽ نفيس رھنديون ”الوميان‛‛ جا آلاپ يڪتاري جي تند چپر ۽ گھڙي جي لئي جڏھن قائم ٿي تڏھن اھي دليون ڇڪي کائينديون. سر انھن کي ڀڄائي ڇڏيندو ڇاڪاڻ ته اھي آلاپ سنڌي راڳ جي سچن سيبتن ۽ بي غرض ڳائڻن ۽ وڄتن جا ھوندا جن ۾ برھ جون باھيون به ھونديون ته فراق ۽ وڇوڙي جا دونھان به ھوندا. ھن مضمون ۾ اھڙن ئي فنڪارن جو ذڪر آھي، جيڪي پنھنجي دور جا اعليٰ ۽ عظيم فنڪار ھئا ۽ سچا انسان به. انھن مان ڪي لاھوتي لڏي ويا آھن انھن ۾ ان گھڻن سان منھنجو لاڳاپو پنھنجي محسن استاد ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وسيلي ٿيو ھنن ھمراھن سان اھو تعلق سندن حياتي جي پڄاڻيءَ تائين قائم رھيو. مون ذاتي طرح ھنن کي جيئن ڏٺو ۽ منھنجي ساڻس ذاتي حجت وارو پھلو به ڏسجڻ ۾ ايندو ھڪ ڳالھه جي ھت وضاحت ڪرڻ ضروري سمجھان ٿو ته جن چند ڳائڻن بابت مون لکيو آھي اھي تمام وڏا ماڻھو ھئا انھن سان منھنجو تعلق گھرو ضرور ھو پر آءُ ھنن جي جُڙ جيس جي ھام نٿو ھڻي سگھان. محض محبت واري لاڳاپي قلم کڻڻ تي آمده ڪيو

جي ميراثي مڱڻا، آءُ پڻ مڃان تن
ڪي
ڪھه منھنجي ڪن.، ارث منجھارا ان جي                                       شاھه

عشق جو آواز

نارو ڀڳت

ھيءُ جھان، اچڻ وڃڻ جو ماڳ مڪان آھي جنھن ۾ قسمين قسمين ماڻھو، پنھنجي رمز ۽ پر ۾، وارو وڄائي ويندا آھن ڪي نوري ته ناري ڪي آرام کي اوڏا نه ھجڻ ته ڪي وري سدائين ستا ئي سونھن. انھن جا ڳڻ اوڳڻ علحده ۽ اور. نه سندن اچڻ جو احساس ۽ نه ئي وڃڻ جي ڄاڻ ڪنھن اوڦٽي سانوڻ جي ڪڪرن وانگر وسي اوھيرا ڪري اڳتي وڌي وڃي ڪنھن ٻي جوءِ کي  سر سبز ڪري. انھن عادتن ۽ ريتن وارا انسان به زماني ۾ اڻ لڀ آھن شايد دنيا جي ھيءُ جنسار ۽ سنجٽ اھڙن ئي انسان خاطر قائم آھي، اھڙن سيبتن ۽ سلڇڻن انسان جي وجود سان ھن ڪائنات ۾ سک ۽ سونھن پيار ۽ پاٻوھه جا جذبا قائم رھندا پئي آيا آھن اسين ڏسون ٿا ته ڪي صاحب قلم جي زور سان ماڻھن جي دلين ۾ اٿل پٿل آڻيندا آھن. ڪي وري شاعرن جي احساس کي آوازن سان سينگاري ڪڏھن اڌمن جا ڀڀڙ ڀڙڪائين ته ڪڏھن وري انسان جي روح کي ريجھائي سانتيڪو ڪن. اھڙن سچن انسانن لاءِ دل اڪثر ڇڪي ڏيندي آھي دل ۾ خيا ايندا آھن ته ”الا ڪھڙو نه عجب انسان ھو‛‛ ڪيئن نه اربيلين ۾ موڙھيل دلين کي ريجھائي ڀڄائيندو ھو ”ڪيئن نه ماڳ ڀيڻيون مچايو ويٺو ھوندو ھو‛‛ ڀٽائي صاحب شايد اھڙن ئي انسان لاءِ چيو آھي ته:

”بابو بيکاري ٿيا، آسڻ وٽ نه اچ
نسوروئي
نينھن جو، سامي ڪن سھڄ
ھينئڙا
تني سين ھڄ آءُ نه جيئندي ان ري‛‛

سنڌي راڳ ۽ ساز جي دنيا ۾ ڪيئي املھه انسان آيا ۽ وڇڙيا پر سندن جذبا ۽ سُر جن کي به کين ڏٺو اڃان تائين انھن جي ڪنن ۾ ٻرن ٿا. سندن آوازن ۽ آلاپن جا ڌڌڪا ۽ درد دلين م زندھه آھن ۽ ھميشه تازا ۽ زنده رھندا: ڇاڪاڻ ته اسان جي مڙني ڳائڻن ۾ وڄتن حب ۽ پيار سان ڳايو. انسان جي روح کي راضي ڪرڻ لاءِ آلاپيو دنيا جي روش مٽجي ويئي آھي پر سنڌ سپتيو راڳائي اڃان بدليو نه آھي. ھن ۾ اڃان به سچائي رڳو ان لاءِ آھي جو ھو جن شاعرن کي ڳائي ٿو انھن جا ڪلام عام ڪلام آھن انھن جي دلين ۾  رتل آھن. مون پنھنجي سانڀر ۾ ڪيترن ئي ڳائڻن ۽ وڄتن کي مختلف موقعن تي ويجھو ويھي دل سان ٻڌو ۽ سمجھيو مختلف ادبي تاريخي ۽ سائنسي ڪانفرنسون ھجن يا شاھه لطيف جو ميلو سچل جي ورسي ھجي يا قلندر جو عرس انھن مڙني موقعن تي سنڌي راڳن ۽ سازن جي سروائن سان دلي ڳانڍاپو رھندو پئي آيو آھي. انھن مڙني موقعن کان افضل لطيف جو ميلو آھي جتي سڀ عقيدت وچان اچي پنھنجي سدا حيات شاعر کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ چؤنڪي ڏين. اڄ انھي ماڳ جي اھڙي مانجھي ۽ مھندار فنڪارن جو ذڪر مقصود آھي جن ڀٽ تي ڀيرا ڪيا ۽ پنھنجن راڳن ۽ سازن سان انساني دلين کي سرور ڏنو ۽ اسان کان وڇڙي ويا، فقط سندن يادگيريون سنڌ جي راڳ جي تاريخ جو ھڪ اڻ وسرندڙ باب بنجي ويو آھن.

”ڀني ڀڙڪا ڪن، باھيون بيراڳين جون
ھلو
ته سيڪيون ھٿڙا، مٿي تن مچن
ملا
سناسين مون جڙ لڳي جان ۾‛‛

ڀٽائي بادشاھه جي راڳائي فقيرن مان جن فنڪارن مان سڀ کان پھريون منھنجو تعلق پيدا ٿيو يا جنھن کي نھايت محويت جي عالم ۽ لطيفي ڪافيون ڳائيندي مون ڀٽ شاھه جي پڙ ۾ ڏٺو اھو ھو سادو سودو پيارو ۽ سٻاجھو اڌمن ۽ جذبن ڀريو ڀڳت ”نارو ڀڳت‛‛ ماض جي بيشمار گھڙين مان اھي ساعتون بنھه ڪي سڀاڳيون ۽ سجائيون چئيبيون جن ۾ اھڙن محبت سان لطيفي راڳ ڳائيندڙ کي مون ڳائيندو ڏٺو ۽ ٻڌو. سندس ٻه ڪافيون لطيف جي ميلي جي موقعي تي ڪنھن نه ڪنھن ڌمال ۾ ضرور ٻڌيون ھيون.

”ڪاڪيون! قريبن سان، ڪيم ڪين ڪي ڇا ٻڌايان.‛‛

”پسي ڳاڙھا گل، متان ڪا گل چانگي کي چاري.‛‛

سندس انداز عجب ۽ جوش ڀريو ھڪلون ڪري ڳالھه جا تاڻا ورجائيندي ڪافيون ڪڇيندو ھو. پاڻ اڪيلو نه ڳائيندو ھو سندس پنھنجو ساٿ ھو، جنھن ۾ سندس پٽ ٽيئون مل ساڻس گڏ ڳائيندو، مھراج ھيمنداس ھارمونيم وڄائيندي وڄائيندي ڪڏھن ڪڏھن فقير کي ساھي ڌيڻ خاطر ھڪ اڌ بيت به ڏيندوھو. پڪواز تي اسان جي محمد يوسف جو والد مرحوم زوار لونگ فقير سنگت ڪندو ھوس. ڳائڻ وقت نارو ڀڳت سدائين ھڪڙو گوڏو ڀڃي ويھي ڳائيندو ھو. نارو ڀڳت خاص طرح شاھه جي رسالي وارين وارن کي ڪافين جي انداز ۾ ڳايو ۽ ڏاڍو سھڻو ڪري ڳايو. ھو جيتوڻيڪ ڀڳت جي نالي سان مشھور ٿيو پر ھو سنڌ جي مشھور ڪافيون ڳائيندڙن مان ھو. سندس ڳائڻ ڀڳتن واري لئي تائين محدود ڪونه ھو پر ھو وڏي سرتار وارو ۽ وڏي وس وارو ڪافيون ڳائيندڙ ھو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org