انھي
سال
جي موقعي
تي
آيل
ڳائڻن ۽ وڄتن
جي
فھرست ۽ انھن
جا
ٻول
لکڻ ويس
ته
اتي ھڪ
ٿلھو
ٿبڀرو شخص
عجب
صورت وٺيو
ويٺو
ھو
پڇيم ته
ڪير
آھين
فقير واقفيت
ڪرائي.
فقير
ڳالھايو
ڪين
قميص
ھيٺان بافتي
جي
پيل صدري
مان
دعوت نامو
ڪڍي
کڻي
ھٿ
تي
رکيائين. اھو
ھو
اقبال جوڳي
جيڪو
ڊاڪٽر
صاحب جن
الائجي ڪٿي ٻڌو ھو ۽ چئن
سالن
جي جھد
پٽڻ
کان
پوِ پھريون
ڀيرو
ڀٽ
جي
ميڙي تي
آيو
ھو.
مون
ڊاڪٽر صاحب
کي
اطلاع ڪيو ته
اقبال جوڳي
اچي
ويو آھي
ڊاڪٽر
صاحب
نھايت خوش
ٿيو
فوراً کيس سڏائي
ساڻس
وڏي حب
سان
مليو مون
ڏٺو
ته
اقبال جوڳي
تمام
گھٽ
ڳالھائڻو آھي
يا
وري ڪو غرور
اٿس
جو
ڪنھن
ڳالھه جو
سنئون جواب
نٿو
ڏئي.
ميلي
جي
ثقافتي
ڪانفرنس شروع
ھئي
ڊاڪٽر
صاحب
واري سان
مڙني
ڳائڻن
۽
وڄتن کي متعارف
ڪرائيندو
رھيو
محفل وڃي
چوٽ
چڙھي مون
بار
بار
ڊاڪٽر صاحب
جي
آڏو اقبال
جوڳي
جو نالو
پيش
ڪيو
انھي لاءِ
ته
محمد جوڳي
جو
حشر مون
کي
ياد
ھو
ڳائڻ
وارن جيڪي
سرن
جا جھڙ
لاتا
ھئا
اھي متان
اقبال جوڳي بني
لاھي
نه ڇڏي انھي
خيال
سان مون
ھر
ھر
پئي
ڊاڪٽر
صاحب جن
کي
عرض
ڪيو
پر
ڊاڪٽر صاحب
جو
اقبال ۾ ڪو بنھه
گھڻو
ڀروسو
ھو
سو جڏھن
محفل
جي پڄاڻي
جو
وقت آيو
ان
وقت منظور
علي
خان جي
ڳائڻ
جي
مھل ھئي تڏھن
ڊاڪٽر
صاحب
اقبال کي آڻڻ
لاءِ
چيو مون
اقبال کي سڏيو
انھي
وچ ۾
ڊاڪٽر صاح
جن
سندس فن
جي
ساراه ۾ اصل
ھڪ
ماحول بنائي
ڇڏيو
جوڳي
آيو ۽ پھرين
ڦوڪ
سان
سڄي ماحول
تي
ڇائنجي
ويو.
اڳ
جيڪي
ڳائڻا
وڄتا ٿي ويا
ھئا
انھن
جو احساس
ئي
ختم ٿي ويو.
بس
ھر
طرف اقبال
جي
مرلي جا
سر
ھئا،
سندس وجد
ڀريو
رقص
ھو
۽
ان سال
لئي
وٺيو سڀ
موجوده ماڻھو
تاڙين وڄائڻ
۾
مشغول ھئا ماڻھو
سڀ
مرلي تي
مست
ھئا
۽
آءُ حيران
ھئس
ته
سنڌي راڳ
جو
ھيءُ
جادوگر
ڪٿي ھو ۽ ساڳئي
وقت
ڊاڪٽر
صاحب جن
جي
بار بار
سڏائڻ جو
سب
به معلوم
ٿيم
ان
ڏينھن
اقبال سڀ
ڪجھه
فتح
ڪيو.
ريڊيو تي
به
پوءِ ويو
۽
ٿوري
عرصي
۾
اسان جي
راڳ
جي سفر
جو
ھڪ
سھڻو ساٿي
بنجي
ويو.
اقبال
سان
سنگت وڌي
ته
خبر پيم
ته
جيڏو
ٿلھو
ٿنڀرو شخص
آھي
اوترو ئي
دل
جو نازڪ
منجھس غرور
جو
نالو ئي
نه
ھو. ھر
ڪنھن
کان
پيو پاسو
ڪندو
ھو
جو
سندس خيال
۾
اھي
وڏا فنڪار
آھن
گھٽ
ڳالھائيندو ھو. ھرو ڀرو
ڪنھن سان
وچڙندو
ڪونه ھو پنھنجي
دنيا
۾
گم رھندو
ھو
نه
ڪنھن
جي آئي
۾
نه
وئي ۾ چھري
تي
ھر
وقت اھڙو
تاثر
ھوندو
ھئس
ڄڻ
مڙني سان
ڪاوڙيو
وتي.
ھڪ
اک ننڍي
ٻي
وڏي.
ھر
وقت جھڙيون
خماريل ھو پنھنجي
ظاھري روپ
کان
ڏاڍو
مختلف انسان
ھو.
محبت
ڪرڻ
ھمت
سان گڏ
ھلڻ
وارو
ھو.
جنھن سان
ھڪ
ڀيرو
لاتائين وري
ڇنڻ
جي
نه
ڪيائين. مجاز
جي
دنيا جو
مسافر به
ھو
گھڻئي عشق
ڪيائين
غالباً ٻه ٽي شاديون
ڪيائين
عشق
۾
ڊڄڻو
ھو
ڀٽشاه
تي ٻه ٽي سال
نه
آيو معلوم
ڪيم
ته
خبر پئي
ھمراھه
ڪا
ٻانھن
کنئي
ھئي
جنھن
جو فيصلو
پٽ
جي مرحوم
پير
محمد جڙيي
وٽ
ھو،
ھو
ڊپ
۾
ڀٽ
تي آيو
ئي
ڪين
نيٺ چئي
ڪري
ھمت
ڏياري
ھمراھه
وري
آندم پيسي
پنجر
جي معاملي
۾
اڪثر
گھپي
ڪندو ھو پر
ان
جو احساس
به
ٿيڻ
نه
ڏيندو ھو. اھڙي
موقعي تي
پنھنجي
ڀاءُ عيسي
کي
گاريون
ڏيئي دل
جون
باھيون
ڪڍندو ھو. عيسو
سندس
ننڍڙو
ڀاءُ ۽ سر
جھلائيندڙ ھو ساڻس
ڏاڍي
دل
ھوندي
ھئس
ھڪ
ڀيرو
ھو
کيس
ڇڏي
ويو.
ڪنھن
ڳالھه تان
ناراض ٿي وڃي
پني
عاقل ويٺو
ٻه
اڍائي مھينا
ته
اڪيلو پيو
مرلي
وڄائيندو ھو چوندو
ھو
ته....
سمجھي ٿو ته
آءُ
ھن
کان
سواءِ اصل
بس
آھيان ڏس ته
ڪيئن
پيو
وڄايان.
ڪاوڙ ۾ اقبال
اڪيلي نھايت
سٺي
مرلي وچائڻ
لڳو.
چيومانس ته
اڪيلو ٺيڪ آھين
چيائين
ڳالھه ئي
نه
ٿي
وڻي عيسي
کان
سواءِ مزو
ئي
نٿو اچي
الائجي ڇا ٿئي ويو
اٿس
سڀ گھرجون
به
ٿي
پوريون
ڪيونمانس.....
مرزان
مون
کي
عيسو پرچائي
ڏي
انھن
ڳالھين
۾
مون کي ھن جي
اندر
جي درد
جو
احساس ٿيو نيٺ
پرتا
۽
وري راڄ
ٿي
گڏ
وڄائڻ لڳا.
سنڌ
کان
ٻاھر
وڃڻ
لاءِ
ڪڏھن تيار
نه
ٿيو
حميد ريجھائي
ريجھائي تيار
ڪيس
پھريون
ڀيرو جھاز
۾
شايد
اسلام آباد
ويو ٻي
ڀيري مون
سان
گڏ چين
۽
ڏکڻ
ڪوريا
ھليو.
عيسو
علڻ فقير
۽
بچائي لاسي
کان
سواءِ پنجاب
جو
ھڪ
ناچو ساگا
به
شامل
ھئا. آءُ
گروپ
جو اڳواڻ
ھئس
ڪم
ال
سنگ جي
سالگرھه جي
موقعي تي
اتي
ھڪ
جشن ملھائيندا
آھن
جنھن کي
”اپريل اسپرنگ
فيسٽول‛‛ چوندا
آھيون. جنھن
سال
1986
اسين
ويا
ھئاسين ان
سال
پاڪستان کان سواءِ
دنيا
جا ستر
ملڪ
ھن
جشن ۾ شامل
ھئا
پيانگ يانگ
جي
وڏي
ھوٽل
(ھوٽل پيانگ
يانگ) ۾ اسان
جي
رھائش ھئي دنيا
جي
مشھور فنڪارن
سان
ملڻ ۽ انھن
جي
گن مان
گھڻي
واقفيت ٿي انتظام
نھايت اعليٰ
درجي
جو ھو
ڊائيننگ ھال نھايت
وسيع
ھو
ان ۾ ھر ملڪ
جون
جدا جدا
ميزون لڳل
ھيون
پر
اتي ماني
اقبال کي اصل
نه
وڻي
ھمراھه جون
ڏاٺون
ھيون
ڪين
سو
ڊبل
روٽي
کائڻ ۾ تڪليف
ٿيندي
ھئس...
ڏاڍيون گاريون
ڏيندو
ھو
خاص
ڪري
جڏھن عيسو
ٻيڙي
دکائيندو ھو ته
باھه
ٿي
ويندو ھو چئي
ھن
کي
ته
ڏس
سڄو وقت
پيو
سوٽا
ھڻي، اھو
خيال
نه اٿس
ته
وڏو
ڀاءُ بک
ٿو
مري
انھن ئي
ڏينھن
۾
اقبال کي ويھڪ
جي
جاءِ تي
اوچتو ڳڙ نڪري
پيو.
مون کي چيائين
ته
مرزا مون
کي
پلستر وٺي
ڏي
ھاڻي
سائين
ڪٿان اچي
پلستر مٿي
جي
سور جي
گوري
به
ڊاڪٽرن صاحب
جي
موڪل کان سواءِ
نه
پئي ملي
ڏاڍي
تڪليف ٿيس نيٺ
مون
پنھنجي ترجمان
سان
ذڪيو ڪيو
ھوٽل ۾
ڊاڪٽر موجود
ھو.
تنھن
ھن
کي
ٿوري
دوا ڏئي فورن
فارن
مشن جي
اسپتال ڏي موڪليو
اتي
ڪنھن
نرس چيس
ته
سلوار لاه
ھمراھه
اصل
باھه ٿي ويو
چي
”مرندي
مري وڃان
جو
سلوار لاھيان
اسان
جي اوگھڙ
اسان
جي زال
به
نه ڏٺي آھي
سو
ھتي
پرديس ۾
ڪنھن رن
روڳڙي کي پٺ
نه
ڏيکاريندس‛‛
بس پوءِ
سور
ساڻ کڻي اسپتال
مان
اصل
ڇنائي
ڀڳو. اسپتال
وارا
کيس
ڳوليندا
رھيا نيٺ
ھن
سور
تان ھٿ
کنيو تڏھن
وڃي
قصو ختم
ٿيو.
بيجنگ
۾
اسان جنھن
ھوٽل
۾
رھيا
ھئاسين
اھا شھر
کان
ٻاھر
ايئرپورٽ جي
ويجھو
ھئي.
ھوٽل جو
نالو
ھو
ائيرپورٽ
ھوٽل ان
جي
ريستوران ۾ جڏھن
ماني
کائڻ
وياسين ته
ھن
اسان
کي
تريل آڙي
۽
چانور به
ڏنا
بس چانورن
کي
ڏسندي
ئي
جوڳي جي
چھري
تي سرھائي
ڊوڙي
وئي
چيائين شخرانا
اڄ
ڍءَ
ڪري
کائينداسين
چين ۾ ان
وقت
پاڪستان جو
سفير
ڊاڪٽر
ڀٽي
نالي ھو نھايت
ذھين
۽
ھوشيار
سفير ھو ھن اسان
جي
پرگھور به
لڌي
۽
رات جو
ماني
تي به
اسان
کي
چانسيلري ۾ سڏايو
اتي
پاڪستاني ماني
ملي
.اقبال
ان
ڏينھن به
ڍءُ
ڪري
کاڌو.
ھونئن
به
ھمراھه
کانئڻ
جو جامڙد
ھو
مون
کي
ياد آھي
ته
ڊاڪٽر
بلوچ صاحب
موئن
جي دڙي
جي
کوٽائي
واري پنجاھه
سالن
واري بين
الاقوامي تقريب
۾
رات
جو راڳ
جي
محفل جو
انتظام ڪيو ھو ان
موقعي تي
دنيا
جا مشھرو
آثار
قديمه جا
ماھر
۽
دنيا جي
حڪومت جا
نمائندا موجود
ھئا
راڳ
کان
پوءِ ماني
جو
انتظام سمورن
مھمانن سان
گڏ
ھو
مون محترم
عبدالرزاق سومري
کي
چيو
ته اھو
ڪم
ڏکيو
ٿي
پوندو اسان
جا
ماڻھو
کائڻ پيئڻ
۾
آسرو
ئي نه
ڪندا
آھن
ڪٿي
گڙ ٻڙ نه
ٿي
پوي
عبدالرزاق سومري
چيو
ته مڙيئي
خير
آھي اسانجا
پنھنجا آھن
ڀلي
لئي
ڪن.
ٿيو
ائين جنھن
جو
مون کي ڊپ ھو. مھمانن
کان
اڳ
اسان جا
مڙيئي
ھمراھه پنڊال
م
اندر ھئا ھڪ ميز
خاص
جپان جي
ولي
عھد ۽ ٻين ملڪن
جي
چڱن مڙسن
لاءِ
ھئي
ممتاز ڀٽو صاحب
۽
حفيظ
پيرزادو صاحب
انھن
سان گڏ
ھئا
فقيرن مان
واجھه نڪتا
پوءِ
ھو
ڪٿي
ٿا
ڪنھن
جي ٻڌن گھڻيون
ئي
دانھون ڪيم ته
ان
پاسي نه
وڃو
پر اقبال
جوڳي
جپان جي
شھزادي واري
ٽيبل
تي
وڃي پھتو
جپان
جي شھزادي
کي
اھڙو
پاسي
ھنيائين جو
ھو
ڦرموٽي
وانگر ڦري ويو
ھي
۽
مرحوم مصري
خان
جمالي سڄو
ڪڪڙ
کني
اچي
وچ ۾ ويھي
رھيا
گھڻا ئي
اشارا
ڪياسين پر
جيڪو
ٿيڻو
ھو
سو ٿي گذريو
اھا
ڳالھه
ھلندي
وڃي ان
وقت
جي صدر
پاڪستان مرحوم
ذوالفقار ڀٽي جي
ڪنن
تي
پئي انھن
ھن
تي
پنھنجي ناپسنديدگي
جو
اظھار ڪيو پر
خدا
جو شڪر
اھو
ٿيو
جو راڳ
جي
محفل جي
باري
توڙي
ڊاڪٽر صاحب
پروگرام پيش
ڪرڻ
واري
انداز کي
ٻاھر جي
آيل
مھمانن ڀٽي صاحب
جي
آڏو وڏي
فراحدلي سان
ساراھيو تڏھن
مڙيئي جند
ڇٽي.
پر
تڏھن به
صبح
جو لاڙڪاڻي
جو
ڊپٽي
ڪمشنر
جيڪو ڪو شيخ
صاحب
ھو
اکيون
ڳاڙھيون ڪري اسان
کي
۽
سمورن فنڪارن
کي
وڏا
دڙڪا ۽ دھمان
ڏئي
ويو.
ان محفل
۾
کائڻ
سان
اسان جي
سمورن فقيرن
اصل
ھاڃان
ڪري
ڇڏيا
صبح جو
سڀ
جھنگ جي
بلي
حالت اھڙي
ٿي
جو
بسون بيھاري
بيھاري
ھمراھن جي
جان
خلاصي
ڪرائڻي ٿي پئي.
ڪيترن
يارن
جي اھڙي
حالت
ٿي
جو ھڪ ٻئي کان
ڏوھه بخشائي
وصيتن ۾ لڳي
ويا
ڌڻي
ڀلو
ڪري
علي گوھر
خان
کھڙي
جو جنھن
ڊاڪٽر
صاحب
جي پنھنجي
گھر
لاڙڪاڻي ۾ ماني
جھلي
اسان سان
اھا
سڄي گھل،
۽
حالت
مڙني جي
ابتر. علي
گوھر
کھڙي
صاحب مڙني
جي
رھائڻ جو
انتظام ڪيو دوائون
درمل
ڏنيون
۽
کچڻيون
تيار
ڪرائي مھل
ڪئي.
مون
کي
اھو
ڏينھن ان
لحاظ
کان
به ياد
آھي
ته ان
ڏينھن
۽
رات
جو
ڪيئن جناب
علي
گوھر اڀئين
پيرين اسان
جي
فقيرن جي
پرگھور لڌي
ھر
ھمراھه
جي
پاڻ ذاتي
طرح
پڇا
ڳاڇا پئي
ڪيائين
دوا
دارون پئي
ڏنائين.
ڪيترائي
نوڪر
ھئا
پر ھن اسان
جي
فقيرن جي
وڏي
دل سان
قدر
ڪيو
اقبال جوڳي
به
انھي لحظي
۾
اچي
ويو ھو پر
ڪنجھي
ڪنجھي
عيسي
سميت وڃي
پار
پيو.
ھڪ
ڀيري حميد
آخوند اسان
سڀني
کي
اٽلي جي
ھڪ
فيسٽيول ۾ وٺي
ويو
اقبال جوڳي
به
ھو.
ٻين
سان
گڏ الھه
بچايو
کوسو به
ھو
جنھن جي اسان
سڀني
کان
وڌيڪ دنيا
ڦريل
آھي
ھمراھ
۾
ھٺ
به گھڻي
آھي
مھل تي
اکيون
ڦيرڻ ۾ به
دير
نه
ڪندو آھي.
حالانڪه ھن کي
ٽنڊي محمد
خان
جي ھڪ حجامڪي
دوڪان تان
آءُ
وٺي آيو
ھوس
۽
ڀٽ
شاھه
جي ميلي
تي
کيس
ڊاڪٽر
صاحب کي عرض
ڪري
پھريون
ڀيرو موقعو
ڏياريو
ھئم
پر
انھي
کوسي ۽ ھن
کوسي ۾ زمين
۽
آسمان جو
فرق
آھي. سو
روم
۾
مڙئي
کوسي
ڪجھه ارڏائي
ڪري
وڌي
حميد ۽ آءُ
موجود
ھئاسين اقبال
جوڳي
ھونئن
ته گھٽ
ڳالھائيندو
ھو
پر
تنھن
ڏينھن الائجي
ڪھڙو
ريچڪ
اچي ويس
جو
اچي
کوسي کي سڱن
تي
کنيائين
بس اھڙو
ڪم
ڪيائينس
جو
ھن
کان
ھڪ
اکر به
نه
اڪيلو اھو
قبال
جوڳي جو
رنگ
اسان پھريون
ڀيرو
ڏٺو.
وڏي
جوش سان
ھن
سان
مھاڏو اٽڪايائين
ڳالھين
جا
کيس
اھڙا
ٽاڻا
ڏسيائين جو
بس
کوسي
توبھه گيسي
ڪري
جان
ڇڏائي.
اٽلي واري
انھي
فيسٽيول جو
مرڪزي ماڳ
سسلي
جو شھر
ايگريجنتو ھو. جتي
آخري
ڏينھن
تي شھر
جي
ميونسپل آفيس
کان
گولڊن
ٽيمپل تائين
تقريباً پنج
ڇھه
ڪلوميٽر
پنڌ
ڪرڻو
ھو
۽
سڄي واٽ
تي
جيڪي به
ملڪ
آيل ھئا تن
کي
ڳائي
وڄائي
ھلڻو ھو اسان
واري
نموني ۾ اھا
وڏي
سرگس ھئي شھر
جي
مکيه رستن
جي
ٻنھي
پاسي ماڻھن
جا
انبو ھئا پنڌ
گھڻو
ھو
اقبال مڙس
ڳورو
ھو
۽
ھلڻ
۾
به
منڊ
ڪائيندو ھو جو
ٻئي
گوڏا
نڪتل ھئس اسان
جو
خيال ھو ته
ھلي
نه
سگھندو پھرين
ته
ھلندا
رھياسين سڏ
پنڌ
کان
پوءِ اسان
جي
اڳيان واري
ملڪ
غالبا پولينڊ
جون
به
ڇوڪريون بيھوش
ٿي
ڪري
پيون
پر واه
اقبال تنھنجي
ھلڻي
سڄو
وقت مرلي
وڄائيندو پاڻ
نچندو ٻين کي نچائيندو
اچي
منزل تي
پھتو
چئي اھو
به
پنڌ آھي
ھمت
ڪيو
ته
ٻيلو ٻه
ٻرانگھون.
مون کي اھو
منظر
ڪڏھن
به نه
وسرندو جڏھن
به
اقبال جوڳي
جي
سار
ٿيندي ته
بين
ڳالھين
سان گڏ
اھو
ڏيک
به سدائين
ياد
ايندو رھندو.
اقبال
ھو
ته
جوڳي پر
پنھنجي جاءِ
تي
نھايت مڙس
ماڻھو ھو وڙائتو
انسان
ڪنھن جو
وڙ
وڃائيندو نه
ھو
ڪنھن
جي
ڪم
۾
دخل نه
ڏيندو
ھو
پنھنجي دنيا
۾
گم
رھندو ھو.
ھميشه وڄائيندو
ھو
ته
دل سان
وڄائيندو ھو ان
۾
ڪنھن
به
قسم جو
بخل
نه
ڪندو ھو جنھن
نموني سان
کيس
سمجھائبو ھو تيئن
اسٽيج تي
چڙھي
وڃي
ڪندو ھو.
ڪيترن موقعن
تي
مون ۽ حميد
ھاسيڪار
اھڙن
آرٽسٽن جي
مٿان
ھن
کي
وڄارايو
ھوندو جن
کي
ماڻھو دل
سان
ٻڌندا
ھئا
پر
ھيءُ جوڳي
جڏھن
اسٽيج تي
چڙھيو ته
بادشاھه بنجي
ويندو ھو ۽ اھڙا
اھڙا
انگ ۽ رنگ
پيش
ڪندو
ھو
جو جيڪو
ٿي
چڪو
سو ميسار
جي
ويندو ھو ۽
کائنس پوءِ
جنھن
کي
اچڻو
ھوندو ھو ان
کي
ماحول بنائڻ
۾
۽
ماڻھن کي پاڻ
ڇڪڻ
۾
گھڻو
وقت لڳي
ويندو ھو.
اقبال
جوڳي
پنھنجي شھرت
جي
عين عروج
واري
زماني ۾
6
اپريل 1986
تي
روھڙي ۾ گذاري
ويو
سندس عمر
ڪيتري
ھئي سا
ته
اسان کي خبر
ڪانھي پر
دل
چئي ٿي ته
اروڙ
جو اھو
مست
جوڳي ازل
کان
پنھنجي مرلي
سان
سنڌ جي
سنگيت جا
سر
وڄائيندو رھيو.
اھي
سر وڃڻ
کان
اڳ
ھن
پنھنجي
ڀاءُ عيسي
جوڳي
۽
پٽ در
محمد
جوڳي ڏي منتقل
ڪيا
اقبال
ھليو ويو
آھي
پر سندس
فن
ھن
وقت سند
س
ڀاءُ
۽
پٽ جي
وسيلي اڃان
زندھه آھي
۽
شايد
سدائين زندھه
رھندو،
ڇاڪاڻ ته
جوڳي
پنھنجي ڪلا پنھنجن
ڏيئي
پوءِ
ھن
دنيا مان
موڪلائيندا آھن.
سنڌ
جي سرواڻ
شاعر
حضرت شاھه
عبداللطيف
ڀٽائي جي
ميلي
جي تاريخ
اسان
جي موجوده
ثقافتي پس
منظر
جي لحاظ
1932ع
ان شروع
ٿئي
ٿي
جنھن
۾
اسان جي
عالمن ۽ اديبن
کان
سواءِ راڳائي
فقيرن حصو
ورتو.
1932ع
کان
1988ع
اڌ صدي
کان
وڌيڪ
عرصو، سنڌي
راڳ
جي ترقيءَ
۾
مسلسل سفر
آھي
ان سفر
دوران ڪي نيون
راڳ
جون روايتون
عام
ٿيون
ڪي
بنھه ختم
ٿي
ويون
ڪي
ھمراھه
پاڻ سان
پنھنجو علم
کڻي
ويا
نه ڪو شاگرد
ڇڏيائون
نه
ئي پنھنجي
رمز
کي
عام
ڪيائون ڪن استادن
پنھنجي ڄاڻ ونڊي
۽
انھن
جا ڏيا اڃان
ٻرن
پيا.
ڀٽ شاھه
جي
اسٽيج سنڌي
راڳ
جي بنيادي
اسٽيج آھي
جتي
آڳاٽي وقت
کان
اڄ
تائين ھر سنڌي
ڪافي
ڪلام
ڳائڻ
وارو
يا سازن
سرودن وڄائڻ
وارو
پنھنجي فن
پيش
ڪرڻ
جو خواھشمند
رھيو
آھي.
جتي
ڳائڻ
وڄائڻ کان پوءِ
ھنن
لاءِ
سدائين نيون
راھون روشن
ٿيون
آھن.
اھو
سلسلو اڄ
به
جاري آھي
سنه
1953ع
کان
وٺي عرس
جي
موقعي
ٿيندڙ راڳ
جي
محفلن جو
انتظام استاد
محترم ڊاڪٽر نبي
بخش
خان بلوچ
جي
ذمي رھيو.
ڊاڪٽر
صاحب
سنڌ جي
عام
لوڪ فن
۽
فنڪار کي
ڏورانھن ڏسن ڏي وڃي
ٻڌو
۽
ڏٺو
انھن
جو قدر
ڪيو
انھن
کي
ڀٽ
جي اسٽيج
تي
متعارف
ڪرايو. اڳتي
ھلي
انھن
سنڌي سنگيت
جي
دنيا ۾ وڏو
نالو
ڪڍيو
۽
بين الاقوامي
نوعيت جي
شھرت
حاصل
ڪيائون اھڙن
فنڪارن مان
ڪيترا
لڏي
ويا ڪي اڃان
ڳائين
وڄائين پيا.
ھنن صفحن
تي
انھن مرھيات
ڳائڻن
۽
وڄتن
جي فھرست
آھي
جن ڀٽ جي
اسٽيج تي
ڳايو
وڄايو ۽ مون
پاڻ
ھنن
کي
ڏٺو
۽
ٻڌو.
·
عيسو
فقير
مون
ھن
کي
پھرين ريڊيو
حيدرآاد جي
پراڻي براڊڪاسٽنگ
ھائوس
۾
ڏٺو
۽
ٻڌو.
ڀٽ
تي
ڳايائين
سندس تربيت
مشھور
ڪافي گو
شاعر
فقير
کٽياڻ جي
سنگ
۾
ٿي
ڏنڊي
واري ڇير ۽ يڪتاري
تي
ڳائيندو
ھو.
اصل
ھالن جي
پاسي
جو ويٺل
ھو
سندس
ڳائڻ
جو انداز
نج
سنڌي ھو.
ڊاڪٽر بلوچ
صاحب
جن پنھنجي
تنصيف سنڌي
موسيقي جي
مختصر تاريخ
۾
لکن
ٿا
ته
ڪلامن کي وڏي
چڙاھاءَ چٽن
ٻولن
۽
تار
جي
ڌماڪن سان
ڳايائين
۽
ڄڻ
ڪافين
ڪلامن
ڳائڻ
۾
پنھنجو ذاتي
انداز قائم
ڪيائين
ڏنڊي
کي
اھڙي
ته ھنر مندي
سان
کرج
توڙي نکاد
۾
آواز
لاھي چاڙھي
موافق وڄايائين
جو
جھڙس ٻيو ڪو نه
ٿيو.
عيسي
فقير جو
اھو
انداز اڄ
اسان
کي
ڪنھن
حد تائين
۽
ڍول
فقير
۾
نظر اچي
ٿو،
۽
سچ
ان نوع
جو
آخري
ڳائڻو آھي.
فقير
امير
بخش
پاڻ
ڪلوئي
ٻروچ
ھو،
۽
شھداد پور
تعلقي جي
دلور
ڳوٺ
جو رھندڙ
ھو
آواز
مٺو، ٻول پختا
۽
يڪتارو نھايت
چٽو
وڄايائين ريڊيو
حيدرآباد سان
شروع
کان
وابسته رھيو
مخدو
محمد زمان
طالب
المولي صاحب
سان
دلي ارادت
ھئس
ڀٽ
جي
ميڙي تي
ھڪ
ڀيري
مخدوم صاحب
جن
جي صدارت
ھئي،
مون
کيس
اسٽيج تي
ڳائڻ
لاءِ
چيو. مخدوم
صاحب
جن جي
ڪري
ڳائڻ
جي
حامي
ڀريائين مون
کي
ياد
آھي ته
شاھ
سائين جي
ڪافي
مون
کي
ڏونگر
ڏورڻ
آيو اھڙي
جذبي
۽
مستي سان
ڳايائين
جو
بي اختيار
پاڻ
نچڻ لڳو
سندس
جسم
ڪافي
ڀريل ھو پر
سنڌي
نچ جو
بي
مثال مظاھرو
ڪيائين
اھو
پھريون ۽ آخري
ڀيرو
مون
فقير امير
بخش
کي
انھي رنگ
۾
ڏٺو.
لا
غرض انسان
ھو، ان
ڪري
ھر
ڪنھن
جي
ڪاڻ
به نه
ڪڍندو
ھو.
سنه
1976ع
جي شروعات
۾
گذاري ويو.
عنايت
علي
فقير
نوشھري جي
پاسي
جو ھو ۽ شاھه
نصير
جي درگاھه
سان
وابسته ھو. يڪتاري
۽
چپر
تي
ڳائيندو ھو مٺي
آواز
۾
توحيدي
ڪلام
ڳائڻ ۾ تمام
سٺو
ھو
ڀٽ
شاھه تي
جڏھن
اسان سنگ
جي
شروعات ڪئي ته
ھن
فقير
کي
به شامل
ڪيو
ھئوسين
اڪيلي سر
به
چڱو رس
ڪندو
ھو. 77-1978
ڌاري بجلي
جي
ھڪ
حادثي ۾ گذاري
ويو.
فيضل
فقير
جمالي
نواب
شاھه جي
پاسي
جو ھو سھڻي
سينگاريل چٽن
واري
يڪتاري ۽ چپرن
تي
ڳائيندو
ھو
.بنھه
وڏا شھپر
ھوندا
ھئس. آواز
ٻاڙو
۽
کھرو
ھئس
پر
ڳائيندو
وڏي جوش
۽
جذبي
سان ھو. ننڊ
گھڻي
ايندي ھيس اڪثر
ستو
پيو
ھوندو ھو.
مٿان
دھل
شرناين جا
دس
پيا وڄندا
ھئس
پر
فيضل فقير
جي
ننڊ اھڙي
جو
پاسو به
نه
ورائيندو ھو مون
کي
ھن
انھي
ڪري
ڪڏھن
پسند نه
ڪيو
جو
آءُ اڪثر
ھن
جو
نالو
ڳائڻ وارن
۾
شامل
نه
ڪندو ھئس.
شخصي
طرح
سان لائق
ماڻھو ھو، جھڙوي
ڳائڻ
کھرو
ھو
تھڙو
ڳالھائڻ
جو چڱو
ھو.
خبر
نه آھي
ڇو
اوچتو ئي
اوچتو ڀٽ تي
اچڻ
ڇڏي
ڏنائين.
محمد
ابراھيم
اصل
ڪڇ
جو ھو، پوءِ
لڏي
اچي
ڪراچي ۾ رھيو
سندس
وڏن جي
ڪرت
ڪاروبار
ٻيڙياتن
وارو
ھو.
محمد
ابراھيم کي ورثي
۾
گھڻو
ئي
ڪجھه مليو
پر
کيس
راڳ جو
شوق
سو بمبئيءَ
ويو
اومڪارناٿ
ٺاڪر کان راڳ
سکڻ
ٻه
اکر اتا
وٺي
موٽي ماڳ
تي
آيو. پاڪستان
ٿيو
ته
ريڊيو
ڪراچي تي
آڊيشن
ڏنائي پاڪستان
جي
قومي تراني
جي
ڪورس
۾
ڳايائين
سنڌي سرائڪي
۽
اردو
زبان ۾
ڳائيندو ھو آواز
نھايت نازڪ
۽
رڳو
مائڪروفون تي
ڳائڻ
وارو
ھئس.
شاھه جي
رسالي سان
عسق
ھئس
وٽس
ڪيترائي
ڇاپي رسالا
ھئا.
جيڪي
پڙھندو رھندو
ھو
پر
بيت واين
جو
تلفظ ڪڇ محاوري
جي
ڪري
چڱو نه
ھئس.
نھايت سمجھدار
۽
وضعدار فنڪار
ھو.
شروع
۾
ڀٽ تي
ھر
سال
ايندو ھو، پر
پوءِ
ڪاروباري
ٿيو
ته
ڪڏھن
ڪڏھن
ڀيرو
ڪندو ھو.
محمد
ابراھيم راڳ
۾
پنھنجي
مڪتب
جو اڳواڻ
آھي.
سندس
شاگردن ۾ سثيلا
مھتاڻي بي
اي
غزاله جيڪا
پوءِ
غزاله رفيق
جي
نالي سان
مشھور ٿي روبينه
قريشي عبدالله
پھنور، عبدالله
ڪڇي
موسيٰ حسين
سمون، ۽ سندس
پٽ
احمد ابراھيم
اڄ
به سندس
روايت کي سلامت
رکيو
پيا اچن.
علي
فقير
سرھو.
مير
پور بٺوري
جي
پاسي ويٺل
ھو
يڪتاري تيلاڙي
گيت
۾
ڳائيندو
ھو.
ڊاڪٽر
بلوچ صاحب
کيس
ڀٽ
شاھه
تي ميلي
جي
موقعي تي
سڏايو ٻه يا
ٽي
ڀيرا
آيو
سندس
ڳائڻ م
رس
ھو
ڳالھه
يا داستان
وانگر
ڪلام چوندو
ھو.
۽
ھڪلون ڪري پنھنجي
ٻڌندڙن
کي
پاڻ
سان شامل
ڪندو
ھو
آواز
۾
جان ھئ ۽ ديسي
ڳائڻ
جي
ڄاڻ
ڪري
لئي سان
سٺي
راند
ڪندو ھو پنھنجا
وڄتا
ھوندا
ھئس.
لئي اھڙي
رکندو ھو جو
ڪي
ٿورا
پڪوازي ساٿ
ڏئي
سگھندا ھئس
22-23
سال
اڳ
65
ورھين جي
ڄمار
۾
وفات
ڪيائين.
حافظ
محمد
اسحاق
ضلعي
دادو جي
ٽلٽي
ڳوٺ
جو
ھو
نيم
ڪلاسيڪي انداز
۾
ڳائيندو
ھو.
ڪلام
گھٽ
بيت گھڻا
ڏيندو
ھو.
تان
پلٽي جي
راڳ
سان راند
ڪندو
ھو
نحيف
قسم جو
ماٺيڻو انسان
ھو.
آواز
ڪو
گھڻو
ڪونه ھئس پر
ڳائيندو
وڏي
جذبي سان
ھو،
۽
سندس
ٻڌڻ
وارن جو
خاص
حلقو ھو. لطيف
سائين جي
ميلي
سان شروع
کان
سلھاڙيل ھو آخر
تائين چؤڪي
ڏيندو
رھيو.
عبدالرزاق
شاھه:
غالباً سکر
ضلعي
جو ھو اسان
کيس
ريڊيو تي
ٻڌو
۽
ڏٺو.
ھڪ
ٻه
ڀيرا
ڀٽ
تي
به
ڳايائين رندي
۽
مجازي
ڪلام
ڳائيندو ھو.
گل
حسن
شاھه
ٺٽي ضلعي
جو
ھو.
آواز
۾
اثر ھئس لاڙي
لھجي
۾
مٺڙا مٺڙا
ٻول
چوندو ھو.
امير
علي
خان
:
جمال
خان جو
پٽ
۽
منظور علي
خان
جو ننڍو
ڀاءُ
ھو.
مشھور نالو
بيرو
ھئس
ڳائيندو
به ھو، ۽ منظور
علي
خان سان
طبلو
به وڄائيندو
ھو
آواز
ٻاڙو
ھئس
پر علم
جي
زور تي
ڳائيندو
ھو.
پرچن
شال پھنوار
جي
مشھور
ڪافي سڀ
کان
پھرين امير
علي
خان ڀٽ تي
ڳائي.
۽ واه
جي
ڳائي
مڙس ماڻھو
ھو
ڏنڊي
ڌڪي
۾
پوئتي
ڪونه
ٿيندو ھو مون
تي
اڪثر ميارون
رھنديون
ھئس، وڙھندو
به
ھو،
پر وقتي
طرح
سان، سچو
انسان ھو جڏھن
به
ڳائڻ
جو موقعو
ملندو ھوس ته
پنجن
منٽن جي
بدران پندرھن
منٽ
ڳائيندو
ھو
پوءِ کلي اچي
چوندو ھو
ڪيئن ٿو
ڀائين اڃان
وارو
نه ڏي عجب
جھڙو
انسان ھو.
مصري
فقير
:
سرھاڙي تعلقي
شھداد پور
جو
ھو
مخدوم طالب
الموليٰ سائين
جي
حاضري جو
ڳائڻو
ھو.
باجي
تي
ڳائيندو ھو بيتن
جون
وٽس سنگھرون
ھونديون
ھيون.
انھي
ڪري
ھڪڙي
ڪافي
اڌ مني
ڪلام
۾
ڳائي
پوري
ڪندو
ھو
چڱو
ڳائيندو ھو عام
محفل
جو
ڳائڻو گھٽ
۽
خلاصي
ڪچھري جو
وڏو
ڳائڻو
ھو.
ڪاوڙبو
۽
پرچندو جھٽ
ھو
شخصي
طرح سان
چڱو
انسان ھو ڀٽ تي
شروع
کان
ايندو ھو آخر
تائين اچي
حاضري
ڀريائين.
مصري
خان
جمالي
اصل
جيڪب آباد
ضلعي
جو ھو پوءِ
لڏي
اچي نواب
شاھه
ويٺو. بينن
جو
ماھر وڄائڻو
ھو
ڦوڪ
چٽي
۽
صاف وڏي
حوصلي وارو
ھو.
شروع
۾
پاڻ بينون
ٺاھيندو
ھو
۽
ميلن
ملاکڙن ۾ وڪڻندو
ھو.
ڊاڪٽر بلوچ
صاحب
پھريون
ڀيرو کيس ڀٽ تي
وڄارايو، ۽ اتان
ئي
مشھور ٿيو.
خميسو
خان:
ٽنڊي محمد
خان
لڳ گاجا
موري
تي رھندو
ھو.
پھرين نڙ
وڄائيندو ھو پوءِ
بينو
وڄايائين نھايت
مشھور ۽ مقبول
ٿيو.
تقريبا سڄي
دنيا
۾
پنھنجي فن
سان
ماڻھن کي مست
ڪيائين
سندس
خدمتن جي
موٽ
۾
حڪومت پاڪستان
طرفان صدارتي
تمغهءِ حسن
ڪارڪردگي
به
مليس.
زوار
بسنت
فقير
حيدرآباد جو
ويٺل
ھو
سنڌي شرناءِ
کي
باقاعدي ساز
جي
حيثيت ۾ متعارف
ڪرائن
۾
ھن
جو
وڏو ھٿ ھو. جھوني
سنڌي
ڳائڻي
استاد يوسف
کٽي
جو
شاگرد ھو نھايت
سريلو ۽ صاف
ڦوڪ
سان
شرناءِ وڄائيندو
ھو.
سنڌي
توڙي
ڪلاسيڪي سنگيت
جو
ڄاڻو
ھو.
ڀٽ
جي
ميڙي تي
وڄايائين ۽ داد
حاصل
ڪيائين
اسان جو
لائق
۽
مشھور
ڳائڻو محمد
يوسف
سندس
ڀائيٽو ۽ ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد
جي
آرڪسٽرا جو
رڪن
امام بخش
سندس
پٽ آھي.
امام
بخش
ڪلارنيٽ وڄائيندو
آھي
پر محرم
جي
پھرين ڏھي ۾ ڪن پڙن
سان
گزي به
وڄائنيدو آھي
۽
تمام
سٺي وڄائيندو
آھي.
انبن
فقير:
ٽنڊي آدم
جو
ھو
چڱي شرناءِ
وڄائيندو ھو ڀٽ تان
ڀيرو
ڪڏھن
نه
ڀڳائين.
اڪرم
فقير
لاڙڪاڻي جو
ھو
شرناءِ وڄائيندو
ھو
ڀٽ
جي
ميڙي تي
شروع کان ايندڙ
ھو
ڳالھائڻ
جو
مٺو وڄائڻ
جو
سٺو ھو. موقعو
مھل
ڏسي
ماڻھو سڃاڻي
ڳالھائيندو
ھو
سندس
اولاد مان
ڪي
فقير
اڃان ڀٽ تي
ايندا آھن
پر
سائين اڪرم
فقير
ڪير
سڏائي.
لونگ
سومار:
ڪراچي جو
ھو،
مڱڻھار ھو سرندو
نھايت اعلي
درجي
جو وڄائيندو
ھو.
ريڊيو
ڪراچي ۽ حيدرآباد
تان
سرندو وڄايائين
۽
ملازمت
ڪيائين.
ڊاڪٽر بلوچ
صاحب
کيس
ڀٽ
تي متعارف
ڪرايو
نھايت سادو
۽
پيارو انسان
ھو
مون
سان
تمام
گھڻي دل
ھوندي
ھئس
ريڊيو تي
ملازمت دوران
اسان
جون
ڪچھريون
ٿيون. نيڪ
۽
سچو
انسان ھو اڪثر شڪايت
رھندي ھئس ته
ماڻھو ساڻس
ٺھن
نٿا
.
ڪراچيءَ
۾
گذاري ويو
.سندس
پٽ ننڍ
ڙو
ھو،
جو
ھڪ
ڀيري
ٽي
وي تي
ٻارڙن
جي
پروگرام ۾ اچي
مورو ڳايو
ھئائين
ھاڻي اھو
ڪٿي
آھي
ان جي
خبر
ناھي
.
جو
ڳي
خان
کوسو:
دادو
جي پاسي
جو
ھو
سٺو سر
ندو
وڄائيندو ھو
.
قد
جو
ننڍڙو،
ڪاوڙ جو
تکو
،
پر سر
ندي
جو ڀلو وڄا
ئڻو
ھو.
گا
جي شاھه
جي
لھرن تي
وڏي
قدرت ھئس گم
ٿي
وڄائيندو ھو.
ڪجھه وقت
ريڊيو حيدرآباد
تي
به نوڪري
ڪيائين
.
ڀٽ شاھه
جي
ميلن ۾ کيس
ڊاڪٽر بلوچ
صاحب
وٺي آيو
.
جتي
سندس سٺي
ھمت
افزائي ٿيس
.
محمد
فقير
مسخرو
:
دادو
ضلعي جو
ھي
ءُ
عجب جھڙو
پيا
رو انسان
اصل
ھو
تڪ
ٻروچ، پر
اندر
۾
ايڏا ڪي ڏک ۽ اھنج
ھئس
جو
پاڻ تي
ٻين
مڙني
انسانن کي
کلائڻ جو
بار
کڻي
ويٺو. اھو
بار
زندگي ءُ
جي
آخري ساه
تائين پنھنجي سر
کنيائين
،
۽
سڄي
سنڌ کي وندرايائين
،
ھميشه
سالڪانه گفتا
چئي
،
نصيحت ۽ ظرافت
جو
رنگ قائم
رکيا
ئين ، ھي ءُ
منھنجي معلومات
۾
،
پنھنجي نو
عيت
جو آخري
ظريف
شخص ھو ، جيڪو
روايتي سنڌي
مزاج
جي ابتدا
،
”ڪبت‛‛
سان
ڪندو
ھو
،
جنھن ۾ صفت
۽
ثنا
جو پھلو
نما
يان ھو.
ڀٽشاھه جي
ميلي
تي
ڪڏھن کان اچڻ
شروع
ٿيو
مون کي ان
جي
پڪي سڌ
نه
آھي
ڇاڪاڻ ته
آءُ
جڏھن انھي
ءَ
ڪم
۾
شامل ٿيس
.
ته
محمد
فقير اتي
اڳ
موجود ھو. کيس اسٽيج
تي
اچڻ جو
گھڻو
شوق ھو ندو
ھو
پوين
ڏيھن
۾
بنھه
ڪراڙو ٿي ويو
ھو
،
چوندو ھو سانس
ته
”
فقير
تنھنجي حاضري
ٿي
،
ھاڻي
آرام
ڪر
.”
جواب
۾
چوندو ھو ته
زور
آور پنج
منٽ
ڏي
،
ماڻھو مون
تان
کلندا
ته ميلي
تي
ته ويو
،
پر
اسٽيج تي
وارو
ڪو
نه مليس
راڄ
نه
کليئي، مڙس
ٿي
ءُ
راڳن جون
اھلون ۽
ٽوٽڪن جي
وارو
وار سان
ماڻھن کي
ڏاڍو
کلائيندو ھو ايئن
کلائيندي
کلائيندي
محمد
فقير به
ھليو
ويو.
روايتي سنڌي
مزاح
جو ھي ءُ
آخري
سالڪ سگھڙ
۽
سياڻو انسان
؛
دادو
شھر جي
ڪنھن
قبر
ستان ۾ سدائين
لاءِ
آرامي ٿي ويو
رھي
نان ءُ
سائين جو
شاھه
جا
راڳائي فقير
جمڙيا
فقير:
ڀٽشاھه تي
،
درگا
ه لطيفي
تي
گذريل اڍائي
ٽن
سون
سالن کان شاھه
جو
راڳ جاري
آھي
لطيف جي
لاڏاڻي کان پوءِ
کان
وٺي
اڄ تائين
انھي
ءَ روايت
کي
شاھه
جا راڳائي
قائم
رکيو پيا
اچن.
ان ڏس
۾
ڊاڪٽر بلوچ
صاحب
جن پنھنجي
تصنيف
”
سنڌي
موسيقي جي
مختصر تاريخ
”
۾
تفصيل سان
لکيو
آھي
.
ھتي ھن اداري
ي
موجوده سرواڻ
توڙي
فقيرن جا
نالا
محض انھي
ءَ
نڪتهء نظر
سان
شامل ڪجن ٿا ، جيئن
تاريخ ۾ انھن
بي
لوث فقيرن
جا
نالا محفوظ
رھي
سگھن
.
تمر
فقير
جو پھريو
ن
دور(
(1155-70-118
ھه
1.
تمر
فقير
(اڳواڻ)
2.
ميون
ولي محمد
3.
سيد
نقي فقير
4.
فقير
ھا
شم علي
ريھاڻ پوٽو
تمر
فقير
جي غير
حاضري وارو
دور(1165-1187) ھه
1.
ميون
ولي محمد
اڳواڻ
2.
سيد
نقي محمد
3.
ھاشم علي
فقير
ريحاڻ پوٽو
تمر
فقير
جو ٻيو دور(
(1177-1181
ھه
ھن
دور ۾ به
غالباَ مٿيان
ساڳيا راڳائي
فقير
رھيا ، البته
اڳواڻي تمر
فقير
پاڻ ڪئي.
ميين
ولي
محمد وارو
دور(
(1181- 1215
ھه
1.
ميون
ولي محمد
(اڳواڻ)
2.
ميون
ڪمال
پٽ
3.
يعقوب
شھيد
4.
اسماعيل
فقير
ميين
ڪامل
پٽ
وارو دور(
(1215 – 1225
ھه
1.
ميون
ڪمال
پٽ
(اڳواڻ)
2.
يعقوب
شھيد
3.
ميون
اسماعيل
4.
ميون
عثمان
يعقوب
شھيد
وارو دور(
(1225 – 1245
ھه
1.
يعقوب
شھيد اڳواڻ
2.
ميون
اسماعيل
3.
ميون
عثمان
ميين
اسماعيل وارو
دور(
(1245-1262
ھه
مييون
اسماعيل اڳواڻ
ھن دور
جي
ٻين
راڳاين جي
نالن
جي تصديق
نه
ٿي
سگھي آھي.
الياس
فقير
پھنور وارو
دور
(1290-1262) ھه
1.
الياس
فقير اڳواڻ
2.
مراد
فقير
ٻگھيو
3.
رھمو
فقير
مراد
فقير
ٻگھي
وارو دور
(1290-1304)
1.
مراد
فقير
ٻگھيو (اڳواڻ)
2.
ڪيھر فقير
لنجواڻي
3.
رحيم
ڏنو
راھو
4.
خليفو
لائق ڏنو
ڪيھر فقير
لنجواڻي وارو
دور (1337-1304)ھه
1.
ڪيھر فقير
لنجواڻي اڳواڻ
2.
ابراھيم
فقير خاصخيلي
3.
خليفو
لائق ڏنو
4.
تاجو
وساڻ
خليفي
لائق
ڏني
واري دور (1348-1338)ھه
1.
خليفو
لائق ڏنو لنجواڻي
اڳواڻ
2.
ابراھيم
فقير خاصخيلي
3.
پير
علي بخش
شاھه
4.
تاجو
وساڻ
5.
يوسف
فقير
ٻگھيو
6.
عيسو
فقير
ٻگھيو
ابراھيم
فقير
خاصخيلي وارو
دور (1378-1354)ھه
1.
ابراھيم فقير
خاصخيلي اڳواڻ
2.
پير
علي بخش
شاھه
3.
تاجو
وساڻ
4.
عيسو
فقير
ٻگھيو
5.
يوسف
فقير
ٻگھيو
6.
الله
بچايو فقير
لنجواڻي
7.
محمد
فقير اوڏ
8.
محبت
فقير لنجواڻي
9.
ميرو
لنجواڻي
10.
پير
غلام شاھه
پير
غلام
شاھه وارو
دور(
(1957 – 1975
ھه
1.
پير
غلام شاھه
اڳواڻ
2.
لائق
ڏنو
فقير
3.
الله
بچايو فقير
4.
پير
نور محمد
شاھه
5.
جلال
فقير لنجواڻي
پير نور محمد شاھه عرف نورل سائين وارو دور(
(1975-1977
ع
1.
پير
نور محمد
شاھه
اڳواڻ
2.
لائق
ڏنو
فقير
3.
الله
بچايو فقير
4.
جلال
فقير لنجواڻي
5.
فقير
محمد تمراڻي
الله
بچائي فقير
وارو
دور(
(1977
موجوده
دور
1.
الله
بچايو اڳواڻ
2.
جلال
فقير لنجواڻي گذاري
ويو
3.
علام
حيدر شاھه (ڪڏھن
ڪڏھن
ڳائي)
4.
غلام
محمد تمراڻي
پٽ
الھه بچايو
فقير
تمراڻي
5.
علي
بخش تمراڻي
پٽ
الھه بچايو
فقير
تمراڻي
6.
رسول
بخش تمراڻي.
ھفتي جي
مختلف راتين
تي
ڳائڻ
واريون
ٽوليون
.
جمعي
رات:
لائق
ڏنو
فقير(اڳواڻ) الله
بچايو فقير
،
فقير
محمد ، جلال
فقير
لنجواڻي
.
ڇنڇر رات:
قربان علي
فقير
لنجواڻي
(اڳواڻ) سکيو
فقير
لنجواڻي ، نادر
علي
فقير ، غلام
رسول
لنجواڻي ۽ پنھون
فقير
ڀٽي
آچر
رات:
جڙيل
فقير لنجواڻي
(اڳواڻ)
کٻڙ
فقير
خاصخيلي ، مصري
فقير
جلالاڻي خان
محمد
فقير چانڊيو
جيئڻ
فقير خاصخيلي
،
جواڻ
فقير
ڇڄڙو ، مجيد
فقير
مھاڻو ، قادر
بخش
خاصخيلي ، راڻو
جو
جوڻيجو.
سومر
رات:
موسو
فقير راھو
(اڳواڻ)
احمد
فقير تمراڻي
،
محمد
بخش خاصخيلي
،
جانو
فقير خاصخيلي
۽
عمر
فقير تمراڻي
اڱاري
رات:
تاج
محمد لنجواني
(اڳواڻ)
گل
محمد شاھه
،
پيرو
فقير ملو
خاڻي
،
جمعو فقير
مير
بحر ، دلو
فقير
لنجواڻي ، ۽ محمد
رحيم
شاھاڻي
.
اربع
رات:
محرم
فقير خاصخيلي
(اڳواڻ)
چڀڙ
فقير مھاڻو
،
مولابخش فقير
خاصخيلي ، جمال
فقير
مھاڻو ۽ قاسم
فقير
خاصخيلي
خميس
رات
:
خان
محمد فقير
نظاماڻي (اڳواڻ) غلام
حيدر
نظاماڻي الله
ڏنو
نظاماڻي ساوڻ
فقير
جلالاڻي گل
محمد
فقير پھوڙ
،
ڍوليو
فقير
نظاماڻي جانو
فقير
نظاماڻي ، ۽ فضل
ڇٻڙو.
موجوده
وقت
۾
ھفتي
جي مختلف
راتين تي
ڳائڻ
واريون
ٽوليون
:
جمعي
رات
لھه
بچايو فقير
اڳواڻ
فقير
محمد تمراڻي
غلام
محمد فقير
تمراڻي
علي
بخش فقير
تمراڻي
رسول
بخش تمراڻي
ڇنڇر رات:
قربان علي
فقير
لنجواڻي اڳواڻ
سکيو
فقير لنجواڻي
پير
جمن شاھه
ڀٽائي
(غلام
شاھه
مر حوم
جو
پوٽو) نادر علي
فقير
آچر
رات
:
خان
محمد چانڊيو
اڳواڻ
جواڻو فقير
ڇٻڙ
و
عرس
فقير
ڀانڊاري
غلام
رسول لنجواڻي
فقير
اوڏ
عاشق
حسين شاھه
ڀٽائي
(ابن
نور
محمد شاھه
بن
غلام شاھه
ڀٽائي)
سومر
رات
:
علي
ڏنو
فقير تمراڻي
پٽ
لائق ڏنو فقير
،
اڳواڻ
محمد
بخش خاصخيلي
جان
محمد خاصخيلي
جان
محمد تمراڻي
مير
حسن تمراڻي
محمر
فقير تمراڻي
\
اڱاري
رات
:
تاج
محمد لنجواڻي
اڳواڻ
کٻڙ فقير
خاصخيلي
جمن
فقير لنجواڻي
گل
محمد پھوڙ
منٺار جو
ڻيجو
عبدالڪريم رنگ
انور
فقير خاصخيلي
اربع
رات:
چڀڙ
فقير مھاڻو
اڳواڻ
عطا
حسين شاھه
بن
غلام شاھه
گل
محمد فقير
خاصخيلي پٽ مولا
بخش
ابراھيم پٽ
فقير
خاصخيلي
ابراھيم فقير
خاصخيلي
قادر
بخش خاصخيلي
ڪامل فقير
ٿھيم
خميس
رات:
الله
ڏنو
فقير نظاماڻي
اڳواڻ
غلام
حيدر نظاماڻي
جانو
فقير نظاماڻي
فضل
فقير
ڇڄڙو
خان
محمد فقير
لنجواڻي
ھي تفصيل
مون
تاريخ
18
جون 1988
تي
ڀٽشاھه ۾ ، فقير
قربا
ن علي
لنجواڻي ۽ فقير
خان
محمد چانڊيي جي
زباني ٻڌي قلمبند
ڪيا.
فقير
قربان لنجواڻي
فقير
خان محمد
چانڊيو ۽ فقير
قادر
بخش تازو
13)
جولاءِ
1988
کان
28
جولاءِ 1988
ع(
حميد
آخوند صاحب
جي
سر جوشي
ءَ
سان فرانس
ويا
۽
ڀٽائي
جو راڳ
ڏيسا
ور
۾
پيش ڪيا ئون
.
پاڪستان کان
ٻاھر شاھه
جي
راڳائي فقيرن
جي
راڳ
ڳائڻ جو
اھو
پھريون موقعو
آھي،
جيڪو
ٻاھرين دنيا
جي
راڳ جي
ماھرن لاءِ
ھڪ
نئون
۽
نھايت متاثر
ڪندڙ
انداز ثابت
ٿيو
آھي.
بقول
حميد آخوند
:
فقيرن شاھه
جو
راڳ ايئين
ڳايو
جو
سرن جا
جھڙ
لائي
ڇڏيائون. |