مون
انھي
پنڌ ۾
ڪيترائي پير
ڀريا
آھن
ننڍپڻ ۾ نوجواني
گذاري اچي
پڪي
وھي کي رسيو
آھيان ان
۾
ڪيئي
صاحب
ڏٺا
اٿم انھن
سان
ڪم
ڪرڻ
جو موقعو
مليو
اٿم ھر ماڻھو
پنھنجي خيال
وارو
پر انھن
مان
ڪي
اھڙا جن
جي
تاريخ تي
مھر
به آھي.
ڊاڪٽر
بلوچ
صاحب جيڪڏھن
سنڌ
جي راڳ
وارين اسٽيجن
تي
نج سنڌ
کي
پيش
ڪرڻ
جو بنياد
رکيو
ته حميد
آخوند ان
بنياد تي
سھڻي
عمارت اڏي
آھي.
سندس محنت
جو
اھو سلسلو
جاري
آھي
ڀٽائي جون
ورسيون ھجن يا
قلندر جو
ميلو
سچل جو
ڏھاڙو
ھجي
يا
ڪا
سرڪاري تقريب
حميد
آخوند انھن
مڙني
موقعن تي
سمورن سنڌي
ڳائڻن
۽
وڄتن
جي پرگھور
لھي
انھن کي اڳتي
ڪندو
رھيو
آھي. پاڪستان
مان
ٻاھر
ويندڙ فنڪارن
جي
چونڊ اسلام
آباد
۾
ٿيندي
آھي اتي
فنڪارن جي
پسند
يا نا
پسند
جو معيار
الڳ
آھي اتي
جيڪي
دل تي
سي
چلھه تي
گھڻا
حقدار
ھمراھن جي
ارھه
زوراين ڪري رھجي
ويندا آھن.
حميد
ان ناانصافي
بابت
نھايت مٿانھين
سطح
تي
ڪوشش ورتي
۽
سنڌي
ڳائڻن
۽
وڄتن کي اڳتي
ڪيو
ان
جدوجھد ۾ ھن پنھنھي
سرڪاري حيثيت
کي
به
داءُ تي
لڳائڻ کان نه
ڪيٻايو
حميد
اڄ اسان
جي
اسٽيج جو
باھمت ميزبان
به
آھي سنڌي
۽
انگريزي ۾
ڪنھن فنڪار
کي
تعارف
ڪرائڻ ۾ سندس
ڪو
ثاني
نه آھي
اھو
سڀ انھي
ڪري
جو
ھو
جنھن ماڻھو
لاءِ
ڳالھائيندو
آھي دل
سان
ڳالھائيندو
آھي ۽ جيڪا
ڳالھه
دل
مان نڪرندي
آھي
ان ۾ اثر
به
ھوندو
آھي جس
جڳائي حميد
کي
جنھن
انھي دونھين
کي
سلامت رکيو
آھي
ڀٽائي
جي لفظن
۾
جيڪڏھن حميد
لاءِ
آءُ
ھيئن چوان
ته
بيجا نه
ٿيندو
ته:
ماڻھو
سڀ نه
سھڻا
پکي مڙيئي
نه
ھنج
ڪنھن
ماڻھو
منجھه اچي
بوءَ
بھار جي
سو
اھو
حميد، فقير
سان
حجائتو ھو، فقير
به
ساڻس گھڻيون
حجتون
ڪندو ھو. فقير
جون
حجتون ھو دل
سان
پوريون
ڪندو ھو فقير
صاحب
جو پئسي
ڏي
بنھه
گھڻو لھه
ھوندو
ھو.
ان
جون دانھون
سندس
دوست حسين
بخش
خادم به
ڪندو
ھو ته
سائين فلاڻي
محفل
۾
ھيئن
پيسا لڪايائين.
فلاڻي ميلي
تي
باٿ روم
۾
گھڙي
اڌ کان وڌيڪ
پيسا
ابداڻي ۾ وجھي
ڇڏيائين.
فقير
اھو سڀ
مڃي
چوندو ھو ته
”اي
منھنجي ڪري ته
حميد
اوھان کي اتي
موڪليو ھو ورنه
توھان کي سڃاڻي
ڪير‛‛
انھن
پيسن جو
ڪڏھن
فيصلو نه
ٿيو
فقير
وٽ جيڪو
پيسو
ويو، تنھن
جو
موٽڻ مجال
خرچ
به خيال
سان
ڪندو
ھو
انھي بچت
جو
مقصد فقير
جي
ڪنجو
سائپ نه
ھئي
پر
عيال جي
آئنده جو خيال
ھوندو
ھوس
اڳ
سرفراز
ڪالوني ۾ رھندو
ھو
پوءِ
مرحوم ذوالفقار
ڀٽي
صاحب
جي دور
۾
حيدرآباد جي
سرڪٽ
ھائوس
۾
ٽاڪ
منجھند جو
پوليس وارن
کان
پاڻ
بچائي ڀت ٽپي
ڪاھي پيو.
ڀٽو
صاحب
ان وقت
کليل
ڪچھري
۾
ويٺو
ھو
فقير جي
ڀت
ٽپڻ
۽
پوليس جو
سندس
پٺياڻ پوڻ
فقير
ڌاڙ
ڌاڙ
ڪندو
ڀڳو،
ڀٽي
صاحب جي
مٿس
ديد پدئي
ته
اشاري سان
پوليس کي جھليائين
۽
فقير
کي
ويجھو سڏي
چيائين ته
فقير
پھرين راڻو
ٻڌاءَ
پوءِ
ٻي
ڳالھه
فقير وٽ
نه
ساز نه
سرود
پر ھڪ پوليس
جي
باھه ٻيو غرض
جي
مصيبت
ٽيون ڀٽي صاحب
جو
حڪم فقير
به
ڪن
تي ھٿ رکي
شروع
ٿي
ويو.
آءُ
راڻا
رھه رات
تنھنجي چانگي
کي
چندن
چاريان.
فقير
سھڪي
سھڪي راڳ
پورو
ڪيو
ڀٽي
صاحب شاباس
ڏئي
پڇيس
ته
”ھاڻي
ٻڌاءِ
ڪيئن ڀت ٽپي آيو
آھين‛‛ چيائين
سرڪار!
گھر
ڪونه
اٿم
تڏھن ڀت
ٽپيو آھيان.
ڀٽي
صاحب
کيس
ميان غلام
شاھه لڳ ھڪ پلاٽ ڏنو
۽
چيائين ته
راڻي
جي
ڪافي وري
ٻڌاءِ
فقير
جا لايا
سجايا ٿيا
ڪافي وري
ورجايائين.
ان
پلاٽ
تي گھر
ٺھرايائين
ان
لاءِ گھڻي
بچت
ڪندو
ھو.
راڻو ته
ذوالفقار علي
ڀٽي
فقير
عبدالغفور کان لاڙڪاڻي
۾
پنھنجي گھر
المرتضيٰ ۾
به
ڀني
رات جو
ٻي
بجي
کان
ٻانگ
تائين ٻڌو ھو.
ٿيو
ھيئن جو
لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان
نيشنل سينٽر
جو
افتتاح ھو حميد
آخوند انھي
افتتاحي تقريب
جو
ميزبان ھو پاڪستان
جا
ڪيترائي
فنڪار اتي
اچي
گڏ ٿيا ھئا حميد
فقير
عبدالغفور کي به
اتي
وٺي ويو
اھا
افتتاحي تقريب
ھڪ
عام
جلسي جي
صورت
اختيار ڪري
وئي. ڀٽي صاحب
جي
ڪنھن
طرح فقير
عبدالغفور تي
نظر
پئجي وئي
گاڏي
۾
ويھندي عبدالوحيد
ڪٽپر
صاحب
کي
چيائين ته
ٻي
بجي
ڌاري
فقير کي المرتضيٰ
تي
موڪلج ماڻھن
جي
انبوھه ۾
ھاڻي
ڪٽپر صاحب
فقير
کي
ڳولي
ڪٿان
نيٺ وڏي
جدوجھد کان پوءِ
فقير
سان ملاقات
ٿي.
گاڏي
تيار
ھئي. فقير
بلاول بيلجم،
مٺا
خان زرداري
۽
حاجي
وڃي المرتضيٰ
ڀيڙا
ٿيا
ان
جو نقشو
فقير
صاحب ھن طرح
چٽيو:
اسان
کي
صاحب
جي سيڪريٽري
وڏي
لان ۾ ويھاري
اسان
جي تمام
سٺي
تواضع ڪئي اسان
جي
سامھون
ھڪڙي
ڪرسي ۽ ننڍڙي
ميز
رکي ھئي الله
الله
خير صليٰ
رات
لڙڻ تي
ھئي
ٻي
سوائين ٻي بجي
صاحب
اندران نڪري
لان
م آيو
اسان
سان ملي
ڪرسي
تي
ويھي رھيو،
۽
چيائين ته
”فقير
صاحب
الله جي
ڏني
مان
ڪجھه
ٻڌاءَ.‛‛
چيم ته
سرڪار جيڪو
حڪم
ٿئي
چيائين ته
تون
ھو
ھڪڙو
ڪلام
چوندو آھين
”سنڌڙي
تي
سرڪير نه
ڏيندو.‛‛
دل
۾
چيم ته
اڄ
خير
ڪونھي الائجي
ڇا
ٿيندو
منھنجي ٻڏ ترڏسي
ڀٽي
صاحب
مرڪي ڏنو چيائين
ڊڄ
نه
ڳاءِ
ڊڄي
ڊڄي
ڳائڻ
لڳس صاحب
اکيون بند
ڪري
ٻڌندو
رھيو
ڪلام
ختم ڪيم ته
چند
منٽن لاءِ
خاموش رھيو
۽
پوءِ
چيائين
ھاڻي راڻو
ٻڌاءِ
پريڪو
ڪلاڪ
ڳاءِ
ڳايم
ڏاڍو سرھو
ٿيو.
چيائين فقير
اڄ
نئين سر
جياري
ڇڏيئه ائين
چئي
موڪلايائين ان
وقت
صبح جا
چار
لڳا ھئا صاحب
جو
سيڪريٽري آيو
اسان
سڀني کي نوٽن
سان
ڀريل
لفافو ڏئي
ڳاڏي ۾ ويھاريو
ٻين
وڄتن
مون کي
ٻڌايو ته
مون
ان رات
واھه
جو راڻو
ڳايو
ھو.
فقير
جڏھن
به اھا
ڳالھه
ٻڌائيندو
ھو
ته
نھايت خوش
ٿيندو
ھو
چوندو ھو وڏن
قدردان ھو صاحب،
نه
ته مون
وارا
ڪم
سمجھيو ٽيپ
کائن جھڙا
ھئا.
فقير
ھونئن
سکيو
ستابو ھو ڌڻي کيس تمام
گھڻي
عزت ڏني
ھئي. سندس
شخصيت باوجود
فقيراڻي رنگ
جي
اھڙي
ھئي، جو
ھروڀرو
ڪير
ساڻس
کئونس
به نه
ڪندو
ھو
اھو
به مشھور
ھو
ته
فقير رکندو
ڪنھن
جي
ڪونھي
جيڪي زبان
تي
چڙھي آيس
سو
چئي
ڏيندو ھو ان
ڪري
به
گھڻا
ھمراھه
کائنس ڪن
ڪندا ھئا اسان
سان
بنھه گھڻو
قرب
ھئس
ان ڪري اسان
جي
ھر
ڳالھه
ٻڌندو
ھو
سواءِ پيسي
ڏوڪڙ
جي
معاملي ۾. ھڪ
ڀيري حميد
ھارون
جي
گھر تي
راڳ
جي محفل
ھئي
ان
موقعي تي
پير
صاحب پاڳاري
جو
فرزند پير
صبغت
الله شاھه
صاحب
۽
حسين
ھارون به
موجود ھئا راڳاين
۾
علڻ
فقير، حسين
بخش
خادم
انور
حسين وسطڙو
الله
بچايو
کوسو عبدالواحد
جمالي ۽ سندس
سنگت
وارا موجود
ھئا
ڳائيندي
ڳائيندي
جڏھن
محفل متي
ته
فقير جو
آواز
جھڪو ٿي ويو.
پوئين زماني
۾
اڪثر
ائين
ٿيندو ھو ته
فقير
ٻه
ٽي
ڪلام
ڳائيندو
ھو
ته آواز
ساٿ
نه
ڏيندو
ھوس. اسان
کيس ساھيو
ڏياري
ڳارائيندا
ھئاسين
پر
جس ھجي فقير
کي
وڏي
عمر ھئڻ جي
باوجود
ڪڏھن آواز
جي
معاملي ۾
ھيڻو
ٻوليائين. اسان
فقير
کي
ساھي ڏيڻ لاءِ
انور
حسين وسطڙي
کي.
چيو
ته
ڳائي ھن ھڪ اڌ
ڪلام
کان
پوءِ
سھندو ڪير ميار
ڳائڻ
شروع
ڪيو
ماحول جذباتي
ٿي
ويو
مڙئي
ھمراھ انور
کي
پيسا
ڏيڻ
لڳا نوٽن
جي
مينھن کي ڏسي فقير
جون
اکيون
ڳاڙھيون ٿي ويون
وڏي
رعب سان
چيائين ته
آءُ
مئو ناھيان
جو
تون ٿو اھو
ڪلام
ڳائين!
پوءِ
ته پاڻ
شروع
ٿي
ويو، ۽ وڏي
ھمت
سان
ڳائي
تمام گھڻا
انعام اڪرام
حاصل
ڪيائين
اسان
چيس ته
فقير
انعام جي
رقم
ٻين
وڄتن کي به
ڏي
چيائين ته
زورآور آھيو
ڪلام
منھنجو
ڳائي انور
۽
مون
سڄي عمر
ھن
ڪلام
ڳائڻ
تي
لٺيون جھليون
اڄ
پھريون
ڀيرو انعام
مليو
آھي تان
مان
ھنن
کي
ڏيان
حصو واھه
جو
انصاف ڪيو اٿو.
پوءِ
منھن مٽائي
ظاھر
طرح ناراص
ٿي
ويھي
رھيو فقير
جا
اھڙا
ڪيئي رنگ
ڏٺاسين.
حميد
آخوند صاحب
خوشبو جو
وڏو
پارکو آھي
کيس
جيئن
گلن سان
پيار
آھي تيئن
خوشبو گڏ
ڪرڻ
۽
ٻين
دوستن ۾ ونڊڻ
جو
ڪوڏيو
آھي. فقير
صاحب
اڪٽر حميد
کان
خوشبو گھرندو
ھو
حميد
چوندو ھئس ته
تون
خوشبو
ھڻين
ڪونه باقي
وٺين
ڇا
لاءِ ٿو؟ چوندو
ھو
ته
سائين!
آءُ
نٿو
ھڻان
ته ڇا پر
پنھنجن محبن
کي
ته
ڏيان
ٿو
اھي واپرائين
ٿا
ته
مون کي خوشي
ٿيندي
آھي.
محبن جو
ذڪر
نڪتو ته
فقير
جي مجاز
جو
مسئلو ذھن
۾
اچي
ٿو.
زندگي جي
پوئين پھر
به
ھڪ
خاتون سان
پيچ
پئجي ويس
ھمراھه
اھڙو
سوگھو
ٿيو، جو
ان
سان نيٺ
شادي
ڪيائين
ان مان
اولاد به
ٿيس
ان
پوئين شادي
کان
پوءِ
حميد کي اڪثر
پنھنجي ٻي گھر
واري
۽
ان مان
ٿيل
ٻار
جون
پارتون
ڪندو رھندو
ھو
سندس
وئي کان پوءِ
حميد
اھي پارتون
ياد
رکيون ۽ انھن
جي
سار سنڀال
لھندو پيو
اچي.
فقير
صاحب
پنھنجي پر
۾
لڳ
لاڳاپن جو
تمام
گھڻو خيال
رکندو ھو
ڪنھن سان
ڪو
تعلق
قائم ٿيس ته
آڌي
مانجھي مھل
ڪمھل
وڃي
حاضري
ڀريندو ھو. دوستن
مان
ڇتي
فقير سان
توڙ
نڀائيندو آيو
اڪثر
صبح جو
ھن
سان
ملڻ ويندو
ھو.
سندس
چوڻ موجب
ڇتي
فقير
به ساڻس
وڏا
پير
ڀريا ٻين دوستن
مان،
جيڪو مون
ڏٺو،
سو
آھي حسين
بخش
خادم ان
جو
تمام گھڻو خيال رکندو ھو. اڪثر حسين بخش خادم کي فقير جي ڪا ڳالھه
ٻڌائبي ھئي ته
فقير
غفور ظاھري
طرح
وھلو ر
پيو
ويندو ھو ، پر
دل
۾
نه
ڪندو ھو چوندو
ھو
ته
،
”
واه
سائين واه،
ھاڻي
اجھو
ٿو
ٽانگو
ڀاڙي
ڪري
،
ھر
واقف کي وڃي
اھا
ڳالھه
ٻڌائيندو
۽
اھو به
چوندو ته
ڳالھه
ڪنھن
سان
نه
ڪجئين ھي فقير
آھي
گلا جو
گھا
نگھو آھي
.”
حسين
بخش دڙڪا
ڏيندو
ھو
س
فقير مجال
آھي
جو چڙي
پيو
چوندو ھو ته
”
اي
ھا
ھا
گھڻو
ڪيئي ، سڃاڻائين
ٿو .”
ٻين
ڳائڻن وارن
مان
فقط
ھڪڙو علڻ
فقير
ھو،
جنھن سان
ڪڏھن
دلي
طرح نه
ٺھيو
حالانڪ ٻئي ، قسمت
سان
جر مني
آمريڪا جپان
۽
دبئي
به
ڪڏجي ويا
ڊگھا
سفر
به ڪيا ئون
،
ساٿ
به رھيا
،
پر
دليون نه
ملين
ھڪ
ڀيري
ته جھنڊي
مري
۾
ماڳھين اچين
ھٿين
به
پيا خبر
نه
آھي ڇو اھي
ٻئي
ھمراه
پاڻ
۾
ٺھي
نه
ھليا. اھا
ٻي
ڳالھه
آھي
ته فقير
جي
گذر ڪرڻ کان پوءِ
،
علڻ
سندس پيرن
تي
پير کڻڻ جي
ڪوشش
ڪندو
ٿو
رھي
شايد ھن جو
خيال
آھي ته
ھو
سنڌ۾
فقير عبدالغفور
جي
جاءِ والا
ريندو پر
ڪٿي
فقير
غفور جو
شان
،
ڪٿي
علڻ فير
جو
ماڻ زمين
آسمان جو
فرق
آھي. فقير
وڏا
ڍو
جھليو ويٺو
ھو
بيپر
واھي ۽ الغر
ضائي
ستي ۾ پيل
ھئس
ھرو ڀرو
جھڙي
تھڙي تي
اک
به نه
ٻڏندي
ھئس
،
پر
ماڻ ھو
ماڻھو جو
شان
ڏسي
عمل
ڪندو ھو ان
ڳالھه
۾
ھو.
نھايت ڀڙ ھو. مون
سان
زندگيءَ ۾ ھڪ ڀير و
نارا
ض
ٿيو. ناراض
ڇا
پر
مون تي
ميار
رکي
ھئائين ميار
مون
قبولي ان
کان
پو
فقير وري
اھا
ڳالھھه
ورجا ئي
نه.
اڄ کان
ڪجھه سان
اڳ
آءُ پنھنجي
شوق
۾
،
ڪراچي
ٽيليويزن
جو پروگرام
سنڌ
سينگار پيش
ڪندو
ھوس .
ھڪ
ڀيري مون
عابده پروين
کي
چيو
ته ھو ءَ
گھڙولي
ڳائي اھو
وقت
ھو
جڏھن عابده
جي
شھرت ايڏي
منزل
تي نه
پھتي
ھئي
،
۽
نه ئي
ٽي
وي
تان ارد
و
پروگرام ڪيا
ھئائين
.
عابده
پروين ۽ سندس
گھر
واري شيخ
غلام
حسين شيخ
پھرين ته
ڳالھه
مڃي
،
پر جڏھن
ٽي
وري
تي آيا
ته
عابده مون
کي
چيو
ته ادا
،
مان
نه
ڳائينديس ، ياد
به
نه اٿم
متان
ڪا
ڳالھه
ڪسي
ٿي
پوي
.. !
مون
کيس
آٿت
ڏني
فيروز گل
ڪمپوزر
ھو.
مائي
کي
به
ڳالھه سمجھه
۾
اچي
وئي
ڪلام کي کڻي الله
تو
ھار
ڪيائن
اھو
ڪلام عابده
جي
ڳائڻ
سان
ڏاڍو مقبول
ٿيو
ان
جي پيش
نظر
عابده گھڙولي
تي
اڃان گھڻي
محنت
ڪئي
،
پوءِ سڄي
ملڪ
۾
جڏھن عابده
جو
آواز عام
ٿيو
ته
ان سان
گڏ،
گھڙولي به
مقبول ٿي. عام
طور
ايئن لڳو ته ڄڻ گھڙولي، پھرين ڳائي عابده آھي فقير کي ان جو تمام
گھڻو
ڏک ٿيو چي
سڄي
عمر مون
گھڙولي
ڳائي
ھاڻي
ڪلام جا
مالڪ
ئي وڃي
ٻيا
ٿيا
مرزا
اھا تو
ڪئي
آھي.
مون سان
سنگت
۾
ايئن تو
کي
ڪرڻ
نه
گھربو ھو
.”
پوءِ
آءُ
اڪثر ايئن
ڪو
شش
ڪري
،
عابده جي
موجودگي ءَ
۾ .
اعلان
ڪرڻ
وقت ضروري
واضع
ڪندو
ھو
س ته
ھي
ءُ
ڪلام سڀ
کان
پھريون فقير
عبدالغفور
ڳايو
۽ عابده
پروين پوءِ
ڳايو
انھي
ڳالھه
تي سرھو
ٿيندو
ھو
متعارف ته
فقير
عبدالعفور
”لال موري
پت
رکيو ڀلا به‛‛
ڪرايو
ھو
اھو
ئي فقير
جو
آواز ھو جنھن
۾
اھي
ٻول
سنڌ جي
مختلف ماڳن
تان
اڀري سڄي
ملڪ
۾
عام
ٿيا. اڄ
شايد
تمام
ٿورڙن
ھمراھن کي انھي
ڳالھه
جي
سڌ آھي
ته
اھو
ڪلام به
فقير
عبدالغفور جي
مھربانين سان
سڄي
ملڪ ۾ مقبول
ٿيو
۽
سندس
ئي حياتي
۾
ٻين
نامور ۽ مشھرو
ڳائڻن
به
ڳايو
۽
اڃان پيو
ڳائجي
سندس
ٻيون
مشھور
ڳايل
ڪافيون جيڪي
اڄ
به ڪي ڪي
ڳاڻا
ڳائين پيا
انھن
جا
ٿلھه محض
ان
ڪري
ھتي
شامل
ڪريان ٿو ته
جيئن
فقير عبدالغفور
جي
حيثيت سنڌي
ڳائڻ
واري
تاريخ
۾ سلامت
رھي
اڄ جيڪي
ٻيا
ڳائڻ
وارا
اھي
ڪلام
ڳائين پيا
اُھي
اھي
ڪلام فقير
عبدالغفور مرحوم
کي
ياد
ڪري
ڳائين:
·
عمر
مون نه
وڻن
تنھنجو ماڙيون
·
مون
کي
ڏونگر
ڏورڻ
آيو
ڪيچي ڪيچ وڃن
·
مدت
ٿي
ميھار يار
ساھڙ
سائر سير
۾
·
مالڪ
توبھه تو
در
·
ٻاروچا پوندءِ
ٻاجھه
·
عاشق
ڏسڻ
۾
آيو محبوب
گل
سناسي
·
سنڌڙي
تي سر
ڪير
نه
ڏيندو
سھندو ڪير ميار
·
سھڻي
يار دي
گھڙولي
ڀردي ھان
·
ڪوئي نوان
سوداگر آيا
ماھي
والي ديس
ڪنون
·
جوڙي
بيت قلب
ربي
انسان ۾ سمايو
·
سک رمز وجود وڃاوڻ دي ناھي حاجت پڙھڻ پڙھاوڻ دي
·
رخ
رانجھو دا
ڪعبا
قبلا
عشق ٻڌا احرام
·
چلوري
سيان چرچا
ويکين آپ
چمن
۾
آياوي
·
ھت نھين
سو
ڪٿ
نھين
·
سوئي
ڪم
ڪريجي
جنھن وچ
الله
آپ بڻيجي
·
ڇيران
ڪھڙي ڇم ڇم لائي
يار
ويکو رنگ
لايا
وي
·
ڌوپڙ ۾ ڌپو سڄڻ
ڌوپڙ
۾
ڌپو
·
آءُڪانگا
ڪر
ڳالھه
مون سان
تن
ماروئڙن جون
·
گھم
چرخڙا سائنيا
ندا،
تيڏي ڪتڻ والي
جيوي
·
کنيائون کلي نيڻ
گھرا
گلابي
·
ساڏي
ويڙھي آيا
صبح
شام
·
ڪلنگي والڙا
يار،
سدا جڳ
جيون
·
ننگڙا
يار سدا
جڳ
جيون
·
ننگڙا
نماڻي دا
جيون
تيوين پالڻا
جنھن
دل پيتا
پر ڪر
جام سا
دل مستو
مست مدام |