سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  وساريان نه وسرن

باب-

صفحو :1

وساريان نه وسرن

ممتاز مرزا

ناشر طرفان

سنڌ جي سرواڻ ۽ سر موڙ شاعر حضرت شاھه عبداللطيف جي حيثيت سڄي سنڌ ۾ مڃيل ۽ مقبول آھي، سندس سڏ عالمگير ۽ پيغام آفاقي آھي. ھن سدا حيات شاعر جي سڏ ۽  سنيھي کي عام ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز ڪميٽي جي نھايت فراخدلي سان مالي مدد ۽ نيڪ نيتي سان سرپرستي پئي ڪئي آھي. سنڌ حڪومت اھو سڀ ڪجھه پنھنجو فرض سمجھي ڪيو آھي ڇاڪاڻ ته شاھه صاحب جو اسان تي اھو ئي حق آھي. اھو شاھه ئي آھي جيڪو سنڌي سماج جو مکيه ۽ مڪمل سرچشمو آھي ۽ سندس رسالو اسان لاءِ معلومات جو رھبر آھي.

        ڀٽائي جي رمتن فقيرن جي صدائن وسيلي، ليزگ ۾ انھي پيغام ۾ پھچڻ سان انھي سفر جي شروعات ٿي. ۽ اھڙن ئي رمتن فقيرن ھن سال آگسٽ 1988 ع جي مھيني ۾ اتر فرانس جي شھر ايوينان.جي ميدانن ۽ مڙھين ۾ انساني انبوھه آڏو، شاھه جي سرن کي ڇيڙو ته سمورو اجتماع حيران ٿي ويو ماٺ اھڙي جو ڪٿان ڪو ڀڻڪو به ڪنين نه پئي پيو. انھن فقيرن ( فقير قربان علي لنجواڻي فقير خان محمد چانديو ۽ فقير علي بخش) جي آواز ۽ انداز انھن ماڻھن تائين لطيف جو نياپو رسايو، جيڪي نه سندن زبان جا ڄاڻو ھئا ۽ نه ئي سندن ڳائڻ جي نموني کان ماونس. مادي دنيا جي انھن انسانن شايد پھريون ڀيرو انساني روح جو اھو رنگ ڏٺو ھو لطيفي فقيرن پنھنجي ساٿين جي سڏ تي پنھنجي دل جي گھراين سان ڳائي ان پيغام سان انھن اڻ ڄاڻ ماڻھن کي پنھنجي جادو ۾ جھلي ورتو ۽ انھن جي دلين تائين پھچي ويا. شايد اھو ئي سبب آھي جو وي. ايس. نيپول پنھنجي ڪتاب ۾ شاھه جي درگاھه تان اٿندي ائين چوڻو پئجي ويو ته:

”ھن ڊگھي ڏينھن کان پوءِ بي شمار
عقيدتمندن
جي وچ ۾ جن مان ڪي جاڳيل ۽
ڪي
ستل ھئا ۽ ڪي ھلڻ ڦرڻ ۾ مشغول ھئا
ان
ماحول ۾ راڳ ٻڌڻ کان پوءِ مون محسوس
ڪيو
ته اسلام ھڪ خاص گروھه کي  مڪمل
حسن
جي صورت ۾ منظم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو
آھي
۽ اسلام ئي ماڻھن جي دلين ۾ اطمينان
پيدا
ڪيو آھي‛‛.
        مغرب
تي اھي دروازا تازو کليا ئي آھن ۽ اھا انھي تصور جي شروعات آھي جنھن لاءِ ڀٽائي صاحب صديون اڳي عالمگيريت جو تصور پيش ڪندي چيو ته؛

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

اسان لاءِ افسوس جي ڳالھه آھي ته اسان انساني جذبن ۽ احساسن سان اھو انصاف نه ڪري سگھيا آھيون جيڪي دلين تائين به پھچن ٿا اونداھين کي دور ڪري روشني جي جوت جاڳائين ٿا ۽ زندگي جي روشن راھه کان روشناس به ڪرائين ٿا. اسان جا شاعر مصنف ۽ دانشور لطيف تي فقط ان وقت سوچين ويچارين ٿا جڏھن اسان ڪن ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ اچي گڏبا آھيون ھو ھن تي ڳالھائين ٿا ھن جي فڪر کي استعمال ڪن ٿا. پر جيئن ئي اھا تقريب پڄاڻي کي پھچي ٿي ته اھي به سانوڻ جي ھيڪلي ڪڪر وانگر گم ٿي ويندا آھن اھا سوچڻ جي ڳالھه آھي ته ڇا واقعي اسان ھن عظيم شاعر جي ديانتداري سان ڪا خدمت ڪئي آھي ڇا اھو فقط فقيرن لاءِ آھي ته اھي ھن کي ڏينھن جا ڏينھن ڳائين ڇا آرھڙ ھجي يا سيارو مينھن ھجن يا سوڪھڙا اھي فقير ان سڏ کي صدين کان ماڻھن جي دلين تائين رسائيندا پيا اچن. ڇا اھو فرض علڻ فقير، عبدالغفور، عابده پروين ۽ ٻين اھڙن ڪيترن ئي راڳاين جو آھي جو مختلف ماڳن تائن کيس ڳائي جذباتي نئين پيڙھي کي ”جيئ لطيف‛‛ ڳائڻ تي مجبور ڪن؟ ڇا اھو ئي سڀڪجھه آھي؟

اسان ھن وقت اھڙي دور ۾ قدم ڌري چڪا آھيون جنھن ۾ عالم ۽ اديب، توڙي ڳائڻا وڄتا ابلاغ عامه جي ذريعن جي سرپرستي ۾ ايندا پيا وڃن. اسان جي عملي ۽ تحقيقي ميدان جو قداور شخصيتون شمس العلماءَ ڊاڪٽر دائود پوٽو، علامه قاضي، پير حسام الدين راشدي ۽ اورچ ڊاڪٽر بلوچ (ڌڻي کيس وڏي ڄمار ڏي) عالمن جي سرموڙ گروھه واري نسل سان تعلق رکن ٿا. پر اڄ جي سماجي تبديلين سڄي سرشتي ۽ ثقافتي قدرن کي سماجي اقتصاديات ۽ سياست سان ملائي گڏي ڇڏيو آھي ان ۾ لوڪ ادب ۽ لوڪ ثقافت به شامل ٿي وئي آھي اھو ھڪ فطري مٽا سٽا وارو عمل آھي ۽ انھي جي نتيجي ۾ عرس جي تقريبن ۾ تبديلي آئي آھي وڏن فنڪارن پنھنجو اعلي فن پيش ڪيو ۽ اھي جاءِ خالي ڪري ويا اسٽيج تي وقتي وندرائڻ وارن راڳاين جو وارو وري آيو اھا سرھاڻ جيڪا ٺوٺ ڌرتيءَ تي سارنگ جي پھرين وسڪار کان پوءِ پيدا ٿيندي آھي اھا اسان جي ڳائڻ وارن ۾ تمام گھٽ وڃي رھي آھي يا ختم ٿيندي پئي وڃي . اڄ انھي جاءِ تي اسان ”ون وي ٽڪيٽ‛‛ جھڙا ٻول ٻڌي پنھنجي ٻھڪندڙ روايتن کان نھايت تيزي سان پري ٿيندا پيا وڃون.

انھي لحاظ سان ھاڻي اھو ضروري ٿي پيو اھي ۽ اھو پس منظر دستاويز طور محفوظ ڪيو وڃي ته ڀٽ شاھه ڇا ھو ۽ ڪيئن ھو، ڀٽ شاھه سنڌي سماج جي بنيادي قدرن جو ماڳ مڪان آھي. اتي جي مسڪين سنڌي مارو ماڻھن ۾ ان ماڳ جي ڪھڙي حيثيت آھي، شاھه نه رڳو ھنن جي خوشين ۾ شامل آھي پر سندن ڏکن ڏولاون ۾ ڀاڱي ڀائيوار آه اسان پنھنجي لڙڪن توڙي مُرڪن ۾ لطيف کي پاڻ سان محسوس ڪريون ٿا. اسان سندس سڏ کي پنھنجي روح لاءِ ھر جاءِ تي استعمال ڪندا رھيا آھيون ۽ اھا ھڪ واضع حقيقت آھي ته شاھه پنھنجن ماروئڙن کي ڪڏھن به ڪنھن به گھڙيءَ ۾ اڪيلو نه ڇڏيو آھي.

ممتاز مرزا جو ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز سان آڳاٽو لاڳاپو رھيو آھي. ھن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نگراني ۽ رھنمائي ۾ ھن عرس جون ڪيئي گرميون سرديون پاڻ ڏٺيون. آن ثقافتي تبديلين جا نظارا ۽ سياسي ڀڃ ڊاھه جا معرڪا به ڏٺا آھن ۽ ھن پنھنجي يادگيرين ۾ اھو به ڏٺو آھي ته ڪيئن نه ھي مقدس اسٽيج، شڪ ۽ خوف جي علام بنجي وئي . ۽ پوءِ ڪيئن حالتون آھستي تبديل ٿيون ۽ اڄ جي دور تائين پھتيون. انھيءَ سڄي معاملي ۾ ڪنھن کي به ڪنھن به قسم جو الزام يا ساراھڻ مناسب نه آھي پر اھا حقيقت آھي ته شاھه انساني اُڌمن ۽ احساسن جو محور ۽ مرڪز آھي.ک جيڪڏھن اسان اھا حقيقت تسليم ڪريون ٿا ته پوءِ انھن سالن ۾ جيڪي وھيو واپريو پڻ پنھنجي جاءِ تي ھڪ حقيقت آھي.

انتطاميه جي رڪن جي حيثيت ۾ ميلي کي ٻيھر منظم ڪرڻ توڙي ان جي تعميري ڪمن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ جيڪي به ڪوششون ڪيون ويون آھن تن لاءِ آئون رڪارڊ تي رکڻ ٿو چاھيان ته ھر دور ۾ اھو فقط حڪومت سنڌ جي تعاون ۽ سرپرستي سان ئي ٿيو آھي. سنڌ سرڪار ھن ماڳ جي وڏي خدمت ڪئي آھي. اھا خدمت نه رڳو وڏي اھميت واري آھي پر ساراھڻ جوڳي به آھي. ان ۾ ڪنھن به شڪ شبھي جي گنجائش نه آھي. جيڪڏھن اسان ان ڏس ۾ پوئتي رھجي به ويا آھيون ته اُن جي جوبداري انھن تي آھي جيڪي ھن ثقافتي مرڪز ڪميٽي جا ڪڏھن سربراھه رھيا آھن.

ممتاز مرزا جو مون سان گھرو تعلق رھيو. ان لحاظ کان آئون سمجھان ٿو ته ھن منھنجي سلسلي ۾ وڌاءَ کان ڪم ورتو آھي. ھتي آئون انھن محترم ھستين جا ٿورا مڃڻ پنھنجو فرض سمجھان ٿو جن جي رھنمائي ۽ مدد سان ھن ثقافتي مرڪز جي ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي انھن مان ليفٽيننٽ جنرل (رٽائرڊ) جھانداد خان صاحب، سيد غوث علي شاھه صاحب، جناب الله بخش سومرو، جناب علي محمد شيخ، جناب عبدالڪريم لوڌي، جناب نذر محمد شيخ، سيد محب الله شاھ صاحب، حميد ھارون، ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ۽ ظفر ڪاظمي ذڪر لائق آھن.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ذڪر کي ڪنھن به ريت نظر انداز نٿو ڪري سگھجي، جنھن پنھنجي سڄي عمر علمي جاکوڙ ۽ شاھه لطيف جي فڪر توڙي سنڌ جي ثقافتي ورثي کي اجارڻ ۾ گذاري آھي. ھو مڙني علمي ۽ ثقافتي ادارن جو روح روان  ۽ ٻين عالمن ۽ ڪارڪنن لاءِ رھبري ۽ اُتساھه جو مرڪز رھيو آھي. شال، اھڙا گھڻا ماڻھو اسان کي نصيب ٿين.

آخر ۾ آئون سڀني مصنفن کي گذارش ڪندس ته ھو شاھه لطيف جي قرض کي سچائيءَ سان چُڪائين. منھنجي دعا آھي ته نئين ٽھي پنھنجي مادر وطن جي خوشي ۽ خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙي، جنھن ۾ سنڌ جي سونھن سمايل آھي. رب پاڪ شال اسان کي سچ ٻڌڻ ۽ سھڻ جي طاقت عطا ڪري.

 

1988-8-24ع                 عبدالحميد آخوند

                                اعزازي سيڪريٽري

                        ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز ڪاميٽي.

حصو پھريون

شاھه لطيف جي آڳاٽين ورسين جو مختصر احوال

۽

ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز جي ڪارڪردگي جو جائزو

شاھه لطيف جون ورسيون

۽

ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز

جو جائزو

حضرت شاھه عبداللطيف، سنڌ جي ساڃھه ۽ سرھاڻ آھي. سنڌي ادب، شعر، تاريخ، تمدن ۽ ثقافت جي اعليٰ علامت آھي. جنھن جي نالي تي سنڌ ۽ سنڌي زبان جو دارو مدار آھي، صدين کان وٺي شاھ جو فڪر ۽ ڪلام سنڌ جي ماڻھن لاءِ ھڪ خمير جي حيثيت رکندو پئي آيو آھي ۽ ڄڻ ته اھو سنڌين جو ھڪ لاشعوري عمل آھي، جنھن سان لطيف جي عشق جو سلو انگورجي ٿو، ٻالجتي کان ٻڍاپڻ تائين قائم رھي. ٿو لطيف سائين سان اھو عقيدت ڀريو عشق، سنڌي سماج جو ڄڻ ڏاج آھي. انھي عشق جي باعث سنڌ وارا نه رڳو لطيفي لات کي سينن ۾ سانڍيو اچن پر ھن سان وابسته ھر ڪنھن وٿ سان نينھن جو ناتو رکيو پيا اچن. ڀٽ ڌڻي بادشاھه ”ڀٽ‛‛ کي پاڻ پنھنجن ھٿن سان وسايو، ان ڀلاري ڀونءِ کي پاڻ پنھنجي لاءِ ابدي آرامگاھه بنايو، سينگاريو ۽ سنواريو ۽ اڄ ان ماڳ جو اھو شان آھي، جو صدين گذرڻ کان. پوءِ سنڌي علم ۽ ادب تھذيب ۽ ثقافت جو سرچشمو بنجي چڪو آھي، جتي عام ڳوٺاڻو ھجي يا پڙھيل ڪھڙيل شھري، عالم ۽ اديب ھجي يا سگھڙ سياڻو، سڀڪو پنھنجي پنھنجي رنگ ۽ انداز سان اچيو سلامي ٿئي، محض انڪري ته ان سرزمين تي سنڌ جي سونھن ستل آھي ۽ اھو ماڳ لطيف سائين پاڻ آباد ڪيو آھي جنھن لاءِ چئي ٿو ته؛

ڀري ڀٽ تي آئيون، سارنگ سھڄ منجھاءِ
کڙيون
کٽڻھار جيئن، رڄون اتر راءِ
سرھا
سرسبز ٿيا، ڊامڻ ڊٻ ڪيا
پھري
پٽن تان ڀريائين ڪن ڪراڙ جا

ڀٽائي صاحب جي انھي ابدي آرامگاھه تي ھونئن ته سندس لاڏاڻي کان پوءِ ستت ئي سندس مريدن، عاشقن ۽ فقيرن ميلا ملاکڙا مچايا، پر سنڌ جي عالمن ۽ اديبن توڙي عام پڙھيل طبقي جو ھن سرزمين ڏي رخ سنه 1932ع ۾ ٿيو. مرحوم سيد ميران محمد شاھه جي اڳواڻي ۾ درگاھه شريف جي اڱڻ ۾ لطيف جي ميلي جي موقعي تي ھڪ ادبي ڪانفرنس جو اھتمام ٿيو. سرڳواسي ڄيٺمل پر سرام ان موقعي تي تقرير ڪئي ۽ شاھه جي راڳاين کان سواءِ الله بخش بھشتي ( پخالي) ۽ چيتي ڀڳت شاھه جا ڪلام ڳايا. ان موقعي سنڌي جو مشھور سگھڙ ۽ ڀٽائي جو طالب راضي فقير به موجود ھو، جنھن ڀٽائي صاحب جي بيتن جي پنھنجي فڪر ۽ رمز سان اپٽار ڪئي. سنڌ جي ثقافت ۽ راڳ جي تاريخ ۾ غالباً اھو پھريون موقعو ھو جو لطيف جي ورسي تي ادبي گفتگو سان گڏ راڳ جي رھاڻ جو ٻج ڇٽيو ويو. ان کان پوءِ لطيف جي ورسي جي موقعي تي ادبي مقالن ۽ مشاعرن سان گڏ راڳ جو ھئڻ ڄڻ لازمي امر ٿي ويو. ۽ اھو سلسلو اڄ تائين جاري آھي. انھي سال 1932ع ۾ ڀٽ شاھه ريلوي اسٽيشن پڻ ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ۽ اھا ئي واحد تيز رفتار سواري ھئي جيڪا لطيفي پانڌيئڙن کي ڀٽ تي رسائيند ي ھئي. انھي ءَ زماني ۾ ڀٽ شاھ جي آبادي محض درگاھ جي آسپاس تائين محدود ھئي. ڪراڙ جا ڪپ ڀٽن سان ڀريل ھئا، آسپاس گھاٽي وڻراھه ھئي جنھن جي وڻراھه ۾ لطيف جا ڄاڃي سياري اونھاري ويھي آسيس ڪندا ھئا. فقيرن جو ميلو ابتدا کان وٺي ڀٽائي جي روضي جي احاطي ۾ لڳندو ھو. سوين حبدار رسالي جا عاشق ڏورانھن ماڳن تان ڪھي اچي درگاھه ۾ حاضري ڀريندا ھئا. راڳائي فقير توڙي ٻيا طالب فقير دنبورن ۽ يڪتار ۽ چپرن تي ڪلام ڪڇي پنھنجي روح کي راضي ڪندا ھئا. اسان ڄاڻون ٿا ته راڳ لطيف سائين جي روح جو جياپو ھو ۽ ھو پاڻ سنڌي راڳ جو سرواڻ موجد ۽ ماھر ھو. ان لحاظ سان ابتدا کان وٺي سنڌي راڳائي ۽ وڄتا لطيف جي پڙ ۾ پنھنجي راڳ جي حاضري ڏيئي ڄڻ ته سٺي ڳائڻي جي سند وٺندا ھئا. اھو رواج اڄ به ائين ئي جاري آھي. البت وقت ڦيرو کاڌو آھي اڳ راڳائي ان ڀيڻي کي محبت جي ونڊ ملڻ وارو ماڳ سمجھي راڳ چوندا ھئا جتي پرين پاڻ پسائي اميدون ۽ آسون پڄائي ٿو.

پي پسايو پاھنجو نظارو نگاھه
لٿو
ڪٽ قلوب تان، ٿي وروھڻ واھه
اميدون
ارواح پي پسندي پُنيون

سنڌجي عالمن ۽ اديبن داناءُ سگھڙن ۽ دل وارن فقيرن جي انھي عقيدت ڀٽائي صاحب جي ان ماڳ تي ھوريان ھوريان پنھنجا خيما کوڙيا ۽ محفلون ۽ مجلسون مچايون. ڀٽ تي اھي رھاڻيون بنا ڪنھن روڪ جي جاري رھيون ليڪن سنڌ جي عالمن ۽ اديبن ڀٽ شاھه کان ٻاھر جيڪي گڏ جاڻيون ڪيون انھن جو مڪمل تفصيل معلوم نه ٿي سگھيو آھي، البته سنه 1941ع ۾ سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار ڪاميٽي (موجوده سنڌي ادبي بورڊ) تاريخ 12 ۽ 13 مارچ تي ڪراچي جي خالقڏني ھال ۾ ملھايل پھرين شاھه جي ورسي جو احوال ملي ٿو. جنھن ۾ سنڌ جي برک  عالمن ۽ اديبن توڙي راڳائي فقيرن جن جا نالا محفوظ نه رھي سگھيا آھن حصو ورتو. ھن ورسي جي اھتمام ۾ به مرحوم سيد ميران محمد شاھه صاحب مصروف عمل نظر اچي ٿو. غالباً سندس ذاتي سرجوشي ۽ ڪوشش سان ان وقت جا وڏا عالم اديب اچي گڏ ٿيا جن حضرت شاھه صاحب جي خدمت ۾ نذرانو پيش ڪيو. ھن ورسي جو افتتاح سنڌ جي سڄاڻ انسان ۽ ھڏ ڏوکي مرد مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي صاحب ڪيو. پھرين نشت جي صدارت سنڌ جي عالم ۽ مفڪر علامه آءِ آءِ قاضي مرحوم فرمائي، ان موقعي تي ڀيرومل مھر چند آڏواڻي، لالچند امر ڏني جڳتياڻي ۽ مرحوم عثمان علي انصاري شاھه جي فڪر ۽ پيغام تي مقالا پڙھيا، سوڀراج نرملداس، شاھه جي حضور ۾ منظوم نذرانه عقيدت پيش ڪيو.

پي نشست 13 مارچ تي ٿي جنھن جي صدارت شاھه جي پھرين محقق ۽ عالم ڊاڪٽر ھو تچند گربخشاني سرانجام ڏني. شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي مرحوم ۽ آسانند مامتورا شاھه جي شعر ۽ فڪر بابت مقالا پڙھيا. حڪيم فتح محمد سيوھاڻي مرحوم، ليکراج عزيز، ڪشنچند بيوس ۽ مولوي محمد نورنگ زادي شعر پڙھيا. انھن ٻنھي نشتن جي دوران سنڌي راڳاين شاھه جو ڪلام ڳايو اھي ڪھڙا ڪھڙا راڳائي ھئا تن جو احوال معلوم نه ٿي سگھيو آھي.

شاھه عبداللطيف جي اھا ورسي وڏي اھميت واري چئي سگھجي ٿي، جيڪا پھرين ڀيرو سنڌ جي عالمن اديبن ۽ شاعرن ڀٽ شاھه کان ٻاھر ملھائي شاھه جي شعر ۽ فڪر کي سنڌ ۾ شھري عوام ۾ روشناس ڪرائڻ جو پھريون قدم کنيو. لطيفي ورسين جي انتظام ۽ اھتمام ۾ انھن بزرگن جا نالا ھميشه زنده رھندا جن سنڌ جي ثقافت جي سرواڻ لاءِ محنتون ۽ ڪوششون ڪيون، ۽ اڄ اسان انھن جي پيچرن تان ھلندي ھڪ وڏي واٽ تي اچي رسيا آھيون جتي ھر طرف لطيف جي نانو جو سھائو آھي

ڏٿ گھڻائي ڪن ان اورانھين ڏيھه جو
سندا
کاھوڙين پري سڄن پيچرا

پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پوءِ ڪجھه سالن تائين شاھه بابت علمي ۽ ادبي تقريبن جي باري ۾ اسان کي ڪٿي به ڪو احوال نٿو ملي. يقيناً لطيف سائين جي ماڳ ڀٽشاھ تي عرس جي موقعي تي ميلا ، ملاکڙا ٿيندا ھوندا. فقيرن راڳ ڳايا ھوندا. آسروندن سکائون باسيون ھونديون تن جي اسان کي ڄاڻ نه آھي. تان جو سنه 1950ع ۾ سيد ميران محمد شاھه پاران سنڌ سرڪار جي پي ڊيليو ڊي جي وزير جي حيثيت ۾ قومي وڏي رستي کان ڀٽشاھه تائين ٻن ميلن جو پڪو رستو کڻائي شھري ماڻھن خواه لطيف جي پانڌيئڙن لاءِ اچ وڃ جي آساني پيدا ڪرائي. ھن وقت اھو رستو ويڪرو ۽ ٻٽو آھي. پر ابتدا ۾ اھو ايڏو وڏو ويڪرو نه ھو پر پڪو رستو ھو جنھنڪري گھڻيون ئي سھوليتون پيدا ٿيون. ساڳئي زماني ۾ سائين ميران محمد شاھه مرحوم جي ڪوشش سان ”لطيف يادگار ڪاميٽي‛‛ جو بنياد پيو ۽ انھي سان گڏ شاھ جي ورسين جو نئون سلسلو شروع ٿيو. 1951ع ۾ ھڪ ڀيرو وري درگاھه جي احاطي يعني لکي در ۽ نوبت خاني واري پڌر ۾ سنڌ جي عالمن اديبن ۽ راڳائي فقيرن ميلي کي مچايو. ان محفل جي سربراھي  سائين جي ايم سيد ڪئي ۽ استاد محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ محفلن جي ڪاروائي ھلائي. ڊاڪٽر صاحب جن ڀٽائي جي ورسي جي ڪاررواين جي نگراني ۽ ميزباني جو سلسلو تڏھن کان شروع ڪيو ۽ 1951ع کان وٺي 1967ع تائين سنڌي راڳائي ۽ وڄتا سنڌ جي ماڻھن سان متعارف ڪرائيندا رھيا، ۽ انھي دور ۾ ڊاڪٽر صاحب اسٽيج تي بحيثيت ھڪ ميزبان جي منھنجي تربيت ڪئي، جنھن جو اڄ کٽيو پيو کانوان.

لطيف يادگار ڪاميٽي جو سڀ کان وڏو اجتماع ڀٽشاھه تي شاھه جي 201 ورسي مورخه 15 آڪٽوبر 1954ع ڪراڙ جي ڪپ تي ٻگھين جي پاڙي لڳ پنڊال ھڻي منعقد ڪيو ويو. ھن ميڙ جو مھمان خصوصي سنڌ جو تڏھوڪو وزير اعلي پيرزادو عبدالستاد مرحوم ھو. جنھن پنھنجي افتتاحي تقرير ۾ چيو ته.

”ابتدا ۾ ئي مان ھن ادبي تحريڪ جي تجويز ۽ تائيد ڪندڙ شخصن کي لائق مبارڪباد سمجھان ٿو، جن ڀٽ ڌڻي جي سالياني ميلي کي ھن قسم جو ادبي رنگ ۽ روپ ڏيئي ميلي تي ايندڙ ھزارين مريدن ۽ عقيدتمندن کي پنھنجي مرشد جي معرفت حاصل ڪرڻ ۽ ان جي حال ۽ قال کان واقف ٿيڻ جو بھترين موقعو ڏنو آھي.

”مونکي شاھه صاحب جا عقيدتمند سنڌي احباب معاف فرمائين جيڪڏھن مان چوان ته شاھه عبداللطيف ڀٽائي جھڙو غير معمولي شاعر، تخليقي قوت رکندڙ مفڪر ۽ محقق سنڌ ۾ پيدا ٿيڻ جي بدران جيڪڏھن ڪنھن ٻئي مھذب ملڪ ۾ پيدا ٿئي ھا مھذب مخلوق سندس قول ۽ ڪلام کي انھيءَ عروج تي، پھچائي ته اھا ڇڏي ھا جو ٻي دنيا ريسون ڪندي رھجي وڃي ھا. مون کي نھايت افسوس آھي ته اھا ڳالھه خيال ۾ آڻي دل کي تڪليف ٿي ٿئي ته اسان جي صوبي جي حڪومت پڻ ھن ڏس ۾ ھيترن سالن ۾ ڪو به اثرائتو قدم نه کنيو آھي. منھنجو ۽ منھنجي حڪومت جو اھو پختو ارادو آھي ته جيئن انگلنڊ ۾ شيڪسپيئر جو شھر ”اسٽرائفرڊ آف ايون‛‛ يا ٽئگور جو ثقافتي مرڪز ”شانتي نڪيتن‛‛ رکيا ۽ ھلايا وڃن ٿا، اھڙي نموني ۾ اسان لال لطيف جي ننڍڙي واري جي ڀٽ تي اڏيل ڳوٺ کي پڻ انھي ساڳي اوج تي رسايون. منھنجو پڪو ارادو آھي ته لطيف يادگار ڪاميٽي کي نئين سر ٺاھي ھڪ مستقل ڪاميٽي بنايو وڃي، جنھن کي گورنمينٽ جي طرفان سالياني گرانٽ ڏني وڃي. منھنجو اھو پڻ ارادو آھي ته ٽئگور جي شانتي نڪيتن جي نموني تي انھن ثقافتي ڳالھين نسبت مرڪز کوليو وڃي جتي اسان جي ادب ۽ ثقافت کي زندھه ڪري کين حقي واجبي عروج تي رسائين‛‛.

انھي پھرين عام سرڪاري طور ملھايل شاھه جي ورسي جي موقعي تي آءُ به پنھنجي والد مرحوم مرزا احسن ڪربلائي سان گڏ ويل ھوس. ننڍو ھوس پر ٿوري گھڻي سمجھه ھئم. ان موقعي تي جن ماڻھن عالمن اديبن شاعرن ۽ راڳائي فقيرن کي ڏٺم، ان جي اڻ لکي يادگيري مان سائين مخدوم صاحب محمد زمان طالب الموليٰ، سيد ميران محمد شاھه، آغا تاج محمد، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراھيم خليل، محمد خان غني، حافظ محمد احسن چنه، ڊاڪٽر غلام حسين جعفري ۽ آغا عبدالنبي جن جا نالا ذھن ۾ اچن ٿا. راڳائي فقيرن مان سثيلا مھتاڻي محمد ابراھيم، نارو ڀڳت، مصري خان جمالي، فقير عيسو، محفوظ آھن. انھيءَ محفل جي ڪاروائي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن پي ھلائي. ورسي جي موقعي تي اھا گڏجاڻي موجوده آڊيٽوريم واري ڀڪ ۾ ٻگھين جي پاڙي لڳ ڪراڙ جي ڪناري تي طنبن ۾ ٿي. صبح کان منجھند جو دير تائين مجلس ھلي ان موقعي تي پيرزادي عبدالستار مرحوم به تانپورن تي ويھي سر اسا مان شاھه جو ڪلام ”منھنجو ملڪ ملير آءُ ڪيئن وطن وساريان‛‛ چيو ھو. لطيف سائين سان مرحوم پيرزادي صاحب جو عشق ان محفل ۾ موجوده مڙني ماڻھن تي عيان ٿيو ته ”عقيدت ۽ محبت جي وچ ۾ منصب ڪا اھميت نٿو رکي.‛‛ ان ورسي جي موقعي تي پنڊال ۾ ھڪ ٿلھي تي انھي ڪاروائي ھلائڻ لاءِ اسٽيج تيار ڪئي وئي ھئي. سڀ مھمان خاص طور تي عالم، اديب ۽ شاعر ان تي ويٺل ھئا ۽ اھو رنگ رچايو ويو ھو ۽ اھو سلسلو ڪافي وقت تائين ھليو ھو. مجموعي طرح سان لطيف سائين جي اھا ورسي سرڪاري سطح تي نھايت ڪاميابي سان ملھائي وئي. مرحوم پيرزادي جي دل ۾ شاھه سان سچي عقدت ھئي ھن انھي خواب جو بنياد خاڪو انھي ورسي جي موقعي تي پيش ڪري، لطيف جي ادب ۽ ثقافت لاءِ نيون راھون متعين ڪيون. انھي موقعي تي پاڻ ثقافتي مرڪز جي عمارتن جي پيڙھه جو پٿر به رکيائون، جو اڄ تائين آڊيٽوريم جي مک دروازي لڳ موجود آھي. ستت ئي پيرزادي صاحب کي ون يونٽ جي مخالفت ۾ پنھنجي منصب کي ڇڏڻو پيو ۽ سندس خواب اڌ ۾ رھجي ويو پيرزادو صاحب سنڌ جو اھو پھريون وزير اعليٰ ھو، جنھن لطيف سائين جي وفات واري ڏينھن تي پھريون ڀيرو سڄي صوبي ۾ عام موڪل ڪئي ۽ اھا موڪل 201 ورسي جي موقعي تي ٿي.

سن 1955 ع م سنڌ ۾ درياھه جي ٻوڏن تمام گھڻو نقصان رسايو. آمدرفت جا وسيلا ختم ٿي ويا، لطيف سائين جو ميلو ٿيو پر ان واقعي تي سرڪاري نوعيت جي ڪا تقريب نه ٿي سگھي. البت لطيف يادگار ڪائونسل وڏا وس ھلايا، پر قدرتي آفت جو ڪير ٿو مقابلو ڪري سگھي. پر ھنن حوصلو نه ھاريو ۽ ڪائونسل فيصلو ڪيو ته شاھه جي 203 ورسي (انگريزي سن موجب) حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي ويندي. اھا شاھه جي ورسي 2 ۽ 3 آڪٽوبر 1955 ۽ تي موجوده گورنمينٽ ھاءِ اسڪول حيدرآباد جي احاطي ۾ منعقد ٿي. سنڌ جو وڏو وزير خانبھادر محمد ايوب کھڙو مرحوم پھرين نشست جو مير مجلس ھو. ڪائونسل جي چيئرمين مرحوم سيد ميران محمد شاھه مھمان خصوصي جي آجيان ڪئي. کھڙي صاحب ثقافتي مرڪز جي قيام جي تجويز جي پٺڀرائي ڪئي ۽ مالي امداد جو انجام ڪيو. ھن موقعي تي ڊاڪٽر شيخ محمد ابراھيم خليل ۽ الله بخش سرشار عقيلي جن شعر ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب شاھه صاحب جي فن فڪر ۽ تحقيق بابت مقالو پيش ڪيو جو حسب دستور سنڌ جي مشھور راڳائي فقيرن ۽ وڄتن شاھه جو ڪلام ڳايو ۽ وڄايو. انھي محفل ۾ جيڪي ڳائڻا ۽ وڄتا شريڪ ٿيا تن مان نارو ڀڳت، مائي ساران، پير جڙيل شاھه، استاد منظول علي خان، مصري خان جمالي ( بينون) خميسو خان (بينون ) ۽ قادر بخش چھواڻ ( مرلي) ذڪر لائق آھن.

3 آڪٽوبر تي صبح واري نشست جي صدارت محترم سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جن کي ڪرڻي ھئي، پر سندن خاندان ۾ ڪنھن قريبي عزيز جي انتقال ڪري پاڻ نه اچي سگھيا ۽ سندن جاءِ تي ھن نشست ۽ آخري نشست جي صدارت مرحوم سائين ميران محمد شاھه ڪئي. صبح واري نشست جي ابتدا تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي، جيڪا مولانا غلام محمد گرامي مرحوم ڪئي. جڳ مشھور عالم علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جن ھن نشست جا ڪليدي مقرر ھئا. کانئن سواءِ سيد حاجي علي اڪبر شاھه پڻ تقرير ڪئي. علامه قاضي صاحب نھايت تفصيل سان لطيف جي رسالي ۽ ان جي پيغام تي روشني وڌي جنھن ۾ فرمايائون ته:

”ھي عجيب اتفاق آھي جو شاھه جي شعر جي دفتر جو نالو ئي ”رسالو‛‛ آھي، رساله جي معني آھي ”پيغام‛‛ ۽ انھي لحاظ سان

”نيست پيغمبر ولي دارد ڪتاب‛‛.

جو صحيح اطلاق شاھه تي ئي ٿي سگھي ٿو ھاڻي. سوال پيدا ٿئي ٿو ته شاھه ڪھڙو پيغام ڏيڻ ٿي گھريو ۽ اھو ساڳيو قرآني پيغام ھو جنھن کي شاھه صاحب ھن طرح دھرايو.

نئون نياپو آئيو، راڻي ملارات
لڌيسون، لطيف چي ڏاتر ڪنا ڏات
ڪانه پڇي ٿو ذات، جي آيا سي اگھيا.

اھو نئون نياپو نه رڳو مسلمانن لاءِ بلڪه سڄي دنيا لاءِ ھو ته ذات پات آھي ئي ڪين، ڇاڪاڻ ته ڌڻي جي نظر م سڀ انسان ھڪجھڙا آھن. سڀئي ھت مسافر ٿي آيا آھن ۽ پيا سفر ڪن، جيئن ته کين منزل مقصود تي پھچڻو اھي انھي ڪري پيا ھلن. ھلڻ کان سواءِ چارو ناھي.

عارف جيلاني محمد خان غني ۽ پير شاھنواز شاھه ”عارف الموليٰ‛‛ شعر پڙھيا ۽ ساڳين راڳائي فقيرن ۽ وڄتن لطيف جا ڪلام ڳايا ۽ وڄايا. انھي شام جو ھن ورسي جي ٽئين نشست جو اھتمام سيد ميران محمد شاھه جي صدارت ۾ ٿيو. اسدالله شاھ حسيني، حافظ شاھه حسيني، محمد عثمان ڏيپلائي، ۽ خواجه غلام علي الانا، شاھه جي فڪر ۽ پيغام تي مقالا پڙھيا. مرزا ھمايون بيگ شاھ جي حضور ۾ شعر جو نذرانو پيش ڪيو. دستور موجب شاھ جون وايون ڳايون ويون جن ۾ مٿي ذڪر ڪيل مڙني ڳائڻن ۽ وڄتن کان سواءِ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد جي شاگرد شيخ عبدالڪريم ۽ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جي شاگرد محمد يوسف پڻ موسيقي جي رھاڻ ۾ حصو روتو. محمد يوسف پوءِ اسان جي سنڌ جي راڳ جو امُلھه ۽ بش بھا ڳائڻي جي حيثيت ۾ مشھور ۽ مقبول ٿيو، ۽ اھا ھن جي پھرين رھاڻ ھئي جنھن ۾ ھن پاڻ ڏانھن ماڻھن کي متوجهه ڪيو ۽ اڄ تائين سنڌ جي راڳ جي محفلن جو مھندار ۽ سريلو فنڪار آھي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org