ٿورو وقت
ٺاپر
ٿي
اسين
به ھڪ ڪنڊ ۾ ويھي
رھياسين.
سوين
درويش درگاھه
شريف
جي اڳيان
اچي
حاضر ٿيا
”حلقو‛‛
ڪيائون.
قطار
۾
بيھي
”احد‛‛ چيائون
پر
چيائون اھڙي
نموني ۾ ٿي جو
اندر
۾
ڇپي
ٿي
ويو. درويش
جيڪي
عالم ۽ سچا
آھن
انھن کي آرام
احد
مان اچي
ٻيا
جي
ريل ڇيل ۽ اڻ
پڙھيل انھن
کي
وري
ڌمال
وڻي.
ٻيو
ڏينھن ٿيو.
شام
جو
ڇھين
بجي سرگس
ڪڍي
بزار
مان لنگھي
درگاھه شريف
تي
وياسين سرگس
جي
اڳيان
ھڪڙو راڳيندو
ھو
جنھن
کي
اڳين رات
ڳائندو
ٻڌو
سين
پر ڇڙي سھائي
۾
سندس
شڪل چٽي
نٿي
ڏسڻ
۾
آئي. الله
بخش
وڏو شاعر
آھي
شعر ۾ سچل
سائينءَ وانگر
اڏامي ٿو ۽
”انالحق‛‛
جو
نعرو ٿو
ھڻي.
ڪلام
جھجھو
اٿس پر
قلمبند ٿيل
ڪونھيس.
ڳائي ئي
فقط
پنھنجو شعر
پاڻ
سان
ٽيھه کن
ٻالڪ اٿس
جي
پٺيائنس سازن
تي
ڳائين
ٿا.
”مرڻ
جيوڻ
دا خطره
ناھين مين
عشق
ڪيا
آزاد‛‛
”مين ھون بھشت
دوزخ
ڪا
بيپرواھي‛‛
”نازڪ ناتو
نينھن جو
نانگن نباھيو‛‛
”جيڪي آھي
سو
انسان ۾‛‛
اھڙا
ڪلام
جنھن مھل
ھو
ڳائي
ٿو
تنھن
مھل
ٻڌندڙ کي به
پاڻ
وانگر بيپرواھه
ڪيو
ڇڏي.
آواز
سندس بلند
۽
گھايل دل
مان
ٿو
ڳائي.
جنھن وقت
ڪلم
چوي
ٿو
تنھن وقت جوش
۾
اچيو
وڃي انالحق
جا
نعرا پيو
ھڻندو.
”ھمه اوست
‛‛جون
ٻوليون
پيو
ٻوليندو. ھون ساڻس
ڳالھا
ته
ڏاڍو
مٺو
ڏاڍو حليم.
سرگس
درگاھه شريف
تي
پھتو الله
بخش
ڳائيندو
رھيو.
سارو
ڏينھن
ڳايو
ھوائين
.
ڪنھن رڳو
ھڪڙي
ڪافي
لاءِ
اکر چيو
ھوس
انھي
تي جو
اچي
درويش
ڇٽڪيو سو
سانده چار
ڪلاڪ
ڪافين
جو
ڌوڙيو
لڳائي
ڏنائين وري
ڇھين
بجي
کان
اٺين بجي
تائين به
ڇڙو
ھن
پئي
ڳايو
سوبه
کلئي گلي.
سندس
راڳ کان پوءِ
سڀ
ڀٽ
تي ويھي
وياسين اسان
سان
ھڪڙو
دادوءَ جو
يار
ھو
تنھن وٺي
شاھه
جي ھي وائي
شروع
ڪئي
”مون
کي
ماءُ سورن
جي
ڏني
لوڏي ۾ لولي‛‛ بس
ٻچا
شل
سدا جيئرو
سھجين.
اھائي
دعا
زائفائن جي
چپن
تي ھئي منھنجي
اکيون به
ڪين
ٿي
ڇنڀيون.
الائي ھوس ڪٿي درويشن
۽
فقيرن شاھ
سائين جي
نالي
تي وٺي
ٿي
”حق
موجود‛‛
ڪيو ته
ھڪڙي
به
دل
ڪانه ھئي جنھن
جي
تندن تنوار
نٿي
ڪئي.
پوءِ
ڄيٺل پرسرام
تقرير ڏني شروع
ڪيائين
”سائين
سدائين
ڪرين مٿي
سنڌسڪار دوست
مٺا
دلدار عالم
سڀ
آباد
ڪرين‛‛
۽ شاھه
جي
ڪلام
مان بيت
ڏيندو
تقرير بند
ڪيائين
ھن
بيت
سان ”جي تون
بيت
ڀائين
سي آيتون
آھين
نيو من
لائين پريان
سندي
پار ڏي.‛‛
ڪو اثر
ٿيو
ھڪڙو
درويش وجد
م
اچي ويو
اسين
ڏڪي
وياسين پھريون
سون
سون ٻڌڻ ۾ آئي
پوءِ
ڳري
ساھه کڄڻ جو
آواز
آيو پوءِ
جھولڻ شروع
ٿيو
نيٺ
بيھوش ٿي پٽ
تي
پئجي رھيو
ٻڌم
ته
ائين ڪي مري
به
ويندا آھن.
۽
ائين
ڪي
سڀاڳا مرن!
رات
جا
ڏھه
لڳا
ڪراڙ ڍنڍ جي
ڪپ
تي
راڳ جو
بندو
بست رکيل
ھو
گھڻيئي راڳي
آيا
الله بخش
به
ھو.
پر نڙي
گھٽيل ھئس تنھن
ڪري
ڳايائين
ڪونه
راڳ
پورا ٿيا فقيرن
سان
ڳالھه
ٻولھه
ڪندي
ھڪڙي
درويش سان
ڏيٺ
ٿي
ويئي
”راضي‛‛ تخلص
اٿس
ڳايائين
سو
ڪونه ٿي پر
ڪلام
واھه
جو چيو
اٿس!
شاھه صاحب
جي
ھڪ
ھڪ
بيت پٺيان
سندس
اوٽ تي
سمجھي ۽ شرح
طور
بيت چيا
اٿس
سرآساتائين
اڃان
ڪونه پھتو
آھي
ته چيائين
ٿي
ته
سندس
ڪلام ٽن
ڪتابن ۾ قلمبند
ٿيل
آھي
واھگروءَ
تي وٺ
ڪلمي
تي
قھر،
آھي
ڪا پھر
جا،
سمجھائي سڀني
کي.
گنگاوڃن
گيدي
مڪي وڃن
مردود
سو نه
ڪن
سجود،
جنھن
سان
پسن
پرينءَ
کي
ٻڌايائين
ته:
مون
شاھه
عبداللطيف کي خواب
۾
ڏٺو
جنھن
وٽان مون
کي
ارشاد مليو
انھي
پٽاندر ھن ريت
شعر
پيو چوان
چي
”آءُ
ٿيس
بدن ته
شاھه
پاڻ ٿيو پساھه؛
آءُ
پڃرو ھو پساھه؛
آءُ
ڀٽ
ھو
شاھه.
‛‛
درگاھه
۾
اندر تربت
جي
مٿارن کان اٺ
ئي
پھر جوت
پيئي
جاڳي سوا
روپيو اسان
به
نذرانو ڏنو.
شاھه
نر صوفي
آھي
سندس
ڪلام ۽ عجب
جھڙو
تاثر آھي.
سندس
رسالي ۾ پنھنجو
اثر
آھي. دل
تي
دک ھجي ۽ رسالو
ڪڍي
پڙھه
ته حال
تتل
ھنئين
تي ٺار پئجي
ويندو پر
جي
سندس امنگ
مان
ڪا
چڻنگ جھٽڻي
ھجي
ته
پوءِ اھا
مراد
ميلي جي
گوڙ
گنبوڙ ۾ پيروي
خير
ڪا
ٿيندي.
انھي لاءِ
ٻه
چار
ڏينھن
ماڻھو اچي
درگاھه شريف
جي
نويڪلائي ۾ گھاري
پوءِ
لاشڪ اھڙي
ڪا
لڳنديس جو
عقل
مت شرم
ٽيئي
نينن
نھوڙي نيندس.
پوءِ
ئي اھا
ڪا
ٻانگ
سڻبي
جي جيئن
شاھه
چوي ٿو
”اسلام ئان
اڳي
ھئي‛‛ پوءِ
ئي
ڄاڻبو
ته؛
سوھي،
سو ھو ، سو
اجل،
سو الله،
سو
پرين،
سو پساھه،
ويري، سو
واھرو
ڀٽ شاهه
ڄيٺمل
پرسرام
ڀري
ڀٽ
تي آئيو،
سارنگ سھج
منجھان
کريون
کٽڻھار جيئن،
وڄون
اتر واءُ
سر
ھا سبزا
ٿيا،
ڊامڻ
دٻ
ڪيا،
پھري
پٽن
تا،
ڀريائين ڪن
ڪراڙ جا.
شاھ
ھڪ
دفعو
ھالن
کان
لنگھندو
ڀانيان ٿو ته
ڀٽ
شريف
وٽان لنگھيو
ھوس
پر
شاھه جي
ميلي
تي ڪڏن به
ڪونه
ويو
ھوس.
سڏايان پاڻ
کي
لطيف
جو شائق
پر
ڏيرو
سسندس ڏٺو
ڪونه ھوم سچ
پچ
صوفي کي
ڪوبه خاص
ڏيرو
ٿئي
ڪونه،
سارو
مڪان ھن جي
موج
جو ميدان
آھي
ھو
خاص مڪاني
نه
آھي تنھنڪري
لامڪاني ٿو سڏجي.
”صوفي
ستر سڀن
۾
جيئن
رڳن منجھه
ساھه‛‛
البت
سڪ
به پيئي
ٿيندي
ھيم
ته
ڀٽن
جو ديدار
به
ڪري
ته اچان
پر
وري پيو
چوندو ھوس ته
وڃي ڇا ڪبو.
”وياسي
وينجھار
ھيرو لعل
ونڌين جي‛‛!
لعل
لطيف
جي ڀٽ تي
جتي
محبت جا
مينھن وسيا
ھوا
جت
روح شعلن
واريون وڄون
وسيون
ھيون، جت
سڪل
دليون سايون
ٿينديون
ھيون،
غيبي
ڪراڙ
جا ڪن
ڀرپور ٿي ويندا
ھوا
ات
ٻڌندو
ھوس
ته ميلي
تي
شھوتي شڪار
گاھه
سال بسال
کڙو
ٿئي
ٿو.
آڏيون ابتيون
ڳالھيون
انيڪ
ٿين
ٿيون.
دل ڪين چيو
ڪندي
ھئي
ته
ڪو
وڃجي پر
ھن
سال
دوست ميان
ميران محمد
شاھه
جو سڏ
تکو
۽
اثر وارو
ٿيو.
منھنجي دوست
ميان
غلام مرتضيٰ
شاھه
به ڇڪ ڪئي چيائون
ته
لطيف تي
نئين
ريت ٿا ميلو
لڳايون
ڇورين جا
ڇال
بند
ڪرائي
ڇڏبا
نفس جي
فرد
کي
ڪجھه
روڪڻ جو
اپاءُ وٺبو،
صوفي
لعل لطيف
جي
ميڙي تي
ڪجھه
سوديشي جو
به
پرچار ڪبو ھلو ته
ھلون.
ٻيو ته
ھاڻ
ڀٽ
شاھه
ريلوائي جي
نئين
لائن تي
اسٽيشن ٿي پيئي
آھي،
تنھن ڪري وڃڻ
ڏکيو
نه
آھي. ھاڻ سمجان
ٿو
ته
مون چڱو
ڪيو
ڀٽ
شاھه
ويس
ھڪڙو ته
ڳوٺاڻي
حياتي سان
ڪجھه
لڳ
رکڻ جو
موقعو مليو ۽
ٻيو
ته
شاھه صاحب
جنھن
پنھنجي مبارڪ
ھٿن
سان
ڏيرو
اڏيو آھي
تنھن
جو ديدار
ڪرڻ
۾
به
سڀاڳائي آھي.
ڪراڙ
جي
ڍنڍ
جنھن بابت
سارنگ سر
۾
ڳايو
اٿس
سا ساڳي
اڃان
پيئي وھي.
انھي
سدوري
ڪراڙ جي
آسري
تي شاھه
لطيف
ڀٽون
وسايون
ھيون. ڀٽن جا
به
ڪي
اتاھان وڏا
دڙا
ھوا
ڇو
ته
ھينئر به
درگاھه تي
پھچڻ
لاءِ وڏي
چاڙھي ٿي
ڇڙھڻي پوي.
ڪراڙ
جي
ڍنڍ
۽
ڀٽون
گڏيون پيون
آھن
پاڻ
۽ سندس
فقير
ڍنڍ
مان آلي
مٽي
کڻي
ويا
ڀٽون لنبندا
تان
جو فرش
جھڙو
ڪري
ڇڏيائون.
پوءِ
وٺي
ڀونگيون اڏيائون
جن
جا پراڻا
نشان
اڃان پڻ
آھن.
قبو شريف
پوءِ
اڏايو ويو
آھي
پر ڪو
ڀاڱو شاھه
صاحب
پاڻ اڏايو
ھو
جو
ڏسي
مون کي من
تي
تري آيو
ته
کيس
عمارت ۽ نقش
جو
به ڪو وڏو
شوق
ھئو.
ھالو
انھي ھنر جو
صدين
کان
ڪو
جھونو مرڪز
ھئو،
ڪنھن
نھايت عمدي
تھذيب وارو
ھئو.
پنھنجي وڏي
ڏاڏي
بلڙي
شاھه
ڪريم جو
عمدو
قبو شاھه
لطيف
پاڻ اڏايو
ھئو
اھو
ته ڏسڻ وٽان
آھي.
سنڌڙي جو
سھڻو
شاعر چئبو
ته
حسن پرستي
جي
راز جي
گھڻن
ئي جزن
جو
واقف ھئو نه
رڳو
شعر جو.
اتاھين ڀٽ تنھن
تي
درگاھه ۽ درگاھه
کي
چوڌاري واريون
جايون واھه
جو
زيب وٺي
بيٺيون آھن.
چوڏس
جو چنڊ
ھو
ڪراڙ
جا
عمدا وڻ
تن
ھيٺ
تنبو لڳل
۽
ميدان ۾ چيزن
ڳائڻ
جون
ڪافيون
سي آڌي
رات
تائين دل
گرفتار ڪري بيھنديون
ھيون.
درگاھه تي
رات
ڏينھن
منڊل ھوا
ھزارھا سڪ
وارا
زالون ۽ مرد
تن
جا جڳ
ٻڌا
پيا
ھودا
ھوا.
غريب مسڪين
ڪي
اس
۾
ڪي
ڇانو
۾
پيا دعائون
پنندا
ھئا. درگاھ
ه
منجھه اندر
به
ھزار
ماڻھو رات
ڏينھن
ڏسڻ
۾
آيا
ٿي
راندر مٺيون
ھيرون
بلڪه
تتي
ڏينھن ۾ موجود
ھيون.
رات
جو ته
نماءُ اڪٽير
ھوندو
ھو.
آچاريه دوست
چيم
ته فلاڻا
مستي
ته اڃان
به
ڪا
ھوا
کي
مخمور ڪيو بيٺي
آھي
برابر اھي
اصلوڪا مشاھدا
ڪين
ٿا
ڏسڻ
۾
اچن
پر انھن
مشاھدن جو
ڪو
اثر
اڃان به
آھي.
ڳائڻن
صوفين جي
ٽولن
جون
به ڪي
ڪوڙيون
ھيون البت
رس
مڙني ۾ ساڳيو
ڪونه
ھئو.
لطيف
جو پراڻي
نموني ۾ ڪلام چوندڙ ذاڪر اڃان به آھن مگر انھي جي
جھوني نموني
کي
ڪو
ٿورا
سمجھڻ وارا
آھن
۽
ٻيوته
اھي راز
رسائيندڙ آواز
۽
ساز
به ساڳيا
ڪين
آھن
پر تڏھن
به
ڪي
ڪي
راڳي ته
نھايت خاصا
ھئا.
ھندو مسلمان
جو
مون کي ته
فرق
ڪونه
ڏسڻ
۾
آيو. ڀڳت چيتو
شاھه
لطيف جو
پوئلڳ آھي،
مون
ٻيا
به
ڪيترا ڀڳت ٻڌا آھن
جي
اڄ
ڪلھه ته
وچوارين ارداسن
وغيره سان
ڪم
کارايو
ڇڏين،
پر
ڪو
منجھن آھي
جو
ساز آواز
۽
راز
کي
گڏ وڄائيندو
ٿو
ھلي.
چيتو
منجھائين اھڙو
ھڪ
آھي.
ڇا
شاھه جو
ڪلام
ڄاڻي
ڇا
ھندي
ڪو
تا
جو ڄاڻ اٿس
مجال
جي ڪو ڀڳت ۾
ڀڻڪو اجايو
ڪري
پوري
پوري رس
سان
ٿو
ڀڳت
وجھي.
الله
بخش بھشتي
جو
ٽولو
ڏٺم.
آھي ميان
پخالي سڏائي
ئي
پاڻ کي
”بھشتي‛‛
ھالن جو
ويٺل
اڃان به
ڪڏھن
ڪڏھن
پيو
پخالون
ڀريندو آھي،
پر
ڪلام
ته ڪو خاصو
ٿو
چوي
جھڙو آواز
تھڙي
ٻولي
پوري پڪي
۽
منجھس صوفي
ڳجھارت
ڪنھن
ڪچي
ڌاڳي
تي
نه ٻڌل پر
پوري
ڄاڻ
تي. نڪي
لکي
ڄاڻي
نڪي پڙھي
نجو
نالو نام
جو!
سوال آھي
ته
راڳ وديات،
ٻولي
جي
ڄاڻ
ان جي
پوري
پوري عملي
ماھيت پخالن
ڀريندي
ڪھڙي
ريت
پاتائين؟
ٻڌايندو ڪو منھنجو
مغربي تھزيب
جو
عاشق؟
راضي
فقير به
شاھه
لطيف جي
درگاھه جو
مريد
آھي شاھه
لطيف
جي رسالي
تي
پنھنجو رسالو
رٿيو
اٿس. واھه
جي
رھاڻ ڪئي اٿس
بيت
شاھه جو
ته
ان تي
بيت
سندس.
ڄاڻي نه
اکر
لکي نه
پڙھي. ڪن سندس
ڪلام
قدري
لکيو آھي
ڪي
بيت
جي دوستن
کي
ڏاڍا
وڻيا
سي مون
کي
لکايائين.
استاد
منھنجو عبداللطيف،
اصل
کون
آھي
ڏيئي جوڙ جماعت سان قرب منجھون
ڪاھي،
سيد
سانباھي
وٺي ويندو
واٽ
سان،
الفت
عبداللطيف جي
اندر
ڪئي
اوطاق،
تاڙيون
ڏيئي طاق
جانب
ويٺو جي
۾
الفت
عبداللطيف جي
سبق
سيکاريا
سي
ڏيھه
ڏيکاريا جي
اڳ
نه ڏٺا
ڪڏھين
مستي
۾
اچي
چوي
ٿو
ته
عبدللطيف مان
پاڻ
آھيان سندس
مون
۾
واسو آھي،
ڪنھن
مھل
سرئي غيبي
ٿو
آلاپي؛
1. آئون بدن
ڀٽ
ڌڻي جو،
پاڻ
منھنجو پساھه،
ڄاڻي
ھڪ الله
ته
رتي ناھه
روات
جي
2. احسان
عبداللطيف جو آھي، ڌريون ھڪ دڪان
ڄاڻي رب رحمان، ته رتي ناھه رواج جي.
3. آگي
عبداللطيف
جو
مون
۾
واحد
ڪيو
وجود،
مالڪ
ڄاڻي معبود
ته
رتي ناهه
روات
جي.
4. جتي آسڻ عبداللطيف جا اتي راضيءَ جو رتول،
مونکي
ماروءَ
ڍول،
ڪيو
حوالي حق
جي
پڙھندڙ
ڏسندا
ته
ڪيئن اڃان
تائين شاھه
جا
آھڙا مريد
اھن
جي سندس
نوراني صورت
۽
معرفتي مورت
تي
تصور
ڪندي
ڪنھن مھل
ساڳئي شاھه
واري
چشمي منجھان
پڪون
پي مست
ٿيو
وڃن،
پوءِ کڻي عام
ليکي
جاھل ۽ اڻ
پڙھيا ٿا سڏجن
ھي
ڪھڙو
وديا
جو سرشتو
چئبو؟
راضي
فقير
ڪنھن مھل
ته
بلڪل
ڊيڄاريندڙ
ڪلام ٿو ڪڍي سندس
خيال
سان سڀ
مومن
ڪين
راضي
ٿيندا، نڪي
ساڻس
ھر
ڪو
شامل
ٿيندو، پر
اڃان
تائين ھنن صوفي
فقيرن ۾ ڪو الحد
ڇوٽ
خيالي آھي،
جي
ثابتي راضي
جي
ڪن
ھيٺين
بيتن مان
معلوم
ٿيندي.
نڪا
مڙسي
مسلمانن
۾،
نڪو
ھندو
۾
حال
مايا
ڇڏيو مال،
ھلن
نٿا
حق تي
واھگروءَ
تي وٺ
ڪلمي
لاقھر،
آھي
ڪا پھر،
چوي
سچ سڀن
کي
گيتا
پڙھڻ گناھه
پوٿي
پڙھڻ پٽ
سا نه سڃاڻن سٽ جنھن مان پسڻ پرميشور
کي.
گنگا
تي
ڪيم
لھن،
نڪي
مڪي
مدايون
ٿين
معاف،
جن
سينو
ڪيو
صاف،
تن
کان
پاڻھي
پاپ
پري
ٿيا
گنگا
وڃن گيدي،
مڪي
وڃن مردود
سو نه
ڪن
سجود،
جنھن
مان
پسڻ
پرين
ءَ
کي
ھن کان پوءِ
راضي
جي ڪلم تي
آءُ
ڪھڙي
ٽيڪا
ڪريان!
ڇيتي
ڀڳت،
الله
بخش بھشتي
۽
راضي
ساڻ رھاڻ
ٿيم،
پر
الله بخش
چيم
ته ھل ته
توکي
ھڪ
ڀينرڙي
جو راڳ
سڻايان
20
ورھين
جي
اھا ڀيڻ غريبڙي
نماڻي، سياھه
ڊريس
۾
ھئي،
ماءُ
سان گڏ
رھيل
ھئي
راڳ جھيڻي
آواز
نھايت خاصو
ٻڌايائين.
تخلص
ھو
”جمال‛‛ جو
پاسيرو ٿي الله
بخش
کان
پڇيم ته
اھو
جمال
ڪھڙو چيائون
اھا
جمال خاتون
پاڻ
اٿئي. مون
ماٺ
ڪئي
۽
اڃان حيرت
۾
آھيان ته
ڪھڙا
مخفي
مڪتب آھن
جتي
”ڄٽي
لڌو ڄاڻ‛‛! |