سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  وساريان نه وسرن

باب-

صفحو :11

نارو ڀڳت جڏھن مون ڏٺو ھو تڏھن سندس عمر لڙي چڪي ھئي. پٽس به نوجواني مان وک کڻي جواني جي ميدان ۾ پير پائي چڪو ھو. ڀڳت صاحب بت ۾ ڀريل ھو قد جو وچٿرو پاڻ پٽڪو لاھي ھيٺ رکندو ھو ۽ سندس وار کلي پوندا ھئا لباس اڪثر اڇو پھريندو ھو. گُر مڪائڻ وقت اٿي بيھي ڦرڙي پائي پڪوازي ڏي منھن ڪري وڏي سر تاڻ ڪندو ھو ته ويٺل ماڻھن ۾ اصل ھوڪريا پئجي ويندا ھئا. طبيعت جو سادڙو پر چيڙاڪ. چيڙاڪ شايد انھي ڪري ھو  جو عمر وڏي ٿي وئي ھئس. اڪثر ڳائيندي ڳائيندي به انھي چڙ جو اظھار ڪري ويھندو ھو. ٽيئون تڪڙ ڪري ڪو بيت کنيو ته اتي ئي دڙڪو ڏيندو ھوس. پڪوازي زوار لونگ مرحوم کي به ڇنڀيندو ھو پر سندس ڳالھه ڪو به دل ۾ نه ڪندو ھو. نارو ڀڳت جي ڳائڻ ۾ ھڪ خاص ادا ھئي ۽ اھا ھئي ته اسٽيج تي ڪيڏو به وڏو ماڻھو ويٺو ھجي آڏو ماڻھن ۾ ڪير به براجمان ھجن ھو ان جي پرواھه ڪانه ڪندو ھو. ھو بس پنھنجي ۾ مست ھوندو ھو انھي جو کيس احساس نه ھوندو ھو ته سندس ڪلام پسند ڪيو به وڃي پيو يا نه ھن کي فقط اھو خيال ھوندو ھو ته ھو لطيف جي پڙھه ۾ آھي. ۽ انھي جي چوڪي پيو ڏي. سندس حاضري ان درتي اگھائجي بس اھو جذبو ۽ احساس ھن ۾ ھڪ عجيب قسم جي توانائي پيدا ڪندو ھو. اڄ اسان ڏسون ٿا ته اسان جا مڙئي راڳائي ماڻھن جي پسند نا پسند جو خيال رکندا آھن ۽ پنھنجي عام مقبوليت خاطر عام بيت ۽ ڪلام چوندا آھن پر نارو ڀڳت ان ڏس ۾ بنھه بيپرواھه ھو وڏي عمر ڪري ماڻھو سندس عزت به ڪندا ھئا ۽ گھڻو ڪري سندس جذبي ۽ احساس کي ڏسندي دل سان ٻڌندا ھئا. يقيناً اڄ جو دور مختلف آھي چلتي وارو زمانو آھي راڳ رس ٻڌڻ وارن جاماڻ ۽ معيار ريڊيو ٽي وي ۽ ڪيسيٽن جي ڪري بنھه مختلف بنجي ويا آھن شھرت به آسان آھي، پر ان دور ۾ نه ريڊيو جي شھرت ھئي نه ٽي وي جي لطيف جي ورسي جي موقعي تي راڳ ھلڻ ڄڻ ته ماڻھن لاءِ سڄي سال جي غذا ھئي. انھي روح جي غذا جي لاءِ سڀ عام توڙ خاص دل جي حضور سان لطيفي راڳ ٻڌي دل جو سڪون حاصل ڪندا ھئا. ڳائڻن ۽ وڄتن کي به گھڻي طمع نه ھئي عقيدت ھئي، ان لحاظ سان ھو بيپرواھه ھئا ۽ بيپرواھي سان ڳائيندا ھئا ۽ نارو ڀڳت انھي سرواڻ جو ڳائڻو ھو. ڀٽ شاھه جي 213 عرس سنه 1964ع ۾ نارو ڀڳت بنھه پيرسن ٿي چڪو ھو پر پاڻ کڻائي به اچي حاضر ٿيو. سندس ڏند ڀڄي چڪا ھئا آواز ۾ اھو زور نه ھئس اٿڻ ويھڻ ۾ لاچار. کيس محبت ۽ عزت سان عرض ڪيم ته ”ڀڳت صاحب! آرمي ٿيو راڳ ڀلي ٽيئون ڳائي‛‛ ھڪ ڀيرو ھن ياسيت جي عالم ڏانھن مون ڏي ڏٺو ٻي گھڙي ھن جي اندران جوان جماڻ نارو ڀڳت اکين مان نڪري نروار ٿيو چي تون ڇا سمجھين آءُ ڪونه ڳائي سگھندس. آءُ ڪيئن نه ڳائيندس ضرور ڳائيندس لطيف جي چوڪي آھي. ضرور ڏيندس. ھڪ ئي ساھه ۾ نھايت جوش ۽ اتساھه سان ھو اھو سڀ ڪجھه چئي وڃي پار پيو مون کان وڌيڪ ڪڇيو ڪونه ٿيو پڇيو مانس ڀڳت ڳائيندين ڇا؟ چيائين ته لطيف ڳائيندس. ان کان پوءِ ھو چپ ٿي ويو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب سندس اچڻ جو اعلان ڪيو، لٺ ھٿ ۾ ھئس گرمي جا ڏھاڙا ھئا ڪوٽ پھريل آھستي آھستي وکون کڻي اسٽيج تي پھچڻ کان ٻاھران پاسي لٺ ڦٽي ڪري ٽيئون کان ٻانھن ڇڏائي پنھنجي پيرن تي تيز وکون کڻي اچي اسٽيج ڀيرو ٿيو. ۽ ھن ڀيري نھايت دل سان سچائي سان سھڻي مان لطيف جي وائي آلا پيائين.

”مدت ٿي ميھار يار، ساھڙ ساھڙ سير ۾.‛‛

آواز سندس ساٿ نه پئي ڏنو پر لفظن جي ادائگي ٻاڏائڻ وارو رنگ ھو رکي رکي اُھي جھونيون ھلڪون ٿي  ڪيائين ٻانھن جون اڇلون ٿي ڏنائين ۽ ٽيئون توڙي زوار لونگ کي دڙڪا به ٿي ڏنائين . ڪلام کان پوءِ سامھون لطيف جي روضي کي ھٿ ٻڌي ائين سلام وراڙڻيائين ڄڻ کائنس موڪلائيندو ھجي ۽ اھا سندس ڀٽ تي آخري رھاڻ ھئي. ان کان پوءِ ھڪ ڀيرو ڀٽ تي آيو پر ڳائڻ جھڙو بنھه ڪين ھو تڏھن ٽيئون وارن سان گڏجي وڃي ويٺو من گھڻو ئي اڇلون ڏنس ته ڳائي پر 76 ورھين جو پوڙھو پنھنجي جذبن جي جوان ھئڻ جي باوجود آواز کان مات کائي ويو ھڪ اڌ بيت ڏنائين بس اھو آخري ڀيرو جو سنڌ جي صوفي راڳ جي ٻڌندڙن نارو ڀڳت کي ڏٺو ۽ ٻڌو.

نارو ڀڳت اصل ٿاڻي احمد خان جو ويٺل ھو پرپوءِ آخري عمر ۾ لڏي اچي ٿاڻي بولا خان ۾ رھيو. ان جي واپار ڪندڙ سيٺي آلومل جي گھر ۾ سندس جنم سنه 1889 ڌاري ٿيو. نارو مل سندس نالو رکيو ويو ننڍي وھي کان صوفيانه خيالن جو ھو. حيدرآباد جي مشھور جھانيا پوٽه شاعر: درويش سائين قطب شاھه جي درگاھه سان سندس عقيدت ٿي: انھي رنگ سندس روح کي اصل رنگي ڇڏيو. جيتوڻيڪ سندس ڪرت اُن جو واپار جو پر ھن جنھن ٿوري کي ڦولھيو ھو اتي حساب ڪتاب جي ڳالھه ڪانه ھئي. اتان جي لڳل جھوري ھن کي سنڌ جي لاثاني شاھه لطيف جي درگاھه جي واٽ ڏيکاري. ھن شاھه جو ڪلام تمام گھڻو ياد ڪيو ۽ ان کي اھڙي دل سان ڳائيندو ھو ماڻھو مٿس موھت ٿي پوندا ھئا. سنڌ جي ھن صوفي ۽ درويش صفت ڳائڻي 16 ڊسمبر 1966ع تي ھن جھان مان لاڏاڻو ڪيو.

ڀڳت نارو ، سنڌ جي عام صوفيانه رنگ واري راڳ جي اھا آخري علامت ھو، جنھن پنھنجي آواز ۽ آلاپن ٻولي توڙي ڪلامن  ۾ رڳو عشق ڳايو. عشق ۽ عقيدت سندس زندگي جو مول ھو ھو ھڪ اھڙو سنڌي سچو صوفي ھو جنھن وٽ ذات پات جو ڪو ويڇو ئي نه ھو انسان سڀ سھڻا ۽ سٺا آھن اھو ھن ڌرتي تي پالڻھار طرفان ھڪ املھه ۽ اعلي سوکڙي آھي. ان سان پيار ۽ پاٻوھه سان پيش اچڻ ڄڻ ڌڻي جي آسيس حاصل ڪرڻ برابر آھي. سنڌ جي سرزمين جي اھا سچي سرھاڻ نارو ڀڳت جي روح ۾ اصل رتل ھئي ھونئن نه اسان جا اڪثر فقير انھي ئي رمز ۾ رھيل آھن پر نارو جي ڳالھه ٻي ھئي. وڏي عمر ھئڻ جي باوجود به ھن پنھنجي ڳائڻ واري عشق سان ناتو نه ڇنو ھڪلون ڪري، اٿي بيھي نچڻ ۽ ان ۾ ڪنھن به قسم جو عار محسوس نه ڪرڻ اھو نارو جو ئي وڙ ھو. اڪثر چوندو ھو ”ابا مرزان اھو عشق آھي. جيڪو ٿو نچائي نه ته اسان ۾ ڪو افعال اھا عشق کي ئي شاباس آھي جو ڌڻي تائين ٿو رسائي بنا عشق جي به ڀلا ڪا حياتي!‛‛

شايد لطيف سائين اھڙن ئي عاشقن لاءِ چيو آھي ته:

عاشق الله، ويرو تار نه وسري
آھه
ڪريندي ساھه، ڪڏھن ويندو نڪري

نارو جي وفات کان پوءِ سنڌ جي ڀڳتائي نوع جي راڳ جو دروازو جھڙو ڪر بند ٿي ويو. ھونئن ٻيا ڪي ڀڳت آھن جيڪي اڃان به اھا باھڙي دکايو ويٺا آھن پر نارو جيڪا رمز ڇڏي ويو سا وري اسان ڪنھن ڀڳت ۾ نه ڏٺي. سندس پٽ ٽيئون کي ڀٽ جي ميلي تي سدائين سڏ ڏبو ھوتھر سال ايندو ھو ۽ بنھه فقيراني طبيعت جو ماڻھو ھو. ڳائڻ جو ايڏو ڪو چاھه ڪونه ھئس پر پيءُ جي وئي پوءِ سندس راڳ واري گادي تي ويٺو ته ان جا ھڻ لڇڻ به پنھنجي ڪيائين ڳائڻ مھل ھڪلون ۽ اڇلون ڏيڻ شروع ڪيائين. ڪافيون ڪلام به پيءُ وانگر ڳائيندو ھو. ھڪ ڀيري حميد آخوند ڪنھن سانگي سان وڃي ٿاڻي بولاخان نڪتو وڏي چاڪري ڪيائين مون کي اڪثر چوندو ھو ته منھنجي غريباڻي ڪکن تي پير ڀري وڃ ٿاڻي بولاخان جي موسم جا بيان ڪري ريجھائيندو ھو. پر منھنجي نصيب ۾ شايد ڀڳت ٽيئون جي تڏي جي مڙسي ڏسڻ نه ھئي. چون ٿا ته تڏي جو مڙس ھو پيءُ جي ٻاريل مچ جي دونھين مڙئي دکايو ويٺو ھوندو ھو راڳ ويراڳ به ڪندو ھو مجلسون به مچائيندو ھو ڀلن پٺيان ڀلا ڪي ڪي ٿيندا آھن. نارو جو پٽ ٽيئون به ڀلو انسان ھو 1988ع جي شروعات ۾ ٽيئون به ھن جھان مان لڏي ويو خبر ناھي ته ٿاڻي احمد خان ٿاڻي بولاخان ۾ ھاڻي اھا فقيراڻي رمز آھي به يا نه اھا دونھين اڃان دکي پئي يا بنھه اجھامي وئي آھي.

سامين سمر سور، گوندر گبرين ۾
جوڳي
جڙيا جان سين پيغامن جا پور
آديسي
آسور وڄائي واٽ ٿيا
 

نچ ناچو اٿئي ويل نچڻ جي

فقير يار محمد

ڳالھه پئي ھلي عشق جي، عشق ڪرڻ ۽ ان جي منزل کي رسڻ جي ۽ اھو به سنڌ جي انھن فقيرن جي جن وٽ سچي عشق بابت ڪجھه انھي نموني جو تصور آھي ته:

عشق ناھي راند، جيئن کيڏن ڪي ڳڀرو
جيءُ،
جسي ۽ جان جي، ڀڃي ٿو ھيڪاند
سسي
نيزي پاند، اڇل ته اڌ ٿئي

اھڙي تصور جي باوجود سنڌ جا سريلا ۽ سيبتا ۽ سچا فقير انھي پڙ ۾ پير پائي پيا ملھائڻ جا سدائين ڪوڏيا. پرين کي پرچائڻ ۽ ريجھائڻ لاءِ ھنن جي ھٿ وس جيڪي ڪجھه آھي ڪري وڃي پار  پوندا آھن. ڪي لڪائين لوڪ کان ته ڪي وري سج چنڊ وانگر پڌرا ڪن جا منھن مونن ۾ ته وري ڇيرڙيون پائي پريت واري پڌر ۾ ڪاھيو پون، ۽ ظاھر ٿي پون ”ته نچ ناچو اٿئي ويل نچڻ جي وري نه ملندءِ وار‛‛ واري تنوار وڃي بيھي ٿي. اھا سنڌ جي سماج جي رسم آھي اڪثر فقيرن ان تي دل جي سچائي سان عمل ڪيو. انھن مان ھڪڙو اسان جو مست الست فقير، فقير يار محمد ھو. فقير يار محمد جا ڪيئي نالا ھئا، يار علي فقير، فقير سائين يارل سائين، پراصل ھو يار محمد خان مري. کپري تعلقي جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪاٺوڙ جو رھندڙ چئن سون ايڪڙن جو مالڪ راڄ ڀاڳ وارو، پر محمد فقير کٽياڻ جي لنو۾ جيئن گيڙو جامو پاتائين ۽ پيرن ۾ ڇيريون پائي يڪتارو چپرون کنيائين سي حياتي جي آخري ساھه تائين اھو ئي ثمر ساڻ ھئس شايد.

بيکاريءَ کي بر ۾ ويو ڪيف چڙھي،
ڳالھيون
ڪندي ڪاڪ جون، ڳوڙھا پيس ڳڙي،
ڪاجا
انگ اڙي جيئن ڇٽا ڦٽ ڇڙي پيا.

ازل جي انھي اڙيل انگ کيس سنڌي صوفياڻي راڳ واري جنسار ۾ ٻين مڙني کان جدا ڪيو ۽ جتي به ھوندو اتي مڙني کان مفرد ۽ نمايان پيو لڳندو ھو. آواز ڪو اھڙو چڱو نه ھئس پر سندس ڳائڻ ۾ عشق جون الوليون ھونديون ھيون. بس ھٿ ڪڍبا ھئا ته پاڻ ڪلام کي اصل جھٽي وٺندو ھو. ڳائيندو به ھو ته ڦيرڙيون به پيو پائيندو ھو. ھو جنھن وجد ۽ مستيءَ ۾ ڳائيندو ھو تنھن مان ائين لڳندو ھو ته فقير صاحب ڪنھن داد يا گلا واري منزل کان مٿي ھجي بيپرواھي سان ڪلام ڪڇي وڃي پار پوندو ھو. چوندو ھو ته ”سائين جي سرچائڻ ۽ عشق کي پرچائڻ لاءِ پنھنجي اندر جي آسيس جي گھر جي آھي‛‛ دنيا ۾ فقيرائي رنگ کي سمجھڻ ڏاڍو ڏکيو آھي عشق قائم، صدقي حضرت عشق تان ۽ ”لڄين ڀرم،‛‛ سندس تڪيه ڪلام شايد انھي نظريي سان ئي ھئا اھي نينھن ڀريا نعرا سندس ئي منھن تي سھڻا ۽ مناسب لڳندا ھئا. ڪي يار دوستار، سندس انھن ڪلمن جي اھل ڪندا ھئا ته اوپرا اجايا لڳندا ھئا اھو رنگ ۽ انداز کيس ئي سھندو ھو. ھڪ ڀيري اوچتو کاھي لڳ سندس ڳوٺ ڪاٺوڙ وڃڻ جو موقعو مليو اسان کي ڪنھن تقريبن لاءِ محمد اسماعيل ھڱوري مرھيات جي ضرورت ھئي. ڳالھه بنھه تڪڙي ھئي ان ڪري ھڪ جيپ ھٿ ڪري روانا ٿياسين. فقير جي ڳوٺ جو ھڱورو مرحوم وٽس ئي رھندو ھو. اسان اڻ سونھان ڊرائيور به ميرپور کان اڳتي ڪيڏانھن نه ويل ھو. پر الله تھار ڪري پڇائيدا پڇائيندا، رات جي پيٽ ۾ کائي ڀيڙا ٿياسين اھو فجر جو وقت ھو کاھي مان خبر ملي ته فقير جو ڳوٺ اڃان سڏ پنڌ پري آھي. ڪچا پڪا پيچرا لتاڙي، صبح جو سويل اچي فقير جي ڳوٺ ڪاٺوڙ کي اکين ڪيوسين خبر پئي ته فقير صاحب اندر گھر ويو آھي چي اجھو ھينئر گھر ڏي ويو آھي رات ھتي رھاڻ ھئي فقير سائين سڄي رات سنگت سان چوڪي ڏني آھي توھان جي خبر رسائي اٿئون. ھونئن ته اسان جي لڏي ۾ فقير يار علي يارل سائين گيڙو جامي ۽ ڇيرن وارو فقير ھو پر پنھنجي تر ۾ ھو وڏي مان شان وارو انسان ھو. سڀ ھمراھه سندس نالو عزت سان وٺڻ وارا ۽ سندس ڳالھه کي ڄڻ حڪم سمجھڻ وارا خير اسان منھه ۾ نکن تي ويٺاسين مون ڀرپاسي نھاريو جنھن منھه ۾ اسان جو ديرو ھو، اھو فقير جي گھر يا حويلي کان ٿور پرڀرو کلئي ميدان ۾ اھو فقير صاحب جي ويراڳ جو ماڳ ھو. منھه ۾ يڪتارا، گھڙا ۽ پڪوازون موجود ھيون وچ ۾ مچ جي جاءِ جنھن مان اڃان به دونھن پي دکيو ۽ گذريل رات جي رنگ جا ٿڪ اھڃاڻجھ پئي ڏنائي اھو مچ ڄڻ ته اسان جي تمدني زندگي جو اھو اھڃاڻ آھي جيڪو ازل کان انسان جو ساٿي ۽ شريڪ رھندو پئي آيو آھي. باھه روشني جي علامت به آھي ته ماڻھو جي سجاڳيءَ جي ساڃھه به اسان جون ڪچھريون رھاڻيون انھي مچ تي مچن ھٿ به سيڪجن ته ٽوپي ٽانڊو به ٿئي اھي دونھيون ۽ باھيون اڄ ڪن ڪن جاين تي نظر اچن ته حيرت ٿئي ٿي. پر ھن جديد دور ۾ اسان جي ساڃھه ڀرين سدورن سانگين انھي پر کي سلامت رکيو آھي. شايد اھڙن ئي ھمراھن لاءِ لطيف چيو آھي ته:

ڀنيءَ ٿيون ڀڙڪن باھيون بيراڳن جون،
ھلو
ته سيڪيون ھٿڙا، مٿي تن مچن،
مُلا
سناسين، مون جڙ لڳي جان ۾،

ڳالھه ھلي پئي فقير يارل سائين جي منھه مچ جي، فقير صاحب سنڌ جي انھي جھوني ريت کي اڃان سلامت رکيو پئي آيو. ايتري ۾ ڪنن تي ڇيرن جو آواز ٻريو ڏسان ته فقير صاحب پيرين اگھاڙو، تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو اچي منھه ڀيڙو ٿيو: ساڻس به وڏا پٽ به ھئا، اٿي ملياسين، فقير ۾ حب جا ڪي مڻ ھئا. ڀاڪر پائي، ڳراٽڙيون ڏيئي صدقي حضرت عشق تان عشق قائم، جا نعرا ھڻي اسان کي ويھڻ جو چيائين انھي ٿوري وقت ۾ نکن جي مٿان ناري بليون رليون وڇائجي ويون، ٽيڪ لاءِ ويھاڻن جا ٿھا لڳي ويا ائين ئي ھڪڙي لحضي ۾ فقيراڻي اواتاري مان وڏيرڪي اوطاق جو ڏيک ظاھر ٿيو. خوش خير عافيت کان پوءِ حال احوال تي آياسين ته فقير چيو ته ترسو سائين سڄو ڏينھن پيو آھي حال احوال ڏين وٺڻ لاءِ سڀ ٿيندو، پھرين ننگر فقر، پوءِ ٻيون ڳالھيون. اسان روڪڻ ۾ پورا ته فقير سائين تڪڙا آھيون اڳيان منزل به آھي چي ڏاڍ مڙسي نه ڪريو. پھريون ڀيرو لنگھي آيا آھيو گھڙي پھر ساھه پٽيو ايتري ۾ چانھه اچي وئي اڃان پي دنگ ڪئي سين ته وڏن ٿن م سيون، پينھون، آنا، اڦراٽا، مکڻ، ماکي ۽ مھي کڄي آئي. اسان کي پوئتي جي اون فقير کي کارائڻ جي ڌم، کائي ڍؤ ڪيوسين تڏھن حال احوال ورتائين چيائين، ”ڀلي ڪري آيا اجھو فقير کي سڏايون ٿا، رات ھتي ھو صبح جو پنھنجي ڳوٺ ويو آھي‛‛، ائين چئي ھڪ ھمراھه کي اشارو ڪيائين اڌ ڪلاڪ م مرحوم محمد اسماعيل ھڱورو اچي حاضر ٿيو اسان کڻي جيپ ۾ وڌس ائين موڪلائڻ جي ڪئي سين ته فقير يار محمد وڏيون ميارون ڏنيون چي مانجھاندو ڪري وڃو ڏاڍ مڙسي ٿا ڪريو. فقيراڻو ننگر ڇڏي نه وڃو. ھٿ ٻڌي معافي وٺي موڪلايوسين فقيردل وارو ۽ دل جو ڌڻي ھو پر ڏٺم اسان واري ڳالھه کيس نه وڻي پر لاچار اسان جو عذر قبول ڪري موڪل ڏنائين.

فقير صاحب سان گھڻي حجت ھئي، چرچا گھٻا به ٿيندا ھئا، پاڻ به نقل نظير ٻڌائيندو ھو پاڻ سياڻو سگھڙ ۽ سنئون سڌو شاعر به ھو اڪثر ميلن ملاکڙن تي پڇندو ھو سانس ته فقير صاحب ڪھڙو ڪلام ڪڇبو؟ ته چوندو ھو ته فقير جو ھن ميلي بابت ڪلام جوڙيل آھي اصل اجھو رات ۾ خيال آيو آھي ڀيروي مان چوندس. تنھنجو به نالو کنيو اٿم نبي بخش خان جو نالو به آھي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو سدائين ائين نالو کڻندو ھو آءُ کلي چوندو ھوسانس ته فقير سائين اھو ڪلام واندڪائي ۾ ٻڌنداسين حالي توھان ڪلم چؤ ”ڪيتاسر نيزي تي نظارا وي يار‛‛ فقير فوراً چوندو ھوته ”صدقي حضرت عشق تان حاضر جيڪا سنگت جي صلاح‛‛ لطيف جي ھڪڙي عرس 1967ع تڏھوڪو مغربي پاڪستان جو گورنر جنرل موسيٰ صاحب مھمان خصوصي ھو. فقير صاحب ان جو موقعي تي اھو ڪلام چيو ۽ واھه جو چيو اھڙي سرمستي ۽ وجد واري ڪيفيت فقير تي ڪڏھن ڪڏھن طاري ٿيندي ھئي. اصل سڄي محفل کي ڄڻ پاڻ سان نچائي ڇڏيائين. مھمان خصوصي به فقير جي اندازي کان متاثر ٿيو جو اتي ھلندي محفل ۾ ساڻس مليو ۽ کيس جھجھو جھجھو داد ڏنائين. پڇيو مانس فقير سائين ڏيو خبر اڄ خير؟ چيائين ته ”مرزا صاحب بس مھل ھئي ڳالھه پڇي آئي خبر پاڻ کي به ڪانه پئي ڪلام چئي وڃي پار پياسين. رھي گورنر صاحب جي ساراھه ته اھا ھن جي مھرباني اسان پنھنجي پرين کي پرچائڻ لاءِ ٿي ڳايو شل ڪو انھي کي رحم پوي. ‛‛

پيار محبت سندس وڙ ھو مجاز جي دنيا جو وڏو مسافر ھو ۽ موئن جي دڙي بچائڻ واري رٿا جي سلسلي ۾ جرمني جي شھر بون ۾ سنڌي سلوڪ موسيقي جي محفل ھئي حميد آخوند صاحب انھي وفد جو اڳواڻ ھو ٻين سان گڏ فقير صاحب به ھو. ڳالھه ٿا ڪن ته حميد آخوند صاحب ھنن ھمراھن کي نيرن يا مانجھاندي لاءِ ھڪ مسلمان جي ريسٽورنٽ ۾ وٺي ويو اتي ھڪڙو نوجوان ترڪ ڪم ڪرڻ وارو ھو. چون ٿا ته جون ۾ حسن جا اصل تجلا ھئا ٻيا فقير ائين پريان ڏسندا رھيا فقير يار علي صدقي حضرت عشق تان جو نعرو ھڻي ڇوڪري کي ڀاڪرين پيو. چي ”اسان جو مسلمين ڀاءُ آھي ھتي الائجي ڪيئن اچي ڪذن جي ملڪ ۾ ڦاٿو‛‛. موٽندي پوءِ ڏينھن  تائين ٻيا فقير انھي ڳالھه جي آڙ وٺي پيا کلندا ھئا پر فقير جي ھڪ ڳالھه ته ”ابا کلندن تا خير اسان تي مجاز جو غلبو ٿيو پڌرا ٿي پياسين باقي چڱا اھي به نه آھن جيڪي کلن ٿا اندر جو سور اندر ۾ رکيو پيا اچن اسان کي محبوب جي ڀاڪڙي پائڻ ته نصيب ٿي صدقي حضرت عشق تان‛‛.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org