سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: پرديسي پادري

 

صفحو :9

باب تيرهون

 

مسٽر برچل جي باري ۾ هڪ غلط فهمي

 

اسان جي ڪٽنب هاڻي خوش وضع ٿيڻ جون گهڻي ئي ڪوششون ڪيون، پر ڪنهن نامعلوم مصيبت هر ڪنهن ڪوشش کي اڀرندي ئي ختم ڪري ٿي ڇڏيو، منهنجي ڌيئرن جون اميدون خاڪ ۾ ملي ويون هيون، تنهن ڪري سندن عقل سليم کي سڌارڻ لاءِ مون هر ڪنهن نااميدي مان فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، مون چيو، ”منهنجا ٻچا هاڻي اوهان کي معلوم ٿي چڪو آهي، ته دنيا تي پاڻ مڃائڻ جي ڪوشش ڪرڻ وسيلي پاڻ کان وڏن سان همسري ڪرڻ ۾ ڪيترو نه ٿورو حاصل ڪجي ٿو، اهي غريب، جي شاهوڪارن کانسواءِ ٻئي ڪنهن سان ميلاپ نه ڪندا، انهن کي اهي ماڻهو ڌڪاريندا، جن کان پاڻ نٽائيندا، ۽ اهي جن جي پاڻ پويان لڳندا، سي کين ڪين جهڙو ڪري سمجهندا، ناموافقت واريون دوستيون هميشه ضعيفن پاسي لاءِ نقصانڪار آهن، شاهوڪارن کي عيش عشرتون نصيب آهن ۽ غريبن کي عيشن ماڻن لاءِ اهي تڪليفون سهڻيون پون ٿيون، جي انهن جي پيدائش آهن، منهنجا پٽ! ڊڪ اچ ۽ سڀني رفيقن جي ڀلي لاءِ اها آکاڻي وري ٻڌاءِ جيڪا تو پئي پڙهي.

ڊڪ چيو ”هڪ دفعي جي ڳالهه آهي، ته هڪ جن ۽ هڪ ڄامڙو پاڻ ۾ دوست هئا ۽ پاڻ ۾ گڏ گذاريندا هئا، هنن پاڻ ۾ انجام ڪيو ته بهادريءِءَ جي ڪمن جي ڳولا ڪندا رهندا ۽ ڪڏهن به هڪ ٻئي کي ڪين ڇڏيندا، سندن پهرين لڙائي ٻن مسلمانن سان ٿي، ڄامڙو جو زياده همٿ وارو هو، تنهن ڪاوڙ ۾ ڀرجي، انهن ٻنهي جوڌن مان هڪ کي زور سان ٺونشو هنيو، انهيءَ ڌڪ ان مسلمان کي تمام ٿورو زخم پهچايو ۽ هن تلوار جو وار ڪندي غريب ڄامڙي جي ٻانهن مڪمل طرح ڪپي ڇڏي، ان وقت هي هڪ دکدائڪ حالت ۾ هو، مگر جن سندس مدد لاءِ آيو ۽ ٿوريئي وقت ۾ ٻنهين مسلمانن کي اتيئي ماري ڇڏيائين، ڄامڙي ڪاوڙ ۾ انهن مان هڪ جو سر وڍي ڇڏيو، ان کانپوءِ هو ڪنهن ٻئي بهادريءَ جي ڪم جي ڳولا ۾ اڳتي روانا ٿيا، واٽ تي سندن لڙائي انهن ٽن خوني ٻانڀن سان ٿي، جي هڪ ڪنواريءَ ڇوڪريءَ کي برباديءَ طرف کنيو پئي ويا، ڄامڙو هاڻي اهڙو جوشيلو نه هو، جهڙو اڳ هو، پر انهيءَ هوندي به هيءِ ئي هو جنهن اول هنن مان هڪ کي ڌڪ هنيو جو ٻئي وري موٽايو، جنهن هن جي اک ڪڍي ڇڏي، اهو ڏسندي جن انهن سان مقابلي لاءِ تيار ٿي ويو ۽ جيڪڏهن هو ڀڄي نه وڃن ها، ته هوند سڀئي قتل ٿي وڃن ها، هن فتح تي کين ڏاڍي خوشي ٿي، ۽ نوجوان ڇوڪري جا آزاد ٿي هئي، اسان جن تي عاشق ٿي پيئي، ۽ ساڻس شادي ڪيائين، هو هاڻ ايترو ته گهڻو پري ويا، جنهن جو آءٌ بيان نٿو ڪري سگهان، آخر ڦورن جي هڪ ٽوليءَ کي اچي گڏيا، هيءَ ئي پهريون دفعو هو، جنهن ۾ جن اڳيان ٿيو، پر ڄامڙو به ڪو گهڻو پويان ڪو نه هو، لڙائي تمام سخت هئي‏، ۽ گهڻو وقت هلي جتي به جن آيو ٿي اتي اهي سڀئي ڪري ٿي پيا، پر ڄامڙو ڪيترائي ڀيرا قتل ٿيڻ تي هو ، آخر فتح ٻنهين جانبازن جي پڌري ٿي، پر ڄامڙي پنهنجي ٽنگ وڃائي، هاڻي ڄامڙي کي هڪ اک، هڪ ٽنگ ۽ هڪ ٻانهن ڪا نه هئي ۽ جن کي هڪ به زخم ڪو نه هو، جنهن تي جن پنهنجي ننڍڙي ساٿيءَ کي واڪو ڪري چيو، ”منهنجا ننڍڙا بانڪا! هي هڪ شاندار تفريح آهي، اچو ته هڪ وڌيڪ فتح حاصل ڪريون ۽ پوءِ اسان کي هميشه لاءِ عزت ملندي.“ ڄامڙو جو ان عرصي اندر وڌيڪ سياڻو ٿي چڪو هو، تنهن جواب ڏنو، ”نه ته مون بس ڪئي، آءٌ وڌيڪ ڪو نه وڙهندس، ڇا ڪاڻ ته آءٌ ڏسان ٿو ته سڀ ڪنهن لڙائي ۾ تون جملي عزت ۽ عيوضا حاصل ڪرين ٿو، پر سڀئي ڌڪ منهنجي نصيب ۾ آهن.“

اڃا آءٌ هن آکاڻيءَ وسيلي نصيحت سيکارڻ وارو هوس ته اسان جي توجهه اسان جي ڌيئرن جي شهر ڏانهن وڃڻ جي سوال تي ”مسٽر برچل“ ۽ منهنجي زال جي وچ ۾ ٿيندڙ گرم جهڳڙي ڏانهن ڇڪجي وئي، منهنجي زال گهڻي جا نفشانيءَ سان انهن فائدن تي زور ڏنو، جن جي حاصل ٿيڻ جي اميد هئي، ”مسٽر برچل“ گهڻيءَ گرم جوشيءَ سان کيس سمجهائي باز آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ آءٌ غير جانبدار رهيس، ”مسٽر برچل“ جون اهي ارادي تان لاهڻ واريون هدايتون، انهن هدايتن جو صرف ٻيو حصو ڏسڻ ۾ آيون، جيڪي صبح جو تمام اڻ وڻندڙ نموني ۾ گوش گذار ڪيون ويون هيون، تڪرار ايترو ته گهڻو وڌيو، جو غريب. ”ڊيبورا“ مضبوط دليلن ڏيڻ بدران وڏي سر ڳالهائڻ شروع ڪيو، ۽ آخر شڪست کان بچڻ کان اجهي وٺڻ تي مجبور ٿي پيئي، تنهن هوندي به سندس شد مد سان ڳالهائڻ جو نتيجو آخرڪار اسان جي لاءِ اڻ وڻندڙ ٿيو، هن چيو ”مون کي ڪن ماڻهن جي خبر آهي. جي جيڪا به صلاح ڏين ٿا، تنهن ۾ کين ڪي نه ڪي ڳجها مقصد آهن، منهنجي مرضي آهي، ته اهڙا ماڻهو آئينده لاءِ اسان جي گهر کان پري هجن،“ ”برچل“ نهايت جميعت جي نگاهن سان جي ”ڊيبورا“ کي وڌيڪ گرم ڪرڻ جو باعث هيون، چيو، ”بيبي صاحب، جيتري قدر ڳجهن سبب جو سوال آهي ته ان ۾ تون صحيح آهين، مون کي ڪي ڳجها سبب آهن، جن کي بيان ڪرڻ کان آئون پاڻ کي روڪيان ٿو، ڇا ڪاڻ ته تون آهن جو به جواب نه ڏيئي سگهينءَ، جن کي آءٌ ڳجهو نٿو رکان، آءٌ ڏسان ٿو ته هاڻي منهنجو هتي اچڻ تڪليف ده ٿي پيو آهي، تنهن ڪري آءٌ اجازت وٺندس ۽ جڏهن ٻهراڙي ڇڏيندس، تڏهن شايد وري به هڪ ٻه دفعو آخرين موڪلاڻي ڪرڻ لاءِ ايندس،“ ائين چئي هن پنهنجو ٽوپلو کنيو، ”صوفيا“ جنهن جون نگاهون هن جي اٻهرائي کان ڏوراپو ڏيندڙ هيون، تنهن جون ڪوششون پڻ کيس وڃڻ کان روڪي نه سگهيون.

هن جي وڃڻ کانپوءِ اسان هڪ ٻئي ڏانهن ڪجهه منٽن لاءِ پريشانيءَ سان نهاريو، منهنجي زال جنهن پاڻ کي ان جو سبب سمجهيو، تنهن خاموشي جي لهجي ۾ زوريءَ کل سان، جنهن کي آءٌ ڇينڀڻ چاهيندو هوس، پنهنجي تشويشن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، مون کيس چيو، ”ڪيئن زال، اهو ئي اسان جو اجنبين سان برتاءُ ڪرڻ جو طريقو آهي؟ اهو ئي نمونو آهي، جنهن سان اسين انهن جي احساسن جو معاوضو ڏيون ٿا؟ خاطري ڪر ته ، اهي ئي سخت ۾ سخت ۽ منهنجي لاءِ ناگوار الفاظ هئا، جي تنهنجي واتان نڪتا!؟ ”پوءِ هو مون کي چيڙائي ڇو ٿو؟“ هن جواب ڏنو، ”پر آءٌ سندس ارادا چڱي طرح ڄاڻان ٿي، هي منهنجي ڌيئرن کي شهر ڏانهن وڃڻ کان انهي لاءِ روڪيندو هوندو ته جيئن هو هتي منهنجي ننڍڙي ڌيءَ سان ملي خوشي حاصل ڪري سگهي، پر ڇا به ٿي پوي، هوءَ اهڙي هيٺيائين درجي واري ماڻهو کان وڌيڪ سٺو رفيق پسند ڪندي،“ مون چيو، ”منهنجي پياري تون هن کي ذليل ڪوٺين ٿي ممڪن آهي، ته اسين هن جي ڪردار صحيح ڪرڻ ۾ غلطي ڪندا هجون، ڇاڪاڻ ته هي ڪن موقعن تي اهڙو ته شريف انسان ڏسڻ اچي ٿو، جنهن جهڙو مون شايد ڪڏهن به نه ڏٺو هجي، منهنجي صوفيا مون کي ٻڌاءِ ته هن ڪڏهن مخفي طرح تو سان پنهنجي تعلقات بنسبت ڪا گفتگو ڪئي آهي! منهنجيءَ ڌيءَ جواب ڏنو، ”سائين! هن جي مون سان گفتگو هميشه عاقلانه،حليم ۽ دلچسپ ٿي آهي، جيئن ٻي ڪابه ڳالهه هئڻ گهرجي سا نه هڪ دفعي سچ پچ ته مون کي ياد آهي، ته مون کيس چوندي ٻڌو، ته کيس اصل اهڙيءِ ڪنهن به عورت جي خبر نه هئي، جنهن ان ماڻهوءَ ۾ گڻ ڏٺو هجي، جو ڏسڻ ۾ غريب آيو ٿي،“ مون چيو، ”منهنجي پياري عام طرح ڏٺو ويو آهي ته سڀئي سست ۽ بد نصيب ماڻهو اهڙي چوراڻي ٻولي ڳالهائيندا آهن، پر مون کي اميد آهي ته تو کي اهڙن ماڻهن کي پوريءَ طرح سڃاڻڻ جي تعليم مليل آهي ۽ پڻ خبر اٿيئي ته اهرو ماڻهو جو پنهنجي هلت ڪري پنهنجي واسطي اهڙي خراب معاشي حالتن وارو ٿي پيو هجي، ان مان خوشيءَ جي اميد رکڻ مورڳو چريائي ٿيندي، تنهنجي ماءُ ۽ مون کي هاڻي تنهنجي بهتر واڌاري ڪرڻ جون اميدون آهن، ايندڙ سيارو جو تون شايد شهر ۾ گذاريندينءَ، سو تو کي وڌيڪ سياڻپ ڀري وهانءِ هٿ ڪرڻ جو وجهه ڏيندو“.

”صوفيا“ جا ان وقت ڪهڙا خيال هئا، آءٌ انهن بنسبت ڪو به اندازو لڳائي نٿو سگهان، پر آءٌ دلي طرح ناراض نه هوس، ڇو ته اسين هاڻي اهڙي مهمان کان آزاد ٿيا هئاسون، جنهن کان مون کي گهڻو ڊپ ڪرڻو پوندو هو، ”برچل سان منهنجيءَ زال جيڪي ڪيو هو، تنهن اسان جي مهمانوازيءَ ۾ هڪ رخنو پيدا ڪيو، ان رخني منهنجي ضمير کي ڪجهه قدر ڀڙڪايو، مگر مون جلد پنهنجن ٻن يا ٽن خوشنما دليلن وسيلي ان نيڪيءَ جي صلاح ڏيندڙ کي صبر ڪرايو ۽ اطمينان ڏياريو، اهو درد جو ضمير ڪنهن ان ماڻهوءَ کي ڏئي ٿو، جنهن اڳيئي ڪو گناهه جو ڪم ڪيو آهي، سو جلدي دور ٿي وڃي ٿو، ضمير هڪ بزدل اندروني تحريڪ آهي ۽ اهي غلطيون جن جي روڪڻ لاءِ کيس ڪافي طاقت نه آهي، انهن کي ڏوهي ٺهرائڻ لاءِ هو ورلي ڪا فتويٰ صادر ڪري سگهي ٿو.

  

باب چوڏهون

 

تازيون پريشانيون

 

 جيئن ته ”مسٽر ٿارنهل“ نوازش روءَ منهنجي ڌيئرن جي هلت جي جاچ ڪرڻ ۽ ان احوال کان اسان کي خط وسيلي آگاهه ڪرڻ جو وعدو ڪيو، انهيءَ ڪري شهر ڏانهن سندن مسافريءَ جو پڪو ارادو ڪيو ويو، اهو لازمي طور ضروري سمجهيو ويو، ته سندن ظاهري ڏيک ويک، سندن اميد ڪيل شان سان برابر هئڻ گهرجي، پر اهو ڪم پئسن کانسواءِ ٿي نٿي سگهيو. انهيءَ ڪري اسان پنهنجي سڄي ڪٽنب ۾ ان ڳالهه تي بحث ڪيو ته پئسن هٿ ڪرڻ جا ڪهڙا سولي ۾ سولا طريقا آهن، يا اڃا به وڌيڪ مناسب طرح ائين چئجي ته ڪهڙي شيءِ اسين گهڻي سهوليت سان وڪڻي ٿي سگهياسون. اسان جو بحث جلدي ختم ٿيو، ڏٺو ويو ته اسان جو باقي پچيل گهوڙو جيئن ته ڪاڻو هو، تنهنڪري پنهنجي ساٿيءَ کانسواءِ هر لاءِ صفا بيڪار ۽ رستي هلڻ کان لاچار هو، انهي ڪري مٿي ڏيکاريل مقصدن خاطر ان کي پسگردائي ۾ لڳندڙ ميلي تي نيڪال ڪرڻ جو ارادو ڪيو ويو، ۽ دوکي کان بچڻ لاءِ فيصلو ڪيو ويو، ته آءٌ پاڻ ان کي اوڏانهن ڪاهي وڃان، جيتوڻيڪ هيءُ ڪم منهنجي حياتيءَ جي اوائلي واپاري ڏي وٺ جي ڪمن مان هڪ هو، ته به مون کي خاطري هئي ته آءٌ اهو ڪم ڪاميابي سان سرانجام ڏيندس، ماڻهو پنهنجي دانائيءَ بابت جيڪو قياس بنائي ٿو، تنهن جو اندازو سندس هم صحبتين جي راين مان لڳائي سگهجي ٿو، ۽ جيئن ته منهنجو قياس منهنجي ڪٽنب جي طريقي موجب هو، تنهن ڪري مون پنهنجي دنيوي سياڻپ بابت ڪو به ناموافق خيال تصور ۾ نه آندو، تنهن هوندي به منهنجيءَ زال، ايندڙ ڏينهن صبح جو موڪلاڻيءَ وقت، جيئن، آءٌ پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪتس تئين مون کي صلاح ڏيڻ لاءِ واپس سڏ ڪيو ۽ ڪن ۾ مون کي خبردار رهڻ لاءِ چيائين.

جڏهن آءٌ ميلي تي آيس، تڏهن دستور موجب پنهنجي گهوڙيِ کي سڄي ميلي ۾ سندس پنڌن موجب هلايم، مگر ڪجهه وقت لاءِ ڪوبه واڪ ڏيندڙ ڪونه هو، آخر هڪ گهورڙيو ويجهو آيو، ۽ چڱو سارو وقت کيس چئوطرف جاچي. ڪاڻو ڏسي، ڪا به قيمت نه چيائين، ان بعد هڪ ٻيو گراهڪ آيو، مگر اهو ڏسندي ته کيس هڏيءَ جي سوچ جو مرض هو، چيائين ته هو ان کي مفت ۾ به خريد نه ڪندو، ٽيئن گراهڪ سهي ڪيو، ته هن کي آبگير جو مرض هو ۽ واڪ ئي ڪونه ڏنائين، ڇوٿين هن جي اک مان ڏٺو، ته کيس ”باٽس“ جي بيماري هئي، پنجين عجب کاڌو، ته اهو انڌو، هڏيءَ جي سوچ وارو، آبگيري ۽ ”باٽس“ جي بيماري ۾ مبتلا ٿيل گهوڙو، جو ڪهي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڪتن جي لوڌ ۾ اڇلڻ جهڙو هو، تنهن کي ميلي تي آڻي مون ڪهڙو نه آزار مچايو هو، ان وقت مون کي پڻ غريب جانور کان تمام گهڻي نفرت ٿيڻ شروع ٿي ۽ مان هر ڪنهن گراهڪ جي اڳتي اچڻ تي شرمسار ٿيڻ لڳس، ڇاڪاڻ ته جيتوڻيڪ جيڪي انهن ماڻهن مون کي چيو ٿي، تنهن سموري کي مون پوريءَ طرح قبول نٿي ڪيو، مگر تنهن هوندي به ويچار ڪيم ته شاهدن جو وڏو انداز سندن صحيح هجڻ جي وڏي حجت هو ۽ ”سينٽ گريگريءَ“[1] جي پڻ نيڪ ڪم بنسبت ساڳي راءِ آهي.

جڏهن آءٌ اهڙي افسردگيءَ واريءَ حالت ۾ هوس، تڏهين هڪڙو جهونو واقفڪار پادري ڀاءُ، جنهن کي پڻ ميلي تي ڪو ڪم هو، مون وٽ آيو، هن مون کي هٿ ڏيئي کيڪار ڪئي، ۽ شراب خاني ڏانهن هلڻ ۽ اتي سندس سرنديءَ سارو شراب جي گلاس پيئڻ جي مون کي آڇ ڪيائين، مون سندس آڇ يڪدم قبول ڪئي، ۽ ڪلال خاني ۾ گهرڻ تي اسان کي پٺ واريءِ ننڍيءَ ڪوٺيءَ ڏانهن اشارو ڪيو ويو، ڪوٺيءَ ۾ هڪ معزز پير مرد ويٺل هو، جو هڪ ڪتاب جي مطالع ۾ پوريءَ طرح محو هو، مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن به اهڙي صورت ڪا نه ڏٺي، جنهن کانئس وڌيڪ پسنديده نموني وارا گهنج ۾ منهنجيءَ دل تي اثر ويهاريو هجي، سدنس چانديءَ جهڙا سفيد وار، بزرگيءَ نموني سندس پيشانيءَ مٿان پيل هئا، هن جي سدا سائي، وڏي عمر، سندس تندرستيءَ ۽ فيض جو نتيجو ڏسڻ ۾ آئي ٿي.ڪيئن به، سندس موجودگيءَ اسان جي گفتگوءَ ۾ ڪا به رڪاوٽ ڪا نه وڌي، مون ۽ منهنجي دوست، ڪيترن انهن نصيب جي ڦيرن تي گفتگو ڪئي، جي اسان جي زندگيءَ ۾ آيا هئا، ”وهسٽن“ جي تڪرار منهنجي آخرين چوپريءَ ديول جي وڏي پادريءَ جي جواب ۽ مون سان سندس ورتل سخت برتاءُ بنسبت احوال ڪيو سين، ٿوري ئي وقت کان پوءِ اسان جو ڌيان، هڪ نوجوان جي اچڻ تي ڦري ويو، هن ڪوٺيءَ ۾ گهڙي، تمام گهڻي ادب ۽ نرميءَ سان ڪا ڳالهه ان ويٺل اجنبيءَ پيرسن کي چئي، پيرسن چيو، ”منهنجا ٻچا، دلگير نه ٿيءِ، پاڻ جهڙن ٻين مخلوقن سان نيڪي ڪرڻ اسان تي فرض آهي، هي وٺ، منهنجي چاهنا آهي، ته هوند اڃا به وڌيڪ هجن ها، ته چڱو هي پورا پنج پائونڊ تنهنجي مصيبت ٽاريندا ۽ تون ڀلي آئين“. انهيءَ تي ان لڄاري نوجوان، احسانمنديءَ جا ڳوڙها ڳاڙيا، تنهن هوندي به سندس احسان گذاري منهنجي شڪر گذاريءِ سان ڪڏهن به مٽ پئجي نه سگهي، بزرگ جي فيض مون کي اهڙو ته خوش ڪيو، جو مون چاهيو، ته آءٌ هوند ان نيڪ پيرسن کي ڀاڪر پائي، پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳايان، هن پنهنجو مطالعو چالو رکيو ۽ اسان پنهنجي گفتگو جاري رکي، ڪجهه وقت کان پوءِ منهنجي دوست کي ياد آيو، ته کيس ميلي ۾ سندس ڪاروبار سر انجام ڪرڻو هو ۽ هن جلد واپس اچڻ جو واعدو ڪيو ۽ موڪلايو، هن چيو ”آءٌ هميشه ”ڊاڪٽر پرمروز“ جي ايتري گهڻيءَ ڪچهري جي چاهنا ڪندو آهيان، جيتري گهڻي ممڪن ٿي سگهي ٿي.“ پيرسن منهنجو نالو ذڪر ٿيندي ٻڌو، ڪجهه وقت مون ڏانهن توجهه سان نهاريندي نظر آيو، جڏهن منهنجو دوست روانو ٿيو، تڏهن تمام گهڻيءَ تعظيم سان مون کان پڇيائين، ”ڇا ، اوهين ان ”ڊاڪٽر پرمروز“ جا عزيز آهيو، جو ٻي شادي جو مخالف آهي ۽ عيسائي مذهب جو پشت پناهه آهي؟“ منهنجيءَ دل ان وقت جيڪا خوشي محسوس ڪئي، ان کان وڌيڪ ڪڏهن به محسوس ڪو نه ڪئي هئائين. مون چيو، ”سائين! منهنجيءَ دل ۾ اوهان جي فيض و ڪرم جي ڪري جا خوشي اڳيئي پيدا ٿي آهي، ان ۾ اوهان جهڙي نيڪ ماڻهوءَ جون تعريفون اضافو ڪن ٿيون، سائين هڪ کان وڌيڪ شاديءَ جو مخالف، جنهن کي اوهان ”اعظم“ ڪوٺڻ جي نوازش ڪئي آهي، ان ”ڊاڪٽر پرمروز“ کي توهان پنهنجي اڳيان ڏسو ٿا، جو هن زماني ۾ ٻيءَ شادي جي بر خلاف ڪاميابي سان لڙيو آهي.

”ان بزرگ حيرت ۾ پئجي وڏي آواز سان چيو، ”سائين مون کي معاف ڪجو، آئون اوهان سان ايترو گستاخ ٿيو آهيان، پر مون کي اميد آهي ته توهين منهنجيءَ هن دريافت ڪرڻ تي‏، مون کي معاف ڪندا، سائين! آءٌ معافي طلبيان ٿو،“ مون سندس هٿ پڪڙيندي چيو، ”جناب عالي، توهين پنهنجي گهرائي سان مون کي ناراض ڪرڻ کان ايترو ته گهڻو پري آهيو جو آءٌ توهان کي عرض ڪندس ته جيئن ته مون کي اوهان لاءِ اڳيئي عزت آهي، تنهن ڪري توهان منهنجي دوستيءَ قبول ڪرڻ جي نوازش ڪريو،“ هن منهنجي هٿ کي زور ڏيندي چيو، ”مذهب جي پختگيءَ جا شاندار ٿنڀا، آءٌ اوهان جي آڇ احسانمنديءَ سان قبول ڪريان ٿو ۽ ڇا آئون ڏسان ٿو.... هو چوڻ تي هو، تنهن کي مون اتي روڪيو ڇاڪاڻ ته جيتوڻيڪ هڪ مصنف جي حيثيت ۾، آءٌ خوشامد جي ڪنهن به ننڍڙي حصي جي ٻڌڻ کان رهي نٿي سگهيس، تنهن هوندي به منهنجي علم هاڻي مون کي وڌيڪ ٻڌڻ لاءِ اجازت نه ڏني، ڪي به عاشق عشق ۾ ڪڏهن به ايترو جلد جڪڙجي نه ويندا آهن، جيترو جلد اسين هڪ ٻئي جي دوستيءَ ۾ جڪڙجي ويا هئاسون. اسان ڪيترن عنوانن تي ڳالهايو، پهريائين آءٌ کيس عالم جي بدران زاهد سمجهڻ لڳس ۽ ائين سمجهيم ته هن سڀئي انساني اصول بيڪار شين وانگر ڌڪاري ڇڏيا هئا، انهي هوندي به منهنجي ائين سمجهڻ کيس منهنجي قياس ۾ گهٽ نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته مون پاڻ ڪجهه عرصو اهڙو عقيدو پنهنجي اندر ۾ سانڍيو هو، مٿئين سبب ڪري مون ائين چوڻ جو موقعو ورتو، ته دنيا عام طرح اصولي ڳالهين ڏانهن قابل ملامت طريقي ۾ لاپرواهه ٿيڻ شروع ڪيو آهي، ۽ انساني قياس جي تمام گهڻي پيروي ڪئي ٿي وڃي، ”هائو سائين“، هن جواب ڏنو، ڄڻ ته سموري علم کي ان ساعت لاءِ سانڍي رکيو هئائين، ”هن وقت دنيا پنهنجي موهه ۾ آهي، تنهن هوندي به علم پيدائش يا دنيا جي خلقت سڀني زمانن جي حڪيمن کي منجهائي وڌو آهي، ڪهڙن راين جو منجهيل ميڙ آهي جو هنن دنيا جي خلقت تي نه ڇيڙيو آهي؟ ”سنچونيٿن“[2]، مئنيشو[3]، بيروسوس،[4] ۽ ”آسيلوس ليوڪانسو“ سڀني انهيءَ تي اجايون ڪوششون ڪيون آهن، پوئين جا هي لفظ آهن؛ ”سڀني شين کي نڪا ابتدا آهي. ۽ نڪا انتها“. مئنيثو جو ”نيبيوچئڊان اثر“[5] جي زماني ڌاري رهندو هو، ان پڻ هڪ اهڙو نامعقول قياس ٺاهيو، جيئن ته اسين چئون ٿا ته ڪتاب ڪڏهن به دنيا کي نه سيکاريندا، تنهن ڪري هن تفتيش ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، ”اثر“ هڪ شاهي لفظ آهي، جو ان ملڪ جي بادشاهن سان ڪنيت جي نالي طور لڳايو ويندو هو، جيئن ”تغلت فائل اثر،“ ۽ ”نيبن اثر“ پر سائين آءٌ معافي ٿو گهران، جو آءٌ مقصد کان وڇڙيو پيو وڃان،“ سچ پچ ته هي سوال کان وڃڙيو پئي ويو، آءٌ پڻ پنهنجيءَ ساريءَ ڄمار ۾ اهو معلوم ڪري نه سگهيس ته جيڪي مون چيو هو، ان سان هن دنيا جي پيدائش جو ڪو تعلق هو، مگر هن جي گفتگو مون کي ڏيکارڻ لاءِ ڪافي هئي، ته هو هڪ علم وارو ماڻهو هو، ۽ هاڻي آءٌ کيس وڌيڪ عزت ڏيڻ لڳس، لهذا مون لَيس ڪسوٽيءَ تي آڻڻ جو پڪو ارادو ڪيو، مگر هو ايترو ته گهڻو نرم دل ۽ حليم هو، جو هن ڪاميابيءَ لاءِ لڙڻ نٿي چاهيو، جڏهن مون ڪابه اهڙي ڳالهه ٿي ڪئي، جا تڪرار لاءِ للڪار ڏسڻ ۾ ٿي آئي، تڏهن هن مشڪيو ٿي، ڪنڌ ڌوڻيوٿي ۽ ڪجهه به نٿي چيو، جنهن مان مون سجهيو ٿي ته جيڪڏهن هو مناسب سمجهي ها ته گهڻو ئي ڪي چئي سگهي ها، انهيءَ ڪري گفتگو جو موضوع ڪنهن به سعيي کان سواءِ قديم زماني جي ڪاروبار کان ڦري، ان شغل تي آيو، جنهن اسان ٻنهي کي ميلي تي آندو هو، مون کيس ٻڌايو ته منهنجو مقصد گهوڙي وڪڻڻ جوهو، ۽ سچ پچ ته خوش نصيبيءَ سان سندس مقصد وري سندس هارين مان هڪ لاءِ گهوڙو خريد ڪرڻ جو هو، منهنجو گهوڙو جلدي پيش ڪيو ويو، ۽ تمام سٺي نموني ۾ اسان سودي جي تاڙي هنئي، هاڻي فقط مون کي پئسا ملڻا هئا، هن ٽيهن پائوندن جو نوٽ ڪڍيو ۽ مون کي ان جي مئائڻ لاءِ چيائين ، جيئن ته سندس مطلب پوري ڪرڻ جي صلاحيت مون ۾ ڪا نه هئي، انهيءَ ڪري پنهنجي حاضريءَ واري نوڪر کي اندر سڏيائين، نوڪر تمام گهڻي ادب سان اچي حاضر ٿيو، هن چيو ”ابرهام، هيءُ نوٽ وٺ، وڃ ۽ هن جو سون وٺي اچ، اهو ڪم تون پاڙيسريءَ ”جئڪسن“ جي دڪان تان لاهي اچ“. جڏهين نوڪر ويو، تڏهن هن مون کي چانديءَ جي قلت جي مسئلي تي نهايت دلسوز شدمد سان وندرايو، جنهن کي سڌارڻ جو ٿوري وقت کان پوءِ وري ويچار ڪرڻ تي مون اهو خيال ڪيو ته مون هڪ اجنبيءَ کان هنڊي وٺڻ ۾ تمام وڏي غلطي ڪئي آهي، انهي ڪري خريدار جي پويان پوڻ ۽ سياڻپ سان کانئس پنهنجي گهوڙي وٺڻ جو ارادو ڪيم، مگر هاڻي اهو وقت گذري چڪو هو، انهيءَ ڪري جيترو جلد ممڪن ٿي سگهيو، اوترو جلد پنهنجي دوست وٽان هنڊيءَ کي پئسن ۾ تبديل ڪرڻ جي ارادي سان آءٌ سڌو گهر ڏانهن روانو ٿيس، مون پنهنجي ايماندار پاڙيسريءَ کي سندس در وٽ ٻيڙي ڇڪيندو ڏٺو، جڏهين مون کيس ٻڌايو ته مون کي هڪ ننڍي رقم جي هنڊي ملي آهي تڏهن هن ان کي ٻه دفعا پڙهي چيو، ”آئون سمجهان ٿو ته توهين نالو پڙهي سگهو ٿا، ”ايفريم جينڪنسن“ هائو ايفريم جينڪنن هن جواب ڏنو، ”نالو ڪافي چٽو لکيل آهي ۽ آءٌ هن آسمان جي نيليءَ ڇٽيءَ هيٺان رهندڙ ان هڪ وڏي ۾ وڏي بدمعاش کي سڃاڻان. هي اهو ساڳيو اٺوري آهي. جنهن اسان کي عينڪون وڪيون هيون، ڇا هي اڇيءَ ڏاڙهي سان ڏسڻ ۾ بزرگ انسان نه هو ۽ سندس کيسي کي جهالرون نه هيون؟ ڇا هن يوناني ۽ جدا جدا قسمن جي ماڻهن جي مجموعي ۽ دنيا بابت ڊگهي علمي گفتگو ڪا نه ڪئي؟“ مون ان جو جواب ڪنجهڪار ۾ ڏنو، هن سلسلي ڪلام جاري رکندي چيو، ”ها هن وٽ علم جو صرف اهو ئي ذرڙو آهي ۽ جڏهن ڪو به تعليم يافته پنهنجيءَ صحبت ۾ ڏسندو آهي، تڏهن اها ئي گفتگو ڪندو آهي، آءٌ انهي بدمعاش کي سڃاڻان، ۽ کيس ڏسي رهندس.“

جيتوڻيڪ آءٌ اڳيئي شرمسار هوس، مگر منهنجي وڏي ۾ وڏي جدوجهد گهر ۾ اچڻ ۽ پنهنجيءَ زال ۽ ڌيئرن کي منهن ڏيڻ ۾ هئي، ڪوبه گوسڙو شاگرد پنهنجي اسڪول ۾ وڃڻ ۽ پنهنجي استاد جي منهن لڳڻ کان ايترو گهڻو نه ڊنو هوندو، جيترو آءٌ پاڻ پنهنجي گهر وڃڻ کان ڊنس ٿي، تنهن هوندي به مون انهن جي ڪاوڙ ۾ اچڻ کان اڳ پاڻ خود ڪاوڙ ۾ اچڻ جو پڪو پهه پچايو.

مگر افسسوس! اندر لنگهڻ تي، مون پنهنجي ڪٽنب کي ڪنهن به حالت ۾ جهڳڙي ڏانهن لاڙو ڪندڙ نه ڏٺو، منهنجي زال ۽ ڌيئرون ڳوڙها ڳاڙي رهيون هيون، ڇا ڪاڻ ته ”مسٽر ٿارنهل“ انهيءَ ڏينهن اتي اچي اطلاع ڏنو هو ته، سندن شهر واري مسافري مڪمل طرح ختم ٿي چڪي هئي، ٻئي عورتون ڪنهن بدخواهه شخص کان اسان بابت خبرون ٻڌي، انهن ڏينهن ”لنڊن“ ڏانهن روانيون ٿي ويون هيون. هو نڪي انهن بدخواهين جي خبر وٺي ٿي سگهيو ۽ نه ئي انهن جي بانيڪارن کي هٿ ڪري ٿي سگهيو، اهي ڪهڙيون به هيون ۽ انهن جو ڇيڙيندڙ ڪير به هو، مگر هو اسان کي پنهنجي دوستيءَ ۽ حمايت جو يقين ڏياريندو هو، مون ڏٺو ته جيئن ته سندن پريشاني منهنجيءَ نراسائي کان وڌيڪ هئي. انهيءَ ڪري هنن منهنجي مايوسيءَ کي تمام گهڻي صبر سان برداشت ڪيو، جنهن ڳالهه اسان کي گهڻي ۾ گهڻي مونجهاري ۾ وڌو، سا هئي اهو خيال ڪرڻ ته ڪير اهڙو ڪميڻو هو، جو اسان جهڙي بي ضرر، حسد کي ڀڙڪائڻ کان پرهيز ڪندڙ، ۽ نفرت پيدا ڪرڻ کان بري ڪٽنب جي اخلاق تي ڇنڊن هڻڻ جو ڪم ڪري سگهيو ٿي.


[1]   سينٽ گريگري؛ هيءِ 590ع کان 604ع تائين ڪئٿولڪ مذهب وارن جو پوپ هو، هيءُ ئي اهو ماڻهو هو، جنهن آگستائين (Augustine) کي انگلينڊ ڏانهن موڪليو هو، هن ڪيترا ڪتاب تصنيف ڪيا جي اڪثر ڪري ڊائگلاگن وارن خطن جي صورت ۾ آهن.

[2]   سنچونيشن Sanchoniathon : هيءَ بيروت جو رهاڪو هو، چيو وڃي ٿو ته هن شام جي مغربي علائقي ۽ مصر جي تاريخ لکي هئي، جنهن جو عيسوي پهرينءَ صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ فلو بيبلس (Philo Byblas) وڏي ڪشالي سان يوناني ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو، هن جي راءِ موجب هيءُ صاحب سيمرامس (Semaramis) شام جي راڻيءِ جي زماني ۾ رهندو هو ۽ پنهنجي تاريخ جو ڪتاب بيروت جي بادشاهه کي هديه طور پيش ڪيو هئائين.

[3]   مئنيشويا منيٿو(Manetho) (280-ق م ) : هيءَ هڪ مصري مذهبي رهنما هو، هن جو مقصد هو ته يوناني بادشاهن کي مصري روايتن کان واقف ڪريان ، هن يوناني ٻوليءَ ۾ مصري تاسريخ سڪندر اعظم جي فتح تائين لکي، هن پراڻين روايتن کي پڪيءَ طرح سنواريو ۽ ٺاهيو ۽ ان ڪم ۾ نهايت خلوص دليءَ سان محنت ڪيائين، سندس اها هڪ تصنيف هئي، ۽ ان جو دارو مدار ان وقت جي معتبر روايات تي هو.

[4]   بيروسوس(Berosus) هيءُ هڪ ڪلئڊين (Caladean)   مذهبي پيشوا هو.

[5]   نيبيو چئڊن اثرNebuchadon Assar هن 605 ق.م کان 562 ق .م تائين بئبلونا (Bobylonid) تي حڪومت ڪئي، هن بئبلان جون ديوارون ٺهرايون، هن پروشلم (بيت المقدس) تي ڪاهه ڪئي ۽ اهو فتح ڪري يهودين کي قيد ڪري بئبلان ڏانهن وٺي ويو.ڪم مون پڻ سون جي گهڻيءَ قلت تي افسوس ڪرڻ سان پاڻ تي کنيو، اهڙيءَ طرح جنهن وقت ”ابرهام“ واپس آيو، تنهن وقت تائين اسان ٻنهي اها ڳالهه قبول ڪئي ته پئسو ڪڏهن به اهڙو ڏکيو هٿ اچي نٿي سگهيو، جهڙو ان وقت ڏکيو هٿ آيو ٿي، ”ابرها،“ اسان کي اطلاع ڏيڻ لاءِ واپس آيو ته هيءُ سڄي ميلي ۾ هليو، مگر نوٽ مٽائي ڪين سگهيو، جيتوڻيڪ ان جي لاءِ هن ”اڌڪرائون“ ڏيڻ جي آڇ به ڪئي هئي، پيرسن ٿوري ترسڻ کانپوءِ مون کي چيو،”ڇا توهين پنهنجي پسگردائيءَ ۾ رهندڙ هڪ ”سالومن فلمبرو “ کي سڃاڻو؟“ منهنجي جواب ڏيڻ تي نه ”فلمبرو“ منهنجي گهر جي ڀر ۾ رهندڙ پاڙيسري آهي، هن وراڻي ڏني، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ مون کي يقين آهي، ته پاڻ سودو ڪري سگهنداسون. توهان کي هن تي هڪ درسني هنڊي ڏيان ٿو ۽ اهو به ٻڌايون ٿو ته چوڌاري پنجن ميلن جي گهيري ۾ ان جهڙو دولتمند ٻيو ڪوبه ڪونهي، ”سالومن“ ۽ آئون ڪيترا سال لاڳيتا پاڻ ۾ دوست ٿي رهيا آهيون، مون کي ياد آهي ته آءٌ هميشه کين ٽن ٽپن واريءَ راند ۾ هارائيندو هوس، پر هڪ ٽنگ تي ٽپن ڏيڻ ۾ هو مون کان گوءِ کڻي ويندو هو“. مون لاءِ فلمبرو تي هنڊي اهڙي ئي هئي. جهڙا پئسا، ڇاڪاڻ ته آءٌ سندس لياقت کان اڳيئي بخوبي واقف هوس، هنڊي صحيح ڪئي ويئي ۽ مون کي ڏني ويئي، ان بعد ”مسٽر جينڪنسن“ پير مرد بزرگ، سندس نوڪر ”ابرهام“ ۽ منهنجو گهوڙو ”بلئڪ بيري“ هڪ ٻئي سان گڏ تمام گهڻيءَ خوشي ۾ ڊڪندا ويا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org