باب پندرهون
مسٽر برچل جي بدمعاشيءَ جو ظاهر ٿيڻ
اها شام ۽ ايندڙ ڏينهن جو پهريون حصو پنهنجن دشمنن جي جستجو ۾ اجايو صرف ڪيو ويو، ورلي ڪو پاڙي جو ڪٽنب هوندو، جنهن ۾ اسان کي شڪ نه پيو هوندو، اسان مان هر هڪ کي پنهنجي گمان
لاءِ جدا جدا دليل هئا، جي صرف اسان کي ئي معلوم هئا، اڃا اسان پنهنجيءَ تشويش ۾ هئاسون ته اسان جا ننڍڙا ڇوڪرا جن ٻاهر راند پئي ڪئي، انهن
مان هڪ اسان وٽ خطن جي پيٽي کڻي آيو، جا هن ٻاهران ساوڪ تان لڌي هئي، جلدي خبر پئجي ويئي ته اها ”مسٽر برچل“ جي هئي، جنهن وٽ اها اڳ ڏٺي
ويئي هئي، جاچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته ان ۾ جدا جدا ڳالهين تي اشارا هئا، پر جنهن شيءِ اسان جي ڌيان کي خاص طرح ڇڪيو، سو هو هڪ بند ٿيل، خط،
جنهن جي مٿان لکيل هو، ”ان خط جو نقل جو ٿارنهل ڪوٽ ۾ عورتن ڏانهن موڪلڻو آهي“ اسان کي يڪدم سجهي آيو ته هيءَ ئي اهو ڪمينو اطلاع ڏيندڙ هو
۽ ويچار ڪيوسون ته خط کي کولجي يا نه! آءٌ خط کولڻ جي بر خلاف هئس. مگر ”صوفيا“ جنهن چيو ته کيس خاطري هئي، ته اهڙيءَ ڪميڻپ جي ڪم لاءِ هو
سڀني ماڻهن جي پويان هوندو. تنهن ان جي کولي پڙهڻ تي زور ڏنو، هن ڳالهه ۾ سڀني گهر وارن سندس تائيد ڪئي ۽ سڀني جي گڏيل عرض تي مون اهو خط
کولي هيٺينءَ طرح پڙهڻ شروع ڪيو.
معزز بيگمات!
”خط جو کڻي ايندڙ توهان کي ان شخص بابت مڪمل طرح مطمئن ڪندو، جنهن وٽان هيءَ اچي ٿو، ڪم از ڪم هيءُ هڪ اهو انسان آهي، جو اٻوجهائيءَ جو دوست آهي ۽ ان جي بر غلائجڻ کي روڪڻ لاءِ
تيار آهي، مون کي معلوم ٿيوآهي ته اهي ٻه نوجوان عورتون جن سان منهنجي ڪجهه واقفيت آهي، انهن کي توهان سهيلين طور شهر ۾ آڻن جو ڪجهه ارادو
رکو ٿيون، جيئن ته آءٌ نڪي سادگيءَ جي ٺڳجڻ ۽ نڪي اخلاق جي ناپاڪ ٿيڻ جو طرفدار آهيان، تنهن ڪري آءٌ اوهان کي ضرور مطلع ڪندس ته ناجائزگيءَ
جو اهڙو قدم خوفناڪ نتيجن جو سبب بڻبو، بدنام يا لانگ ڇوٽي سان مون ڪڏهن به سختيءَ جي هلت اختيار نه ڪئي آهي، هينئر پڻ آءٌ اوهان کي
سمجهائڻ يا ان حماقت کي تنبيهه ڪرڻ جو هيءُ طريقو نه وٺان ها، جيڪڏهن اوهان جي ان هلت جو مقصد گناهه جو نه هجي ها، انهي ڪريءَ هڪ دوست جي
نصيحت وٺو ۽ خلوت وارين جاين ۾ جتي هن کان ڳ امن ۽ معصوميت رهندا آيا آهن اتي بدناميءَ ۽ بڇڙائي جي داخل ڪرڻ جي نتيجن تي ڳوڙهو ويچار ڪريو.
اسان جي شڪن جي هاڻي پڄاڻي ٿي، هن خط ۾ سچ پچ ته ڪجهه مڙوئي اهڙو مواد هو، جو ٻنهي طرفن سان لڳي ٿي آيو، ان جي ملامت انهن ماڻهن سان اهڙو ئي واسطو رکندڙ هئي، جن ڏانهن اهو خط
لکيل هو، جهڙو اسان سان، پر بدخواهيءَ جو مطلب پڌرو هو ۽ اسين اڳتي ڪونه وياسون، منهنجي زال خط جي پڇاڙيءَ تائين ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئي، پر
لکندڙ تي اجهل ڪاوڙ سان ملامتون ڪيائين. ”اوليويا“ به اهڙي ئي سخت ڪاوڙيل هئي، ۽ ”صوفيا“ هن جي ڪميڻائپ تي مڪمل طرح حيران ڏسڻ ۾ آئي، مون
کي وري اهو هڪ اڻ ڪوٺيل احسان فراموشيءَ جو بڇڙي ۾ بڇڙو مثال ڏسڻ ۾ آيو، جنهن سان مون کي دوچار ٿيڻو پيو هو، آءٌ پڻ انهيءَ راءِ جو هوس ته
هن تهمت رکڻ لاءِ هن کي سواءِ هن جي ٻيو ڪو به سبب نه هو ته جيئن منهنجي ننڍڙي ڌيءَ ٻهراڙي ۾ ترسي پئي ۽ کيس ساڻس ملاقات ڪرڻ جا وڌيڪ وجهه
ملي سگهن، انهي ڪري اڃا سڀني کانئسن وير وٺڻ جي رٿن تي ويچار پئي ڪيو ته اسان جو ٻيو ٻار ڊوڙندو آيو ۽ اسان کي ٻڌايائين ته ”مسٽر برچل“
ٻنيءَ جي ٻئي ڇيڙي کان ويجهو وڌندو پئي آيو جيڪي سخت درد، تازي پهتل زخم کان محسوس ڪجن ٿا، ۽ جيڪا خوشي بدلي وٺڻ جي ويجهي اچڻ تي محسوس ڪئي
وڃي ٿي، ان کي بيان ڪرڻ کان خيال ۾ آڻڻ وڌيڪ سولو آهي، جيتوڻيڪ اسان جو ارادو صرف کيس سندس احسان فراموشيءَ متعلق ڏوراپي ڏيڻ جو هو، تنهن
هوندي به فيصلو ڪيو ويو، ته اهو ڪم پوريءَ طرح ڇنڻ جي طريقي ۾ ڪيو وڃي، ان مقصد لاءِ اسان پاڻ ۾ ساڻس دستوري مشڪ سان ملڻ، شروعات ۾ معمولي
مهربانيءَ کان وڌيڪ چرچي گهٻي ڪرڻ ، کيس ڪجهه وندرائڻ ۽ ان کانپوءِ خوشامد ڪندڙ سانت جي وچ ۾ ڌرتيءَ جي زلزلي وانگر سندس مٿان ڪڙڪڻ ۽ سندس
ڪيل ڪميڻپ جي احساس سان کيس ويڙهي وڃڻ جو فيصلو ڪيو، ان فيصلي ٿيڻ تي منهنجي زال، جنهن کي اهڙي ڪم جي سر انجام ڪرڻ لاءِ سچ پچ ته ڪجهه
لياقتون هيون، تنهن سموري ڪاروبار جو بار پاڻ تي کنيو، اسان کيس ايندو ڏٺو، هي اندر آيو، هڪ ڪرسي ريڙهيائين ۽ ان تي ويهي رهيو، (مون چيو)
”مسٽر برچل“ اڄ ڏينهن ته واهه جو ٿيو آهي،“ هن جواب ڏنو، ”ڊاڪٽر اڄوڪو ڏينهن برابر عمدو آهي، جيتوڻيڪ آون ڀانيان ٿو ته منهنجي فصل جي سنگن
نسرڻ وقت ڪجهه مينهن پوندو، ”تنهنجي سنگن جي نسرڻ تي مينهن؟“ منهنجي زال بلند آواز سان ٽهڪ ڏيندي چيو ۽پوءِ ڪيل چرچي لاءِ معافيءَ جي طلب
ڪيائين، هن جواب ڏنو، ”آءُ پنهنجيءَ دل وجان سان تو کي معاف ڪريان ٿو، آءٌ ساک سان چوان ٿو ته تون جيڪڏهن مون کي نه ٻڌائين ها ته آءٌ هوند
ان کي چرچو نه سمجهان ها.“ منهنجيءَ زال اسان ڏانهن اک جو اشارو ڪندي چيو، ”سائين شايد (نه سمجهيو هجيو) تنهن هوندي به مون کي خاطري آهي ته
توهين ٻڌائي سگهندا، ته اڌ آني ۾ ڪيترا چرچا ترندا“ مسٽر برچل وراڻيو، ” آءٌ ڀانيان ٿو ته توهان اڄ صبح جو چرچن جو ڪتاب پئي پڙهيو آهي، اهو
اڌ آنو چرچن جو تمام سٺي خود پسندي آهي، ۽ مون اڃا تائين عقل جو اڌ آنو به ڪو شايد محال ڏٺو هجي،“ منهنجي زال اڃا تائين اسان ڏي نهاريندي
پئي کليو، جيتوڻيڪ اها کل سندس ئي مٿان هئي، ۽ واڪو ڪري چيائين،“ مون کي يقين آهي ته اهو ڏٺو هوندو، مون ڪي ماڻهو ڏٺا آهن، جن کي جيتوڻيڪ
تمام ٿورو علم هوندو آهي، ته به هو گهڻي ڄاڻپ جو مڪر ڪندا آهن.“ مسٽر برچل جواب ڏنو، ان ۾ شڪ نه آهي ته توهان کي انهن عورتن جي خبر آهي، جن
کي نڪته سنجيءَ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، مگر اها منجهن نه آهي.“ مون جلدي محسوس ڪيو، ته منهنجي زال هن ڪم ۾ گهڻي قدر ڪامياب نه ٿيندي.
انهيءَ ڪري مون خود سا ڻس وڌيڪ سختيءَ سان برتاءُ ڪرڻ جو ارادو ڪيو، مون واڪو ڪري چيو، ”عقل ۽ ڄاڻپ ٻئي ايمانداري کانسواءِ بيڪار آهن،
ايمانداري اها شيءَ آهي، جا هر هڪ ڪار پرداز قيمت ڏئي ٿي، غلطين کان آجو ڀولو ڀولو ڀالو ڪڙمي. گهڻين غلطين واري فيلسوف کان وڌيڪ عزت وارو
آهي، ڇا ڪاڻ ته ذهن ۽ ذڪاءُ يا جرائت دلي پاڪائي کان سواءِ ڇا آهن. هڪ ايمانداري ماڻهو خدا جي بهترين مخلوق آهي.“
مسٽر برچل وراڻيو. ”مون هميشه پوپ جي ان تمثيل تي عمل ڪيو آهي، ته ڪند فهم ماڻهو پنهنجو شان نه سڃاڻندو آهي، جيئن ڪتابن جي ناموس سندس وڏن کان آجي هئن سبب نٿي وڌي، مگر منجهن
جيڪي خوبيون آهن، انهن جي تعداد موافق وڌي ٿي، تيئن ماڻهن کي پڻ سندس، ڏوهن کان بري هئڻ سبب نه، مگر انهن وصفن جي انداز مطابق اعليٰ سمجهڻ
گهرجي، جي منجهن موجود آهن، تعليم يافته ڀلي سياڻپ جي ڊاڙ هڻي، مدبر کي ڀلي فخر هجي ۽ جنگي جوڌي کي ڀلي شوخي ۽ ڪرڙائي هجي، مگر ڇا اسين
انهن کي هڪ هيٺائين درجي تي رهندڙ ڪاسبيءَ تي ترجيح ڏينداسون، جو محنت ۽ ڪشالي سان زندگي گذاري ٿو ۽ تحسين کان سواءِ حياتي جو سمنڊ جهاڳي
ٿو، ساڳيءَ طرح اسين ”فليمش اسڪول[1]
جي جهڪن صحيح نقشن کي رومي نقاشن جي نقصن وارين مگر عمدين ۽ جاندار شڪلين تي ترجيح ڏينداسون.“
مون جواب ڏنو . ”سائين توهان جي هاڻوڪي چوڻي تڏهن انصاف تي مبني آهي، جڏهن گَڻَ روشن آهن ۽ وڏون خسيس آهن، پر جڏهن ائين ظاهر ٿو ٿئي ته وڏيون وڏيون ساڳيءَ دل ۾ غير معمولي ڳڻن
سان مقابلي ۾ آهن، تڏهن اهڙو انسان حقارت جي لائق آهي.“
هن چيو ”جهڙا اوهان بيان ڪريو ٿا، تهڙا گهڻين براين سان گڏ گهڻيون نيڪيون رکندڙ راڪاس شايد ڪي هجن، مگر مون پنهنجي زندگيءَ جي دوران ۾ سندن وجود جو صرف هڪ به مثال نه ڏٺو آهي،
ان جي برعڪس، مون هميشه ائين معلوم ڪيو آهي ته جتي دل وسيع آهي، اتي محبت وڌيڪ نيڪ آهي، سچ پچ ته، اسان جو پروردگار هن تفصيل ۾ اسان تي
نهايت گهڻي مهرباني ڪندڙ ۽ مشفق ڏسڻ ۾ اچي ٿو، انهيءَ ڪري جتي دل گندي آهي، اتي عقل کي هيڻو ڪرڻ ۽ جتي ڪا حرڪت ڪرڻ جي طلب آهي، اتي طاقت کي
گهٽائڻ جو ڪم ڪيو اٿس، هي قاعدو ٻين جانورن سان پڻ لاڳو ٿيندڙ نظر اچي ٿو، ننڍڙن هلاڪ ڪندڙ جيون جي جنس هميشه تڪليف ڏيندڙ، ظالم ۽ گيدي
آهي، وري اهي جيڪي طاقت ۽ زور سان نوازيل آهن، سي سخي بهادر ۽ نهايت حليم آهن.“
مون وراڻي ڏني، ”توهان جا اهي رايا چڱا ڏسڻ ۾ ٿا اچن، پر اهو وڌيڪ چڱو ٿيندو، جو هڪ اهڙي ماڻهوءَ ڏانهن اشارو ڪيو وڃي، (ائين چئي مون ڏانهنس گهور سان نهاريو ۽ چيو) جنهن جي دل ۽
دماغ پاڻ ۾ نفرت جهڙا اختلاف رکن ٿا.“ مون پنهنجو آواز بلند ڪندي ۽ سلسله ڪلام جاري رکندي چيو، ”آءٌ ان ماڻهوءَ تي سندس وهمي اطمينان جي
باوجود سهي ڪرڻ جي موقف ملڻ تي نهايت خوش آهيان.“ ”جناب، تون هيءَ چوپڙيءَ سڃاڻين ٿو؟“ ”هائو سائين.“ هن بي پرواهيءَ سان جواب ڏنو، ”اها
چوپڙي منهنجي آهي، ۽ آءٌ خوش ٿيو آهيان، جو اوهان اها لڌي آهي.، مون واڪو ڪري چيو ”۽ هي خط سڃاڻين ٿو؟ اصل پس و پيش نه ڪر، پر منهنجي منهن
۾ چڱي طرح نهار آءٌ چوان ٿو، ته هيءُ خط سڃاڻين ٿو؟“ هن وراڻيو، ”اهو خطا ها، مون ئي اهو خط لکيو آهي،“ مون چيو ” ۽ تون ڪيئن ايتري ڪميڻپ ۽
احسان فراموشيءَ سان هن خط لکڻ جي جرائت ڪري سگهئين؟“ هن لاثاني بي حيائيءَ جي نگاهن سان جواب ڏنو، ”۽ اوهان ڪيئن بي حيائي ڪري هن خط جي
سيل ٽوڙي، ان جي کولڻ جي جرئت ڪئي، توهان کي خبر آهي ته هن سبب آءٌ هينئر جو هينئر اوهان سڀني کي سزا ڏياري سگهان ٿو، سڀ ڪجهه جيڪي مون کي
ڪرڻو پوندو، سو اهو ته آءٌ ويجهڙائي واري جج وٽ قسم کڻان، ته اوهين منهنجي کيسي جي ڪتابڙيءَ جي ڪلف ڀڃڻ جا ڏوهي ٿيا آهيو ۽ اهڙيءَ طرح ان
جي دروازي تي اوهان کي جوابدار ٺهريان،“ هن جي غير متوقع جي بي ادبيءَ جي هن فقري مون کي ڪاوڙ جي اهڙيءَ ته چوٽي تي پهچايو، جو آءٌ پنهنجي
جذبي کي اصل سنڀالي نه سگهيس، ”احسان فراموش، ڪميڻا نڪري وڃ ۽ پنهنجي بڇڙائي سان منهنجي مڪان کي وڌيڪ وقت لاءِ پلين نه ڪر، نڪري وڃ ۽ ڪڏهن
به منهنجي اڳيان نه اچج، منهنجي در تان هليو وڃ ۽ صرف سزا جنهن جي آءٌ تنهنجي طلب رکان ٿو، سا اها آهي، ته تنهنجو ضمير تو کي ڪافي ايذاءُ
رسائيندو رهي.“ ائين چوندي، مون ڏانهنس کيسي واري چوپڙي اڇلائي جا هن مشڪندي کنئي ۽ ان جا ڦڙڪا نهايت سنجيدگيءَ سان بند ڪري، اسان کي سندس
خود اعتماديءَ ۽ برباديءَ تي حيران ٿيل ڇڏي هليو ويو، منهنجي زال خاص طرح ڪاوڙي، ڇا ڪاڻ ته ڪا به ڳالهه کيس ڪاوڙائي يا پنهنجي دغابازين تي
شرمسار ڪر ي نه سگهي. جيڪي جذبا اسان سڀنيءَ ۾ چوٽيءَ تي چڙهي ويا هئا، انهن جي ماٺي لاءَ مون چيو. ”منهنجي پياري اسان کي ان تي حيران ٿيڻ
نه گهرجي ته خراب ماڻهن ۾ شرم جي گهٽتائي آهي، جڏهن سندن چڱائي پڌري ٿي پوي ٿي، تڏهن هو شرم سان ڳاڙها ٿي وڃن ٿا، مگر پنهنجي بڇڙاين تي ناز
ڪن ٿا.“
هڪ تمثيلي آکاڻي آهي ته ڏوهه ۽ شرم پهريائين پاڻ ۾ رفيق هئا ۽ پنهنجيءَ مسافريءَ ۾ يڪه جان دو قالب نموني هڪ ٻئي سان گڏ رهندا هئا، مگر جلدي سندن ايڪتا ٻنهي جي نا پسنديده ۽
جوکائتي معلوم ٿي، گناهه شرم کي تمام گهڻيون تڪليفون ڏنيون ۽ شرم اڪثر گناهه جي لڪل منصوبن کي ڇينڀيو، تنهن ڪري گهڻي وقت جي نا پسنديدگيءَ
کان پوءِ هنن آخر هميشه لاءِ هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ قبول ڪيو، گناهه نصيب تي، جو قاتل جي شڪل ۾ اڳيان پئي ويو، ڪامياب پوڻ لاءِ بهادريءَ سان
اڪيلي سر اڳتي وڌايو، پر شرم، جيئن ته فطري طرح ڊڄڻو هو، انهيءَ ڪري موٽي ان نيڪيءَ سان پنهنجو پيوند رکڻ آيو، جنهن کي هنن پنهنجيءَ
مسافريءَ جي شروعات ۾ پوئتي ڇڏيو هو، اهڙيءَ طرح منهنجا ٻچا، جڏهن ماڻهن گناهه جي ڪن منزلن کي طئي ڪيو آهي، تڏهن شرم انهن کي ڇڏي ڏي ٿو ۽
موٽي اچي انهن ٿورين نيڪين جي خدمت ۾ گذاري ٿو، جي اڃا تائين منجهن بچيل آهن.
باب سورهون
ڪٽنب جون حرفتون
”صوفيا“ جا جذبا ڪهڙا به کڻي هجن، مگر ٻئي سڄي ڪٽنب ”مسٽر برچل“ جي غير حاضري متعلق زميندار جي ڪچهريءَ ذريعي تسلي حاصل ڪئي هئي، جنهن جون ملاقاتون متواتر ٿيڻ لڳيون، جيتوڻيڪ
جيئن هن چاهيو ٿي، تيئن منهجي ڌيئرن کي شهر جي وندرن حاصل ڪري ڏيڻ ۾ هو نا اميد ٿي پيو هو، تنهن هوندي به جيتري قدر اسان جي رهڻ جي جڳهه ۾
ٿي سگهيو ٿي، هو هميشه صبح جو ايندو هو ۽ جيستائين آئون ۽ منهنجو پٽ ٻاهر پنهنجي ڌنڌي تي هوندا هئاسون. تيستائين گهر جي ٻين ڀاتين وٽ
ويهندو هو، ۽ کين شهر جي انهن حصن جي بيان ڪرڻ سان وندرائيندو هو، جن جو هو خاص طرح واقف هو، هو اهي سڀئي ڳالهيون دهرائي سگهندو هو، جيڪي
وندر گاهن جي فضا ۾ تفصيل سان بيان ٿينديون هيون ۽ سڀئي اعليٰ ظرافت واريون سٺيون ڳالهيون مزاحيا ڪتابن ۾ شايع ٿيڻ کان اڳ برزبان ياد
هونديون هيس، گفتگوءَ جي وچ وارو وقت منهنجي ڌيئرن کي پتي راند سيکارڻ يا ڪن وقتن تي منهنجن ننڍڙن کي ڦڙت بنائڻ لاءِ ٺونشي بازي سکڻ جي
ترغيب ڏيڻ ۾ گذاريندو هو، پر کيس پننجي ناٺيءَ بڻائڻ جي اميدن، اسان سڀني کي ڪجهه قدر سندس خامين کان انڌو ڪري ڇڏيو هو، اهو ضرور قبول ڪرڻ
گهرجي، ته منهنجيءَ زال کيس ڦاسائڻ لاءِ هزارين تجويزون رٿيون هيون، يا وڌيڪ نزاڪت سان ائين کڻي چئجي، ته پنهنجي ڌيئرن جي لياقتن کي وڌائڻ
لاءِ پنهنجو هر ڪو فن ڪم آندو هئائين، جيڪڏهن چانهه سان کائڻ وارا ڪيڪ ننڍڙا ۽ کڙ ڪيدار هوندا هئا ته اهي ”اوليويا“ جا ٺاهيل هئا، ، جيڪڏهن
خارتوت جو شراب چڱي ريت هو، ته خا رتوت جا پير وري سندس چونڊيل هئا، ۽ اهي سندس ئي آڱريون هيون، جن آچارن کي خاص قسم جي تازگي ڏني ۽ پڊنگ
جي بناوت ۾ سندس ئي محنت شامل هئي، ڪن وقتن تي اها آلي ڀولي عورت زميندار کي چوندي هئي ته توهين ۽ ”اوليويا“ ٻئي هم قد آهيو ۽ ان ڏسڻ لاءِ
ته منجهائن ڪير وڌيڪ ڊگهو هو، هوءَ ٻنهي کي گڏ بيهڻ جو حڪم ڪندي هئي، سندس اهي اٽڪلن واريون فرمائشون جيڪي بي اثر هئڻ جي باوجود به ، ٻين
چڱيءَ طرح معلوم ٿي ڪيون ۽ انهن اسان جي خير خواهه کي تمام گهڻو خوش ٿي ڪيو، زميندار سڀ ڪنهن ڏينهن تي پنهنجي قرب جا نوان نوان ثبوت ڏيندو
هو، جي جيتوڻيڪ شاديءَ جي تجويزن تائين نه پهتاهئا، تڏهن به اسان کين ان کان ٿورڙو ئي گهٽ سمجهيو ٿي ۽ سندس ڍرائيءَ کي ڪن وقتن تي فطري حيا
۽ ڪن وقتن تي سندس چاچي جي ناراض ٿيڻ جي خوف جو سبب قرار ڏنو ٿي ويو، تنهن هوندي به هڪ واقعو جو ان کان پوءِ جلدي رونما ٿيو، تنهن اسان جي
ان خيال کي پختو ڪيو ته هن اسان جي ڪٽنب سان هڪ ٿيڻ جو ارادو ڪيو هو، منهنجيءَ زال ته مورڳو ان کي پورو پورو واعدو ڪري شمار ڪيو.
منهنجي زال ۽ ڌيئرون جڏهن پاڙيسري ”فلمبرو“ وارن وٽ ملاقات تي ويون، تڏهن ڏٺائون ته ان ڪٽنب تازو پنهنجون صورتون هڪ نقاش کان نقش ڪرايون هيون، اهو نقاش ٻهراڙي ۾ مسافري ڪري رهيو
هو ۽ 15 شلنگن في مورت جي حسان ساب مورتون نقش ڪيائين ٿي. جيئن ته اسان جي ڪٽنب ۽ هن جي ڪٽنب جي وچ ۾ گهڻي عرصي کان مذاق جي رقابت چالو
هئي، تنهن ڪري اسان جي دل اسان جي مٿان ٿيل ڳجهيءَ فوقيت کان آگاهه ٿي ۽ منهنجي منع ڪرڻ جي باوجود اهو پڪو ارادو ڪيو ويو ته اسان کي پڻ
پنهنجون صورتون نقش ڪرائڻ گهرجن، نقاش کي ڪم سان لڳائڻ کانپوءِ اسان جو ٻيو ويچار پنهنجي مذاق کي بلند درجي تي ڏيکارڻ جو هو، جيتري قدر
اسان جي پاڙيسريءَ جي ڪٽنب جو احوال آهي، ته ان ۾ ست ماڻهو هئا ۽ کين ستن سنگتڙن سان مشابهت ڏيئي نقش ڪيو ويو هو اهو هڪ اهڙو نقش هو جو
دلچسپي کان بلڪل خالي هو، جاندارن ۾ اهڙي ڪا جنس ئي ڪونهي ۽ ڪابه اهڙي ملاوت دنيا ۾ نه آهي، اسان پاڻ کي ڪنهن اعليٰ طريقي نقش ڪرائڻ جا
خواهشمند هئاسون، ۽ گهڻن بحثن کان پوءِ آخرڪار يڪراءِ هن فيصلي تي آياسون، ته اسين سڀ گڏ هڪ تاريخي ڪٽنب مٽل نقش ڪيا وڃون، جيئن ته سڀئي
ڪٽنب هڪ ئي مورت ۾ نقش ڪيا ويا هئا، انهيءَ ڪري اسان سڀني لاءِ پڻ صرف هڪ فريم ڪم اچي سگهي ٿي، ۽ اهو وڌيڪ سستو ۽ ان سان گڏ وڌيڪ عمدو به
ٿيڻو هو، جيئن ته اسين ڪو تاريخي مضمون يڪدم دل تي آڻي سن سگهياسون، انهي ڪري اسان مان هر هڪ پنهنجي خيال موجب تاريخي شخصيتن مان ڪنهن به
هڪ جي حيثيت ۾ نقش ٿيڻ تي راضي ٿيو، منهنجي زال ”زهره“[2]
جيئن نقش ٿيڻ جي خواهش ڪئي ۽ نقاش پنهنجن هٿن کي سندس وارن ۽ ڇاتيءَ تي لڳائڻ ۾ ڪنجوس نه هو، سندس ٻئي پٽ سندس پاسي ۾ ”محبت جي ديوتائن“[3]
جي شڪل ۾ نقش ٿيل هئا، ۽ آءٌ وري پنهنجي جبي ۾ ملبوس ٿيس ”وهسٽن“ جي مخالف وارن ڪتابن سان اتي حاضر هوس، ”اوليويا“ گلن جي ٻاري تي هٿ ۾ هڪ
چهبڪ کڻي ويٺل سون سان مڙهيل سائي جبي ۾ هڪ لڙائي ڪندڙ يوناني عورت وانگر نقش ٿيڻي هئي، ”صوفيا“ ايترين گهڻين رڍن سان نقش ٿيڻي هئي،
جيتريون نقاش نقش ڪري ٿي سگهيو، ۽ ”موزز“ پنهنجي کنڀ لڳل ٽولي سان نقش ٿيڻو هو، اسان جي مذاق زميندار کي ايترو ته خوش ڪيو، جو هن پاڻ کي
اسان جي ڪٽنب جي هڪ ڀاتيءَ وانگر ”سڪندراعظم“[4]
جي نشان سان ”اوليويا“ جي پيرن وٽ ان ۾ نقش ٿيڻ تي زور ڏنو. اسان سڀني سندس هن خواهشن کي اسان جي ڪٽنب ۾ سندس گڏجڻ جي تمنا جو هڪ دليل ڪري
سمجهيو ۽ کيس انڪار ڪري نه سگهياسون، آخر نقاش کي ڪم سان لڳايو ويو، جيئن ته هن مسلسل توجهه ۽ تڪڙ سان ڪم ڪيو، تنهن ڪري اهو سمورو نقش چئن
ڏينهن کانپوءِ به گهٽ عرصي ۾ پورو ٿيو، نقشو وڏو هو ۽ هي ضرور قبول ڪرڻ گهرجي ته نقاش پنهنجي رنگن ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي هئي، جنهن لاءِ
منهنجي زال سندس تعريف ڪئي ۽ اسين سڀئي سندس هنر جي تڪميل کان راضي هئاسون، پر هڪ بدبختيءَ جي حالت جا هاڻي نهايت مايوسيءَ سان اسان کي هري
آئي، تيستائين اسان جي دل تي نه آئي، جيستائين مورت، پوري ٿي، نقش ايڏو ته وڏو هو، جو اسان کي گهر ۾ ان جي رکڻ جي جاءِ ڪا نه هئي، اهڙي
نقطي کي اسين ڪيئن نظرانداز ڪري سگهياسين، اها هڪ خيال ۾ نه اچڻ جهڙي ڳالهه آهي، پر خاطري آهي ته اسان سڀ گهڻي قدر ٺڳجي ويا هئاسون، تنهن
ڪري مورت جيئن اسان اميد ٿي ڪئي تيئن اسان جي آڪڙ کي وڌائڻ جي بدران، نهايت ذلت ڀريي نموني رڌڻي جي ڀت کي ٽيڪ ڏياري رکي ويئي، جتي ٿلهي
سڻيءَ جي ڪپڙي کي پکيڙيو، ۽ نقش ڪيو ويو هو، تصوير ڪنهن به دروازي وچان نڪرڻ کان گهڻو وڏي ۽ سڀني پاڙيسرين لاءِ هڪ چرچو هئي، هڪ ان کي
”رابنسن ڪروزو“[5]
جي کڄي سگهڻ کان وڏي ٻيڙيءَ سان مشابهت ڏني، ٻئي وري چيو ته اها شيشي ۾ پيل ڍيري سان وڌيڪ مشابهت ٿي رکي، ڪنهن عجب کاڌو، ته اها ٻاهر ڪيئن
نڪري سگهندي، پر اڃا به گهڻن عجب کاڌو ته اها ڪيئن اندر وڃي سگهي.
انهيءَ نقش جيتوڻيڪ ڪن ماڻهن ۾ ٺٺوليءَ کي ڀڙڪايو، مگر گهڻن جي دلين ۾ بغض وارا خيال پڻ اڀاريا، زميندار جو اسان سان گڏ تصوير ۾ موجود هئڻ هڪ نهايت وڏيءَ عزت جي ڳالهه هئي، ۽
اها يقيناً حسد کان بچي نٿي سگهي، اهڙيون بدنامي جهڙيون روشون اسان سان هلڻ لڳيون ۽ اسان جو آرام به مسلسل انهن ماڻهن جي ڪري ڦٽڻ لڳو، جي
دوستن وانگر اسان کي اهي ڳالهيون ٻڌائڻ ايندا هئا، اهي خبرون اسين هميشه حوصلي واري مزاج سان دل ۾ رکندا هئاسون، جيئن ته بدناميءَ جهڙي
ڳالهه مخالفت سان درست ڪئي ويندي آهي، انهيءَ ڪري اسين وري هڪ دفعو وڌيڪ پنهنجن دشمنن جي بدخواهيءَ کي ٽارڻ لاءِ صلاح مصلحت ڪرڻ لڳاسون،
اسين آخر هڪ اهڙي ٺهراءِ تي پهتاسون، جنهن ۾ ايتري ته گهڻي حرفت رکيل هئي، جو اهو مون کي اصل پسند نه پيو، جيئن ته اسان جو مقصد هو ته
”مسٽر ٿارنهل“ کليءَ طرح ”اوليويا“ سان شاديءَ ڪرڻ جي تمنا جي پڌرائي ڪري انهي ڪري منهنجيءَ زال سندس پڪ وٺڻ لاءِ مڪر ڪري کانئس ”اوليويا)
جي لاءِ مڙس جي چونڊ بنسبت صلاح پڇڻ جو ڪم پاڻ تي کنيو، اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن اهو کيس ڪنهن پڌرائي لاءِ آماده ڪرڻ ۾ ڪافي نه ڏٺو،
ويو ته هو. ”ٿارنهل“ جي خلاف تيار ڪيل رقيب سان شادي ڪندي، جيڪڏهن هو کيس هٿ ڪرڻ لاءِ ان کي پنهنجي کليءَ پڌرائي سان نه روڪيندو، اها هڪ
اهڙي تجويز پيش ڪئي ويئي هئي، جنهن جي جيتوڻيڪ آءٌ زوردار مخالفت ڪري نه سگهيس، ته به ان کي پوري طرح پسند به نه ڪيم.
ٻئي دفعي جڏهن ”مسٽر ٿارنهل“ اسان سان ملاقات ڪرڻ آيو، تڏهن منهنجو ڌيئرون پنهنجي ماءُ کي سندس تجويز کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ وجهه ڏيڻ خاطر وچ مان هٽي ويون ۽ ڪوٺيءَ ۾ وڃي ويٺيون ،
جتان سموري گفتگو ٻڌي سگهيون ٿي، منهنجيءَ زال قابليت سان پنهنجيءَ تجويز کي پيش ڪيو، هن چيو ته ”فلمبرو“ وارين ڇوڪرين مان هڪڙيءَ کي نهايت
عمدو مڙس ملڻ وارو آهي، جو هنن ”مسٽر ٿارنهل“ ”مسٽر اسپينڪر“ کي ان لاءِ چونڊيو آهي،“ زميندار جي هائو ڪرڻ تي هن چيو ”اهي ڇوڪريون جي
دنيادار آهن، انهن کي سٺن مڙسن ملڻ جي خاطري آهي، مگر رب سائين شال انهن ڇوڪرين جي واهر ڪري جي سندن اثر ۾ آهن، ”مسٽر ٿارنهل“ ! هن خود
غرضيءَ جي زماني ۾ حسن ڪهڙي معنيٰ رکي ٿو؟ يا هن دنيا ۾ هي سڀئي فضيلتون ۽ خوبيون ڪهڙي معنيٰ رکن ٿيون؟ ان جو خيال نه آهي، ته هوءَ ڪهڙي
آهي، مگر پڇا صرف اها آهي، ته هن کي ڇا آهي.“
هن جواب ڏنو، ”آءٌ توهان جي سٺي راءِ کي تمام گهڻو پسند ٿو ڪريان ۽ اوهان کي دلجاءِ ٿو ڏيان ته جيڪڏهن آءٌ بادشاهه هجان ها ، ته شاديون ڪنهن ٻئي نموني ٿين ها، سچ پچ ته اهو وقت
انهن ڇوڪرين لاءِ تمام گهڻيون خوشيون آڻيندڙ ٿي پوي ها، جي دولتمند نه آهن، اسان جون هي ٻه نوجوان ڇوڪريون پهريون ئي هجن ها، جن لاءِ آءٌ
هوند تمام لائق مڙس هٿ ڪريان ها، منهنجي زال جواب ڏنو، ”هائو سائين، توهان نهايت خوش مزاج ٿيڻ جي نوازش ڪئي آهي، آءٌ پڻ چاهيان ٿي، ته آءٌ
هوند راڻي هجان، ۽ پوءِ معلوم ڪريان ته منهنجي ءَ وڏيءَ ڌيءَ کي مڙس لاءِ ڪٿي اميد رکڻ گهرجي، پر هاڻي جيئن ته توهان منهنجي ڌيان تي اها
ڳالهه آندي آهي، تنهن ڪري ”مسٽر ٿارنهل“ سچي پچي ٻڌاءِ ته ڇا تون ان جي لاءِ مون کي ڪنهن لائق خاوند جي صلاح ڏيئي نٿو سگهين،؟ هوءِ هن وقت
اڻويهن سالن جي، ڪافي وڏي چڱي تعليم يافته آهي، ۽ منهنجيءَ نماڻي راءِ موجب منجهس ڪنهن به قسم جي لياقت جي گهٽتائي نه آهي.“
هن جواب ڏنو،”خاتون، جيڪڏهن مون کي چونڊ ڪرڻي هجي ته آءٌ هوند هڪ اهڙو شخص هٿ ڪريان، جيڪو سڀني فضيلتن جو مالڪ هجي ۽ جيڪو هڪ ملائڪ کي خوش رکي سگهي، اهو شخص جو سياڻپ، دولت،
اعليٰ: مزاج ۽ سچائيءَ وارو آهي، اهو ئي منهنجيءَ راءِ موجب، سندس لائق خاوند ٿيندو،“ منهنجي زال چيو، ”هائو سائين، پر توهان کي ڪنهن اهڙي
شخص جي خبر آهي؟“ هن جواب ڏنو ته.”خاتون اهڙو ڪو به ماڻهو هٿ ڪرڻ ناممڪن آهي، جو هن جي خاوند ٿيڻ جي لائق هجي، هوءَ ڪنهن ماڻهوءَ جي قبضي ۾
اچڻ کان وڌيڪ اهميت وارو خزانو آهي، هوءَ هڪ ديوي آهي، منهنجي روح جو قسم منهنجيءَ سمجهه موجب هو هڪ ملائڪ آهي.“ ”افسوس ! ”مسٽر ٿارنهل“
تون صرف منهنجيءَ ڇوڪريءَ کي پڏائين ٿو، پر اسين کيس تنهنجي هڪ ان ڍل ڀروءَ سان شاديءَ ڪرائڻ تي ويچار ڪري رهيا آهيون، جنهن جي ماءُ ٿورو
وقت ٿيو آهي، ته مري ويئي آهي۽ جنهن کي هينئر گهر جي ڪاروبار هلائيندڙ جي ضرورت آهي، توهان کي خبر آهي ته منهنجو مطلب ڪنهن سان آهي؟ هڪ
نواجوان ”وليمس“ هاري هو، کيس سکيو رکي سگهي ٿو ۽ هن ڪيترائي دفعا شاديءَ لاءَ درخواستون ڪيون آهن.(اها هڪ حقيقت هئي). آءٌ نهايت گهڻو خوش
ٿيندس، جيڪڏهن اسان جيءَ هن چونڊ تي اسان کي توهان جي منظوري ملندي! هن جواب ڏنو، ”ڇا خاتون منهجي منظوري! منهنجي منظوري هڪ اهڙيءَ چونڊ
تي! هر گز نه. ڇا! ايتري حسن، عقل ۽ نيڪيءَ کي هڪ اهڙي ماڻهوءَ مٿان قربان ڪيو وڃي، جو نعمت کان نا آشنا آهي! مون کي معاف ڪجو، آءٌ ڪڏهن به
اهڙو بي انصافيءَ جو وهانءَ پسند ڪري نٿو سگهان، مون کي ان لاءِ ڪي پنهنجا دليل آهن.“ ”ڊيبورا“ واڪو ڪري چيو، ”سچ پچ ته سائين، جيڪڏهن
اوهان کي ڪي پنهنجا دليل آهن، ته پوءِ اهو ٻيو معاملو آهي، پر مون کي انهن دليلن معلوم ڪرڻ تي خوش ٿيڻ گهرجي.“ خاتون، مون کي معاف ڪريو“.
هن وراڻي ڏني، ”اهي ڳولي لهڻ کان گهڻو اونهو پيل آهن، (پنهنجو هٿ ڇاتيءَ تي رکي) اهي هتي جڙ لڳل ۽ دفن ٿيل آهن.“
سندن وڃڻ کانپوءِ اسان جي عام مصلحت ڪرڻ تي، اسين پنهنجو ادانزو لڳائي نه سگهياسون، ته سندس اهڙن عمدن، جذبن جو مطلب ڪهڙو هو، ”اوليويا“ انهن کي اعليٰ شوق جا مثال ڪري سمجهيو،
پر آءٌ اهڙي وڏي اميد رکندڙ نه هوس، مون کي ڪافي پڌرو ڏسڻ ۾ آيو، ته انهن ۾ شادي کان وڌيڪ عشق جو مقصد هو، جيتوڻيڪ اهي اسان کي ڪهڙا به نيڪ
شگون ڏيندڙ هئا، مگر اهو ارادو ڪيو ويو ته “وليمس“ هاري، جنهن ٻهراڙيءَ ۾ منهنجي ڌيءَ جي آمد کان وٺي کيس شاديءَ لاءِ آڇون ڪرڻ شروع ڪيون
هيون، ان جي تجويز کي عمل ۾ آندو وڃي.
باب سترهون
حرص جي مقابلي ۾ اخلاق جي ناڪامي
جيئن ته مون صرف پنهنجيءَ ڌيءَ جي سک جو ويچار ٿي ڪيو ۽ جيئن ته ”مسٽر وليمس“ سکيو سياڻو ۽ سچو ماڻهو هو، تنهن ڪري سندس قبوليت مون کي خوش ڪيو، سندس اڳئين شوق کي تازي ڪرڻ لاءِ
فقط ٿوريءَ همت افزائي جي ضرورت هئي، هڪ يا ٻه دفعا شام وقت هو ۽ ”مسٽر ٿارنهل“ اسان جي گهر ۾ مليا ۽ هڪ ٻئي کي ڪجهه قدر ڪاوڙ جي نگاهن سان
ڏٺائون، پر ”مسٽر وليمس“ پنهنجي زميندار جو ڍل مقروض نه هو، انهيءَ ڪري سندس غصي جي ٿوري به پرواهه ڪا نه ڪيائن.”اوليويا“ پنهنجي طرفان
نئين عاشق تي سندس سموري پيار نثار ڪرڻ جو ڍونگ ڪندي واهه جو نخرو ڪيو، جنهن کي جيڪر اداڪاري ڪوٺجي ته به بجا آهن، هي سندس سچو پچو سڀاءُ
هو، ”مسٽر ٿارنهل“ هن ترجيح تي نهايت اداس ڏسڻ ۾ آيو، ۽ دکدائڪ لهجي ۾ موڪل ورتائين، آءٌ اهو قبول ٿو ڪريان ته، کيس اهڙي درد ۾ ڏسڻ تي آءٌ
حيران ٿي ويس. ڇا ڪاڻ ته مون کي خبر هئي ته کيس هڪ باعزت محبت جي پڌرائي ڪرڻ وسيلي تمام سهولت سان ان درد کي ٽاري ڇڏڻ جي طاقت هئي، اهو
سولائيءَ سان معلوم ٿي سگهي ٿي، ته جيڪا به تڪليف هن برداشت ڪئي، ان کان ”اوليويا“ جو دک اڃا به وڌيڪ هو، سندس عاشقن جي وچ ۾ مٿي بيان ڪيل
ملاقات جهڙيون گهڻيون ئي ملاقاتون ٿينديون هيون، هوءَ سڀ ڪنهن ملاقات کان پوءِ وڃي، اڪيلائي ۾ گذاريندي هئي ۽ درد کي پنهنجو ساٿي ڪري رکندي
هئي. هڪ ڏينهن شام جو جڏهن هوءَ ڪجهه وقت لاءِ بناوتي شگفته مزاجيءَ جي حمايت ڪري فارغ ٿي هئي، تڏهن مون کيس مٿي بيان ڪيل حالات ۾ ڏٺو، مون
چيو، ”منهنجا ٻچا، هاڻي تون ڏسين ٿي، ته ”مسٽر ٿارنهل“ جي محبت ۾ جيڪو تنهنجو ڀروسو هو، سو سڀ هڪ خواب آهي، ڇا ڪاڻ ته جيتوڻيڪ کيس معلوم
آهي ته کليءَ پڌرائي ڪرڻ سان هو تو کي حاصل ڪري سگهي ٿو ته به هڪ اهڙي ماڻهو جي رقابت قبول ڪري ٿو، جيڪو سڀ ڪنهن لحاظ کان کانئس درجي ۾ گهٽ
آهي“ هن جواب ڏنو، ”هائو بابا! هن دير لاءِ ڪي پنهنجا سبب آهن. مون کي خبر آهي ته کيس ڪي سبب آهن، هن جي نگاهن ۽ گفتگوءِ جي سچائي، مون کي
سندس سچيءَ محبت جو ويساهه ڏئي ٿي، مون کي اميد آهي ته ٿوري ئي وقت ۾ پنهنجي دل جي عالي همتي ظاهر ڪندو ۽ توهان کي ثابت ڪري ڏيکاريندو، ته
منهنجو اندازو توهان جي راءِ کان وڌيڪ منصفانه آهي.“ مون جواب ڏنو، ”اوليويا“ هن کان اڳ جيڪي به تجويزون کيس پڌرائيءَ ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ
لاءِ اختيار ڪيون ويون آهن، سي سڀيئي تنهنجون ئي رٿيل ۽ تجويز ڪيل هيون، تون ائين چئي نٿي سگهين، ته مون تو کي ڪنهن به ڳالهه ۾ مجبور ڪيو
آهي، پر منهنجي پياري، تو کي هر گز ائين نه سمجهڻ گهرجي، ته آءٌ ڪڏهن به سندس ايماندار رقيب کي تنهنجي غلط جاءِ تي رکيل محبت جو ”الو بڻجڻ
ڏيندس، جيڪو به وقت تو کي ڪنهن کليل بيان تي آڻڻ لاءِ گهريو، سو تو کي ڏنو ويندو، پر ان ميعاد جي ختم ٿيڻ تي اجيڪڏهن هو اڃا به بي پرواهه
رهيو، ته آءٌ ضرور ان ڳالهه تي زور ڏيندس، ته ايماندار ”وليمس“ کي سندس سچائي جو عيوضو ڏيڻ گهرجي، اخلاق، جنهن جي مون پنهنجي حياتيءِ ۾ هن
وقت تائين حمايت ڪئي آهي، سو مون کان اها ئي تقاضا ڪري ٿو ته هڪ مائٽ جي حيثيت ۾ منهنجي نرمائي، منهنجي هڪ مرد هئڻ واريءَ ايمانداريءَ تي
ڪڏهن به اثر نه وجهي. تون پنهنجي مرضيءَ موجب ڪو ڏينهن مقرر ڪر، ڀلي اهو ايترو پري هجي، جيترو تون ٺيڪ سمجهين ۽ ساڳئي وقت اهو خيال رک، ته
”مسٽر ٿارنهل“ کي پڻ ان مقرر ڪيل وقت جي خبر پوي، جنهن تي آءٌ توکي ٻئي جي حوالي ڪرڻ جي چاهنا رکان ٿو، جيڪڏهن هو سچ پچ تو کي پيار ڪري ٿو
ته پوءِ سدنس عقل، سليم کيس يڪدم ڏسيندو ته صرف هڪڙو ئي طريقو آهي، جنهن وسيلي هو تنهنجيءَ هميشه جي جدائيءَ کي روڪي سگهي ٿو“ جيئن ته
”اوليويا“ هيءُ مڪمل طرح انصاف تي بيٺل سمجهي ، تنهن ڪري ان کي ٽاري نه سگهي، ۽ يڪدم قبول ڪيائين، هن ”مسٽر ٿارنهل“ جي بيوفائيءِ جي حالت ۾
”مسٽر وليمس“ سان شادي ڪرڻ جو جو قطعي وعدو ڪيو، ان کانپوءِ ايندڙ موقعي تي ”مسٽر ٿارنهل“ جي موجودگيءَ ۾ ”مسٽر وليمس“ سان ”اوليويا“ جي
شادي جو ڏينهن مقرر ڪيو ويو.،
ڏٺو ويو ته مٿي بيان ڪيل زور ڀرين ڪاررواين زميندار ”مسٽر ٿارنهل“ جي انتظار کي ٻيڻو ڪيو ٿي، پر سچ پچ ته جيڪي ”اوليويا“ محسوس ڪيو ٿي، تنهن مون کي ڪجهه پريشان ڪيو، هن عقل ۽
عشق جي جهڳڙي ۾ سندس شگفته دلي کيس ڇڏي ويئي، هوءَ هر ڪو وجهه خلوت ۾ گذارڻ جو وٺندي هئي ۽ اهو وقت ڳوڙهن ڳاڙڻ ۾ صرف ڪندي هئي، هڪ هفتو
گذري ويو، مگر”مسٽر ٿارنهل“ سندس شاديءَ کي روڪڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي. ايندڙ هفتي تي پڻ هو اڃا تائين پنهنجي ارادي تي محڪم رهيو ۽ ڪجهه به
پڌرو نه ڪيائين، ٽئين هفتي هن پنهنجو اچڻ مڪمل طرح بند ڪري ڇڏيو، منهجي ڌيءَ ڪنهن بي صبريءَ جي ظاهر ڪرڻ بدران، جيئن مون اميد ٿي ڪئي، تيئن
پنهنجو دکدائڪ صبر محفوظ رکندي ڏٺي ويئي، سندس صبر کي مون تسليم جي نشاني ڪري سمجهيو، مون کي پنهنجي سر ائين معلوم ڪرڻ تي دلي خوشِ حاصل ٿي
ته منهنجي ٻچي جي شادي کل خوشيءَ ۽ صبر سانت ۾ ڪئي ٿي وڃي ۽ ديکا ديکيءَ تي خوشيءَ کي ترجيح ڏيڻ واري سندس فيصلي تي بار بار آفرين ڪيم.
سندس شاديءَ لاءِ مقرر ڪيل ڏينهن کان اٽڪل چار ڏينهن اڳ سڀيئي گهر جا ڀاتي رات جي وقت دل کي فرحت ڏيندڙ باهه جي چوڌاري مڙيا ويٺا هئا ۽ گذريل زماني جون آکاڻيون ٻڌائي ۽ مستقبل
لاءِ تجويزون رٿي رهيا هئا، هو هزارين تجويزون جوڙڻ تي جيڪا حماقت وڏي ۾ وڏي صادر ٿئي ٿي، ان تي کلڻ ۾ مشغول هئا، مون چيو، ”منهنجا پٽ
موزز، پنهنجي گهر ۾ جلد وهانءَ ٿيڻ وارو آهي، وهنواري حالات ۽ معاملات بابت تنهنجو ڪهڙو رايو آهي؟“ ”بابا، منهنجو اندازو آهي ته سڀ ڪم
پوريءِ طرح هلي رهيا آهن، اجهو هاڻي آءٌ خيال ڪري رهيو هوس ته جڏهن اسان جي ڀيڻ ”وليمس“ هاريءَ سان شادي ڪندي ، تڏهن اسان کي سندس صوفن مان
عرق ڪڍڻ جي چاپ ۽ شراب کي چڪائڻ جا پيپ سواءِ ڪنهن اجوريءِ ڏيڻ جي ملي سگهندا.“ مون چيو،”اسين اهو وهانءَ ڪنداسسون، ۽ ان جي عيوض هو اسان
کي خوش ڪرڻ لاءِ هڪ راڳ، ”موت ۽ اها عورت “ڳائي ٻڌائيندو.“ موزز چيو، ”هن اهو راڳ پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ ”ڊڪ“ کي پڻ سيکاريو اهي ۽ آءٌ سمجهان
ٿو ته اهو راڳ تمام چڱيءَ نموني ۾ ڳائي سگهي ٿو.“ مون چيو ، ”ڇا هو اهو راڳ ڳائي سگهي ٿو؟ ته پوءِ اچو ته ٻڌون، ننڍڙو ”ڊڪ“ ڪٿي آهي؟ ڀلي هو
اسان کي اهو راڳ ڳائي ٻڌائي.“ ننڍڙي ”بل“ واڪو ڪري چيو، منهنجو ڀاءُ ”ڊڪ“ اجهو هاڻ اديءَ ”لوي“ سان ٻاهر ويو آهي. پر ”مسٽر ويلمس مون کي پڻ
ٻه راڳ سيکاريا آهن، جي آءٌ اوهان کي ڳائي ٻڌائيندس، اوهان کي ڪهڙو راڳ وڌيڪ پسند آهي، مرڻينگ هنس پکي وارو يا ڇتي ڪتي جي موت تي مرثيو؟“
مو چيو، ”مون کي هر حالت ۾ مرثيو پسند آهي، مون اهو اڃا تائين نه ٻڌو آهي، ۽ منهنجي پياري ”ڊيبورا“ تو کي خبر آهي ته درد ڪهڙو نه ڏکوئيندڙ
آهي، اچو ته هڪ شيشو خارتوتي شراب جو پنهنجي دل کي بهاريءَ ۾ رکڻ لاءِ پيون، مون اڳي سڀني قسمن جي مرثين تي ايترو ته گهڻو رنو آهي، جو مون
کي خاطري آهي، ته دل ۾ نئين روح ڦوڪيندڙ گلاس کانسواءِ اهو مون تي قابض پئجي ويندو، ”صوفي“ پنهنجي ستار کڻ ۽ پنهنجي ڀاءُ سان ڪجهه وقت لاءِ
اها وڄاءِ.
فليمش
اسڪول؛ هيءُ هڪ نقاشيءَ جو اسڪول آهي، جو پندرهين صديءَ جي
وئن
اويڪ (Euck van)
۽ سندس ڀائرن برپا
ڪيو هو، هن ۾ اوائلي استاد ميلملنگ
(Memling)
ويڊن (Weuden)
مئٽسز (Metsys
مئبوز(Mabuse)
۽ مور
(More) هئا، ان کان پوئين زماني
۾ منجهس هيٺيان مکيه استاد هڪ ٻئي جي پويان ڪم ڪندا آيا، ربنس ريمبرئنڊ
(Rembrand)
پالپاٽر (paulpatter)
۽ جوريڊينس(Jordaens)
.
زهر(Venus)
هي هڪ سعد گره سمجهيو ويندو آهي، کيس عشق ۽ محبت جي ديوي ڪوٺيو ويندو آهي.
محبت
جو ديوتا (Cupid)
يوناني ڏند ڪٿائن موجب عشق کي هڪ انڌي ڇوڪرسان تمثيل طور پيش ڪيو ويندو آهي، ان خيالي ڇوڪر کي هٿ ۾ تير
ڪمان آهي، جڏهن اهو تير چٽيندو آهي، تڏهن هڪ ٻئي انسان تي عاشق ٿي پوندو آهي.
سڪندر
اعظم (Alexander the great)
(356 ق.م کان 323 ق. م تائين) هيءُ مقدونيا جو بادشاهه هو، هن ساري دنيا فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ ان کي
عملي جامي پهرائڻ لاءِ هن جدا جدا ملڪن تي ڪاهون ڪيون، هندستان پڻ سندس ڪاهه کان بڇيل نه هو.
رابنسن
ڪروزو؛ هن جو احوال باب ستين ۾ صفحي جي زير حاشيه ۾ ڏنو ويو آهي.
|