باب ڇهون
ٻهراڙيءَ جي خوشي
جيئن ته اسان اڳيون تڪرار پئي ڪيو، تيئن انهن معاملن کي وڌيڪ موافق بڻائڻ لاءِ اهو قبول ڪيو ويو، ته اسان کي انهيءَ شڪار جو ڪجهه حصو رات جي ماني طور واپرائڻ گهرجي. ڇوڪرين اهو
ڪم پاڻ تي کنيو، مون چيو، ”مون کي ارمان آهي ته اسان جي هن عمدي، دعوت ۾ ڀائيوار ٿيڻ لاءِ اسان وٽ ڪو به پاڙيسري يا اجنبي ماڻهو نه آهي، هن
نموني جون دعوتون مهمان نوازيءِ مان ٻٽو مزو حاصل ڪن ٿيون“ منهنجيءَ زال چيو، ”مون کي دعا ڪر، اجهو اسان جو دوست، ”مسٽر برچل“ جنهن اسان جي
”صوفيا“ کي ٻڏڻ کان بچايو، ۽ تون کي بحث ۾ گهڻي قدر کٽايو، اچي پيو.“ مون چيو، ”مون کي مناظري ۾ ڪوڙو ڪيائين، منهنجي پياري تون ان ۾ غلطي
ٿي ڪرين، مون کي يقين آهي ته ڪي تمام جزوي ماڻهو هوندا جي ائين ڪري سگهن ٿا، آءٌ ڪڏهن به تنهنجي شراب تيار ڪرڻ جي قابليتن بابت تڪرار ڪو نه
ٿو ڪريان ۽ عرض ٿو ڪريان ته توهين پڻ بحٽ کي مون تي ڇڏي ڏيو“ جيئن مون ڳالهايون تيئن ”مسٽر برچل“ گهر ۾ گهڙيو ۽ سڄي ڪٽنب ان جو آڌرڀاءُ
ڪيو، هنن کيس هٿ ڏيئي کيڪاريو، مگر ”ڊڪ“ اڳرائي ڪري هن کي ڪرسي ڏني.
آءٌ هن غريب ماڻهو جي دوستي کان ٻن سبب ڪري راضي هوس، هڪ ته مون کي خبر هئي، ته هن کي منهنجي دوستي جي ضرورت هئي ۽ ٻيو ته مون سمجهيو ٿي، ته جيتري قدر کانئس ٿي سگهيو ٿي، اوتري
قدر هو اسان سان دوستاڻي سلوڪ ۾ هو، هو اسان جي پاڙي ۾ ”غريب سکر ماڻهو“ جي نالي سان ڪوٺيو ويندو هو، هن جوانيءَ ۾ ڪو به پاڻ لاءِ چڱو ڪم
نه ڪيو هو، جيتوڻيڪ هو اڃا ٽيهن ورهين جو مس هو، هو ڪن وقتن تي نهايت عقل سليم سان ڳالهائيندو هو، مگر گهڻو ڪري ٻارن جي ڪچهريءَ جو شوقين
هوندو هو، ۽ کين ”ننڍڙا ماڻهو“ ڪوٺيندو هو . مون کي معلوم ٿيو ته هو ٻارن کي راڳ ڳائي ٻڌائڻ لاءِ مشهور هو، ۽ هميشه ڪانه ڪا شيءِ، جنجر ڪيڪ
جا ٽڪرا يا هڪ پيني جي توتاري پنهنجي کيسي ۾ کڻي وڃڻ کان سواءِ ٻاهر نه نڪرندو هو. هو گهڻو ڪري ساليانو هڪ دفعو ڪجهه ڏينهن لاءِ اسان جي
پاڙي ۾ ايندو هو ۽ پاڙي وارن جي مهمانداريءَ تي گذاريندو هو، هو اسان سان گڏ رات جي مانيءَ تي ويٺو ۽ منهنجي زال کيسي خارتوتي شراب پيارڻ ۾
ڪا به ڪثر نه ڇڏي. ڳالهه چوڌاري پکڙجي ويئي، هن اسان کي جهونا راڳ ٻڌايا ۽ ٻارڙن کي صابر جراسيل[1]
جي تاريخ، بيورلئنڊ جي هرڻ جي آکاڻي، ڪئٽسڪن جا حيرت انگيز ڪارناما ۽ سوڀياوان روزامند[2]
جي خلوق گاهه جي آکاڻي ٻڌائي، اسان جو ڪڪڙ، جو هميشه يارهين بجي ٻانگ ڏيندو هو، تنهن هاڻي اسان کي اطلاع ڏنو ته اهو آرام ڪرڻ جو وقت هو،
اوچتو برچل“ جي سمهڻ جي جاءِ بنسبت تڪليف پيدا ٿي، اسان جا جملي بسترا اڳيئي وڇايا پيا هئا ۽ ايتري ته دير ٿي ويئي هئي، جوکيس ڀر واريءَ
سراءِ ۾ موڪلي نٿي سگهياسون، هن مشڪلات جي وقت ”ڊڪ“ کيس پنهنجي بستري جو حصو آڇيو، بشرطيڪ هن جو ڀاءُ ”موزز“ کيس پاڻ سان گڏ سمهڻ ڏيندو،
”بل“ دانهن ڪري چيو، ”جيڪڏهن منهنجيون ڀينرون مون کي پاڻ سان گڏ سمهاريون ته آءٌ ”مسٽر برچل“ کي پنهنجو بسترو ڏيندس، مون چيو شاباس منهنجا
ٻالڪ! مهمانداري عيسائين جي اولين فرضن مان هڪ فرض آهي، حيوان پنهنجي اجهي ۾ پناهه وٺي ٿو ۽ پکي پنهنجي آکيري ڏي اڏامي وڃي ٿو، مگر محتاج
انسان صرف پاڻ جهڙي مخلوق کان ئي پناهه حاصل ڪري ٿو، مون پنهنجي زال کي چيو ”ڊيبورا! هنن ٻارن مان هر هڪ کي هڪ لپ کنڊ جي ڏي، ۽ ڀلي ته ”ڊڪ“
جي لپ وڏي ۾ وڏي هجي، ڇا ڪاڻ ته هن پهريائين ڳالهايو آهي.“
صبح جو سويل مون پنهنجي ڪٽنب کي پاڇاٽي گاهه جي اوڀڙ کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ جي ڪم ۾ مدد ڪرڻ لاءِ سڏيو ۽ برچل جي آڇ ڪرڻ تي کيس ڪم ۾ لڳايو ويو، اسان جي محنت بي توجهيءَ سان پئي
هلي ۽ اسان ڏانٽي سان لڻيل گاهه جو رخ هوا ڏانهن ڦيرايو. آءٌ سڀني کان اڳ ويس ۽ ٻين واري وٽيءَ سان منهنجي پٺ ورتي. ”مسٽر برچل، جيڪا
منهنجي ڌيءَ کي مدد ڪئي، اها آءٌ آساني سان ڏسي سگهيس ٿي، پنهنجي ڪم پوري ڪرڻ کانپوءِ هو منهنجي ڌيءَ جي ڪم ۾ شامل ٿي ويو ۽ ان سان گفتگو ۾
مشغول ٿي ويو، مگر مون کي ”صوفيا“ جي سمجهه بابت اهڙو ته سٺو رايو هو ۽ سندس دلي طلب کان ايترو ته مطمئن هوس، جو هن ڪريل بخت واري ماڻهوءَ
کان ڪا به بيچيني محسوس ڪري نه سگهيس، جڏهن اسان ڏينهن جو ڪم ختم ڪيو تڏهن ”مسٽر برچل“ کي اڳئين رات وانگر مدعو ڪيو سون، مگر جيئن ته هن کي
هڪ پاڙيسريءَ جي گهر ۾ رهڻو هو، جنهن جي ٻار لاءِ هو توتاري کڻي آيو هو، تنهن ڪري هن انڪار ڪيو، جڏهن ويو تڏهن رات جي ماني تي اسان سندس
بابت گفتگو ڪئي، مون چيو ، ”هيءَ غريب ماڻهو انهن پريشانين جو هڪ مثال آهي، جيڪي هڪ هلڪائي واري نوجوان کي حصي ۾ مليل آهي، هيءُ ڪنهن به
نموني شعور جو گهرجائو نه آهي، جو صرف سندس اڳئينءَ غلطيءَ کي وڌيڪ سنگين ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو، هيءَ هڪ غريب ڏتڙيل مخلوق آهي، ڪٿي آهن، هاڻي
اهي عيش عشرت ۾ ساٿي ٿيندڙ، چاپلوسي ڪندڙ،جن کي هي ڪنهن وقت همٿائي ۽ حڪم هيٺ رکي سگهيو ٿي! اهي هن جي فضول خرچيءَ مان شاهوڪار ٿي شايد
بدڪاريءَ جي اڏن جي مجيرين وٽ ڏن ڏيڻ ويا آهن، اهي ڪڏهن هن جي تعريف ڪندا هئا. مگر هاڻي ڌوتن جي تعريف ڪن ٿا، هنن جون اڳيون خوشيون سندس
ظرافت باعث هيون، سي هاڻي هن جي بي عقليءَ ڪري طعني ۾ تبديل ٿي ويون آهن، هيءَ غريب آهي ۽ شايد غربت جو لائق به، ڇو ته نڪي هن کي پاڻ تي
ڀاڙڻ جي تمنا آهي ۽ نڪي ڪارائتي ٿيڻ جو هنر اٿس.“ شايد ڪن ڳجهن سبب جي روح افزائيءَ ڪري مون هي پنهنجا تاثرات تمام تيزي سان (ٻين تائين)
پهچايا. منهنجي ڌيءَ ”صوفيا نرميءَ سان چيو،“ بابا هن جي اڳئين هلت ڪهڙي هجي، مگر سندس موجوده حالات کي گهرجي ته اهي هاڻي کيس ڪنهن به
ملامت کان بري ڪن. هن جي هاڻوڪي تنگدستي سندس اڳئينءَ غلطيءَ جي ڪافي سزا آهي، ۽ مون پنهنجي پيءُ کي خود چوندو ٻڌو آهي، ته اسان ان مظلوم
کي غير ضروري ضرب نه رسايون، جنهن تي الله تعاليٰ پنهنجي ناراضگي ظاهري ڪري چڪو آهي.“ منهنجي پٽ ”موزز“ چيو ته ”صوفي“! تون صحيح آهين،
جهونين آکاڻين مان هڪ ۾ ان ٻهراڙي واري ماڻهوءَ بابت احوال ڏنل آهن، جنهن ”مرسياس“[3]
جي جيئري کل لاٿي هئي، اها آکاڻي اسان کي ٻڌائي ٿي ته انهي جي کل وري ٻئي جي هٿان ٽڪرا ٽڪرا ٿي لٿي، آءٌ نٿو سمجهان ته هن غريب ماڻهوءَ جو
درجو اهڙو ڪو ڪريل آهي، جهڙو اسان جو پيءُ ان کي پيش ڪري ٿو. اسين ٻين ماڻهن جي احساس جو فيصلو انهن احساسن سان ڪري نٿا سگهون. جيڪي هوند
اسان احساس محسوس ڪريون، جيڪڏهن هنن جي حالت ۾ هجون، ڪاري انڌي ڪئي جي رهڻ جي جاءِ اسان کي ڪيتري به کڻي اونداهي نظر اچي، ته به ان جانور
کي اها ڪوٺي ڪافي روشن ڏسڻ ۾ اچي ٿي. حق جي ڳالهه اها آهي ته هن ماڻهوءَ جي دل سندس درجي سان پوريءَ طرح ٺهڪي اچي ٿي، ڇا ڪاڻ ته اڄ جنهن
وقت هن تو سان گفتگو پئي ڪئي، ان وقت هو اهڙو ته خوش ڏسڻ ۾ ٿي آيو، جنهن جهڙو مون ڪنهن به ماڻهوءِ کي ڪڏهن ڪو نه ڏٺو،“ جيتوڻيڪ ”موزز“
مٿئين ڳالهه سواءِ ڪنهن مقصد جي ڪئي، ته به انهيءَ صوفيا جي حياءَ کي ڀڙڪايو، جنهن حياءَ کي مصنوعي کل سان ڍڪڻ لاءِ هن ڪوشش ڪئي ، هن خاطري
ڏني ته هن جيڪي به کيس چيو هو، ان ڏانهن پاڻ ورلي ڪو توجهه ڏنو هئائين. هن اهو پڻ قبول ڪيو ته کيس يقين هو ته هو ڪنهن وقت هڪ باوقار شريف
ماڻهو هو، جنهن ڦڙتائيءَ سان ”صوفيا“ پاڻ کي بي ڏوهي ٺهرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جيڪي سندس شرمساريءَ جون علامتون هيون، تن کي مون اندرونيءَ طرح
پسند نه ڪيو، مگر پنهنجن شڪن کي دٻائي ڇڏيم. جيئن ته اسان کي اميد هئي ته زميندار ٻئي ڏينهن تي اسان وٽ ايندو، تنهن ڪري منهنجي زال شڪار
واري گوشت جو سنبوسو تيار ڪرڻ ويئي، ان وقت موزز، پڙهڻ ويٺو ۽ مان ننڍن ٻارن کي سيکارڻ ويٺس. منهنجون ڌيئرون پڻ ٻين وانگر مشغول ڏٺيون
ويون، هنن ڪافي وقت کان باهه تي ڪا شيءَ پي پچائي، مون پهريائين سمجهيو ته انهن پنهنجيءَ ماءُ کي مدد پئي ڪئي، پر ننڍڙي ”ڊڪ“ مون کي آهستي
ٻڌايو، ته اهي منهن ڌوئڻ جو ڌوپ ٺاهي رهيون هيون، سڀني قسمن جي ڌوپن لاءِ مون کي فطري طرح نفرت هوندي هئي، ڇا ڪاڻ ته آءٌ سمجهندو هوس ته
اهي چهري کي سنوارڻ جي عيوض ان کي بگاڙين ٿا، مون پنهنجي ڪرسييءَ کي مخفي طرح آهستي آهستي باهه ڏانهن ويجهو ڪيو ۽ باهه چورڻ واري سيخ کنئي
۽ بظاهر اتفاقاً سڄي ڌوپ کي اونڌو ڪري ڇڏيم ۽ ايتري دير ٿي ويئي هئي جو ٻيو تيار ٿي نٿي سگهيو.
باب ستون
هڪ شهري مذاق
اهو آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو، ته جنهن ڏينهن اسان کي پنهنجي نوجوان زميندار جي مهماني ڪرڻي هئي، تڏهن پاڻ کي ڪنڌ کڻڻ جهڙو ڪرڻ لاءِ ان تي ڪيترو سيڌو کپائڻو پيو ۽ منهنجي زال
۽ ڌيئرن انهي موقعي تي پنهنجي بهترين نمائشي زرق برق واري لباس جي ڪيتري نمائش ڪئي، ”مسٽر ٿارنهل“ پنهنجن ٻن رفيقن سان آيو، جن مان هڪ سندس
پادري هو ۽ ٻيو سندس ماني کارائيندڙ، ساڻس ٻيا جيڪي بيشمار نوڪر هئا، تن کي هن مهذب طريقي ٻئي ڪلال خاني ڏانهن روانو ڪيو، ليڪن منهنجيءِ
زال پنهنجيءَ فراخ دليءَ ڪري، انهن سڀني کي مهماني ڪرڻ تي اصرار ڪيو، جنهن ڪري اسان جي ڪٽنب پويان ٽي هفتا تڪليف ۾ گذاريو، جيئن ته ”مسٽر
برچل“ اڳئين ڏينهن تي اسان سان اشارتا ظاهر ڪيو هو، ته زميندار ”ٿارنهل“ ”جارج“ جي اڳئين محبوبه ”مس ولماٽ“ کي شادي جون درخواستون ڪري رهيو
هو، تنهن ڪري ان احوال سندس استقبال جي خلوص کي گهڻي ڀاڱي شڪسته ڪري وڌو، پر هڪ اوچتي واقعي اسان جي پريشانيءَ کي ڪجهه قدر گهٽايو، ڇاڪاڻ
ته سندس ساٿين مان هڪ ماڻهو جڏهن مس ولماٽ جو نالو زبان تي آندو، تڏهن ”مسٽر ٿارنهل“ قسم کڻي چيو ته اهڙيءَ خوفائتيءَ کي حسين سڏڻ کان وڌيڪ
واهيات ٻيءَ ڪنهن به ڳالهه جي کيس اصل خبر نه هئي، هن سلسه ڪلام جاري رکندي چيو، ”جيڪڏهن آءٌ سينٽ ڊنسٽن“ جي ديول واري گهڙيال هيٺان رکيل
بتيءَ جي معلومات سان پنهنجيءَ محبوب جي چونڊ ۾ ايتري گهڻي خوشي حاصل نه ڪريان ته پوءِ مون کي هڪ بداطور لاءِ نشان ڪيو وڃي.“ ائين چئي هن
کليو ۽ اسان پڻ کليا سين ڇو ته شاهوڪارن جا چرچا هميشه ڪامياب ٿيندا آهن. ”اوليويا“ پڻ ڪافي بلند آواز سان ڀڻ ڀڻ ڪرڻ کان پاسو ڪري نه سگهي
ته ”ٿارنهل“ تمام خوش مزاج هو.
رات جي ماني کانپوءِ مون ديول جي سلامتيءَ جي دستوري صحت جام پيڻ جي شروعات ڪئي، جنهن لاءِ پادريءَ منهنجي شڪر گذاري ڪئي. هن چيو ته ته ديول ئي سندس اڪيلي محبوب هئي، زميندار
پنهنجي دستوري عياريءَ سان چيو ته ”جرمن نسل وارا اچ، سمجهه ته هڪ طرف تنهنجي موجوده محبوب ديول ريشمي چوغن ۾ ملبوس ٿيل ۽ ٻئي طرف ”مس
صوفيا“ مذڪوره چوغن کان سواءِ بيٺل آهي، اسان کي ايمانداري سان ٻڌاءِ ته تون ڪنهن کي پنهنجو ڪندين؟“ يقيناً ٻنهي کي “، پادريءَ واڪو ڪري
چيو، زميندار وڏي آواز ۾ چيو، ”ٺيڪ، ڇا ڪاڻ ته هڪ خوبصورت ڇوڪري سڄي ڪائنات ۾ پادريءَ جي شايان شان حڪمت عمليءَ جي قيمت رکي ٿي، جيڪڏهن
ائين نه هجي ته پوءَ ڀلي هيءَ گلاس مون کي گهٽي وجهي، ڇا ڪاڻ ته هي ڏهون حصو ڏن ۽ حرفتون ڇا آهن؟ محض محصول، اها صرف پڪي مڪاري آهي ۽ آءٌ
اهو ثابت ڪري سگهان ٿو“ منهنجي پٽ موزز چيو، آءٌ چاهيان ٿو ته تون اهو ثابت ڪرين ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته مان تو کي ان جو جواب ڏيئي سگهندس“
زميندار چيو، ”سائين تمام چڱو“ ۽ يڪدم هن ڏانهن غور سان نهارڻ شروع ڪيائين، ”جيڪڏهن تون انهيءَ موضوع تي ٿڏي سيني سان بحث ڪرڻ جي فائدي ۾
آهين. ته آءٌ تنهنجي للڪار قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پر پهريائين ٻڌاءِ ته تون پنهنجي بحث جي ترتيب منطقي طرح ڪندين يا غير منطقي طرح؟“
منهنجي پٽ مناظري جي اجازت تي خوش ٿي چيو، ”آءٌ ان کي عقلي طور تي ترتيب ڏيڻ جي فائدي ۾ آهيان.“ ”زياده چڱو“ زميندار چيو ”پهريائين مون کي اميد آهي ته تون ان کان ڪو نه
نٽائيندين، ته جيڪي آهي، تنهن کي وجود آهي، جيڪڏهن تون اها ڳالهه قبول نه ڪندين ته آءٌ اڳتي نه هلندس.“ ”موزز“ وراڻيو، ڇو، منهنجو خيال آهي
ته آءٌ اهو قبول ڪريان، ۽ ان مان بهترين فائدو حاصل ڪريان“ زميندار جواب ڏنو، ” آءٌ اميد رکان ٿو تون اهو پڻ قبول ڪندين، ته هڪ حصو سڄي کان
گهٽ . آهي.“ موزز جواب ڏنو”آءٌ اهو پڻ قبول ڪريان ٿو . اهو چوڻ بلڪل صحيح ۽ مناسب آهي،“ زميندار چيو. ”مون کي اميد آهي ته تون ان کان پڻ
انڪاري نه ٿيندين ته هڪ ٽڪنڊي جون ٽي ڪنڊون ٻن گوني ڪنڊن جي برابر آهن.“ ٻئي جواب ڏنو، ڪا به ان کان وڌيڪ صحيح ۽ پڌري ڳالهه ٿي نٿي سگهي ۽
چوڌاري دستوري فوقيت سان نهاريائين، زميدنار تڪڙو ڳالهائيندي چيو، ”تمام چڱو، مقدمات جي ان نموني ۾ فيصل ٿيڻ تي آءٌ هن چوڻ سان اڳتي وڌان
ٿو، ته شخصي وجود جو هڪ ٻئي تي مدار رکندڙ شين جو سلسلو نقل واريءَ نسبت ۾ هو بهو وڌيندي فطري طرح بحث مباحثي لائق گفتگو پيدا ڪري ٿو، جا
ڪجهه قدر ثابت ٿي ڪري ته روحانيت جو جوهر، ”ارسطوءَ“[4]
جي منطقي محمول[5]
جي سپرد ڪيو وڃي.“ ٻئي چيو، ” جهل جهل آءٌ ان کان انڪاري آهيان، ڇا تون سمجهين ٿو ته آءٌ ائين ڍرائيءَ سان اهڙن بي ديني جي اصولن اڳيان
جهڪندس“؟ زميندار جذبات ۾ اچي جواب ڏنو، ”ڇا تون قبول نه ڪندين! مون کي هڪ سنئين سڌي سوال جو جواب ڏئي، ڇا تون ارسطوءَ کي صحيح ٿو سمجهين،
جڏهن هو چوي ٿو ته سڀ رشتيدار پاڻ ۾ هڪ خاص نسبت رکندڙ آهن؟“ ”بيشڪ“ ٻئي جواب ڏنو، زميندار چيو. ”جيڪڏهن ائين ته پوءِ جيڪي آءٌ پيش ڪريان
ٿو، ان جو سڌي طرح جواب ڏي، جيڪڏهن تون منهنجي قياس استشنائيءَ واري نامڪمل نسبت جي طور تي يا به لحاظ منفي پهرئين جي تجزي جي طريقي واريءَ
تحقيقات سان فيصلو ڪرين ٿو ته آءٌ چوان ٿو ته ، سڌيءَ طرح مون کي پنهنجا دليل ڏي، موزز چيو ”آءٌ اعتراض طور چوان ٿو ته آءٌ توهان جي بحث جي
معنيٰ پوريءَ طرح سمجهي نٿو سگهان. مگر جيڪڏهن ان کي ڪنهن سوليءَ ٻوليءَ ۾ ترتيب ڏنو وڃي ته آءٌ ڀانئيان ٿو ، ته پوءِ شايد ان جو جواب ڏيئي
سگهان ٿو.“ زميندار چيو، ”او سائين آءٌ اوهان جو نماڻو خادم آهيان. آءٌ سمجهان ٿو ته توهين چاهيون ٿا ته آءٌ اوهان کي دليل ۽ فهم فراست
پهچايان، نه، آءٌ دعويٰ سان ٿو چوان ته توهين مون سان بحث ۾ تمام سخت آهيو.“ هن موثر طريقي ۾ غريب موزز جي مٿان کل کي اڀاريو، جو ئي صرف
خوش مزاج چهرن جي ٽوليءَ ۾ غم جو مجسمو بنيو ويٺو هو، هن سڄيءَ وندر جي عرصيءَ ۾ هڪ به وڌيڪ ڀڻڪو نه ڪڍيو.
جيتوڻيڪ هن سجھي روئداد مون کي ڪو به مزو ڪو نه ڏنو، پر ”اوليويا“ تي ان جو تمام منفرد اثر پيو، هن غلطي کان ان گفتگوءَ کي خوش طبعي ڪري سمجهيو، ۽ انهيءَ ڪري زميندار کي هڪ
نهايت شريف ماڻهو ڪري سمجهيو، اهي جي سهڻي صورت، عمده ڪپڙن ۽ دولت کي ڪنهن به شخص لاءِ تمام طاقتور شيون سمجهن ٿا، سي کيس سهوليت سان معاف
ڪندا، مسٽر ”ٿارنهل“ باوجوديڪ سندس اڻ ڄاڻائپ جي آزاديءِ سان ڳالهايو ۽ تمام معمولي موضوعن تي بيحد تڪڙائيءَ سان تفصلي وار بيان ڪرڻ لڳو،
اها ڇوڪري جيڪا تعليم سان شڪل شبيهه جي پنهنجي اندر ۾ قيمت ڪرڻ سکي آهي، سا ٻئي ۾ پڻ ان جي قيمت رکي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن مٿي بيان ڪيل
لياقتون سندس پيار حاصل ڪن ته ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي.
نوجوان زميندار جي رواني ٿيڻ تي، اسين وري سندس خوبين بنسبت بحث مباحثي ۾ لڳي وياسون. جيئن ته هن پنهنجويون نگاهون توڙي گفتگو، ”اوليويا“ ڏانهن مخاطب ٿي ٿي ڪئي، تنهن ڪري گهڻو
وقت شڪ ڪرڻو نه پيو، مگر خاطري ٿي ته هوءَ ئي هڪ مقصد هئي، جنهن کيس اسان جي ملاقاتي ٿيڻ لاءِ آماده ڪيو هو، ”اوليويا“ سندس ڀاءُ ۽ ڀيڻ
مٿان ان موقعي تي ٿيل ناحق ٺٺوليءَ تي گهڻو ناراض ڏسڻ ۾ نه آئي، مورڳو ”ڊيبورا“ پڻ ان ڏينهن جي خوشين ۾ حصو وٺندڙ ڏٺي ويئي ۽ پنهنجي ڌيءَ
جي ڪاميابي تي گهڻي خوشي ڪرڻ لڳي... هن مون کي چيو پيارا، آءٌ دعويٰ سان چونديس، ته اها آءٌ ئي هيس، جنهن پنهنجي ڌيئرن کي زميندا جي خطابن
جي حوصلي افزائي ڪرڻ لاءِ هدايت ڪئي هئي، اها ئي منهنجي دلي تمنا هئي ۽ هاڻي تون ڏسين ٿو ته آءٌ صحيح هيس، ڇا ڪاڻ ته ڪنهن کي خبر ته آخر ڇا
ٿيڻو آهي.؟“ مون ڪنجهڪار ۾ جواب ڏنو، ”ها بيشڪ، اهو ڪير ڄاڻي ٿو، آءٌ پنهنجي سر پڻ ان کي پسند نٿو ڪريان، آءٌ هن خوبصورت، دولتمند ۽ بي دين
سکر ماڻهوءَ کان وڌيڪ ان ماڻهوءَ کان خوش ٿي سگهان ها، جو غريب ۽ ايماندار هجي، ڇا ڪاڻ ته اها خاطري ڪر ته جيڪڏهن هيءُ اهڙو آهي، جهڙو مون
کي هن ۾ شڪ آهي ته پوءِ ڪو به آزاد ماڻهو منهنجي ٻارن کي پنهنجو نه ڪندو.“
”موزز“ چيو ”تحقيق بابا توهان انهي ۾ مڪمل طرح غلط آهيو، ڇاڪاڻ ته آسمان ڪڏهن به انسان کي ان لاءِ ڏوهي نه ٺهرائيندو، جيڪي هو ويچاري ٿو، پر ان لاءِ ڏوهي ٺهرائيندو، جيڪي هو ڪري
ٿو، هر ڪنهن ماڻهو کي دل ۾ هزارين خيال پيدا ٿين ٿا. جي سندس دٻاءَ جي طاقت نه هئڻ سبب اڀرن ٿا، دين بابت آزاديءَ سان خيال ڪرڻ، هن سکر
ماڻهوءَ لاءِ شايد بغير ڪنهن خواهش جي هجي، انهي ڪري جيڪڏهن کڻي هن جي جذبن جو غلط هئڻ قبول ڪجي، ته به جيئن ته هي انهن کان دٻائي ڇڏڻ کان
مجبور آهي، انهيءَ ڪري هو انهيءَ شهر جي گورنر کان وڌيڪ مياري نه آهي، جنهن شهر کي بچاءُ جون ديوارون نه آهن ۽ گورنر دشمن کي اجهي ڏيڻ لاءِ
مجبور ٿي پوي ٿو.
مون چيو، ”منهنجا پٽ، سچ، پر جيڪڏهن گورنر دشمن کي اتي مدعو ڪري، ته پوءِ انصاف جي تقاضائن مطابق قصور وار آهي ۽ اهائي حالت هميشه انهن ماڻهن جي آهي، جيڪي غلطي کي اختيار ڪن
ٿا، جيڪي ثابتيون، هو ڏسن ٿا، انهن کي قبول ڪرڻ ۾ خرابي نه آهي، مگر جيڪي ثبوت سندن اڳيان پيش ٿين ٿا، انهن مان گهڻن ڏانهن غور چشميءَ ۾
آهي، انهن لاءِ جيتوڻيڪ اسان جا غلطين وارارايا، جڏهن جڙن ٿا، تڏهن کڻي غير ارادي هجن، ته به جيئن ته اسين عمدا خراب ٿي پيا آهيون. يا انهن
جي بنائڻ ۾ تمام بي توجهه ٿيا آهيون، ته پوءِ پنهنجي بڇڙاين سبب اسين سزا يا پنهنجي چڪن سبب حقارت لائق آهيون.“
منهنجي زال هاڻي پنهنجي گفتگو شروع ڪئي، حالانڪ ان لاءِ کيس ڪو به موزون دليل نه هو، هن چيو ”اسان جي واقفيت وارن ماڻهن مان ڪيترا ماڻهو آزاد خيال رکندڙ هئا. ته به اهي چڱا
خاوند ٿي پيا ۽ مون کي ڪن سمجهدار ڇوڪرين جي خبر آهي، جن پنهنجن مڙسن کي ديني ڳالهين ۾ ڦيرايو ۽ منهنجا پيارا ڪنهن کي خبر، ته اسان جي
”اوليويا“ ڇا ڪري سگهندي.“ هن پنهنجي ڪلام جو سلسلو جاري رکندي چيو،“ ڇوڪري کي گهڻو مواد هر ڪنهن موضوع تي چوڻ لاءِ آهي ۽ منهنجي ڄاڻ موجب
هوءَ مکيه نازڪ مذهبي مباحثن ۾ تمام قابل آهي.“
مون واڪو ڪري چيو، ”ڇو منهنجي پياري! هوءَ ڪهڙي مباحثو جو مطالعو ڪري سگهندي؟ مون کي ڪڏهن به ياد نٿو اچي، ته مون ڪو اهڙا ڪتاب هن جي هٿن ۾ ڏٺا، تون سچ پچ ته هن جي لياقت جو
وڌيڪ اندازو لڳائين ٿي. ”اوليويا“ جواب ڏنو، ”بابا سائين، سچ پچ ته هوءَ منهنجي بنسبت وڌيڪ اندازو نٿي لڳائي، مون مباحثن جو ڪافي مواد
مطالعو ڪيو آهي. مون ”ٿواڪم ۽ شڪائر“[6]
”رابنسن ڪروزو جهنگلي فرائيڊي“[7]
جي مباحثن جي احوال پڙهيو آهي، ۽ مان هاڻي ديني شادين جي آغازي محبت[8]
جي مطالعي ۾ مصروف آهيان،“ مون واڪو ڪري چيو ، ”تمام چڱو، تون سٺي ڇوڪري آهين، مان سمجهان ٿو ته تون مڙسن جي فطرت کي ڦيرائڻ جي اهل آهين،
پر هاڻي وڃي، پنهنجيءَ ماءُ کي شراب ٺاهڻ ۾ مدد ڪر.
صابر
جراسيل؛ چاسر جي ڪئنٽربري ٽيسل (Chaucers Centerbury
Tales) مان هڪ آکاڻي ڪلرڪس ٽيل
(The clerks Tale)
۾ هيٺين طرح احوال اچي ٿو، هيءُ هڪ ٻهراڙيءَ جي ڇوڪري آٿي، جا مارڪئس آف سليوسز
(Marquis of selues)
سان شادي ڪري ٿي، سندس مڙس هن کان ٻار کسي وٺي ٿو ۽ کيس مفلسيءَ ۾ اوڙاهه ۾ ڦٽو ڪري ٿو ۽ کيس حڪم ڪري ٿو
ته ٻيءَ شادي ڪرڻ ۾ مدد ڪري. چٽيل ۽
هي عورت سڀ ڪجهه صبر سان سهي ٿي ۽ ڪنهن به قسم جي دانهن نٿي ڪري ، هن نالي سان هڪ ڪتاب به لکيل آهي ، جو
ڊيڪر Chettle and Dekher
1606ع ۾ ڇپايو.
سوڀيا
وان
روزامنڊ؛(وفات
1176ع والٽر –ڊي ڪئليفورڊ )(Walter
–de –califird) جي ڌي هئي، چيو
وڃي ٿو ته سن 1174ع ۾ هي هينري ٻئي جي سريت
هئي ۽ راڻي
ايلينز (Queen Eleans)
کيس زهر پيئاري مارايو.
سندس موت جي حڪايت انگريزي شاعرن جدا جدا نظمن ۾ بيان ڪئي آهي.
مرسياس
ــــ يوناني ڏند ڪٿائن ۾ چيو
وڃي ٿو ته مرسياس جي هڪ مشهور بانسري وڄائيندڙ هو، جنهن اپالو
(Apollo)
کي موسيقي ۾ چئلينج ڏنو، ٻنهي جي وچ ۾ چٽا ڀيٽي ٿي، جنهن ۾ اپالو ڪامياب ٿيو ۽ مرسياس جي جيئري کل لهرائي
ڇڏيائين.
ارسطو
(Aristotle)
:
384-322ق.م) وڏو يوناني فيلسوف
هو، اٿينس ۾ پئلٽو (plato)
جي زير نظر تعليم حاصل ڪيائين، اتي ويهه سال رهيو، جلد فلپ مقدونيا جي بادشاهه کيس پنهنجي پٽ سڪندر جو
استاد مقرر ڪيو، جڏهن سڪندر (335ق م) تخت تي ويٺو، تڏهن ارسطو اٿينس ڏانهن واپس آيو، اتي هن وڏن تعليمي
ماهرن کي ڪيترا خطبا ڏنا ۽ پنهنجي تصنيفن جو وڏو انداز
جوڙيائين. هن جون تنصيفون جن جو ذهن تي تمام گهڻو اثر پوي ٿو اهي جدا جدا ڪيترن ڪلمن تي آهن.
منطق، اخلاق، علم نفسيات، نظم، علم، طبعي، علم حيوانات ۽ علم انشا، هن جون نهايت ئي اعليٰ تصنيفون علم
اخلاق ۽ سياست تي آهن، جيتوڻيڪ سندس سياست جي عمل جو دائرو صرف شهري حڪومت تائين محدود آهي.
يونائي
منطق ۾ محمولات (predicables)
جي سلسلي ۾ ارسطوءَ (384-322 ق.م ) کان اڳ محض محمول اول رواج ۾ هو، ۽ ٻيو نمبر محمول ثانيه دليل چٽو ڪرڻ
لاءِ ارسطوءَ رواج
۾ آندو.
ٿواڪم
۽ شڪائر؛ فيلڊنگ جي ناول ٽام جونس(Tom jonus)
جا ٻه اداڪار آهن، جي پاڻ ۾ جدا جدا مسئلن تي دليل دلائل ڪن ٿا.
رابنس
ڪروزو ۽ فرائيڊي؛ هڪ ناول رابنسن ڪروزو نالي ”ڊينئل ڊيفو“ (1660-1731) جو لکيل آهي، ان ۾ ڏيکاريل آهي ته
هي هڪ ڏينهن سفر تي نڪتو، جهاز جي ڀڄي پوڻ ڪري هڪ ٻيٽ تي اچي پهتو، ڪيترا ڏينهن تنها گذرڻ بعد هن اتي هڪ
“ريڊ انڊين“ کي ڏٺو، جنهن کي آدم خورن اتي آندو هو، هن کيس آزاد ڪرايو، اهو ڏينهن جمعي جو هو، انهيءَ سبب
هن جو نالو فرائيڊي (Friday)
رکيائين ۽ کيس پنهنجو ساٿي نوڪر ڪري رکيائين.
ديني
شادين
جي آغازي جي محبت؛ هن نالي تي هڪ ڪتاب”ڊينئل ڊيفو“
(Danial Defoe) (1731ع-1660) جو لکيل آهي، جنهن ۾
شادين جي ابتدائي محبت بنسبت نهايت ئي
گهڻي خوش اسلوبيءَ سان منطقي بحث ٿيل آهي.
”ڊينئل ڊيفو“
Danial Defoe
؛1731-1660ع ) هي لنڊن جي هڪ ڪاسيءَ جيمس فو Uames
foe) جي گهر ۾ پيدا ٿيو، 1703ع ۾ ويلم ٽئين ۾
پنهنجو نالو بدلائي ڊيفو (Defoe)
رکيائين، منمائوٿ انقلاب ۾ بهرو ورتائين ۽ 1688ع ۾ وليم ٽئين جي لشڪر ۾ داخل ٿيو، سن 1701ع ۾ هڪ ڪتاب (دي
ٽرو بارن انگلش مئن) (The true born Englishman)
”خلف الصدق انگريز“ نالي تصنيف ڪيائين، 1704ع ۾ (دي شارٽ وي وٿ دي ڊسينٽرس)
(The short way with the Dessenters)
ڪليسا جي مخالفن سان ڇوٽي ۾ ڇوٽو پنڌ، لکيائين، هڪ بهترين خيالي ناول رابنسن ڪروزو نالي (1719ع ۾ سندس قلم
مان نڪتو، (The religious courtship)
پڻ هڪ چڱو ممتاز درجو رکي ٿو.
|