باب يارهون
ڪٽنب جو پنهنجي شان کي برقرار رکڻ جو ارادو
ٻئي ڏينهن ”ميڪالمس“[1]
جي اڳئين ڏينهن هئڻ سبب اسين پاڙيسريءَ ”فلمبرو“ وارن وٽ سوپارين ساڙڻ[2]
۽ راندين کيڏڻ لاءِ مدعو ڪيا وياسون، اسان سان جيڪي اڳي گهٽتايون ٿيون هيون، انهن اسان جو منهن ڀت سان هنيو هو، ٻيءَ حالت ۾ ائين ممڪن هو
ته اسين اهڙي دعوت کي حقارت سان رد ڪري ڇڏيون ها،
ڪيئن به اسان کي خوش ٿيڻ لاءِ (ڪجهه) سهڻو پيو، اسان جي پاڙيسري جو هنس پکي ۽ کيرڻي عمدا هئا ۽ منهنجي زال جا ان قسمن پرکڻ ۾ قابل هئي، ان جي راءِ موجب سندس گهيٽي جي پشم بهترين
هئي، اهو صحيح آهي، ته سندس آکاڻين ٻڌائڻ جو طريقو ڪو اهڙو دلپسند نه هو، اهي بلڪل ڊگهيون، غير دلچسپ ۽ سڀئي سندس ئي متعلق هيون، جيتوڻيڪ
اسان انهن تي اڳيئي گهڻا ئي دفعا کليو هو، تنهن هوندي به اسان کي انهن تي وري به هڪ دفعو کلڻو پيو.
”مسٽر برچل“ جو اسان جي ٽوليءَ مان هو ۽ هميشه ڪنهن نه ڪنهن ٻاراڻيءَ وندر کي ڏسڻ پسند ڪندو هو، تنهن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي اک ٻوٽ راند ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو، منهنجي زال پڻ انهيءَ
راند ۾ حصي وٺڻ لاءِ هرکي ۽ مون کي سندس اهڙي هلت ڏسي ان معلوم ڪرڻ جي خوشي حاصل ٿي، ته هوءَ اڃا پوڙهي نه ٿي هئي، منهنجو پاڙيسري ۽ آءٌ
اهي رانديون ڏسندا، انهن تي کلندا ۽ پنهنجي ننڍپڻ جي هنر ۽ قابليت جي ساراهه ڪندا رهياسون، اک ٻوٽ راند ختم ٿيڻ کانپوءِ مار ڪُٽَ
”ڊَڊَ بلي“ ۽ پڇاڙي ۾ سليپر واري راند ٿي ، جيئن ته شايد هرڪو ماڻهو سليپر واري جهوني نموني جي راند کان واقف نه هجي، انهي ڪري اهو ٻڌائڻ ضروري ٿيندو، ته هن راند ۾ هڪڙي رانديگر
کانسواءِ ٻي سڄي ٽولي زمين تي گول جي شڪل وٺي بيهندي آهي ۽ باقي رهيل رانديگر وچ ۾ بيهندو آهي، وچ ۾ بيٺل رانديگر جو ڪم هوندو آهي، ته ٽولي
وارا جيڪو پادر ڪوريءَ جي نڙي وانگر پنهنجيءَ ران جي هيٺيان هڪ ٻئي ڏي اڇلين، ان کي جهٽي، هن حالت ۾ جيئن ته هڪ عورت لاءِ سڄي ٽوليءَ کي هڪ
ئي وقت منهن ڏيڻ ناممڪن آهي، تنهن ڪري راند جي خوبي ان ۾ آهي ته کيس بوٽ جي کڙيءَ سان ڌڪ انهي پاسي هنيو وڃي، جنهن جو هوءَ پوريءَ طرح
بچاءُ ڪري نه سگهي، اهائي حالت هئي، جنهن ۾ منهنجي وڏي ڌيءَ وڪوڙيل هئي ۽ کيس ڌڪ هنيا پئي ويا، سڄو منهن لعل هوس پر همت ۾ برجستي هئي، ۽
”سهڻي راند“ ”سهڻي راند“ جا واڪا اهڙي ته دلسوز ۽ بلند آواز ۾ ٿي ڪيائين، جو اهي هوند ٻڌندڙن کي ڪنن ۾ تاڙيون وجهي ڇڏين، انهيءَ وقت هڪ وڏو
مونهارو پيدا ٿيو، ڇا ڪاڻ ته اسان جون واقفڪار ٻه شهري عورتون ”بيگم“ بلئرني“ ۽ ”مس ڪارولينا ولهلمينا اميليا سڪيگس“ اندر گهڙيون. منهنجي
ڌيءَ جي جيڪا حالت هئي، ان جو احوال ڪري سگهجي ٿو، مگر اهو احوال هڪ بيکارڻ جي احوال جهڙو ٿيندو، اهڙي اعليَ نسل واريون عورتون اسان کي هن
قسم جي ذليل حالت ۾ ڏسن ، ان کان موت ڀلو آهي، ”مسٽر فلمبرو“ جي رٿ موجب اهڙيءَ قسم جي رواجي راند کان وڌيڪ ٻي ڪا به چڱي راند ٿي نٿي سگهي،
اسين ڪجهه وقت لاءِ زمين تي کتل پئي ڏسڻ ۾ آيا سون ڄڻ ته واقعي حيرت ۾ پنڊ پهڻ ٿي پيا هئاسون.
جيئن ته انهن عورتن اسان جيءَ ملاقات لاءِ اسان جي گهر آيون هيون ۽ اسان کي گهر ۾ جاچي پوءِ اسان جي پويان اتي آيون هيون، ”اوليويا“ اسان جي پاران اڳواڻ ٿي ڳالهائڻ جو ڪم پاڻ تي
کنيو ۽ سڄو احوال مختصر نموني فقط ائين چوڻ سان ڏنو ته ؛ ”اسين گهوڙن تان ڪري پيا هئاسون.“ انهي احوال سندن دلين تي گهڻو اثر ڪيو، پر جڏهين
کين ٻڌايو ويو ته اسان کي ڪا به تڪليف نه پهتي، تڏهن هو دلئون خوش ٿيون، پر جڏهن کين وري ٻڌايو ويو ته اسين خوف کان ڄڻ مري ويا هئاسون،
تڏهن تمام گهڻو غمگين ڏسڻ ۾ آيون، مگر جڏهن معلوم ٿين ته اسان جي رات تمام خير خوبيءَ سان گذري، تڏهن کين وري به گهڻي خوشي ٿي، هنن منهنجي
ڌيئرن لاءِ ازحد گهڻي مروت ڏيکاري، اڳئين ڏينهن تي سندن هلت تند مزاجيءَ واري هئي، مگر هن وقت هو تمام گهڻو خوش مزاج هيون، هنن دل سان
وڌيڪ جٽاءُ ڪندڙ واقفيت جي خواهش ٿي ڪئي، ”بيگم بلئرني“ خاص طرح ”اوليويا“ سان پيوند رکندڙ هئي ۽ ”مس ڪارولينا ولهلمينا اميليا سڪيگس “
(آءٌ سڄو نالو ڏيڻ پسند ڪندو آهيان) سندن ڀيڻ ۾ گهڻو چاهه ٿي ورتو، انهن ٻنهي عورتن سندن وچ ۾ ٿيندڙ گفتگو جي حمايت ٿي ڪئي ۽ منهنجي ڌيئرن
ماٺ ۾ ويٺي سدنن اعليٰ تعليم جي واکاڻ ڪئي، جيئن ته هرڪو پڙهندڙ جيتوڻيڪ پاڻ کڻي فقير هجي، مگر وڏي درجي وارن جي گفتگو ۽ اميرن، اميرياڻين،
جنگي جوڌن جي آکاڻين ٻڌڻ جو شوقين ٿيندو آهي، تنهن ڪري آءٌ ضرور اجازت گهرندس ته کيس ان گفتگو جو پڇاڙي وارو حصو ٻڌايان.
مس سڪيگس چيو: ”مون کي ان احوال جي
جيڪا سموري خبر آهي سان هيءَ آهي، پوءَ اها سچي هجي يا ڪوڙِ، پر پنهنجي بيگم صاحبه کي خاطري ڏيئي سگهان ٿي، ته سڀئي موجود ماڻهو حيرت ۾
هئا، امير صاحب کيس پرچائڻ جا سڀئي طريقا استعمال ڪيا، منهنجي سانئڻ روئڻ ۾ اچي پيئي، نيٺ ”سر ٽامڪن“ ، پنهنجي تلوار ڪڍندي قسم کنيو ته ”
هو پنهنجي رت جي آخري ڦڙي تائين سندس ئي هوندو.“
”ٺيڪ“ اميرياڻيءَ جواب ڏنو، ”آءٌ چئي سگهان ٿي ته نواب صاحب جي بيگم ”ڊچيس“ ڪڏهن به انهيءَ ڳالهه جي نسبت مون کي ڪو ڀڻڪو به ڪو نه ٻڌايو، مون کي يقين آهي ته هو مون کان ڪا به
ڳالهه ڳجهي نه رکندي آهي، تون ان حقيقت جيترو ڀروسو رکي سگهي ٿي، ته ان کان پوءِ ايندڙ ڏينهن تي نواب پنهنجي ڪمري جي خدمتگار کي ٽي دفعا
واڪا ڪري سڏ ڪيا، ”جرنيگان..... جرنيگان.... جرنيگان! “ منهنجي جنگي جوڌي جي خطاب واري ڦيٿ کڻي اچ.“
هن احوال ڏيڻ کان اڳ مون کي ”مسٽر برچل“ جي اڻ سهائيندڙ هلت جو احوال ڏيڻ گهربو هو، هو هن گفتگو جي عرصي ۾ باهه ڏانهن منهن ڪيو ويٺو هو ۽ هر هڪ جملي جي اختمام تي واڪو ڪري چوندو
رهيو، ”بيوقوفي“ هيءُ هڪ اهڙو اصطلاح هو، جنهن اسان سڀني کي ناراض ٿي ڪيو ۽ گفتگو جي وڌندڙ روح کي پڻ ڪجهه قدر جهڪو ڪري ٿي ڇڏيائين.
اسان جيءَ اميرياڻيءَ سلسله ڪلام جاري رکندي چيو، ”منهنجي پياري ”سڪيسگس“ ”ڊاڪٽر برڊاڪ“[3]
انهي موقعي تي جيڪي شعر ٺاهيا هئا، انهن جي چوپڙي ۾ ان ڳالهه بابت ڪو به ذڪر آيل نه آهي“ (بيوقوفي)
”مس سڪيگس“ چيو آءٌ انهي تي حيران آهيان، ڇا ڪاڻ ته جيئن ته هو صرف وندر واسطي لکي ٿو، تنهن ڪري ڪا ڳالهه ورلي ڇڏي ڏئي ٿو، پر اوهين نوازش فرمائي مون کي اها چوپڙي ڏسڻ لاءِ
ڏيندا؟“ ....... (بيوقوفي....)
اسان جيءَ اميرياڻيءَ جواب ڏنو، ” منهنجي پياري سهيلي ڇا تون سمجهين ٿي، ته اهڙيون شيون مون سان متعلق آهن؟“ جيتوڻيڪ ان ۾ شڪ ۽ شبهو نه آهي، ته اهي خاطريءَ ڪرڻ لاءِ تمام ضروري
آهن ۽ ان لاءِ آءٌ پاڻ کي ڪجهه قدر منصف سمجهان ٿي، ڪم از ڪم مون کي خبر آهي ته موکي ڪهڙي شي خوش ڪري ٿي. اها حقيقت آهي ته آءٌ هميشه
”ڊاڪٽر بڊاڪ“ جي ننڍين تصنيفين کي پسند ڪندي هيس، ڇا ڪاڻ ته جيڪي هو اسان جي پياري اميرياڻي ”هئنوئر شڪائر“ ۾ ڪن ٿا ان کانسواءِ اتي جو ڪو
به احوال بغير فطرت جي تمام گهٽ درجي جي لغويات جي ٻيو ڪو به منجهن شايع نٿو ٿئي. اميرياڻيءَ زندگيءَ بابت ته ذرو به احوال ان ۾ موجود نه
آهي_“ (بيوقوفي......)
ٻيءَ وراڻي ڏني، ”بيگم صاحبه جن کي عورتن جي مخزن ۾ پنهنجي ڏنل مضمونن کي عليحدو ڪرڻ گهرجي ڇا آءٌ اميد ڪريان، ته توهين چوندو ته ان ۾ ڪا به هيٺائين درجي جي زندگيءَ واري ڳالهه
نه آهي؟ پر آءٌ سمجهان ٿي ته انهي رسالي مان اسان کي ٻيو ڪجهه به وڌيڪ حاصل ٿيڻو نه آهي(بيوقوفي....!!
بيگم چيو: ”ڇو منهنجي پياري تو کي خبر
آهي ته منهنجي پروف پڙهندڙ ۽ هم صحبت ”ڪئپٽن روچ“ سان شادي ڪرڻ سبب مون کي ڇڏي ويئي آهي.
جيئن ته منهنجون اکيون مون کي پاڻ لکڻ جو ڪم برداشت ڪرڻ نٿيون ڏين، تنهن ڪري آءٌ ڪجهه وقت کان ٻيءَ جي ڳولا ۾ آهيان، مون کي خاطري آهي ته هڪ تربيت يافته بااخلاق ڇوڪري جا لکي
پڙهي ۽ سوسائٽي ۾ سٺي هلت هلي سگهي ٿي، ان لاءِ ساليانو ٽيهه (30) پائونڊ تمام گهٽ وظيفو آهي، تنهن ڪري هڪ مناسب ماڻهو هٿ ڪرڻ سولو ڪم نه
آهي، شهر وارين ڇوڪرين مان ته ڪنهن هڪ جي به پوري خاطري ٿي نٿي سگهي. (بيوقوفي...)
مس سڪيگس چيو، ”تجربي مان مون کي پڻ اهڙي ڄاڻ پيئي آهي ته شهري ڇوڪريون ڪارائيتون نه ٿينديون، گذريل اڌ سال ۾ منهنجون جيڪي ٽي ساهڙيون هيون، انهن مان هڪ سڄي ڏينهن ۾ هڪ ڪلاڪ
سنئين سڌي ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ٻيءَ 25 گينيون تمام ٿورو ساليانو پگهار سمجهيو ۽ ٽينءَ کي آءٌ ڪڍي ڇڏڻ تي مجبور ٿي پيس، ڇا ڪاڻ ته مون کي
شڪ پيو ته سندس سرڪاري پادريءَ سان خراب تعلق هو، منهنجي پياري خاتون، ”بلئرني“ اخلاق، اخلاق ڪيتري به قيمت رکي سگهي ٿو، مگر هڪ با اخلاق
ماڻهو ڪٿان ملي سگهندو؟“ (بيوقوفي.........)
سارو وقت منهنجي زال جو سمورو ڌيان سندن انهيءَ گفتگو هو، پر انهي جي پڇاڙيءَ واري حصي کيس خاص طرح سخت پريشان ڪيو، ساليانو ٽيهه پائونڊ ۽ پنجويهه گينيون ڇاونجاهه پائونڊن ۽
پنجن شلنگن جي برابر هئا ۽ اهي سڀ (پئسا) سهولت سان ملي سگهيا ٿي ۽ تمام سولائيءِ سان ڪٽنب کي حاصل ٿي سگهيا ٿي، منهنجي زال منظوريءَ لاءِ
ڪجهه ساعت منهنجي نگاهن کي چڪاسيو، حقيقت قبول ڪجي ته آءٌ انهي راءِ جو هوس، ته اهڙيون ٻئي جڳهيون منهنجي ٻنهي ڌيئرن لاءِ مڪمل طرح لائق
آهن، تنهن کان سواءِ اهو پڻ ويچار ڪيم، ته جيڪڏهن زميندار کي منهنجيءَ وڏيءَ ڌيءَ سان ڪجهه به سچو پچو پيار هوندو، ته سندس لاءِ هي رستو
تمام سهڻو (ٿيندو) جنهن جي وسيلي هو منهنجي ڌيءَ کي خوش نصيب بڻائي سگهندو، تنهن ڪري منهنجي زال ان راءِ جي هئي، ته جيتوڻيڪ اها خاطري نه
آهي، ته کين اهي جايون ملن يا نه، ته به اسان کي اهڙن فائدن کان محروم رهڻ نه گهرجي، هن ڪٽنب جي پاران شد مد سان ڳالهائڻ جو ڪم پنهنجي ذمي
کنيو، هن چيو، ”مون کي اميد آهي ته اوهين هيءَ منهنجي گستاخي معاف ڪنديون. اها حقيقت آهي ته اسان کي اهڙين نوازشن تي دعويٰ رکڻ جو ڪو به حق
نه آهي، پر تڏهن به پنهنجي ٻارن کي دنيا ۾ ترقي ڏيڻ جي تمنا منهنجي لاءِ فطري آهي ۽ مون کي ائين چوڻ جي به جرائت ٿيندي ته ڪم از ڪم ٻهراڙي
۾ انهن کان وڌيڪ تعليم ۽ لياقت واري ٻي ڪا به ڇوڪري نه آهي، اهي لکي پڙهي ۽ حساب ڪتاب رکي سگهن ٿيون، سئي جو ڪم ڄاڻن ٿيون، عمدي ڀرت جا جدا
جدا قسم ۽ هالو چالو ڪم جا سڀ نمونا ڄاڻن ٿيون، تنهن کان سواءِ هو ڄاري، نوڪون ۽ جهالرون ٺاهي سگهن ٿيون ۽ ڪجهه موسيقي پڻ ڄاڻن ٿيون،هو
ننڍا ڪپڙا تيار ڪري سگهن ٿيون۽ ٿلهي ڪپڙي تي ڀرت جو ڪم ڪرڻ ڄاڻن ٿيون، منهنجي وڏي ڌيءَ پنن جا گل ٺاهي سگهي ٿي ۽ منهنجيءَ ننڍي ڌيءَ کي پتن
وسيلي نصيب ٻڌائن جو تمام سهڻو رستو آهي. (بيوقوفي................)
جڏهن منهنجي زال پنهنجي هيءَ فصاحت ڀريل سهڻي گفتگو ختم ڪئي، تڏهن ٻنهي عورتن ڪجهه منٽن لاءِ هڪ ٻئي ڏانهن شڪ ۽ اهميت جي نگاهن سان نهاريو، آخر ڪار ”مس ڪارولينا ولهلمينا اميليا
سڪيگس“ هن پڌري ڪرڻ جي عنايت ڪئي، ته هوءِ هن ٿوريءَ واقفيت هوندي به اهو رايو ڏئي سگهي ٿي، ته اهي نوجوان عورتون اهڙيءَ مشغوليءَ لاءِ
نهايت لائق ڏسڻ ۾ آيون ٿي، هن منهنجيءَ زال کي مخاطب ٿي چيو،” پر بيبي صاحبه، هن قسم جي ڪم لاءِ انهن جي اخلاقن جي پوريءَ چڪاس ۽ هڪ ٻئي جي
واقفيت جي ضرورت آهي.“ هن سلسلي ڪلام جاري رکندي چيو، ”بيبي، مون کي هنن نوجوان عورتن جي اخلاق، سياڻپ ۽ شعور ۾ ڪو رتيءَ جيترو به شڪ نه
آهي، مگر نوريءَ ڏيڻ جو اهو هڪ طريقو آهي، يقيناً اهو ئي هڪ طريقو آهي، جنهن موجب اهڙا ڪم ڪجن ٿا.“
منهنجيءَ زال اميرياڻيءَ جي شڪن ئي ائين چوندي گهڻو پسند ڪيو، ته هوءَ پاڻ به خود شڪي ٿيڻ لائق هئي ۽ اميرياڻيءَ کي سڀني پاڙيسرين ڏانهن پنهنجي ڌيئرن جي اخلاق بابت خبر لهڻ لاءِ
رجوع ڪيائين، مگر اسان جي اميرياڻيءَ ان کي غير ضروري سمجهي انڪار ڪيو، هن چيو ته منهنجي سئوٽ ”ٿارنهل“ جي سفارش ڪافي ٿيندي ۽ ان تي اسان
پنهنجي عريضيءَ جو مدار رکيو.
باب ٻارهون
ويڪفيلڊ جي ڪٽنب سان نصيب جي ناهمواري
گهر واپس اچڻ تي اسان سموري رات مستقبل جي ڪاميابين لاءِ تجويزن سوچڻ ۾ گذاري، ”ڊيبورا“ پنهنجي تيز فهميءَ سان اندازي لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، ته ٻنهين ڇوڪرين مان ڪهڙيءَ کي
بهترين درجي ۽ سٺيءِ صبحت نصيب ٿيڻ جا گهڻا وجهه ملي سگهيا ٿي، اسان جي سرفرازيءَ لاءِ زميندار جي سفارش حاصل ڪرڻ ئي صرف هڪ رنڊڪ هئي، هو
اسان کي ڪيترائي مرتبا پنهنجي دوستي ڏيکاري چڪو هو، جنهن دوستيءَ ۾ هينئر اسان کي شڪ ڪرڻو هو. بستري تي به منهنجيءَ زال ساڳي گفتگو جاري
رکي، هن چيو ”پيارا چارلس“ آءٌ سمجهان ٿي ته اڄوڪي ڏينهن تي پاڻ هڪ بهترين ڪم ڪيو آهي، ”چڱو موچارو!“ هن وراڻيو، ”آءٌ سمجهان ٿي اهو ڪم
تمام سٺو آهي، فرض ڪريو ته ڇوڪريون شهر ۾ پنهنجي پسند موجب (ڪنهن سان) واقفيت ڪن ٿيون، مون کي پڪي خاطري آهي، ته ساريءَ دنيا ۾ صرف لنڊن
ئي آهي، جتي هر قسم جا مڙس موجود آهن، تنهن کانسواءِ منهنجا پيارا، روزانو ڪئين عجيب ڪارناما پيدا ٿين ۽ جيئن هي اخلاق واريون عورتون
منهنجي ڌيئرن تي مفتون ٿي پيون آهن، تيئن ڇا گڻن وارا مرد پڻ ڇڪجي نه ايندا؟ آءٌ دعويٰ سان چوان ٿي ته جيتوڻيڪ ”ليڊي بلئرني“ جا نهايت گهڻُ
احسان ڪندڙ آهي، ان کي آءٌ تمام گهڻو پسند ڪريان ٿي، تنهن هوندي به ”ڪارو لينا ولهلمينا اميليا سڪيگس“ سان منهجو دلي پيار آهي، انهن سڀني
ڳالهين هوندي به جڏهن هنن شهر ۾ نوڪريءَ جي جڳهن بابت گفتگو ڪئي، تڏهن توهان ڏٺو ته مون ڪيئن نه کين سوڙهو کڻي گهٽيو، منهنجا پيارا مون کي
ٻڌاءِ ته ڇا تون ائين نٿو سمجهين ته اهو سڀ ڪجهه مون پنهنجي ٻارن جي فائدي لاءِ ڪيو؟“ مون جواب ۾ چيو، ”هائو ڌڻي ڪري ته اهي ٻئي اڄ کان ٽن
مهينن اندر ڪنهن بهتر حالت ۾ اچن،“ هي انهن فقرن مان هڪ فقرو هو جي آءٌ هميشه پنهنجي زال کي پنهنجي قابليت جي راءِ کان اثر انداز ڪرڻ لاءِ
چوندو هوس، ڇا ڪاڻ ته جيڪڏهن ڇوڪريون ڪامياب ٿي پيون ته اها هڪ پاڪ تمنا هئي، جا بر صواب ٿي پر جيڪڏهن ڪا بدنصيبي پيدا ٿي، ته ان کي وري
اڳڪٿي ڪري ليکيو ويندو.
اسان جي هيءُ سموري گفتگو ڪنهن ٻيءَ رٿ جي تياريءَ لاءِ هئي، جڏهن کان سچ پچ ته آءٌ گهڻو ڊنس ٿي، رٿ اها هئي جيئن ته اسين هاڻي دنيا ۾ مٿانهون درجو حاصل ڪرڻ وارا هئاسون، انهيءَ
ڪري اهو ضروري ٿيندو ته اسين پنهنجو ننڍو وڇيرو پسگردائيءَ ۾ لڳندڙ ميلي تي وڪڻي، هڪ اهڙو گهوڙو خريد ڪريون، جو هڪ يا ٻه ماڻهو کڻي سگهي ۽
ديول يا ڪنهن ٻئي گهر ڏانهن وڃڻ وقت سهڻو ڏيک ڏيکاري، مون پهريائين رٿ جي سخت مخالفت ڪئي، مگر ايتريءَ ئي سختيءَ سان ان جو بچاءُ ٿيو،
منهنجي لاچار ٿي پوڻ سبب مخالفن طاقت حاصل ڪئي ۽ آخر فيصلو ڪيو ويو ته وڇيري کي وڪيو وڃي.
ٻئي ڏينهن تي ميلو هو ۽ مون پاڻ اوڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو، مگر منهنجيءَ زال مون کي ذهن نشين ڪرايو ته مون کي ٿڌ هئي، انهيءَ ڪري ڪنهن به صورت ۾ منهنجي زال مون کي گهر کان ٻاهر
وڃڻ جي اجازت ڏيڻ کان تيار نه هئي، هن چيو، ”منهنجا پيارا، پنهنجو پٽ ”موزز“ هڪ فهميندو ڇوڪرو اهي ۽ تمام چڱي فائدي سان خريد و فروخت ڪري
سگهي ٿو، توهان کي اڳئيي خبر آهي ته هيءَ سودي خريد ڪرڻ تائين پيڙهه ٻڌي بيهي ٿو ۽ پنهنجيءَ ريڙهه پيڙهه سان سچ پچ ته سودي وارن کي ٿڪايو
ڇڏي.
جيئن ته مون کي پنهنجي پٽ جي ڏاهپ بنسبت ڪافي چڱو رايو هو، انهيءَ ڪري آءٌ هي ڪم سندس حوالي ڪرڻ ۾ پوري طرح راضي هوس، ايندڙ ڏينهن تي مون تي مون سندس ڀينرن کي کيس تيار ڪرڻ،
سندس وارن کي ڪترڻ، بڪلن کي برش هڻڻ ۽ سندس ٽوپيءَ کي ٽاچڻيون لڳائڻ جي ڪم ۾ تمام گهڻو مصروف ڏٺو، اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿي ته جڏهن
سينگار کانپوءِ اسان کيس وکر جي پيتي سان گهوڙي تي سوار ٿيل ڏٺو، کيس هڪ ڪوٽ پيل هو،جو ان ڪپڙي جو هو، جنهن کي منهنجون ڌيئرون ”جهڙو ڪڪر “
وارو ڪپڙو ڪوٺين ٿيون، ڪوٽ جيتوڻيڪ ننڍو هو، مگر اهڙو ته سٺو هو، جو ان کي اڇاڻ نه گهربو هو، سندس واسڪوٽ سائي چتونءَ رنگ جو هو ۽ سندس
ڀينرن هن جي وارن کي ويڪريءِ ڪاري ربين سان ٻڌو هو، اسين سڀيئي تيستائين در کان ٻاهر هن جي پويان ”سٺو بخت، سٺو بخت“ جا واڪا ڪندا وياسون،
جيستائين هو اسان جي نظرن کان غائب ٿي ويو.
هو اڃا روانو ٿيو ئي مس هو ته ”مسٽر ٿارنهل“ جو بورچي اسان جي خوشنصيبيءَ تي اسان کي مبارڪون ڏيڻ آيو، هن چيو. ”مون پنهنجي نوجوان مالڪ کي اوهان جا نالا ڏاڍيءَ ساراهه سان ذڪر
ڪندي ٻڌو.“
ڏٺو ويو ته بخت اڪيلي سر اچڻ جو ارادو نه ڪيو هو، ساڳئي گهر جو ٻيو نوڪر، منهنجي ڌيئرن لاءِ هڪ چٺي کڻي آيو، ان ۾ احوال هو ته مذڪوره امير عورتن کي اسان بنسبت ”مسٽر ٿارنهل“
کان اهڙو ته احوال پهتو هو، جو کين اميد هئي ته ٿورين اڳواٽ خبرن چارن کان پوءِ هو مڪمل طرح مطمئن ٿينديون، منهنجيءَ زال چيو، ”ها، مون کي
هاڻي معلوم ٿيو آهي ته وڏن ماڻهن جي ڪٽنبن ۾ شامل ٿيڻ ڪو سوکو ڪم نه آهي، پر جيڪڏهن ڪو به هڪ دفعو انهن ۾ شامل ٿي وڃي ٿو ته پوءِ جيئن
”موز“ چوي ٿو، ته اهو ڀلي سمهي وڃي ننڊ ڪري،“ هن چرچي جي گفتگو کي، جيئن ته منهنجيءَ زال ظرافت جي ارادي سان استمعال ڪيو هو انهي ڪري
ڇوڪرين ان جي قبوليت خوشيءَ جي وڏي ٽهڪ سان ڏني، المختصر، هن پيغام پهچڻ تي منهنجي زال ايترو ته گهڻو خوش ٿي، جو هن پنهنجي کيسي ۾ هٿ وڌو،
۽ پيغام آڻيندڙ کي ساڍا ست ”پينس ڏنائين.“
هيءَ اسان جي لاءِ ملاقات جو ڏينهن ٿيڻو هو، ان کان پوءِ ”مسٽر برچل“ آيو، جو پاڻ به ميلي تي ويل هو، هن منهنجن ننڍڙن مان هر هڪ لاءِ هڪ ”پينس“ جي قيمت وار جنجر جي روٽي آندي
هئي، منهنجي زال اهي ٽڪر پاڻ وٽ رکيا، ۽ کين وقت سر ڏيڻ جو ڪم پنهنجي ذمي کنيو، هن منهنجي ڌيئرن لاءِ پڻ هڪ جوڙو پيٽين جو آندو هو، جنهن ۾
هو ٽڪليون ننڍا بسڪوٽ، ناس، چتيون، يا ريزڪي پئسا رکي سگهيون ٿي، ان کانسواءِ منهنجي زال لاءِ پڻ نور جي کل وارو هڪ ٻٽون آندو هئائين،
ڇاڪاڻ ته هو ان ٻٽون جي شائق هئي، ۽ پنهنجي ويساهه موجب ان کي نصيب وارو سمجهندي هئي، جيتوڻيڪ ”مسٽر برچل“ جي اڳوڻي غير مهذب هلت ڪجهه قدر
اڻوڻندڙ هئي، ته به اسان کي سندس لاءِ عزت هئي، ۽ هينئر اسين کيس پنهنجي خوشين جي احوال ٻڌائڻ ۽ کانئس صلاح وٺڻ لاءِ تيار هئاسون، جڏهن هن
شهري عورتن کان آيل چٺي پڙهي، تڏهن ڪنڌ ڌوڻيائين ۽ چيائين ته هن قسم جي ڪم ۾ تمام گهڻي خبرداريءَ ۽ ڏاهپ جي ضرورت آهي، هن بي اعتماديءَ جي
خيال منهنجيءِ زال کي تمام گهڻو ناراض ڪيو، هن چيو، ”جناب مون کي ڪڏهن اهو گمان به ڪو نه هو، ته تون ڪو منهنجي ۽ منهنجي ڌيئرن جي مخالفت ۾
ايترو گهڻو سرگرم هوندين، تو کي ضرورت کان وڌيڪ چؤڪسي ڪرڻ جي عادت آهي، منهنجو خيال آهي، ته جڏهن به اسان ڪنهن کان صلاح پڇون، تڏهن صرف
انهن ماڻهن کي عرض ڪريون جن ان تي خود عمل ڪيو هجي.“ هن جواب ڏنو، ”خاتون، هن وقت اهو سوال نه آهي ته منهنجي هلت ڪهڙي آهي، ۽ جيتوڻيڪ مون
پاڻ ڪنهن جي به صلاح تي عمل نه ڪيو اهي، تاهم مون کي پنهنجي ضمير موجب صلاح صرف انهن ماڻهن کي ڏيڻ گهرجي، جي ان تي عمل ڪندا“ جيئن ته مون
کي خطرو هو ته شايد هن جو جواب اهڙيءِ سخت ڪلاميءَ ۾ ڏنو وڃي، جنهن ۾ عقل جي ڪوتاهي هجي، ۽ آّخر قصو زباني جهڳڙي جي حد تائين پهچي وڃي،
انهي ڪري گفتگو جي پهلوءِ کي ڦيرائڻ لاءِ ”موزز“ جي دير ڪرڻ متعلق عجب کائڻ جو ڏيکاءُ ڪيم. مون چيو، ”هاڻي ته اصلي رات پوڻ جو وقت ٿي ويو
آهي، پوءِ ڪهڙو سبب آهي، جنهن ڪري اسان جو پٽ ميلي تي ترسي پيو آهي، منهنجي زال چيو، ”پنهنجي پٽ جو فڪر نه ڪريو، خاطري ڪريو، ته جيڪو ڪم
سندس حوالي ڪيو ويو آهي، تنهن جي کيس ڀليءَ ڀت پروڙ آهي، آءٌ توهان کي خاطري ڏيان ته توهان کيس ڪڏهن به گجر بصر ڪري وڪڻندو نه ڏسندا، مون
کيس اهڙآ سودا ڪندي ڏٺو آهي، جي جيڪو ٻيو ڪو ڏسي ته هوند حيرت ۾ پئجي وڃي، آءٌ اوهان کي ان بابت هڪ اهڙي ڳالهه ٻڌائينديس، جنهن جي ٻڌڻ سان
اوهين کل ۾ کيرا ٿي پوندو، ايتري خاطري جيتري اها ته آءٌ جيئري آهيان، اجهو پريان ” موزز“ پيٽي پنهنجي پٺيءَ تي رکي پيو اچي، گهوڙو پڻ ساڻس
نه آهي.
جيئن هن ائين چيو، تيئن اسان ڏٺو ته ”موزز“ پريان پئي آيو، وکرجي پيٽي سندس ڪلهن سان گهورڙئي وانگر ٻڌل هئي، ۽ پيٽيءَ جي بار ڪري پگهر ۾ شل ٿيل هو، منهنجي زال چيو، ”ڀلي آئين،
جيءَ آئين ”موزز“ چڱو منهنججا پٽڙا، تو اسان جي لاءِ ميلي تان ڇا آندو آهي؟“ ”موزز“ پيٽيءَ کي ڊريسنگ ميز تي رکندي شر ميلي نگاهه سان جواب
ڏنو، ”مون اوهان لاءِ پنهنجو پاڻ آندو آهي“ انهي تي منهنجي زال واڪو ڪري چيو، ”ها موزز، اها اسان کي خبر آهي، مگر گهوڙو ڪٿي آهي؟“ ”موزز“
جواب ڏنو، ”مون اهو ٽن پائونڊن پنجن شلنگن ۽ ٻن پينسن ۾ وڪڻي ڇڏيو، منهنجيءَ زال چيو، ”شاباس، ڏاڍو سٺو ڪيئي، منهنجا سدورا پٽڙا، مون کي
اڳيئي خبر هئي ته تون گراهڪن کي چڱي طرح خوش ڪندين، پاڻ ٿا ڳالهه ڪريون، ”ٽي پائونڊ“، پنج شلنگ ۽ ٻه پينس هڪ ڏينهن لاءِ ڪو خراب روزگار نه
آهي، هاڻي ڀلا اهي پئسا، اسان کي ڏي“، موزز وري جواب ڏنو، ”آءُ پئسا کڻي ڪو نه آيو آهيان، مون اهي سڀئي هڪ واپار ۾ سيڙايا آهن، اهو خريد
ڪيل سامان هيءُ آهي.“ ائين چئي هن پنهنجي واسڪوٽ جي کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ هڪ هڙ ٻاهر ڪڍي چيائين، “هيءَ انهن ساين عينڪن جو گروس آهي، جن جون
ٻانهون چانديءَ جون آهن ۽ دٻليون سائي نرم چمڙي جون آهن،“ منهنجي زال جهڪي آواز ۾ چيو، ”هڪ گروس ساين عينڪن جو! تو گهوڙي کي وڪرو ڪيو آهي ۽
اسان کي صرف بيڪار عينڪن جو گروس آڻي ڏنو اٿيئي!“ ڇوڪري چيو، ”امان تون ڇو سبب ڏانهن ڌيان نٿي ڏئين؟ مون ساڻن ٻڌو سودو ڪيو، يا ته مورڳو
آءٌ اهي خريد ئي نه ڪري سگهان ها، صرف چانديءَ جون ڪانيون ئي ٻيڻن پئسن ۾ وڪامنديون.“ منهنجيءَ زال جذبات ۾ اچي واڪو ڪري چيو، ”ڌوڙ پئي
آهي، چانديءَ جي ڪانين کي، آءٌ قسم تي چوڻ جي جرائت ڪريان ٿي، ته ڀڳل چانديءَ جي اگهه پنجين شلنگن في آئونس جي حسان سان اهي اڌ رقم کان به
مٿي نه وڪامنديون.“ مون چيو، ”اوهان کي انهن ڪانين جي وڪڻڻ بنسبت ڪابه اون ڪرڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته آءٌ ڏسان ٿو ته اهي صرف ٽامي مٿان ملمعو
چڙهيل آهن.“ منهنجي زال واڪو ڪري چيو، ”ڇا چاندي نه آهي!؟ ”نه“ مون جواب ڏنو، ”تنهنجي تئي کان زياده چاندي نه آهي“ اهڙي طرح هن جواب ڏنو،
”اسان گهوڙي کان جدا ٿيا آهيون، ۽ هڪ گروس ساين عينڪن جو ٽامي جي ڪانين ۽ سائي رنگ جي چمڙي جي دٻلين سان حاصل ڪيو اٿئون، مصيبت پوي اهڙين
نمائشي شين تي ، هيءُ بيوقوف ٺڳيو ويو آهي ۽ هن کي سندس سنگت کي چڱيءِ طرح سڃاڻن گهربو هو“ مون چيو، ”پياري تون انهيءَ ۾ ڀليل آهين، هن کي
سندن اصلي خبر ئي نه پوي ها“، هن وراڻي ڏني ”مون کي اهڙي ردي سامان آڻي ڏيڻ تي شان هن بيوقوف جي مٿان مصيبت نازل ٿئي، جيڪڏهن مون کي اهي
ڏنيون وينديون ته آءٌ کين باهه ۾ اڇلي ڇڏينديس، “ مون دانهن ڪري چيو، ”منهنجي پياري، ان ۾ به وري تون ڀليل آهين، ڇا ڪاڻ ته جيتوڻيڪ اهي
ٽامي جون آهن، تڏهن به اسين کين پاڻ وٽ رکنداسون، تو کي خبر آهي ته ڪجهه به نه هجي، تنهن کان وري به ٽامي جون عينڪون وڌيڪ چڱيون آهن، ٻڏل
ٻيڙيءَ جون هريڙون به چڱيون.“
هن وقت تائين بد نصيب ”موزز“ ٺڳيو نه ويو هو، هن هاڻي ڏٺو ته
کيس انهي شاهينگ فريب ڏنو هو، جنهن سندس شڪل ڏسندي ئي کيس سوکي شڪار لاءِ اک ۾ رکيو هو، مون انهي ڪري کانئس سندس ٺڳجڻ جا سبب پڇيا، ائين
ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هن گهوڙو وڪيو ۽ ٻئي جي ڳولا ۾ هو، هن چيو، ”ان وقت هڪ ڏسڻ ۾ پرهيزگار ماڻهو مون کي هڪ تنبوءَ ۾ آندو، هن مون سان مڪر ڪيو
ته وٽس هڪ گهوڙو وڪري لاءِ هو، اتي اسين هڪ تمام خوش پوش شخص سان ملياسون، جنهن پنهنجي آندل عينڪ عيوض ويهن ”پائونڊن“ اڌارن وٺان جي خواهش
ٿي ڪئي،“ هن چيو ته مون کي پئسن جي ضرورت آهي ۽ کين سندن قيمت جي ٽئين پتيءَ ۾ نيڪال ڪندس، پهريون سکر ماڻهو جنهن منهنجي دوست هئڻ جو ڍونگ
ڪيو هو، تنهن مون کي ڪن ۾ چيو، ”آءٌ اهي خريد ڪريان ۽ خبردار ڪيائين ته اهڙي فائديمند سودي کي هٿان نه ڇڏيان، مون ”مسٽر فلمبرو“ کي گهرايو
۽ هنن هن سان به اهڙي عمدي گفتگو ڪئي، جهڙي مون سان اهڙي طرح آخر اسين پاڻ ۾ ڀائيواري ڪري ٻن گروسن جي خريد ڪرڻ تي آماده ٿي وياسون.“
ميڪالمس
شام؛ Me chaelmas eve
ميڪالمس جي ڏينهن کان اڳئين ڏينهن جي شام جا 28 سيپٽمبر تي ٿيندي آهي، اهو جو ڏينهن عيسائن جو هڪ پاڪ
ڏينهن آهي، ميڪالمس شام تي عيسائي خوشيون ڪندا آهن ۽ سڄي شام راندين روندين ۽ محبت جي سوغاتن موڪلڻ ۽ وٺڻ
۾ صرف ڪندا آهن.
سوپاريون
ساڙڻ؛ (Burn nuts)
اتر انگلينڊ ۽ اسڪاٽلينڊ ۾ هيءَ هڪ
جهوني رسم هوندي هئي ۽ ميڪالمس شام تي ادا ڪئي ويندي هئي.”رابرٽ بزنس“
(Robert Burns)
پنهنجي نظم ۾ ٻڌائي ٿو، ته اها هڪ نهايت دلچسپ رسم هئي.
ڊاڪٽر
برڊآڪ:
هيءُ انگلينڊ جو هڪ ناليوار شاعر ٿي گذريو
آهي.
|