سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: پرديسي پادري

 

صفحو :20

مون چيو، ”مرحبا منهنجا ٻچا، تون ۽ تنهنجو بهادر ڇڏائيندڙ، توهان کي هزار مرحبائون جيتوڻيڪ اسان جي خوشي صرف ڪمبختيءَ واري آهي، تنهن هوندي به اسان جون دليون توهان جي استقبال ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ هاڻي ”مسٽر برچل“ جيئن ته تو منهنجي ڌيءَ کي ڇڏايو آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن تو کيس عيوضو سمجهين، ته هوءَ تنهنجي آهي، جيڪڏهن تون اسان جهڙي هڪ غريب خاندان سان رشتيداري رکڻ لاءِ رضا مند آهين ته هن کي پنهنجي هٿ ڪر ۽ سندس قبوليت حاصل ڪر، جيئن مون کي معلوم آهي ته تو کي هن جي دل جو پيار حاصل آهي، تيئن تو کي منهنجي دل جو پيار پڻ حاصل آهي، سائين مون کي هن ٻڌائڻ جي اجازت ڏي ته آءٌ تو کي ڪو ٿورو خزانو ڪو نه ٿو ڏيان“.

”مسٽر برچل“ چيو، ”سائين آءٌ سمجهان ٿو ته توهين منهنجي ءَ حالات ۽ جنهن پرورش جي هوءَ مستحق آهي، تنهن نموني پرورش ڪرڻ واري منهنجيءَ لاچاري کان با خبر آهيو“.

مون جواب ڏنو ”جيڪڏهن توهان جو هاڻوڪو اعتراض منهنجي آڇ کي رد ڪرن جي معنيٰ رکي ٿو ته آءٌ هٿ کڻان ٿو، آءٌ ڪو به ماڻهو اهڙو سندس مستحق نٿو سمجهان، جهڙو تون آهين، جيڪڏهن آءٌ کيس هزار مڙس ڏيئي سگهان ۽ هزار مرد مون کان ان جي طلب ڪن ته به منهنجو ايماندار دوست ”برچل“ منهنجو پياري ۾ پيارو انتخاب ٿيڻ گهرجي“.

هنن سڀني ڳالهين تي سندس ماٺ، شرمندو ڪندڙ ڏٺي ويئي ۽ منهنجيءَ آڇ جو ڪو به جواب نه ڏيندي، هن پڇا ڪئي ته آيا، انهي ڀر واريءَ سراءِ مان کيس ناشتي سان نوازيو ويندو، جنهن جو جواب هائوڪار ۾ ملندي، هن صاحب کي بهترين ماني جا ٿوري اطلاع تي ميسر ٿي سگهي ٿي، موڪلڻ جو حڪم ڪيو، هن بهترين شراب جي هڪ درجن بوتلن ۽ منهنجي لاءِ طاقت ڏيندڙ دوائن جو اڳيئي سٺو انتظام ڪيو هو، هن مشڪ سان خاطري ڏيندي، وڌيڪ چيو ته جيتوڻيڪ پاڻ جيل ۾ ڪڏهن به نه رهيو هو، تڏهن به هو هڪ دفعي لاءِ ڪجهه وقت اتي ليٽندو ، پيشگار ماني جي تيارين سان جلدي حاضر ٿيو، هڪ ميز اسان کي داروغي کان اڌاري ملي، هو نهايت چڱي مزاج وارو ڏسڻ ۾ آيو، شراب دستور موجب تقسيم ڪيو ويو، ۽ ٻه تمام چڱي طرح ڍڪيل طعام  خومچا اندر آيا.

منهنجي ڌيءَ اڃا تائين پنهنجي ڀاءُ جي دکدائڪ حالت بابت نه ٻڌو هو، ۽ اسان پڻ ان بيان سان سندس خوشيءَ کي افسرده ڪرڻ نٿي چاهيو، اهو اجايو هو، جو مون پاڻ خوش مزاج ظاهر ٿيڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، ڇا ڪاڻ ته منهنجي بدبخت پٽ جي حالتن ڍوئنگ جي سڀني ڪوششن کي ايتري قدر ته ٽوڙي ڇڏيو، جو آءٌ هن جي بدبختين کي بيان ڪرڻ ۽ چاهنا ڪرڻ سان ته هو اسان سان هن خوشيءَ جي ننڍڙي وقفي ۾ حصي وٺڻ لاءِ آندو وڃي، پنهنجي خوشيءَ کي شڪسته ڪرڻ تي مجبور ٿي پيس، منهنجا مهمان منهنجي بيان جي پيدا ڪيل ٿرٿيل مان سڌير ٿيا، ان کان پوءِ مون عرض ڪيو ته ”مسٽر جينڪنسن“ کي پڻ ٿرٿلي مان سڌير ٿيا، ان کان پوءِ مون عرض ڪيو ته ”مسٽر جينڪنسن“ کي پڻ اجازت ملي، داروغي اها غير دستوري فرمانبرداري جي نموني ۾ منظور ڪئي، اڃا مننهنجي پٽ جي ٻيڙين جو کڙڪو رستي تي مس ٻڌڻ ۾ آيو، ته سندس ڀيڻ ساڻس ملڻ لاءِ بي صبريءَ سان ڊوڙي ان وقت ”مسٽر برچل“ مون کان پچيو ته آيا منهنجي پٽ جو نالو جارج هو، جنهن جو جواب هاڪاريءَ ۾ ملندي، هن اڃا تائين منهنجي ماٺ جاري رکي، جيئن منهنجو پٽ ڪوٺيءَ ۾ گهڙيو، تيئن مون ڏٺو ته هن ”مسٽر برچل، جي عجيب ۽ تعظيم واري نگاهه سان عزت ڪئي.

مون چيو ”منهنجا پٽ هليو اچ، جيتوڻيڪ اسين تمام گهڻو تباهه ٿي ويا آهيون، تنهن هوندي به پالڻهار اسان کي ڏکن مان ڪجهه ڇوٽڪاري ڏيڻ تي مهربان ٿيو آهي، منهنجي ڌيءَ اسان کي واپس ملي آهي ۽ اهو ئي ماڻهو هن کي ڇوٽڪارو ڏيندڙ آهي، هن ئي بهادر انسان جو آءٌ احسانمند آهيان، جو منهنجي هڪ ڌيءَ هاڻي منهنجي قبضي ۾ آهي، منهنجا پٽ، کيس پنهنجي دوستيءِ جو هٿ ڏي، هو اسان جي گرما گرم شڪريي جو مستحق آهي“.

منهنجو پٽ هيءُ سمورو عرصو جيڪي مون چيو، ان ڏانهن توجهه نه ڏيندڙ ڏسڻ ۾ آيو، ۽ اڃا تائين عزت ڀرئي مفاصلي تي بيٺو رهيو، سندس ڀيڻ چيو، ”منهنجا پيارا ڀاءُ ڇو تون منهنجي نيڪ ڇوٽڪاري ڏيندڙ جو شڪريو بجا نٿو آڻين؟ پهلوانن کي هميشه هڪ ٻئي کي پيار ڪرڻ گهرجي.“

هن اڃا تائين به پنهنجي ماٺ ۽ حيرت جاري رکي، جيستائين اسان جي مهمان آخر پاڻ کي سڃاتل ڏٺو، ۽ پنهنجو اصل شان اختيار ڪندي، منهنجي پٽ جي اڳتي اچڻ جي خواهش ڪئي، جهڙي مقدارادا هن موقعي تي اختيار ڪئي، تهڙي مون هن کان اڳ ڪڏهن به هن ۾ ڪا نه ڏٺي هئي، هڪ معتمد فيلسوف چوي ٿو ته ”سرشتيءَ ۾ اعليٰ ترين وٿ اهو نيڪ ماڻهو آهي، جو مصيبت سان ڪشمڪش ڪندڙ آهي، تنهن هووندي ان کان به وڌيڪ اعليٰ اهو نيڪ ماڻهو آهي، جو ان مصيبت کان ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ اچي ٿو،“ هن منهنجي پٽ جو نهايت عهدي طريقي ۾ ڪجهه وقت لحاظ رکيو، ۽ ان کانپوءَ چيو ”وري به آءٌ ڏسان ٿو بي خيال ڇوڪر ته اهو ساڳيو ڏوهه!“ مگر اتي هو داروغي جي نوڪرن مان هڪ جي اچڻ تي رڪجي ويو، اهو نوڪر اسان کي اطلاع ڏيڻ آيو هو، ته هڪ مرتبي وارو ماڻهو، جو هڪ گاڏيءَ ۽ ڪيترن حاضري وارن نوڪرن سان گڏ شهر ۾ آيو هو، تنهن پنهنجيون ماڻهو لاءِ موڪليون هيون، جو اسان سان گڏ هو ۽ ان معلوم ڪرڻ جو عرض ڪيائين، ته هو ڪڏهن به مناسب سمجهندو، جڏهن هو ساڻس ملاقات ڪري، اسان جي مهمان جواب ڏنو، ”ان کي چئو ته تيستائين اتي ترسي، جيستائين مون کي ساڻس ملڻ جي فرصت ملي“، ان کان پوءِ منهنجي پٽ ڏانهن مخاطب ٿي وڌيڪ چيائين ”آئون وري به ڏسان ٿو، ته تون ساڳئي ڏوهه جو مجرم آهين، جنهن لاءِ مون تو کي اڳي هڪ دفعو جهڻڪيو هو، ۽ جنهن لاءِ قانون هاڻي تمام واجبيءَ ۾ واجبيءَ سزائون پيو تيار ڪري، تون سمجهين ٿو ته شايد تنهنجي پنهنجي  حياتيءَ لاءِ حقارت تو کي ٻئي جي حيايتي وٺڻ جي اجازت ڏئي ٿي، سائين هڪ املهه حياتيءَ کي جوکي ۾ وجهندڙ موڳي ۾ موڳي ماڻهو ۽ هڪ حفاظت سان عمل ڪندڙ خوني جي وچ ۾ ڪهڙو تفاوت آهي؟ جواريءَ جي دغا ۾ اها ڪا ڪمي آهي، ڇا جڏهن هو دليل پيش ڪري ٿو ته پاڻ هڪ ڪوڙو سڪو شرط ٻڌو هئائين.

مون چيو ”افسوس، سائين تون ڪير به هجين، غريب گمراهه مخلوق تي رحم ڪر، ڇا ڪاڻ ته جيڪي ڪي هن ڪيو آهي، سو هڪ گمراهه ماءُ جي فرمانبرداريءَ ڪري، سندس ماءُ پنهنجي بغض جي شديد غصي ۾ پنهنجي دعائن جي نالي تي کانئس طلب ڪئي ته هوو سندس تڪرار جو عيوض وٺي سائين اجهو، هيءُ خط آهي، جو توهان کي هن جي بيوقوفي ثابت ڪري ڏيکاريندو ۽ سندس ڏوهه گهٽ ڪندو“.

هن خط کنيو ۽ ان کي تڪڙو پڙهيو، هن چيو، ”هيءَ جيتوڻيڪ هن گناهه جو هڪ مڪمل عذر نه آهي، پر هڪ اهڙي جرم کي خفيف ثابت ڪندڙ آهي. جو مون کي کيس معاف ڪرڻ تي آماده ڪري ٿو“.

هن پنهنجو سلسلي ڪلام جاري رکندي ۽ مهرباني سان جارج جي هٿ کان جهليندي چيو، ”هاڻي سائين آءٌ ڏسان ٿو ته مون کي هتي ڏسي، اوهين حيران ٿيا آهيو! پر مون اڪثر جيلن کي گهٽ پسند ايندڙ موقعن تي ڏٺو آهي، آءٌ هينئر ڏسڻ آيو آهيان ته هڪ لائق ماڻهو، جنهن لاءِ مون کي تمام سچي دل عزت آهيم ان سان انصاف ٿئي، آءٌ گهڻو ئي تنهنجي والد جي فيض و ڪرم جو چمڙا پوشيءَ ۾ تماشبين ٿي رهيو آهيان، مون سندس ننڍڙي رهائشگاهه تي خوشامد کان پاڪ عزت حاصل ڪئي آهي ۽ سندس باهه جي چوڌاري مزيدار سادگي مان اها خوشي حاصل ڪئي اٿم، جا بادشاهي درٻارون به ڏيئي نه سگهنديون هونديون، منهنجو ڀائٽيو منهنجي هتي اچڻ جي ارادن کان واقف ٿيو آهي ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته اهو آيو آهي، سندس پڇا ڳاڇا کان سواءِ کيس ڏوهي ٺهرائڻ ساڻس ۽ توهان سان ظلم ٿيندو ۽ هيءُ آءٌ سواءِ ڪنهن ٻٽاڪ جي چئي سگهان ٿو ته ڪڏهن به ڪنهن ”سر وليم“ ٿارنهل“ تي بي انصافيءَ جو الزام نه لڳايو آهي.

هاڻي اسان ڏٺو ته اها شخصيت جنهن کي اسان ايترو گهڻو وقت هڪ غريب ۽ دلچسپ ساٿيءَ وانگر مهمان رکيو هو، سو نامور ، ”سر وليم ٿارنهل“ کان سواءِ ٻيو ڪو نه هو، جنهن جي اخلاقن ۽ خاص خوبين کان ورلي ڪو غير واقف هو، غريب ”مسٽر برچل“ سچ پچ ته هڪ وڏي دولت ۽ گهڻي اثر وارو ماڻهو هو، جنهن ڏانهن قانون جوڙڻ واريءَ جماعت جي ميمبرن گهڻي تعريف سان توجهه ڏنو ٿي ۽ جنهن کي ان جماعت اعتماد سان ٻڌو ٿي، هو پنهنجي ملڪ جو دوست مگر پنهنجي بادشاهه سان وفادار هو، منهنجي غريب زال، پنهنجي اڳئين گهرائي ياد ڪندي انديشي کان کانئس ڪو ڪرڻ لڳي، پر صوفيا جنهن ڪجهه منٽ اڳ کيس پنهنجو ٿي سمجهيو، سا هاڻي کيس تمام دور مقام تي جنهن تي کيس نصيب کڻي ويو هو ڏسندي پنهنجي لڙڪن لڪائڻ کان لاچار هئي، منهنجيءَ زال نهايت قابل رحم حالت ۾ چيو، ”سائين اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو، ته مون کي ڪڏهن به اوهان جي معافي ملي سگهندي؟ اڳئين دفعي جڏهن مون کي اوهان کي پنهنجي گهر ۾ ڏسڻ جي عزت نصيب ٿي هئي، تڏهن مون کان جيڪي بي مانائي وارا چرچا ٿيا، سي مون اوهان سان ڪيا، هاڻي مون کي خوف آهي ته اهي ڪڏهن به معاف ٿي نه سگهندا.“

هن جواب ڏنو، ”خاتون جيڪڏهن تو ڪو چرچو ڪيو هوندو، ته مون ان جو جواب ڏنو هوندو، آءٌ اهو سڄيءَ جماعت تي ڇڏيندس، ته اتي اهو فيصلو ڪن ته آيا، منهنجا چرچا اهڙا سٺا نه هئا، جهڙا تنهنجا سچ ته مون کي ڪو به اهڙو ماڻهو ڪو نه ٿو سمجهي جنهن سان آءٌ هن وقت ناراض آهيان، سواءِ ان شخص جي جنهن منهنجيءَ پياري ڇوڪري کي اهڙو ڊيڄاريو آهي، مون کي مورڳو ان بدمعاش جي بدن کي جاچڻ جو به وقت ڪو نه مليو، جو کيس اشتهار ۾ پڌرو ڪري سگهجي، منهنجي پياري ”صوفيا“ ڇا تون کيس وري سڃاڻي سگهندين؟“

صوفيا جواب ڏنو، ”سائين آءٌ خاطري سان چئي نٿي سگهان پر هاڻي مون کي ياد اچي ٿو ته سندس ڀرن مان هڪ جي مٿان هڪ وڏو نشان هو،“ ”جينڪنسن“ جو ڀر ۾ بيٺو هو، تنهن وچ ۾ چيو، ”بيبي تڪليف معاف ڪجو، نوازش ڪري مون کي ٻڌايو ته ڇا ان شخص جا وار ڳاڙها هئا؟“ صوفيا جواب ڏنو ”ها آءٌ ائين سمجهان ٿي،“ هن ”سر وليم“ ڏانهن مخاطب ٿيندي وڌيڪ چيو، ”سائينءِ جن هن جي ٽنگن جي لمبائي ڏٺي؟ امير جواب ڏنو، ”آءُ سندس ڊگهائيءَ بنسبت خاطري ڏيئي نٿو سگهان، مگر مون کي سندس تڪڙي هئڻ جي خاطري آهي، ڇا ڪاڻ ته هو مون کان اڳتي نڪري ويو، جو هڪ اهڙو ڪم آهي، جو مون خيال ڪيو ته هن حڪومت ۾ ڪي چند ماڻهو ڪري سگهندا هوندا،“ ”حضور جن اطمينان ڪن“. ”جينڪنسن“ دانهن ڪئي، ”آءُ ان ماڻهو کي سڃاڻان ٿو، يقينا اهو ساڳيو ماڻهو آهي“. هو ”انگلينڊ“ جو بهترين ڊوڙندڙ آهي، هن ”نيو ڪئسل“ جي ”پنوائر“ کي جيتيو، سندس نالو ”ٽموٿي بئڪسٽر“ آهي، آءٌ کيس مڪمل طرح سڃاڻان ۽ سندس موجوده لڪڻ جي جڳهه جي به ڄاڻ اٿم جيڪڏهن حضور جن داروغي کي حڪم ڪن ته هو مون کي سندس ٻن ماڻهن سان گڏ ڇڏي ته آءٌ گهڻي ۾ گهڻو کيس هڪ ڪلاڪ ۾ توهان وٽ پيش ڪرڻ جو ذمو کڻندس“. انهي تي داروغي کي ڪوٺايو ويو، داروغي جي حاضرٿيڻ تي ”سر وليم“ کانئس پڇيو، ”ڇا تون مون کي سڃاڻين ٿو؟“ داروغي جواب ڏنو، ”هائو حضور خاطري ڪريو، آءٌ ”سر وليم ٿارنهل“ کي چڱي طرح سڃاڻان ۽ هر ڪو ماڻهو جنهن کي هن جي خبر آهي، سو کيس وڌيڪ سڃاڻڻ جي خواهش رکي ٿو“. ان تي امير چيو، ”تڏهن تمام چڱو منهنجو عرض آهي ته تون منهنجي اختياريءَ تي هن ماڻهوءَ ۽ پنهنجن نوڪرن مان ٻن کي هڪ پيغام پهچائڻ لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏي، آءٌ عدالتي ڪاروبار هلائيندڙ جماعت جو ميمبر آهيان، تنهن ڪري آءٌ انهن کي هٿ ڪري ڏيڻ جو ڪم پنهنجي ذمي کڻان ٿو“. ٻئي جواب ڏنو، ”توهان جو وعدو ڪافي آهي۽ هڪ منٽ جي اطلاع سان حضور جن کيس ساريءَ ”انگلنيڊ“ ۾ جڏهن موزون سمجهن تڏهن ڀلي موڪلين“.

داروغي جي اجازت بعد ”جينڪنسن“ کي ”ٽموٿي بئڪسٽر“ جي تلاش ۾ موڪليو ويو، سندس وڃڻ کانپوءِ اسين پنهنجي ننڍڙي ”بل “ جي راند روند ۾ وندريا پيا هئاسون، جو ان وقت اتي آيو هو، ۽ ”سر وليم“ کي چمي ڏيڻ لاءِ سندس ڪلهن تي چڙهي ويٺو، سندس ماءُ کيس گوشمالي ڪڻ لاءِ پئي ويئي، مگر ان بابت اسان کيس روڪيو، ۽ ڪرڻ جيئن ئي هو ڦاٽل ٽٽل ڪپڙن ۾ هو، تيئن ئي کيس پنهنجي گوڏن تي کڻندي چيائين، ”ڇا بل ڳٽڪالچ، تون پنهنجي جهوني دوست، ”برچل“ کي سڃاڻين ٿو؟ ۽ تون ”ڊڪ“ منهنجا آزمودگار سپاهي، تون پڻ هتي آهين؟ توهين ڏسندو ته مون توهان کي ڪو نه وساريو آهي“. ائين چوندي هن هر هڪ کي هڪ وڏو خبر جي مانيءَ جو ٽڪرو ڏنو، جو انهن غريبن تمام خوشيءَ سان کاڌو، ڇا ڪاڻ ته کين ان صبح جو تمام ٿورڙي نيرن ملي هئي.

اسين هاڻي مانيءِ تي ويٺاسون، جا ٿڌي ٿي ويئي هئي، پر ان کان اڳ جيئن ته مون کي ٻانهن ۾ اڃا تائين سور هو، تنهن ڪري ”سر وليم“ هڪ نسخو لکيو، ڇا ڪاڻ ته هن علم طبعيءَ جو اڀياس ڪرڻ پنهنجي وندر ڪيو هو، ۽ ڌنڌي ۾ وچٿري هنر واري کان وڌيڪ هو، اهو نسخو ڳوٺ جي دوائن وڪڻندڙ ڏانهن موڪليو ويو، منهنجيءَ ٻانهن جي ملم پٽي ڪئي ويئي ۽ مون جلدي آرام حاصل ڪيو، ،ماني تي اسان جي حاضريءَ داروغي ڀري، جو اسان جي مهمان جي ايتري تعظيم ڪري رهيو هو، جيتري سندس طاقت ۾ هئي، اسان چڱي طرح کائي ورتو، ان کان اڳ ٻيو پيغام سندس ڀائٽي کان آيو، جو پاڻ کي بي ڏوهي ٺهرائڻ لاءِ حاضر ٿيڻ جي اجازت جي خواهش ڪري رهيو هو، امير اهو عرض قبول ڪيو ۽ ”مسٽر ٿارنهل“ کي اندر اچڻ جي اجازت ڏنائين.

 

باب ايڪٽيهون

 

اڳئين ڪريم النفسي

 

”مسٽر ٿارنهل“ هميشه وانگر مشڪندي ظاهرٿيو ۽ سڌو پنهنجي چاچي کي ڀاڪر پائڻ ويو، مگر چاچس کيس حقدار سان موٽائي ڇڏيو، امير سختيءَ سان چيو، ”هن وقت ڪا به چاپلوسي نه گهرجي، منهنجيءَ دل کي قبول پوڻ جو صرف هي طريقو آهي، عزت جي رستي کان اچڻ، پر هتي آءٌ صرف ڪوڙ“ گيديپڻي ۽ظالم جا منجهيل واقعات رستي ڏسان ٿو، جناب! اهو غريب ماڻهو جنهن سان تو دوستيءَ جي دعويٰ ٿي رکي، ان سان اهڙي نموني برتاءُ ڪرڻ ڪهڙي معنيٰ ٿو رکي؟ سندس ڌيءَ سندس مهمان نوازيءَ جي عيوض ڪميڻپ جي نموني زوري ڀڄائي ويئي ۽ شايد صرف بي عزتيءَ کي روڪڻ لاءِ سندس پيءُ کي جيل ۾ اڇلايو ويو آهي، هن جو پٽ جنهن کي تون هڪ مرد وانگر منهن ڏيڻ کان دنئين ٿي سو پڻ...“ ”مسٽر ٿارنهل“ گفتگو ٽوڙيندي چيو، ”سائين، ڇا اهو ممڪن آهي، ته منهنجو چاچو ان ڪم تي هڪ گناهه وانگر اعتراض وٺي، جنهن کي ڇڏڻ لاءِ سندس وري وري هدايتن ئي مون کي آماده ڪيو آهي“.

”سر وليم“ جواب ڏنو، ”تنهنجو چوڻ بلڪل ٺيڪ آهي، هن موقعي تي تو چڱيءَ طرح سياڻپ سان ڪم ڪيو آهي، مگر اهڙو نه جهڙو هوند تنهنجو پيءُ ڪري ها، منهنجو ڀاءُ سچ پچ ته،م عزت جو روح روان هو، پر توهان ...... هائو تو هن موقعي تي مڪمل طرح ٺيڪ ڪم ڪيو آهي، ۽ آءٌ ان کي گهڻو پسند ڪريان ٿو“.

سندس ڀائٽي چيو، ”مون کي اميد آهي ته منهنجي باقي هلت ملامت جي لائق نه ڏٺي ويندي، سائين آءٌ هن معزز ماڻهوءَ جي ڌيءَ سان گڏ ڪن عوامي وندر گاهن تي حاضر ٿيس، اهڙيءَ طرح جيڪا هلڪائي هئي، تنهن کي بدنامي جي سخت نالي سان ڪوٺيو ويو ۽ ظاهر ڪيو ويو ته منهنجو ساڻس گهرو تعلق هو، سندس راضپي موجب ڳالهه کي صفا ڪرڻ لاءِ آءٌ شخصي طرح سندس پيءُ وٽ ويس، پر هن منهنجو استقبال صرف بي عزتيءَ ۽ گارين سان ڪيو، باقي ٻين ڳالهين بنسبت منهنجا عام مختيار ۽ وڪيل اوهان کي چڱي طرح آگاهه ڪري سگهندا، ڇا ڪاڻ ته آءٌ پنهنجو سمورو ڪاروبار سندن ئي حوالي ڪريان ٿو، جيڪڏهن هن قرض کنيا آهن ۽ موٽائي ڏيڻ جي لائق نه آهي، ته سندن ئي ڪم آهي، ته هن نموني سان ڪارروائي ڪن ۽ آءٌ داد رسيءَ لاءِ انهن تمام قانوني طريقن اختيار ڪرڻ ۾ ڪابه سختي يا بي انصافي ڪو نه ٿو ڏسان“.

”سر وليم“ چيو ”جيڪڏهن اهو ائين آهي جيئن تو بيان ڪيو اهي ته پوءَ تنهنجي ڪيل ڪم ۾ ڪا به اهڙيءَ ڳالهه نه آهي، جا معاف ٿيڻ جوڳيءَ نه هجي، هيءَ معزز انسان اهڙي ظلم سان دٻايو وڃي ، ان کي برداشت نه ڪرڻ ۾ تنهنجي هلت وڌيڪ سخاوت واري ٿئي ها. تنهن هوندي به هيءُ ڪارروائي ڪم از ڪم انصاف ڪارڻ ٿي آهي“.

زميندار جواب ڏنو، ”هيءُ ڪنهن به هڪ تفصيل جو ڏيئي نٿو سگهي، ۽ آءٌ ائين ڪرڻ لاءِ کيس سامهون ٿيان ٿو، ۽ جيڪي آءٌ چوان ٿو، ان جي تصديق ڪرڻ لاءِ منهنجن نوڪرن مان ڪيترا تيار آهن.“ مون کي صبر ۾ ڏسي، هن وڌيڪ چيو ته ”اهڙي طرح سائين ثابت ٿئي ٿو ته آءٌ بي ڏوهي آهيان، پر جيتوڻيڪ اوهان جي استدعا تي، آءٌ هن معزز ماڻهوءَ کي ٻيو سڀ گناهه معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ته به مون کي توهان وٽ بي آبرو ڪرڻ لاءِ هن جيڪي ڪوششون ورتيون آهن، سي اهڙو غصو اڀارين ٿيون، جو آءٌ پاڻ کي سنڀالي نٿو سگهان ۽ اهو پڻ ان وقت تي جڏهن سندس پٽ سچ پچ ته منهنجي حياتيءَ وٺڻ جي تياري ڪري رهيو هو، ان لاءِ چوان ٿو ته هڪ اهڙو ڏوهه آهي، جنهن کي مون قانون تي ڇڏڻ لاءِ ارادو ڪيو آهي، ته اهو ڀلي پنهنجو رستو اختيار ڪري، مون وٽ سندس چئلينج ۽ ان کي ثابت ڪرڻ لاءِ ٻه شاهد موجود آهن، منهنجي نوڪرن مان هڪ خوفناڪ نموني ۾ ڦٽيو ويو آهي ۽ جيتوڻيڪ منهنجو چاچو پاڻ کڻي مون کي سمجهائي ان کان باز آڻيندو، جو آءٌ سمجهان ٿو ته هو نه ڪندو، تنهن هوندي به آءٌ قانوني انصاف ٿيل ڏسندس ۽ هي ان لاءِ ڀوڳيندو“. منهنجيءَ زال چيو، ”بدمعاش تو اڳيئي پنهنجو وير نه ورتو آهي ڇا، جو منهنجو ڇوڪرو تنهن جو ظلم ضرور چکندو،؟ مون کي اميد آهي ته نيڪ ”سر وليم“ اسان کي بچائيندو، ڇا ڪاڻ ته منهنجو پٽ اهڙو ته معصوم آهي، جهڙو ٻار، مون کي خاطري آهي، ته هيءُ بي ڏوهي آهي ۽ هن ڪڏهن به ڪنهن به ماڻهو کي نقصان نه رسايو آهي.“.

ان نيڪ انسان جواب ڏنو، ”بيبي ! سندس سلامتيءَ لاءِ توهان جون دلي خواهشون منهنجين کان وڌيڪ نه آهن، پر مون کي افسوس آهي، جو آئون ڏسان ٿو، ته هن جو ڏوهه بلڪل پڌرو آهي ۽ جيڪڏهن منهنجو ڀائيٽو ان تي زور رکي ٿو.....“ پر ”جينڪنسن“ داروغي جي نوڪرن هاڻي اسان جي ڌيان کي ڇڪي ورتو، جو هڪ قداور خوش پوش شخص کي ڇڪيندا، اندر گهڙيا، ”جينڪنسن “ کيس اندر ڌڪيندي چيواجهوهي اسان وٽ حاضر آهي ۽ جيڪڏهن ڪو شخص ڪڏهن به ”ٽائبرن“ لاءِ اميدوار هو ته اهو هي شخص آهي.“

جنهن ساعت ”مسٽر ٿارنهل“ ان قيديءَ ۽ ”جينڪنسن“ جنهن جي هو حوالات ۾ هو، سڃاتو، تنهن وقت خوف کان پوئتي هٽندو ڏٺو ويو، سندس منهن پنهنجي ڪيل گناهه کان پيلو ٿو ويو، پر “جينڪنسن“ سندس ارادو پر کي ورتو ۽ کيس بيهاري ڇڏيائين، هن چيو، ”ڇا، زميندار صاحب، تون پنهنجن ٻن جهونن واقف ڪارن، ”جينڪنسن“ ۽ ”باڪسٽر کان شر مسار آهين؟ پر هي ئي طريقو آهي، جنهن ۾ سڀيئي وڏا ماڻهو پنهنجن دوستن کي وساري ڇڏيندا آهن، جيتوڻيڪ منهنجو پڪو ارادو آهي ته اسين توهان کي ڪڏهن به ڪين وسارينداسون“. هن ” سر وليم“ ڏانهن مخاطب ٿي چيو، ” حضور جن خاطري ڪن، ته اسان جي قيديءَ اڳيئي سڀ ڪجهه قبول ڪيو آهي، هي اهو ئي سکر ماڻهو آهي، جنهن لاءِ سخت زخمي هئڻ جي پڪار ڪيل آهي، هي ظاهر ڪري ٿو ته ”مسٽر ٿارنهل“ ئي هو، جنهن پهريائين کيس هن ڪم تي مقرر ڪيو، هن ئي کيس اهي ڪپڙا ڏنا، جي هو هاڻي هڪ معزز ماڻهو وانگر ڏسڻ ۾ اچڻ لاءِ پهري ٿو، هن ئي کيس هڪ گاڏي مهيا ڪري ڏني، سندن وچ ۾ اها رٿ رٿيل هئي، ته هي نوجوان عورت کي ڪنهن سلامتيءَ واري جاءِ ڏانهن کڻي ويندو ۽ اتي کيس خوف ۽ ڊپ ڏيندو، پر ”مسٽر ٿارنهل“ ان وقت اندر ڄڻ ته اتفاقا سندس آزادي لاءِ اتي پهچي ويندو، ۽ ٻئي ڪجهه وقت پاڻ ۾ وڙهندا، ان کانپوءِ هو ڀڄي ويندو، جنهن موجب ”مسٽر ٿارنهل“ کي بچائيندڙ هئڻ جي حيثيت ۾ هن عورت جي پيار حاصل ڪرڻ جو بهتر وجهه ملندو“.

”سر وليم“ اهو ڪوٽ سڃاتو، جو اڪثر سندس ڀائٽو پهريندو هو، قيدي پاڻ مرادو وڌيڪ تفصيل وار بيان سان ائين اختتام ڪندي قبول ڪيو ته ”مسٽر ٿارنهل“ اڪثر ساڻس ظاهر ڪيو ويو ۽ هو ساڳئي وقت تي ٻنهين ڀينرن سان محبت ۾ ڦاٿل هو.

”سر وليم“ واڪو ڪري چيو، ”خدايا! ڪهڙو نه کپر نانگ، آءٌ پنهنجيءِ ڇاتيءَ تي پالي رهيو هوس، جنهن انصاف جو شوق هو رکندڙ آهي، اهو ئي کيس ملندو، محترم داروغا، کيس حفاظت سان رک، تنهن هوندي به جهل مون کي خوف آهي ته کيس روڪڻ لاءِ اسان وٽ ڪا به قانوني شاهدي نه آهي“.

ان تي ”مسٽر ٿارنهل“ نهايت حلم سان التجا ڪئي، ته انهن ٻن بدمعاشن کي سندس بر خلاف شاهدن طور قبول نه ڪيو وڃي، پر سندس نوڪر ڀلي پڇيا وڃن، ”سر وليم“ جواب ڏنو، ”منهنجا نوڪر! بدبخت کين وڌيڪ لاءِ پنهنجو نه ڪوٺ، پر اچو ته ٻڌون، ته انهن ماڻهن کي ڇا چوڻو آهي، سندس بورچي کي سڏيو“.

جڏهن بورچي کي اندر داخل ڪيو ويو، تڏهن هن پنهنجي اڳئين مالڪ جي نگاهن مان ڏٺو، ته سندس سمورو زور هاڻي ختم ٿي چڪو هو، ”سر وليم، “ سختيءَ سان واڪو ڪري چيو، ”مون کي ٻڌاءِ ته تو ڪڏهن پنهنجي آقا ۽ هن ماڻهوءَ کي سندس ڪپڙن ۾ ملبوس ٿيل ۽ هڪ ٻئي سان گڏ ڏٺو آهي؟“بورچي جواب ڏنو، ”هائو، حضور جن خاطري ڪن هڪ هزار دفعا، هي اهو ماڻهو آهي، جو هميشه سندس ڪَذَن، ڪرتَوتَنَ ۾ ساڻس شامل رهندو هو“.

”مسٽر ٿارنهل“ وچ ۾ پڇيو، ”ڪيئن، هي سڀ منهنجي منهن تي!“ بورچيءَ جواب ڏنو، ”هائو، ابا ڪنهن به ماڻهوءَ جي منهن تي ..... تو کي سچ ٻڌايان ٿو، ته مون ڪڏهين به تو کي پيار نٿي ڪيو ۽ نڪي تو کي پسند ٿي ڪيو ۽ مون کي ڪا به پرواهه نه جيڪڏهن هينئر آءٌ تو کي پنهنجي دل جو راز ٻڌايان ٿو“. ”جينڪنسن“ واڪو ڪري چيو. ”جيڪڏهن تو کي مون بابت ڪا به خبر هجي، ته اها حضور جن کي ٻڌاءِ“، بورچيءَ جواب ڏنو ، ”آءُ چئي نٿو سگهان، ته مون کي ڪا تو بابت گهڻي خبر آهي، مگر ان رات جڏهن هن معزز ماڻهوءَ جي ڌيءَ کي فريب ڏيئي اسان جي گهر آندو ويو هو. تڏهن تون انهن مان هڪڙو هئين، ”سر وليم“ چيو، ”اهڙي طرح آءٌ ڏسان ٿو ته تو پنهنجي معصوميت ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ تمام عمدو شاهد آندو آهي، تو ن انسان ذات تي داغ لڳائين ٿو،! اهڙن بدمعاشن سان صحبت ڪرڻ! (پر هن جي شاهدي جاري رکندي) ها محترم بورچي تون مون کي ٻڌاءِ، ڇا، هيءَ اهي ماڻهو آهي، جنهن هن وٽ هن ٻڍيءَ ماڻهوءَ جي ڌيءَ آندي آهي؟“ بورچيءَ جواب ڏنو، ”نه سائين حضور جن خاطري ڪن ته هن ان کي نه آندو هو، ڇا ڪاڻ ته اهو ڪاروبار زميندار پاڻ تي کنيو هو، پر ان پادريءَ کي آندو هو، جنهن کين پرڻائڻ جو ڍوئنگ ڪيو هو“ ”جينڪنسن“ چيو، ”اهو اهڙو ته پورو پورو سچ آهي، جو آءٌ ان کان ڪنڌ ڪڍائي نٿو سگهان، اهو ئي ڪم هو، جو مون کي سپرد ڪيو ويو هو ۽ آءٌ پنهنجيءَ پشيمانيءَ سان اهو قبول ٿو ڪريان“

امير عجب ۾ پئجي چيو، ”سڳورا موليٰ سائين! ڪئين نه هن جي ڪميڻپ جي هر هڪ نئين خبر مون کي خبر دار ٿي ڪري، هن جو هر ڪو ڏوهه تمام پڌرو آهي ۽ آءٌ ڏسان ٿو ته هن جو مقدمو ظلم، گيدي پڻي ۽ انتقام سان تيار ڪيل آهي، محترم داروغا، منهنجي ڀروسي تي هن نوجوان عملدار کي جو هن وقت تنهنجي قيدي آهي، آزاد ڪر، ۽ نتيجن لاءِ مون تي ڀروسو رک، آءٌ هن ڪم کي ان پنهنجي دوست جج وٽ صحيح روشنيءَ ۾ پيش ڪرڻ جو ڪم پنهنجي ذمي کڻندس، جنهن کيس جيل ڏانهن موڪليو آهي، مگر اها بد نصيب نوجوان عورت ڪٿي آهي؟ ڀلي ته هوءَ هن ڪمبخت کي سامهون پوڻ لاءِ حاضر ٿئي، آءٌ معلوم ڪرڻ چاهيان ٿو، ته هن ڪهڙن هنرن سان کيس ٺڳيو آهي، کيس اندر اچڻ لاءِ التجا ڪريو، هوءَ ڪٿي آهي؟“

مون چيو، ”افسوس سائين! اهو سوال مون کي دل ۾ ڏنگ هڻي ٿو، آءٌ سچ پچ ته ڪنهن وقت هن ڌيءَ مان خوش هوس، مگر سندس تباهي .... “اتي منهنجي ڳالهائڻ ۾ از خود رڪاوٽ پئي، جڏهن مون ڏٺو، ته جا عورت ان وقت حاضر ٿي رهي هئ، سا هئي، ”مس ارابيلا ولماٽ“ جا ايندڙ ڏينهن تي ”مسٽر ٿارنهل“ سان پرڻجڻي هئي، ”سر وليم ۽ سندس ڀائيٽي کي اتي پنهنجي اڳيان ڏسي، جيڪا حيرت کيس لڳي، تنهن جو بيان ڪري نٿو سگهجي، ڇا ڪاڻ ته سندس اتي اچڻ بلڪل اتفاقي هو، ائين ٿيو جو سندس چاچيءَ زور رکيو هو، ته سندس شاديءَ ”مسٽر ٿارنهل“ سان سندس گهر ۾ مڪمل ڪئي وڃي، ان جي گهر ڏانهن ويندي هوءَ ۽ سندس ٻڍو پيءُ شهر جي وچان لنگهي رهيا هئا، پرتفريحا ترسندي، هو شهر جي ٻئي ڇيڙي تي هڪ سراءِ ۾ رهي پيا، اتي ائين ٿيو جو دريءَ کان هڪ نوجوان عورت منهنجي ننڍڙن ڇوڪرن مان هڪ کي گهٽيءَ ۾ راند ڪندي ڏٺو ۽ يڪدم ڇوڪر کي هڪ نوڪر هٿان پاڻ وٽ گهرائي، کانئس اسان جي ڪجهه مصيبتن جو احوال معلوم ڪيائين، مگر اڃا تائين کيس اها خبر ڏني ويئي ته ”مسٽر ٿارنهل“ ڪو انهن جو سبب هو جيتوڻيڪ سندس پيءُ ملاقاتن لاءِ اسان وٽ جيل ۾ اچڻ جي نامناسب هلت تي گهڻيئي اعتراض ڪيا، تنهن هوندي به اهي بي اثر ٿيا، هن ڇوڪري کي وٺي هلڻ لاءِ چيو، جو ڪم هن ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح هن جي غير متوقع ٽاڻي تي آمد انسان کي حيرت ۾ وڌو،

آءُ انهن اتفاقي ملاقاتن تي روشني وجهڻ کان سواءِ اڳتي وڌي نٿو سگهان ، جي جيتوڻيڪ روزمره پيون ٿين، مگر سواءِ ڪنهن غير معمولي موقعي جي اسان جي حيرت کي ڪو ورلي اڀارين ٿيو، اسين پنهنجين زندگين جي سڀ ڪنهن خوشيءَ لاءِ ڪهڙي اتفاقي ماجرا جا مرهون منت نه آهيون؟ اسين ڪپڙا پهرايا يا کاڌو کارايا وڃون ٿا، ان کان اڳ ڪيترا نه گهڻا ظاهر ظهوو محنت ڪرڻ ڏانهن متوجهه هئڻ گهرجن، وسڪارو ضرور وسي، هوا واپار لاءِ ويندڙ جهاز جي سڙهه کي ڀري ۽ ماڻهو ضرور دستوري سامان جي ضرورت رکندا هجن. اسان سڀني ڪجهه ساعتن لاءِ پنهنجو صبر قائم رکيو، هن زميندار کي چيو، جو هن سمجهيو ته اسان جي مدد لاءِ ۽ نه ئي ظلم ڪرڻ لاءِ آيو هو، ”سچ پچ ته منهنجا پيارا ”ٿارنهل“ آءٌ ان کي ڪجهه بي مروتيءِ جو طريقو سمجهان ٿي، جو تون مون کان سواءِ هتي اچين ۽ مون کي هن ڪٽنب جي حالت کان آگاهه نه ڪرين، جو پاڻ ٻنهين کي تمام گهڻو پيارو آهي، تو کي خبر آهي ته مون کي پنهنجي معزز بزرگ استاد، جنهن کي آءٌ هميشه لاءِ تعظيم ڏيندس، ان جي دستگيري لاءِ مدد ڪرڻ ۾ ايتري ئي مسرت هئڻ گهرجي، جيتري تون حاصل ڪري سگهين ٿو، پر آءٌ ڏسان ٿي، ته تون پنهنجي چاچي وانگر ڳجهيءَ طرح نيڪي ڪرڻ ۾ خوشي حاصل ڪرين ٿو.

”سر وليم“ وچ ۾ ڳالهائيندي چيو، هي نيڪيءَ ڪرڻ ۾ مسرت حاصل ڪري ٿو! نه منهنجي پياري هن جون خوشيون اهڙيون ئي ذليل آهن، جهڙو هي پاڻ آهي، خاتون، تون هن جي شڪل ۾ اهو پورو بدمعاش ڏسين ٿي، جنهن هميشه انسان ذات جي گهٽتائي ڪئي، هڪ ڪميڻو جنهن هڪ غريب ماڻهوءَ جي ڌيءَ کي گمراهه ڪرڻ کانپوءِ ۽ سندس ڀيڻ جي معصوميت خلاف منصوبي رٿڻ کانپوءِ سندس پيءُ کي قيد ۾ اڇلايو ۽ وڏي ڀاءُ کي ٻيڙين ۾ وڌو آهي، ڇا ڪاڻ ته هن کي سندس ڊوه ڪندڙ سان سامهون ٿين جي همت هئي ۽ خاتون تون مون کي اجازت ڏي ته آءٌ تو کي هن راڪاس جهڙي بچي وڃڻ تي مبارڪون ڏيان“.

اڻ وڻندڙ ڇوڪريءَ چيو، ”او خدا، آءٌ ڪيئن نه ٺڳجي ويئي آهيان! ”مسٽر ٿارنهل“ مون کي خاطريءَ جهڙو اطلاع ڏنو ته هن بزرگ جو وڏو پٽ ”ڪيپٽن پرمروز“ پنهنجي نئين شادي ڪيل زال سان ٻاهر آمريڪا ڏانهن ويل هو“.

منهنجي زال چيو، ”منهنجي مٺڙي ڪڪي، هن تو کي ڪوڙن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪو نه ٻڌايو آهي، منهنجي پٽ ”جارج“ ڪڏهن به حڪومت جون حدون نه ڇڏيون، نڪي ڪڏهن به ڪا شادي ڪيائين، جيتوڻيڪ تو کيس وساري ڇڏيو آهي، مگر هن تو کي هميشه ايترو ته گهڻو پيار ڪيو آهي، جو ڪنهن ٻيءَ جو خيال به نه ڪري سگهيو آهي، مون کيس ائين چوندي ٻڌو آهي ته هو تنهنجي واسطي ڪنوارو مرندو“ هوءَ پوءَ پنهنجي پٽ جي عشق جي سچائي جو تفصيلوار احوال ڏيڻ لڳي، هن سندس ۽ ”ٿارنهل“جي جڳهڙي کي صحيح روشنيءَ پيش ڪيو، ان کان پوءِ ان ڳالهه کان نڪري وڃي، زميندار جي بد اخلاقين ۽ سندس مڪر وارين شادين جي ڳالهه ڪيائين ۽ سندس گيدپڻي کي نهايت بي عزتيءَ واريءَ تصوير ۾ پيش ڪري، پنهنجيءَ گفتگو کي ختم ڪيائين.

”مس ولماٽ“ چيو، ”خدايا آءٌ ڪيترو نه برباديءَ جي ڪناري کي ويجهو اچي پهتي هئس، پر ان کان بچڻ تي مون کي ڪيڏي نه وڏي خوشي ٿي آهي! هن ماڻهوءَ مون کي ڏهه هزار ڪوڙ ٻڌايا آهن، هن کي اهڙو ڪو فن هو جو هو آخر مون کي ان خاطريءَ ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيو، ته منهنجو ان معزز ماڻهوءَ جي ڪوڙن مون کي هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي ڌڪارڻ سيکاريو، جو مڪمل طرح بهادر ۽ مهربان هو“.

هن وقت تائين، جيئن ته جيڪو ماڻهو زخمي ٿيل سمجهيو ٿي ويو، سو مڪار ثابت ٿيو هو، تنهن ڪري منهنجو پٽ انصاف جي ٻنڌڻن کان آزاد ٿي ويو، ”مسٽر جينڪنسن“ جنهن خدمتگار وانگر ڪم پئي ڪيو، تنهن پڻ سندس وارن کي سنواريو ۽ معزز ڏسڻ ۾ اچڻ لاءِ جيڪي ڪجهه ضروري هو، سو کيس ميسر ڪري ڏنو، هاڻي هي تمام سهڻي نموني سان فوجي لباس ۾ اندر گهڙيو، ۽ آءٌ سواءِ ڪنهن فخر جي چوان ٿو، (ڇاڪاڻ ته آءٌ ان کان مٿي آهيان) ته هي اهڙو ته سهڻو ڏسڻ ۾ ٿي آيو، جهڙو هڪ اهو انسان جنهن هميشه فوجي لباس پهريو هجي، جيئن هي اندر گهڙيو، تيئن هن پرانهون ۽ نماڻائي سان ”مس ولماٽ“ کي سلام ڪيو، ڇا ڪاڻ ته سندس ماءُ جي فصيح زبانيءَ جيڪا تبديلي سندس فائدي ۾ آندي هئي، ان کان هي قطعا غير واقف هو، ڪا به فضيلت هن لڄاريءَ عورت جي بي صبريءَ کي معافي ڏيڻ کان روڪي نٿي سگهي، سندس لڙڪن ۽ نگاهن، سندس پهرئين وعدي کي وساري ڇڏڻ سبب سندس دل ۾ جيڪي ندامت جا جذبات ٿيا، تن کي ظاهر ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، منهنجو پٽ سندس هيءَ شفقت ڏسي حيران ٿي ويو ، ته ان کي ورلي ڪو سچو سمجهي سگهيو، هن چيو، ”خاتون، هي صرف وهمي خيال آهي، آءٌ ڪڏهن به اهڙي لياقت رکي نٿو سگهان، اوهان جي هن نموني نوازش ڪرڻ تي آءٌ نهايت گهڻو خوش ٿيو آهيان، ”مس ولماٽ“ جواب ڏنو، ”نه سائين مون سان دوکو ڪيوويو آهي، آءٌ نهايت ذليل نموني ٺڳجي ويئي هيس، نه ته منهنجي دوستيءَ جي خبر آهي، تو ان کي گهڻو ئي آزمايو آهي، مگر جيڪي ڪجهه مون ڪيو آهي، ان کي وساري ڇڏ، جيئن تو کي اڳي تمام گهڻا سچائي جا وعدا مليل هئا، تيئن وري به اهي تو سان دهرايل آهن ۽ خاطري ڪر ته جيڪڏهن تنهنجي ”اربيلا“ تنهنجي ٿي نٿي سگهي، ته هوءَ ٻئي جي به ڪڏهن نه ٿيندي“.”سر وليم“ چيو جيڪڏهن مون کي تنهنجي پيءُ تي ڪجهه به اثر آهي، ته پوءِ تون ٻئي ڪنهن جي به نه ٿيندين“.

هي اشارو منهنجي پٽ ”موزز“ لاءِ ڪافي هو، هو جيڪي ٿيو هو،. تنهن کان ٻڍڙي رئيس کي آگاه ڪرڻ لاءِ يڪدم مسافر خاني ڏانهن ڊوڙيو، جتي هو موجود هو، پر انهيءَ وقت سڀ ڪنهن طرف کان برباد ٿيل زميندار اهو معلوم ڪندي ته فريب ۽ خوشامد ۾ به ڪي اميدون باقي ڇڏيل نه هيون، ان نتيجي تي پهتو ته سندس لاءِ بهترين رستو ٿيندو تبديل ٿيڻ، ۽ سنس پيڇو ڪندڙ کي منهن ڏيڻ، اهڙيءَ طرح سڀ شرم ڇڏي هيءَ بي باڪ بدمعاش ظاهر ٿيو، هن چيو، ”تڏهن آءٌ ڏسان ٿو ته آءٌ هتي ڪنهن به انصاف ٿيڻ جي توقع نٿو رکان، پر مون ارادو ڪيو آهي ته اهو آءٌ ضرور حاصل ڪندس، “. .سر وليم“ ڏانهن مخاطب ٿيندي هن چيو ته ”سائين توهان کي خبر هجي آءٌ هن کان وڌيڪ عرصو توهان جي نوازش تي مدار رکندڙ نه آهيان، آءٌ انهن کي نفرت سان ڏسان ٿو، ڪا به طاقت .مس ولماٽ“ جي ان دولت کي مون کان پري رکي نٿي سگهي، جا سندس اورچائيءَ ڪري ڪافي ڪٺي ٿي چڪي آهي، سندس ملڪيت لاءِ صحيح ٿيل دستاويز ۽ اقرار ناما مون وٽ محفوظ آهن، اهو سندس مال ئي هو، جنهن مون کي هن سڱ لاءِ هرکايو ۽ نه سندس شخصيت، دولت مون پنهنجي قبضي ۾ آندي آهي، هاڻي ڏسجي ته ٻئي کي ڪير ٿو پنهنجي حوالي ڪري“

هيءَ هڪ خوفناڪ ضرب هئي، ”سروليم“ سندس حقن جي راستبازيءَ کان واقف هو، ڇا ڪاڻ ته هيءَ شاديءَ جي شرطن فيصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ سندس ٻانهن ٻيلي هو، تنهن ڪري ”مس ولماٽ“ اهو ڏسي ته سندس دولت وڃڻ کي ويئي، منهنجي پٽ ڏانهن مخاطب ٿي، کانئسن پڇيو ته آيا، دولت جو نقصان سندس قدر وٽس گهٽ ڪري سگهيو آهي؟ هن وڌيڪ چيو، ”جيتوڻيڪ هاڻي دوست منهنجي وس کان ٻاهر آهي، ته به آءٌ ڪم از ڪم پنهنجو هٿ اوهان کي ڏيئي سگهان ٿي.“

سندس عاشق چيو، ”پياري اهو ئي سڀ ڪجهه هو جو تو کي ڏيڻو هو، منهنجي ”اربيلا“ آءٌ هاڻي هر ڪنهن خوش نصيب سان دعوا رکندي چوان ٿو، ته هن وقت تنهنجي دولت جي ڪمي منهنجي خوشي وڌائي ٿي ۽ اها منهنجيءَ پياريءَ محبوبه کي منهنجي سچائءَ جي خاطري ڏئي ٿي“

”مسٽر ولماٽ“اندر لنگهندي، پنهنجي ڌيءَ کي ان وقت خوف مان نجات حاصل ڪيل ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ يڪدم سڱ رد ڪرڻ جي اجازت ڏنائين، مگر اهو معلوم ڪندي دلشڪستو ٿي پيو ته جا سندس دولت ”مسٽر ٿارنهل“ کي دستاويز موجب ڏني هئائين، تنهن تان هٿ کڻڻو پوندس، هن هاڻي ڏٺو ته سندس جملي ملڪيت ان ماڻهوءَ جي حوالي ٿيڻي هئي، جنهن وٽ پنهنجي اصلي ملڪيت نه هئي، هو سندس بدمعاش هئڻ برداشت ڪري سگهيو ٿي، مگر ملڪيت تان هٿ کڻي نٿي سگهيو، تنهن ڪري ڪجهه منٽن لاءِ ڳوڙهي خيال ۾ محو ٿي ويو، ايستائين جو ”سر وليم“ سندس ڳڻتي کي گهٽائڻ لاءِ چيو، ”سائين آءٌ قبول ڪريان ٿو، ته تنهنجي موجوده نااميدي مون کي ناخوش نٿي ڪري، تنهنجو دولت لاءِ غير معتدل ذوق هاڻي واجبي نموني ۾ سنواريو ويو آهي، جيتوڻيڪ هيءَ تنهنجي ڇوڪري شاهوڪار ٿي نٿي سگهي، مگر هوءَ اڃا به کيس اطمينان ڏيڻ جي ڪافي لياقت رکي ٿي، تون هتي هڪ ايماندار نوجوان سپاهي ڏسين ٿو، جو کيس بغير دولت جي قبول ڪرڻ چاهي ٿو، هنن گهڻو عرصو هڪ ٻئي کي پيار ڪيو آهي ۽ منهنجي دلچسپي سندن ترقيءِ جي راهه ۾ پوئتي نه پوندي، تنهن ڪري اهو حرص ڇڏي ڏي،. جو تو کي نااميد ڪري ٿو، ۽ هڪ دفعي لاءِ ان خوشيءَ کي اجازت ڏي جا تنهنجي قبوليت چاهي ٿي.“

پيرسن سکر ماڻهوءَ جواب ڏنو، ”سر وليم“ خاطري ڪريو، مون هيستائين ڪڏهن سندس تمنائن کي مجبور نه ڪيو آهي، نڪي ڪي هاڻي ائين ڪندس،(ته پوءِ آءٌ) پنهنجي دل و جان سان اجازت ڏيان ٿو، ته هو ڀلي کيس هٿ ڪري خداجو شڪر آهي، جو اڃا تائين ڪجهه ملڪيت ڇڏيل آهي، ۽ اميد آهي ته توهان جو واعدو ان کي ڪجهه قدر زياده ڪندو، صرف منهنجو دوست (مطلب آءُ) منهنجيءَ ڌيءَ کي ڇهن هزارن پائونڊن ڏيڻ جو وعدو ڪري، جڏهين به پاڻ شاهوڪار ٿئي، آءٌ ان اجازت ڏيڻ لاءِ پڻ تيار آهيان، ته هو ڀلي اڄ ئي رات پاڻ ۾ گڏجن“.

جيئن ته هاڻ اهو مون تي ئي ڇڏيل هو، ته آئون نوجوان جوڙي کي خوش ڪريان، تنهن ڪري مون يڪدم رقم ڏيڻ جو واعدو ڪيو، جا هن چاهي ٿي، اهو ڪم هڪ مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪو وڏو احسان نه هو، جنهن کي اهڙيون اميدون نه هيون، تنهن ڪري هاڻي اسان کي سندن بيءَ خوديءَ ڪري هڪ ٻئي جي آغوش ۾ ڊوڙي وڃڻ جي خوشي حاصل ٿي، منهنجي پٽ ”جارج“ چيو، آخر ڪار مون بدنصيب کي هن نموني عيوضو، ملڻ! خاطري آهي، ته هي (نوازش) ان کان وڌيڪ آهي، جنهن جي آءٌ ڪڏهن به اميد ڪري ٿي سگهيس، تڪليف جي ايتري عرصي کان پوءِ ان سڀ جو مالڪ ٿيڻ جو خوشي ڏيندڙ آهي، منهنجون تمنائون ڪڏهن به ايڏيءَ بلنديءَ تي نه پهچي سگهيون“. ”مس ولماٽ“ وراڻيو، ”هائو، منهنجا جارج، هاڻي ڇڏ ته ڀلي هيءَ نامراد منهنجي دولت حاصل ڪري، ڇا ڪاڻ ته تون ان کان سواءِ به خوش رهي سگهين ٿو، ۽ آءٌ پڻ اهڙي طرح او! ڪهڙي نه بدل سدل مون ڪئي آهي، نيچن ۾ نيچ انسان جي طرف کان منهن موڙي پيارن ۾ پيارن سپرين ڏانهن ! ڀلي ته هو اسان جي دولت مان لطف حاصل ڪري آءٌ هاڻي تنگدستيءَ ۾ پڻ خوش رهي سگهان ٿي“.

زميندار ڪوڙي کل سان چيو، آءٌ تو کي خاطري ٿو ڏيان ته، جنهن دولت کي تون ڌڪارين ٿي، ان کي حاصل ڪرڻ سان آءٌ تمام گهڻو خوش ٿيندس“. ”جينڪنسن“ چيو جهل سائين جهل، انهي باري ۾ اڃا مون کي ٻه لفظ ڳالهائڻا آهن، جيتري قدر ان عورت جي ملڪيت جو سوال آهي ته تون ڪنهن به صورت ۾ ان جي هڪ پئسي کي به هٿ نه لائي سگهندين“. هن ”سر وليم“ کي مخاطب ٿي چيو، ”حضور جن کي عرض آهي ته جيڪڏهن زميندار جي ٻيءَ عورت سان شادي ڪيل هوندي ته پوءِ به هن خاتون جي ملڪيت کيس ملي سگهي ٿي ڇا؟“امير چيو، ”تون هڪ اهڙو سادو سوال ڪئين ڪري سگهين، ٿو؟ سچ پچ ته، هو اها حاصل ڪري نٿو سگهي“. ”جينڪنسن“ چيو، ”مون کي ان لاءِ افسوس آهي، ڇاڪاڻ ته جيئن ته ڪنهن زماني ۾ اسين گڏ رانديون کيڏيندا هئاسون، تنهن ڪري منهنجي ساڻس دوستي آهي، پر جيئن آءٌ کيس پيار ڪريان ٿو، تيئن اهو پڻ ظاهر ڪندس ته سندس اقرار نامو هڪ تماڪ جي ٽوٽي جيتري به قيمت نٿو رهي ڇاڪاڻ ته سندس اڳيئي شادي ڪيل آهي زميندار پنهنجي پنهنجي بي عزتي ڏسي جوش ۾ اچي ويو ۽ چيائين ”تون هڪ ڪم ذات وانگر ڪوڙي ٿو ڳالهائين، مون قانوني طرح اصل ڪنهن سان به شاندي نه ڪئي آهي“.

”جينڪنسن“ جواب ڏنو، ”حضور جن جي معافيءَ جو طلبگار آهيان، توهان شادي ڪئي هئي ۽ مون کي اميد آهي ته توهين پنهنجي دوستيءَ جو پورو عيوضو پنهنجي ان ايماندار دوست، ”جينڪنسن“ کي ڏيندو، جو توهان کي زال هٿ ڪري ڏئي ٿو، جيڪڏهن سڀئي رفيق ڪجهه منٽن لاءِ پنهنجي انتظارکي روڪيندا ، ته اهي ان عورت کي ڏسندا، جنهن سان هن اڳي شادي ڪئي هئي، ائين چوندي هو پنهنجي دستوري تيزيءَ سان ٻاهر نڪري ويو ۽ اسان سڀني کي سندس مراد متعلق اندازي لڳائڻ کان لاچار ڇڏي ويو، زميندار چيو، ”ها ڇڏيو س ته وڃي، جيڪي به ٻيو مون کڻي ڪيو هوندو ته ان لاءِ آءٌ کيس اتي جواب ڏيندس، آءٌ هاڻي اهڙين چوپڙين کان ڪو نه ڊڄان“.

”مون کي حيرت آهي“. ”امير جواب ڏنو، ”ته، هن شخص جو ان ڳالهه سان ڪهڙو مطلب آهي؟ آءٌ ان کي ڪجهه بازاري نموني جو چرچو ٿو سمجهان“. مون جواب ڏنو، ”شايد هن جو ڪو سنجيدو مطلب هجي،ڇاڪاڻ ته جڏهن اسين هن ويچار ڪريون ٿا، تڏهن شايد ڪو هڪ هن کان وڌيڪ هنر وارو اهڙو شخص به هجي، جنهن کيس ٺڳيو هجي، جڏهن اسين خيال ٿا ڪريون ته ڪيترو نه وڏو انداز ماڻهن جو هن برباد ڪيو آهي ۽ ڪيترا والدين هاڻي سندس آندل دک سان گڏ رسوائي ۽ ناپاڪائي محسوس ڪن ٿا، تڏهن اهو مون کي حيرت ۾ نه وجهندو، جيڪڏهن منجهانئن ڪو........حيرت! ڇا هيءَ ئي منهنجي مري ويل ڌيءَ آهي،؟ ڇا! هوءَ اڃا تائين زنده آهي،؟ اهائي آهي، اها ئي منهنجي زندگي ۽ منهنجي خوشي آهي، منهنجي ”اوليويا“ مون تو کي مري ويل سمجهيو ٿي، مگر آءٌ تون کي اڃا تائين زنده ڏسان ٿو، مون کي اميد آهي ته تون مون تي نوازش ڪرڻ لاءِ اڃا به زنده رهندينءَ ”جينڪنسن“ مون کي ”اوليويا“ سان گڏ اندر ايندو، ڏٺو، تڏهن ڪنهن تمام جوشيلي عاشق جي بي خوديءَ کان به منهنجا جذبات تيز هئا ۽ پنهنجي ڌيءَ کي پنهنجي ڀاڪر ۾ آندم، هن جي صرف ماٺ سندس خوشي بيان ٿي ڪئي.

مون چيو ته منهنجي پياري تون مون وٽ پيرسنيءَ ۾ تڪسين ڏيڻ لاءِ واپس آئي آهين! ”جينڪنسن“ چيو، ”هيءَ سچ پچ ته، تو لاءِ تسڪين آهي، ۽ ان تي تمام گهڻي خوشي ڪر، واقعي هيءَ تنهنجي معزز نياڻي آهي ۽ اهڙي ايماندار عورت ٻي ڪا به هن ڪوٺي ۾ مشڪل هوندي، زميندار! هيءَ نوجوان خاتون تنهنجي قانوني شادي ڪيل زال آهي، ۽ تون کي خاطري ڏيارڻ لاءِ آءٌ حق کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نٿو چوان، اجهو هيءَ اجازت ناموآهي، جنهن موجب اوهان ٻنهي جي شادي ٿي هئ“. ائين چوندي هن اهو اجازت نامو امير جي هٿ ۾ ڏنو، جنهن ان کي پڙهيو ۽ ان سڀني پرئين پورو ڏٺو، هن وڌيڪ چيو، ”معزز صاحبو! آءٌ هاڻي ڏسان ٿو ته توهين هن سموري ڪارگذاريءَ تي حيران آهيو، پر ٿورائي لفظ اها مشڪل حل ڪندا، هيءَ زميندار، جنهن سان منهنجي گهاٽي دوستي آهي، سو اڪثر ڪري پنهنجا اڍنگا ڪم مون کان ڪرائيندو هو، ٻين ڪمن سان گڏ هن عورت کي دلبي ڏيڻ لاءِ هن مون کي پنهنجي شادي لاءِ هڪ جڙتو اجازت نامي ۽ هڪ پادريءَ هٿ ڪرڻ لاءِ موڪليو پر جيئن ته آءٌ سندس سچو دوست هوس، تنهن ڪري مون ڇا ڪيو جو هڪ سچو اجازت نامو ۽ هڪ سچو پادري هٿ ڪيم، ۽ هنن ٻنهي جي ايترو تڪڙو شادي ڪرايم، جيترو تڪڙو پادري ءَ کين ڪرائي سگهيو ٿي، شايد توهان سمجهنداته مون ڪنهن ڪرم فرمائيءَ مطابق ائين ڪيو، پر نه، آءٌ شرمساريءَ سان قبول ٿو ڪريان، ته منهنجي صرف اها مراد هئي، ته آءٌ اهو اجازت نامو پاڻ وٽ محفوظ رکان ۽ زميندار کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪريان، ته موقعي ملڻ تي آئون ان بابت مٿس ثبوت رکي سگهيس ٿي ۽ اهڙيءَ طرح پئسن جي ضرورت وقت کيس زير بار ڪري سگهيس ٿي، ان وقت ڏسڻ ۾ آيو، ته خوشيءَ جي لهر سڄي ڪمري کي ڀري ڇڏيو هو، اسان جي خوشيءَ عام ڪوٺيءَ تائين به پهچي ويئي، جتي قيدين پڻ ان خوشيءَ ۾ حصو ورتو ۽ پنهنجون زنجيرون بيحد خوشيءَ ۽ اڍنگي سر ۾ لوڏيائون.

هر ڪنهن جو چهرو خوشيءَ وچان بهڪڻ لڳو ۽ ”اوليويا“ جا ڳل پڻ خوشيءَ سبب سرخ ڏسڻ ۾ آيا، اهڙيءَ طرح ناموس دوستن ۽ دولت جي وري حاصل ڪرڻ جي بيحد مسرت تباهيءَ جي واڌاري کي روڪڻ ۽ اڳئين تندرستيءَ ۽ خوش طبعيءَ کي واپس آڻڻ لاءِ ڪافي هئي، مگر شايد انهن سڀني مان جيڪي اتي موجود هئا، ڪو به اهڙو ڪو نه هو، جنهن مون کان زياده خوشي محسوس ڪئي هجي، اڃا تائين به پنهنجي ٻچي کي پنهنجين ٻانهن ۾ جهليندي مون پنهنجيءَ دل کان پڇيو ته آيا اهي خوشيون وهمي ته نه هيون مون ”مسٽر جينڪنسن“ ڏانهن مخاطب ٿي واڪو ڪري چيو، ”تون اهو ڪم ڪئين ڪري سگهين؟ مگر اها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي، هن کي وري ڏسڻ تي مون کي جيڪا خوشي ٿي آهي، سا ان درد جي عيوضيءَ کان وڌيڪ آهي“. ”جينڪنسن“ جواب ڏنو، ”توهان جي سوال جو جواب هيءَ آهي، ته مون توهان کي قيد کان آزاد ڪلرائڻ جو صرف ممڪن طريقو زميندارجي آڏو اوهان جو پيش پوڻ ۽ سندس هڪ نوجوان خاتون سان شادي ڪرڻ تي قبوليت ڏيڻ سمجهيو هو، پر جيستائين اوهان جي ڌيءَ زندهه هئي، تيستائين ڪڏهن به ان جي منظور ڪرڻ کان توهان قسم کنيو هو، تنهن ڪري بغير توهان کي مطلع ڪرڻ جي ته هوءَ فوت ٿي ويئي هئي، ٻيو ڪو به طريقو مون کان ڪو نه سمجهيو، مون توهان جي زال کي ان منصوبي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ هن وقت تائين اهڙو ڪو مناسب موقعو ئي ڪو نه مليو، جو اوهان کي هن حقيقت کان هاڻي هن سڄي ميڙ ۾ صرف ٻه ماڻهو هئا، جي خوش ڏسڻ ۾ نٿي آيا، ”مسٽر ٿارنهل“ کي پنهنجيءَ ڪاميابيءَ جو جيڪو يقين هو، سو هميشه لاءِ ٽٽي پيس، هن هاڻي رسوائيءَ ۽ افلاس جي ڪن کي پنهنجي اڳيان ڏٺو ۽ ٽٻيءَ ڏيڻ کان آگاهه ڪريون ڏڪڻ لڳو، تنهن ڪري پنهنجي چاچي جي اڳيان گوڏن ڀر ڪري پيو ۽ تمام دل ۾ چڀندڙ درديلي آواز ۾ رحم لاءِ التجا ڪيائين، ”سر وليم“ کيس حقارت سان ڌڪاري ڇڏڻ تي هو، مگر منهنجي عرض تي هن کيس مٿي کنيو۽ ڪجهه وقت کانپوءِ چيو، تنهنجيون بد ڪاريون، ڏوهه ۽ احسان فراموشي ڪنهن به فرمائش جي لياقت نٿيون رکن تنهن هوندي به تون مڪمل طرح وساريو نه ويندين، هڪ معمولي رقم حياتي جي ضروريات جي پورائيءَ لاءِ پر ته ان جي ڪڌاين لاءِ تنهنجي حوالي ڪئي ويندي، هن نوجوان خاتونءَ تنهنجيءَ زال کي ان دولت جو ٽيون حصو ڏنو ويندو ۽ صرف ان جي ئي سفارش سان تون مستقبل ۾ وڌيڪ ڪنهن غير معمولي امداد جي اميد رکي سگهين ٿو“. هو هن جي اهڙي نوازش لاءِ پنهنجي احسانمندي کي هڪ با رونق گفتگو ۾ ظاهر ڪري رهيو هو، پر امير کيس روڪي ڇڏيو، هن کيس چيو ته هو پنهنجي ڪميڻائيءَ کي وڌيڪ زياده نه ڪري جا اڳيئي گهڻو ظاهر ٿي ڇڪي هئي ۽ کيس ساڳئي وقت تي نڪري وڃڻ ۽ سندس گهرو نوڪرن مان ڪنهن به هڪ کي پنهنجي حاضريءَ لاءِ چونڊڻ جو حڪم ڪيو،

اڃا هن اسان کي ڇڏيو ئي مس ته ”سر وليم ۾ مڪمل دلي اطمينان سان پنهنجي ڀائٽي وٽ مشڪندي آيو ۽ کيس خوشيءَ لاءِ دعا ڪيائين، سندس مثال ”مس ولماٽ“ ۽ سندس پيءَ عمل ۾ آندو، منهنجي زال پڻ گهڻي پيار سان پنهنجي ڌيءَ کي چُمي ڏني، جيئن ته سندس اصطلاح ۾ چئجي ته هوءَ ان وقت هڪ بي وفا عورت بنائي ويئي هئي، ”صوفيا“ ۽ ”موزز“ واري سان پيروي ڪئي ۽ اسان جي مهربان ” جينڪنسن“ پڻ ان اخلاقي رسم ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش ڪئي، اسان جي دل ۾ بيحد گهڻو سڪون حاصل ٿيو، ”سر وليم“ جنهن جي زياده ۾ زياده خوشي نيڪي ڪرڻ ۾ هئي، تنهن هاڻ سج جهڙي روشن چهري سان چوڌاري نهاريو ۽ سڀني جي اکين ۾ خوشيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏٺو، سواءِ منهنجي ڌيءَ ”صوفيا“ جي جا ڪن سبب ڪري، جي اسين پروڙي نٿي سگهياسون. مڪمل طرح خوش نه ڏٺي ويئي، هن مشڪندي چيو، ” آءٌ هاڻي سمجهان ٿو ته سواءِ هڪ يا ٻن ماڻهن جي هيءُ سموري مجلس پوريءَ طرح خوش ڏسجي ٿي، صرف باقي هڪ حق جو ڪم منهنجي ڪرڻ لاءِ رهيل آهي“. هن مون کي مخاطب ٿي چيو، ”سائين تون انهن احسانن کان واقف آهين، جن لاءِ پاڻ ٻئي”جينڪنسن“ جا مرهون منت آهيون ۽ اهو صرف انصاف آهي، ته پاڻ ٻنهي کي ان لاءِ کيس معاوضو ڏيڻ گهرجي، مون کي خاطري آهي، ته ”مس صوفيا“ هن کي تمام گهڻو مطمئن ڪري سگهندي ۽ آءٌ کيس پنج سئو پائونڊ ڏاج ۾ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، مون کي يقين آهي ته انهيءَ رقم ملڻ تي هي ٻئي تمام آسودگيءَ سان گذاري سگهندا، ”مس صوفيا“ اچ، تون هن منهنجي تجواز ڪيل وهاءَ لاءِ ڇا ٿي چوين ”ڇا تون هن کي قبول ڪندين؟“ ڪهن خوفائتيءَ تجويز تي منهنجيءَ ڌيءَ پنهنجيءَ ماءُ جي ٻانهن ۾ چهٽل ۽ هنيون هاريل ڏٺي ويئي،”سائين آءٌ هن کي قبول ڪريان! “ هن جهڪي آواز ۾ چيو، ”نه سائين، ڪڏهن به نه“ ڇا“ ”امير “ وري چيو، ”پنج، سئو پائونڊ ۽ تمام سهڻن اميدن واري پنهنجي مهربان حسين نوجوان ”مسٽر جينڪنسن“ کي قبول نه ڪندين!“ هن ڳالهائڻ کان بيوس هوندي جواب ڏنو، ”سائين آءٌ عرض ٿي ڪريان ته توهين ان تجويز تان دستبردار ٿيو، ۽ مون کي اهڙو گهڻو دکي نه ڪريو، هن وري چيو، ”اهڙو ضد به ڪڏهن ڪو ڏٺو ويو! هڪ ان ماڻهوءَ کان انڪار ڪرڻ، جنهن جا هن ڪٽنب تي بيشمار احسان آهن، هن تنهنجي ڀيڻ کي بچايو آهي ۽ هي پنج سئو پائونڊن جو مالڪ ٿيندو، ڇا، هن کي قبول نه ڪندينءَ! هن ڪاوڙ ۾ جواب ڏنو، ”نه سائين ، ڪڏهن به نه، هن کان اڳ آءٌ هوند مري وڃان ها“. هن چيو، ”جيڪڏهن اها حالت آهي ۽ جيڪڏهن تون هن کي قبول نه ڪندين، ته پوءِ آءٌ خيال ڪريان ٿو، ته مون کي ئي ضرور تو کي قبول ڪرڻ گهرجي“ ائين چوندي هن کيس تمام گهڻي شوق سان پنهنجيءَ ڇاتيءَ سان لاتو، هن چيو، ”پياري ، سڀني ڇوڪرين کان وڌيڪ سمجهو، منهنجي محبوبه تو ڪيئن ويساهه ڪري سگهين ٿي؟ يا ائين ته ”سر وليم ٿارنهل“ ڪڏهن به پيار ڪرڻ بند ڪري سگهندو؟ مون ڪجهه سالن کان وٺي هڪ اهڙيءَعورت جي تلاش پئي ڪئي جا منهنجيءَ دولت کان غير واقف هئڻ جي حالت ۾ به سمجهي سگهي. ته مون ۾ هڪ مرد هئڻ جي لياقت آهي، شوخ توڙي بد مزاج ماڻهن جي ڪٽنبن جي ڪٽنبن ۾ ڳولا ڪرڻ بعد هڪ با اخلاق ۽ آسماني حسن تي فتحياب ٿيڻ سبب مون کي ڪيتري ته گهڻي خوشي ٿيڻ گهرجي“. هن پوءِ ”جينڪنسن“ ڏانهن مخاطب ٿي چيو،”جناب، آءٌ هن ڇوڪريءَ کان جدا ٿي نٿو سگهان، ڇا ڪاڻ ته هن مون جهڙي ماڻهوءَ جي طبيعت کي سٺو سمجهيو آهي، تنهن ڪري جملي معاوضو جو تو لاءِ مقرر ڪري سگهان ٿو، سو آهي، سندس ملڪيت تو کي ڏيڻ ۽ سڀاڻي تون ڀلي پنج سئو پائونڊن لاءِ منهنجي عام مختيار وٽ وڃج“، ان بعد اسان سڀني کي پنهنجيون مبارڪون دهرائڻيون پيون ۽ ”بيگم ٿارنهل“ کي پڻ ساڳيءَ رسم جي ادائگي ڪرڻي پيئي، جا سندس ڀيڻ اڳي ادا ڪئي هئي، ان وقت اندر ”سر وليم“ جو ڪمدار اسان کي ٻڌائڻ آيو ته گاڏيون اسان کي سراءِ ڏانهن کڻي هلڻ لاءِ تيار هيون ۽ اتي هر ڪا شيءَ اسان جي استقبال لاءِ موجود هئي، منهنجيءَ زال ۽ مون اڳواڻي ڪئي، ۽ جلدي اهي غم جون انتدوهناڪ جڳهيون ڦٽيون ڪيوسون، ڪشاده دل امير صاحب حڪم ڪيو ته چاليهه پائونڊ قيدين ۾ ورهايا وڃن ۽ ”مس ولماٽ“ سندس مثال کان متاثر ٿي اڌ رقم ڏني، ٻاهر نڪرڻ تي ڳوٺاڻن نعرن سان اسان جو استقبال ڪيو، مون پنهنجن ٻن ايماندار جماعيتن کي ان ميڙ ۾ ڏٺو ۽ کين هٿ ڏيئي کيڪاريو، اهي ا سان سان سراءِ تائين گڏجي هليا جتي هڪ عمدي کاڌي جو بندوبست ڪيل هو، ۽ سادو سودو سامان گهڻي انداز ۾ عام ماڻهن ۾ تقسيم ڪيو ويو هو،

رات جي مانيءَ بعد پنهنجن رفيقن کي مسرت جي مستيءَ ۾ ڇڏي پنهنجي دل کي خوشي ۽ غم جي ڏيندڙ جي مهربان ياد ۾ مصروف ڪيم ۽ صبح تائين ڪنهن به قسم جي پريشانيءَ کان سواءِ سمهي ننڊ ڪيم.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

باب ٻٽيهون

 

پڄاڻي

 

ايندڙ صبح جو آءٌ اڃا ننڊ مان مس جاڳيس، مون پنهنجي وڏي پٽ کي بستري جي ڀر ۾ ويٺل ڏٺو، هو منهنجي فائدي ۾ ٿيل نصيب جي ٻئي ڦيري سان منهنجي خوشيءَ کي زياده ڪرڻ آيو پهريائين مون کي پنهنجي ان وعدي کان آزاد ڪيائين، جو مون اڳئين ڏينهن تي سندس فائدي ۾ ڪيو هو ۽ پوءِ مون کي ٻڌايائين ته منهنجو ڀلاوڻو جو شهر ۾ ناڪام ٿيو هو، سو ”ائنٽورپ“ وٽ گرفتار ٿيو هو ۽ جيڪو سندس قرضين جو مٿس قرض هو، ان کان وڌيڪ قيمت واري جائدادا تي ڇڏي هئائين، منهنجي پٽ جي ڪرم فرمائيءَ مون کي ايترو ئي خوش ڪيو، جيترو هن غير متوقع سٺي نصيب مون کي خوش ڪيو هو. مگر مون کي ڪجهه شڪ هئا ته اصولي طرح مون کي اها آڇ قبول ڪرڻ نه گهرجي، آءٌ اڃا انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪري رهيو هوس، ته ”سر وليم“ ڪوٺيءَ ۾ گهڙيو، ۽ مون کيس پنهنجن شڪن کان واقف ڪيو، سندس راءِ هئي ته جيئن منهنجو پٽ پنهنجي شادي سبب وسيع دولت جو مالڪ ٿيو هو، تنهن ڪري مون کي سندس آڇ ڪنهن به هٻڪ کان سواءِ قبول ڪرڻ گهرجي، تنهن هوندي به هو مون کي آگاهه ڪرڻ لاءِ آيو هو، ته جيئن ته پاڻ اڳئين رات جي شاديءَ جي اجازت نامن لاءِ ماڻهو موڪليا هئائين ۽ سڀ ڪنهن ساعت انهن جي پهچڻ جي توقع پئي ڪيائين، تنهن ڪري کيس اميد هئي ته ان صبح جو آءٌ سڄيءَ مجلس کي مسرور ڪرڻ لاءِ پنهنجيءَ شموليت کان انڪار نه ڪندس، جنهن وقت اسان پاڻ ۾ گفتگو پئي ڪئي، ان وقت هڪ نوڪر قاصد جي واپس اچڻ بنسبت اطلاع ڏيڻ لاءِ اندر گهڙيو، آءٌ ان وقت تائين تيار ٿي چڪو هوس ۽ اوڏانهن ويس، اتي مون سڄيءَ جماعت کي ايترو خوش ڏٺو، جيترو دولتمندي ۽ معصوميت کين خوش ڪري سگهي ٿي، تنهن هوندي به جيئن ته هو هاڻي تمام پر رعب ديني رسم لاءِ تياري ڪري رهيا هئا، تنهن ڪري سندن کل مون کي ناراض ڪيو، مون کين هن روحاني موقعي تي سنجيده، سونهندڙ ۽ بلند طريقي واريءَ هلت جي اختيار ڪرڻ لاءِ هدايت ڪئي، ۽ کين تيار ڪرڻ لاءِ ٻه گيت ۽ هڪ پنهنجو تيار ڪيل مضمون پڙهي ٻڌايا، ان هوندي به اڃا تائين کين ضدي ۽ ٻي ضابط ڏٺو ويو، جيئن اسين ديول ڏانهن پئي وياسون ۽ مون سندن اڳواڻي پئي ڪئي، تيئن سموري سنجيدگي کين مڪمل طرح ڇڏي ويئي هئي ۽ آئون اڪثر ڪري غصي ۾ پوئتي موٽڻ لاءِ آماده پئي ٿيس، ديول ۾ هڪ نئون مونجهارو پيدا ٿيو، جنهن کيس ڪنهن سولي حل جو منهن نه ڏنو، مونجهارو اهو هو ته ڪهڙي جوڙي کي پهريائين پرڻايو وڃي، منهنجي پٽ جي ڪنوار زور رکڻ لڳي، ته ”بيگم وليم ٿارنهل“ (ڇا هوءَ ٿيڻي هئي) پهرين اڳواڻي ڪري پر ان جو ٻيءَ به گرم جوشيءَ سان مقابلو ڪيو، هن اعتراض طور چيو، ”آءُ دنيا جي اڳيان اهڙيءَ بي ادبي ڪرڻ جي مجرم نه ٿينديس“. اهو دليل ڪجهه وقت لاءِ سندن وچ ۾ هڪ جيتري ضد ۽ سهڻي نموني جي تڪرار سان هلي رهيو هو، پر جيئن ته آءٌ هيءُ سمورو وقت پنهنجي ڪتاب سان تيار بيٺو هوس، تنهن ڪري آخر ان چٽا ڀيٽيءَ کان گهڻو ٿڪجي پيس ۽ ان کي بند ڪندي، ڪڙڪي سان چيم، ”آءٌ ڏسان ٿو، ته اوهان مان ڪنهن کي به شاديءَ ڪرڻ جو ارادو نه آهي، انهيءَ ڪري اسان جو اهڙو ئي گهر موٽي هلڻ چڱو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته آءٌ سمجهان ٿو ته هتي اڄ ڪو به ڪم نه ٿيندو“. هن چوڻ کين يڪدم هوش ۾ آندو پهريائين امير ۽ سندس بيگم جي شادي ڪرائي ويئي ۽ پوءِ منهنجي پٽ ۽ سندس دلپسند محبوبه جي مون اڳيئي انهيءَ ڏينهن صبح جو پنهنجي ايماندار پاڙيسريءَ ”فلمبرو“ ۽ سندس ڪٽنب جي گهرائڻ لاءِ هڪ گاڏيءَ موڪلڻ جو حڪم ڪيو هو، جڏهن اسين مهمان سراءِ ڏانهن واپس موٽياسون، تڏهن ”فلمبرو“ جي ٻن ڪڪين کي پنهنجي اڳيان گاڏيءَ مان لهندو ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا سون، “ مسٽر جينڪنسن“ پنهنجو هٿ وڏيءَ ڇوڪريءَ کي ڏنو ۽ منهنجي پٽ ”موزز“ ٻيءَ کي هٿ ڏيئي مٿي آندو، (۽ ان وٽ کان وٺي مون ڏٺو آهي ته کيس ان ڇوڪري لاءِ سچي محبت آهي ۽ جڏهن به هو منهنجي اجازت ۽ نوازش جي طلب ڪرڻ جو موزون وقت سمجهندو، تڏهن کيس اها ملندي) اسين اڃا مهمان سراءِ ڏانهن مس موٽي آيا هئاسون ته منهنجي علائقي وارن جا ٽولا، منهنجي ڪاميابيءَ جي احوال ٻڌڻ تي مون کي مبارڪ ڏيڻ آيا، انهن ۾ اهي به هئا، جي مون کي آزاد ڪرائڻ لاءِ کڙا ٿيا هئا ۽ جن مون کي اڳي تمام گهڻيءَ سختي سان جهڻڪيو هو، مون منهنجي ناٺيءَ ”سر وليم کي سڄي سر گذشت ٻڌائي ۽ هو کين وڌيڪ سختيءَ سان ڇينڀڻ لاءِ ٻاهر ويو، پر ائين ڏسندي ته سندس سخت ڇينڀ سبب اهو سڀيئي دلگير ٿي پيا هئا، هن کين اڌ گيني پنهنجي زندگيءَ جي صدقي ۽ سندن روح کي تقويت ڏيڻ لاءِ ڏني.

ان کان پوءِ جلدي اسان جي هڪ دلپسند مانيءَ جي دعوت ڪئي ويئي، اها ماني”مسٽر ٿارنهل“ جي بورچيءَ تيار ڪئي هئي، هن سکر ماڻهوءَ لاءِ ائين چوڻ نا مناسب نه ٿيندو، ته هاڻيءَ هڪ عزيز جي گهر ۾ ڀاتيءَ جي حيثيت ۾ رهي ٿو، ڪن لاچاري وقتن کان سواءِ هميسه هنن سان گڏ ساڳئي دستر خوان تي ماني کائي ٿو، ڇا ڪاڻ ته ان گهر جا ڀاتي کيس ڌاريو ڪري نٿا سمجهن، سندس گهڻو وقت پنهنجي عزيز کي سنڀالڻ ۾ صرف ٿي وڃي ٿو، جو ڪجهه قدر سودائي آهي ۽ جهيڙي جهڳڙي جي ڪمن سکڻ جي ماليخوليا اٿس، منهنجي وڏي ڌيءَ اڃا تائين کيس افسوس سان ياد ڪري ٿي، بلڪ مون هن کي ٻڌايو آهي۽ جيتوڻيڪ آءٌ ان کي گهڻو مخفي رکان ٿو، ته جڏهن هو سڌرندو تڏهن هوءَ مٿس رحم ڪندي.

آءٌ وري به موٽي ساڳيءَ ڳالهه تي واپس اچان ٿو، ڇا ڪاڻ ته آءٌ اهڙي طرح هڪ ڳالهه کي ڇڏي ٻيءَ ڏانهن وڃڻ وارو نه آهيان، جڏهن اسان کي مانيءَ تي ويهڻو هو تڏهن اسان جون رسمون وري نيون ٿيڻ لڳيون، سوال هو ته آيا منهنجي وڏي ڌيءَ جا شادي شده هئي، ان کي هنن ٻن عورتن کان مٿي ويهڻ گهرجي يا نه؟ پر بحث مباحثي کي منهنجي پٽ ”جارج“ ڇوٽو ڪري ڇڏيو، هن رٿ ڏني ته سڀني رفيقن کي ڪلنهن به فرق کان سواءِ ويهڻ گهرجي ۽ هر هڪ معزز پنهنجي زال جي ڀرسان ويهي، اها رٿ منهنجيءَ زال کان سواءِ جا مڪمل طرح راضي نه هئي، ٻين سڀني تحسين سان پسند ڪئي، ڇاڪاڻ ته هن اميد ٿي ڪئي ته کيس مسز جي مٿئين پاسي تي ويهڻ ۽ سڄيءَ محفل لاءِ گوشت ڪورڻ جي اڳواڻيءَ جي عزت حاصل ٿيندي، پر باوجود انهيءَ جي اسان جي خوش طبعيءَ جو بيان ڪرڻ ناممڪن آهي، آءٌ چئي نٿو سگهان ته ان وقت اسان ۾ ڪا دستور کان زياده ظرافت هئي، پر مون کي يقين آهي ته اسان ۾ زياده کل هئي، جنهن پڇاڙيءَ تائين جٽاءُ ڪيو، هڪ چرچو جو مون کي خاص طرح ياد آهي، سو هيءُ آهي، جڏهن پيرسن”مسٽر ولماٽ“ ”موزز“ کي پيالو ڏيئي رهيو آهي.تڏهن منهنجي پٽ جواب ڏنو، ”خاتون، آءٌ توهان جو شڪر گذار آهيان“، جنهن تي ان پيرسن معزز باقي رفيقن کي اک جو اشارو ڪندي چيو، ته لاهيءَ پنهنجي قربدار جو خيال ڪري رهيون آهيو“. هن چرچي تي مون ڏٺو ته ”فلمبرو“ جون ٻئي ڪڪيون ايترو ته کليون جو شايد مري پون ها، اڃا ماني مس ختم ٿي ته مون پنهنجي جهوني دستور موجب پنهنجي خوشيءَ ڏيندڙ گهرو زندگي ۾ هڪ دفعو وڌيڪ پنهنجي ڪٽنب کي ڏسڻ جي خوشيءَ حاصل ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو، ته ميز پري ڪئي وڃي، منهنجا ٻه ننڍڙا ٻار هر هڪ منهنجي گوڏي تي ۽ باقي ڪٽنب جا ڀاتي پنهنجن رفيقن سان گڏ ويٺا. هاڻي قبر جي هن طرف منهنجي لاءِ ڪا به شيءِ طلب ڪرڻ لاءِ رهيل نه هئي، سڀيئي منهنجيون حاجتون پوريون ٿي ويون هيون، منهنجي خوشي بيان ٿيڻ جوڳي نه هئي، هاڻي صرف ايترو رهيو هو ته منهنجي سٺي نصيب واري وقت جي اعتراف کان زياده ٿيڻ گهرجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org