ڇپائيندڙ پاران
انساني سماج تغير پسند آهي، جنهن ۾ ٿيندڙ هر تبديلي جا ڪي نه ڪي اسباب ٿين ٿا، انهن مڙني سببن جو تعلق ڦري گري وري به انسان سان ٿئي ٿو، انسان جيئن ته هڪ شعوروند سماجي جانور
آهي، تنهن ڪري هن کي فطرت طرفان اهو ادارڪ حاصل آهي، ته هو پنهنجي علم، عقل ۽ هوش ذريعي ڪائنات جي سمورن لقائن ۽ ڳجهن جي وسعتن کي نه صرف
سمجهي پر انهن تي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان قادر به رهي، قدرت انسان کي عقل ۽ هوش ان ڪري عطا ڪيو، ته جيئن هو پنهنجي زندگي ٻي جيوت کان بهتر ۽
نرالي بڻائي ۽ ايندڙ نسل لاءِ رهنمائيءَ جا ڪي اصل ۽ مثال قائم ڪري، هن دينا ۾ زندگي ته حيوان به گذارين ٿا، پر ڇا ڪاڻ ته اهي علم عقل ۽
هوش کان قاصر آهن، تنهن ڪري اهي پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ پنهنجا تجربا- عبرت ۽ سبق طور ڇڏي نه ٿا وڃن، پر اهو انسان ئي آهي، جيڪو پنهنجي
گذاريل زندگي جا سمورا تجربا پوين جي لاءِ پيش ڪري هڪ نصيحت ڇڏي وڃي ٿو.
تاول، به انساني سماج ۾ گذرندڙ حالات جو اهڙو ئي جيئرو جاڳندو عڪس آهي، جنهن کي پڙهي ماڻهو عبرت حاصل ڪري سگهي ٿو، پرديسي پادري هڪ اهڙو ئي ناول آهي، جيڪو انساني نفسيات جي تمام
ويجهڙائي کان جائزو وٺندي لکيو ويو آهي، هيءَ ناول اصل ۾ انگريزي ناول جي دي وڪار آف ويڪلفيلڊ جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو سن 1766ع ۾ آئرليند
جي جڳ مشهور ناول نگار آليور گولڊ سمٿ لکيو، آليور گولڊ سمٿ جو نالو انگريزي ادب ۾ هڪ وڏو مقام رکي ٿو، سندس لکتون زندگي ۾ سندس ڪيل قريزي
جو نتيجو آهن. آليور بنيادي طرح هڪ غريب عيسائي هو، جيڪو پنهنجي والد چارلس گولڊ سمٿ جي مري وڃڻ کانپوءِ پنهنجي ڳوٺ اسمٿ هل جي هڪ ڪليسا جو
پادري ٿيو، هو پنهنجي طبيعت ۾ خلق لاءِ محبت، شفقت ۽ حساسيت رکندڙ شخص هو، فطرتا حساس هئڻ ڪري هوو پادري مان هڪ مثالي ليکڪ بڻيو ۽ ايڪويهن
کان مٿي ڪتاب لکيائين، هي ناول به انهن ڪتابن ۾ هڪ امتيازي حيثيت رکي ٿو،
مسٽر احمد خان محمود خان ميمڻ صاحب هن ناول کي سنڌي ويس ڍڪائي سنڌي ادب ۾ هڪ سٺي ۽ اصلاحي ناول جو اضافو ڪيو، اسان کي اميد آهي ته صاحب جي ڪيل هي محنت لائق پڙهندڙ حضرات کي ضرور
پسند ايندي.
ڄامشورو، سنڌ انعام الله شيخ
خميس 19- ربيع الثاني 1427هه سيڪريٽري
بمطابق 18- مئي 2006ع سنڌي ادبي بورڊ
ديباچو
سنڌ يونيورسٽي جي اختياري وارن مون کي ايم- اي فائينل جي امتحان سال 1957ع لاءِ ” وڪار آف ويڪفيلڊ“ (The
vicar of wakefield) نالي هڪ انگريزي ڪتاب آگسٽ 1956ع ۾ سنڌي ۾
ترجمي ڪرڻ لاءِ عنايت ڪيو، قياس هو، جيئن ئي هي ناول آهي، تنهن ڪري ترجمي ڪرڻ ۾ ڪا تڪليف نه ٿيندي، پر اڳيان ” آليور گولڊ سمٿ“ جي شخصيت
سان ڪم هو، سو اڪ جي ماکي لاهڻي ڪانه هئي، گهڻو ئي رت ولوڙڻو پيو ۽ دماغ سوزي ڪرڻي پيئي ۽ آّخر ڪار منهنجي پگهر جو پورهيو، موجوده ڪتاب جي
صورت ۾ تيار ٿي ويو، مون هيءُ ترجمو ”آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس“ جي 1952ع واري ڇپايل ڪتاب تان ڪيو آهي.
ڪن صاحبن جو رايو هو ته انگريزي نالن جي بدران سنڌي نالا ڪم آڻجن ، سندن راءِ کي دل ۾ ڌريندي ڪيترا ترجمي جا ڪتاب نظر مان ڪڍيم، مگر مون کي ڪثرت انهن ڪتابن جي ڏسڻ ۾ آئي جن ۾
نالا ڦيرايل نه آهن، مطالع ڪيل ڪتابن جا نالا پڇاڙي ۾ عرض رکيا اٿم، ازانسواءِ هن ڪتاب جو پس منظر سڄو مغربي طرز جو آهي ۽ ڪردارن جي رهڻي
ڪهڻي، ٻولي، گفتگو، رسومات ۽ عادات سڀئي مغربي آهن، انهن جي معاشي زندگي ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون نظر اچن ٿيون، جن کي اسان جي تهذيب ۾
جاءِ ڪانهي. جيڪڏهن سنڌي نالا استعمال ڪجن ها ۽ اهي ڀاڱا ڪڍي ڇڏجن ها، ته ڪتاب جي اصليت قائم رهي نه سگهي ها ۽ ڪيترا ٽڪرا ترجمي کان سواءِ
ڇڏڻا پون ها، جنهن ڪري ڪتاب جو مفهوم مڪمل ٿي نه سگهي ها، اهو ئي سبب آهي جو مون اصلوڪا نالا قائم رکيا آهن.
ترجمي ڪرڻ مهل مون کي تمام گهڻين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو، جهڙوڪ؛ ڪتاب ۾ جملن جوون ترڪيبون تمام ناقص ۽ لنبيون آهن، ٻولي گهرو ۽ جهوني ڪتب آيل آهي، ان کانسواءِ غير مروج محاورا
۽ حرف جملا گهڻا ۽ متروڪ ٿيل فعلن جو انبار ڪم آيل آهي، مذڪوره دقتن کي پنهنجي ناقص وت آهر منهن ڏيئي رنڊا روڙي هيءُ ڪتاب تيار ڪيو اٿم ۽
اميد اٿم ته پڙهندڙن کي پسند ايندو آخر ۾ آءٌ سنڌ جي مايه ناز اديب، سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي ۽ تعليمي شعبن جي سرواڻ، جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ جو دلئون ٿورائتو آهيان، جنهن صاحب مون کي ڪتاب جي ترتيب ۽ سٽاءُ ۾ گهڻي مدد ڪئي آهي. آءٌ پنهنجي استاد محترمه محبوب علي چنه صاحب جن
جو پڻ نهايت شڪر گذار آهيان، جن جي بدولت ئي بنده کي هن ڪتاب جي پيش ڪرڻ جي جرائت ٿي آهي.
هتي آءٌ پنهنجي سعادتمند شاگرد مسٽر ولي محمد کي ڪيئن وساريان، جنهن صاحب جي نقل ڪرائڻ ۾ مون سان ڪافي هٿ ونڊايو آهي.
احمد محمود ميمڻ
هالا نوان |