سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: پرديسي پادري

 

صفحو :11

هڪ ڇتي ڪتي جي موت تي مرثيو

 (1)

چڱا ماڻهو سڀئي، سڀ ڪنهن قسم جا،

ڪن ڏين ٿا، منهنجي راڳ ڏانهن

۽ جيڪڏهين اوهين ڏسو ٿا ان کي عجيب ٿورو،

ته اهو نٿو شائق رکي سگهي، اوهان کي گهڻو وقت.

(2)

هتي ”آئلنگٽن“ ۾ هو هڪ ماڻهو،

جنهن لاءِ دنيا ڀلي شايد چوي،

ته اڃا تائين پرهيزگاري قائم رکيائين ٿي،

جڏهين جڏهين هو ويو ٿي عبادت ڪرڻ.

(3)

هڪ نرم ۽ مهربان دل هن کي هئي،

دوستن ۽ دشمنن کي آٿت ڏيڻ لاءِ،

اگهاڙا سڀ ڪنهن ڏينهن هڪ ڍڪيا ٿي،

جڏهين پاڻ هن پنهنجا ڪپڙا پهريا ٿي.

(4)

انهيءَ شهر ۾ هڪ ڪتو ڏٺو ويو،

جيئن ڪيترا اتي هئا،

ٻئي منگريل، پونگڙا، گلر ۽ تازي

۽ ڇتا ڪتا هيٺاهين درجي جا.

(5)

هي ڪتو ۽ هيءَ ماڻهو پهريائين دوست هئا،

پر جڏهين تڪرار شروع ٿيو،

اهو ڪتو، حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي شخصي مقصدن،

چريو ٿيو ۽ ان ماڻهوءَ کي چڪ پاتائين.

(6)

چوڌاري سڀني پاڙيوارن گهٽين منجهان،

عجب کائيندا پاڙيسري ڊوڙيا،

۽ قسم کنيائون ته ڪتو چريو ٿيو هو،

چڪ پائڻ ۾ اهڙي نيڪ ماڻهو کي.

(7)

اهو ڦٽ ڏٺو ويو نازڪ ۽ دکدائڪ،

سڀ ڪنهن عيسائي جي نظر ۾،

۽ جڏهين انهن قسم پئي کنيو ته ڪتو ڇتو آهي،

تڏهين هنن قسم کينو، ته اهو ماڻهو مري ويندو.

(8)

پر جلد هڪ عجب پڌرو ٿيو،

جنهن ڏيکاريو، انهن بدمعاشن کي ته ڪوڙ ڪيائون،

ماڻهو صحتياب ٿيو ان چڪ مان،

ڪتو اهو هو جو مري ويو.[1]

آءٌ ايمانداري سان چوان ٿو ته، ”بل“ هڪ سٺو ڳائيندڙ ڇوڪر آهي، ۽ هيءَ هڪ اهڙو مرثيو آهي، جنهن کي دکدائڪ ڪوٺي سگهجي ٿو، منهنجا ٻچا اچو، هيءَ شراب جو پيالو ”بل“ جي تندرستيءَ جي دعا آهي، شال هو ڪنهن ڏينهن پادري ٿئي، منهنجيءَ زال چيو، ”آءٌ سچيءَ دل سان دعا ٿي ڪريان ته شال ائين ٿئي، جيڪڏهن هي ائين تبليغ ڪندو، جيئن هيءَ ڳائي ٿو ته سندس پادريءَ ٿيڻ ۾ مون کي ڪو به شڪ ڪو نه آهي، ماءُ جي طرف کان سندس خاندان مان گهڻا سٺو راڳ ڳائي سگهندا هئا، اسان جي پسگردائي ۾ هيءَ هڪ عام چوڻي آهي، ته ”بليڪنساپ“ وارن جو خاندان سندن اڳيان بيهي به نٿي سگهيو، نڪي . ”ميوجين“ وارا ڪنهن به محفل ۾ کانئس گوءِ کڻي ٿي سگهيا، ڪو به ”گروگرام“ وارن مان اهڙو ڪو نه هو، جو راڳ ڳائي نٿي سگهيو، يا ”مارجورم“ جي خاندان مان ڪو اهڙو نه هو جو آکاڻي ٻڌائي نٿي سگهيو، مون چيو، اهو ڪيئن به هجي، ته به سندسن هڪ معمولي بيت به مون کي عمدن جديد غزلن ۽ اهي نظم جن جي هڪ اڪيلي مصرع ته اسان کي حيرت ۾ پنڊ پهڻ بنائي ڇڏي ٿي، انهن کان وڌيڪ خوش ڪري ٿو ۽ انهن تصنيفن کان وڌيڪ اعليٰ درجو رکي ٿو، جن کي اسين نفرت سان ڏسون ٿا، يا ساراهيون ٿا، موزز، تون پنهنجي ڀاءُ کي هڪ گلاس ڏي، انهن مرثيه گو شاعرن جي وڏي غلطي اها آهي، جو اهي انهن ڏکن جا ڳولائو آهن، جي انسانذات جي سمجهو حصي کي تمام ٿورو درد ڏين ٿا، هڪ عورت پنهنجو پشمي دستانو، پنهنجو پکو يا پنهنجو پاليل ڪتو وڃائي ٿي، ته ائين بيوقوف شاعر پنهنجي گهر ڊوڙي وڃي ٿو، ۽ ان برباديءَ کي نظم ۾ آڻي ٿو.“

موزز چيو، ”اهو کڻي اعليٰ تصنيفن جو طريقو هجي، پر ”رئنلاف“۾ جا راڳ جي اسان تائين پهچن ٿا، سي مڪمل طرح مقبول آهن ۽ سڀئي هڪ ئي سانحي مان نڪتل آهن، ”ڪالن“ ”ڊولي“ کي ملي ٿو ۽ اهي هڪ ٻئي سان گفتگو ڪن ٿا، هو هن کي هڪ بڪل تحفي طور وارن ۾ وجهڻ لاءِ ڏئي ٿو، ۽ هوءِ کيس هڪ گلدستو ڏئي ٿي، پوءِ هو ٻئي گڏجي ديول ڏانهن وڃن ٿا، جتي نوجوان ڇوڪرين ۽ نوجوان عاشقن کي نيڪ صلاح ڏين ٿا، ته جيتري قدر ٿي سگهي، اوتري قدر جلد شادي ڪن.“

مون چيو ”اها تمام سٺي صلاح آهي، مون کي ٻڌايو ويو آهي ته دنيا ۾ ان کانسواءِ ٻي ڪابه اهڙي جڳهه نه آهي، جتي صلاح اهڙي يقين سان ڏيئي سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ته جيئن اها جاءِ اسان کي شاديءَ ڪرڻ لاءِ هر کائي ٿي، تئين اسان کي زال به ميسر ڪري ڏئي ٿي، منهنجا پٽ خاطري آهي ته اها ضرور بهترين منڊي هوندي‏، جتي اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ جڏهن ضرورت پوي ٿي، تڏهن اها شيءِ اسان کي ميسر ڪري ڏني وڃي ٿي.

”موزز“ جواب ڏنو، ”هائو بابا سائين مون کي يورپ ۾ صرف ٻن مارڪيٽن جي خبر آهي، جتان زالون هٿ ڪري سگهجن ٿيون، ”رئنلاف“ انگلينڊ ۾ ”فان ٽاربيا“ اسپين“ ۾، اسپين واري مارڪيٽ سال ۾ هڪ دفعو کلي ٿي، پر اسان جون انگريز زالون هر رات وڪرو ٿي سگهن ٿيون،

”موزز“ جي ماءُ چيو، ”منهنجا پٽ“ تون صحيح آهين، پراڻي انگلينڊ ئي دنيا ۾ صرف هڪ جڳهه آهي، جتي مرد، زالون هٿ ڪري سگهن ٿا، ۽ زالن لاءِ مڙسن هٿ ڪرڻ بنسبت“ مون چيو، ”اهو هڪ پهاڪو ٻاهرين دينا ۾ عام آهي، ته جيڪڏهن سمنڊ جي مٿان پل اڏايل هجي، ته هوند سڄي کنڊ جون سڀيئي عورتون، اسان جي مثال وٺڻ لاءِ هتي اچن، ڇا ڪاڻ ته جهڙيون اسان جون عورتون آهن، تهڙيون يورپ ۾ نه آهن، هاڻي ”ڊيبورا“ اچو ته هڪ شيشو وڌيڪ پيون ۽ ”موزز“ تون اسان کي ڪو سٺو راڳ ٻڌاءِ.

مولا سائين اسان تي، امن، تندرستيءَ ۽ کل خوشي عطا ڪرڻ جون جيڪي نوازشون ڪيون آهن، انهن لاءِ سندس ڪهڙا شڪرانا ڪرڻ اسان تي فرض نه آهن. هن وقت آءٌ پاڻ کي دنيا جي هڪ وڏي ۾ وڏي حاڪم کان به وڌيڪ خوش سمجهان ٿو، ڇاڪاڻ ته بادشاهه کي نڪي اهڙيءَ وٺندڙ چلهه جو پاسو، ۽ نڪي اهڙا پسنديده چهرا چوڌاري ”آهن، ”ڊينورا“ پاڻ هاڻي ٻڍا ٿيندا ٿا وڃون، پر پنهنجي حياتيءَ جي شام خوشيءِ واري ٿيڻي آهي۽ اسين پنهنجن ٻارن جو هڪ با اخلاق ۽ نيڪ نسل پويان ڇڏينداسون، جيستائين اسين زندهه آهيون، تيستائين هو اسان جي ٽيڪ ۽ اسان جي خوشي ٿيندا، ۽ جڏهن اسين مري وينداسون، تڏهن هو اسان جي بي داغ عزت سندن پوين ڏانهن منتقل ڪندا، منهنجا پٽ اچ، اسين راڳ لاءِ ترسيل آهيون، اچو ته سنگيت جي محفل ڪريون، پر منهنجي پياري ”اوليويا“ ڪٿي آهي؟ محفل ۾ ان ملائڪ صفت ڇوڪريءَ جو آواز هميشه مٺي ۾ مٺو آهي، جيئن مون ڳالهايو، تيئن ”ڊڪ“ ڊوڙندو اندر آيو، ”بابا او بابا، هوءِ اسان وٽان ويئي هلي....! اهوءِ...... اسان .... جي .... هٿن ...... مان.... هلي ... ويئي. منهنجي... ڀيڻ لوي... اسان وٽان... هميشه... لاءِ هلي... ويئي“! مون چيو ”ٻچا ويئي هلي“! ”هائو بابا، هوءَ ٻن سکر ماڻهن سان چئن ڦيٿن واري گاڏيءَ ۾ هلي ويئي، انهن مان هڪ کيس چمي ڏني ۽ چيو آءٌ تو کان سواءِ مري ويندس.“ هن تمام گهڻيون دانهون ڪيون ۽ موٽي اچڻ لاءِ آماده هئي، پر سکر ماڻهوءَ وري به کيس ڌتاريو، ان کانپوءِ هوءَ گاڏي ۾ چڙهي ويٺي، ۽ چيائين، ”افسوس! منهنجو غريب پيءِ ڇا ڪندو، جڏهن کيس معلوم ٿيندو، ته آءٌ ڀڄي ويس! “ مون چيو، ”تڏهن منهنجا ٻچا، هاڻي وڃو ۽ وڃي ڏک ۾ گذاريو، ڇا ڪاڻ ته اسين هڪ ساعت به وڌيڪ خوشي نه ڪنداسون، اي آسمان جا هميشه جٽادار غضب، هن ۽ جيڪي به هن جو آهي، ان جي مٿان ڪڙڪ! هن نموني مون کان منهنجو ٻار ڦريائين! خاطري آهي ته ، منهنجو معصوم مٺڙو ٻچو، جنهن کي آءٌ نيڪيءَ ڏانهن وٺيو پئي ويس، تنهن کي وري واپس موٽائڻ سبب اهو آسماني ڏمر مٿس ڪڙڪندو ڇا اهائي سچائي هئي، جا منهنجي ٻچي کي مون لاءِ هئي! اسان جي سموري دنيوي خوشي هاڻي ختم ٿي چڪي آهي، منهنجا ٻچا وڃو ۽ وڃي ڏکي ۽ بدنام زندگي گذاريو، منهنجي پٽ واڪو ڪري چيو، ”بابا ڇا اها ئي توهان جي بردباري آهي؟ ٻچا بردباري! دشمن ڏسندو ته آئون برابر بردبار آهيان، مون کي منهنجو پستول آڻي ڏي، آءٌ انهيءَ دغاباز جي ڪڍ لڳندس، جيستائين هو زمين تي آهي، تيستائين آءٌ سندس پويان پوندس، جيتوڻيڪ آءٌ ٻڍو آهيان، تنهن هوندي به کيس معلوم ٿي ويندو ته آءٌ کيس تڪليف پهچائي سگهان ٿو، بدمعاش! نمڪ حرام، بدمعاش! آءٌ ان وقت تائين پنهنجي پستول واريءَ جاءِ وٽ اچي پهتو هوس، ته منهنجي زال جا ايتري قدر جذبي ۾ آيل نه هئي، تنهن کڻي مون کي پنهنجي ڀاڪر ۾ جهيلو، هن چيو، ”سرتاج، هن ٻڍاپڻ جي وقت ۾ صرف انجيل ئي هڪ هٿيار آهي، جو تنهنجي هٿن ۾ سونهي ٿو، منهنجا پيارا، ان کي کول ۽ اسان کي جيڪو ڏک پهتو آهي، ان کي صبر سان سهه، ڇاڪاڻ ته هن بدمعاش پاڻ کي ڪميڻپ سان ٺڳيو آهي،“ منهنجي پٽ ٿوريءَ ساهيءِ کان پوءِ چيو، ”سچ پچ ته بابا توهان جي ڪاوڙ تمام تکي ۽ غير واجبي آهي، توهان کي اسان جيءَ ماءُ جو غمگسار ٿيڻ گهرجي، مگر توهين پاڻ هن جو دک وڌايو ٿا، پنهنجي دشمن کي اهڙيءَ طرح پٽڻ توهان ۽ توهان جي اعليٰ عزت جي شايانه شان نه آهي، هو اڳيئي بدمعاش آهي، تنهن ڪري کيس پٽڻ نه گهربو هو،“ مون جواب ڏنو، ”ٻچا مون ته هن کي پٽيو ئي ڪو نه ، ڇا مون ان کي پٽيو؟ “ هن چيو، ”سچ پچ ته بابا، توهان هن کي ٻه دفعا بد دعا ڏني.“ ”جيڪڏهن مون ائين ڪيو ته پوءِ شال آسمان مون کي ۽ هن کي بخش ڪري ، منهنجا پٽ، هاڻي آءٌ ڏسان ٿو ته اها انسانذات کان وڌيڪ سخاوت واري هستي هئي، جنهن اسان کي دشمن کي به دعا ڪرڻ سيکاريو، سڳورو هجي، ان جو پاڪ نالو، ان جملي چڱائي لاءِ جا هن عطا ڪئي آهي، ۽ سڀني انهن تڪليفن لاءِ جي هن دفع ڪيون آهن، پر اها تباهي ڪا معمولي نه آهي، اها ڪا هڪ ننڍي بربادي نه آهي،جا هنن ٻڍاپڻ جي اکين مان، جن هيترن سالن لاڪر نه رنو آهي، ڳوڙها نچوئي سگهي، ڇا منهنجيءَ پياريءَ ڌيءَ کي تباهه ڪيو ويو! شال هيءَ پريشاني دفع ٿي وڃي،! موليٰ سائين مون کي بخش ڪر، آءٌ ڇا چوڻ تي آهيان! منهنجي پياري ياد ڪر تو هوءِ ڪهڙي نه نيڪ دل وڻندڙ هئي، هن نڀاڳيءَ ساعت تائين کيس صرف اسان کي خوش رکڻ جي ڳڻتي هئي، ڪاش! هوءَ هوند مري وڃي ها ته چڱو ٿئي ها“ مگر افسوس هوءَ اسان جي خاندان کي ٽڪو لائي ڀڄي ويئي، هاڻي آءٌ خوشي کي هتي زمين تي ڳولڻ بدران ٻي دنيا ۾ ڳوليندس، ڇا، منهنجا ٻچا، تو کين پري ويندو ڏٺو؟ شايد هو کيس زوريءَ وٺي ويو، جيڪڏهن هن کيس زوري کنيو هوندو، ته پوءِ به هو اڃا تائين معصوم ٿي سگهي ٿي،“ ڇوڪري چيو، ”نه بابا هن صرف کيس چمي ڏني ۽ پنهنجو ملائڪ ڪوٺيو، هوءَ تمام گهڻو رني ۽ سندس ٻانهن تي ليٽي پيئي ۽ پوءِ هو رفوچڪر ٿي ويا،“ منهنجي زال جا روئڻ کان ڳالهائي نٿي سگهي، تنهن چيو، ”اسان سان اهڙي نموني جي برتاءَ ڪرڻ ۾، هوءَ هڪ احسان فراموش ڇوڪري آهي، سندس پيار تي ٿوري ۾ ٿوري مجبوري به ڪڏهن ڪانه وڌي ويئي هئي، بڇڙي فاحش عورت ، سواءِ ڪنهن رنجيدگيءَ جي پنهنجن مائٽن کي ڇڏيو آهي ۽ اهڙي هلت سان توهان کي اڇن ۾ قبر ڏانهن موڪلي ٿي ۽ مون لاءِ پڻ اهو ساڳيو رستو تيار ڪري ٿي.“

اهڙيءَ طرح اسان جي اها سچين بدبختين واري پهرين رات، فريادن جي ڪوڙائي، ۽ جذبن جي اوچتن اڌمن ۾ گذري ويئي، مون ان دغاباز کي ڪٿان به ڳولي لهڻ ۽ سندس بڇڙائيءِ کي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ايندڙ ڏينهن تي صبح وقت اسان پنهنجي ان ڪمبخت ٻار کي نيرن جي مانيءَ تي ياد ڪيو، جو اسان سڀني کي حياتي ۽ خوشي ڏيندو هو، منهنجي زال  اڳئين وانگر کيس ڇينڀڻ سان پنهنجيءَ دل کي هلڪي ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، هن چيو، ”اها ڇوڪري جا اسان کي ڪٽنب لاءِ هڪ بڇڙو ڪلنڪ جو ٽڪو آهي، سا هنن بي ضرور دروازن کي وري ڪڏهن به داغدار نه ڪندي، آءٌ هن کانپوءِ ڪڏهن به کيس پنهنجي ڌيءَ ڪري نه ڪوٺيندس، ڇڏي ڏيو ته ڀلي اها فاحش عورت، پنهنجي بڇڙي ڀڄائي ويندڙ سان گڏ رهي، هوءَ اسان لاءِ شرم آڻي سگهي ٿي، مگر اسان کي وڌيڪ وقت لاءِ ٺڳي نٿي سگهي.“

مون چيو، ”پياري اهڙو سختيءَ سان نه ڳالهاءِ آءٌ سندس گناهه کي ايتريءَ نفرت سان ڏسان ٿو، جيتري سان تون، پر هيءَ گهر هيءَ دل هڪ واپس ايندڙ پڇتائيندڙ گنهگار لاءِ هميشه کليل رهندا، ”ڀلي ڀلي جا ڀاڻ ائي سان به نه ڀلي،“ جيترو جلد هوءَ پنهنجيءَ نافرمانيءَ کان بازي ايندي، اوترو وڌيڪ هو مون کي پسند پوندي، تمام اعليٰ انسان به هڪ دفعي لاءِ چڪ ڪري سگهي ٿو، انسان خطا جو گهر آهي، فن هر کائي سگهي ٿو ۽ رنگيني پنهنجو جادو پکيڙي سگهي ٿي، پهرين ڀل ٻاراڻي سادپڻي  جي آهي، پر هر ڪا ٻي چوڪ گناهه جي پيدائش آهي، پنهنجو اهو ڪمبخت ٻچو هزارين گناهن سان داغدار هئڻ جي باوجود هن دل۽ هن گهر ۾ هميشه آڌرڀاءُ ڪيو ويندو، جيڪڏهن مون کي صرف سندن دل ۾ پڇتاءُ ڏسڻ ۾ آيو، ته پوءِ وري به سندس آواز جي ورلاپ ڏانهن ڌيان ڏيندس ۽ وري به سندس ڇاتيءَ تي شوق سان لٽڪيو رهندس، منهنجا پٽ، ڌيان ڏيندس ۽ منهنجي لٺ کڻي اچ، ۽ جيتوڻيڪ آءٌ کيس شرم کان بچائي نٿو سگهان، تڏهن به شايد آءٌ کيس بڇڙائي جي لاڳيتي سلسلي کان روڪي سگهان.

 

باب ارڙهون

 

گم ٿيل ٻار لاءِ پيءُ جي ڳولا

 

 جيتوڻيڪ ”ڊڪ“ ان سکر ماڻهوءَ جي شخصيت متعلق ڪو به احوالي ڏيئي نٿي سگهيو، جنهن سندس ڀيڻ کي هٿ کان و‎ٺي گاڏي تي چاڙهيو، ته به مون کي مڪمل طرح اسان جي نوجوان زميندار ۾ شڪ پيو، جنهن جو اخلاق پراين عورتن سان لڪائي عشق بازيءَ ڪرڻ متعلق چڱيءَ طرح مشهور هو. تنهن ڪري آءٌ کيس ڇنڊ ڪڍڻ، ۽ جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجي ڌيءَ کي واپس آڻڻ جو ارادو ڪري، ”ٿارنهل“ جي ڪوٽ ڏانهن روانو ٿيس، سندس جڳهه تي پهچڻ کان اڳ مون کي پنهنجي ديول جو جماعتي گڏيو، جنهن چيو، ”مون هڪ نوجوان عورت کي، جنهن تنهنجيءَ ڌيءَ سان مشابهت ٿي رکي، هڪ نوجوان سکر ماڻهوءَ سان چئين ڦيٿن واريءَ گاڏي ۾ ڏٺو، ۽ اهي تمام تڪڙا پئي ويا،“ ان مليل احوال مان آءٌ صرف “مسٽر برچل“ جي هجڻ جو اندازو لڳائي ٿي سگهيس، بهرحال هيءَ خبر مون کي ڪنهن به طرح راضي ڪري نه سگهي، آءٌ انهي ڪري نوجوان زميندار جي اوطاق تي ويس ۽ جيتوڻيڪ اڃا سوير هئي، ته به کيس يڪدم ڏسڻ جي خواهش ڪيم هو جلدي دستوري نموني ۾ تمام ڪشاده دليءَ سان مون سان مليو، ۽ منهنجي ڌيءَ جي لڪي ڀڄي وڃڻ تي مڪمل طرح حيران ڏسڻ ۾ آيو ۽ پنهنجي عزت جي ساک تي چيائين ته کيس ان بنسبت ڪا به خبر ڪا نه هئي، هاڻي مون پنهنجن اڳوڻن سڪن کي ننديو ۽ انهن کي صرف”مسٽر برچل“ ڏانهن تبديل ڪري سگهيس، مون کي يادگيري پيئي ته سندس منهنجي ڌيءَ سان اڳيئي گهڻيون خلاصيون رهاڻيون ٿيون هيون، پر ٻئي شاهد جي ملاقات سندس بدمعاشي ۾ شڪ هجڻ متعلق مون لاءِ ڪا به وٿي ڪان ڇڏي، ان نئين ملاقاتي ءِ خاطري ڏني، ته يقينا هو ۽ منهنجي ڌيءَ اتڪل ٽيهه ميل پري، ”ويلس“ ڏانهن وڃي رهيا هئا، جتي سندس رفيقن جو وڏو انداز موجود هو. دل جي اهڙي ڪيفيت جنهن ۾ اسان سچ جي معلوم ڪرڻ کان وڌيڪ اٻهرائي سان عمل ڪرڻ لاءِ جلد تيار ٿيندا آهيون. ان ڏانهن ڇڪجي وڃڻ سبب، مون ڪڏهن به پنهنجي دل جو قاضي نه ڪيو، ته متان اهي انهن ماڻهن جا احوال هجن، جن کي عمدا منهنجي واٽ ۾ مون کي گمراهه ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو هجي، مگر پنهنجي ڌيءَ ۽ سندس دغاباز عاشق کي اتي ڳولڻ جو ارادو ڪيم. آءٌ سچائي سان اڳتي هليس، ۽ رستي تي ڪيترن کان پڇيم، مگر جيستائين شهر ۾ گهڙيس، تيستائين ڪو به احوال ڪو نه مليم، شهر ۾ مون کي هڪ گهوڙيسوار مليو، جو مون کي ياد آيو، ته مون زميندار جي جاءِ تي ڏٺو هو، هن مون کي يقين ڏياريو ته جيڪڏهن آءٌ سندن پويان ٽيهه ميل پري شرط گاهه ڏانهن ويندس ته کين خاطري سان پڪڙي سگهندس، هن مون کي وڌيڪ ٻڌايو ته ”اڳئين رات مون کين اتي ناچ ڪندي ڏٺو هو ۽ سڄي مجلس توهان جي ڌيءِ جي اداڪاريءَ تي جادوءَ جي اثر هيٺ‎ آيل ڏسڻ ۾ آئي ٿي.“ ٻئي ڏينهن صبح جو سوير آءٌ شرط گاهه ڏانهن روانو ٿيس ۽ شام جو اٽڪل چئين بجي ڌاري اتي پهتس، موجوده جماعت اميد افزا ۽ دلپسند ڏيکاري ڏني، سڀئي رفيق هڪ ئي جستجو ۾ مشغول هئا، جا هئي خوشيءَ جي هئي اها هڪ گمراهه ڪيل ٻار کي سنئين اخلاق جي رستي تي آڻڻ واريءَ منهنجي جستجو کان ڪيترو نه نرالي هئي، مون سمجهيو ته مون، ”مسٽر برچل“ کي ڪجهه مفاصلي تي ڏٺو، پر ڏانهس ويجهي وڃڻ تي، هو ميڙ ۾ اهڙي طرح گڏجي ويو، جو ڄڻ ته منهنجيءَ ملاقات کان ڊنو ٿي، مون هاڻي ويچار ڪيو ته منهنجي وڌيڪ ڳولا ڪنهن به نتيجي واري نه ٿيندي ۽ پنهنجي ان معصوم ڪٽنب ڏانهن واپس موٽي اچڻ جو ارادو ڪيم، جنهن منهنجي مدد جي طلب ٿي ڪئي، پنهنجيءَ دل جون اڇلون ۽ مشقتون جي مون برداشت ڪيون هيون، انهن مون کي بخار ڏيئي ڇڏيو، جنهن جون علامتون مون شرط گاهه کان ٻاهر اچڻ کان اڳ محسوس ڪيون، جيئن ته آءٌ پنهنجي ڳوٺ کان ستر ميلن کان به وڌيڪ مفاصلو پري هوس، تنهن ڪري هيءَ هڪ ٻي اوچتي ضرب هئي، جنهن سان مون کي منهن ڏيڻو پيو، اڳتي هلڻ کان لاچار هئڻ سبب آءٌ رستي تي هڪ مهمان سراءِ ۾ ٽڪي پيس، ۽ ان دستوري اڻ هوند ۽ ڪفايت واري ۽ ايڪانت جي جڳهه ۾ صبر سان پنهنجي بيماريءَ جي نتيجي ظاهر ٿيڻ تائين ترسي پيس، آءٌ اتي تقريبا ٽي هفتا بيمار پيو هوس، آخر منهنجي طبيعت سالم ٿي، پر مون وٽ پنهنجي کاڌ خوراڪ جي خرچ لاءِ پيسا ڪو نه هئا، ائين ممڪن آهي ته جيڪڏهن هڪ مسافر جو اتي هلڪي ناشتي لاءِ اچي ترسيو هو، سو جيڪڏهن مون کي اهي پئسا نه ڏئي ها ته صرف انهيءَ آخرين حالت مان پيدا ٿيل ڳڻتي مون کي موٽائي بيمار ڪري وجهي ها، هيءَ شخص ”سينٽ پال“[2] ديول واري عام ڀلي جي ڪم ڪندڙ ڪننب فروش کانسواءِ ٻيو ڪو نه هو، هن ٻارن لاءِ ڪيترا ننڍا ڪتاب لکيا آهن ۽ پاڻ کي ٻارن جو دوست ڪوٺيندو هو، هن کي هميشه ڪو نه ڪو ضروري ڪم هوندو هو، انهي ڪري اڃا مهمان سراءِ ۾ اچي لٿو ئي مس هو، ته جلدي وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳو، اها حقيقت آهي، ته ان وقت هو ”مسٽر ٿامس ٽرپ“ جي تاريخ لاءِ مواد جمع ڪري رهيو هو، مون يڪدم ان نيڪ سيرت انسان جي موهيڙن واري سرخ چهري کي سڃاتو، ڇا ڪاڻ ته هن صاحب منهنجي پاران ان زماني جي ٻيءَ شاديءَ جي حامين خلاف پڌرائي ڪئي هئي، مون کانئس ڪجهه پئسا موٽي اچڻ تي واپس ڏيڻ جي انجام سان اڌرا ورتا، جيئن ته مهمان سراءِ ڇڏڻ وقت آءٌ اڃا ضعيف هوس، تنهن ڪري ڏهه ميل روز جي حساب سان سوليءَ طرح مسافري ڪرڻ سان پنهنجي گهر ڏانهن موٽڻ جو ارادو ڪيو، منهنجي تندرستي ۽ آسودگي مون کي مڪمل طرح موٽي مليون ۽هاڻي آءٌ پنهنجي ان فخر کي نندڻ لڳس، جنهن مون کي اصلاح ڪرڻ کان روڪ ڪئي ٿي، صبر کان وڌيڪ ڪهڙيون مصيبتون ماڻهو کي سهڻيون آهن، انهن جي کيس تيستائين خبر ئي ڪا نه ٿي پوي، جيستائين هو انهن کي آزمائي نٿو، جيئن هيٺان روشن ڏسڻ ۾ ايندڙ هوس جي اتاهين تي چڙهندي هر ڪو قدم جيڪو اسين مٿي چڙهون ٿا، سو اسان کي ڪجهه نئون ۽ ڪجهه جهڪو نظارو لڪل نااميديءَ جو ڏيکاري ٿو، تهڙي طرح خوشي اتاهينءَ تائين اسان هي هيٺ لهڻ تي جيتوڻيڪ هيٺ بدبختيءَ جي ماٿري پهرين اونداهي ۽ ڏکن ڀريل نظر اچي ٿي مگر جيئن اسين هيٺ لهندا ٿا وڃون، تيئن اڃا تائين پنهنجي دلچسپين ڏانهن توجهه ڪندڙ دل، ڪا نه ڪا شيءِ ڪشش ڪندڙ ۽ خوشي ڏيندڙ ڏسي ٿي، ۽ جيئن اسان اڃا به ويجها پوندا وڃون ٿا. تيئن اونداهي ۾ اونداهيون شيون روشن ڏسجن ٿيون ۽ اسان جي دماغي اک پنهنجي مايوسيءَ واريءَ حالت سان ٺهڪي اچي ٿي.

آءٌ هاڻي اڳتي وڌيس، ۽ اٽڪل ٻن ڪلاڪن جي پنڌ ڪرڻ بعد مون پري کان هڪ بار گاڏيءَ جهڙي ڪا شيءِ ايندي ڏٺي، جنهن کي مون پهچڻ جو ارادو ڪيو، جڏهن آءٌ ان تائين پهتس، تڏهن ڏٺم ته اها هڪ گهومو ناٽڪي ڪمپنيءَ جي گاڏي هئي، جا پردا ۽ ٻيو ناٽڪي فرنيچر ٻئي ڳو‎ٺ ڏانهن کڻيو پئي ويئي، جتي کين ناٽڪ ڪرڻو هو، گاڏي سان صرف هڪ ڪمپني جو ماڻهو هو، جنهن ان کي هلايو پئي ۽ باقي اداڪار ٻئي ڏينهن تي اچڻا هئا، چوندا آهن ته ڳالهين ڪندي پنڌ کٽي، تنهن ڪري آءٌ ان غريب اداڪار سان گفتگو ۾ شامل ٿي ويس ۽ جيئن ته ڪنهن وقت مون ۾ پڻ ناٽڪي صلاحيتون موجود هيون، انهيءَ ڪري مون اهڙن مسئلن تي آزاديءَ سان گفتگو ڪئي، آءٌ هاڻوڪي اسٽيج جي حالت کان گهڻو ڪجهه اڻ واقف هوس، تنهن ڪري مون هن کان پڇيو، ”هن وقت ڪهڙا ناٽڪ نويس عوام ۾ مقبول پيل آهن ۽ ڪير هن وقت جا”ڊرائيڊن“[3]  ۽ ”اوٽوي“[4] آهن؟ ادڪارچيو، ”سائين آءٌ ڀانئيان ٿو ته، جن مصنفن بابت توهين بيان ڪريو ٿا، تن سان مشابهت رکڻ ۾ ڪو مشڪل جديد ناٽڪ نويس پاڻ کي عزت وارو سمجهندو . ”ڊرائيڊن“ ۽ ”روو“[5] جي لکڻ جو طريقو هن وقت اصل رواج ۾ نه آهي، اسان جو مذاق سڄي صدي پوئتي هليو ويو آهي. هن وقت صرف ”فليچر“[6] ۽ ” بين جانسن“[7] جون تصنيفون ۽ شيڪسپيئر جا جملي ناٽڪ ماڻهن کي پسند اچن ٿا“ مون چيو ”اهو ڪيئن ممڪن ٿيو آهي، جو موجوده زمانو اوهان جي بيان ڪيل تفصيلن ۾ ڪم آيل اهڙي جهوني محاوري، اهڙي غير مروج خوش طبعي ۽ اهڙو گهڻو ڪم ڪندڙ اداڪارن کان مطمئن ٿي سگهي ٿو، منهنجي ساٿيءَ وراڻي ڏني، ”سائين خلق محاوري، خوش طبعي يا اداڪارن بنسبت ڪو به ويچار نٿي ڪري، ڇاڪاڻ ته انهن ڳالهين سان سندن ڪو به واسطو نه آهي هو صرف وندرڻ لاءِ ناٽڪ ڏسڻ وڃن ٿا، ۽ جيڪڏهن ”شيڪسپيئر“[8] يا ”جانسن“ جو ڪوبه گونگو ناٽڪ ڏسن ٿا، ته ڏاڍا خوش ٿين ٿا“ . مون چيو ”جيڪڏهن ائين آهي، ته پوءَ آءٌ سمجهان ٿو، ته اسان جا هاڻوڪا ناٽڪ نويس فطرت کان وڌيڪ ”شيڪسپيئر“ جا نقل ڪندڙ آهن.“ منهنجي ساٿيءَ چيو، ”حق جي ڳالهه اها آهي، ته مون کي خبر نه آهي، تو هو ڪو ڪنهن جو به نقل ڪن ٿا، نڪي سچ پچ خلق کانئن اهڙي تقاضا ڪري ٿي، جديد زماني ۾ ناٽڪ جي مضمون ڏانهن ڪنهن به قسم جو توجهه نٿو ڏنو وڃي، صرف دل جي اڇلن ۽ ڍونگن جو انداز جو ان ۾ موجود آهي، ان کي ئي تحسين جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، مون کي ماڻهن ۾ مقبول پيل هڪ ناٽڪ جي خبر آهي، جنهن ۾ هڪ به چرچو نه آهي ۽ ٻيو هڪ ناٽڪ جنهن ۾ مصنف کل پيدا ڪرڻ لاءِ ڪابه ڪوشش نه ورتي آهي، سو پڻ هن وقت پسند اچي رهيو آهي. سائين اڄڪلهه جي شوق موجب ”ڪانگريو“[9] ۽ ”فارڪيوهر“[10] جي تصنيفن ۾ تمام گهڻي ظرافت رچيل آهي، اسان جو جديد محاورو گهڻو ڪجهه قدرتي آهي.

ايتري ۾ گهومو ڪمپنيءَ جي سامان جي مڏي ڳوٺ تائين اچي پهتي، جنهن کي شايد اسان جي ويجهي اچڻ جي خبر اڳيئي پئجي ويئي هئي ۽ سڄو ڳوٺ اسان کي ڏسڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيو، منهنجي ساٿيءَ چيو، ته گهومو ناٽڪن جا ڏسندڙ اندر کان ٻاهر گهڻا آهن، جيستائين مون ماڻهن جو وڏو انبوهه پنهنجي چوڌاري نه ڏٺو، تيستائين پنهنجو اهڙيءَ ناٽڪي ڪمپنيءَ سان گڏ هئڻ ناجائز نه سمجهيم، انهيءَ ڪري جيترو جلد ممڪن ٿي سگهيو، اوترو جلد مون ويجهي ۾ وجهي ڪلال خاني ۾ اجهو ورتو۽ عام ورانڊي ۾ وڃي ويٺس، اتي مون کي هڪ خوش پوش سکر ماڻهو مليو، جنهن مون سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ شروع ڪئي، هن مون کان پچيو، ”اوهين هن ڪمپنيءَ جا سرڪاري پادري آهيو، يا اهو اوهان جو ناٽڪ ۾ اداڪاريءَ جو لباس آهي؟“ هن کي مون جواب ڏنو، ”آءُ هن ڪمپنيءَ جي ڪم ڪندرن مان نه آهيان“ هن حقيقت ٻڌڻ بعد هن ڪافي تواضع سان مون ۽ اداڪار کي پنهنجي شراب جي پيالي ۾ شريڪ ڪيو، دوران گفتگو هن گهڻيءَ سچائي ۽ دلچسپيءَ سان جديد سياست تي بحث مباحثو ڪيو، مون پنهنجيءَ دل ۾ کيس ڪم از ڪم پارليامينٽ جو ميمبر سمجهيو، پر پنهنجي اندازي بنسبت پوري خاطري تڏهين ٿيم، جڏهن مون ان جاءِ جي مالڪ کان رات جي مانيءَ جي پڇا ڪئي ۽ هن اسان ٻنهين تي سندس گهر ۾ مانيءَ واپرائڻ لاءِ زور رکيو، اسان پهريائين انڪار ڪيو، مگر ڪجهه منٿن کانپوءِ اسين سندس عرض قبول ڪرڻ تي مجبور ٿي پياسين.


[1]    گولڊ سمٿ هيءُ مرثيو پنهنجي تصنيف ، ماکيءِ جي مک، The Be ۾ اڳيئي ڏنو آهي

[2]   سينٽ پال (St .Paul) هڪ ديول جو نالو آهي.

[3]   ڊرائيڊن (John Drydon) (1631-1700) هن صاحب ويسٽ منسٽر ۾ بسبي (Busby) جي زير نگراني ۽ ڪئمبرج (Cambrige) جي ٽرنٽي ڪاليج (Trinity college) ۾ تعليم ورتي، هيءُ انگلينڊ  جو مشهور شاعر ناٽڪ نويس، شاعر ۽ تاريخ نويس ٿي گذريو آهي، ڪجهه وقت لاءِ 1668 ۾ هيءَ درٻاري شاعر ۽ 1670ع ۾  تاريخي ماهر مقر ٿيو، هن جملي 14 ناٽڪ لکيا، جيڪي بهترين ليکجن ٿا.

[4]   اوٽوي (Thornas otway) (1652-1685) هيءَ به انگلينڊ جو ناٽڪ نويس ٿي گذريو آهي. هن جا ٽي المبه ناٽڪ مقبول پيا، مگر هيءَ ڪو مقبول ناٽڪ نويس نٿي ليکيو ويو، ڪجهه شعر به چيائين مگر گهڻو نه. ڪيترائي سال بيگم بيري (Mrs Barry) هڪ اداڪاره جي عشق ۾ ڦاٿل رهيو.

[5]   روو(Rove) (1674-1718) مڊل ٽيمپل (Middle Temple) ۾ پهريائين وڪيل ٿيو، مگر جلدي اَدب جي شوق ۾ وڪالت جو ڌنڌو ڦٽو ڪري ادب جي راهه ۾ قدم رکيائين، هن پهريائين جلدي ادب جي شوق ۾ وڪالت جو ڌنڌو ڦٽو ڪري ادب جي راهه ۾ قدم رکيائين، هن پهريائين پنهنجا تعلقات پوپ (Pope) ۽ ايڊيسن(Addison) سان رکيا ۽ ڪيترا الميه ناٽڪ شايع ڪيائين، هيءَ پنهنجي وقت جو سٺو ناٽڪ نويس ٿي گذريو آهي.

[6]   فليچر(Fleteher john) (1579-1625) هيءُ فليچر جو ڀائيٽيو هو، هن فرنسز ٻيو منٽ (Francis Beamcout) جي شموليت سان 1606ع کان 1616ع تائين ناٽڪ ٺاهيا، هن جي ناٽڪن جي پوري خاطري نه آهي، مگر 15 کان ڪنهن به حالت ۾ وڌيڪ نه هئا، امڪان آهي ته هيءَ شيڪسپيئر جي هينري اٺين واري ڊراما ۾ شيڪسپيئر سان شامل هو.

[7]   بين جانسن (1709-1774) هيءُ ليچ فيلڊ(Lich Field) ۾ ڄائو هو، سندس پيءُ هڪ ڪتب فروش هو، هيءَ ليڇ ليڊ گرامر سڪول ۽ پيمبرورڪ ڪاليج(Penbroke college) ۾ تعيلم ورتي، سندس پيءُ 1731ع ۾ گذاري ويو، ۽ پنهنجي ڪٽنب کي مفلسي ۾ ڇڏي ويو، سن 1735ع ۾ هن لوبو (Lobe) جي فرينچ ٻولي ۾ چيل نظم جو ترجمو ”ائبيسينيا ڏانهن بحري مسافري (Abysinia Voyage to) نالي ڇپايو، ساڳئي سال ”مسنر ايلزبيٽ“ پورٽر سان شآدي ڪئي ۽ ليچ فيلڊ جي قريب ايڊل (Edial) نالي هڪ ڳوٺ ۾ اسڪول برپا ڪيائين مگر ڪامياب نه ٿيو، هن ان بعد زندگيءَ جي ڪيترن لاهن چاڙهن مان پنهنجو گذر ڪيو ، هو گولڊ سمٿ جو همعصر ۽ محسن هو.

[8]   شيڪسيئر Shakespeare هي سن 1564ع ۾ سنرٽفورڊ آن ايون ۾ ڄائو هو، سندس پيءُ هڪ معزز ماڻهو هو ۽ ميونسپل جي ڪيترن عهدن تي سرفراز هو، هيءُ انگلينڊ جو بهترين ناٽڪ نويس ليکيو وڃي ٿو، هن جا جملي 37 ناٽڪ آهن، جي نهايت مقبول آهن.

[9]   ڪانگريو Congave William: (1670-1729ع ) هن سوفٽ (swift) سان گڏ ڪلڪني (Kilieny) اسڪول ۽ ٽرنٽي ڪاليج ڊبلن ۾ تعليم ورتي، هن پهريائين وڪالت لاءِ چاهه رکيو، مگر جلدي ان کي ڇڏي ادب ڏانهن لاڙو ڪيائين، سن 1662ع ۾ اوچتو ئي اوچتو ”اولڊ بئچلر( The Old bachelor) 1664ع ”لو فار لو“ (Love for Love) 1665ع ۽ ”د وي آف دي ورلڊ (The way of the world) 1700ع ۾ لکيائين، هن ناٽڪ نويسيءَ ۾ تمام گهڻي مشهوري حاصل ڪئي، فوت ٿيڻ تي کيس ”ويسٽ منسٽر ائبي“ (West minister Abey) ۾ دفن ڪيو ويو.

[10]   فارڪيو هر (Forquher Georger) 1678-1707ع پهريائين لشڪر ۾ هڪ آفيسر هو، ان بعد هڪ ناٽڪي اداڪار ٿيو ۽ ناٽڪ لکڻ شروع ڪيائين ، هن ڪيترا ناٽڪ لکيا، جيئن ته ”عشق ۽ شراب جو شيشو“ (Love and bottle) 1699ع) دي ڪانسٽنٽ ڪپل ۽ دي ٽون رائيوليس“ (The Twin Rivals) وغيره هن جي پڇاڙي تمام مسڪيني ۾ گذري ، ۽ وفات به سقيم حالت ۾ ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org