سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: پرديسي پادري

 

صفحو :18

باب ڇويهون

 

جيل ۾ هڪ سڌارو

 

ٻئي ڏينهن صبح جو سوير مون کي پنهنجي ڪٽنب جي انهن ڀاتين جاڳايو، جن کي مون پنهنجي بستري جي چوڌاري ڳوڙها ڳاڙيندو ڏٺو، ڏسجي ٿو ته اسان جي چوڌاري هر ڪنهن شيءِ جي ڀيانڪ وحشت کين ڊيڄاريو هو، مون ڌيرج سان سندن غم کي گهٽايو ۽ کين خاطري ڏني، ته مون ڪڏهن به ان وقت کان وڌيڪ راحت سان سمهي ننڊ نه ڪئي، ان بعد پنهنجي وڏيءَ ڌيءَ بابت پچا ڳاڇا ڪيم، جا ساڻن نه هئي، انهن مون کي آگاهه ڪيو، ته اڳئين ڏينهن جي تڪليف ۽ ٿڪ سندس تپ کي وڌايو هو ۽ کيس پوئتي ڇڏڻ مناسب سمجهيو ويو، مون کي ٻي تشويش ڪٽنب جي رهائش لاءِ جيل جي ويجهڙائيءَ ۾ هڪ يا ٻن ڪوٺين هٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجي پٽ جي موڪلڻ متعلق هئي، هن حڪم جي بجا آوري ڪئي، پر صرف هڪ ڪوٺي هٿ ڪري سگهيو، جيئن ته جيلر نوازش ڪري کيس اجازت ڏني ته ڀلي هو ۽ سندس ٻه ننڍا ڀائر مون سان گڏ جيل ۾ سمهن، تنهن ڪري اها ڪوٺي سندس ماءُ ۽ ڀينرن لاءِ ٿوري خرچ سان مسواڙ تي ورتي ويئي، اجازت ملڻ بعد سندن لاءِ هڪ ڪنڊ ۾ سهولت وارو بسترو تيار ڪيو ويو، تنهن هوندي به مون پهريائين کانئن پڇڻ چاهيوٿي ته آيا منهنجا ننڍڙا ان جاءِ ۾ رهڻ پسند ڪندا، جا اندر داخل ٿيڻ وقت خوف واري معلوم ٿئي ٿي.

انهيءَ دريافت تي ”ڊڪ“ جواب ڏنو ، ”نه بابا ڪنهن به جاءِ تي جتي توهين آهيو، اتي آءٌ سمهڻ کان ڀو ڪو نه ٿو ڪريان“

”بل“ جو اڃا صرف چئن سالن جو هو، تنهن چيو، ”آءُ سڀ ڪنهن جاءِ کي تمام گهڻو پسند ٿو ڪريان،جنهن ۾ منهنجو پيءُ آهي.

ان کان پوءَ ڪٽنب جي هرهڪ ڀاتيءَ کي سندن ڪم ورڇي ڏنو، منهنجي ڌيءَ کي خاص طرح سان پنهنجيءَ ڀيڻ جي پوئتي پوندڙ صحت جي سنڀال ڪرڻ لاءِ هدايت ڪئي، منهنجي زال کي منهنجي خدمت ڪرڻي هئي ۽ منهنجن ننڍڙن کي مون کي پڙهي ٻڌائڻو هو، مون پنهنجي ڪلام جو سلسلو جاري رکندو چيو، ”منهنجا پٽ، جيتري قدر تنهنجو سوال آهي، اهو تنهنجي هٿن جو ئي پورهيو آهي، جنهن تي اسان سڀني کي گذران ڪرڻ جي خاطريءَ واري اميد آهي، تنهنجي روزمره جي مزدوري اسان سڀني جي پرورش ڪرڻ ۽ پڻ سهنج سان گذارڻ لاءِ تمام ڪافي ٿيندي، تون هاڻي سورنهن سالن جو آهين ۽ تون کي طاقت آهي، جا تو کي تمام ڪارائتن ڪمن لاءِ عنايت ڪئي ويئي آهي . انهيءَ لاءِ ته اها ضرور تنهنجي والدين ۽ ڪٽنب کي ڏڪار کان بچائي، تنهنڪري اڄ شام جو سڀاڻي لاءِ ڪم ڳولي لهڻ جي تياري ڪر، ۽ جيڪي پئسا ڪمائين سي هر رات پنهنجي پرورش لاءِ گهر آڻيندو ڪج.“

هن کي ائين سمجهائي ۽ ٻين کي جائيتو ڪري، آءٌ عام جيل ڏانهن ويس، جتي آءٌ وڌيڪ هوا ۽ خلاصيءَ جڳهه جو لطف ماڻي ٿي سگهيس، اڃا آءٌ اتي گهڻو وقت ترسيس ئي ڪين ته لعنت، بد اخلاقيءَ ۽ وحشت سڀني طرفن کان مون تي حملا ڪيا ۽ مون کي هڪالي پنهنجيءَ ڪوٺيءَ ڏانهن موڪليو ويو، اتي آءٌ ڪجهه وقت لاءِ انهن نامرادن جي عجيب نادانيءَ تي غور ڪندو رهيس، جي سڄيءَ انسانذات کي پنهنجي بر خلاف دشمن ڏسندي به پاڻمرادو ان کي مستقبل لاءِ تمام زودار دشمن بنائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا هئا.

انهن جي بيحسيءَ منهنجي قياس کي اڀاريو ۽ منهنجيءَ دل جي بي آراميءَ کي ميٽي ڇڏيو، کين سڌارڻ جي ڪوشش ڪرڻ منهنجي لاءِ مورڳو هڪ لازمي فرض ٿي پيئي، مون انهيءَ ڪري هڪ دفعو وري واپس وڃڻ ۽ سندن نفرت جي باوجود کين پنهنجي صلاح ڏيڻ سان انهن تي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو، تنهن ڪري آءٌ وري به وٽن ويس ۽ مون ”مسٽر جينڪنسن“ کي پنهنجي ارادي کان واقف ڪيو، جنهن تي هو دل کولي کليو، هن اهو احوال پنهنجي سڀني قيد ڀاين کي ٻڌايو، هنن منهنجي رٿ کي پنهنجي وندر جو هڪ نئون ذريعو سمجهيو ۽ خوشيءَ سان ان جو استقبال ڪيائون.

ان مقصد کي ڪامياب بنائڻ لاءِ مون کين عبادت جي ڪتاب مان هڪ ٽڪرو بلند ۽ سڀاويڪ آواز سان پڙهي ٻڌايو ۽ پنهنجن ٻڌندڙن کي انهيءَ موقعي تي مڪمل طرح خوش ڏٺم، بد اخلاقي، ڀڻ ڀڻ، ٽوڪائتي نموني ۾ پشيمانيءَ (ڪنجهڪار) اکين جي اشارن ۽ واري سان کنگهه، کل کي اوڀاريو، پرآءُ پنهنجي فطري سنجيدگيءَ سان پڙهندو رهيس، مون خيال ڪيو ته جيڪي آءٌ ڪري رهيو آهيان سو شايد ڪنهن نه ڪنهن کي سڌاري وجهي.

دعائن پڙهڻ کانپوءَ آءٌ پنهنجي نيڪ صلاح ڏيڻ تي شروع ٿي ويس، جا پهريائين ڇينڀڻ جي بدران خوش ڪرڻ سان سهڻي نموني اختيار ڪئي ويئي هئي، مون اڳيئي چيو آهي، ته سندن ڀلائيءَ کانسواءَ ٻئي ڪنهن به مقصد مون کي ان ڪم لاءِ آماده نه ڪيوهو، ڇو ته آءٌ پڻ سندن قيد ڀائي هوس۽ وعظ ڪرڻ سان ڪجهه به حاصل ڪري نٿي سگهيس، کين اهڙو گهڻو ناپاڪ ڏسي مون کي نهايت گهڻو ارمان ٿيو، ڇا ڪاڻ ته هنن ان مان ڪجهه به حاصل نٿي ڪيو، مگر گهڻو ئي ڪجهه (شايد) وڃائي ويٺا هجن، مون چيو،”منهنجا دوستو، ان لاءِ خاطري ڪريو، ڇا ڪاڻ ته ڪيتري قدر به دنيا توهان جي دوستيءَ تان هٿ کڻي ته به توهين منهنجا دوست آهيو، جيتوڻيڪ توهين کڻي يارنهن هزار قسم هڪ ڏينهن ۾ کڻو، مگر ان ڪري اوهان کي ڪجهه به پلئه نه پوندو، جڏهن اوهان کي خبر آهي ته شيطان ڪهڙيءَ نه ڪميڻپ جي نموني اوهان سان سلوڪ ڪري ٿو، ته پوءِ اوهان جي سڀ ڪنهن ساعت ۾ ان سان ملاقات ۽ ساڻس دوستي ڪهڙِ معنيٰ رکي ٿي، توهان ڏسو ٿا، ته هن اوهان کي هتي سواءَ قسمن جي گرنهه ۽ خالي پيٽ جي ٻيو ڪجهه به نه ڏنو آهي ۽ بهترين مثالن سان، جي هن جا مون وٽ موجود آهن، (آءٌ اوهان کي خاطري ڏيان ٿو) ته هيءِ اوهان کي هن کان پوءِ به اهو ڪجهه به نه ڏيندو ، جو چڱو هجي.

جيڪڏهن اسان جي ڪاروبار ۾ ڪو به اسان سان سٺو برتاءُ نٿو ڪري، ته اسين ازخود ڪهڙي ٻيءَ جاءِ تي وڃون ٿا، ڇا اهو اوهان لاءِ فائيديمند نه ٿيندو، ته توهين پڻ به ٻيو مالڪ، جو اوهان کي ڪم از ڪم پا ڻ وٽ اچڻ لاءِ دلپسند وعدا ٿو ڪري، ان جو به آزمود ڪريو، ته توهين ڪيتري قدر سندس دستور پسند ٿا ڪريو؟

منهنجا دوستو يقينا دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي بيوقوفي ضرور ان شخص جي ٿيندي، جيڪو ٻئي جي گهر لٽڻ کانپوءِ چور ڳوليندڙ وٽ پناهه لاءِ ڊوڙي ٿو، توهين ڪيئن وڌيڪ سياڻا آهيو،؟ جڏهن توهين سڀئي انهن چور جهليندڙن مان ڪنهن به هڪ کان وڌيڪ زبردست بدخواهه هستيءَ کي پنهنجي تسليءِ لاءِ عرض ڪري رهيا آهيون، جنهن اوهان سان اڳيئي ڊوه ڪيو آهي، چور جهليندڙ ته صرف دلبو ڏين ٿا ۽ پوءِ توهان کي ڦاسائين ٿا، پر هيءَ ڊوه ڪري ٿو ۽ ٽنگي ڇڏي ٿو، ياد رکو ته اهو جيڪو خراب ۾ خراب هوندو، سو توهان کي ڦاسي ڏيڻ کانپوءِ به آزاد نه ڇڏيندو.

جڏهن مون پنهنجو وعظ ختم ڪيو، تڏهن مون کي پنهنجي ساٿين کان آفرينون مليون، منجهانئن ڪي آيا ۽ قسم کڻندي مون کي هڪ ايماندار ماڻهو تسليم ڪيائون، هنن منهنجي وڌيڪ واقفيت جي طلب ڪئي ۽ منهنجو هٿ وٺي مرحبا ڪئي، تنهن ڪري مون وري ٻئي ڏينهن پنهنجيءَ تقرير کي دهرائڻ جو وعدو ڪيو، مون اتي سڌاري آڻڻ جون ڪجهه اميدون دل ۾ ڌريون، ڇا ڪاڻ ته منهنجو هميشه اهو اندازو رهندو هو، ته ڪو به ماڻهو درستيءَ جي گهڙيءَ کان مٿي چڙهي ويل نه آهي، صرف جيڪڏهن تير انداز پورو نشان وٺي سگهي، ته هر ڪا دل عتاب جي تير اڳيان کلي پيئي آهي، جڏهن مون اهڙيءَ طرح پنهنجي دل کي مطمئن ڪيو، تڏهن موٽي پنهنجي ڪوٺيءَ ڏانهن واپس آيس، جتي منهنجي زال هڪ ڪفايتي خرچ واري ماني تيار ڪئي هئي، انهي وقت ”مسٽر جينڪنسن“ اسان جي مانيءَ سان پنهنجي ماني گڏڻ ۽ منهنجي گفتگو ٻڌڻ مان خوشي حاصل ڪرڻ جي طلب ڪئي، هن منهنجي ڪٽنب وارن کي اڃا تائين نه ڏٺو هو، ڇا ڪاڻ ته اهي منهنجي ڪوٺيءَ ۾ ان سوڙهي رستي واري دروازي کان ايندا هئا، جنهن جوو احوال اڳي ڪيو ويو آهي ۽ انهي طريقي عام جيل کان پاسو ڪندا هئا، هن پهرئين ملاقات تي مون ڏٺو، ته منهنجي ننڍي ڌيءِ جي حسن، جنهن کي سندس غمناڪ چهري دوبالا ڪري ڇڏيو هو، ”مسٽر جينڪنسن“ کي ڪا ٿوري چوٽ نه هنئي ۽ هن منهنجن ننڍڙن کي پڻ گهڻي توجهه سان ڏٺو.

هن چيو ته ”ڊاڪٽر، هي ٻار اهڙا ته حسين ۽ نيڪ آهن، جو هيءَ جڳهه سندن لائق ٿي نٿي سگهي؟“

مون جواب ڏنو، ”ڇو ، ”مسٽر جينڪنسن“ خدا جو شڪر آهي، جو منهنجا ٻار اخلاق ۾ گهڻو موچارا آهن، ان سان گڏ جيڪڏهن نيڪ ٿي پون، ته پوءِ باقي ڪهڙي پرواهه آهي؟،

منهنجي قيد ڀائيءَجواب ڏنو، ”آءُ ڀانيان ٿو ته تنهنجي چوڌاري هن تنهنجي ننڍڙي ڪٽنب جي موجودگيءَ تو کي ضرور تمام گهڻي تسلي ڏني هوندي“.

مون جواب ڏنو، ”تسلي، ”مسٽر جينڪنسن“ ها، سچ پچ اها تسلي آهي،۽ آءٌ سڄي دنيا هوندي به هنن کان سواءِ هوند رهي نه سگهان ها، اهي جيل کي به مون لاءِ محلات جهڙو بنائي سگهن ٿا، هن حياتي ۾ منهنجي خوشيءَ کي زخم رسائڻ جو صرف هڪ طريقو آهي، جو آهي انهن کي ڏکوئڻ“.

هن چيو ته ”سائين آءٌ ڊڄان ٿو، جو آءٌ ڪنهن حد تائين قاصر آهيان، آءٌ سمجهان ٿو ته هتي هڪ اهو شخص ڏسان ٿو، جنهن کي مون ڏکويو آهي ۽ جنهن کان آءٌ معافي وٺڻ جي خواهش ڪريان ٿو.“

منهنجي پٽ جيتوڻيڪ هن کي اڳي بدليل پوشاڪ ۾ ڏٺو هو، تڏهن به هينئر کيس يڪدم سندس آواز ۽ مهانڊا ياد آيا ۽ کيس هٿ کان جهلي مشڪندي معافي ڪيائين، هن وڌيڪ چيو. ”ان هوندي به جيڪي تون منهنجي منهن ۾ فريب جي پڳوري نشاني سمجهڻ لاءِ ڏسي سگهين، ان تي آءٌ اڃا تائين عجب کائڻ کان پاڻ کي روڪي نٿو سگهان“.

”جينڪنسن“ چيو”سائين منهنجا! اهو تنهنجو چهرو نه هو، پر توهان جا اڇا موزا ۽ تنهنجن وارن واري ڪاري ربين هئي، جنهن مون کي گمراهه ڪيو، پر ان ۾ تنهنجي ڪا به گهٽتائي نه آهي، مون پنهنجي وقت ۾ تو کان وڌيڪ سياڻن ماڻهن کي ٺڳيو آهي.“

منهنجي پٽ جواب ڏنو، ”آءُ سمجهان ٿو ته تنهنجي حياتي جو احوال ضرور گهڻو نصيحت آميز ۽ دلچسپ هوندو“

”مسٽر جينڪنسن“وراڻي ڏني، ”نه اهي ماڻهو جي صرف انسانذات جون حرفتون ۽ گناهه بيان ڪن ٿا، سي حياتي ۾ اسان جي شڪن کي وڌائڻ سان اسان جي ڪاميابي کي پوئتي هٽائين ٿا، اهو مسافر جو هر ڪنهن ان ماڻهوءَ تي شڪ آڻي ٿو، جو کيس گڏجي ٿو ۽ هر ڪنهن ان ماڻهوءَ کان منهن موڙي ٿو، جو کيس ڏسڻ ۾ ٿورو اچي ٿو، سو پنهنجيءِ مسافريءَ جي منزل تي ڪڏهن به پوري وقت تي نٿو پهچي سگهي.

سچ پچ ته آءٌ پنهنجي تجربي مان سمجهان ٿو، ته اهو ماڻهو جو پاڻ کي ڪجهه سمجهي ٿو، سو هن چمڪندڙ سج جي هيٺيان وڏي ۾ وڏو بيوقوف ماڻهو آهي، آءٌ پنهنجي ٻاروتڻ کان وٺي اٽڪلي سمجهيو ويندو هوس، جڏهن ستن سالن جو ٿيس، تڏهن عورتون چونديون هيون ته آءٌ مڪمل طرح ننڍو مرد هوس، چوڏهن ورهين جي عمر ۾ مون دنيا کي سمجهيو ، پنهنجي ٽوپلي کي هڪ پاسي تي رکيم ۽ عورتن کي پيار ڪيم. ويهن ورهين جي عمر ۾ جيتوڻيڪ آءٌ مڪمل طرح ايماندار هوس، تنهن هوندي به سڀ ڪنهن ماڻهوءِ مون کي اهڙو ته اٽڪلي سمجهيو، جو هڪ به مون تي اعتبار نه ڪندو هو، اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي بچاءُ ۾ دغاباز ٿيڻ تي مجبور ٿي پيس ۽ ان وقت کان و‎ٺي منهنجو ذهن ٺڳڻ جي تجويزن سوچڻ ۾ مشغول رهيوآهي، ۽ منهنجي دل ظاهر ٿيڻ جي خوفن کان ڌڪ ڌڪ ڪري رهي آهي آءٌ اڪثر تنهنجي ايماندار ۽ ساده دل پاڙيسريءَ ”فلمبرو“ تي کلندو هوس ۽ گهڻو ڪري هر سال هڪ دفعو هڪ نه ٻئي نموني کيس ٺڳيندو هوس، تنهن هوندي به هو ايماندار ماڻهو وڌيڪ ترقي ڪندو ويو ۽ شاهوڪار ٿي پيو، مگر مون اڃا تائين پنهنجي ٺڳي، دغابازي ۽ چالاڪيءَ کي قائم رکيو، ايماندار هئڻ جي تسلي نه هئڻ سبب، غريب آهيان،“ هن پنهنجو سلسله ڪلام جاري رکندي چيو، ”مون کي پنهنجي حال جي خبر ڏيو، ته ڪهڙي ماجرا اوهان کي هتي آندو آهي، جيتوڻيڪ مون کي اهڙو هنر نه آهي، جو آءٌ پاڻ کي جيل کان بچائي سگهان، مگر شايد آءٌ پنهنجن دوستن کي ڇڏائي سگهان.

مون انتظار کي ڏسي کيس انهن سڀني واقعن کان واقف ڪيو، جن مون کي موجوده تڪليفن ۾ آندو هو۽ کيس پنهنجي آزاد ٿيڻ جي مڪمل لاچاري کان آگاهه ڪيو،

منهنجي ڳالهه ٻڌڻ ۽ ڪجهه منٽن لاءِ ويچار ڪڻ کانپوءِ هن پنهنجي پيشانيءَ تي اهڙيءَ طرح ڌڪ هنيو، جو ڄڻ ته ڪا فائدي واري تجويز سوچي هئائين ۽ ائين چوندي موڪل ورتائين ته، ”جيڪا ڪوشش مون کان ٿي سگهندي سا آءٌ ڪندس.“

 

باب ستاويهون

 

ساڳيو مضمون هلندڙ

 

ٻئي ڏينهن صبح جو مون پنهنجيءَ زال ۽ ٻارن کي تجويز ٻڌائي، جا مون قيدين جي سڌارڻ لاءِ رٿي هئي، هنن ان کي ناممڪن ۽ نا مناسب بيان ڪندي، ان کي منظور ڪيو ۽ چيو ته منهنجون ڪوششون ڪنهن به طرح سندن اصلاح ۾ ڪم نه ڪنديون، پر وڏو امڪان آهي، ته شايد اهي منهنجن مذهبي قَرضن جي بي حرمتي ڪن.

مون وراڻي ڏني، ”مون کي معاف ڪريو، اهي ڪيتري قدر به کڻي پسست پيل آهن، مگر هو اڃا تائين مرد آهن۽ اهو ئي منهنجن انهن پيارن تي سٺي ۾ سٺو لقب آهي، ردٿيل سٺي صلاح ڏيندڙ جي دل کي وڌيڪ مالا مال ڪرڻ لاءِ موٽي ٿي ۽ جيتوڻيڪ اها هدايت، جا آءٌ کين ڏيان ٿو، سا انهن کي کڻي درست نه به ڪري، تڏهن به اها يقينا مون کي درست ڪندي، جيڪڏهن اهي منهنجا ڪم نصيب ٻچا، شهزادا هجن ها، ته جيڪر هزارين ماڻهو انهن جي مذهبي رهنما ٿيڻ لاءِ تيار ٿين ها- مگر منهنجيءَ راءِ مطابق اها دل جا ترم ۾ دفن ٿيل آهي، سان اهڙي ئي بي بها آهي. جهڙي تخت تي براجمان ٿيل. هائو، منهنجا پيارا جيڪڏهن انهن سڀني کي درست ڪري سگهيس ته ڪندس، شايد اهي سڀئي مون کي نه ڌڪارين، ممڪن آهي ته آءٌ ان گرداب مان صرف ڪنهن هڪ کي جهلي سگهان ۽ اهو هڪ وڏو فائدو ٿيندو، ڇا ڪاڻ ته ڌرتيءَ تي اهڙو ڪو هڪ هيرو آهي جو اهڙو املهه هجي، جهڙو انسانذات جو روح ائين چوندي مون کين ڇڏيو، ۽ عام جيل ڏانهن ويس اتي مون قيدين کي ڏاڍو خوش ۽ منهنجيءَ تشريف آوريءَ لاءِ منتظر ڏٺو، هر هڪ ڊاڪٽر جي مٿان ٺٺوليءَ ڪرڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن حرفت سان تيار هو، اهڙيءَ طرح جڏهن آءٌ وعظ شروع ڪري رهيو هوس، تڏهن هڪ منهنجي جڙتو وارن کي آڏو ڦيرايو، ڄڻ ته اتفاق سان ۽ پوءِ معافي گهريائين ۽ ٻيو ڪجهه مفاصلي تي بيٺو هو، ۽ کيس ڏندن وچان ٿڪڻ جو هنر هو، تنهن اهڙي طرح ٿڪ اڇلي، جو اها منهنجي ڪتاب تي اچي ڪري ، ٽيون (آمين) اهڙي اثرائتي نموني ۾ چوڻ لڳو، جو گويا ٻين کي کي گهڻو خوش ٿي ڪيائين. چوٿين منهنجي کيسي مان لڪائي عينڪ ڪڍي ورتي، پر اتي ٻيو هڪڙو بيٺل هو، جنهن جيءَ حرفت سڀني کي ٻين کان وڌيڪ خوشي ٿي ڏني، ڇا ڪا ڻ ته جنهن طريقي ۾ مون ڪتاب ميز تي رکيا هئا، سو نمونو ڏسي هن نهايت چالاڪيءَ سان هڪڙوءَ ڪتاب کڻي ورتو ۽ ان جي جاءِ تي هڪڙو پنهنجو فاحش چرچن جو ڪتاب رکي ڇڏيو، تنهن هوندي به هي حرڪتي خسيس ماڻهن جو ٽولو جيڪي به ڪري سگهيو، تنهن تي مون ڪو به ڌيان ڪو نه ڏنو، پر اڳتي هلندو رهيس، ڇا ڪاڻ ته مون کي خاطري هئي ته جيڪي به منهنجيءَ ڪوشش ۾ بيهودو هوندو، سو صرف پهريائين يا ٻئي دفعي خوشي جاڳائيندو، پر جيڪي به ضروري هوندو، سو هميسه لاءِ قائم رهندو، منهنجي تجويز ڪامياب ٿي ۽ڇهن ڏينهن کان ڪي توبهه ڪندڙ ۽ ڌيان ڏيندڙ بنجي پيا.

مون هاڻي کين آسودي بنائن لاءِ ويچار ڪرڻ شروع ڪيو، هن وقت تائين سندن وقت ڏڪر ۽ ارزانيءَ هل مچائيندڙ فساد ۽ تمام گهڻي پڇتاءُ ۾ ورهايو هو، سندن صرف مشغولي هوندي هئي، پاڻ ۾ جهڳڙو ڪرڻ، ٻارين وارين راند کيڏڻ ۽ تماڪ جون ٻنجيون وڍڻ. ان آّخري سستي واري ڌنڌي مان ڪن کي ، جن چاهيو ٿي، مون تما وڪڻندڙن ۽ بوٽن ٺاهيندڙن لاءِ ڪاٺ جي گهوڙين ٺاهڻ جي ڪم ۾ لڳائڻ جو سبق ورتو. موزون ڪاٺ عام جي چندي مان خريد ڪيو ويو ۽ جڏهن مال جڙي تيار ٿيو، تڏهن اهڙي نموني وڪيو ويو، جو هر هڪ روزانو ڪجهه نه ڪجهه ڪمايو، اهو اجورو سچ پچ ته تمام ٿورو هو، مگر سندن گذر لاءِ ڪافي هو.

مون پنهنجي ڪم کي اتي ختم نه ڪيو، مگر بد اخلاقي جي سزا لاءِ ڏنڊ ۽ خاص هنرن لاءِ انعام جاري ڪيم، اهڙي طرح ٻن هفتن کان گهٽ عرصي ۾ مون کين ڪجهه قدر رلڻو ملڻو ۽ نرم دل بنايو.

اهو نهايت گهڻي، قدر پسنديده ڪم ٿيندو جو قانون جوڙيندڙ طاقت . قانون کي سختيءَ بدران هن نموني سڌاري ڏانهن رجوع ڪري. ڇا ڪاڻ ته اهو ثابت ٿيل ڏسڻ ۾ ايندو ته گناهن کي پاڙون پٽي ڪڍڻ جو ڪم سزائن کي عام ڪرڻ سان نه، مگر سخت ڪرڻ سان ٿيندو آهي، اسان جا موجوده جيل جي ماڻهن کي گنگهار ڏسن ٿا، يا ڪن ٿا، جي ڪمبختن کي هڪ گناهه جي سلسلي ۾ بند ڪن ٿا ۽ جيڪڏهن هو جيئرا آهن ته کين وري هزارين گناهن ڪرڻ لاءِ تمام لائق بنائي موٽائي موڪلين ٿا، انهن جي بدران اسان وٽ ”يورپ“ جي ٻين ملڪن وانگر پڇتاءُ ۽ خلوت جون جايون هئڻ گهرجن، جتي اهڙا ماڻهو جوابدارن وٽ حاضريءَ ۾ هجن، جي کين، جيڪڏهن هو ڏوهي هجن، ته توبهه ڪرڻ تي آماده ڪن ۽ جيڪڏهن معصوم هجن، ته کين اخلاق جا نوان مقصد ۽ طريقا سيکارين. هيءَ ئي طريقو سياست کي سڌارڻ جو آهي، مگر سزائن وڌائڻ سان ڪو به کڙتيل نه نڪرندو، آءٌ مورڳو ان حق جي سچائيءَ تي حجت اٿارڻ کان پاڻ کي روڪي نٿو سگهان، جو سماجي جماعتن خسيس ڏوهن لاءِ موت جي سزائن ڏيڻ ۾ اختيار ڪيو آهي، خون جي مقدمن ۾ سندن حق واجبي آهي، ڇا ڪاڻ ته پنهنجي حفاظت جي قانون مطابق، ان ماڻهو کي جنهن ٻئ جي حياتيءَ ڏانهن بي لحاظي ڏيکاري آهي، قتل ڪرڻ اسان جو فرض آهي، اهڙن جي خلاف سموري خلق دشمن ٿي سگهي ٿي، مگر ان ماڻهوءَ جي خلاف اهڙي سزا واجبي نه آهي، جو منهنجي ملڪيت چورائي ٿو، قدرت جو قانون مون کي سندس حياتي ءَ وٺڻ جو حق نٿو ڏئي، ڇا ڪاڻ ته (قانون) موجب اهو گهوڙو جو هو چورائي ٿو، سو اوترو ئي هن جي ملڪيت آهي، جيترو منهنجي. وحشي، جي صرف قدرت جي قانون جي ئي رهنمائيءَ هيٺ هلن ٿا، اهي هڪ ٻئي جي حياتيءَ بنسبت ڏاڍا حليم آهن، اهي اڳئين ظلم جي بدلي وٺڻ کان سواءِ ورلي ڪا رتو ڇاڻ ڪن ٿا.

اسان جا ”سئڪسن“ ابا ڏاڏا، جيترو لڙائيءَ وقت تمام خوفناڪ هئا، اوترو ئي صلح جي وقت ڪي ٿوريون ڦاسيءَ جون سزائون ڏيندا هئا ۽ اهي سڀئي بنيادي حڪومتون جن تي اڃا تائين قدرت جو نشان پختو آهي، انهن ۾ ورلي ڪو ڏوهه موت جي سزا لائق ٺهرايو ويو آهي.

سڌريل قوم جي شهر واسين وٽ سزا جا قانون، جي شاهوڪارن جي هٿن ۾ آهن، سي غريبن جي مٿان مڙهيا وڃن ٿا، ڏٺو ويو آهي ته حڪومت جيئن جهوني ٿئي ٿي. تيئن پنهنجي بقا لاءِ وڌيڪ منتظر ٿئي ٿي، جهڙي طرح جيئن اسان جي ملڪيت وڌي ٿي، تيئن اسان کي وڌيڪ پياري ٿئي ٿي، جيئن اسان جي ڌن جو وڌيڪ انداز، تيئن اسان جو خوف به بي حد وڌيڪ. اسان جون سڀئي ملڪيتون روزانو نون فرمانن سان محفوظ ڪيون وڃن ٿيون ۽ هر ڪنهن حملي ڪندڙ کي خوف ڏيارڻ لاءِ اهي ٽِڪِٽِڪَينَ جي وچ ۾ ٽنگيل آهن.

آءُ چئي نٿو سگهان، ته آيا اهو اسان جي سزا جي قانون جي ڪثرت کان آهي، يا اسان جي ماڻهن جي عيش سبب، جو اسان جو ملڪ ساليانو اڌ”يورپ“ جي گڏيل حڪومتن کان به زياده سزا ڏنل ڏوهي ڏيکاري ٿو، شاديد اهو ٻنهي ڪري آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي هڪ ٻئي کي پيدا ڪن ٿا. جڏهن هڪ قوم، سوچ ۽ ويچار کان سواءِ جڙيل سزا جي قانون موجب ڏوهه جي مختلف درجن لاءِ ساڳي سزا مقرر ٿيل ڏسي ٿي، تڏهن سزا ۾ ڪنهن به فرق نه ڏسڻ سبب، ماڻهوءَ ڏوهه ۾ تفاوت محسوس ڪرڻ جي تميز وڃائي ويهن ٿا، ۽ ڏوهه ڪرڻ لاءِ راغب ٿين ٿا.

تنهن هوندي به ائين هجي، جو گناهن جي سزا ڏيڻ لاءِ نون قاعدن جوڙڻ جي تجويز ڳولي ڪڍڻ بدران، اسان حڪومت جي پابندي وجهندڙ فنن کي آزمايون، ۽ قانون کي ماڻهن جو سنڀاليندڙ نه ئي انهن مٿان ظلم ڪندڙ بنايون، پوءِ اسين ڏسنداسون ته اهي ماڻهو جن جي روح کي نيچ جهڙو سمجهيو وڃي ٿو، تن کي صرف ڪنهن اصلاح ڪندڙ جي هٿ جي ضرورت آهي، اسين ڏسنداسون ته اهي مخلوق جي هن وقت عذابن ۾ آهن، انهن سان جيڪڏهن پوري طرح هلت ڪئي وڃي ته شايد اهي خوف جي وقت حڪومت کي وڌيڪ طاقتور بنائڻ جي خدمت ڪن.

باب اٺاويهون

 

مرڪ ۽ لڙڪ

 

آئون هينئر ٻن هفتن کان وڌيڪ قيد ۾ رهيو هوس، پر پنهنجي پياريءَ ڌيءَ جي ملاقات کان محروم رهيو هوس ۽ کيس ڏسڻ جي تمام گهڻي خواهش هيم. مون پنهنجي خواهشن کان پنهنجيءَ زال کي آگاهه ڪيو، ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو اها غريب ڇوڪريءَ سندس ڀيڻ جي ٻانهن تي ٽيڪ ڏيندي ، منهنجي ڪوٺيءَ ۾ اندر گهڙي، مون جا سندس چهري ۾ تبديلي ڏٺي تنهن مون کي ضرب هنئين. بيشمار زيب زينتون جي ڪنهن وقت اتي جاءِ گزين هيون، سي هاڻي اڏامي ويون هيون، سندس لوندڙيون اندر پيهي ويون هيون، سندس پيشاني تاڻيل ۽ موت جي پيلاڻ سندس ڳلن تي جاءِ گزين هئي.

مون چيو .”منهنجي پياري، آءٌ تو کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان، پر ”لوي “ اها اداسائي ڇو؟ منهنجي پياري، مون کي اميد آهي ته تو کي منهنجي لاءِ ايتري گهڻي عزت آهي، جو تون نا اميديءَ ڪري هن طرح هڪ ان حياتيءَ کي جنهن کي آءٌ پنهنجي زندگيءَ جهڙيءَ قيمتي سمجهان ٿو، ناس ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندس، ٻچا خوش خلق ٿيءَ، ڇو ته اسين اڃا به شايد وڌيڪ خوشيءَ وارا ڏينهن ڏسون.“

هن وراڻي ڏني، ”توهين هميشه مون تي مهربان رهيا آهيون ۽ اهو خيال منهنجي درد ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ٿو، ته آءٌ ڪڏهن به خوش به اها خوشي جنهن جو توهين انجام ڪريو ٿا، ان ۾ شريڪ ٿي نه سگهندس، مون کي خوف آهي ته خوشي منهنجي لاءَ ڪو به وڌيڪ عرصو محفوظ ٿيل نه آهي، آءٌ ان جاءِ کان آزاد ٿيڻ چاهيان ٿي، جتي مون صرف بربادي ڏ‎ٺي آهي، سچ پچ ته سائين آءٌ چاهيان ٿي، تو توهين ”مسٽر ٿارنهل“ کي پوريءَ طرح پيش پئو، اوهان جو پيش پوڻ شايد ڪجهه قدر کيس اوهان تي رحم ڪرڻ لاءِ آماده ڪري ۽ اهو مون کي مرڻ ۾ آرام ڏيندو.

مون جواب ڏنو،”ٻچا، ڪڏهن به نه. ڪڏهن به آءٌ پنهنجي ڌيءَ کي هڪ بد اخلاق عورت قبول نه ڪندس، ڇا ڪاڻ ته جيتوڻيڪ دنيا ڀلي تنهنجي گناهه کي حقارت سان ڏسي، مگر منهنجو خيال ان کي بي سمجهيءَ جي ۽ نه گناهه جي نشاني سمجهندو، منهنجي پياريءَ آءٌ ڪنهن به حالت ۾ هن جڳهه ۾ دکي نه آهيان، پوءَ ڀلي اها ڪيتري قدر به ڀيانڪ ڏسڻ ۾ اچي ۽ خاطري ڪر جيستائين تون پنهنجي حياتي سان مون تي نوازش ڪرڻ جاري رکندينءَ تيستائين هو ڪڏهن به مون کان ٻيءَ شاديءَ جي اجازت حاصل ڪري، ان سان تو کي وڌيڪ دکي نه ڪندو،

منهنجي ڌيءَ کي موڪلاڻيءَ بعد ڀر ۾ ويٺل منهنجي قيد ڀائيءَ جنهن مون کي آزاديءَ ڏيارڻ جو وعدو ڪيو هو، منهنجي پيش پوڻ جي انڪار ڪرڻ جي شدت تي ڪافي دلسوزي سان بحث ڪيو، هن چيو، ” پنهنجي باقي ڪتنب جي ڀاتين کي اهڙي اڪيلي ٻار جي سک خاطر قربان نه ڪيو وڃي، جنهن توهان جي جذبات کي تمام زبردست ضرب هنئي آهي، “. هن وڌيڪ چيو، ” ان سان گڏ آئون نٿو سجهان ته اهڙيءَ طرح زال ۽ مڙس جي اهڙي ميلاپ جي وچ ۾ رنڊڪ وجهڻ ڪو جائز ٿيندو، جنهن کي تون هن وقت هڪ ”وهان“ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ سان وڌيڪ پوئتي وجهي نٿو سگهين، پر شايد نا خوشيءَ سان قبول ڪرين،

مون جواب ڏنو، ”سائين توهين ان ماڻهوءُ جا واقف نه آهيو، جو اسان کي ايذائي ٿو، مون کي تمام چڱي طرح معلوم آهي ته آءٌ ڪا به اهڙي تابعداري ڪري نٿو سگهان، جا آزاديءَ جو صرف هڪ ڪلاڪ مون کي ڏيئي سگهي، جيستائين ڪا منهنجي ڌيءَ زنده آهي، تيستائين هن جي ٻي شادي ڪڏهن به منهنجي نظرن ۾ جائز نه ٿيندي، جيئن ته هيءُ بدمعاش آهي، تنهن ڪري مون کي سندس مستقبل جي مڪاريءَ جي نتيجن کي روڪڻ لاءِ سندس شادي شده هئڻ جي خواهش رکڻ گهرجي، پر آءُهاڻ پنهنجي لاءِ صرف قيد کان پاسي ڪرڻ خاطر ان اقرار نامي صحيح ڪرڻ ۾ سڀني پيئرن کان وڌيڪ ظالم نه ٿيندس ڇا، جو ضرور پنهنجي ڌيءَ کي قبر ڏانهن روانو ڪندس، ڇا اهڙي طرح هڪ تڪليف مان آزاد ٿيڻ لاءِ پنهنجي ٻار جي دل، هڪ هزار دردن سان ٽوڙيان.؟

هن جواب جي معقوليت قبول ڪئي، پر هن چوڻ کان پاسو ڪري ڪين سگهيو، ته کيس خوف هو ته منهنجي ڌيءَ زندگي قيد ۾ رهڻ سبب اڳيئي زبو ن ٿي چڪي هئي، تنهن هوندي به، هن وڌيڪ چيو، ”جيتوڻيڪ تون ڀائٽي کي عرض ڪرڻ کان انڪار ڪرين ٿو، مگر مون کي اميد آهي ته تو کي سندس چاچي جي اڳيان پنهنجي ڪيس پيش ڪرڻ ۾ ڪو اعتراض نه آهي، جنهن جو اخلاق هن حڪومت ۾ هر ڪنهن واجبي ۽ چڱي ڪم لاءِ اول درجو رکي ٿو؟ آءٌ توهان کي صلاح ڏيندس، ته توهين ڏانهس ٽپال رستي خط موڪليو، جنهن ۾ سندس ڀائٽي جيڪو به اوهان سان خراب برتاءُ ڪيو آهي، ان کان کيس آگاهه ڪريو ۽ منهنجي حياتيءَ جو قسم ته ٽن ڏينهن اندر اوهان کي ان جو جواب ملندو“. مون هن جي ڪيل هدايت جو شڪريو ڪيو، يڪدم ان جي بجا آڻڻ لاءِ تيار ٿيس، پر مون کي ڪاغذ گهربو هو، ۽ قد قدقسمتي سان سمورو اسان جو پيسو ان صبح جو سيڌي خرچ ٿي ويو هو، انهيءَ ڪري اهو پڻ هن مون کي ميسر ڪري ڏنو.

ايندڙ ٽن ڏينهن آءٌ ان معلوم ڪرڻ لاءِ انتظار ۾ هوس، ته منهنجي خط جو ڪهڙي نموني خير مقدم ڪيو ويو هوندو، پر انهيءَ عرصي اندر منهنجي زال هتي رهڻ بدران ڪن به شرطن تي پيش پوڻ لاءِ بار بار عرض ڪندي رهي ۽ هر ڪنهن ساعت پنهنجي ڌيءَ جي زوال پذير تندرستيءَ جو احوال پهچڻ لڳو، ٽيون چوٿون ڏينهن آيا، مگر مون کي پنهنجي خط جو ڪو به جواب ڪو نه مليو، هڪ دل گهريي ڀائٽي جي خلاف هڪ اجنبي جون فريادون ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ جوڳيون نه هيون، انهي ڪري اهي اميدون منهنجن سڀني لڳين اميدن وانگر جلدي غائب ٿي ويون، تنهن هوندي به منهنجي دل اڃا تائين خود پنهنجي حمايت ڪرڻ لڳي، جيتوڻيڪ قيد ۽ خراب هوا منهنجيءَ تندرستيءَ ۾ ظاهر ظهور تبديلي ڪرڻ شروع ڪئي هئي ۽ منهنجي ٻانهن جا باهه ۾ سڙي هئي سا وڌيڪ خراب ٿي پيئي هئي، تنهن هوندي به منهنجا ٻار منهنجي بستري ڀرسان ويٺا هوندا هئا، ۽ جنهن وقت آءٌ پنهنجي ڪکن واري بستري تي ليٽيو پيو هوندو هوس، ان وقت واري واري تي مون کي انجيل پڙهي ٻڌائيندا هئا، يا منهنجي هدايتن تي توجهه ڏيندا روئندا هئا، مگر منهنجيءَ ڌيءَ جي صحت مون کان وڌيڪ تڪڙي خراب ٿيڻ لڳي، وٽانئس ايندڙ هر هڪ پيغام منهنجي انديشي ۽ درد کي وڌايو......مون ”سر وليم ٿارنهل“ کي جنهن ڏينهن خط لکيو هو ان کي پوءِ پنجين ڏينهن به صبح جو مون کي هڪ احوال سان خبردار ڪيو ويو ته هوءَ ڳالهائي نٿي سگهي . هاڻي ائين ٿيو، جو قيد منهنجي دل لاءِ سچ پچ ته تڪليف ده ٿي پيو هو، منهنجي دل پنهنجي ٻار جي سيرانديءَ هئڻ، کيس تسلي ڏيڻ، کيس تقويت ڏيڻ، سندس آخري خواهشن ٻڌڻ ۽ سندس روح کي بهشت ڏانهن وڃڻ جي طريقي سيکارڻ لاءِ پنهنجي قيد خاني مان اڌ مان ڏيئي ٻاهر نڪرڻ لڳي، ٻيو احوال آيو ته هوءَ سڪرات ۾ هئي، منهنجو قيد ڀائي ان کان ٿورو وقت پوءِ آخرين احوال سان آيو، هن مون کي صابر ٿيڻ لاءِ چيو ۽ ٻڌايو ته هوءَ مري ويئي، ٻئي ڏينهن صبح جو هو واپس آيو ۽ مون کي پنهنجن ٻن ننڍڙن سان ڏٺائين، جي ئي هاڻي منهنجا فقط ساٿي هئا ۽ جي پنهنجون جملي معصوم ڪوششون مون کي تسلي ڏيڻ لاءِ خرچ ڪري رهيا هئا، هن مون کي دعائن پڙهي ٻڌائڻ لاءِ التجائون ڪيون ۽ مون کي دانهن نه ڪرڻ لاءِ چيائون، ڇا ڪاڻ ته آءٌ ايترو گهڻو ٻڍو هوس، جو روئي نٿي سگهيس، وڏي پٽ دانهن ڪري چيو، ”بابا ڇا هاڻي منهنجي ڀيڻ ملائڪ نه آهي؟ پوءَ ڇو توهين ان لاءِ اداس آهيو، آءٌ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن بابا مون سان گڏ هجي ته آءٌ هن خوفناڪ جڳهه کان ٻاهر جيڪر ملائڪ هجان“. منهنجي ننڍڙي پياري پٽ چيو. ”هائو بهشت، جتي اسان جي ڀيڻ آهي، هن کان وڌيڪ عمدو آهي، اتي نيڪ ماڻهن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي، ۽ هتي تمام خراب ماڻهو آهن.“

”مسٽر جينڪنسن“ سندن ٻاراڻيءَ گفتگو کي وچ ۾ روڪيو، هن چيو،  ”تنهنجي ڌيءَ فوت ٿي چڪي آهي. تو کي پنهنجي خاندان جو خيال نهايت سنجيدگيءَ سان ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي زندگي جي حفاظت لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي، جا ڏينهن به ڏينهن ضروريات زندگي ۽ صحت بخش هوا جي ڪميءَ سبب پوئتي پوندي ٿي وڃي،“ هن وڌيڪ چيو، ”اهي تنهنجا ٻچا جي توتي پالنا لاءِ ڀروسو رکن ٿا، انهن جي ڀلي ڪاڻ ڪنهن به فخريا ناراضپي کي قربان ڪرڻ هاڻي تو تي لازم آهي“. ان ڪري هاڻي آءٌ مٿين ٻنهي سببن ۽ انصاف ڪري پنهنجي زميندار سان صلح ڪرڻ جي ڪوشش لاءِ مجبور ٿي پيس.

مون جواب ڏنو، ”مولا سائين جو حَمَد ڪيو وڃي، مون وٽ هاڻي ڪجهه به فخر نه رهيو آهي، جيڪڏهن آءٌ فخر يا غصي کي پنهنجي دل ۾ ڇَپَ ماري ويٺل ڏسان ها، ته هوند ان تي تمام سخت نفرت ڪريان ها، جيئن ته منهنجو ستمگر ڪنهن وقت منهنجي حلقي جو فرد ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري آءٌ کيس ڪنهن ڏينهن هڪ پاڪ روح وانگر دائمي عدالت اڳيان پيش ڪرڻ جي اميد رکان ٿو، ته سائين هاڻي مون کي ڪو به غصو نه آهي، جيتوڻيڪ هن مون کان اهو ڪجهه کسيو آهي، جو مون سندس سڀني خزانن کان وڌيڪ پيارو سمجهيو هو، منهنجا قيد ڀائي جيتوڻيڪ هن منهنجيءَ دل کي نپوڙيوآهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت آءٌ صفا بي هوش ٿيڻ تي بيمار ۽ تمام بيمار آهيان، انهيءَ هوندي به منهنجي دل ڪڏهن به مون کي بدلي وٺڻ جي تلقين نه ڪندي ، آءٌ هاڻي سندس شاديءَ منظور ڪرڻ لاءِ خواهشمند آهيان، جيڪڏهن هي پيش پوڻ کيس ڪجهه به راضي ڪري سگهي ته کيس اطلاع ڪريو ته مون جيڪڏهن کيس ڪو به ايذاءُ پهچايو آهي، ته ان لاءِ مون کي ارمان آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org