باب پهريون
”ويڪفيلڊ“[1]
شهر جي هڪ خاندان جو بيان
آءٌ هميشه انهيءَ راءِ جو هئس ته اهو انسان جنهن شادي ڪئي، ۽ پنهنجي وڏي ڪٽنب کي پاليو، تنهن ان ماڻهوءَ کان وڌيڪ خدمت ادا ڪئي، جنهن پنهنجي حياتي اڪيلائيءَ ۾ گذاري ۽ صرف
آدمشماريءَ بابت گفتگو ڪئي، اهو اصول دل ۾ ڌريندي، منهنجي پادري ٿيڻ کان هڪ سال اڳ مون شاديءَ بابت خيال سان سوچڻ شروع ڪيو هو ۽ ان زال جي
چونڊ ڪئي هئم، جنهن پنهنجي شاديءَ جو لباس محض نمائشي ۽ ظاهري سينگار جي واسطي نه پهريو هو، بلڪ انصاف ڪبو ته هوءَ هڪ سٺو سڀاءُ رکندڙ نالي
واري عورت هئي، تربيت ۽ پرورش جي لحاظ کان چئي سگهجي ٿو ته تمام ڪي ٿوريون ڳوٺاڻيون عورتون کانئس گوءِ کڻي ٿي سگهيون. اها پڻ هڪ حقيقت آهي
ته هوءَ ڪو به انگريزي ڪتاب گهڻي هجي، کان سواءِ پڙهي ٿي سگهي، آچار ۽ مرغي ٺاهڻ، شين کي حفاظت سان سانڍي رکڻ ۽ رڌ پچاءُ جي هنر ۾ ڪا به
عورت کانئس ڪثر کڻي نٿي سگهي. کيس اهو پڻ فخر هو ته خانه داريءَ ۾ هوءَ بهترين ڄاڻ رکندڙ هئي، حالانڪ سندس سڀني هنري قابليتن هوندي به آءٌ
ڪڏهن به نه سنبران ته اسين ڪو شاهوڪار ٿياسون.
انهن سڀني ڳالهين هوندي به اسين هڪ ٻئي کي دلي پيار ڪندا هئاسون ۽ جيئن عمر جون منزلون طئي ڪندا ٿي وياسون، تيئن اسان جو پيار وڌندو ويجهندو ٿي ويو، سچ پچ ته ڪابه اهڙي ڳالهه ڪا
نه هئي، جا اسان کي هڪ ٻئي سان ڪاوڙائي سگهي. اسان کي هڪ سهڻو ۽ سلوڻو گهر هو، جو ٻاجهه ڀري ٻهراڙي پاسي پيار ڀري پاڙي ۾ واقع هو. سڄو سال
اخلاقي يا ٻهراڙيءَ جي وندرن، سرمائيدار پاڙيسرين جي ملاقاتن ۽ غريب جي مدد ڪرڻ ۾ گذري ويندو هو، انقلابن جو اسان کي خوف نه هو، نڪي ڪي
ٿڪائيندڙ ڪم هئا، جن کي برداشت ڪرڻو ٿو پيو، اسان جون سڀ سر گذشتون گهر پاسي هيون ۽ اسان جي چرپر صرف هڪ ڪوٺيءَ کان ٻي ڪوٺيءِ تائين محدود
هئي اسين رستي جي ڀر تي رهندا هئا سون، جتي ڪيترائي مسافر ۽ اجنبي ماڻهو خارتوت مان تيار ڪيل اسان جي مشهور شراب جي ذائقي وٺڻ لاءِ اسان وٽ
ايندا هئا ۽ آءٌ هڪ تاريخ نويس جي صداقت سان چوان ٿو ته مون ڪنهن به صاحب کي ان شراب مان وڏ ڪڍندي نه ڏٺو، اسان جا سئوٽ جي ”اٺين پيڙهيءَ
ماڪوڙو ماسات“ جي مصداق وانگر هئا، ۽ جن کي نسلن جي داخلا رکڻ واري دفتر جي مدد کانسواءِ اسان واري عزازت جي يادگيري هئي، سي اسان سان
ملاقات لاءِ اڪثر ايندا هئا، انهن مان ڪن اسان جي گهڻي عزت افزائي نٿي ڪئي، ڇا ڪاڻ ته منجهن ڪي انڌا، پنگلا ۽ لولا لونگڙا هئا، پر منهنجي
زال زور رکندي هئي ته جيئن ته اهي ساڳئي نسل جا آهن، تنهن ڪري انهن کي پڻ اسان سان گڏجي ساڳئي دستر خاني تي ماني کائڻ گهرجي، انهن سببن جي
ڪري جيڪڏهن اسان کي کڻي ساوا ستابا سڄڻ نه هئا ته به عام طرح اسان جي چوڌاري هميشه خوشدل دوستن جو حلقو هوندو هو، ڇا ڪاڻ ته هي رايو واقعي
باوقار آهي، ”جيئن مهمان غريب تيئن هو خدمت ڪرڻ سان دائمي وڌيڪ خوش“. جيئن ماڻهو لاله جي گل جي رنگن يا پوپٽ جي پرن ڏانهن پسندي سان گهور
ڪري نهاريندا آهن، تيئن آءٌ پنهنجي فطرت موجب انسان جي خوشنما چهرن جو ثناخوان هئس. انهي هوندي به جڏهن اسان جي مائٽن مان ڪوبه ماڻهو
بداخلاق ڏٺو ويندو هو، يا تڪليف ڏيندڙ مهمان هوندو هو ته يا اهڙو هوندو هو، جنهن مان پَلو آجا ڪرڻ چاهيندا هئا سون ته اسان جي گهر ڇڏڻ وقت
آءٌ هن کي سواريءَ جو ڪوٽ، يا بوٽن جو جوڙو، يا ڪن وقتن تي ٿوريءَ قيمت وارو گهوڙو اڌاري طور ڏيندو هوس، ۽ مان هن معلوم ڪرڻ تي راضي هوس
ته هو انهن شين کي موٽائڻ لاءِ وري ڪو نه ايندو. انهي طريقي سان انهن ماڻهن کان جن کي اسين پسند نه ڪندا هئا سون، گهر آجو ٿيندو هو، پر
”ويڪفيلڊ“ جو ڪٽنب، ڪڏهن به مسافرن يا محتاجن کي موٽائي ڇڏيندڙن ۾ شمار نه ڪيو ويندو هو.
اهڙيءَ طرح اسان ڪيترا سال تمام مسرت جي عالم ۾ گذاريا، نه فقط ائين مگر اسان کي ڪن وقتن تي اهڙيون ننڍيون مشڪلاتون پيش اينديون هيون، جيڪي پروردگار سندس نعمتن جي قدر و قيمت
وڌائڻ لاءِ موڪليندو آهي، اسڪولي ڇوڪرا منهنجي باغ کي لٽيندا هئا ۽ منهنجي زال جي کيرڻي ٻليءَ ۽ ٻارن جي ور چڙهندي هئي، ڪن وقتن تي ڳوٺ جو
زميندار منهنجي وعظ جي تمام دلسوز فقرن جي بيان ڪرڻ وقت ننڍ ۾ پئجي ويندو هو، يا سندس زال ديول ۾ منهنجي زال جي خلق جي جواب ۾ اڻ سهائيندڙ
مروت جو مظاهرو ڪندي هئي، اسين اهڙن واقعن مان پيدا ٿيندڙ رنجيدگيءَ تي جلد قابض ٿي ويندا هئا سون، ۽ ٽن يا چئن ڏينهن جي دوران عجب کائڻ
لڳندا هئاسون ته هنن اسان کي ڪيئن نه تنگ ڪيو ٿي!
منهنجا ٻار پرهيز گاريءَ جا پليل هئا، ۽ کين جيئن ته نرميءَ کان سواءِ تعليم مليل هئي، تنهن ڪري اهي چڱي بيهڪ وارا ۽ تنومند هئا، منهنجا پٽ جانٺا ۽ چست، منهنجو ڌيئرون حسين ۽
شگفته هيون، جڏهن آءٌ پنهنجن انهن ٻارن جي وچ ۾ بيهندو هوس، جي منهنجي پيرسنيءَ جي عالم ۾ پٺڀرائي ڪرڻ جو دلاسو ڏيندڙ هئا، تڏهن آءٌ
”ڪائونٽ ائبسبرگ“ جي مشهور آکاڻيءَ کي دهرائڻ کانسواءِ رهي ڪين سگهندو هوس، هينري ٻئي“ جي جرمني ڏانهن ڪاهه وقت جڏهن ٻيا درباري خزانا کڻي
آيا، تڏهن هو صاحب پنهنجا ٻٽيهه (32) ٻار پاڻ سان وٺي آيو ۽ اهي پنهنجي حاڪم جي خدمت ۾ هڪ قيمتي نذراني طور پيش ڪيائين ، ساڳي طرح حالانڪ
مون کي صرف ڇهه (6) ٻآر هئا ته به مون کين پنهنجي ملڪ لاءِ هڪ وڏو قيمتي تحفو پي ٿي سمجهيو.
اسان جي وڏي پٽ جو نالو ”جارج“ هو، جو سندس چاچي جي نالي پويان رکيو ويو هو، جنهن اسان جي لاءِ ڏهه هزار پائونڊ ڇڏيا هئا. اسان جو ٻيو ٻار هڪ ڇوڪري هئي، جنهن کي سنديس چاچيءَ جي
نالي پويان”جراسيل“ ڪوٺڻ ٿي چاهيم، مگر منهنجي زال، جا اميدواريءَ جي سمي ۾ رومانوي افسانا پڙهندي هئي، تنهن زور رکيو ته کيس ”اوليويا“
ڪوٺيو وڃي، ٻئي سال اسان کي ٻي ڌيءَ عطا ٿي، ۽ مون پڪ فيصلو ڪيو ته سندس نالو “جراسيل“ رکڻ گهرجي، پر هڪ شاهوڪار عزيز عورت جنهن کي ان ٻار
جي لاءِ عيسائي مذهب موجب نالي رکڻ وقت اقرار ڪندڙ ٿيڻ جو شوق هو، تنهن جي هدايتن موجب ان ڇوڪريءَ کي ”صوفيا“ ڪوٺيو ويو، اهڙيءَ طرح اسان
جي ڪٽنب ۾ ٻه رومانوي نالا هئا، مگر آءٌ ساک سان چوان ٿو ته ان ۾ منهنجو هٿ ڪو نه هو، ”موزز“ انهن کان بعد جو هو ۽ ٻارنهن سالن جي وڇوٽي
کانپوءِ اسان کي ٻه وڌيڪ پٽ تولد ٿيا جڏهن آءٌ پنهنجا ننڍڙا ٻار ڏسندو هوس، تڏهن جيڪا مون کي اڻ کٽ خوشِ ٿيندي هئي، ان کان نٽائڻ بيجا
ٿيندو مگر منهنجي زال جي آڪڙ ۽ خوشي مون کان گهڻو وڌيڪ هئي. جڏهن اسان جا ملاقاتي چوندا هئا ”مسز پرمروز“ سچ پچ ته اوهان کي سڄي ملڪ کان
عمدا ٻار آهن“ تڏهن هوءَ جواب ڏيندي هئي، ” جي ها، منهنجا پاڙيسري! اهي اهڙا آهن، جهڙو قدرت کين جوڙيو آهي، ڪافي حسين آهن، جيڪڏهن اهي ڪافي
چڱا ٿين، ڇا ڪاڻ ته حسين اهو آهي، جنهن جا عمل نيڪ آهن“ پوءَ هو پنهنجين ڌيئرن کي حڪم ڪندي هئي، ته هو پنهنجا مٿا مٿي جهلين ، منهنجون
ڌيئرون بنا ڪنهن لڪ لڪاءِ جي سچ پچ ته تمام خوبصورت هيون، صرف ٻاهريون ڏيک ويک منهجي لاءِ اهڙي خسيس حالت آهي، جو جيڪڏهن سڄي ملڪ جي گفتگو
جو اهو عام پهلو نه هجي ها ته هوند مون کي بيان ڪرڻ لاءِ اصل ياد نه هجي ها، ”اوليويا“ هاڻي 18 ورهين جي هئي ۽ کيس حسن جي اها جهجهائي هئي،
جنهن سان مصور حسن جي ديوءَ هيبيءَ جو نَش چٽيندا آهن، هوءَ هڪ فراخ دل، خوش مزاج، کڙي تڙي ۽ حڪمران طبعيت رکندڙ ڇوڪري هئي.
”صوفيا“ جون روشون پهريائين اهڙيون دل کي ڇڪيندڙ نه هيون، مگر اڪثر وڌيڪ خاطري وارو عمل ڪنديون هيون، ڇاڪاڻ ته اهي نرم، حليم ۽ دل لڀائيندڙ هيون، ”اوليويا“ هڪ ئي ضرب سان جيتجي
ويندي هئي، مگر ”صوفيا“ اهڙين ڪافي ڪوششن کان پوءِ ئي اثر هيٺ ايندي هئي.
عورت جو سڀاءُ سندس روشن جي تبديلي سان ئي جڙندو آهي، ڪم از ڪم منهنجي ڌيئرن سان اهو اصول لاڳو هو، ”اوليويا“ گهڻن طالبن لاءِ تمنا رکندڙ هئي، مگر ”صوفيا“ جو ارادو فقط هڪ کي هٿ
ڪرڻ جو هو، خوش ڪرڻ جي تمام گهڻي خواهش ”اوليويا“ کي متاثر ڪندي هئي، پر ”صوفيا“ پنهنجي ڪنهن زيادتي جي خوف ڪري پنهنجين چڱاين کي به دٻائي
ڇڏيندي هئي، هڪ مون کي پنهنجي فطري سان سادگيءَ سان وندرائيندي هئي، جڏهن آءٌ خوش هوندو هوس ته ٻي وري مون کي پنهنجي فهم سان مسرور ڪندي
هئي، جڏهن آءٌ غمگين هوندو هوس، اهي خاصيتون ٻنهي ۾ بلنديءَ تائين پهتل نه هيون ۽ آءٌ اڪثر انهن کي سارو ڏينهن پنهنجين خصلتن کي مٽائيندو
سٽائيندو ڏسندو هوس. الم جي پوشاڪ منهنجيءَ البيليءَ ”اوليويا“ کي نخريلي بڻايو ۽ ربينن جي نئين جوڙي سندس ننڍي ڀيڻ کي فطري سادگي کان وڌيڪ
ٻيو ڪجهه عطا ٿي ڪيو. منهنجي خواهش هئي ته منهجو وڏو پٽ ”جارج، وڏن تعليمي ماهرن مان هڪ ٿئي، تنهن ڪري کيس ”آڪسفورڊ“ ۾ تعليم ڏياري ويئي،
منهنجو ننڍو پٽ ”موزز“ جنهن لاءِ ڌنڌي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو، تنهن پنهنجي گهر ۾ متفرقه تعيلم حاصل ڪئي، مگر اهي نوجوان شخص، جن دنيا جو
تجربو اڃا پوري طرح به پرايو آهي، انهن جي خاص اخلاقن کي بيان ڪرڻ غير ضروري ٿيندو.
المختصر ڪٽنب جي هڪ جهڙائي سڀني جي مٿان غالب هئي ۽ سچ پچ ته ائين کڻي چئجي ته انهن جو اخلاق هڪڙو ئي هو ۽ اهو اهو هو ته هو سڀئي هڪجهڙا مروت ڪندڙ، خوش اعتقاد ۽ سادا هئا ۽ هڪ
ٻئي تي پيش قدمي ڪندڙ نه هئا.
باب ٻيو
ڪٽنب جون ڪمبختيون
اسان جي ڪٽنب جا سڀئي دنيوي ڪاروبار منهنجيءَ زال جي هٿ هيٺ هئا ۽ روحاني ريجهه وارا ڪم مون پنهنجي سنڀال ۽ نظرداري هيٺ رکيا هئا، اسان جي اتي رهڻ جو اجورو جملي 53 پائونڊ
ساليانو هو، آءٌ اهي پئسا ديول جي پادري فرقي جي يتيم ٻارن ۽ بيوه عورتن کي ڏيئي ڇڏيندو هوس، مون کي پنهنجي ڪافي ملڪيت هئي، آءٌ انهن وظيفن
کان بي نياز هوس ۽ ان کان سواءِ ڪنهن عيوضي ملڻ جي پنهنجي فرض ادا ڪرڻ ۾ مون کي نهايت گهڻي ۽ ڳجهي خوشي حاصل ٿيندي هئي، مون ڪو به نائب نه
رکيو، مون ديول جي سموري علائقي جي هر ماڻهوءَ سان واقفيت هئڻ سبب شادي ڪيل مردن کي تحمل ڪرڻ ۽ ڇڙهڻ کي شاديءَ ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جو ڪم
شروع ڪيو، ايتريقدر جو ٿورن ڏينهن ۾ اها هڪ عام چوڻي ٿي پئي ته ”ويڪفيلڊ“ ۾ ٽي عجيب گهرجون آهن، هڪ پادري بنا غرور وارو، ٻي جوان مرد جوين
جي جستجو ۾، ۽ ٽين؛ شرابه خانا گراهڪن جا گهرجائو.
شادي هميشه منهنجي دل گهريو مضمون هوندو هو ۽ مون ڪيترائي خطبا ان جي خوشين کي ثابت ڪرڻ لاءِ لکيا، مگر هڪ خاص اصول هو، جنهن جي حمايت ڪرڻ مون ضروري سمجهي آءٌ وهسٽن“[2]
سان شامل راءِ ٿيس، ته انگلينڊ جي ديول جي پادريءَ لاءِ پنهنجي هڪ زال جي فوت ٿي وڃڻ بعد ٻي شآدي ڪرڻ غير قانوني آهي، يا ان کي ٻين لفظن ۾
ائين چئجي ته مون پاڻ کي ان اصول تي پڪو رکيو ته هڪ شآديءَ کان وڌيڪ ڪنهن به حالت ۾ ٻي شادي نه ڪجي.
ابتدائي ڏينهن ۾ مون کي ان مذڪوره جهڳڙي ڏانهن شوق ڏياريو ويو، جنهن بابت ڪيتريون ئي ضخيم تصنيفون لکيون ويون آهن، مون ان مضمون تي ڪجهه ننڍڙا ڪتاب ڇپايا ۽ جيئن ته اهي فروخت
نه ٿيا، تنهنڪري مون کي ائين ڪرڻ معلوم ڪرڻ تي اطمينان آهي ته اهي صرف ڪن جزوي خوش نصيب صاحبن پڙهيا هوندا، منهنجي دوستن مان ڪن ان کي
مهنجو هڪ ضعيف پهلو سڏيو، مگر افسوس! انهن مون وانگر ان موضوع کي گهڻي غور لائق نه سمجهيو، جيترو گهڻو مون ان تي ويچار ٿي ڪيو، اوترو گهڻو
اهو مکيه نظر ٿي آيو، پنهنجن اصولن کي پڌري ڪرڻ ۾ آءٌ ”وهسٽن“ کان به مورڳو هڪ قدم اڳتي وڌي ويس، ”وهسٽن“ پنهنجي زال جي قبر مٿان ڪتبو
اڪرايو، هو ته ”صرف هوءَ ئي هڪ ”وليم وهسٽن“ جي زال هئي.“ مون پڻ اهڙو ساڳيو ئي ڪتبو پنهنجيءَ زال لاءِ لکايو، جيتوڻيڪ هوءُ اڃا زنده هئي،
ان ڪتبي ۾ مون سندس ڏاهپ، ڪفايت شعاريءَ ۽ حياتي ڀر وفاداري جي حد کان وڌيڪ تعريف ڪئي ۽ ان کي سهڻي نموني ۾ نقل ڪرائي هڪ سهڻي فريم ۾ وجهي،
بخاري جي مٿئين جاري مٿان رکيم، جتي اهو ڪيترن ڪارائتن ڪمن کي پورو ڪري سگهي ٿو، ان منهنجي زال کي پنهنجي خاوند جي خواهشن کان ۽ مون کي
پنهنجيءَ گهر واريءَ جي سچائيءَ کان آگاهه ڪيو ٿي، ان منهنجيءَ زال جي دل ۾ ناموس جو شوق جاڳايو ٿي ۽ سندس پڇاڙي جو خيال هميشه سندس دل ۾
ڄمايو ٿي.
شايد اڪثر شاديءَ بابت سفارشون ٻڌندي ائين ٿيو، جو منهنجي وڏي پٽ ڪاليج ڇڏڻ کان پوءِ هڪ پاڙيسري جي ڌيءَ سان پنهنجو نينهن لڳايو، هو ديول ۾ هڪ وڏو درجو رکندڙ آفيسر هو، ۽ پنهنجي
ڌيءَ کي گهڻي دولت ڏيئي ٿي سگهيو، مگر دولت ان ڇوڪريءَ جي گڻن جي مقابلي ۾ هڪ تمام خسيس شيءَ هئي، ”مس ارابيلا ولماٽ“ سڀني جي راءِ
موجب(منهنجي ٻن ڌيئرن کان سواءِ) سڀني کان حسين هئي، سندس جواني، صحت ۽ معصوميت، سندس بيحد شفاف چهري ۽ مسرت بخش نگاهه ڪري اڃا به وڌيڪ
دوبالا ٿي ٿي، ۽ ان تي عمر رسيده بزرگ پڻ لاغرضيءَ سان نظر وجهي نٿي سگهيو، ”مسٽر ولماٽ“ کي پڻ معلوم هو ته آءٌ پنهنجي پٽ کي وڏي جائداد
ڏيئي ٿي سگهيس. انهيءَ ڪري هو انهي مائٽيءَ جي خلاف نه هو، اسان جا ٻئي ڪٽنب اهڙي صلح ۾ گڏ رهڻ لڳا، جهڙو عام طرح رشتيداريءَ کان اڳ ۾ پيدا
ٿيندو آهي، پنهنجي تجربي جي ان يقين تي ته شاديءَ لاءِ محبت جي اظهار وارا ڏينهن اسان جي زندگيءَ جا نهايت خوشي ڏيندڙ ڏينهن آهن. آءٌ
انهيءَ عرصي کي 36-37 ڦيرائڻ لاءِ ڀلائيندي، آءٌ يڪدم ويندس ۽ پنهنجي حالتن کان ٻيءَ ڌر کي واقف ڪندس، جيستائين منهنجي حجت جو سوال آهي،
آءٌ مورڳو پنهنجيون اهي سڀئي رعايتون جي پيرسني جي فائدي ۾ هيم، سي واپس وٺندس ۽ آءٌ هاڻي هن کي شادي ڪرڻ جي ڪنهن به معنيٰ ۾ هر گز اجازت
نه ڏيندس.
جڏهن مون پنهنجي بدبختيءَ جي خبر پڌري بيان ڪئي، تڏهن ٻنهي ڪٽنبن جا جيڪي مختلف جذبا هئا، انهن جو بيان ايڏو ته وڏو آهي، جو ڪري ڪين سگهبو، پر جيڪي ٻين محسوس ڪيو، سو جيڪي عاشق
برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا، ان جي مقابلي ۾ گهٽ هو.
”مسٽر ولماٽ“ جو اڳيئي منهنجي پٽ ۽ ”مس ولماٽ“ جي وهانءَ ٽوڙڻ جي پوريءَ طرح شائق هو، سو هن ضرب سبب جلدي پڪو ارادو رکندڙ ٿي پيو، سڃاڻپ جو گڻ منجهس تمام مڪمل هو، اها ئي صرف هڪ
وصف آهي، جا اسان وٽ ٻاهتر ورهين جي عمر ۾ موجود هوندي آهي.
باب ٽيون
هجرت
اسان جي ڪٽنب جي هاڻي صرف اها تمنا هئي ته اسان جي بد نصيبي واري خبر شال بغض واري يا قبل از وقت هجي، پر جلد ئي منهنجي شهر واري ايلچي جو هڪ خط آيو، جنهن ۾ ساري تفصيل جي تصديق
ڪيل هئي، ملڪيت جو نقصان مون لاءِ شخصي طرح تمام خسيس ٿئي ها، مگر جيڪا ڏکيائي مون محسوس ڪئي، سا منهنجي گهر جي ڀاتين بنسبت هئي، جن کي
حقارت کان بي نياز ٿيڻ جي تعليم نه هوندي، هيٺائون ٿيڻو پيو هو.
جيئن ته اڳواٽ آٿت صرف غم جي يادگيري ڏياريندڙ آهي، انهيءَ ڪري ٻن هفتن گذرڻ تائين مون سندسن رنج روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي، انهي عرصي ۾ منهنجا خيال سندسن پرورش ڪرڻ لاءِ ڪن، مستقبل
جي ذريعن سوچڻ ۾ مصروف هئا ۽ آخر ساليانو 15 پائونڊن جي قليل وظيفي سان مون کي نائب پادريءَ جي جڳهه پر انهينءَ پسگردائيءَ ۾ آڇي ويئي، جتي
آءٌ اڃا تائين پنهنجا اصول ڪنهن به اهنج کانسواءِ برقرار رکي ٿي سگهيس، هڪڙي ننڍڙي ٻني جي بندوبست دوران پنهنجي ڪمائي وڌائڻ جي ارادي سان
مون اها رٿ خوشي سان قبول ڪئي.
انهي تجويز کي قبول ڪرڻ بعد منهنجو ٻيو فڪر پنهنجي دولت جي باقي ڀڳ ٽوٽ کي گڏ ڪرڻ ڏانهن هو ۽ سڀني قرضن گڏ ڪرڻ ۽ ادا ڪرڻ بعد اسان وٽ چوڏهن هزار پائونڊن مان باقي صرف چار سئو
بچيل هئا، تنهن ڪري هاڻي منهنجو خاص ڌيان پنهنجي ڪٽنب جي وڏائيءَ کي سندن حالتن مطابق هيٺ آڻڻ جو هو، ڇا ڪاڻ ته مون کي چڱيءَ پر پروڙ هئي،
ته خواهشات جو وڌائڻ بجاءِ خود هڪ عذاب آهي، مون چيو، ” منهنجا ٻچا“ اوهان ان ڳالهه کان بي خبر ٿي نٿا سگهو، ته اسان جي ڪا به سياڻپ اسان
جي گذريل بدبختيءَ کي روڪي نه سگهي ها، مگر ان جي اثرن کي بيڪار بڻائڻ ۾ سياڻپ شايد گهڻو ئي ڪي ڪري، پاڻ هاڻي مسڪين آهيون، منهنجيون
خواهشيون ۽ سياڻپ اسان کي پنهنجيءَ هيڻيءَ حالت سان موافقت پيدا ڪرڻ جو آمر ڪن ٿيون. پوءِ اچو ته سواءِ ڪنهن چون و چرا جي انهن عياشين کي
ڇڏي ڏيون، جن جي اختيار ڪرڻ ڪري ڪيترا ماڻهو ذليل ٿي پيا آهن ۽ انڪساريءَ وارين حالتن ۾ اهو آرام ڳوليون،جنهن سان سڀئي خوش ٿيون، غريب اسان
جي مدد کان سواءِ گذارين ٿا، پوءِ ڇو نه اسان کي پڻ انهن جي مدد کانسواءِ زندگي گذارڻ جو سبق سکڻ گهرجي؟ منهنجا ٻچا اچو ته هن ساعت کان وٺي
پنهنجا فرضي حق ڇڏي ڏيون، جيڪڏهن اسين سياڻا آهيون ته اڃا تائين اسان وٽ خوشيءَ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي بقايا ڇڏيل آهن ۽ اچو ته نصيب جي اوڻاين
کان راضي رهڻ لاءِ ڪمر ڪشيون.“
منهنجو وڏو پٽ هڪ تربيت ورتل تعليم يافته هو، تنهن ڪري مون کيس شهر ڏانهن موڪلڻ جو ارادو ڪيو، ته جيئن اتي سندن لياقتون اسان جي ۽ سندس پٺڀرائي ڪن. دوستن ۽ ڪٽنب جي جدائي شايد
تمام الم انگيز ڪيفيتن مان هڪ آهي، جا مفلسيءَ جي خدمتگار آهي، اهو ڏينهن جلد آيو، جنهن تي اسان کي پهريون دفعو ڌار ٿيڻو پيو. منهنجو پٽ پڻ
پنهنجي ماءُ ۽ ٻين جي گهر جي ڀاتين کان موڪلائڻ بعد مون وٽ دعا لاءِ آيو، جنهن پنهنجين مٺين سان پنهنجا لڙڪ به ملايا هئا، مون کيس دلي طرح
دعا ڪئي، جا پنجن گينين سميت اباڻي ميراث هئي، جيڪا ان وقت آءٌ مٿس عنايت ڪري ٿي سگهيس، مون چيو ”منهنجا ٻچا تون پنهنجي وڏي ڏاڏي ”هوڪر“
وانگر پيرين پنڌ لنڊن ڏانهن وڃين ٿو، مون کان اهو ساڳيو گهوڙو جو کيس نيڪ پادريءَ ”جويل “ ڏنو هو، ۽ هيءَ لٺ وٺ، ۽ هيءُ ڪتاب پڻ وٺ، جو
تنهنجي لاءِ رستي تي تسلي بخش ثابت ٿيندو، هن جون هي ٻه سٽون ڏهن هزارن سٽن کان به وڌيڪ قيمتي آهن، ”آءٌ جوان هوس ۽ هاڻي ٻڍو آهيان، تڏهن
به مون ڪڏهن به حق تي هلندڙ ماڻهوءَ کي وساريل يا سندس اولاد کي پنهنجي پيٽ پالڻ لاءِ پنندڙ ڪو نه ڏٺو، جيئن تون مسافري ڪندو رهين تيئن ڀلي
هيءَ تنهنجي لاءِ دلداري ٿئي، منهنجا پٽ وڃ ۽ تنهنجو نصيب ڪهڙو به ٿئي، تڏهن به ائين ڪج جيئن آءٌ تو کي سال ۾ هڪ دفعو ضرور ڏسان، انهي
هوندي به دل وڏي ڪر، شال خدا تنهجو نگهبان ٿئي“ هو وڏي درجي ۽ عزت جو طالب هو، تنهن ڪري زندگيءَ جي هن کيل ۾ کيس بي سرو سامان موڪلڻ ۾ مون
کي ڪو به خطرو ڪو نه ٿيو. مون کي معلوم هو ته هو ڪامياب ٿئي يا ناڪام، پر هو پنهنجو پارٽ تمام سٺو ادا ڪندو.
هن جي روانگيءَ اسان لاءِ پڻ اهو ئي جدائيءَ جو رستو تيار ڪيو، جنهن جو وقت ان کان ٿورا ڏينهن پوءَ آيو، اهو پاڙو جنهن ۾ اسان ڪيتريون ئي ساعتون آرام ۽ سک سان گذاريون هيون، ان
کي ڳوڙهن ڳاڙڻ کان سواءِ ڇڏي ڪين سگهياسون، ان سان گڏ اهو ڪٽنب جنهن ڪڏهن به پنهنجي گهر کان ڏهه ميل پري مسافري نه ڪئي هئي، ان لاءِ ستر
ميلن جي مسافري واقعي صبر آزما هئي، ۽ اهي غريب جي ڪجهه ميل اسان جي پويان آيا، ته جي آهن ۽ دانهن پڻ غم وڌائڻ ۾ حصو ورتو، پهرئين ڏينهن جي
مسافريءَ اسان کي سلامتيءَ سان اسان جي مستقبل واري پناهه گاهه کان ٽيهن ميلن جي مفاصلي تائين پهچايو، اسان اها رات هڪ رستي جي ڀرتي هڪ ڳوٺ
جي گمنام مهمان سراءِ ۾ گذاري، جڏهن اسان کي ڪوٺي ڏيکاري ويئي، تڏهن مون پنهنجي دستور موجب مڪان جي مالڪ جي ڪچهريءَ جي طلب ڪئي، جا هن
خوشيءَ سان قبول ڪئي، ڇا ڪاڻ ته جيڪي به هن پيتو ٿي، ان ٻئي صبح جو اسان جو بل وڌايو ٿي، هن کي ان سڄيءَ پسگردائيءَ جي خبر هئي، جنهن ڏانهن
آءٌ لڏي پئي ويس ۽ خاص طرح زميندار ”تارنهل“ کي سڃاڻندو هو، جو منهنجو زميندار ٿيڻو هو ۽ ان جاءِ کان ٿورن ميلن جي مفاصلي تي رهندو هو، هن
ٻڌايو ته اهو سکر ماڻهو خاص طرح صنف نازڪ سان ناتي رکڻ ۾ مشهور هئڻ سبب دنيوي خوشين کان وڌيڪ ٻي ڪنهن به قسم جي دنيوي ڄاڻ جي خواهش نه
رکندو آهي. هن چيو ته ڪو به اخلاق سندس هنرن ۽ اورچائيءَ کي روڪي نٿو سگهي ۽ ڏهن ميلن جي گهيري ۾ ورلي ڪا هاريءَ جي ڌيءَ هوندي، جنهن کيس
سواءِ ڪامياب ٿيڻ ۽ بي وفا هئڻ جي ڏٺو هوندو، جيتوڻيڪ هن احوال مون کي ڏک پهچايو، مگر منهجي ڌيئرن تي ان جو تمام مختلف اثر پيو، سندن چهرا
قريب ڪاميابيءَ جي اميد ۾ روشن ٿيندا پئي ڏٺا ويا، منهنجي زال پڻ ڪا گهٽ خوش ڪين ٿي ۽ کيس سندن ڪشش ۽ اخلاق تي يقين هو، جڏهن اسان جا خيال
انهي طور مشغول هئا، تڏهن ميزبانڻ ڪوٺي ۾ پنهنجي مڙس کي اطلاع ڏيڻ لاءِ اندر گهڙي ته اهو اجنبي سکر ماڻهو جو سندس گهر ۾ ٻه ڏينهن رهيو هو،
تنهن وٽ پئسا ڪو نه هئا ۽ کين سندس ليکي سان مطمئن ڪري نٿي سگهيو، ”پئسا ڪو نه اٿس؟“ ميزبان وراڻيو”اهو ضرور ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته اڃا
ڪالهو ڪي ڳالهه آهي ته هڪ ٻڍي زخمي ٿيل سولجر کي، جنهن کي ڪتي جي چوريءَ ۾ شهر جي وچان ڦٽڪا لڳڻا هئا، بچائڻ لاءِ هن اسان جي سزا ڏيندڙ
چپڙاسيءَ کي ٽي گينيون ڏنيون.“ ان هوندي به جيئن ته ميزباڻن پنهجيءَ ڳالهه تي اڃا به زور رکڻ لڳي، تنهن ڪري هن قسم کنيو ته هو ڪنهن به
طريقي مطمئن ٿيندو ۽ ڪوٺي ڇڏڻ جي تياري ڪرڻ لڳو، مون کيس عرض ڪيو ته ، منهنجو تعارف مذڪوره سخي ماڻهوءَ سان ڪرايو وڃي، هن مون کي اهو سکر
ماڻهو ڏيکاريو، ۽ منهنجي عرض جي ادائگي ڪئي، هو اٽڪل ٽيهن ورهين جو ڏسڻ ۾ ٿي آيو ۽ انهن ڪپڙن ۾ ملبوس هو، جن تي ڪنهن وقت زري لڳل هئي، سندس
بدن جي بناوت سٺي هئي ۽ سندس چهري تي ويچار جا سر هئا، هٿن جي ڳالهائڻ ۾ ڪجهه ڪمي ۽ کهراڻ هئي ۽ آداب مجلس جي پابنديءَ جو ڄاڻو يا نفرت
ڪندڙ ڪو نه هو، جاءِ جي مالڪ جي ڪوٺيءَ ڇڏڻ بعد آءٌ هڪ معزز ماڻهو کي اهڙين حالتن ۾ ڏسي، ان اجنبيءَ سان پنهنجي ڪاروبار کي بيان ڪرڻ کان
روڪي ڪو نه سگهيس، ۽ ان وقت جي ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ کيس پنهنجو ٻٽون آڇيم، هن جواب ڏنو ته ”سائين آءٌ دل و جان سان وٺان ٿو ۽ مون کي
خوشي آهي، جو مون جيڪا پنهنجن پئسن ڏيڻ ۾ نظر چوڪ ڪئي آهي، تنهن مون کي ڏيکاريو آهي ، ته اڃا تائين ڪي ماڻهو توهان جهڙا آهن ، تنهن هوندي
به آءٌ ضرور التجا ڪندس ته مون کي منهنجي محسن جو نالو ۽ رهڻ جي جاءِ معلوم ڪرائي وڃي، جيئن جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي اوترو جلد کيس اهي واپس
ڪيا وڃن.“
اهڙي طرح مون کيس نه فقط پنهنجي نالي ۽ گذريل بدبختين پر پنهنجي مقصود جڳهه به ٻڌائڻ سان پوريءَ طرح مطمئن ڪيو، ”هي“ هن دانهن ڪري چيو”منهنجي اميد کان وڌيڪ نيڪ شگون آهي جو مان
پڻ ساڳئي رستي تان هلڻو آهيان ۽ هت اٿل سبب ترسيو پيو هوس، جا اميد ته سڀاڻي تائين لنگهڻ جي قابل ٿي ويندي“ سندس رفاقت ۾ مون کي جيڪا خوشي
ٿيڻ کپيندي هئي، ساظاهر هئي ۽ منهنجي التجا ۾ منهنجيءَ زال ۽ ڌيئرن جي شامل ٿيڻ سبب هو رات جي مانيءَ لاءِ ترسڻ تي مجبور ٿي پيو، ان
اجنبيءَ جي گفتگو جا ساڳئي وقت وڻندڙ ۽ نصيحت آميز هئي، تنهن مون کي ان جي جاري رکڻ جي تمنا ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو پر هاڻي آرام ڪرڻ ۽ ايندڙ
ڏينهن جي ٿڪ خلاف تفريح وٺڻ جو ٺيڪ وقت هو.
ٻئي ڏينهن صبح جو اسين سڀ اڳتي روانا ٿيا سون، منهنجو ڪٽنب گهوڙن تي سوار هو، ”مسٽر برچل“ اسان جو نئون ساٿي رستي جي پاسي کان فوٽ پاٿ تان پئي هليو ۽ مشڪ سان چوندو پئي هليو ته
اوهين خراب نموني سوار ٿيل آهيو، آءٌ اهڙو ته مهربان ٿيندس جو اوهان کي پوئتي ڇڏڻ جي ڪوشش ته ڪندس، جيئن ته اڃا اٿل ماٺي ڪانه ٿي هئي تنهن
ڪري اسان کي هڪ بورائو“ روز تي رکڻو پيو، جو اڳيان ڊگ پئي هليو، مسٽر برچل ۽ آءٌ سڀني جي پويان پئي آياسون، اسان رستي جي ٿڪ کي فلسفيانه
بحثن سان هلڪو پئي ڪليو، جي ڏسڻ ۾ ٿي آيو ته هو پوري طرح سمجهي سگهيو ٿي، مگر جنهن ڳالهه مون کي گهڻي ۾ گهڻو عجب ۾ وڌو سا اها هئي ته
جيتوڻيڪ هو پئسا اڌارا وٺندڙ هو تڏهين به پنهجي راءِ کي ايتري گهڻي ضد ۽ هوڏ سان ٿي بچايائين، جو جھڻ ته هو منهجو مربي هو، جيئن اسان رستو
وٺيو پئي وياسون، تيئن هو وقت به وقت مون کان آگاهه ڪندو پئي هيلو ته اهي جدا جدا جايون اسان جي اڳيان نظر ۾ آيون ٿي سي ڪنهن جن هيون، هن
ڪجهه مفاصلي تي بيٺل تمام عاليشان گهر ڏانهن اشارو ڪري چيو، ”هي هڪ نوجوان سکر ماڻهوءِ ”مسٽر ٿارنهل“ جو گهر آهي، جو هڪ وڏي دولت جو مالڪ
آهي، ليڪن مڪمل طرح پنهنجي ان چاچي جي مدار رکي ٿو، جو پاڻ گهڻو ڪري شهر ۾ گذاري ٿو، ۽ ٿوري تي راضي رهي، باقي سمورو ڌن پنهنجي ڀائٽي جي
حوالي ڪري ٿو، ته ڀلي هو ان مان لطف حاصل ڪري“ مون چيو، ”ڇا! منهنجو نوجوان زميندار تڏهن ان ماڻهوءَ جو ڀائٽيو آهي جنهن جا اخلاق، سخاوت ۽
خاص گڻ ساري علائقي ۾ مشهور آهن؟ مون ٻڌو آهي ته ”سر وليم ٿارنهل“ سموريءَ حڪومت ۾ تمام سخي مگر پورالن ماڻهن مان هڪ جي نمائندگي ڪري ٿو ۽
هڪ مڪمل فيض وارو ماڻهو آهي“ مسٽر برچل وراڻيو، ”شايد ڪم و بيش ائين ئي آهي. ڪم از ڪم جڏهن هو جوان هو، تڏنهن پنهنجي سخاوت کي تمام ڪثرت
سان هلايائين، جيئن ته ان وقت سندن سرگرميون تمام مضبوط هيون ۽ اهي سڀ اخلاق جي طرف هيون، انهي ڪري انهن هن جي سخاوت کي عجب جي حد تائين
پهچايو، هن شروعات ۾ سولجر ۽ عالم جي سندن حاصل ڪرڻ کي پنهنجو مقصد بنايو، جلد لشڪر ۾ هڪ نامور سولجر ٿي پيو ۽ علم وارن ماڻهن ۾ ڪجهه ناموس
ٿيس. چاپلوسي هميشه لالچي ماڻهوءَ جي پٽ وٺندي آهي، ڇا ڪاڻ ته صرف اهڙي ماڻهوءَ کي خوشامد مان خوشي حاصل ٿئي ٿي. هيءَ انهن ماڻهن جي ميڙن
سان گهيريل هو، جي کيس پنهنجي هلت جو صرف هڪ پاسو ڏيکاريندڙ هئا، انهي ڪري هن عالم گير همدرديءَ ۾ پنهنجي خانگي دلچسپيءَ جو لحاظ وڃائڻ
شروع ڪيو، هن سڄيءَ انسانذات کي پيار ڪيو ٿي، ڇا ڪاڻ ته دولت کيس ان ڄاڻڻ کان روڪيو ٿي ته اهي اٺوري هئا، حڪيم اسان کي بدن جي هڪ بي
اعتداليءَ بابت ٻڌائيندا آهن، جنهن ۾ سڄو بدن ايترو ته حد درجي جو حساس ٿيندو آهي، جو تمام ٿورو ڇهڻ پڻ ايذاءُ ڏيندو آهي.
اهڙيءَ طرح جيڪي ڪن ماڻهن جسماني طرح سٺو ٿي، ان کي هن معزز انسان پنهنجي دل ۾ محسوس ڪيو ٿي، تمام ٿوري ۾ ٿوري پريشانيءَ پوءِ اها سچي هئي يا ڪوڙي، مگر ان سندس دل تي تمام تڪڙو
اثر ڪيو ٿي ۽ هن جي روح ٻين ماڻهن جي اهنجن جي ناساز احساس هيٺ تمام گهڻو پاڻ پتوڙيو ٿي. اهڙيءَ طرح دستگيري ڪرڻ ڏانهن راغب هئڻ سبب
سولائيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته هن ماڻهن جو ڪيترو اندازو ڏٺو هوندو، جي منٿ ڪرڻ ڏي مائل هئا، هن جي فضول خرچيءَ سندس دولت کي
ڪمزور ڪرڻ شروع ڪيو، پر نه سندس نيڪ فطرت کي اها سچ پچ ته وڌندي ويجهندي ڏٺي ويئي، جيئن هو غريب ٿيندو ٿي ويو، تيئن بي احتياط پڻ ٿيندو ٿي
ويو ۽ جيتوڻيڪ هن هڪ سمجهيو ماڻهو وانگر ڳالهايو ٿي، مگر سندس ڪم بي عقلن وارا هئا، تنهن هوندي به اڃا تائين تقاضا ڪندڙن سان وڪوڙيل هو ۽
جيڪو عرض کيس ڪيو ٿي ويو، ان هر هڪ کي جيئن ته وڌيڪ وقت لاءِ پورو رڪري نٿي سگهيو، تنهن ڪري پئسن بدران انجام ٿي ڏنائين اهي ئي سڀ ڪجهه
هئا، جي هي ٻين تي عنايت ڪري سگهيو ٿي ۽ کيس ڪنهن به ماڻهوءِ کي انڪار سان ڏک ڏيڻ جو ڪافي پڪو ارادو نه هو، ان نموني هن پنهنجي چوڌاري انهن
محتاجن جا ميڙ ڪٺا ڪيا، جن کي اميد ڪرڻ جي جيتوڻيڪ کيس خاطري هئي ته به سندن دستگيري ڪرڻ جي خواهش ٿي ڪيائين، اهي ڪجهه وقت لاءِ سندس پويان
لڳندا رهندا هئا، پر نيٺ مناسب عتابن ۽ حقارت سان کيس ڇڏي ويندا هئا، پر نسبتا جيئن هي ماڻهن ۾ حقارت جي قابل ٿيو، تيئن پاڻ مرادو به ڏاڍو
ڌڪار جوڳو ٿي پيو، سندس دل انهن ماڻهن جي چاپلوسيءَ تي مدار رکيو هو ۽ ان چاپلوسيءَ جي پٺ ڀرائي نڪري وڃڻ سبب، هي پنهنجي دل جي ان تحسين
مان، جنهن جو هيءُ ڪڏهن به احترام ڪرڻ نه سکيو هو، خوشي حاصل ڪري نه سگهيو، دنيا هاڻ نئون ڏيک وٺڻ شروع ڪيو، سندس دوستن جي چاپلوسي سادگي
پسندي ۾ گهٽجڻ لڳي، پسندي هاڻي مشوري جو وڌيڪ دوستانه روپ ورتو ۽ جڏهن مشورو نامنظور ڪيو ويو، تڏهن ان عتاب پيدا ڪيو، هن هاڻي ڏٺو هت اهي
دوست جي فائدن لاءِ سندس چوڌاري اچي گڏ ٿيا هئا، سي عزت لائق نه هئا، هن ”هاڻي اهو پڻ محسوس ڪيو ته ٻئي جي دل وٺڻ لاءِ هميشه پنهنجي دل
ڏيڻ گهرجي، هن سوچيو آءٌ هاڻي ڏسان ٿو ته. جيڪو آءٌ رهيو هوس، سو وساري رهيو آهيان“
المختصر سائين، هن پاڻ کي تعظيم ڏيڻ جو قصد ڪيو ۽ پنهنجي ڪرندڙ نصيب کي وري حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ رٿ رٿي، هن مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي وهمي طريقي سان ساري، ”يورپ“ جو پيرين پنڌ
سفر ڪيو ۽ هن وقت جيتوڻيڪ ٽيهن ورهين جي عمر کي مس پهتو آهي، ته به سندس حالتون هميشه کان وڌيڪ عاقلانه ۽ وچٿريون آهن، پر ان هوندي به هو
هڪ خوش مزاج انسان آهي ۽ سودائيءَ طبعيت مان خوشي حاصل ڪري ٿو،
”مسٽر برچل“ جي احوال ۾ منهنجو ڌيان ايترو ته محو ٿي ويو، جو جيئن هو اڳتي پئي هيلو تيئن مون ورلي ڪو اڳيان نهاريو، جيستائين اسين پنهنجي ڪٽنب جي واڪن تي خبردار ٿياسون، ان وقت
مون پنهنجيءِ ننڍي ڌيءَ کي تيز وهندڙ نهر جي وچ ۾ گهوڙي تان ڪريل ۽ نهر سان ڪشمڪش ڪندڙ ڏٺو، هن ٻه دفعا غوطو کاڌو، مگر اهو منهنجي وس ۾ نه
هو، جو آءٌ ان جي مدد ڪري سگهان، منهنجا حواس اهڙا ته باخته ٿي ويا جو آءٌ سندس دستگيريءَ لاءِ ڪابه ڪوشش ڪري نه سگهيس، يقين آهي ته هوءَ
ناس ٿي وڃي ها، جيڪڏهن منهنجو دوست هن کي خوف ۾ ڏسندي يڪدم سندس بچاءُ ۾ ٽپو نه ڏئي ها ۽ ڪجهه تڪليف برداشت ڪرڻ کان پوءِ کيس سلامتي سان
ٻئي ڪناري تي نه آڻي ها، نهر سان گڏ ڪجهه اڳتي وڌڻ سان ، باقي ڪٽنب سلامتي سان اڪري پار پيو، جتي اسان کي هن سان پنهنجي واقفيتن کي ملائڻ
جو موقعو مليو، سندس احسانمندي بيان ڪرڻ کان وڌيڪ جلد تصور ڪري سگهجي ٿي، هن (منهنجي ڌيءَ) پنهنجي بچائيندڙ جو شڪريو لفظن کان وڌيڪ پنهنجي
نگاهن سان ڪيو، سندس ٻانهن تي ليٽي رهي،ڄڻڪ کانئس مدد ملڻ جي اڃا تائين خواهش پئي رکيائين، منهنجي زال پڻ ڪنهن ڏينهن پنهنجي گهر ۾ هن جي
احساس موٽائڻ جي خوشي حاصل ڪرڻ جي خواهش ٿي ڪئي، اهڙيءَ طرح ڀرواري مهمان سراءِ ۾ تفريح وٺڻ لاءِ گڏجي طعام تناول ڪرڻ بعد ”مسٽر برچل“ اسان
کان موڪلائي ويو، ڇا ڪاڻ ته کيس ملڪ جي ٻئي حصي ڏانهن وڃڻو هو ۽ اسان پنهنجي مسافري اڳتي وڌائي، جيئن هو ويو، تئين منهنجيءَ زال چيو، ”آءٌ
هن کي حد کان وڌيڪ پسند ڪريان ٿي ۽ دعويٰ سان چوان ٿي ته جيڪڏهن هن جو نسل ۽ دولت اهڙا هجن جي کيس اسان جهڙي ڪٽنب مان شادي ڪرڻ جو حقدار
بڻائين ته پوءِ مون کي ٻيو ڪو به ماڻهو ڪو نه ٿو سمجهي ، جنهن کي آءٌ ان ڪم لاءِ جلد ۾ جلد انتخاب ڪريان“ سندس اهڙي بلند مرتبي واري طريقي
۾ ڪيل گفتگو ٻڌڻ تي آءٌ مشڪڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪري نٿي سگهيس، مگر سندس اهڙن بي ضرور وهمن کان جي اسان کي گهڻو خوشي ڪرڻ ڏانهن مائل ٿين
ٿا. ڪڏهن به ناراض نه ٿيس.
|