سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: پرديسي پادري

 

صفحو :16

باب ٻاويهون

 

پيار ۽ ڏوهن جي معافيءَ بابت

 

ايندڙ ڏينهن صبح جو مون پنهنجيءَ ڌيءَ کي گهوڙي تي پنهنجي پويان کنيو ۽ پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيس. واٽ تي آءٌ سندس غمن ۽ خطرن کي ٿڌي ڪرڻ ۽ سندس ڪاوڙيل ماءُ جي ناراضگيءَ برداشت ڪرڻ لاءِ کيس سمجهاڻيون ڏيندو هليس. جهن به دلپسند وسنديءَ مان لنگهياسون ٿي، تنهن جي نظاري مان مون هرڪو وجهه کيس ائين سمجهائڻ لاءِ ورتو ٿي، ته جيتري قدر اسين هڪ ٻئي تي مهربان آهيون، ان کان ڪيئن دفعا وڌيڪ مولا اسان تي مهربان آهي، ۽ قدرت طرفان پيدا ٿيل مشڪلاتون تمام ٿوريون آهن. مون هن کي دلجاءِ ڏني ته، کيس منهنجي پيار ۾ ڪڏهن به تبديلي محسوس ڪرڻ نه گهرجي ۽ منهنجي حياتي جي عرصي ۾ جا شايد اڃا به گهڻي هجي، هوءَ مون کي پنهنجو سنڀاليندڙ ۽ هدايت ڪندڙ سمجهي، کيس دنيا جي ملامت خلاف هٿياربند ڪيم. مون کيس ٻڌايو ته هڪ ڏکويل انسان لاءِ ڪتاب عتاب نه ڏيندڙ دلپسند ساٿي آهن. اهي جيڪڏهن اسان کي حياتيءَ جي مزي ماڻڻ تائين نه آڻيندا، ته به ڪم از ڪم اسان کي سيکاريندا، ته ڏک کي ڪيئن برداشت ڪريون.

جنهن گهوڙي تي اسين سوار هئاسون، اهو گهوڙو ان رات رستي جي ڀر واريءَ هڪ سراءِ ۾ ڇڏڻو هو، جا منهنجي گهر کان پنج ميل پري هئي. جيئن ته مون گهر جي ڀاتين کي پنهنجيءَ ڌيءَ جي استقبال لاءِ تيار ڪرڻ جي خواهش ڪئي هئي، تنهن ڪري کيس اها رات سراءِ ۾ رهائڻ ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سوير پنهنجيءِ ڌيءَ ”صوفيا“ سان گڏ موٽي اچڻ جو ارادو ڪيم. اسين انهيءَ سراءِ ۾ پهتاسون، ان کان اڳ رات ٿي ويئي، تنهن هوندي به کيس مناسب ڪوٺيءَ مهيا ڪري ڏيڻ ۽ سندس لاءِ مناسب ناشتي تيار ڪرڻ جي حڪم ڪرڻ کانپوءِ مون کيس چمي ڏني ۽ پنهنجي گهر ڏانهن اڳتي وڌيس، جيئن آءٌ پنهنجي امن ڀريل گهر ڏانهن ويجهو پوندو ٿي ويس، تيئن منهنجي دل ۾ خوشيءَ جا نوان امنگ پيدا ٿيندا ٿي ويا.

منهنجي پيار جا  جذبا هڪ پنهنجي آکيري مان ڊيڄاريل پکيءَ وانگر، منهنجي رفتار جي تيزيءِ کان به وڌيڪ تڪڙا ٿي ويا ۽ منهنجي ننڍڙي گهر جي چوڌاري بيحد خوشيءَ جي اميد سان هوا ۾ ڦرڻ لڳا، مون کي ڪيتريون اهي وڻندڙ ڳالهيون ياد آيون، جي مون کي ٻڌائڻيون هيون ۽ جيڪا آڌر ڀاءُ مون کي ملڻي هئي، تنهن جي اڳواٽ ئي اميد ڪيم، مون اڳواٽ ئي پنهنجيءِزال جو دلنواز ڀاڪر محسوس ڪيو ۽ پنهنجن ننڍڙن ٻارن جي خوشيءَ تي مشڪيس، جيئن آءٌ آهستي آهستي پنڌ ڪندو هليس، تيئن رات تڪڙي تڪڙي گذرندي ويئي، سڀئي ڏينهن جو پورهيو ڪندڙ مزدور، آرام سان ستا پيا هئا، روشني سڀني جهوپڙين ۾ گل ٿيل هئي ۽ تمام پر انهن مفاصلي تي، تکي چيخ ڪندڙ ڪڪڙ ۽ پهري ڏيندڙ ڪتي جي آوازن . کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نٿي آيو، آءٌ پنهنجي خوشيءَ واري رهائش گاهه ڏانهن وڌيس، ۽ اڃا ان جاءِ کان هڪ فرلانگ تي هوس، ته اسان جو ايماندار گهرو پهريدار ڪتو منهنجي آڌر ڀاءُ لاءِ ڊوڙندو آيو.

هاڻي تقريبا اڌ رات جو وقت هو، جو آءٌ پنهنجي گهر جي در تي ڪڙي کڙڪائڻ لاءِ پهتس. چوطرف سناٽو ڇانيل هو. جڏهن منهنجي دل نه بيان ڪري سگهڻ جهڙي خوشيءَ سان ڀرپور هئي، تڏهن مون حيرت ۾ پنهنجي گهر کي باهه جي ڄڀي ۾ جلندو ۽ هر هڪ شيءَ کي باهه سان ڳاڙهو ٿيل ڏٺو، مون هڪ تمام بلند ۽ ٿرٿلي ۾ وجهندڙ جوشيلي دانهن ڪئي ۽ بيهوش ٿي پٽ تي ڪري پيس، منهنجي دانهن تي منهنجو ننڊ ۾ ستل پٽ سجاڳ ٿيو، هن باهه جي ڄڀين کي ڏسندي يڪدم پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کي جاڳايو، سڀئي ڀاتي خوفزده ٿي ٻاهر نڪري آيا، ۽ مون کي وري هوش ۾ آندائون. پر اهو هوش صرف نئين خوف لاءِ هو، ڇا ڪاڻ ته ڄڀين هن وقت تائين اسان جي رهائشگاهه جي ڇت تي اچي وڪوڙيو هو، جڏهن ان جو ٽڪر، ٽڪر جي پويان اندر ڪرڻ لڳو. تڏهن اسان جي ڪٽنب وارا دل دائڪ صبر سان ان ڏانهن ائين نهاريندا رهيا، جو ڄڻ ته باهه جي ڀنڀٽ جو مزو وٺي رهيا هئا، مون واري سان هنن ڏانهن ۽ ان ڀنڀٽ ڏانهن گهور سان  پئي نهاريو، ڪجهه وقت بعد مون پنهنجن ٻن ننڍڙن ٻارڙن لاءِ پنهنجي چوڌاري نگاهه ڪئي، پر اهي ڏسڻ ۾ ئي ڪو نه آيا، ”برباديءَ! ڪٿي .ڪٿي آهن، منهنجا ننڍڙا ٻالڪ؟ “ مون واڪو ڪري چيو.منهنجي زال ڌيرج سان جواب ڏنو،”اهي باهه ۾ سڙي موت کي وڃي پهتا آهن، ۽ آءٌ پڻ انهن سان گڏ مرنديس،،“ انهيءَ ساعت مون اندران ٻارڙن جي دانهن ٻڌي، جي هاڻي باهه جي گرميءَ تي سجاڳ ٿيا هئا، مون ڄڀين وچان ڊوڙندي ۽ اهو ڪمرو جنهن ۾ هو ستل هئا، ان جي دروازي اندر گهڙندي دانهن ڪئي، ”ڪٿي، ڪٿي آهن منهنجا ٻچا، ڪٿي آهن منهنجا ننڍڙا ٻالڪ؟“ باهه جون ڄڀيون، جنهن بستري تي هو ستل هئا. ان کي وڪوڙڻ تي هيون، هنن گڏجي وراڻي ڏني، ”هتي بابا اسين هتي آهيون،“ مون انهن ٻنهي کي پنهنجي ٻانهن ۾ جهليو ۽ ايترو تڪڙو جيترو ممڪن هو، کين باهه جي وچان جهپو ڏيندي، جيئن اڃا آءٌ ٻاهر نڪتس ته ڇت ڪري پيئي. مون ٻارڙن کي مٿي جهليندي چيو، ”هاڻي ڀلي ته باهه ٻرندي رهي، ۽ منهنجي سموري ملڪيت ناس ٿي وڃي. اجهي هي آهن، اهي خزانا، جي مون بچايا آهن، اجهي منهنجي پياري هي آهن، اسان جا خزانا ۽ اسين اڃا به آسودي زندگي گذارينداسون،“ اسان پنهنجن ننڍڙن پيارن کي ڪيترائي دفعا مٺيون ڏنيون، هو اسان جي ڳچيءَ ۾ چوڌاري چنبڙي پيا ۽ اسان سان گڏ خوش ٿيڻ لڳا ۽ سندن ماءُ واري تي کلي به پئي ۽ رني به پئي.

آءُ هاڻي ڄڀين جو هڪ تمام ماٺيڻو تماشبين ٿيو، بيٺو هوس، ڪجهه وقت کان پوءِ محسوس ڪرڻ شروع ڪيم ته منهنجي ٻانهن ڪلهي وٽ تمام خطرناڪ نموني سڙي پئي هئي، انهيءَ ڪري اهو منهنجي وس کان ٻاهر هو ته آءٌ پنهنجي پٽ کي اسان جي سامان جي بچائڻ جي ڪوسش ۾، يا باهه، جا اسان جي ان مٿان پکڙجي رهي هئي، ان جي روڪڻ ۾ ڪا مدد ڏيئي سگهان، ايتري ۾ پاڙيسرين کي خبر پئجي ويئي ۽ اسان جي مدد لاءِ ڊڪندا آيا پر سڀ ڪجهه جيڪي هو ڪري سگهيا، سو هو اسان وانگر ان مصيبت جا تماشابين ٿي بيهڻ، منهنجو سامان  جنهن ۾ اهي نوٽ به هئا، جي مون پنهنجين ڌيئرن جي ڏاج لاءِ محفوظ رکيا هئا، سواءِ رڌڻي ۾ رکيل ڪن ڪاغذن جي پيتيءَ ۾ منهنجي پٽ جي شروعات ۾ آندل ٻن يا ٽن معمولي شين جي، ٻيو سمورو سڙي ڀسم ٿي ويو، پاڙيسرين اسان جي مصيبت کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجي وس سارو اسان جي ڪافي مدد ڪئي، هنن اسان کي ڪپڙا آڻي ڏنا ۽ اسان جي ٻاهرئين مڪان کي رڌڻي جي ٿانون سان سينگاريائون، اهڙي طرح صبح ٿيڻ تي اسين ٻئي گهر ۾ وڃي رهياسون، جيتوڻيڪ رهائش لاءِ اها هڪ ناموزون جڳهه هئي، منهنجي ڀرواري پاڙيسري ۽ سندس ٻارن اسان کي سڀ ڪنهن ضروري شيءَ جي ميسر ڪري ڏيڻ، ۽ جيڪا تسلي حقيقي فيض ۽ ڪرم هدايت ڪري سگهي ٿو، ان جي پيش ڪر۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏي.

جڏهن منهنجي گهر جي ڀاتين جا لڙڪ ڍرا ٿيا، تڏهن هنن مون کان منهنجي دير جو سبب پڇيو، مون هنن کي سمورو احوال ٻڌايو ۽ کين پنهنجي گم ٿيل ٻار جي استقبال لاءِ تيار ڪرڻ خاطر ڪوشش ڪرڻ شروع ڪئي، جيتوڻيڪ اسان وٽ سواءِ ڪم بختيءِ جي ٻيو ڪجهه به عنايت ڪرڻ لاءِ نه هو. ته به پنهنجي حال سارو سندس استقبال ڪرڻ جو خواهان هوس، اهو ڪم هوند وڌيڪ ڏکيو ٿي پوي ها، پر هڪ نئين مصيبت سهوليت جو سبب بني، ان منهنجيءَ زال کي هيٺانهون ۽ کيس سخت عذابن سان نرم ڪري ڇڏيو هو، جيئن ته منهنجي ”موزز“ کي ”صوفيا“ سان گڏ اوڏانهن موڪليم، هو ان ڪم نصيب تباهه حال کي وٺي جلدي موٽي آيا، جا پنهنجيءَ ماءُ ڏانهن نهارڻ جي همت ڪري نه سگهي، سندس ماءُ کي منهنجيون سمجهاڻيون  مڪمل پرچاءِ لاءِ آمادهڪري نه سگهيون، ڇا ڪاڻ ته عورتن کي زنانيءِ غلطيءَ جو مردن کان وڌيڪ احساس آهي. ماڻس واڪو ڪري چيو، ”خاتون ايتري گهڻيءَ رونق ۽ مرتبي سان گذارڻ بعد تون جنهن جڳهه تي آئي آهين، جا صرف هڪ غريباڻي جهوپڙي آهي، اهي ماڻهو جن پنهنجي رفاقت مرتبي وارن ماڻهن سان ڪئي آهي، انهن کي آءٌ ۽ منهنجي ڌيءَ ”صوفيا “ تمام ٿوري آسائش ڏيئي سگهون ٿيون. ها. ”مس لوي“، تنهنجي غريب پيءُ ۽ مون اڳيئي گهڻو ئي ڪي سٺو آهي، پر مون کي اميد آهي ته موليٰ تو کي بخش ڪندو.“ هن استقبال جي عرصي ۾ ويچاري مظلوم ڇوڪري زردي ٿيل ۽ ڏڪيندڙ بيٺي هئي، هوءَ نڪي روئي ٿي سگهي ۽ نڪي جواب ڏيئي پر آءٌ گهڻي وقت لاءِ سندس مظلوميت جو خاموش تماشبين رهي ڪين سگهيس، تنهن ڪري ڪجهه سختيءَ واري لهجي ۾ مون چيو، ”عورت، آءٌ تو کي التجا ٿو ڪريان، ته منهنجا هي لفظ هميشه لاءِ خيال ۾ رکيا وڃن مون هن رلندڙ ۽ گمراهه غريب ڇوڪريءَ کي تو وٽ موٽائي آندو آهي. سندس واپسي اسان کان تقاضا ڪري ٿي ته اسين پنهنجيون اڳوڻيون نوازشون وري جاري رکون، ، حياتيءَ جون سچيون پچيون سختيون پنهنجي مٿان هاڻي تڪڙيون اچن پيون، اچو ته پاڻ انهن کي هڪ ٻئي جي وچ ۾ اڻبڻت سان نه وڌايون، جيئن ته اسان مان ڪافي افراد خواريءِ جي دنيا کي روڪيندڙ ۽ هڪ ٻئي کي ميلاپ ۾ رکندڙ آهن، تنهن ڪري جيڪڏهن اسين پاڻ ۾ صلح سان رهنداسون ته پوءِ يقينا اسين اڃا تائين به آسودا ۽ خوش رهي سگهنداسون، خدا جي رحمت توبه ڪندڙ کي واعدو ڪيل آهي، اچو ته اسان جي نوازش پڻ ان جي پيروي ڪندڙ ٿئي، اسان کي يقين آهي ته آسمان سچائيءَ جي سڌي رستي جي حمايت ڪندڙ نوانوي ماڻهن کان وڌيڪ هڪ توبه تائب گناهگار کي ڏسڻ تي خوش ٿئي ٿو ۽ اهو صحيح آهي، ڇا ڪاڻ ته اها هڪڙي ڪوشش جا اسان کي تباهيءَ کان روڪي ٿي، سان هڪ سئو اجر وارن عملن کان وڌيڪ نيڪ آهي.

باب ٽيويهون

 

محض مجرم ئي ذليل ٿي سگهي ٿو

 

اسان جي هاڻوڪيءَ رهائش واري جاءِ کي سهوليت واري بنائڻ لاءِ ڪجهه محنت جي ضرورت هئي، ۽ جلد اسين وري به پنهنجي اڳئين صبر ۽ سانت سان رهڻ لڳاسون، جيئن ته آءٌ پنهنجي پٽ کي دستوري ڌنڌي ۾ مدد ڪري نٿي سگهيس، تنهن ڪري پنهنجي ڪٽنب کي باقي جيڪي بچيل ڪتاب هئا، خاص طرح اهي، جن تصور کي وندرائيندي دل کي آٿت ڏيڻ ۾ مدد ٿي ڪئي‏ ، انهن مان ڪجهه پڙهي ٻڌائيندو هوس، اسان جا نيڪ پاڙيسري پڻ رحمدليءَ واري نسليءَ ڏيڻ لاءِ روزانو اسان وٽ ايندا هئا ۽ وقت مقرر ڪيائون جنهن تي انهن سڀني کي منهنجي اڳئين گهر جي مرمت جي ڪم ۾ مدد ڪرڻي پوندي هئي، ايماندار هاري ”وليمس“ انهن ملاقاتن ۾ پوئتي پيل نه هو، پر دل و جان سان پنهنجي دوستيءَ جي خاطري ڏنائين، هومنهنجيءَ ڌيءَ لاءِ پنهنجي درخواستن کي وري نئون ڪري ها، ”اوليويا“ هن کي اهڙيءَ طرح رد ڪري ڇڏيو، جو هن جون آئيندي لاءِ التجائون مڪمل طرح روڪجي ويون، سندس درد کي پائدار ڏٺو ويو، ۽ اسان جي ننڍڙي جماعت ۾ هيءَ ئي هڪ فرد هئي، جا هڪ هفتي تائين موٽي سرهي ٿي نه سگهي، هن هاڻي اها معصوميت وڃائي ڇڏي هئي، جنهن کيس عزت ڏيڻ ۽ خوش ڪرڻ، لاءِ هر ممڪن مدد ڪئي هئي، پر ڳڻتي پوءِ به هن جي دل تي گهر ڪري ورتو هو. سندس حسن، تندرستيءَ سميت خراب ٿيڻ لڳو، ۽ بي توجهيءَ اڃا به ان جي گهٽائڻ ۾ وڌيڪ مدد ڪئي ، سندس ڀيڻ تي نوازش ڪيل هر ڪا نرم، دليءَ واري هلت سندس دل ۾ نهايت گهڻو درد ۽ سندس اکين ۾ آلاڻ آڻيندي هئي، ۽ جيئن هڪ بدي جيتوڻيڪ اها معاف ٿيل آهي، تڏهن به جتي اها ٿيل آهي، اتي ٻين بدَيَن کي اڀاري ٿي اهڙي طرح سندس اڳيون ڏوهه جيتوڻيڪ معاف ڪرڻ جي باوجود به هن کي ٻاهر هڪاليو ويو هو، تڏهن به هو حسد ۽ رشڪ پٺيان ڇڏي ويو هو، مون سندس ڳڻتي گهٽائڻ لاءِ هزارين طريقن سان ڪوششون ڪيون نه فقط ايترو پر مون ان ڪم لاءِ تاريخ جا دلچسپ ٽڪرا جي تمام تکي يادگيري ۽ مطالعو ئي پيش ڪري سگهن ٿا، انهن کي ياد ڪندي پنهنجو درد به وساري ڇڏيو، آءٌ چوندو هوس، ”منهنجي پياري، اسان جي خوشي هڪ هستيءَ جي طاقت ۾ آهي، جو ان کي انهن هزارين اڳواٽ ڏٺل رستن تان آڻي ٿو، جي اسان جي دورانديشيءَ تي ٺٺولي ڪن ٿا، منهنجا ٻچا، جيڪڏهن ان جي ثابت ڪرڻ لاءِ مثال ڏيڻ ضروري آهي، ته آءٌ تو کي هڪ آکاڻي ٻڌائيندس، جا اسان کي هڪ وڏي قابل انسان جي ٻڌايل آهي، جو ڪن وقتن تي هڪ خيالي قصا ٺاهيندڙ تاريخ نويس هو.

”مئٽلڊا“ نالي هڪ ڇوڪريءَ ننڍيءَ هوندي ”نيپولين“ جي هڪ اعليٰ ترين وصفن واري امير سان شادي ڪئي ۽ پندرهين ورهين جي عمر ۾ پاڻ کي بيوه ۽ ماءُ ڏٺائين، هڪ ڏينهن جيئن هوءَ پنهنجي ننڍڙي پٽ کي ”وولٽرنا“ نديءَ جي مٿان هڪ ڪوٺيءَ جي دريءَ ۾ لاڏ ڪوڏ سان راند ڪرائي رهي هئي، تيئن ٻار اوچتي اڇانگ سان سندس هٿن مان هيٺ وهندڙ پاڻيءَ ۾ ڪري پيو ۽ هڪ ساعت ۾ گم ٿي ويو، ماءُ اچانڪ حيرت سبب ۽ ان کي بچائڻ لاءِ پويان ٽپو ڏنو، پر ٻار کي مدد ڪري سگهڻ کان گهڻو پري هئڻ سبب هوءَ تمام گهڻيءِ تڪليف سان ٻئي طرف واري ڪناري تي اصل ان وقت اچي پهتي، جڏهن ڪي فرينچ سولجر ان طرف ملڪ کي لٽي رهيا هئا ۽ انهن يڪدم کيس پنهنجو قيدي بنايو.

ان وقت لڙائي فرينچن ۽ اٽليءَ وارن جي وچ ۾ تمام سخت بي رحميءَ سان هلي رهي هئي، ٻئي قومون انهن حدن تائين ڏوهه ڪري رهيون هيون، جن ڏانهن بک ۽ ظلم کين اشارو ڪيو ٿي. تنهن هوندي به هڪ نوجوان آفيسر هن نيچ ارادي جي مخالفت ڪئي ۽ جيتوڻيڪ کين تمام تڪڙائي سان پوئتي هٽڻو هو، ته به ”مئٽلڊآ“ کي پاڻ سان ٻيلهه کنيائين ۽ سلامتي سان کيس پنهنجي رهڻ واري شهر ۾ آندائين. مئٽلڊا جي حسن سندس اک کي ۽ جلدي پوءِ سندس لياقت هن جي دل کي گرفتار ڪيو، هنن پاڻ ۾ شادي ڪئي، هو تمام وڏن عهدن تي فائز ٿيو، هو گهڻو وقت گڏ رهيا ۽ ڏاڍا خوش هئا، پر هڪ فوجي ماڻهو جي خوشي ڪڏهن به جٽاندار ٿي نٿي سگهي، ڪيترن سالن جي عرصي کانپوءِ اهي دستا جن جو هيءَ مهندار هو، انهن کي شڪست نصيبه ٿي، ۽ انهيءَ شهر ۾ اجهي وٺڻ لاءِ مجبور ٿي پيو، جتي هو پنهنجيءَ زال سان رهيو هو، اتي هنن کي هڪ گهيري جو مقابلو ڪرڻو پيو، مگر آخر ڪار شهر دشمن جي هٿ ۾ اچي ويو، ان وقت ”فرينچن“ ۽ ”اٽلي“ وارن هڪ ٻئي جي مٿان جيڪي ظلم ڪيا، انهن کان وڌيڪ ظلمن جي جدا جدا قسمن جا مثال ڪي ٿوريون تاريخون پيش ڪري سگهن ٿيون، شهر وٺڻ کانپوءِ فاتحن سڀني فرينچ قيدين کي پر خاص طرح سان بد نصيب ”مئٽلڊا“ جي مڙس کي جو گهيري جي وڌائڻ ۾ خاص طرح مددگار هو، موت جي سزا ڏيڻ جو ارادو ڪيو، عام طرح هنن جا فيصلا اڃا تجويز ئي مس ڪيا ويندا هئا، ته يڪدم عمل ۾ آندا ويندا هئا. قيد ٿيل سولجر کي اڳتي آندو ويو ۽ جلاد پنهنجيءَ تلوار سان تيار بيٺو هو، تماشبين تمام غمگينيءَجي صبر ۽ موتمار ڌڪ جي انتظار ۾ بيٺا هئا، جو جنرل جي اشآري جي انتظار ۾ هو، هن غم ۽ انتظار جي عالم ۾ ”مئٽلڊا“ پنهنجي مصيبت زده حالت ۾ بدنصيبي تي، جنهن کيس ”وولٽرنا“ نديءَ ۾ سندس بي وقتي موت سان نابود ٿيڻ کان اڃا به وڌيڪ وڏين مصيبتن جي ڏسڻ لاءِ بچايو هو، ان تي افسوس ڪندي پنهنجي مڙس ۽ آزاديءِ ڏيندڙ جي آخري موڪلاڻي لاءِ آئي. ڪپتان جو هڪ نوجوان هو، تنهن کي سندس حسن تي حيرت لڳي ۽ سندس پريشاني تي رحم آيس، پر جڏهن سندس اڳئين تڪليفن جو بيان ٻڌايائين تڏهن اڃا به وڌيڪ جذبات جي اثر هيٺ اچي ويو، هيءَ هن جو پٽ هو ۽ اهو ئي ٻالڪ هو،جنهن لاءِ کيس ايترين تڪليفن ۽ خطرن سان مقابلو ڪرڻو پيو هو، هن کيس يڪدم پنهنجي ماءُ قبول ڪيو ۽ سندن پيرن تي ڪري پيو ۽ باقي آساني سان سمجهي سگهجي ٿو، قيدي آزاد ڪيو ويو ۽ سڀ خوشيون جي محبت، دوستي ۽ فرض هر هڪ تي عطا ڪري سگهيا، سي سڀئي پاڻ ۾ گڏجي ويون.“

مذڪوره نموني ۾ آءٌ پنهنجي ڌيءَ کي وندرائڻ لاءِ ڪوششون ڪندو هوس، پر هوءَ ان ڏانهن توجهه نه ڏيندي هئي، ڇا ڪاڻ ته سندس بد نصيبن سندس ان رحم کي ناس ڪري ڇڏيو هو،جو کيس ڪنهن وقت ٻين جي ڪمبختين تي هوندو هو، ڪا به شيءَ کيس تسلي نه ڏيندي هئي، مجلس ۾ هن کي حقارت جو خوف هوندو ۽ خلوت ۾ کيس ڳڻتي ڏسڻ ۾ ايندي هئي، جڏهن سندس بيڪسيءَ جو اهو حال هو، تڏهن اسان کي اها خبر پهتي ته ”مسٽر ٿارنهل“ ”مس ولماٽ“ سان شادي ڪري رهيو آهي، جنهن لاءِ مون کي هميشه شڪ هو ته کيس سچو پچو شوق هو، جيتوڻيڪ هو مون وٽ سندس شخصيت ۽ دولت بنسبت پنهنجي نفرت ڏيکارڻ جي هر ڪا ڪوشش ڪندو هو، هن خبر صرف ”اوليويا“ جي رنج کي وڌائڻ جي خدمت ڪئي، ڇا ڪا ڻ ته ڏٺيءَ وائٺي بي وفائي جي حمايت ڪري سگهڻ سندس همت کان ٻاهر هئي، وڌيڪ خاطري واري معلومات وٺڻ لاءِ ۽ جيڪڏهن ممڪن هجي ته سندس ارادي جي پوري ڪرڻ کي شڪست ڏيڻ خاطر مون پنهنجي پٽ کي پيرسن ”مسٽر ولماٽ“ وٽ خبر جي صداقت معلوم ڪرڻ جي هدايتن سان ۽ اسان جي ڪٽنب سان ”مسٽر ٿارنهل“ جي ڪيل هلت بنسبت هڪ خط “مس ولماٽ“ کي پهچائڻ لاءِ موڪلڻ جو ارادو ڪيو، منهنجو پٽ منهنجي هدايتن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ ويو، ۽ انهي احوال جي صداقت بابت خبرڏيڻ لاءِ ٽن ڏينهن بعد واپس آيو ، پر مس ولماٽ کي خط پهچائي نه سگهيو، ڇا ڪاڻ ته ”مسٽر ٿارنهل“ ۽ ” مس ولماٽ“ ٻهراڙي گهمڻ ويا هئا، تنهن ڪري هيءَ ان خط کي اتي ڇڏڻ تي مجبور ٿي پيو، هن ٻڌايو ته سندس اتي پهچڻ کان اڳئين آچر تي ڪنوار ڇهن نوجوان، عورتن۽ گهوٽ ايترن معززن سان گڏجي وڏي شان و شوڪت سان ديول ۾ حاضر ٿيا هئا، ۽ سندن شادي ٿورن ڏينهن ۾ ٿيڻ واري هئي، سندسن قريب ايندڙ شاديءَ سڄيءَ ٻهراڙيءَ کي خوشين ۽ شادمانن سان ڀرپور ڪري ڇڏيو هو، هو هميشه وڏي اٽالي سان جو ٻهراڙيءَ ۾ گهڻن سالن کانپوءَ ڏٺو ويو هو، سوار ٿي ٻاهر نڪرندا هئا، هن چيو ته ٻنهين ڪٽنبن جا دوست خاص طرح زميندار جو چاچو، ”سروليم ٿارنهل“ جو تمام سٺي اخلاق جو مالڪ هو، اتي هئا، هن وڌيڪ چيو ته خوشيءَ ۽ کاڌي جي مجلسن کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪاروبار هلندڙ نه هو، سڄي ٻهراڙيءَ ڪنوار جي حسن ۽ گهوٽ جي اعليٰ شخصيت جي تعريف ٿي ڪئي ۽ ائين ٿي چيو ته اهي ٻئي هڪ ٻئي جو ازحد گهڻو شوق رکندڙ هئا ۽ اختتام هن چوڻ سان ڪيائين ته هو ”مسٽر ٿارنهل“ کي دنيا ۾ تمام خوش نصيب ماڻهن مان هڪ سمجهڻ کانسواءِ پاڻ کي روڪي نٿي سگهيو،

مون جواب ڏنو، ”جيڪڏهن هو شادي ڪري سگهي ٿو، ته ڀلي ڪري، پر منهنجا پٽ هيءَ ڪکائون بسترو ۽ اڻ اڏيل ڇت، اهي ڪمزور ٿيندڙ ڀتيون ۽ پوسل وارا فرش، هن طرح باهه سان لاچار ٿيل منهنجو دکي جسم، ۽ ماني لاءِ چوڌاري روئندڙ منهنجا ٻار ڏس منهنجا ٻچا، تون هتي اهي سڀ حالات ڏسين ٿو، تنهن هوندي به اڃا هتي، اصل هن جاءِ تي تون هڪ اهڙو ماڻهو ڏسي سگهين ٿو، جو هزارن دنيائن سان به پنهنجي حالت کي نه بدلائيندو، اي منهنجا ٻالڪو! جيڪڏهن توهين صرف پنهنجي دلين سان حال ونڊڻ سکي سگهو، ته هوند هن ڪين جهڙِي زينت، نزاڪت ۽ شان شوڪت لاءِ توهان کي ٿورو ئي ڪا عزت هجي، جملي ماڻهو حياتيءَ کي رستو ۽ پاڻ کي رهگذر سڏڻ سيکاريا ويا آهن، تشيل اڃا به وڌيڪ نصيحت آميز ٿي سگهي ٿي، جڏهن اسين چئون ٿا، ته نيڪ انهن مسافرن وانگر خوش ۽ سانتيڪا آهن، جي پنهنجي گهرن ڏانهن وڃي رهيا آهن ۽ بد ڪار انهن مسافرن وانگر ڪن وقتن تي خوش آهن، جي ڪنهن مصيبت کان جلاوطنيءَ ۾وڃي رهيا آهن، مون کي پنهنجي ڏکويل ڌيءَ لاءِ جيڪو رحم هو، تنهن تي جيڪي آءٌ اڳتي چوڻ وارو هوس، ان ۾ رڪاوٽ وڌي، مون سندس ماءُ کي کيس ٽيڪ ڏيڻ لاءِ چيو، ۽ ٿورڙي وقت کان پوءِ هوءَ وري هوش ۾ آئي، هوءَ ان وقت کان وٺي وڌيڪ صابر ڏسڻ ۾ آئي، مون سمجهيو ته هن پڪي ارادي جو نئون درجو حاصل ڪيو آهي، مگر ڏيکاءُ مون کي ٺڳي ڇڏيو، ڇا ڪاڻ ته سندس راحت گهڻي جوش ۾ آيل رنج جي ماندگيءَ سبب هئي، منهنجي مهربان جماعتين جيڪو سيڌو اسان ڏانهن سخاوت نموني موڪليو، تنهن ڪٽنب جي باقي ڀاتين ۾ نئين خوش مزاجي ڦهلائي ۽ آءٌ پڻ انهن کي وري به هڪ دفعو وڌيڪ ڦڙت،  خوش ۽ آسودو ڏسي ناراض نه ٿيس، انهن جي خوشيءَ کي خراب ڪرڻ، صرف پختي غم سان اعزا پرسي ڪرڻ، يا جيڪو غم انهن محسوس نه ڪيو هو، ان اسان انهن کي بار گير ڪرڻ، هڪ بي انصافي ٿي پوي ها، اهڙيءَ طرح وري به هڪ دفعو وڌيڪ اها ڳالهه وچان نڪري وئي، راڳ جي محفل جاري ٿي ۽ مسرت اسان جي غريباڻي گهر مٿان هوا ۾ ڦرڻ جي نواز ش ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org