باب ويهون
هڪ رولو فيلسوف
رات جي ماني کانپوءِ ”مسز آرنلڊ“ منهنجي پٽ جي سامان کڻي اچڻ لاءِ، ٻن نوڪرن جي موڪلڻ جي آڇ ڪئي، پهريائين ائين ڏسڻ ۾ ٿي آيو ته هو ان آڇ قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، پر ”مسز
آرنلڊ“ جي اصرار تي، هو کيس ان ٻڌائڻ تي مجبور ٿيو، ته هن دنيا جي تختي تي سندس جملي متحرڪ شيون صرف هڪ لٺ ۽ هڪ بگري آهن، جن تي هيءَ فخر
ڪري ٿي سگهيو، مون دانهن ڪري چيو، ”منهنجا پٽ! جڏهن تون مون وٽان ويو هئين، تڏهن به غريب هئين، ۽ جڏهن موٽي آيو آهين، تڏهن به تو کي غريب
ٿو ڏسان، پر ان هوندي به مون کي خاطري آهي، ته تو دنيا کي ڪافي حد تائين پروڙيو هوندو“ ڇوڪر جواب ڏنو، ”هائو سائين، پر دولت جي پويان
مسافري ڪرڻ، ان جي حاصل ڪرڻ جو طريقو نه آهي، ۽ سچ پچ ته، گهڻي وقت کان وٺي مون ان جي جستجو ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي،“ مسز آرنلڊ چيو ”آءُ
ڀانيان ٿي، ته تنهنجين سر گذشتن جو احوال ڏاڍو دلچسپ هوندو، انهن جو پهريون حصو مون اڪثر پنهنجي ڀائٽيءَ کان ٻڌو آهي، پر جيڪڏهن ڪچهريءَ کي
باقي رهيل حصي کان واقف ڪيو ويندو، ته اهو اوهان جو هڪ مزيد احسان ٿيندو،“ منهنجي پٽ جواب ڏنو، ”خاتون، توهان کي خاطري ٿو ڏياريان، ته جيڪا
خوشي اوهان کي ان احوال ٻڌڻ مان حاصل ٿيندي، سا جيڪو فخر مون کي انهن جي وري بيان ڪرڻ ۾ ٿيندو، ان جي اڌ جيتري به نه هوندي، تنهن هوندي به
سموري احوال ۾ آءٌ پنهنجي هڪ ڪار گذاريءَ جو به وعدو ڪري نٿو سگهان، ڇا ڪاڻ ته منهنجو بيان جيڪي مون ڪيو، ان جو نه آهي، مگر ان جو آهي،
جيڪي مون ڏٺو، اوهان کي خبر آهي ته منهنجي حياتيءَ جي پهرين بدبختي تمام وڏي هئي، جيتوڻيڪ ان مون کي تڪليف ڏني پر مون کي تباهه ڪري نه
سگهي، ڪنهن به ماڻهوءَ کي مون کان وڌيڪ اميد ڪرڻ جو فن نه هو، هڪ وقت تي نصيب کي گهٽ مهربان ڏٺم، ته ان (اميد) جي ئي طفيل ٻئي دفعي ان جي
وڌيڪ مهربان ٿيڻ جي توقع ڪيم، جڏهن بخت جو چڪر مون کي تنزل جي تري ۾ وڃي ڦٽو ڪندو هو، تڏهن اميد ڪندو هوس ته ان جو هر ڪو ڦيرو مون کي مٿي
ڇڪي سگهندو، مگر مون کي ناس ڪري نه سگهندو، هڪ وڻندڙ صبح جو لنڊن ڏانهن روانو ٿيس ۽ ايندڙ ڏينهن بنسبت ڪنهن به طرح بي آرام ۽ بي چين نه
هوس، پر اهڙو خوش هوس، جهڙا اهي پکي جن رستي جي پاسن تي خوشيءَ جا گيت ڳايا ٿي ۽ پاڻ کي هن خيال سان تسلي ڏنم، ته لنڊن هڪ اهڙي منڊي آهي،
جتي هر قسم جي لياقتن کي مرتبي ۽ انعام ملڻ جي خاطري آهي، شهر ۾ پهچڻ کانپوءِ، مون کي پهرين پنهنجي سئوٽ کي توهان جي خط پهچائڻ جي ڳڻتي
لڳي، جنهن جون حالتون مون کان بهتر نه هيون، بابا! توهان کي خبر آهي ته منهنجي پهرين خواهش ڪنهن درسگاهه ۾ نائب ماستر ٿيڻ جي هئي ۽ مون
انهيءَ بابت کانئس صلاح پڇي، هن ان رٿ کي سٺي نموني کلندي ٻڌو، هن چيو ، ”ها سچ پچ ته اهو تمام سٺو پيشو آهي، جو توهان پنهنجي لاءِ رٿيو
آهي، آءٌ پاڻ هڪ بورڊنگ اسڪول ۾ نائب ماستر ٿي رهيو آهيان. آءٌ اهڙي نيو گيٽ[1]
جي جيل مثل بنديخاني ۾ نوڪري ڪريان، ان کان ائين چڱو آهي ته ڪاري نانگ جي چڪ وگهي مري وڃان.
آءٌ اويل سول اٿندو هوس ته ماستر مون کي ڌمڪائيندو هو، ماسترياڻي بد شڪل هئڻ سبب مون کي ڌڪاريندي هئي، اندر ڇوڪرا مون کي تنگ ڪندا هئا ۽ ٻاهر نڪري ٻين مانهن سان ملڻ لاءِ ڪڏهن
به اجازت نه ملندي هيم. تو کي خاطري آهي ته تون اسڪول ۾ نوڪري ڪرڻ لائق آهين؟ اچ، ته آءٌ تنهنجو امتحان وٺان، ڇا تو انهيءَ ڌنڌي جي ڪڏهن
سکيا ورتي آهي؟ نه ته پوءِ اسڪول لائق ٿي نه سگهندين، ڇا تون ڇوڪرن جا وار ٺاهي سگهندين؟ نه ته پوءِ اصل اسڪول لاءِ ڪارائتو نه ٿيندين، ڇا
توهين ٽي ٽي ٿي هڪ بستري تي سمهي سگهو ٿا؟ نه ته پوءِ تون اسڪول لاءِ ڪارگر ٿي ڪين سگهندين. ڇا تنهنجو پيٽ سالم آهي؟ ها، ته پوءِ ته ڪنهن
به صورت ۾ اسڪول لاءِ ٺيڪ نه ٿيندين. سائين جيڪڏهن توهين هڪ آسان ۽ شريف ڌنڌي جي طلب رکو ٿا، ته پوءِ ڪتر جي مشين ڦيرائڻ لاءِ پاڻ کي ستن
سالن لاءِ شاگرد طور پابند رکو، مگر ڪنهن به نموني اسڪول کان پاسو ڪريو“ هن سلسله ڪلام جاري رکندي چيو. ”تنهن هوندي به اچ، آءٌ ڏسان ٿو ته
تون علم ۽ اتهاس وارو نوجوان آهين. مون وانگر مصنف ٿيڻ بابت تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟ تو ڪتابن ۾ پڙهيو آهي، ته هن وقت ڪيترا ذهن ۽ ذڪا وارا
ماڻهو واپار ۾ بک پيا مرن، مگر آءٌ توکي اهڙا بنهه ڪند دماغ ماڻهو شهر ۾ ڏيکاري سگهندس، جيڪي ان مصنفيءَ جي ڌنڌي تي تمام سکيو وقت پيا
گذارين، اهي سڀئي ايماندار عام ماڻهو جي نرميءِ ۽ ساده دليءَ سان گذارين ٿا، تاريخ ۽ سياست تي ڪتاب لکن ٿا ۽ ساراهيا وڃن ٿا، سي جيڪڏهن
بنياد کان وٺي موچي هجن ها، ته به هوند سڄي عمر صرف بوٽ ڳنڍين ها، مگر نوان اصل ٺاهي ڪين سگهن ها.
جيئن ته مون معلوم ڪيو ته هڪ نائب ماستريءَ جي ڌنڌي سان ڪوبه فضيلت وارو درجو وابستا ڪو نه آهي، تنهن ڪري سندس تجويز قبول ڪيم ۽ ادب سان تمام گهڻي دلچسپي هئڻ سبب، ”گربرز سٽريٽ“[2]
۾ رهندڙن جو احترام سان سلام ڪيم. مون ان رستي تي هلڻ پنهنجي لاءِ اقتدار وارو سمجهيو، جو مون کان اڳ مشهور مصنفن ”ڊرائيڊن“ ۽ ”اوٽوي“
لتاڙيو هو، مون هن ڀاڱي جي ديويءِ کي فضيلت جو سر چشمو سمجهيو ، ۽ تنهن هوندي به سمجهيم، ته دنيا سان ميل جول شايد اسان کي سٺو مزاج بخشي،
غربت، جا ان نوازش ڪئي، تنهن کي مون غير معمولي ذهانت جي دائي ڪري سمجهيو، انهن ويچارن سان مالا مال ٿيڻ تي پاڻ کي تمام خوش سمجهيم، مون
ڏٺو ته بهترين ڳالهيون صرف غلط طرف ڏانهن ئي لکڻ لاءِ رهيل هيون ۽ اهڙي ڪتاب لکڻ جو ارادو ڪيم جو، مڪمل طرح نئون هجي، انهيءَ ڪري مون ڪن
غلط نما حقيقتن کي قابليت سان سينگاريو، اهي درحقيقت غلط هيون، مگر نيون هيون، سچ جا جواهر اڪثر ٻين مصنفن ايتري قدر ته پنهنجين تصنيفن ۾
آڻي ڇڏيا هئا، جو منهنجي لکڻ لاءِ سواءِ ڪن عجيب شين جي پريان سڀ ڪنهن نموني ۾ سچيون نظر آيون ٿي، ٻي ڪابه شيءِ ڇڏيل نه هئي، خبر نه آهي،
ته جڏهن مون لکيو پئي، تڏهن ڪهڙي وهمي طاقت منهنجي قلم تي پنهنجا کنڀ کولي ويٺي ٿي، مون کي خاطري هئي، ته سڄي تعليم يافته دنيا منهنجي
طريقي جي مخالفت لاءِ اٿي کڙي ٿيندي، مگر آءٌ سڄي علمي دنيا جي مخالفت ڪرڻ لاءِ تيار هوس، جيئن سيڙهه پنهنجي چهنبدار ڪنڊن وسيلي دشمن سان
لڙڻ لاءِ تيار ٿي وڙهندي آهي، تيئن آءٌ پڻ پنهنجي قلم وسيلي، سڀ ڪنهن مخالفت سان لڙڻ لاءِ مڪمل اطمينان سان تيار ٿي ويهي رهيس.
مون واڪو ڪري چيو، ”منهنجا پٽ، چڱو چيئي ۽ ڪهڙي مضمون تي تو قلم فرسائي ڪئي؟ مون کي اميد آهي، ته تو هڪ شاديءَ جي اهميت تي چشم پوشي نه ڪئي هوندي، پر آءٌ وچ ۾ ڳالهايان ٿو،
هلندو هل، تو پنهنجون غلط نما حقيقتون ڇپايون، تمام چڱو ۽ علمي دنيا تنهنجي غلط نما حقيقتن تي ڇا چيو؟ “
منهنجي پٽ جواب ڏنو، ”بابا، پڙهيل دنيا منهنجي غلط نما حقيقتن تي ڪجهه به نه چيو، اصل ڪجهه به نه، هنن مان هرهڪ پاڻ کي پنهنجن دوستن کي ساراهڻ ۾، يا پنهنجن دشمنن کي نندڻ ۾
مشغول هو، ۽ بدنصيبي سان جيئن ته منهنجو نڪو هو، ڪو دوست نڪو دشمن، انهيءَ ڪري مون بي توجهيءَ جي نهايت ظالماڻي ذلت برداشت ڪئي.
هڪ ڏينهن جيئن آءٌ هڪ ”ڪافي گهر“ ۾ پنهنجي غلط نما حقيقتن جي نصيب تي ويچار ڪري رهيو هوس، تيئن هڪ ڇوٽي قد وارو ماڻهو اندر ڪوٺيءَ ۾ گهڙيو ۽ منهنجي اڳيان ڪوچ تي اچي ويٺو، ڪجهه
اوائلي گفتگو کانپوءِ، هن مون کي تعليم يافته ڏسي ٻڌايو ته هو ”پراپرٽيس“[3]
جو شرح سان نئون ڇاپو دنيا اڳيان پيش ڪري رهيو هو، ۽ هڪ تجويزن جو ٿهو منهنجي اڳيان رکي، مون کان ان لاءِ چندي جي طلب ڪيائين، مون کيس جواب
ڏنو، ”مون کي پئسو ڪونهي“. هن جواب کيس مون کان منهنجن ارادن جي نوعيت بنسبت احوال پڇڻ تي آماده ڪيو، جڏهن هن ڏٺو، ته منهنجا ارادا اهڙا ئي
وڏا هئا. جهڙو منهنجو ٻٽون، تڏهن هن دانهن ڪري چيو، ”آئون سمجهان ٿو ته تون هن شهر جي جي زندگيءَ کان اڻ واقف آهين. آءٌ تون کي ان بابت
ڪجهه سمجهائيندس. هي تجويزن جا ڪاغذ ڏس، هن ساڳين تجويزن جي بدولت مون ٻارنهن سال آسودگيءَ سان گذران ڪيو آهي، جنهن وقت ڪو به عزت وارو
امير ماڻهو پنهنجي سفر تان واپس اچي ٿو، هڪ گاڏڙ نسل وارو ڏکڻ ”آفريقا“ جو رهاڪو ”جميڪا“ کان، يا ڪا شاهوڪار بيوه عورت، پنهنجي ٻهراڙيءَ
واري رهائشگاهه کان، ته آءٌ يڪدم ان کي چندي لاءِ چوان ٿو. آءٌ پهريائين سندن دلين کي خوشامد سان خوش ڪندو آهيان، ۽ پوءِ پنهنجون تجويزون
پيش ڪريان ٿو، جيڪڏهن هو پهرئين دفعي ٺهه پهه چندو ڏيندا آهن، ته آءٌ پنهنجي عرض کي وري عطيي لاءِ نئون ڪندو آهيان، جيڪڏهن اهي مون تي ان
جي به نوازش ڪندا آهن، ته آءٌ کين اڳواڻ جي حيثيت ۾ مشهور ڪرڻ تي اڪن ڇڪن ڪندو آهيان، اهڙيءَ طرح آءٌ سندن رقم تي فخر سان رهندو آهيان، ۽
مٿانئن کلندو آهيان، پر هاڻي هو مون کي گهڻي قدر سڃاڻن ٿا، آءٌ نهايت گهڻو خوش ٿيندس، جيڪڏهن اوهين ٿوري وقت لاءِ منهنجي جاءِ وٺندا، هن
وقت هڪ وڏي مرتبي وارو امير اٽليءَ کان واپس وريو آهي، منهنجي شڪل سندس دربان سان گهڻي قدر گهايل مايل آهي، تون جيڪڏهن هيءَ شعر جو ڪتاب
کيس پيش ڪندين ته منهنجي حياتيءَ جو قسم تون ان ۾ ڪامياب ٿيندين ۽ پوءَ پاڻ ٻئي اها رقم پاڻ ۾ ورهائينداسون.
مون واڪو ڪري چيو، ”ڌڻي شال پناهه ڏئي! ڇا شاعرن لاءِ اهو ڌنڌو وڃي بچيو آهي! ڇا اعليٰ لياقتن وارا ماڻهو هن نموني پنڻ کي چنبڙي پيا آهن؟ ڇا اهي پنهنجي پيشي کي ايترو ذليل ڪري
سگهن ٿا، جو پيٽ خاطر ساراهه ڪرڻ جوا ادنيٰ واپار اختيار ڪن؟“ هن جواب ڏنو، ”نه سائين، هڪ سچو پچو شاعر ڪڏهن به اهڙو خسيس ٿي نٿو سگهي،
ڇاڪاڻ ته جتي به ذهن ۽ ذڪاءُ آهي، اتي خو داري آهي، ماڻهو جن جو آءٌ ذڪر ڪريان ٿو، سي صرف شاعراڻي لباس ۾ پينو آهن. سچو شاعر جيئن ناموس
لاءِ سڀ ڪنهن سختيءَ سان لڙي ٿو، تيئن بدناميءَ کان به ڊڄي ٿو، مگر اهي ماڻهو جي پاڻ خود اڻ لائق آهن، سي نظم گوئيءَ جو ڌنڌو اختيار ڪري
پنهنجو گذران حاصل ڪن ٿا، جيئن ته منهنجي دل ايتري خوددار هئي، جو اها ڪنهن به گهٽتائيءَ اڳيان ڪنڌ نمائي نٿي سگهي، ۽ ان هوندي به اهڙو ته
هيٺائون نصيب هئم جو ناموس خاطر ٻيءَ ڪنهن ڪوشش ڪرڻ لاءِ دل جهلي نٿي سگهيس، انهيءَ ڪري هاڻي آءٌ وچئين رستي اختيار ڪرڻ ۽ مصنفيءَ جي ڌنڌي
وسيلي گذران حاصل ڪرڻ تي مجبور ٿي پيس، پر جتي صرف ڪاريگريءَ سان ئي ڪاميابي حاصل ٿي سگهي ٿي، آءٌ ڪنهن به ڌنڌي لاءِ سَندَ يافته نه هوس،
منهنجيءَ دل ۾ داد حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا خواهش هئي، ان کي ختم ڪري نه سگهيس، اهو وقت جو مون کي ڪنهن وچٿري ڌنڌي ۾ لڳائي، ان مان هميشه لاءِ
فائدي حاصل ڪرڻ ۾ صرف ڪرڻ گهربو هو، سو مون ان سر بلنديءَ پويان ڪوششن ۾ خرچ ڪيو، جنهن تمام ٿوري اهميت ٿي رکي، منهنجي ننڍڙي اخبار، نوبتي
مخزنن سان گڏ گمناميءَ ۾ ڇپجڻ لڳي، خلق منهنجي تحرير جي سلاست ۽ روانيءَ يا منهنجي قسطن جي ميل ڏانهن چتائي ڏسڻ کان وڌيڪ، ڪنهن ٻئي خاص ڪم
۾ مشغول هئي. پرچي پويان پرچو گوشئه گمناميءَ ۾ اڇلايو ويندو هو. منهنجا مضمون آزاديءَ. اڀرندي وارن ملڪن جي ڳالهين، ڇتي ڪتي جي چڪ جي
علاجن وارين تصنيفن سان گڏ دفن ڪيا ويا، ليڪن ساڳئي وقت ٻين سڀني خود پسند، حق پسند آزادي پسند ۽ انسان پسند مضنفن کي سڄو ليکڪ سمجهيو ويو
ٿي، ڇا ڪاڻ ته هنن مون کان وڌيڪ تڪڙو لکيو ٿي.
هاڻي آءٌ انهن پاڻ جهڙن دل شڪسته مصنفن کانسواءِ ٻئي ڪنهن سان به تعلق ڪو نه رکندو هوس، جي هڪ ٻئي کي ساراهيندا، هڪ ٻئي تي افسوس ڪندا، ۽ هڪ ٻئي کي ڌڪاريندا هئا، ادبي فن جي
ادائگي جيڪا اسان سڀ ڪنهن مشهور مصنف جي تصنيفن ۾ ڏٺي، سان سندن لياقتن جي بر عڪس هئي، مون ڏٺو ته جيڪو شعور ٻين ۾ موجود هو، سو مون کي
راضي ڪري نٿي سگهيو، منهنجي غلط نما حقيقتن تسليءَ جو چسمو مڪمل طرح خشڪ ڪري ڇڏيو هو. آءٌ خاطر جمعيءَ سان نڪي لکي ۽ نڪي پڙهي ٿي سگهيس،
ڇاڪاڻ ته ٻئي جي سر بلندي منهنجي ناپسندي هئي،۽ لکڻ منهنجو ڌنڌو هو، هڪ ڏينهن جيئن آءٌ ”سينٽ جيمس جي باغيچي“ ۾ هڪ بينچ تي اداسي جي خيال ۾
ويٺو هوس، تيئن هڪ اعليٰ مرتبي وارو نوجوان ، جو يونيورسٽيءَ ۾ منهنجو گهرو دوست هو، سو منهنجي ويجهو آيو، اسان هڪ ٻئي کي ڪجهه هٻڪ سان
سلام ڪيو، ڇا ڪاڻ ته کيس هڪ اهڙي ماڻهو سان آشنائيءَ هئڻ تي شرم ٿيو، جنهن جو ظاهري ڏيک ويک تمام خراب هو ۽ مون کي وري سندس ڌڪار جو خوف
هو، پر منهنجا شڪ جلدي دور ٿي ويا، ڇا ڪاڻ ته ”نيڊ ٿارنهل“ تمام سٺيءَ سيرت وارو نوجوان هو.
مون کيس وچ ۾ روڪيندي چيو، ”جارج“ تو ڇا چيو؟ ڇا، سندس نالو ”ٿارنهل“ هو؟ مون کي خاطري آهي، ته اهو پنهنجي زميندار کان سواءِ ڪو ٻيو نه هوندو“ ”مسز آرنلڊ“ واڪو ڪري چيو،
”مهرباني ڪري مون کي ٻڌايو ته ڇا ”مسٽر ٿارنهل“ توهان جو ايترو ويجهو پاڙيسري آهي؟ هو گهڻي وقت کان وٺي اسان جي خاندان جو دوست ٿي رهيو
آهي، ۽ اسان کي اميد آهي ته هو جلد اسان وٽ ايندو“
”جارج“ پنهنجي گفتگو جاري رکندي، چيو، ”منهنجي دوست جي پهرين ڳڻتي اها هئي، ته آءٌ سندس عاليشان ڪپڙن جي وڳي پهڙڻ سان پنهنجو ظاهري ڏيک بدلايان، ان کانپوءِ مون کي اڌ دوست ۽ اڌ
زبردست جي حيثيت ۾ سندس کاڌي جي دستر خوان تي شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني ويئي، نيلامن تي سندس حاضريءَ ۾ رهڻ، فوٽو ڪڍائڻ وقت کيس مسرت ۾ رکڻ،
سندس محبوبه جي غير موجودگيءَ ۾ گاڏيءَ ۾ ساڻس گڏ هئڻ، ۽ جيئن ٿورن لفظن ۾ چئجي، ته جڏهن اسان کي روشني ڪرڻ تي دل هوندي هئي، تڏهن رات جي
وقت پهريدار سان تڪرار ڪرڻ ۾ سندس مدد ڪرڻ منهنجو ڌنڌو هوندو هو، ان کانسواءِ مون کي گهر ۾ ٻيون ڪيتريون سنهيون مشغوليون پڻ هيون، آءٌ
سواءِ حڪم ملڻ جي گهڻي ئي سنها ڪم ڪندو هوس، ٻوچ ڪڍڻي کڻڻ، بورچيءَ جي ٻارن جي نالي رکڻ وقت نيڪ ڪمن لاءِ وعدي ڪندڙ ٿيڻ، حڪم ملڻ تي ڳائڻ،
ڪڏهن به خوش مزاجي نه ڇڏڻ ، هميشه حليم ٿي گذارڻ ۽ جيترو ممڪن هو اوترو گهڻو خوش رهڻ،
تنهن هوندي به هن عزت ڀريي عهدي تي آءٌ هڪ رقيب کان آجو نه هوس، هڪ جهاز جو ڪپتان، جنهن کي قدرت هن جاءِ لاءِ منتخب ڪيو هو، تنهن منهنجي آقا وٽ منهنجي مخالفت ڪئي، سندس ماءُ هڪ
سکر ماڻهوءَ جي ڌوٻياڻي هئي، انهيءَ ڪري هن جي دل ۾ خسيس ڪمن ۽ بدنامي جي ڪمن ڪرڻ لاءِ دلچسپي پيدا ٿي، هن سکر ماڻهوءَ پنهنجي زندگيءَ جو
خاص شغل، اميرن سان واقفيت رکڻ بنايو هو، جيتوڻيڪ بيوقوفي جي ڪري ڪيترا ڌڪاريندا هئس، تڏهن به اهڙن ڪيترن ماڻهن کي هٿ ڪيائين، جي جهڙس ئي
موڳا هئا ۽ جن سندس ڪوششن کي ڪامياب بنايو، خوشامد سندس پيشو هو، ۽ ان کي تصور ۾ اچي سگهڻ جهڙيءَ ڪثرت سان استعمال ڪائين، پر مون کي ٻئي
خوشامد ڪرڻ بيهودي ۽ مشڪل لڳندي هئي، جيئن هر روز منهنجي آقا جي خواهش خوشامد لاءِ وڌندي رهي هئي. تيئن هر گهڙيءَ ۾ سندس ڪمزورين کان وڌيڪ
واقف ٿيڻ ڪري، آءٌ خوشامد ڪرڻ کان بيدليو ٿيندو ويس، اها حالت ان نوبت کي پهتي، جو هڪ دفعي جڏهن منهنجي آقا منهنجيءَ مدد جي طلب ڪئي، تڏهن
آءٌ اهو ميدان ڪپتان لاءِ ڇڏڻ تي دلي طرح راضي هوس، اها مدد سندس بدران ان معزز سان دوبدو مقابلي ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪا نه هئي، جنهن جي ڀيڻ
بنسبت ڪوڙي دعويٰ ڪئي ٿي ويئي، ته ”ٿارنهل“ ساڻس خراب هلت ڪئي آهي، مون يڪدم سندس حڪم جي بجا آوري ڪئي،۽ جيتوڻيڪ آءٌ ڏسان ٿو، ته توهين
منهنجيءَ ان هلت تي ناراض ٿيا آهيو، ته به جيئن ته اهو ڪم دوستيءِ سبب لازما ڪرڻو هو، انهيءَ ڪري آءٌ انڪار ڪري ڪين سگهيس، مون اهو ڪم پاڻ
تي کنيو ۽ حريف کان هٿيار ڇڏايم، ۽ جلدي مون کي اهو معلوم ڪري خوشي نصيب ٿي، ته هوءَ هڪ شهري تجربيڪار عورت هئي ۽ اهو شخص صرف سندس غنڊو ۽
دغاباز هو، خدمت جو عيوضو مون کي گهڻن ئي احسانمنديءَ جي اقرارن سان ڏنو ويو، پر جيئن ته منهنجو دوست ٿورن ڏينهن بعد شهر ڇڏڻ وارو هو،
انهيءَ ڪري سندس چاچي ”سروليم ٿارنهل“ ۽ هڪ ٻئي وڏي مرتبي واري سرڪاري عهديدار امير ماڻهوءَ کي منهنجي سفارش ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به منهنجي
خدمت ڪرڻ جو رستو ڪو نه ٿي سمجهيو، سندس رواني ٿيڻ بعد آءٌ سندس سفارشي خط سندس چاچي ڏانهن کڻي ويس، جو هڪ اهڙو ماڻهو هو، جنهن جو اخلاق
سڀني فضيلتن بنستب عالمگير هو، ليڪن انصاف تي مبني هو، سندس نوڪرن منهنجو استقبال گهڻي مهمان پروريءَ سان ڪيو، ڇا ڪاڻ ته گهرو نوڪر هميشه
پنهنجي آقا جي فيض جي نموداري ڪندا آهن، مون کي هڪ عاليشان صفحي ۾ ويهاريو جتي ”سر وليم“ جلد آيو، مون پنهنجو خط کيس ڏنو، خط پڙهيائين ۽
ڪجهه وقت کان پوءِ مون کي چيائين، ”سائين، مهرباني ڪري مون کي ٻڌايو، ته توهان منهنجي عزيز لاءِ ڇا ڪيو آهي، جو اهڙي زبردست سفارش جا مستحق
ٿيا آهيو؟ آئون سمجهان ٿو ۽ توهان جي لياقتن بابت اندازو لڳائي سگهان ٿو، ته توهان سندس پاران وڙهيا آهيون ۽ انهيءَ ڪري توهان مون وٽان هڪ
اجوري حاصل ڪرڻ جي اميد رکندا هوندئو، ڇا ڪاڻ ته توهين سندس بَدَيَن ۾ ساڻس مددگار ٿيا آهيو، آءٌ چاهيان ٿو ۽ دلي خواهش رکان ٿو، ته منهنجو
هينئر انڪار توهان جي گناهه جي سزا ٿئي ، پر اڃا به وڌيڪ خواهش اٿم ته اها توهان کي پڇتاءَ لاءِ سبق ڏيندڙ ٿئي،“ هن جي ڇينڀ مون صبر سان
برداشت ڪئي، ڇا ڪاڻ ته مون سمجهيو، ته اها انصاف تي مبني هئي، هاڻي منهنجون جملي اميدون امير ڏانهن لکيل سفارشي خط سان وابستا هيون، جيئن
ته، اميرن جا در گهڻو ڪري انهن فقيرن سان گهيريل آهن، جي سڀئي اندر ڪنهن مڪاريءَ واري عريضي موڪلڻ لاءِ تيار هوندا آهن، تنهن ڪري مون اجازت
حاصل ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه ڏٺو ۽ جيڪا به دنيوي دولت هيم، ان جو اڌ نوڪرن کي رشوت طور ڏيڻ سان مون کي هڪ وسيع ڪمري ۾ وڃڻ جي اجازت ملي، مون
پنهنجو خط امير صاحب جي ملاحظي لاءِ اڳيئي موڪليو هو، امير لاءِ انتظار ۾ ويهڻ واري عرصي ۾ مون کي پنهنجي چوڌاري نهارڻ جو موقعو ملي ويو،
هر ڪا شيءَ شاندار ۽ وڻندڙ نموني سينگاريل هئي، نقاشيءِ، فرنيچر ۽ ململا سازيءَ مون کي پنهنجي رونق سان حيرت ۾ پنڊ پهڻ بنائي ڇڏيو ۽ سندن
مالڪ بنسبت منهنجي اندازي کي وڌائي ڇڏيو، مون دل ۾ عجب کاڌو ۽ ويچار ڪيو، ته هنن سڀني شين جو مالڪ ضرور ڪيڏيءَ نه اعليٰ حيثيت وارو هوندو،
جو پنهنجي دماغ ۾ سڄيءَ حڪومت جي ڪاروبارجو انتظام رکي ٿو، ۽ جنهن جي گهر ۾ هڪ بادشاهيءَ جو دولت اڌ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، خاطري آهي ته سندس غير
معمولي ذهانت ناقابل فهم هوندي، انهن ويچارن ڪندي مون هڪ ماڻهوءَ جي پيرن جو آواز ڳورائيءَ سان اڳتي ويندو ٻڌو، ”اجهو هيءُ خود اهو امير
پاڻ آهي“. مون دل ۾ چيو، نه، اها صرف هڪ ڪمري جي نوڪرياڻي هئي، جلدي ٻئي جي اچڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ”هيءُ ضرور اهو هوندو“. نه اهو صرف ان
امير جي حاضريءَ جو نوڪر هو، آخر امير تشريف فرما ٿيو، هن واڪو ڪري چيو، ”ڇا ، اهو تون آهين، جنهن هيءَ خط آندو آهي،؟“ مون هيٺ جهڪڻ سان
جواب ڏنو، هن وڌيڪ چيو، ”هن مان آءٌ سمجهان ٿو ته اهو ڪيئن ٿيو....“ پر انهيءَ وقت هڪ نوڪر کيس هڪ چٺي آڻي ڏني، سواءِ ڪنهن به وڌيڪ توجهه
ڏيڻ جي هيءُ ڪوٺيءَ کان ٻاهر نڪري ويو، ۽ مون کي پنهنجي خوشيءَ تي حسرت کائڻ لاءِ ڇڏي ويو، مون کيس وريءَ ڏٺو، جيستائين سندس نوڪر مون کي
ٻڌايو امير صاحب پنهنجي گاڏيءِ ڏانهن وڃي رهيو آهي، آءٌ يڪدم سندس پويان لڳس، ۽ ٻين ٽن يا چئن عرضدارن سان گڏ سندس پويان واڪا ڪندو هليس.
مگر امير اسان کان وڌيڪ تڪڙو هلندو ويو ۽ وڏيون ٻرانگهون ڀريندو وڃي، گاڏيءَ جي دروازي تائين پهتو، آءٌ جواب معلوم ڪرڻ لاءِ سڏ ڪندو رهيس .
هو ان وقت تائين گاڏي ۾ اندر پهچي چڪو هو، ۽ ڪو جواب چپن چيائين، جنهن جو فقط اڌ مون ٻڌو، ۽ پيو اڌ گاڏيءَ جي ڦيٿن جي آواز ۾ گم ٿي ويو.
آءٌ ڪجهه وقت لاءِ ڳاٺ مٿي ڪري هڪ ان ماڻهوءَ وانگر بيٺو هوس جو ڪن شاندار لفظن ڏانهن ڌيان ڏيئي رهيو هجي، آخر چوڌاري نهاريندي مون ڏٺو ،
ته آءٌ امير جي دروازي تي اڪيلو بيٺو هوس.
نيو
گيٽ:
هيءُ لنڊن جو مشهور جبل آهي.
گربز سٽريٽ
لنڊن جي هڪ گهٽي، جا گولڊ سمٿ جي ڏينهن
۾ مصنفن جي رهائش کان مشهور هوندي هئي.
پراپرٽيس
هي هڪ مشهور رومي شاعر ٿي گذريو آهي.
|