”مسٽر جينڪنسن“ مس ۽ قلم کنيا ۽ منهنجي اقرار نامي کي جيئن مون مٿي بيان
ڪيو آهي، تيئن لکيو، مون ان تي پنهنجي صحيح وڌي ۽ پنهنجي پٽ کي ”مسٽر ٿارنهل“ ڏانهن خط کڻي وڃڻ لاءِ مقرر ڪيو، ان وقت هو صاحب ٻهراريءَ ۾
پنهنجي صدر مقام تي هو، هو ويو ۽ اٽڪل ڇهن ڪلاڪن ۾ زباني جواب سان واپس آيو، هن چيو ته جيئن ته، سندس نوڪر گستاخ ۽ شڪي هئا، تنهن ڪري کيس
پنهنجي زميندار جي ديدار حاصل ڪرڻ ۾ ڪجهه تڪليف ٿي، پر جيئن هو پاڻ سندس شاديءَ جي تياريءَ لاءِ ڪاروبار سان ٻاهر پئي ويو، جا ٽن ڏينهن
اندر ٿيڻي هئي، تيئن هن اوچتو کيس ڏٺو هن اسان کي وڌيڪ ٻڌايو ته هو نهايت ئي نهٺائي۽ حليمائي سان ڏانهنس ويو ۽ کيس خط ڏنائين، جو جڏهن
“مسٽر ٿانهل“ پڙهيو، تڏهن چيائين، ”سموري تابعداري هاڻي تمام ديري واري ۽ غير ضروري آهي، ڇا ڪاڻ ته مون اوهان جي ان درخواست بابت ٻڌو آهي،
جا اوهان منهنجي چاچي ڏانهن موڪلي آه ۽ جا حقيراڻي نموني نيڪال ڪئي ويئي آهي، باقي وڌيڪ جي لاءِ هن کان پوءِ سڀئي درخواستون منهنجي مختيار
ڏانهن موڪليون وڃن، ۽ نه مون ڏانهن“ موزز ڏٺو ته جيئن ته کيس انهن ٻن عورتن جي شعور بنسبت تمام سٺو گمان هو، تنهن ڪري اهي شايد تمام موزون
سفارشي ٿيون هوندويون.
مون پنهنجي قيد ڀائيءَ کي چيو، ”چڱو سائين! تون هاڻي ان ماڻهوءَ جو مزاج معلوم ڪري سگهين ٿو، جنهن اسان تي ظلم ڪيو آهي، هو ساڳئي وقت تي خوش مزاج ۽ظالم ٿي سگهي ٿو، ڀلي هو مون
سان جيئن وڻيس، تيئن برتاءُ ڪري، مگر هنن قيد ڪندڙ جملي لوهه جي تاڙين جي باوجود، آءٌ جلدي آزاد ٿيندس، آءٌ هاڻي هڪ ان قيام گاهه ڏانهن
اڳتي وڌندو پيو وڃان، جا جيئن آءٌ ويجهو ٿو وڃان، تيئن وڌيڪ روشن نظر اچي ٿي، هيءَ (اميد) منهنجين مصيبتن کي هلڪو ڪري ٿي ۽ جيتوڻيڪ آءٌ
پويان بيوس يتيمن جو ڪٽنب ڇڏيان ٿو، تنهن هوندي به اميد اٿم ته اهي اصل وساريل نه ٿيندا. ڪو دوست شايد سندن غريب پيءُ جي صدقي هنن جي مدد
ڪرڻ لاءِ لڀي پوندو ۽ شايد ڪي پنهنجي آسماڻي خدا جي واسطي سخاوت سان سندن دستگيري ڪندا“.
جيئن مون ڳالهايو تيئن منهنجي زال جنهن مون کي ان ڏينهن نه ڏٺو هو، سان خوفزده نگاهن سان ڳالهائڻ جون ڪوششون ڪندي حاضر ٿي، مگر ڳالهائي نه سگهي، مون چيو، ”ڇو منهنجي پياري، ڇو
تو اهڙي نموني پنهنجن ڏکن سان گڏ منهنجا ڏک به وڌائين ٿي، ڇا ٿيو، جيڪڏهن ڪي به تابعداريون اسان جي سخت مالڪ کي موڙي نٿيون سگهن، جيڪڏهن هن
مون کي هن مصيبت جي حالت ۾ مرڻ جي سزا ڏني آهي ۽ اسان پنهنجو پيارو ٻچو وڃايو آهي، تنهن هوندي به اڃا تائين تون پنهنجن ٻين ٻارن مان تسلي
حاصل ڪري سگهندينءَ جڏهن آءٌ زنده نه هوندس“. هن جواب ڏنو، ”پاڻ سچ پچ ته هڪ ٻار وڃايو آهي، منهنجي ”صوفيا“ منهنجي پياري صوفيا اسان وٽان
هلي ويئي آهي، اسان کان ڦرجي ويئي ۽ کيس بدمعاش کڻي ويا.“
منهنجي قيد ڀائيءَ چيو، ”ڪيئن خاتون، مس صوفيا بدمعاشن هٿان کڄي ويئي، ؟ خاطري ڪر، ائين ٿي نٿو سگهي،
هوءَ صرف مستحڪم نگاهه ۽ ڳوڙهن جي سيلاب سان جواب ڏيئي سگهي، پر قيدين جي زالن مان هڪ زال جا، اتي حاضر هئي ۽ ساڻس اندر آئي هئي، تنهن اسان کي وڌيڪ چٽو احوال ڏنو، هن اسان کي
آگاهه ڪيو ته جيئن منهنجي زال، منهنجي ڌيءَ ۽ پاڻ ڳوٺ کان ٿورو ٻاهر شاهي رستي تي گهمي رهيون هيون، تيئن هڪ چئن ڦيٿن واري گاڏي ۽ هڪ جوڙو
سوارن جو ڏانهن وڌيو ۽ اوچتو بيهي ويا، جلد ئي هڪ خوش لباس ماڻهو جيڪو ”مسٽر ٿارنهل“ نه هو، ٻاهر قدر رکندي منهنجي ڌيءَ کي چيلهه ۾ ٻک وڌو
۽ زوريءَ کيس اندر ڪري ڪوچوان کي اڳتي هلڻ جو حڪم ڪيو ، ايتري قدر جو هو هڪ ساعت ۾ نظرن کان غائب ٿي ويا.
مون چيو، ”هاڻي منهنجي مصيبتن جو پيالو لبريز ٿي چڪو آهي، ۽ هاڻي ڌرتيءَ جي ڪنهن به شيءَ کي اهو سندس وس ۾ نه آهي، جو مون کي ڪو به ٻيو،ڏک ڏيئي سگهي، ڇا هڪ به نه ڇڏي ويئي! مون
وٽ هڪ به نه ڇڏي ويئي! راڪاس! اهو ٻار جو مون کي پنهنجي دل کان ٻيو نمبر پيارو هو، ۽ کيس هڪ ملائڪ جو حسن ۽ سياڻپ هئي..... مگر ان عورت کي
ٽيڪ ڏي، هن کي ڪرڻ نه ڏي، هڪ به مون وٽ نه ڇڏي ويئي،
منهنجي زال چيو، ”افسوس ، منهنجا پيارا مڙس ڏسجي ٿو ته، تون مون کان به وڌيڪ تسڪين چاهين ٿو، اسان جون مصيبتون وڏيون آهن، پر آءٌ اهي ۽ ان کان به وڌيڪ برداشت ڪري سگهان ٿي،
جيڪڏهن آءٌ صرف تو کي آسودو ڏسان، جيڪڏهن هو صرف تو کي مون وٽ ڇڏين ته پوءِ ڀلي منهنجا سڀ ٻار ۽ سموري دنيا کڻي وڃن.“
منهنجو پٽ جو حاضر هو، تنهن اسان جي ڏک کي هلڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن اسان کي تسليءَ ڏيڻ لاءِ چيو، ڇا ڪاڻ ته هن اميد ٿي ڪئي، ته شايد اسان کي اڃا تائين به شڪر گذار رهڻ جو سبب
هو، مون چيو، ”منهنجا ٻچا تون چوڌاري نظر ڪر ۽ ڏس، جيڪڏهن دنيا ۾ ڪا به خوشيءَ منهنجي لاءِ ڇڏيل هجي، ڇا تسڪين جو هر هڪ ڪرڻو بند ٿيل نه
آهي؟ هن وقت اسان جون جملي ترقيءَ جون روشن اميدون صرف قبر جي پويان رکيل آهن“. هن جواب ڏنو، ”مگر منهنجا پيارا والد صاحب مون کي اميد آهي
ته اڃا تائين ڪا به شيءِ آهي، جا توهان کي ڪجهه عرصي لاءِ خوشي ڏيندي، ڇا ڪاڻ ته مون وٽ منهجي ڀاءُ جارج جو خط آيل آهي“. مون وچ ۾ رنڊڪ
وجهي چيو، ”ٻچا هن جو ڪهڙو احوال آهي،ڇا کيس اسان جي تڪليفن جي خبر آهي؟ مون کي اميد آهي ته منهنجو ڇوڪر، جيڪي به سندس دکي ڪٽنب برداشت ڪري
رهيو آهي، تنهن جي هر ڪنهن اثر کان بري آهي“. هن جاب ڏنو، ”هائو سائين، هو مڪمل طرح خوش ۽ آسوده خورم ۽ راضي آهي،سندس خط سٺيءَ خبر کان
علاوه ٻيو ڪجهه به نٿو آڻي، هو پنهنجي ان ڪپتان جو منظور نظر آهي، جنهن کيس اصل هن کانپوءِ خالي ٿيندڙ ليفٽينٽ جي جڳهه وٺي ڏيڻ جو وعدو ڪيو
آهي“.
منهنجي زال چيو، ۽ تون ان سڀ کان مطمئن آهين؟ ۽ تو کي يقين آهي ته ڪابه مصيبت منهنجي ڇوڪري جي مٿان نازل نه ٿي آهي، “. منهنجي پٽ چيو، ” ها يقينا ڪجهه به نه جڏهن توهين اهو خط
ڏسندو، تڏهن اهو توهان کي گهڻي ۾ گهڻي خوشي ڏيندو ۽ جيڪڏهن هن وقت ڪا به شيءَ توهان کي تسلي ڏيئي سگهي ٿي ته مون کي خاطري آهي ته اهو ئي
ڏيندو.“ وري به سندس ماءُ دهرائي چيو، ”پر تون کي خاطري آهي ته اهو خط وٽانئس آيل آهي ۽ سچ پچ ته اهو اهڙو خوش آهي؟“ ”موزز“ جواب ڏنو،
”هائو امان، خاطري آهي، ته اهو خط سندس ئي آهي ۽ هو ڪنهن ڏينهن اسان جي ڪٽنب جو ناموس ۽ شان ٿيندو“. هن چيو ”تڏهن آءٌ پروردگارجو شڪر ڪريان
ٿي، جو منهنجو ڏانسهن موڪليل خط پوري پتي تي نه پهچايو ويو“. ”ها، منهنجا پيارا“. هن مون ڏانهن مهڙ ڪندي چيو، ”هاڻي آءٌ قبول ڪنديس، ته
جيتوڻيڪ ٻين واقعن ۾ اسان تي آسمان تمام سخت ٿيو آهي، تاهم هن وقت مهربان ثابت ٿيو آهي، آخري خط جو مون تمام سخت ڪاوڙ جي ڪوڙائي ۾ پنهنجي
پٽ کي لکيو هو، تنهن ۾ مون کانئس گهر ڪئي هئي ته جيڪڏهن کيس هڪ مرد جي دل هئي ته پوءِ سندس ماءُ جي دعائن جي صدقي هو، سندس ڀيڻ ۽ پيءُ جو
بدلو وٺي، پر ان موليٰ سائينءَ جا شڪرانا ڪجن، جو سڀني شين کي انتظام هيٺ هلائي ٿو، ڇا ڪاڻ ته اهو خط پوري پتي تي نه پهچايو ويو ۽ آءٌ هاڻي
خوش آهيان“. مون چيو، ”عورت تو تمام خراب ڪم ڪيو آهي، ۽ ڪنهن ٻئي وقت تي منهنجيون ملامتون شايد گهڻو سخت هجن ها، تحقيق پروردگار، جيترو خود
اسين پاڻ تي مهربان آهيون، ان کان وڌيڪ هن ڪم ۾ اسان تي مهربان ٿيو آهي، هن پنهنجي پٽ کي انهيءَ لاءَ محفوظ رکيو آهي ته جڏهن آءٌ مري وڃان
تڏهن هو منهنجي ٻارن جو سنڀاليندڙ ٿئي، پر هن هاڻي ڪهڙيون ڀينرون ڇڏيون آهن، هن کي هاڻي ڪي به ڀينرون نه آهن، اهي ٻئي هليون ويون، اهي مون
کان کسيون ويون ۽ آءٌ برباد ٿي ويو آهيان“. منهنجي پٽ وچ ۾ چيو، ”بابا آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان ته اوهين مون کي هن خط پڙهڻ جي اجازت ڏيو،
مو ن کي خبر آهي ته هيءُ خط اوهان کي خوش ڪندو“. ان بعد هن منهنجي اجازت سان اهو خط هيٺين طرح پڙهڻ شروع ڪيو.
محترمه قبله سائين
”مون پنهنجي خيال کي ڪجهه ساعتن لاءِ انهن خوشين کان جي مون وٽ موجود آهن. هٽائين انهن شين ڏانهن متوجهه ڪرڻ لاءِ ڦيرايو آهي، جي اڃا به وڌيڪ خوشي ڏيندڙ آهن، يعني گهر جي وڻندڙ
ننڍڙيءِ چلهه جو پاسو. منهنجو وهم اهو انومان ڪڍي ٿو، ته اهي ضرر ٽولو هن جي سڀ ڪنهن سٽ ڏانهن جميعت سان متوجهه آهي، آءٌ اهي ماڻهو مسرت
سان ڏسان ٿو،جن ڪڏهن به حرص يا مصيبت جو بي ڊولو ڪندڙ هٿ محسوس نه ڪيوآهي، گهر ۾ اوهان کي کڻي ڪيتري به خوشي هجي، مگر مون کي يقين آهي، ته
اهي احوال اوهان جي خوشيءَ ۾ اضافو آڻيندو، آءٌ پنهنجيءَ حالت تي مڪمل طرح خوش۽ سڀ ڪنهن طريقي مطمئن آهيان، اسان جو فوجي دستو منسوخ ٿيو
آهي ۽ ان کي حڪومت جون حدون ڇڏڻيون نه آهن، ڪپتان جو منهنجي دوست هئڻ جي هام هڻي ٿو، سو مون کي سڀني فوجي دوستن ڏانهن جتي به سندس واقفيت
آهي، پاڻ سان گڏ وٺي هلي ٿو ۽ پنهنجي پهرين ملاقات کانپوءِ آءٌ عام طرح ڏسان ٿو ته وري ان جي دهرائڻ تي منهنجو وڌيڪ عزت سان استقبال ڪيو
وڃي، گذريل رات مون ”ليڊي گرانٽ“ سان ناچ ڪيو، مگر اوهان کي معلوم هجي ته اها محبوبه جنهن کي حاصل ڪرڻ ۾ آءٌ شايد ڪامياب ٿيان، جو اڃا گهڙي
به آءٌ وساري ڪين سگهيس، منهنجو نصيب ئي ڪو اهڙو آهي، جو اڃا تائين به آءٌ ٻين کي ياد ڪريان ٿو، حالانڪ آءٌ پاڻ پنهنجن غير حاضر دوستن مان
تمام گهڻن کان وسريل آهين ۽ مون کي خوف آهي ته آءٌ ضرور اوهان کي به انهن ۾ شمار ڪندس، ڇاڪاڻ ته مون گهڻو ئي وقت گهر جي طرف کان خط جي مسرت
جي بي فائدي اميد رکي آهي، اوليويا ۽ صوفيا پڻ خط لکڻ جو وعدو ڪيو هو، پر ڏسجي ٿو ته انهن پاڻ مون کي وساري ڇڏيو آهي، کين ٻڌايو ته هو ٻه
”لوٺيا فقير“ آهن ۽ ائين به ته آءٌ هن ساعت ساڻن تمام سخت ڪاوڙيل آهيان، جيتوڻيڪ آءٌ ڪجهه شوخي ڪرڻ چاهيان ٿو، تنهن هوندي به اڃاتائين مون
کي خبر نٿي پوي ته ڪيئن منهجي دل صرف نرم جذبن ڏانهن جوابده آهي، تڏهن به سائين! کين ٻڌايو ته انهي هوندي به آءٌ کين دلي محبت ڪريان ٿو،
هميشه خاطري ڪريو ته آءٌ اوهان جو فرمانبردار فرزند آهيان.“
مون واڪو ڪري چيو، ”منهنجا پٽ، اسان جي سڀني مصيبتن جي باوجود ڪهڙن احساسن جو شڪرانو ڪرڻ گهرجي، جو اسان جي ڪٽنب مان ڪم از ڪم هڪڙو، جيڪي اسين ڀوڳيون ٿا، ان کان بري آهي، موليٰ
شل سندس نگهبان ٿئي ۽ اهڙي طرح منهنجي ڇوڪري کي پنهنجي بيوه ماءُ جي هدايت ڪرڻ ۽ هنن ٻن ٻارن جي سنڀاليندڙ ٿيڻ لاءِ خوش رکي، اهو ئي جملي
اباڻو ورثو آهي، جو آءٌ کيس ورثي ۾ ڏيئي سگهان ٿو، شال هو سندس معصوميت کي ضرورت جي لالچ کان پري رکي، ۽ عزت جي رستي تي سندن هلائيندڙ ٿئي“
مون اڃا اهي لفظ مس چياس ته هڪ هل هنگامو پريان جيل جي دروازي کان ويجهو ايندو، ٻڌو ويو، جلدي اهو جهڪو ٿي ويو ۽ منهنجي ڪوٺيءَ ڏانهن ايندڙ
رستي ٻيڙين جو کڙڪو ٻڌڻ ۾ آيو، جيل جو داروغو، خون ۾ رتوڇاڻ ٿيل، ۽ زخميل ۽ سخت ڳرين ڪڙين سان ٻيڙيون پيل هڪ ماڻهو کي جهليندي اندر داخل
ٿيو، جيئن هو ويجهو آيو تيئن مون هن ڏي قياس سان نهاريو، مگر جڏهن مون ڏٺو ته هو منهنجو پٽ هو، تڏهن مون خوف سان نهاريو، منهنجا جارج!
منهنجا جارج، ڇا آءٌ تو کي هن نموني ۾ ڏسان ٿو! زخميل ڪڙيون لڳل! ڇا هيءَ ئي تنهنجي خوشي آهي؟ ڇا اهي تنهنجو طريقو آهي، جنهن ۾ تون مون
ڏانهن واپس اچين ٿو؟ ڪاش! هي نظارو منهنجيءَ دل کي يڪدم ٽوڙي ڇڏي، ۽ مون کي ماري ڇڏي.
منهنجي پٽ دليراڻي آواز سان چيو، ”سائين ڪيڏانهن وئي توهان جي برباديء؟ آءٌ ضرور تڪليف برداشت ڪندس، منهنجي زندگي ضبط ٿي ويئي آهي ۽ ڀلي هو اها وٺن“.
مون پنهنجن جذبن کي ڪجهه لمحن لاءِ صبر ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر مون سمجهيو ته آءٌ شايد ان ڪوشش ڪرڻ سان مري پوان ها، ”افسوس منهنجا پٽ منهنجي دل تو کي هن حالت ۾ ڏسڻ تي روئي ٿي،
پر آءٌ ڪجهه ڪري نٿو سگهان ۽ ان کي روڪي به نٿو سگهان، ان ساعت جنهن ۾ تو کي نوازيل سمجيو ويو ۽ تنهنجي سلامتي لاءِ التجا ڪئي ويئي، انهي
وقت ۾ وري تو کي هن حالت ۾ ڏسان! زنجيرون پيل ۽ زخمي واقعي جوانيءَ جو موت خوشي وارو آهي پر آءٌ پيرسن آهيان، تمام پيرسن ۽ شايد هن ڏينهن
ڏسڻ لاءِ زنده رهيو آهيان، جنهن وقت آءٌ ڪمبخت پس مانده برباديءَ جي وچ ۾ پيو رهان ان وقت پنهنجن ٻارن کي بي وقتو پنهنجي اڳيان مرندو ڏسان!
شال جملي بد دعائون هميشه لاءِ روح کي تباهه ڪري ڇڏين، سي منهنجن ٻارن جي خونيءَ مٿان تمام ڳوريون ڪڙڪن !ڀلي ته هيءَ به مون وانگر اهڙن
ڏينهن ڏسڻ لاءِ زنده رهي“
منهنجي پٽ چيو، ”نه سائين! هاڻي توهان جو فرض آهي ته، توهين مون کي ان خسيس موت لاءِ تيار ڪريو، جو مون کي ضرور سهڻو پوندو، مون کي اميد ۽ پختي ارادي سان مسلح ڪريو ۽ ان تمام
سخت ڪوڙاڻ پيئڻ لاءِ ڏياريو جا جلدي منهنجو حصو ٿيندي. همت منهنجا ٻچا تون کي مرڻ مناسب نه آهي، مون کي خاطر آهي ته تنهنجو ڪو به جرم
اهڙيءَ بڇڙيءَ سزا جو لائق ٿي نٿو سگهي، منهنجو ”جارج “ ڪڏهن به پنهنجن وڏن کي پاڻ کان شرمسار ڪرڻ لاءِ ڪنهن به ڏوهه جو ڏوهاري ٿي نٿو
سگهي.“
منهنجي پٽ وراڻيو، ”مون کي خوف آهي ته منهنجو ڏوهه ناقابل معافي آهي، جڏهن مون کي گهر مان محترمه والده صاحبه کان خط پهتو، تڏهن آئون يڪدم اتان روانو ٿيس، اسان جيءَ عزت سان ڊوه
ڪندڙ کي سزا ڏيڻ جو ارادو ڪيم ۽ کيس مون سان ملڻ لاءِ چيم، جنهن جو جواب هن پنهنجو پاڻ نه، مگر پنهنجن چئن گهرو ماڻهن کي منهنجي پڪڙڻ لاءِ
موڪلڻ سان ڏنو، مون هڪ کي زخمي ڪيو پر بچيلن مون کي قيدي بنايو آهي، انهيءَ ڊڄڻي قانون کي منهنجي بر خلاف عمل ۾ آڻڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي ۽
ثابتيون نٽائڻ جهڙيون نه آهن، پهرين مون للڪار موڪلي آهي ۽ جيئن ته آءٌ قانون موجب پهريون قصور وار آهيان، تنهن ڪري آئون معافيءَ جي اميد
ڪا نه ٿو ڏسان، پر توهان اڪثر مون کي بردباريءَ جي سبقن سان مسلح ڪيو آهي، مون کي اجازت ڏيو، ته آءٌ انهن کي اوهان جي مثال ۾ ڏسان.“
”منهنجا پٽ تون انهن کي حاصل ڪندين، هاڻي آءٌ دنيا ۽ جيڪي جملي شيون اها پيدا ڪري ٿي، انهن کان بلند آهيان، هن ساعت کان وٺي آءٌ پنهنجي دل جا سڀ ٻنڌڻ جن کيس دنيا ۾ قابو جهليو،
ٽوڙيان ٿو ۽ پاڻ ٻنهين کي جا وداني حياتيءَ جي لائق بنائڻ واسطي تيار ڪندس هائو منهنجا پٽ، آءٌ ان رستي ڏانهن اشارو ڪندس ۽ منهنجو روح
تنهنجي مٿي چڙهڻ ۾ رهنمائي ڪندو، ڇا ڪاڻ ته پاڻ بئي گڏ هجرت ڪنداسون، آءٌ هاڻي ڏسان ٿو ۽ مطمئن آهيان، ته تون هتي ڪنهن به معافيءَ جي اميد
رکي نٿو سگهين ۽ آءٌ تو کي اها صرف ان وڏي ۾ وڏي عدالت وٽ جتي پاڻ ٻنهي کي ٿوري ئي عرصي ۾ جواب ڏيڻوپوندو، حاصل ڪرڻ لاءِ سمجهاڻي ڏيئي
سگهان ٿو، پر اچو ته پاڻ پنهنجي سمجهاڻي ۾ فراخ دل ٿيون.
باب اوڻٽيهون
خالق جو مخلوق سان هڪ جهڙو برتاءُ
منهنجا دوستو، منهنجا ٻچا، ۽ مصيبت زده رفيقو، جڏهن آءٌ هتي هيٺ نيڪيءَ ۽ بديءَ ڏي نـظرٿو ڪريان ته ڏسان ٿو ته انسان کي گهڻو ئي ڪجهه لطف وٺڻ لاءِ عطا ڪيو ويو آهي، ليڪن اڃا به
گهڻو سهڻ لاءِ ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن اسان دنيا کي جانچينداسون، ته اسان ڪو به هڪ ماڻهو اهڙو خوش ڪون نه ڏسنداسون، جو ڪنهن به شيءِ جي طلب
ڪندڙ نه هجي، پر اسان روزانو هزارين اهڙا ماڻهو ڏسون ٿا، جي ”آپگهات“ ڪرڻ سان اسان کي ڏيکارين ٿا، ته وٽن ڪا به شيءِ اميد ڪرڻ لاءِ رهيل نه
آهي، تنهن ڪري هن حياتيءَ ۾ اهو ظاهر ٿو ٿئي ته اسين مڪمل طرح نوازيل ٿي نٿا سگهون، پر تنهن هوندي به شايد اسين مڪمل طرح دکي ٿي سگهون ٿا.
ماڻهن کي ڇو اهڙيءَ طرح دک محسوس ڪرڻ گهرجي، ڇو عالمگير خوشحاليءَ جي حلقي ۾ اسان جي ڪمبختي لاءِ طلب هجي، جڏهن ٻيا سڀئي سرشتا سندن ماتحت ڀاڱن جي تڪميل سان مڪمل ڪيل آهن، تڏهن
ان وڏي سرشتي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اهي ڀاڱا، جي نه فقط ٻين جا زيردست آهن، پر خود پنهنجو پاڻ به اڌورا آهن، جي طلب ڪرڻ گهرجي، هي آهي سوال
آهن، جي ڪڏهن به سمجهائي نٿا سگهجن ۽ جيڪڏهن معلوم ٿين ته بيڪار ٿي پون، هن موضوع تي پروردگار اسان جي انتظاريءَ کي ٽارڻ مناسب سمجهيو ۽
تسليءَ خاطر اسان کي مقصدن عطا ڪرڻ سان مطمئن ڪيو ،
هن حالت ۾ انسان فلسفي جي مدد جي طلب ڪئي آهي، آسمان ان کي تسلي ڏيڻ لاءِ نااهل ڏسندي، کيس مذهب جي مدد ڏني آهي، حڪمت جون تسليون گهڻي خوشي ڏيندڙ آهن، مگر اڪثر فريبي آهن، اها
اسان کي ٻڌائي ٿي، ته زندگي سهنجن سان ڀرپور آهي، جيڪڏهن اسين صرف انهن مان لطف وٺون ۽ ٻئي طرف جيتوڻيڪ ا سان جي لاءِ هتي ڪيتريون ناگزير
مصيبتون آهن، پر حياتي ننڍي آهي ۽ اهي جلد ختم ٿي وينديون، اهڙيءَ طرح هي تسليون هڪ ٻئي کي ناس ڪري ڇڏين ٿيون، ڇا ڪاڻ ته جيڪڏهن حياتي آرام
جي جڳهه آهي، ته ان جي ڇوٽائي ضرور دکدائڪ ٿيندي ۽ جيڪڏهن اها ڊگهي ٿي پوندي، ته اسان جا ڏک به گهڻو وقت جٽاندار ٿي پوندا، اهڙيءَ طرح حڪمت
ڪمزور آهي، مگر مذهب مٿانهين انداز ۾ تسلي ڏيئي ٿو، اسان کي ٻڌائي ٿو ته انسان هتي پنهنجي دل کي لائق بنائڻ لاءِ ۽ ان کي ٻيءَ رهائش گاهه
جي تيار ڪرڻ لاءِ آيل آهي، نيڪ ماڻهو جڏهن پنهنجو بدن وساري ڇڏي ٿو ۽ سڄو شاندار روح آهي، تڏهن هيءُ ڏسندو، ته هو خود هتي هڪ خوشيءَ جو
بهشت ٺاهي رهيو آهي، پر ڪمبخت جو پنهنجن بڇڙاين سان جڏو ڪيل ۽ ناپاڪ ڪيل آهي سو خوف سبب پنهنجي بدن کان به پري ڀڄي ٿو ۽ ڏسي ٿو ته پاڻ
آسمان جي وير جي اميد رکي اٿس، تنهن ڪري حياتي جي سڀ ڪنهن مرحلي ۾ اسين مذهب کي ضرور پنهنجو سچي ۾ سچو سک ڪري وٺون، ڇا ڪاڻ ته جيڪڏهن اسين
اڳيئي خوش آهيون ته ائين سمجهڻ ئي خوشي آهي ته اسين انهيءَ خوشيِءَ کي بي انتها بنائي سگهون ٿا، ۽ جيڪڏهن اسين دکي آهيون ته ائين سمجهڻ ئي
وڏي راحت آهي ته هتي آرام جي جڳهه آهي، اهڙيءَ طرح مذهب بختاور لاءِ نعمت جي لاڳيتي سلسلي ۽ دکيءَ لاءِ دک جي تبديلي جي خاطري ڏئي ٿو.
ازانسواءِ جيتوڻيڪ مذهب، سڀني ماڻهن تي تاهم ان درد مند ماڻهن لاءِ خاص عيوضا واعدا ڪيا آهن، بيمار، اگهاڙي، بي گهر. ڳريءَ مصيبت هيٺ آيل ۽ قيديءِ لاءِ تمام گهڻا واعدا اسان جي
پاڪ مذهب ۾ موجود آهن، اسان جي مذهب جو جوڙيندڙ هر هنڌ مصيبت زده جي دوست هئڻ جي دعويٰ رکي ٿو، بي سمجهه ماڻهن ان روش کي لياقت بغير
پسنديدگي سمجهي خوشامد جو عتاب ڏنو آهي، پر اهي ڪڏهن به اهو خيال نٿا ڪن ته خود آسمان کي به طاقت نه آهي، جو دائمي مسرت جي پيشڪش کي آسودن
ماڻهن وٽ اهڙي وڏي نعمت بنائي سگهجي، جهڙي ڏتڙيل ماڻهن وٽ. پهرين وٽ دائمي جٽاءُ فقط هڪ نعمت آهي، ڇاڪاڻ ته گهڻي ۾ گهڻو ته هوءَ صرف، جيڪي
هو اڳيئي قبضي ۾ رکن ٿا، ان کي وڌائي ٿي، پوئين وٽ اها ٻٽي فائديمند آهي، ڇاڪاڻ ته اها انهن جو درد هتي گهٽائي ٿي ۽ کين هن کانپوءِ آسماني
نعمت وسيلي اجورو ڏئي ٿي.
پروردگار ٻيءَ حالت ۾ شاهوڪارن کان وڌيڪ غريبن تي مهربان آهي، ڇاڪاڻ ته جيئن هو مٿي بيان ڪيل پيشڪش وسيلي موت کان پوءِ سندس حياتيءَ کي وڌيڪ پسنديده ڪري ٿو، تيئن هو اوڏانهن جي
رستي کي به سڌو سنواٽو ڪري ٿو. مصيبت زده جي هر ڪنهن خوف جي حالت سان دراز عرصي کان بي تڪليف هوندي آهي، جڏهن موت اچي ٿو، تڏهن غمن وارو
ماڻهو سواءِ ڪن به ملڪيتن تي افسوس ڪرڻ جي پاڻ کي صبر سان پيش ڪري ٿو ۽ کيس سندس رحلت کان روڪڻ لاءِ صرف ڪي تمام ٿورڙيون بندشون آهن، هو
آخري جدائيءَ ۾ صرف اهو فطرت جو درد محسوس ڪري ٿو، جو ڪنهن به حالت ۾ ان کان وڌيڪ وڏو نه آهي، جنهن هيٺ هيءُ اڳي اڪثر طرح زير بار ٿيو هو،
پروردگار مصيبت زده کي هن حياتي ۾ آسودي جي مٿان ٻه فائدا ڏنا آهن، هڪ مرڻ ۾ گهڻي آسودگي ۽ ٻيو بهشت ۾، ان خوشيءَ جي فوقيت، جا مقابلا ڪيل لطف مان اڀري ٿي، منهنجا دوست، هيءَ
فوقيت ڪو ننڍو فائدو نه آهي ۽ اها مٿي ڏيکاريل تمثيل ۾ غريب ماڻهو جي خوشين مان هڪ خوشي آهي،
اهڙيءَ طرح منهنجا دوستو، توهين ڏسو ٿا، ته مذهب اهو ڪم ڪري ٿو، جو حڪمت ڪڏهن به ڪري نٿي سگهي. مذهب آسودن ۽ دردمندن لاءِ آسمان جو هڪ جهڙو سلوڪ ڏيکاري ٿو ۽ سمورين انسانذات جي
خوشين کي قريبا هڪ ئي درجي تي سنواري سڌو ڪري ٿو، هو ٻنهي، غريبن توڙي شاهوڪارن کي هن حياتيءَ کانپوءِ ساڳي خوشي ۽ هڪ جهڙيون اميدون ۽
آرزوئون رکڻ لاءِ ڏئي ٿو، جيڪڏهن شاهوڪارن کي هتي موج ماڻڻ جو لاڀ آهي، ته هن کانپوءِ جڏهن غريب لا محدود سعادت سان تاج پهرايل آهن، تڏهن
کين هن معلوم هئڻ جو لا محدود راضپو حاصل ٿئي ٿو، ته هڪ وقت ڪمبخت ٿيڻ ڇا هو، جيتوڻيڪ ان کي ننڍو فائدو ٿئي ٿو ته هڪ وقت ڪمبخت ٿيڻ ڇا هو،
جيتوڻيڪ ان کي ننڍو فائدو سڏڻ گهرجي، تنهن هوندي به جٽادار هئڻ سبب اهو پنهنجي عرصي جي وسيلي وڏي ماڻهو جي بي جٽا خوشيءَ پنهنجي گهڻائيءَ
سبب جيڪا واڌ ڪئي هوندي، ان جو ضرور پورائو ڪندو.
اهي ئي تسليون آهن، جي بد نصيبن کي خاص قسم جون آهن ۽ انهيءَ ۾ هو ٻئي انسان ذات کان مٿي آهن، پر ٻين ڳالهين ۾ انهن کان هيٺ آهن، اهي جي غريبن جون پريشانيون ڄاڻندا هوندا، سي
ضرور زندگي ڏسندا ۽ اها برداشت ڪندا، اهي فاني فائدا جي هو ماڻين ٿا، انهن تي جوش و خروش سان ڳالهائڻ صرف ان کي دهرائڻ آهي،جنهن کي نڪي ڪو
قبول ڪري ٿو، ۽ نڪي عمل ۾ آڻي ٿو، اهي جن وٽ ضروريات زندگيءَ جون شيون موجود آهن، سي غريب نه آهن ۽ اهي جيڪي انهن جي طلب رکن ٿا، سي ضرور
خسته حال هوندا، باريڪ بين قوت متخيله جون اجايون ڪوششون نڪي قدرت جي ضرورت کي دلاسو نڪي جيل جي پرنم خيال خام کي حالات جي مطابق رنگ
اختيار ڪرڻ وارو ميٺاج،نڪي شڪسته دل جي ڌڪ ڌڪ کي فرحت ڏيئي سگهن ٿيون، ڀلي ته حڪيم پنهنجيءَ فرمائش واري فرحت گاهه مان اسان کي ٻڌائي ته
اسين انهن سڀني جو مقابلو ڪري سگهون ٿا، افسوس! اها ڪوشش جنهن سان اسين آهن جو مقابلو ڪريون ٿا، سو اڃا به وڏي ۾ وڏو درد آهي، موت سوکو آهي
۽ هر ڪو ماڻهو ان کي گوارا ڪري سگهي ٿو، مگر عذاب تمام خوفناڪ آهي ۽ اهو ڪو به ماڻهو برداشت ڪري نٿو سگهي.
اهڙي طرح منهنجا دوستو، تڏهن اسان کي بهشت ۾ خوشيءَ جا واعدا خاص طرح پيارا هئڻ گهرجن، ڇا ڪاڻ ته جيڪڏهن اسان جو اجورو صرف هن حياتيءَ ۾ ئي هجي، ته پوءَ اسين سچ پچ ته سڀني
ماڻهن کان وڌيڪ دکي آهيون، جڏهن آءٌ هنن انڌوهناڪ ڀتين جي چوڌاري نهاريان ٿو، جي مون کي ڊيڄارڻ ۽ بند رکڻ لاءِ ٺاهيون ويون آهن، جڏهن آءٌ
هي روشني ڏسان ٿو، جا صرف هن جڳهه جي خوفن ۽ انهن ڪڙين ڏيکارڻ جو ڪم ادا ڪري ٿي، جي ظلم مون کي وڌيون آهن يا ڏوهه انهن کي ضروري ڪيو آهي،
جڏهن آءٌ اهي جهڪيون نگاهون ڏسان ٿو ۽ اهي ڪنجهڪارون ٻڌان ٿو، او! منهنجا دوستو، تڏهين بهشت انهن لاءِ ڪهڙي نه شاندار تبديلي ٿيندي، هوا
وانگر لامحدود ملڪن وچان اڏامڻ،لا فاني نعتمن جي سورج جي روشنيءَ ۾ اس وٺڻ، حمد و ثنا جا پورا نه ٿيندڙ نغما ڳائڻ، اسان کي ڊيڄارڻ يا بي
عزت ڪرڻ لاءِ ڪو به آقا نه هجڻ، مگر صرف نيڪيءَ جو خاڪو ، خود بخود هميشه اسان جي اکين ۾ هجڻ. جڏهن آءٌ انهن ڳالهين جو ويچار ڪريان ٿو،
تڏهن موت تمام سٺين بشارتن جو پيغام آڻيندڙ ٿي پوي ٿو، جڏهن آءٌ انهن ڳالهين جو ويچار ڪريان ٿو،تڏهن هن جو تيز تير منهنجي ٽيڪ جي لٺ ٿي پوي
ٿو، جڏهن آءٌ انهن ڳالهين تي ويچار ڪريان ٿو، تڏهن حياتيءَ ۾ ڪهڙي شيءِ هئڻ جي لائق آهي؟ جڏهن آءٌ انهن شين جو ويچار ڪريان ٿو، تڏهن ڇا
آهي، جو ڌڪاري ڇڏڻ نه گهرجي؟ بادشاهن کي پنهنجي محلاتن ۾ اهڙن فائدن لاءِ ڪنجهڻ گهرجي، پر اسين جيئن ته نماڻا آهيون، تنهن ڪري اسان کي انهن
لاءِ آرزو رکڻ گهرجي.
ڇا اهي شيون اسان جون ٿينديون؟ اهي خاطريءَ سان اسان جون ٿينديون ، جيڪڏهن اسين صرف انهن لاءِ ڪوشش ڪنداسون ۽ اها اسان لاءِ هڪ تسڪين آهي، جو اسين انهن ڪيترن زيبن کان دور رکيل
آهيون، جي جيڪر اسان جي جستجوءَ ۾ روڪ وجهن، اچو ته صرف اسين انهن لاءِ ڪوشش ڪريون ۽ خاطريءَ سان اهي اسان جون ٿي پونديون، اڃا به جيڪا
تسلي آهي، سا اها ته اهو ڪم تما ٿوري عرصي ۾ ٿيندو، ڇا ڪاڻ ته جيڪڏهن اسين گذريل حياتي ڏانهن پوئتي نهاريون ٿا، ته اها اسان کي صرف تمام
ننڍڙي وڇوٽي نظر اچي ٿي ۽ جيڪو به اسين پنهنجي باقي حياتيءَ لاءِ ويچار ڪنداسون، اهو اڃا به گهٽ عرصو ڏسڻ ۾ ايندو، جيئن اسين ٻڍا ٿيندا ٿا
وڃون، تيئن ڏينهن وڌيڪ ننڍا ٿيندا ٿا وڃن ۽ اسان جي وقت سان گهرائي هميشه سندس انتظار جي پروڙ ۾ ڪمي وجهي ٿي، تڏهن اچو ته هاڻي آرام ڪريون
ڇاڪاڻ ته اسين جلد پنهنجي مسافريءَ تي ڇيڙي جتي پهچنداسون، اسين جلد اهو ڳورو بار جو آسمان اسان تي رکيوآهي، سو لاهي ڇڏينداسون. جيتوڻيڪ
موت، جو ئي خسته حال جو صرف هڪ دوست آهي، سو ڪجهه وقت لاءِ ان ٿڪل مسافر کي ڏسڻ سان ٺٺولي ڪري ٿو ۽ سندس دائره نگاهه وانگر اڃا تائين به
سندس اڳيان اڏامي ٿو، تنهن هوندي به خاطري آهي، ته ٿوري ئي عرصي ۾ اهو وقت ايندو، جڏهن اسين مشقت ڪرڻ کان بس ڪنداسون، جڏهن دنيا جا اعليٰ
طبقي وارا انسان اسان کي گهڻو وڌيڪ ڌرتي تي نه لتاڙيندا، جڏهن اسين خوشيءَ سان پنهنجي مصيتبن تي ويچار ڪنداسون، جڏهن اسين پنهنجي سڀني
دوستن يا اهڙن سان، جن اسان جي دوستيءَ جي لياقت رکي ٿي، گهيريا وينداسون، جڏهن اسان جي نعمت نه بيان ڪرڻ جوڳي ۽ اڃا تائين به سڀني کي
فائيديمند ٿيڻ لاءِ نه ختم ٿيڻ جوڳي ٿيندي.
باب ٽيهون
خوشيءَ واريون اميدون
جڏهن مون پنهنجو خطبو ختم ڪيو، تڏهن جيل جوداروغو، جو نرم دل ماڻهن مان هڪ هو، تنهن چيو، ”مون کي اميد آهي ته توهين ناراض نه ٿيندا، ڇا ڪاڻ ته جيڪي به آئون ڪريان ٿو، سو صرف
منهنجو فرض آهي، آءٌ توهان جي پٽ کي ڪنهن وڌيڪ مضبوط ڪوٺيءَ ۾ وٺي وڃڻ لاءِ مجبور آهيان، مگر آءٌ کيس اجازت ڏيندس ته ڀلي روزانو توهان سان
ملاقات ڪري“ مون سندس رحم واري هلت تي سندس شڪر گذاري ڪئي ۽ پنهنجي پٽ جو هٿ جهلي کيس خدا حافظ ڪري هدايت ڪيم، ته جيڪو وڏو فرض کيس اڳيان
هو ان لاءِ خبردار ٿئي.
آءُ وري ليٽي پيس، منهنجي ننڍڙن مان هڪڙو منهنجي بستري جي ڀرسان پڙهڻ ويٺو ۽”مسٽر جينڪنسن“ اندر ايندي مون کي آگاهه ڪيو، ته منهنجي ڌيءَ جي خبر ملي آهي، ته کيس هڪ ماڻهو، ٻه
ڪلاڪ اڳي هڪ اجنبي سکر ماڻهو سان گڏ ڏٺو، جنهن چيو ته هو هڪ پسگردائي واري ڳوٺ ۾ ناشتي لاءِ ترسيا هئا ۽ ائين ڏٺو ويو ته ڄڻ ته هو شهر
ڏانهن پئي موٽيا، هن اڃا اها خبر مشڪل ڪا ڪئي هوندي، ته داروغو تڪڙو ۽ خوشيءَ جي نگاهن سان مون کي اطلاع ڏيڻ آيو، ته منهنجي ڌيءَ هٿ ڪئي
ويئي هئي، ان کان هڪ ساعت پوءِ ”موزز“ ڊوڙندو واڪا ڪندو آيو ته سندس ڀيڻ ”صوفيا“ اسان جي جهوني دوست ”برچل“ سان گڏ پئي آئي.
جئين ئي هن هيءَ خبر پهچائي، تيئن منهنجي پياري ڌيءَاندر گهڙي ۽ خوشيءَ جي بيتاب نگاهن سان، محبت جي بيخوديءَ ۾، مون چمي ڏيڻ لاءِ ڊوڙي، سندس ماءُ جي لڙڪن ۽ صبر پڻ سندس خوشيءَ
ڏيکاري. موهيندڙ ڇوڪريءَ چيو، ”بابا اجهو هيءُ ئي اهو بهادر آهي، جنهن جي آءٌ پنهنجي آزاديءَ لاءِ ممنون آهيان، ۽ پنهنجي خوشيءَ ۽ سلامتي
لاءِ پڻ هن معزز ماڻهوءَ جي مقروض آهيان”مسٽر برچل“ جنهن جي خوشيءَ مورڳو سندس خوشيءَ کان به وڌيڪ ڏٺي پئي ويئي، ان جي هڪ چميءَ جيڪي هوءَ
چئي رهي هئي، ان ۾ رڪاوٽ وڌي.
مون چيو، ”افسوس ”مسٽر برچل“ هيءَ هڪ خسته حال رهائش گاهه آهي، جنهن ۾ تون هاڻي اسان کي ڏسين ٿو ۽ اسين هاڻي جهڙو تو اسان کي اڳي ڏٺو هو، ان کان گهڻو مختلف آهيون، تون اسان جو
هميشه دوست هئين، اسان بنسبت پنهنجيون غلطيون هن کان گهڻو اڳ محسوس ڪيون آهن ۽ پنهنجيءَ بي شڪريءَ تي پڇتاءُ اٿئون، آءٌ پنهنجي خراب برتاءُ
ڪري تنهنجي منهن ڏسڻ کان به شرمندو آهيان، تنهن هوندي به مون کي اميد آهي ته مون کي معاف ڪندين، ڇا ڪاڻ ته آءٌ ڪميڻي، ظالم ۽ ڪمبخت کان
ٺڳجي ويو هوس، جنهن دوستيءَ جي پردي ۾ مون کي برباد ڪيو آهي.“
”مسٽر برچل“ جواب ڏنو ،”جيئن ته توهان ڪڏهن به منهنجي ناراضگي جا مستحق نه هئا، تنهن ڪري اهو ناممڪن آهي، جو آءٌ توهان کي معافي ڏيان، ان وقت مون ڪجهه قدر توهان جو خيال خام ڏٺو
۽ جيئن ته ان کي روڪڻ منهنجي طاقت کان ٻاهر هو، تنهن ڪري آءٌ ان تي صرف قياس ڪري ٿي سگهيس“.
مون چيو، “اهو هميشه منهنجو اندازو هو ته تنهنجي دل شريف آهي جو آءٌ توهان کي معافي ڏيان، ان وقت کان ٻاهر هو، تنهن ڪري آءٌ ان تي صرف قياس ڪري ٿي سگهيس،“
مون چيو، ”اهو هميشه منهنجو اندازوهو ته تنهنجي دل شريف آهي ۽ هاڻي به آءٌ ان کي اهڙيءَ طرح ئي ڏسان ٿو، پر منهنجا ٻچا، مون کي ٻڌاءَ ته تون ڪيئن آزاد ٿين، يا اهي ڪهڙا لفنگا
هئا، جي تو کي کڻي ويا“.
هن جواب ڏنو، ”سچ پچ“ ته بابا اهو بدمعاش جو مون کي کڻي ويو، ان بابت آئون اڃا تائين بيخبر آهيان، ڇا ڪاڻ ته آءٌ ۽ منهنجي ماءُ جيئن ٻاهر پئي گهميونسين، تيئن هو اسان جي پويان
آيو ۽ ان کان اڳ جو آءٌ مدد لاءِ سڏ ڪري سگهان، هن مون کي زوري ءَ چوڦيٿي گاڏيءَ ۾کڻي ويهاريو، ۽ يڪدم تيز هلائڻ شروع ڪيائين، مون رستي ۾
ڪيترائي ماڻهو ڏٺا، جن کي مون مدد لاءِ سڏ ڪيا، مگر هنن منهنجي التجائن کي بي لحاظيءَ سان ٽڪرائي ڇڏيو، انهيءَ وقت ۾ ان بدمعاش مون کي
دانهن ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ سڀڪو هنر ڪم ۾ آندو، هن مون کي واري تي ساراهيو ڊيڄاريو ۽ قسم کنيو، ته جيڪڏهن آءٌ صرف صبر ۾ رهنديس ته کيس مون کي
نقصان پهچائڻ جو ڪو به ارادو نه هو، انهيءَ وقت مون هن جي ڏنل پردي کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ اهو ماڻهو جنهن کي مون ڪجهه مفاصلي تي سڃاتو، سو توهان
جو جهونو دوست ”مسٽر برچل“ هو پنهنجي دستوري تڪڙ سان هلي رهيو هو ۽ کيس اها ساڳي ڊگهي لٺ هئي، جنهن تان پاڻ مٿانئس گهڻيون ئي ٺٺوليون ڪندا
هئاسون، اسين اڃا سڏ پند تي مس آياسون ته مون کيس نالو وٺي سڏ ڪيو ۽ کيس مدد لاءِ التجا ڪئي، مون پنهنجا واڪا ڪيترا دفعا دهرايا، جنهن تي
هن تمام وڏي بلند آواز سان گاڏيءَ واري کي بيهڻ جو حڪم ڪيو، پر گاڏي هلائيندڙ ماڻهو ڪو به توجهه ڪو نه ڏنو ۽ اڃا به وڌيڪ تيز رفتار سان
گاڏيءَ کي هڪليندوهليو، مون هاڻي خيال ڪيو ته تو هو ڪڏهن به اسان کي پهچي نه سگهندو، مگر منٽ اڌ ۾ مون ”مسٽر برچل“ کي گهوڙن سان گڏ ڊوڙندو
ڏٺو ۽ هڪڙي ئي ٺونشي سان گاڏيءَ واري کي پٺ تي ڪيرائي وڌائين، جڏهن هو ڪريو، تڏهن گهوڙا پاڻ مرادو بيهي رهيا ۽ ان بدمعاش قدم گاڏيءَ کان
ٻاهر رکي تلوار مياڻ مان ڪڍي ۽ موت کان بچڻ لاءِ ”مسٽر برچل“ کي ڇڏي ڏيڻ جو حڪم ڪيائين، پر ”مسٽر برچل“ ڏانهس ڊوڙندي سندس تلوار کي ڀڃي
ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ پاءُ ميل تائين سندس پويان پيو، پر هو ڀڄي ويو، آءٌ ان وقت پنهنجي ڇڏائيندڙ کي مدد ڪرڻ جي ارادي سان پاڻ ٻاهر
نڪري آيس پر هو ڪاميابي سان جلد مون ڏانهن واپس آيو، گاڏي وارو، جو هاڻي سرت ۾ آيو هو، سو پڻ ڀڄڻ لڳو، پر ”مسٽر برچل“ کيس سندس برباديءَ جي
خطري کان بچڻ لاءِ وري سوار ٿيڻ ۽ واپس شهر ڏانهن گاڏي ڪاهي هلڻ لاءِ چيو، مقابلو ڪرڻ ناممڪن ڏسي، هن ڪيٻائيندي حڪم جي پيروي ڪئي، جيتوڻيڪ
کيس پهتل زخم مون کي خوفناڪ نظر آيو، جيئن اسين اڳتي گاڏي هڪليندا وياسون، تيئن هن پنهنجي درد جي دانهن ڪرڻ جاري رکي، ايتري قدر جو ان آخر
”مسٽر برچل“ جي رحم کي ڀڙڪايو، جنهن منهنجي عرض تي هڪ مهمان سواءِ وٽ پهچي سندس ملم پٽي ڪئي. |