مقدمو
(الف) مصنف جي سوانح حيات
”آليور گولڊ سمٿ“ انگريزي ادبي دنيا جي انهن ممتاز ترين هستين مان آهي، جن انگريزي ادب جي پهلوءَ تي ڪاميابي سان لکيو ۽ پنهنجي قلم جي جنبش سان قوم جي سماجي، ذهني ۽ مذهبي
خيالات ۾ ڦيرو آڻي ڇڏيو.
ولادت ۽ اوائلي زندگي:
”آليور گولڊ سمٿ“ آئرلنڊ جي ”راسڪامن“ ضلعي جي هڪ ڳوٺ سمٿ هل“ ۾ تاريخ 10 نومبر 1728ع ۾ ڄائو، سندس پيءُ جو نالو ”چارلس گولڊ سمٿ“ هو جو هڪ ڪليسا جو پادري هو، سندس ماءُ ” آئن“
هڪ اسڪول ماستر ”آليور جونس“ جي ڌيءُ هئي.
”چارلس گولڊ سمٿ“ تمام سٻاجهي ۽ وڻندڙ طبعيت وارو هوندو هو، هن پنهنجي ٻارن جي دلين تي پڻ موليَ جي محبت ۽ خلق خدا جي خدمت ڪرڻ جا خيال جاڳايا، جيتوڻيڪ هيءُ تمام غريب هو، ته به
جيڪڏهن ڪو واٽهڙو يا غريب ماڻهو کانئس مانيءَ ۽ رهائش جي گهر ڪندو هو ته هو کيس خالي هٿين نه ڇڏيندو هو.”آليور“ پڻ پنهنجي پيءُ جي فوت ٿيڻ
بعد ساڳيو طريقو اختيار ڪيو.
تعليم:
”آليور“ کي سندس والدين پهريائين هڪ ٻڍيءَ عورت وٽ (A B C )
پڙهڻ لاءِ موڪليو، جنهن جو چوڻ آهي ته هن جيڪي به ٻار ڏٺا هئا، تن سڀني ۾ ”آليور“ موڳن ۾ موڳو هو. پر ڏسو قدرت جا ڪرشما جي هيءُ ٻارڙو آخر
اهڙي ته ڪڙيءَ تي پهتو، جو ”وڪار آف ويڪفيلڊ“ ۽ سٽيزن آف دي ورلڊ“ جهڙا بهترين ڪتاب ۽ ”شيءَ سٽوپس ٽه ڪانڪر ”۽ ” ڊيزرٽيڊ وليج“ جهڙا مشهور
نظم لکيائين.
ٿورن مهينن بعد ”آليور“ کي اسڪول ڏانهن موڪليو ويو، پهريائين ڪليسائي حلقي جي ماستر وٽ ۽ پوءِ رفته ”ايلفن“ ائٿلون ۽ ايجورٿس شهرن جي اسڪولن ۾ تعليم ورتائين، سندس زندگي تڪليفن
سان ڀرپور هئي ۽ پنهنجي اسڪول م نهايت ئي ناخوش هوندو هو، منهن تي ماتا جي نشانن هئڻ ڪري شڪل جو ڪوجهو هو. قد جو پڻ ڇوٽو هو، انهي ڪري سندس
هم ڪلاسي کيس گهڻو ڌڪاريندا، ماريندا ۽ ڪٽيندا هئا ۽ مٿانئس ٺٺوليون ڪندا هئا.
سن 1745ع ۾ ”آليور“ ”ڊبلن“ شهر جي ”ٽرنٽي ڪاليج“ ۾ داخل ٿيو، جنهن جي دروازي اڳيان هن وقت به سندس پتلو بيٺل نظر اچي ٿو، سندس پيءُ ڪاليج جي في ڀرڻ کان لاچار هو، انهي ڪري کيس
هن شرط تي داخل ڪيو ويو تو هو باغيچي کي ٻهاري ڏيندو ۽ ماني وقت پليٽون وغيره کڻي ڏيندو،
مطلب ته هڪ اهڙي شاگرد جي حيثيت ۾ داخل ٿيو جو کيس ڪاليج جي في جي گهٽتائي جي عيوض هيٺانهين درجي جا ڪم ڪرڻا پيا، يونيورسٽي ۾ پڻ هن پنهنجا ڏينهن ڏاڍا ڏکيا گذاريا، ڇا ڪاڻ ته
ڪو به شاگرد ساڻس تعلق نه رکندو هو ۽ کيس چڱي نظر سان نه ڏسندو هو ، تنهن کان سواءِ هيءُ تمام غريب هو ۽ انهي ڪري نهايت پريشان رهندو هو.
پنهنجن استادن جي آفرين حاصل ڪرڻ لاءِ به هو پاڻ کي هوشيار ثابت نه ڪري سگهيو، از انسواءِ سندس بي قاعدي عادتن ۽ غير مهذب حرڪتن پڻ کيس
يونيورسٽيءَ اختياري سان گهڻو ڪجهه مقابلي ۾ آندو، انهن خامين سان گڏ منجهنس ڪي خوبيون به هيون، جن جي قدرداني ڪئي ويندي هئي، جيتوڻيڪ هو
ڪجه وقت لاءِ ”ڪارڪ“ ڏانهن ڀڄي ويو ته سن 1749ع ۾ هن يونيورسٽي جي بي-اي امتحان جي سند حاصل ڪئي.
يونيورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ ساڳئي سال سندس پيءُ گذاري ويو ۽ ان ڪري هو ڪجهه وقت پنهنجي ماءُ وٽ رهيو، هن پادري ٿيڻ چاهيو ٿي ۽ انهي ڪري اهو عرصو پڻ انهي نوڪري جي آرڊر جي انتظار ۾
گذاريائين، پر سندس درخواست رد ٿي ويئي، ان بعد هو ٻهراڙي جي هڪ معزز شخص جي ٻارن جو استاد ٿيو ۽ اهو وقت ڏاڍي خوشي ۾ گذاريائين.
هن پوءِ لنڊن ۾ قانون پڙهڻ جو ارادو ڪيو ۽ پاڻ سان پنجاهه پائونڊ کڻي اوڏانهن روانو ٿيو، کيس اها پيسا سندس چاچي ڏنا هئا، پر ”ڊبلن“ شهر ۾ پهچندي ئي سڀئي پيسا جوا ۾ هارائي
ڇڏيائين. جنهن ڪري اڳتي وڃي نه سگهيو، آخر سن 1752ع ۾ سندس چاچي کيس وري به پيسي جي مدد ڪئي ۽ هو ڳوٺ ڇڏي طب پڙهڻ لاءِ ”ايڊنبرا“ شهر ڏانهن
روانو ٿيو.
سيرو ساحت:
آليور ”ايڊنبرا“ ۾ ٻه سال رهيو، پر سمورو عرصو تعليم پرائڻ کان وڌيڪ تفريح ڪرڻ ۾ گذاريائين، سن 1754ع جي ابتدا ۾ ”هالنڊ“ ڏانهن روانو ٿيو، کيس اميد هئي ته اتي ڊاڪٽريءَ جي سند
حاصل ڪري سگهندو، پر اها سندس اميد پوري نه ٿي. ڪجهه وقت کان پوءِ سندس دل ۾ مسافريءَ ۽ سياحت جو شوق پيدا ٿيو ۽ پيرين پنڌ يورپ جي سفر تي
روانو ٿيو، ان سفر ۾ برابر کيس ٽي سال لڳي ويا ۽ پهرين فيبروري 1756ع تي ٿورن پيسن ۽ هڪ طب جي سَنَد سان ”ڊوور“ جي بندر تي اچي لٿو.
مشغولي:
سفر تان واپس ورڻ بعد ”آليور“ پنهنجي پيٽ قوت حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻائي مٿا مونا هنيا ۽ هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڌنڌا اختيار ڪيائين، پهريائين هڪ دوا فروش جو اسسٽنٽ ٿيو، پوءِ وري حڪيم
ٿيو ۽ ڪجهه وقت اهو ڌنڌو ڪري وري وڃي هڪ ڪتب فروش جو ”پروف ويڊر“[1]
ٿيو، انب عد وري هڪ اسڪول جو نائب ماستر ٿيو، سن 1758ع ۾ هن مضمون ۽ تبصرا لکڻ شروع ڪيائين ۽ فرينچ ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب جو انگريزي ۾ ترجمو
ڪيائين ساڳئي سال کيس ”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ هندستان ۾ ڊاڪٽريءَ جي جڳهه جي آڇ ڪئي پر اها جڳهه حاصل نه ٿي سگهيس.
”آليور“ هاڻي نويسيءَ جو ڌنڌو اختيار ڪيو ۽ سن 1759ع ۾ کيس هڪ هفتيوار رسالي ”دبي“ لاءِ ساري مواد ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو، ڪجهه وقت گذرڻ بعد ”سموليٽ“ جي رسالي ”برٽش مئگزن“ ۽
ٻئي هڪ معياري رسالي”بزي باڊي“ جو باقاعدي مضمون نگار ٿيو، سن 1760ع ۾ هن ”پبلڪ ليجر“ رسالي ۾ پنهنجا مضمون ” هڪ چينائي جا خط“ جي عنوان
سان ڏنا، جي پوءِ سن 1762ع ۾ جمع ڪري هڪ ڪتاب تيار ڪيو ويو ۽ سندس نالو ”سٽيزنس آف دي ورلڊ“ رکيو ويو، هيءَ تصنيف ”آليور“ جي نصيب جي ڦيري
جو سبب بني.
سن 1761ع ۾ سندس واقفيت ”ڊاڪٽر جانسن“ سان ٿي، جنهن کيس پنهنجي دوستن جي گروهه ۾ شامل ڪيو ۽ سندس واقفيت ان وقت جي مايه ناز اديبن سان ڪرائي، ٻن سالن جي عرصي بعد سن 1763ع ۾
جانسن جي اڳواڻي هيٺ جيڪا جماعت ” دي لٽرري ڪلب “ جي نالي سان ٺهي، ان جو هيءُ اوائلي ميمبر ٿيو ۽ ملڪ جي وڏن مصنفن مان هڪ ليکجڻ ۾ آيو.
سن 1765ع ۾ هن جو لکيل هڪ ڪتاب ”دي ٽرئولر“ (مسافر) ڇپيو ٻئي سال ڊاڪٽر جانسن“ جي نوازش سان ”وڪار آف ويڪفيلڊ“ نالي ڪتاب ڇپيو، جنهن جو ترجمو بنده پيش ڪيو آهي، اها ئي هڪ تصنيف
آهي، جنهن کيس دنيا م مشهور ڪيو آهي.، سن 1768ع ۾ هن جي هڪ تصنيف بنام (نيڪ فطرت انسان) ”دي گڊ نيچرڊ مئن“ ڇپي ۽ سن 1770ع ۾ سندس هڪ نظم
”دي ڊيزرٽيڊ وليج“ شايع ٿيو،
گولڊ سمٿ غريب هو يا شاهوڪار، نامعلوم هو يا مشهور مگر سندس خرچ هميشه آمدني کان زياده هوندو هو، هو فخر سان چوندو هو ته جيڪو به هن خرچ ڪيو ٿي سو سندس قلم جي ڪمائي هو، اهڙيءَ
طرح هن پنهنجي تصنيفات جي مدد سان عزت حاصل ڪئي پر رقم تمام قليل ڪمائي.
موت:
پئسي هٿ ڪرڻ لاءِ سخت ڪم ڪرڻ، ۽ بدني ورزش نه وٺڻ سبب هن جي صحت خراب ٿي پيئي ۽ آخر 4- اپريل 1774ع ۾ 46 ورهين جي عمر ۾ مري ويو، سندس دوستن هن جي يادگار قائم رکڻ لاءِ ”ويسٽ
منسٽر آئبي” نالي ديول ۾ هڪ تختي لڳائي، جنهن تي سندس تصوير ۽ جانسن جو جوڙيل ڪتبو اڪريل آهن.
(ب) آليور گولڊ سمٿ جون تصنيفون
(1) ”دي بي“ (ماکيءَجي مک) (1759)-1760ع ۾
(2) ”دي ڪئپٽوٽي“ (اسيري) 1774ع)
(3) ”دي سٽيزنز آف دي ورلڊ“ (دنيا جا شهرواسي) : هن ڪتاب ۾ جملي 123 خط آهن، هيءُ انهن خطن جو مجموعو آهي، جي ”پبلڪ ليجر“ اخبار ۾ ايندا هئا ۽ ”چينائي جا خط“ جي عنوان سان 1759ع کان 1762ع تائين شايع ٿيندا رهيا.
(4) ” دي ڊيزرٽيڊ وليج“ (ويران ڳوٺ) 1770) هيءُ هڪ بهترين نظم آهي، جنهن وقت انگيز نموني ۾ هي نظم لکيل آهي، تنهن جو مثال انگريزي ادب ۾ تمام ڇڊو ملي ٿو.
(5) ”دي ڊبل ٽرانسفارميشن“ 1765ع هي نظم ۾ چيل هڪ آکاڻي آهي.
(6) ”دي ايڊ ون آئنڊ ائنجلينا“ 1765ع هيءُ هڪ گيت آهي، جنهن ۾ ”ايڊون ۽ ائنجلينا“ جي عشق جو احوال ڏنل آهن.
(7) ” دي ايليجي آن مئڊڊاڳ“ (ڇتي ڪتي تي مرثيه ) 1765ع هيءُ مرثيه ڪتاب ۾ ڏنل آهي.
(8) ”دي ايسئيز“ 1758ع -1765ع هن ڪتاب ۾ جملي 24 مضمون آهن،
(9) ” دي گڊ نيچرڊ مئن“ (نيڪ فطرت وارو انسان 1768ع
(10) ”دي هئنچ آف وينزن 1765ع هيءُ هڪ خط آهي،
(11) دي هر مٽ“ (راهب) 1765ع: هيءُ هڪ
گيت آهي، جو هن ڪتاب ۾ آزاد نظم ۾ ڏنل آهي.ک
(12) ”دي هسٽري آف دي ارٿ ائنڊ ائنيميٽڊ نيچر“ 1774ع
(13) ” دي لائين آف بالنگ بروڪ“ (بالنبروڪ جي سوانح حياست)
(14) ”دي لائين آف رچرڊ ناش“ (رچرڊ ناش جي سوانح حيات ) 1762ع
(51) دي لائين آڦ ٽامس پارنپل“ (ٽامس پارنيل جي سوانح حيات 1768ع
(16) ” دي لائيف آف واليٽيئر “ (والٽيئر جي سوانح حيات) 1768 .
(17) ”پريزنٽ اسٽيٽ آف لٽريچر ان يورپ“ (يورپ ۾ ادب جي موجوده حالت) 1759ع.
(18) ”رٽَليئيشن“(انتقام 1774) هيءُ هڪ نظم آهي.
(19) ” شي اسٽوپس ٽو ڪانڪر “ 1773ع .
(20) ”دي ٽرولر“ (سياح) 1764ع.
(21) ”دي وڪار آف ويڪفيلڊ“ (پرديسي پادري) 1766ع هيءُ ڪتاب ناظرين حضرات جي هٿن ۾ مطالعي لاءِ موجود آهي.
(ج) گولڊ سمٿ جا معاصر ۽ دوست
”گولڊ سمٿ“ هڪ نهايت ئي اعليٰ ۽ خليق طبع جو مالڪ هو، انهيءَ ڪري مفلسيءَ سبب جيتوڻيڪ امير ۽ وڏا ماڻهو سندس دوستي ۾ وڏي تعداد ۾ آيل نه هئا، ته به سندس صحبت ۾ خوشدل دوستن جو
ٽولو هميشه موجود هو، دوستن بابت پنهنجي موجوده ڪتاب جي پهرئين باب ۾ چوي ٿو ته، ”جيڪڏهن اسان کي کڻي ساوا ستابا سڄڻ نه هئا، ته به عام طرح
اسان جي چوڌاري خوشدل دوستن جو حلقو رهندو هو“ هيءُ پنهنجن دوستن ۾ نهايت ئي پسنديده هو، ڇا ڪاڻ ته بانسري وڄائي، نظم ٺاهي ۽ ڳائي سگهندو
هو ۽ پنهنجي ڪچهري کي پنهنجي ظرافت سان رونقدار ۽ زندهه رکي سگهندو هو، جيئن ته زماني جا گهڻائي لاها ۽ چاڙها ڏٺا هئائين، جدا جدا نموني جي
ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ آيو هو ۽ گهڻو سير ڪيو هئائين، انهي ڪري سندس واقف ڪارن جو تعداد پڻ ڪافي وڏو هو، ادبي دنيا ۾ قدم رکڻ کانپوءِ سندس
واقفيت گهڻن اديبن ۽ شاعرن سان ٿي ۽ انهن جي گروهه ۾ ئي کيس گذارڻو پوندو هو، مگر سندس خاص تعلقات ”جانسن“ جي جماعت سان رهيا، هن جا چند
دوست ۽ معاصر هيٺيان هئا.
(1) ”ٿامس پرسي“ (1729-1811) هن صاحب ”آڪسفورڊ“ شهر جي “ڪرائيسٽ چرچ“ ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ سن 1782ع ۾ ”ڊرومور“ شهر جو وڏو پادري ٿيو، سن 1765ع ۾ قديم انگريزي نظم تي هڪ ڪتاب
”ريلڪس آف ائنشنٽ انگلش پوئٽري“ نالي لکيائين. ” گولڊ سمٿ“ جي سا ڻس نهايت گهڻي محبت هئي ۽ هميشه سندس عزت ڪندو هو،
(2)”جان نيوبري“: هيءَ صاحب ڪتاب ۽
رسالا ڇپائيندو هو، سندس ”پبلڪ ليجر“ رسالو مقبول هو، ان رسالي ۾ ”گولڊ سمٿ“ جا مضمون خطن جي صورت ۾ ”هڪ چينائي جا خط“ جي عنوان سان ڇپبا
هئا، جي نيٺ گڏ ڪري سال 1762ع ۾ هڪ ڪتاب ”دي سيٽيزنز آف دي ورلڊ“ جي نالي ڇپايو ويو.
(3) ”شميول جانسن“ (1709- 1784ع ) هي هڪ ڪتب فروش جو پٽ هو ۽ ”ليچفيلڊ“ شهر ۾ ڄائو هو، هن پنهنجي اوائلي تعليم ”ليچفيلڊ جي گرامر اسڪول ۾ ۽ اعليَ تعليم ”پيمبروڪ ڪاليج“ ۾ ورتي،
جڏهن ٻاويهن ورهين جو نوجوان ٿيو، تڏهن سندس پيءُ مري ويو ۽ پنهنجي ڪٽنب کي مفلسي ۾ ڇڏي ويو.
”جانسن“ پنهنجي گذران حاصل ڪرڻ لاءِ مصنفي جو ڌنڌو اختيار ڪيو، ۽ سن 1735 ”لويو“ جي فرينچ ٻوليءَ ۾ چيل شعر جو ترجمو هڪ ڪتاب ”وائيج ٽو ائبسينيا“ نالي ڇپايو، مگر گهڻو فائدو ڪو
نه ٿيس.
ساڳئي سال ”مسز ايلزبيٿ پورٽر“ سان شادي ڪيائين ۽ ”ليچفيلڊ“ جي قريب ”ايڊل نالي ڳوٺ ۾ اسڪول قائم ڪيائين پر ڪامياب نه ٿيو، ان بعد هن وري به ادبي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ ٿوري ئي وقت
۾ تمام چڱو نالو ڪڍيائين، سندس ڪيترييون تصنيفون مشهور آهن ”گولڊ سمٿ“ جي هن سان سن 1761ع ۾ واقفيت ٿي، ۽ سندس جماعت جي خاص ميمبرن مان هڪ
ٿي پيو.
”جانسن“ کي ”گولڊ سمٿ“ لاءِ دلي محبت هئي ۽ کيس ضرورت وقت مدد ڪندو هو، هڪ دفعي جڏهن ”گولڊ سمٿ“ قرض سبب گرفتار ٿيو، تڏهن هن صاحب 60 پائونڊ ڏيئي کيس آزاد ڪرايو، جڏهن ”گولڊ
سمٿ“ وفات ڪئي، تڏهن جانسن ئي هو، جنهن سندس دفن ۽ ڪفن جو سمورو خرچ پاڻ تي کنيو، جيتوڻيڪ ”گولڊ سمٿ“ هٿ ڦاڙهو ۽ سندس آخرين ساعتون نا
ڪفايت شعاريءَ جي يادگيرين جي بادلن سان اونداهيون ٿيل هيون ته به ”ڊاڪٽر جانسن“ سندس خلاف هڪ لفظ به ٻڌڻ پسند نه ڪندو هو، هو چوندو هو ته
”اچو ته سندس اوڻايون ياد نه ڪريون، هيءُ هڪ تمام اعليٰ انسان هو“
(4) ”برڪ“ (1729-1797ع) هن صاحب پنهنجي تعليم ”ٽرنٽي ڪاليج ڊبلن“ ۾ حاصل ڪئي. سندس پهريان ٻه ڪتاب هر هڪ ”ونڊيڪشن آف نيچرل سوسائٽي“ ۽ ” فلاسافيڪل انڪوائري ان ٽو دي سبلائيم
ائنڊ دي بيوٽيفل“ سال 1756ع ۾ شايع ٿيا، سن 1765ع ۾ هيءُ صاحب پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ پهرين تقرير سن 1766ع ۾ آمريڪا جي سوال تي
ڪيائين، هو توڙي گورنمينٽ تي تمام سخت اعتراض ڪندو هو ۽ هڪ ڪتاب ”آبزرويشنس آن دي پريزنٽ آف دي نيشن“ جي نالي ڇپايائين . هن صاحب ٻيا به
ڪيترا ڪتاب ڇپايا، ۽ ملڪي مکيه اديبن مان هڪ ليکجڻ ۾ ايندو هو، سندس ڪتابن مان هڪ ڪتاب جو هن فرينچ انقلاب بنسبت لکيو، سو نهايت گهڻو مقبول
ٿيو”برڪ“ ”جانسن“ جي ادبي جماعت“ جي اوائلي ميمبرن مان هڪ هو.
(5) ”يوڊ گارڪ“ (1717- 1779ع ) هيءُ ”ايڊل“ ۾ ”جانسن“ جو شاگرد هو ۽ جڏهن جانسن اهو شهر ڇڏي لنڊن ۾ اچي رهيو، تڏهن هيءُ پاڻ ساڻس گڏ لنڊن ۾ آيو، پهريائين هڪ ناٽڪي ڪمپني ۾
اداڪار ٿيو ۽ ”اورونوڪو“ نالي ناٽڪ ۾ حصو ورتائين پر سندس ناماچار”رچرڊ ٽيون“ نالي ناٽڪ ۾ پارٽ وٺڻ سبب وڌيو، هيءُ صاحب ”جانسن“ جي ادبي
جماعت جو ميمبر هو،
(6) ايڊور ڊگبن“ (1737-1794) هن صاحب پهرين ”ويسٽ منسٽر ديول“ ۽ مئگڊالن“ شهر ۾ تعليم ورتي، مگر ڪجهه ڪو نه پرايائين، سورهن سالن جي عمر ۾ ڪئٿولڪ مذهب اختيار ڪيائين، سندس پيءُ
کيس ”لاسين“ شهر ڏانهن موڪليو، جتي هن ڪئٿولڪ مذهب ڦٽو ڪري پراٽيسٽنٽ مذهب اختيار ڪيو، هن جو اتي ”مئڊم نيڪر“ سان نيهن لڳو، پر سندس پيءُ
سان اختلاف ٿيڻ سبب وهانءُ ٽٽي پيو، سن 1758ع ۾ هيءُ صاحب موٽي انگلينڊ ۾ آيو ۽ سن 1764ع ۾ جڏهن اٽلي ۾ سير ڪري رهيو هو، تڏهن هڪ تصنيف ”دي
هسٽري آف دي ڊڪلائين ائنڊ فال آف دي رومن ايمپائر“ لاءِ مسودو جوڙيائين، پيءُ جي مري وڃڻ کانپوءِ لنڊن ۾ اچي رهيو، هيءُ صاحب سن 1747ع ۾
پارليامينٽ ۾ گهڙيو، ۽ يڪدم، ”لارڊ نارٿ“ جي طرف ووٽ ڪيائين، ان ووٽ ڏيڻ سبب کيس ”واپار ۽ نئون آبادين جي ڪمشنر“ جو عهدو مليو، سن 1776ع ۾
هن مٿي بيان ڪيل تاريخ جو پهريون جلد شايع ڪيو، سن 1783ع ۾ هيءُ صاحب وري به موٽي ”لاسين“ ڏانهن ويو، ۽ اتي سڪونت پذير ٿيو، هن پنهنجيءَ
تاريخ جا باقي ٽي جلد سن 1788ع ۾ شايع ڪيا.
(7) ”سر جو شوئا رنالڊس“ (1723-1792ع) هيءُ صاحب ”رايل اڪئڊمي آف آرٽس“ جو پهريون پريزيڊنٽ ۽ هڪ وڏو نقاش هو، جانسن برڪ ۽ گولڊ سمٿ سان سندس گهاٽي دوستي هئي ۽ جانسن جي برپا ڪيل
ادبي جماعت جي ميمبرن مان هڪ هو. هن انهن ليڪچرن جو هڪ ڪتاب تصنيف ڪيو، جي ان وقت ”رايل اڪئڊميءَ “ جي شاگردن کي مصوريءَ جي فن جي اصولن تي
ڏنا ويندا هئا.
(د) گولڊ سمٿ جي طرز تحرير
گولڊ سمٿ جي گهڻي ۾ گهڻي فضيلت سندس طريقه تحرير ۾ ئي مضمر آهي، سندس تحرير ۾ اعليٰ درجي جي مستند يوناني ۽ رومي طرز پنهنجي نزاڪت، لطافت، خوش اسلوبيءَ، سليقه منديءَ خوبيءَ ۽
شان سان نمودار آهي،جا ناقابل اعتراض ۽ سڀ ڪنهن الزام کان پاڪ آهي، گهڻائي مصنف ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي تصنيفن ۾ اعليٰ درجي جون لطافتون ۽
نزاڪتون رکيون آهن، مگر شايد ئي ڪو هن جهڙو مصنف ٿيو هجي. جنهن سڀ ڪنهن قسم جي نزاڪتن جو اعليٰ ذخيرو پنهنجي تحرير ۾ ڪم آندو هجي.
هن جي تحرير صاف، سيليس ۽ سٿري آهي ۽ موزون وقتن تي زوردار پڻ آهي، سندس بيان، پڙهندڙ جي اکين اڳيان تصوير ڇٽيندڙ آهن ۽ پڙهندڙ هرهڪ واقعي کي پنهنجي اکين اڳيان نقش ٿيل ڏسي سگهي
ٿو، سندس خوش طبعي دلچسپ مزيدار ۽ پرمسرت آهي، جيڪي به هن لکيو، سنجيده، مذهبي خيال سان ڀرپور، خوش طبع يا خوش مزاج، مگر ان ۾ ڪا نه ڪا
لطافت ۽ شائستگي ضرور موجود آهي. اهڙين خاصيتن جي اميد هڪ اهڙي ماڻهوءَ کان رکي نٿي سگهجي، جنهن پنهنجي زندگي چورن، گداگرن، گهومن، ڀنڊن ۽
نقالن سان اهڙن قابل نفرت گند جي چرن ۾ گذاري هجي، جي وڏن شهرن ۾ نفرت جا مرڪز بڻيل هئا.
”گولڊ سمٿ“ جي خيالات جا موضوع عام آهن ۽ سندس احساسات اڪثر طرح ظاهر ۽ پڌرا آهن، سندس پولي رنگين، نفيس ۽ نزاڪت وار واري لباس ۾ ملبوس ٿيل آهي، جهڙيءَ طرح ڪو سفله طبع ماڻهو
بادشاهي شان و شوڪت ۽ دٻدٻي سان تخت تي براجمان هجي، تهڙي طرح ڪو به خسيس موضوع سندس قلم جي ڪمال سان هڪ اعليٰ قسم جي موضوع ڏيکاري ڏئي ٿو.
سندس طرز تي هڪ اعتراض جذباتي امڪانات جي ڪمي جو آهي. رومي ۽ يوناني طريقي تي لکندڙ مصنف، جهڙوڪ:
”جانسن“ ۽ گولڊ سمٿ“ جذباتيت پيدا ڪرڻ وارن بيانن ۾ لاثاني آهن، اهي ڪڏهن به اسان جي ذهن کي مطمئن ڪڻ ۾ ناڪام نٿا ٿين، مگر ورلي ڪو اسان جي
دل کي اثر انداز ڪن ٿا، انهي ڪري اهو ئي هڪ نقص رومي ۽ يوناني طرز اختيار ڪندڙ مصنفن جي نثر ۾ موجود آهي.
هن ۾ ڪو به شڪ نه آهي، ته هيءَ هڪ نهايت وڏو مرتبو رکندڙ انسان ۽ وڏي شان شوڪت وارو اديب هو.
(هه) ”وڪار آف ويڪفيلڊ“ جي آکاڻي
”ڊاڪٽر پرمروز ويڪفيلڊ“ شهر جي هڪ ڪليسا جو پادري هو، سندس زال ”ڊيبورا“ هڪ اعليٰ پادري خاندان مان هئي، کيس جملي 6 ٻار هئا، وڏي پٽ جو نالو ”جارج“ هو، جنهن کي ”لنڊن“ ۾ اعليٰ
تعليم ڏياري ويئي هئي، وڏي ڌيءَ ”اوليويا“ 18 ورهين جي هڪ زنده دل، شگفته خاطر ۽ خوش انداز ڇوڪري هئي، سندن ٽيون ٻار، ”صوفيا“ هئي، جا
پنهنجي لاءِ ٻين جي دلين ۾ محبت پيدا ڪڻ جي ڪافي قابليت رکندي هئي، سندس ٻئي پٽ ”موزون“ پنهنجي گهر ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي، انهي ڪري ڪجهه
موڳو ۽ پنهنجي متعلق ڪجهه دم هڻندڙ ٿي پيو هو، سندس ٻه ننڍا ٻار”ڊڪ“ ۽ ”بل“ اڃا پنهنجي ٻالڪپڻي ۾ هئا.
سموري گهر جو واحد گذارو انهن ڏهن هزارن پائونڊن تي هو، جي ”ڊاڪٽر پرمروز“ جي چاچي فوت ٿيڻ وقت ڇڏيا هئا. ديول جي پادريءَ هئڻ ڪري کيس جيڪا رقم وظيفي طور ملندي هئي، سا هو پادي
قبيلي جي يتيم ٻارن ۽ بيوهه عورتن کي ڏيئي ڇڏيندو هو. هن صاحب کي هڪ شاديءَ واري اصول سان دلي محبت هئي، ۽ ان لاءِ هو دل و جان سان لڙيو.
هيءُ ان اصول لاءِ ڄڻ ته چريو هو، ۽ چاهيائين ٿي ته، ڪنهن به صورت ۾ اهو اصول رائج ڪجي، ۽ ڪوبه پادري پنهنجي هڪ زال جي فوت ٿي وڃڻ بعد ٻيءَ
زال سان شادي نه ڪري. هن اصول سبب ”مسٽر ولماٽ“ سان سندس تڪرار ٿي پيو، جنهنڪري سندس پٽ ”جارج“، جو ”ولماٽ“ جي گهران مڱيل هو تنهن جو مڱڻو
ٽٽي پيو. ساڳئي وقت تي شهر جو واپاري جنهن وٽ ”مسٽر پرمروز“ جا پئسا ڌراوت طور رکيل هئا، سو ڀڄي ويو، ۽ کيس جيڪو نفعو اُن وٽان ملندو هو،
سو بند ٿي ويو. انهيءَ مالي نقصان پهچڻ سبب هيءُ غريب ٿي پيو. ۽ ستر ميلن جي مفاصلي تي پنجويهن پائونڊن جي سالياني وظيفي سان هڪ ننڍڙي
ڳوٺاڻي ديول جي پادريءَ جي جڳهه قبول ڪيائين. اتي هي ڪجهه ايڪڙ زمين خريد ڪري وڃي رهيو ۽ ”جارج“ کي پئسي ۽ اعليٰ درجي حاصل ڪرڻ لاءِ ”لنڊن“
ڏانهن روانو ڪيائين.
رستي تي هڪ غريب مگر شريف الطبع انسان ”مسٽر برچل“ سان سندس ملڻ ٿيو، جنهن ”صوفيا“ کي هڪ نهر ۾ ٻڏڻ کان بچايو.
”ڊاڪٽر پرمروز“ جو ڪٽنب پنهنجي سڪونت گاهه تي وڃي رهاڪو ٿيو، ان کانپوءِ ”مسٽر برچل“ انهن وٽ اڪثر طرح ملاقاتي تي ايندو هو، ٿوري ئي وقت گذرڻ بعد سندن ڳوٺ جو زميندار ”مسٽر
ٿارنهل“ پڻ سندس گهر اچڻ لڳو، هن جلد ئي پنهنجي حسن ۽ دولت جي مد سان ”اوليويا“ جي محبت حاصل ڪري ورتي ۽ ”اوليويا“ پڻ ساڻس محبت ڪرڻ لڳي.
”ٿارنهل“ هڪ دلير عاشق هو ۽ وقتا وفتا سندن گهر ايندو هو، هن ”اوليويا“ جي والدين اڳيان پڻ پنهنجي عشق کي ڪو نه لڪايو، ”اوليويا“ خود عشق ۾ ٽمٽار هئي ۽ سندس ماءُ کيس محبت ۾
ڪامياب بڻائڻ لاءِ گهڻائي جتن ڪيا.
هڪ ڏينهن زميندار ٻن شهري عورتن سان گڏ سندن گهر آيو ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته اوليويا“ ۽ ”صوفيا“ کي شائسته بڻجڻ لاءِ ڪجهه وقت شهر ۾ رهڻ گهرجي، خرچ جي پورائي ڪرڻ لاءِ ”موزز“
کي ويجهڙائي ۾ لڳندڙ ميلي تي گهوڙي وڪڻڻ لاءِ موڪليو ويو، هي ميلي تي پهتو ۽ گهوڙو وڪڻي پئسا کڻي جيئن ٻئي گهوڙي جي ڳولا ۾ هلندو رهيو،
تئين هڪ زبردست دوکي باز ”مسٽر جينڪنسن“ جي ور چڙهي ويو، هن کيس هڪ ٽامي جي ٻانهين سان جڙتو ساين عينڪن جو وڏو تعداد ڏيئي کانئس سڀئي پئسا
ڦري ورتا، انهي سبب ٻئي دفعي خود ”ڊاڪٽر پرمروز“ باقي گهوڙي کي نيڪال ڪرڻ لاءِ ميلي تي ويو، گهوڙي ۾ ڪيترائي عيب هئا، ۽ جيڪو به خريدار آيو
ٿي، سو انهي تي کلي ٺٺوليون ڪري هليو ٿي ويو، ڪجهه وقت گذرڻ بعد کيس هڪ پادري گڏيو، جو هڪ ڪلال خاني ۾ شراب چڪي پيڻ ۽ تفريح وٺڻ لاءِ وٺي
ويس، اتي هيءُ هڪ بزرگ سان مليو، ان سان سندس گفتگو ٿي، ان بزرگ جي گفتگو سندس دل تي تمام گهڻو اثر ڪيو، هن بزرگ گهوڙو خريد ڪيو، پر جيئن
ٽيهن پائونڊن جو نوٽ مٽجي نه سگهيو، انهي ڪري کيس سندس پاڙيسري ”فلمبرو“ جي نالي در سني هنڊي لکي ڏنائين. جڏهن ”پرمروز“ موٽي پنهنجي ڳوٺ
آيو، تڏهن پهريائين پنهنجي پاڙيسري وٽ ويو، مگر معلوم ٿيس ته کيس دوکو ڏنو ويو هو، انهي وچ ۾ ”مسٽر برچل“ ۽ ”پرمروز“ جي ڪٽنب جي وچ ۾ غلط
فهمي سبب نفاق پيدا ٿيو ۽ ”مسٽر برچل“ ”صوفيا“ جي ملاقات لاءِ اچڻ بند ڪري ڇڏيو. جلدي ”پرمروز“ جي ڪٽنب لاءِ نهايت سخت بدبختي پيدا ٿي،
”ٿارنهل“ ”اوليويا“ کي ڀچائي ويو، ۽ ”پرمروز“ کيس ڳولڻ لاءِ روانو ٿيو، جڏهن ڳولي لهڻ ۾ ناڪام ٿي واپس ٿي وريو، تڏهن موٽ تي ڪنهن ناٽڪي
ڪمپني جي هڪ اداڪار سان ملڻ ٿيو، هو ان سان گڏجي رستي جي ڀر واري ڳوٺ اچي پهتو، جتي ”مس ولماٽ“ ۽ ”مسٽر ولماٽ“ رهندا هئا، ”ڊاڪٽر پروز“ ”مس
ولماٽ“ سان گڏجي ناٽڪ ڏسڻ ويو، سندس حيرت جي حد نه رهي، جڏهن ڏٺائين ته ”جارج“ ناٽڪ ۾ هڪ اداڪار جو پارٽ ادا ڪري رهيو هوو، ”پرمروز“ نڪي
”جارج“ کي نڪي ”مس ولماٽ“ کي ”اوليويا“ جي نڪري وڃڻ جي احوال کان واقف ڪيو، ”مس ولماٽ“ اڃا تائين ”جارج“ سان محبت ۾ ڦاٿل هئي، مگر ڪيتريون
معاشرتي ڳالهيون سنددن وچ ۾ رڪاوٽ وجهندڙ هيون، ”جارج“ کين پنهنجي سموري ڪهاڻي ٻڌائي ته جڏهن هيءِ لنڊن پهتو، تڏهن مصنف ٿيڻ جي ڪوشش
ڪيائين، مگر ڪو به ماڻهو سندس تصنيف کي نڪي پڙهندو هو ۽ نڪي ڪا تحسين ئي ڏيندو هو ۽ سندس دوست پڻ کيس ڇڏي ويا، ان کانپوءِ هي يورپ ويو ۽ هڪ
غريب رولوءَ ڀنڊ وانگر جدا جدا ملڪن ۾ رليو.
اڃا ”پرمروز“ ”جارج“ ۽ ”مس ولماٽ“ پاڻ ۾ ڪچهري ڪئي ته ”مسٽر ٿارنهل“ پڻ اتي اچي سهڙيو،. هن ”جارج“ کي ٻاهرين ملڪ ڏانهن وڃڻ خاطر پئسا اڌارا ڏنا. ”جارج“ روانو ٿيو ۽ ”پرمروز“
واپس گهر ڏانهن راهي ٿيو، رستي تي هيءُ هڪ ڪلال خاني ۾ ٽڪي پيو، جتي ”اوليويا،“ سان سندس ملڻ ويو، ”اوليويا“ کيس ٻڌايو ته کيس ”مسٽر
ٿارنهل“ ڀڄائي ويو هو ۽ مصنوعي شادي ڪرڻ بعد ٻه هفتا کن گڏ رهي، پوءِ کيس ڇڏي ڏنائين.
”ڊاڪٽر پرمروز“ ”اوليويا“ کي پنهنجي گهر وٺي ويو ۽ کيس تسلي ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين، مگر سموري ڪوشش اجائي ويئي.
زميندار ”ٿارنهل“ جو ”مسٽر پرمروز“ کي پئسن اڌاري ڏيڻ جو سبب دوکو ڏيڻ هو، هڪ پاسي سندن خيال هو ته ائين ڪرڻ سان ”جارج“ کي ميدان مان ڪڍي، ”مس ولماٽ“ سان شادي ڪريان، ۽ ٻئي طرف
سندس خيال هو ته پادري سندس دٻاءَ هيٺ هجي، ”جارج“ جي وڃڻ کانپوءِ ”ٿارنهل“ پنهنجي مقصد کي ڪامياب بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ شروع ڪئي. هن ”ڊاڪٽر
پرمروز“ تي زور رکيو ته هو کيس ”مس ولماٽ سان شادي ڪرڻ جي اجازت ڏئي، مگر هن ائين نه ڪيو، ڇا ڪاڻ ته سندس چوڻ هو ته ”اوليويا“ سندس قانوني
شادي شده زال هئي ۽ هڪڙي زال جي جيئري ٻيءَ سان شادي ڪرڻ غير قانوني آهي، ”مسٽر ٿارنهل “ کي ان تان مٺيان لڳي ۽ کيس قرض جي ادائگي نه ڪرڻ
جي سلسلي ۾ جيل ڏانهن موڪليائين.
هاڻي ”ڊاڪٽر پرمروز“ جو سڄو ڪٽنب لڏي اچي انهي ڳوٺ ۾ رهيو، جتي جيل هو، جيل ۾ سندس ملاقات فريبي، ”جينڪنسن“ سان ٿي، جو هاڻي سندس هڪ سٺو مدد گار ثابت ٿي پيو. ”جينڪنسن“ پنهنجي
سموري ڪهاڻي کيس ٻڌائي ته پاڻ ابتدا کان وٺي تمام هوشيار ليکيو ويندو هو، جيڪي به هي چوندو هو ۽ جيڪي ڪندو هو، ان تي ماڻهو اعتبار نه ڪندا
هئا، انهي ڪري پنهنجي بچاءِ خاطر کيس دوکيباز ٿيڻو پيو، هن پنهنجي بستري جو گهڻو حصو ”ڊاڪٽر“ کي ڏنو، جڏهن ڊاڪٽر قيدين جي اخلاق کي سڌارڻ
لاءِ ڪوشش ڪئي، تڏهن هيءَ ساڻس ساٿي ٿي بيٺو.
هڪ ڏينهن پادري کي ٻڌايو ويو ته ”اوليويا“ مري ويئي آهي، هن احوال سندس دل کي زبردست صدمو پهچايو، ”مسٽر جينڪنسن“ ۽ پنهنجي زال جي زور آڻڻ تي هن هڪ خط “مسٽر ٿارنهل“ ڏانهن معافي
لاءِ لکيو ۽ کيس اجازت ڏني ته هو ڀلي ”مس ولماٽ“ سان شادي ڪري، ”ٿارنهل “ جواب ڏنو ته وقت گذري چڪو آهي ۽ هن وقت صلح ٿي نٿو سگهي، ستت
معلوم ٿيو ته سندس ڌيءَ ”صوفيا “ کي پڻ ڪو بدمعاش کڻي ويو، اڃا ڪٽنب ”صوفيا جي کڄي وڃڻ تي ماتم ڪري رهيو هو ته ٻي صميبت اچي مٿانئن نازل
ٿي ”جارج “ رت ۾ ڳاڙهو ٿيل، قيدي جي صورت ۾ وٽن پهتو، پڇا ڪرڻ تي هن چيو، ”جڏهن مون کي“ ”مسٽر ٿارنهل“ جي ڪيل ظلمن جي احوال بنسبت پنهنجي
ماءُ کان خط پهتو تڏهن مون پنهنجي والدين جي مٿان ٿيل ظمن جي بدلي وٺڻ خاطر، ”مسٽر ٿارنهل“ کي چئلينج موڪليو، هن منهنجي للڪار جو جواب بسر
خود نه ڏنو، مگر پنهنجا چار ماڻهو موڪليائين، جن مون کي زخمي ڪري گرفتار ڪيو، جيئن ته پهريائين مون چئلينج ڏنو هو، انهي ڪري آءٌ بي ڏوهي نه
آهيان ۽ مون کي معافي پڻ ملي نٿي سگهي“
حالتون هاڻي وڌيڪ تاريڪ نظر اچڻ لڳيون، ”اوليويا“ مري ويئي هئي، ”صوفيا“ زوري کڄي ويئي هئي. ”جارج“ خون جي مقدمي ۾ ڦاٿل هو، سڄو ڪٽنب مسڪيني ۾ مبتلا هو ۽ ”ڊاڪٽر پرمروز“ جيل ۾
هو، ڪجهه وقت بعد ”موزز“ ڊوڙندو آيو، ۽ کين ٻڌايائين ته ”صوفيا“ ”مسٽر برچل“ سان گڏ اچي رهي آهي، اهو جلدي معلوم ٿي ويو ته ”مسٽر برچل“ هن
کي بچايو هو.
”صوفيا“ کين ان ماڻهو جون جملي نشانيون ٻڌايون، جيڪي کيس کڻي ويو هو، انهي احوال ملڻ تي ”مسٽر جينڪنسن“ کيس سڃاتو ۽ ”سر وليم ٿارنهل“ (جو هن وقت تائين ”مسٽر برچل“ جي لباس ۾ هو)
”زميندار ٿارنهل“ پڻ اتي آيو ۽ پاڻ کي بي گناهه ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ڏنائين، انهي وقت ”مسٽر جينڪنسن“ بئڪسٽر“ سان گڏ آيو، ”بئسڪسٽر“ قبول
ڪيو ته هو زميندار جي حڪم موجب صوفيا کي کڻڻ لاءِ آيو هو، “سر وليم“ حڪم ڪيو ته ”جارج“ کي آزاد ڪيو وڃي، ”جينڪنسن“ هڪ لکيل شاهدي پيش ڪئي،
ته ”اوليويا“ ”ٿارنهل“ جي سچي پچي زال هئي، ”مس ولماٽ“ پڻ اچي ويئي هئي. جو هوءَ ٻئي ڏينهن تي ”مسٽر ٿارنهل“ سان پرڻجڻي هئي. زميندار جي
سموري بدمعاشي پڌري ٿي پيئي ۽ هن ”جارج“ سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ”اوليويا“ پڻ اتي حاضر ٿي، جنهن تي پادري کي تمام گهڻو تعجب لڳو ۽ سدنس
دل ۾ ڏاڍي خوشي پيدا ٿي، ائين ڏٺو ويو ته ”جينڪنسن“ پادري کي ”اوليويا“ جي فوت ٿيڻ جي ڪوڙي خبر فقط هن مراد سان ٻڌائي هئي. ته هيءُ ”مسٽر
ٿارنهل“ کي معافيءَ لاءِ خط لکڻ تي مجبور ٿئي.
هن وقت سڀني جي چهرن تي خوشي ڇائنجي وئي هئي. فقط ”مسٽر ٿارنهل“ ئي هو جو اداس بيٺو هو. هو پنهنجي چاچي جي اڳيان گوڏن ڀر جهڪي رحم لاءِ التجا ڪري رهيو هو، ”مسٽر وليم ٿارنهل“
ساڻس فقط سندس گذران جيترن پئسن ڏيڻ جو واعدو ڪيو، ۽ پڌرو ڪيو ته زميندار جي ملڪيت جو ٽيون حصو ”اوليا“ جو ٿيندو. ڊاڪٽر پرمروز سڄي ڪٽنب جي
وري خوش ٿيڻ تي خدا جو شڪريو بجا آندو. جلدي ڀڄي ويل واپاري جي هٿ اچڻ ۽ سندن ڏهن هزارن پائونڊن جي واپس ملڻ جو احوال پهتو. ”صوفيا“ کي ”سر
وليم“ سان پرڻايو ويو ۽ ”مس ولماٽ“ کي ”جارج“ سان. هاڻي سڀ ڪنهن طرف خوشي ۽ مسڪراهٽ ڦهلجي ويئي ۽ سڀئي تمام خوش ٿيا.
(و) ”وڪار آف ويڪيفلڊ“ ڪتاب جي تصنيف ۽ اشاعت
هيءُ ترجمو ڪيل ڪتاب جيڪو ناظرين ڪرام ملاحظ ڪري رهيا آهن. ان جي اصل انگريزي ڪتاب، ”وڪار آف ويڪفيلنڊ“ جي تصنيف جي خاطري واري تاريخ ڏيئي نٿي سگهجي. پر سمجهي ٿو ته ”گولڊ سمٿ“
ان جي لکڻ جي شروعات 1761ع ڌاري ڪئي هئي، سن 1762ع ۾ جڏهن هيءُ لنڊن ۾ اهڙين حالتن ۾ پنهنجي زندگي بسر ڪري رهيو هو، جيڪي سندس لاءِ اوکيون
۽ تڪليف واريون هيون. تڏهن ان کي لکي ختم ڪيائين. ان کانپوءِ جلدي هو پنهنجي اڍنگي هلت ۽ اجاين خرچن سبب جاءِ جي مالڪياڻيءَ کي مسواڙ
پهچائي نه سگهيو ۽ ان مائيءَ جي درخواست تي کيس گرفتار ڪيو ويو، مٿئين حالت ۾ هن يڪدم پنهنجي دوست ”ڊاڪٽر جانسن“ کي مدد لاءِ پيغام موڪليو.
جانسن تڪڙو ئي تڪڙو سندس گهر پهتو ۽ سٺ پائونڊ ڏيئي کيس آزاد ڪرايو. انهي وقت گولڊ سمٿ کيس مذڪوره ڪتاب جو هٿ اکري نسخو ڏنو. ڊاڪٽر هڪ ئي
نگاهه سان ڏٺو ته اها هڪ اعليٰ تصنيف هئي. هن اهو ڪتاب ”گولڊ سمٿ“ وٽان کنيو ۽ هڪ پبلشر “مسٽر نيريءَ“ کي سٺ پائونڊن ۾ وڪڻي پنهنجو قرض
وصول ڪيو. هن روئداد جي تاريخ جي به پڪي خبر نه آهي، مگر ”پروفيسر مئسن“ جي راءِ موجب اها سن 1764ع جي پڇاڙي هئي.
مسٽر نيوبريءَ مارچ 1766ع ۾ هيءُ ڪتاب ٻن حصن ۾ ڇپايو ۽ سندس قيمت ڇهه شلنگ رکي، ساڳئي سال مئي مهيني ۾ ٻيو ۽ آگسٽ ۾ ٽيون دفعو ڇپايو ويو، ان کان پوءِ هن جو وڪرو گهٽجي ويو ۽
سن 1771ع تائين چوٿون ڇاپو شايع ٿيو، سندس چوٿون ڇاپو آهستي آهستي نيڪال ٿيو ۽ پنجون 1775ع ۾ ۽ ڇهون مصنف جي مرڻ کان پنج سال پوءِ هن 177ع
۾ شايع ٿيو، ”گولڊ سمٿ“ جي حياتيءَ ۾ ئي هن ڪتاب جا ڪيترا ترجما ٿي ويا هئا ۽ سندس شهرت ٻاهرين ملڪن ڏانهن پکڙجڻ لڳي.
سن 1786ع تائين هن ڪتاب جون گهٽ ۾ گهٽ 94 انگريزي اشاعتون ٿي چڪيون هيون ۽ جيڪو تعداد از ڪتاب بابت تاريخ کان وٺي اڄ تائين ڇپجي چڪو آهي، سو ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهي.
(ز) ڪتاب بابت
اصل ڪتاب 32 بابن ۾ ورهايل آهي، هرهڪ باب کي جدا جدا عنوان ڏنل آهي، جو سڄي باب جو حاصل مقصد نظر اچي ٿو، ۽ هڪ نصيحت يا اصطلاح يا هڪ قول جي ڏيکاري ڏئي ٿي.
ائين برابر آهي ته ڪن جاين تي آکاڻي رڪجي وڃي ٿي ۽ اهي ڳالهيون وچ ۾ اچي پون ٿيون، جي آکاڻي کي اڳتي هلڻ نٿيون ڏين، پر ساڳئي وقت اهي آکاڻيءَ جي متن سان لاڳاپو رکندڙ آهن، اهڙين
جاين تي مصنف پنهنجا خيال ۽ ارادا نهايت خوش اسلوبيءَ سان بيان ڪري ٿو، عيسائي مذهب، سياست، ادبي رجحان ۽ ٻين ڪيترن موضوعن تي بحث ڪري،
پنهنجي خيال کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، انهي ڪري ائين چوڻ غلط نه ٿيندو ، ته هيءُ ڪتاب نه فقط اسان کي هڪ عشقيه قصو ٻڌائي ٿو، مگر
ان سان گڏ ڪيتريون نصيحتون ۽ اخلاق سڌارڻ لاءِ هدايون پڻ ڪري ٿو.
پهريان باب اسان کي مکيه اداڪارن جي شخصيت، سندن طبعيت ۽ عشق جي آغاز کان واقف ڪن ٿا، ان کان پويان اهي باب آهن، جيڪي عشق جي اوج تي رسڻ بابت احوال ڏين ٿا، ٽئين نمبر ۾ اهي باب
آهن، جي ڏيکارين ٿا ته ظالم زميندار پنهنجي عشق کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڪهڙا ڪڌا ڪرتوت اختيار ڪري ٿو، چوٿين منزل تي اسين ڏسون ٿا ته پادري
جيڪو پنهنجي اصول ۽ ايمان تي پختو رهي ٿو، ان جي ڪٽنب تي ڪيتريون نه مصيبتون اچي ڪڙڪن ٿيون، پنجين حصي ۾ ”سر وليم“ ”ٿارنهل“ جي نوازش سان
سمورو مونجهارو صاف ٿي وڃي ٿو ۽ ظالم زميندار جي بيهودگين جي سزا کيس ملي ٿي، سرليم جي شادي، صوفيا سان ۽ ”جارج“ جي مس ولماٽ سان ٿئي ٿي ۽
سڄي ڪٽنب تان مصيبتون لهي وڃن ٿيون.
آکاڻي سان لڳو لڳ، مصنف، ڪتاب ۾ ڪيترن اهم مسئلن ۽ملڪي حالات تي ڪافي تبصرو ڪيو آهي. ملڪ جي سياسي حالات تي دل کولي پنهنجا رايا ڏئي ٿو، باب 18 ۾ سمورو ذڪر ان باري ۾ آهي، سندس
خيال آهي ته ملڪ ۾ صرف شاهوڪار ماڻهو آزادي جا خواهشمند آهن، مگر غريب ماڻهو بادشاهي راڄ ۾ خوش و خرم آهن، شاهوڪارن جي ٽڪرن تي پلجندڙ
انسان شاهوڪار مربين جي نوازش حاصل ڪرڻ لاءِ سواءِ ڪنهن سوچ ويچار جي آزادي ۽ خودمختياري جو نعرو بلند ڪن ٿا، مگر ائين نٿا سمجهن، ته اهو
نعرو خود سندن آزادي کي نقصان پهچائيندو.
اديبن ۽ ادبي طرز تحرير تي تبصرو ڪندي، هيءُ صاحب، جارج جي واتان چوائي ٿو ته کيس سندس سئوٽ ٻڌايو ته اهڙا موڳا ۽ ڪند فهم ماڻهو، جي جيڪڏهن موچيءَ جي گهر ڄمن ها ته به ساري
جھمار هوند صرف جتيون ڳنڍين ها، مگر نيون هر گز بڻائي نه سگهن ها، سي به هن وقت مصنفيءَ جي ڌنڌي ۾ ڪمائي آسودگي سان زندگي پيا گذارين.
ان وقت جي نظم بابت پنهنجا خيال پيش ڪندي چوي ٿو ته انگريزي نظم، رومين جي آخرين دور واري نظم جو نقل آهي، شاعرن پنهنجي شعر ۾ صفتن جو تمام گهڻو انداز ڪم ۾ آڻي، ان کي بارگير
بنائي ڇڏيو آهي. مرثيه گو شاعرن کي به ڪو سنئون سڌو عنوان نظم لاءِ ڪو نه ٿو ملي. انهي ڪري هو هر ڪنهن خسيس واقعي کي پنهنجي نظم ۾ آڻين ٿا،
ان لاءِ دليل ڏئي ٿو ته جيڪڏهن ڪا حسين عورت پنهنجي ونجڻي يا ڪا اهڙي خسيس شيءِ وڃائي ٿي ته شاعر پنهنجي گهر ڊوڙي وڃي ٿو ۽ ان واقعي کي
پنهنجي شعر ۾ آڻي ٿو.
ملڪ جي ماڻهن جي مزاج تي تبصرو ڪندي ٻڌائي ٿو ته ماڻُهن کي انهي ڳالهه موهي وڌو آهي ته پنهنجي صحبت صرف وڏي درجي وارن ماڻهن سان رکن، مگر اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي ڪا نه ٿي اچي ته
ائين ڪرڻ سان هو نه فقط انهن ما ڻهن وٽ ذليل ٿيندا، مگر اهي غريب جن سان هو پنهنجا تعلقات ٽوڙيندا، سي پڻ کين ڌڪاريندا، ازانسواءِ ناٽڪ يا
نظم، بنسبت سندن مذاج پڻ گهڻا فرسوده آهن، هو ناتڪ ۾ صرف وندر لاءِ وڃن ٿا ۽ جڏهن ڪو به ناٽڪ “جانسن“ يا ”شيڪسپيئر“ جو جوڙيل ڏسن ٿا، تڏهن
ڏاڍا خوش ٿين ٿا، ناٽڪ جي آکاڻيءَ يا خوبيءَ سان سندن ڪو به واسطو ڪونهي، پر سندن مطلب صرف انهن جذباتن سان آهي، جي هو منجهن جاڳائي ٿو.
هيءُ گهرو ادب جو پهريون شاهوڪار ناول آهي، هن ۾ ڪيترائي خيال موجود آهن، جن مان جيڪر نئون ادب روپ وٺي، هن ۾ تبصري، ماضي بنسبت ، فراست، شعور ۽ تصور جا رجحان پڻ موجود آهن. هن
ڪتاب ۾ روحاني فيض پنهنجي نزاڪت، جذبي، خود ضابطگيءَ ۽ استقلال جي سڀني عنصرن سان نمايان آهي، ڪتاب جي ٻولي کري ۽ دلچسپ معلوم ٿئي ٿي، انهي
هوندي به ان زماني جي مروج فعلن جو گهڻو انداز سمائيندڙ آهي ۽ ان جو رستو علم بيان جي قانون بنسبت سنجيدگي ءَ کان محروم ٿيل آهي.
ان ۾ شڪ نه آهي ته .وڪار آف ويڪفيلنڊ“ جو سٽاءُ لاڳيتن اتفاقن ۽ ناممڪن ڳالهين سبب شايد اڻوڻندڙ ڏسڻ ۾ اچي، مگر باريڪ بيني جي فراست، بااصول قوت حيات ۽ اداڪارن جي ايمانداري کيس
هميشه لاءِ مقبول بڻائيندڙ آهن، حقيقت ۾ اها اداڪارن جي اندروني حقيقت، مقصد ۽ عمل ئي آهن، جي پڙهندڙ کي دائمي خوشي ڏين ٿا ۽ جي ”وڪار آف
ويڪفيلڊ“ کي ڳوٺاڻي زندگي متعلق تصنيف ڪيل ناولن ۾ اعليَ ۽ اهم جڳهه ڏين ٿا.
”مئڪاولي“ شڪايت ڪئي آهي ته هن جي آکاڻي انهن آکاڻين مان هڪ آهي، جيڪي بدترين نموني ۾ تيار ڪيون ويون آهن، هن جو اهو چوڻ آهي ته ”آکاڻي جو آخرين حصو منڍ واري حصي کان گهڻو گهٽ
ترتيب ڏنل آهي، جيئن اسين مصيبتن جي احوال کي ويجها پوندا وڃون ٿا، تيئن بيهودگي وڌندي وڃي ٿي ۽ دلچسپي جا واقعات گهٽ ٿيندا وڃن ٿا، ناول
جي سٽاءَ تي اهڙِ نڪته چيني کڻي موزون هجي به پر ”گولڊ سمٿ“ جي هر گز اها مرضي نه هئي ته سندس ڪتاب جو ڪو حصو غير دلچسپ ٿئي، سچ پچ ته هي
پاڻ به ڪتاب جي اوڻاين کان با خبر هو ۽ جيڪڏهن سندس گهر جي مالڪياڻي جي سخت هلت ۽ سندس دوست ”جانسن“ جي تڪڙ نه هجي ها ته خاطري آهي ته هيءُ
صاحب ڪتاب تي وري به نظر ثاني ڪري ها ۽ آکاڻي کان سهڻي ترتيب ڏئي ها.
ڪتاب ۾ کڻي ڪهڙا جهول هجن، مگر اهو قبول ڪرڻو پوندو ته انگريزي ادب جي ننڍن شاهڪارن ۾ هيءُ وڏي اهميت رکي ٿو، ”واشنگٽن“ آئرونگ“ چوي ٿو ته هن ڪتاب هر هنڌ مقبوليت حاصل ڪئي آهي.
”ٿئڪري “ جي چوڻ موجب هن ڪتاب جي مصنف يورپ جي هر ڪنهن قلعي ۽ مڙهي ۾ بازيابي حاصل ڪئي آهي، ”گوئٽي“ پڌرو ڪيو آهي ته هيءُ انهن بهترين
ناولن مان هڪ آهي، جي هر ڪنهن طبع لاءِ لکيا ويا آهن، مٿين سبب ڪري اسين پڻ هن ڪتاب جي مصنف کي نه صرف سندس ادبي قابليت تي تحسين ڏيون ٿا،
مگر سندس دل جي نيڪي ۽ مزاج جي پڻ تعريف ڪريون ٿا.
اظهار
هن تصنيف ۾ سوين نقص آهن ۽ انهن جي خوبين جي ثابت ڪرڻ جي ضمن ۾ سوين ڳالهيون ٻڌائي سگهجن ٿيون، مگر اهو غير ضروري آهي، هڪ ڪتاب بيشمار غلطين سان دلچسپ ٿي سگهي ٿو، يا ڪنهن به هڪ
نقص کانسواءِ به خشڪ ٿي سگهي ٿو، هن ڪتاب جو سورمو پاڻ ۾ مکيه ٽي ڪردار سمائي ٿو، هي پادري آهي، ڪاشتڪار آهي ۽ خاندان جو سرواڻ آهي، هو
سيکارڻ لاءِ اهڙو تيار آهي، جهڙو اطاعت لاءِ ۽ جهڙو آسودگيءَ ۾ آهي، تهڙو شاندار غريبيءَ ۾ هن شاهوڪاريءَ ۽ ترقي واري دور ۾ اهڙو اداڪار
ڪير ٿي سگهندو؟ آهي، جي اعليٰ زندگي جا شوقين آهن سي هن جي ڳوٺاڻي جي رهڻي ڪهڻي جي سادگي کان ڌڪار سان منهن موڙيندا، اهي جي گارگند کي
غلطيءَ وچان چرچو ڪري تصور ڪن ٿا، سي سندس بي ضرر گفتگو ۾ ظرافت نه ڳولي سگهندا ۽ اهي جن کي مذهب تي ٺٺولي ڪرڻ سيکاريو ويو آهي، سي هڪ اهڙي
ماڻهو تي کلندا، جنهن جي تسلي جا خاص سامان مستقبل مان ئي مهيا ڪيا وڃن ٿا.
آليور گولڊ سمٿ
|